استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ ترقي پسند فڪر جو تحقيقي جائزو
(Analysis of Progressive Thought in the Poetry of Ustad Bukhari)
محمد ڇٽل بوزدار
Abstract
This research paper demonstrates that under the influence of the progressive movement, excellent poetry was produced in the Sindhi language. Sindhi poets shifted their focus to the common man, abandoning topics such as flowers and nightingales (aestheticism), and instead wrote about human feelings and desires, representing the issues of the public. They played a significant role in bringing people out of darkness and showing them brighter paths in life. Ustad Bukhari (d.1993) is one such liberal, life-oriented, and progressive poet. This paper highlights that Ustad Bukhari meticulously connected his progressive ideological thoughts with the people, and his creative work is evident in how he represented the exploited and oppressed class through poetry. He emerged as a prominent sage to voice for the sorrows of Sindh and the Sindhi people. Throughout his life, Ustad Bukhari dreamed of the prosperity of his land. As a progressive poet, he conveyed the message of hard work and struggle for the progress of the motherland. He spread his thoughts through his poetry to guide his people towards development and prosperity. He played a significant role in spreading progressive thought among the common masses. The main aim of this research paper to study the progressive poetry of Ustad Bukhari.
Keywords: Sindhi Modern Poetry, Progressive thought, Ustad Bukhari, Voice for exploited class
انسان ھر دور ۾ ترقي پسند رھيو آھي. روشن خيال شاعرن ۽ اديبن پُراڻ پسندي، دقيانوسي روايتن کي رد ڪري ادب ۾ نون خيالن ۽ رجحانن کي ھٿي ڏني آھي. ترقي پسند ادب زندگيءَ کي ترقيءَ جي راھن تي سفر ڪرڻ لاءِ اتساهيندو آھي اندر مان مايوسين ۽ ناڪامين جو خاتمو آڻي زندگيءَ کي سڦلائتو بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو آھي. تاريخن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ترقي پسند سوچ صدين کان وٺي رهي آهي. سنڌ ۾ ترقي پسنديءَ جي ابتدا موهن جي دڙي کان نظر اچي ٿي. سموري سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ پڻ ترقي پسند فڪر موجود آهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو تجزيو ڪنداسين ته سندس ڪلام تي به ترقي پسند فڪر جو گھرو اثر نظر اچي ٿو. جڏھن ته سمورن صوفي شاعرن وٽ به اهو جديد فڪر ملي ٿو. ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي ابتدا سيد سجاد ظھير، رشيد جھان، ملڪ راج آنند، ڪرشن چندر ۽ ٻين ترقي پسند اديبن ھندستان جي لکنو شھر ۾ ھڪ زبردست ڪانفرنس ڪوٺائي شاندار نموني ۾ ڪئي ھئي. ھن تاريخي نوعيت جي ڪانفرنس جي صدارت نامور اديب منشي پريم چند ڪئي ھئي، جنھن ۾ مختلف ٻولين جي وڏن وڏن اديبن شرڪت ڪئي ھئي. ھن ڪانفرنس جو پڌرنامو سيد سجاد ظھير ۽ ملڪ راج آنند لکيو آهي. ھن ڪانفرنس جا سنڌي ادب تي پڻ زبردست اثر پيا. ترقي پسند فڪر کي عام ڪرڻ ۾ ميان جي ڳوٺ شڪارپور مان جاري ٿيندڙ سنڌو مخزن تاريخي ڪردار ادا ڪيو. گوبند پنجابيءَ، برڪت آزاد، گوبند مالهيءَ، حشو ڪيولراماڻي، سوڀي گيانچنداڻي ، محمد ابراھيم جويي ۽ محمد امين کوسي ھن فڪر کي ھٿي ڏيڻ ۾ سنڌ ۾ يادگار ۽ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، اھوئي سبب آهي جو ترقي پسند لاڙو پوري دنيا جي ادب تي اثر انداز ٿيڻ سان گڏ سنڌ جي اندر ھڪ تحريڪ ٿي اُڀريو ھو. ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿو ته: ”سنڌ جي ادبي تاريخن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ اھا ڳالهه آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿي ته ھن وقت تائين فڪري سطح تي جن علمي ۽ ادبي تحريڪن سنڌي ادب کي وڌ ۾ وڌ متاثر ڪيو آھي ۽ جن تحريڪن جي اثر هيٺ سنڌي ادب ۽ خاص طور شاعري فڪر ۽ خيال جون بي شمار نيون اونچايون سر ڪيون آهن، تن ۾ تصوف جي تحريڪ کان پوءَ ترقي پسند تحريڪ کي ئي مرڪزي حيثيت حاصل آهي.“ (1)
ترقي پسند تحريڪ جي اثر ھيٺ سنڌيءَ ۾ زبردست شاعري ڪئي وئي، سنڌي شاعرن پنھنجي شاعريءَ جو رخ عوام طرف رکيو ۽ گل و بلبل جھڙين پراڻين تشبيھن کي ڇڏي عوامي امنگن ۽ احساسن کي پنھنجي لکڻين جو موضوع بڻايو آهي. انسانيت کي اونداھن پيچرن تان کڻي زندگيءَ جي روشن راھن طرف وٺي اچڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. رسول بخش پليجي پنھنجي ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ ۾ لکيو آهي ته، ”روشن خيال اديب پنھنجي ذات تائين محدود نه ھوندو آھي بلڪه سموري انسانيت سان محبت رکندڙ ھوندو آھي. سنڌ ۾ ڪشنچند بيوس جو نظم ”الله جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي“ حيدر بخش جتوئي جو ”ڀلي آئين جي آئين درياھ شاھ“
فتح محمد سيوهاڻيءَ جو ”دنيا جو دور“ حافظ حيات شاھ جو نظم ”دلاسو“ وغيره مغربي ادب جي اثر هيٺ نئين دور جي سنڌي شاعريءَ جي پرھ ڦُٽڻ جا آثار ھئا. ھنن شعرن جا شاعر، جن جي سموري ڪائنات يار جي گهٽيءَ تائين محدود آھي جي رڳو مطلب جا يار آهن ۽ جن کي يار ملي وڃي ته پوءِ سڄي دنيا وڃي ڦاھو کائي مري.“(2)
اھڙن روشن خيال، زندگي پرست ۽ ترقي پسند شاعرن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، عبد الڪريم گدائي، شيخ اياز، سرويچ سجاولي، ابراھيم منشي، فتاح ملڪ، تنوير عباسي، سراج ميمڻ، خاڪي جويو، بردو سنڌي، نياز ھمايوني، شمشير الحيدري، امداد حسيني، انور پيرزادو ۽ استاد بخاري جا نالا اچي وڃن ٿا، جن پنھنجو فڪري تعلق عوام ۽ وطن سان جوڙي ڇڏيو ھو. ان سلسلي ۾ استاد بخاريءَ جو تخليقي پورھيو نمايان نظر اچي ٿو، جنھن پنھنجي ڪلام ذريعي مظلوم طبقي جي ڀرپور نمائندگي ڪئي ھئي، ھو ھڪ دور جو آواز بڻجي اُڀريو ھو. سندس ڪلام ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام جا درد سمايل آھن. ھن سموري زندگي ديس جي خوشحاليءَ جا خواب ڏٺا ھئا ۽ سنڌ جي درد تي تڙپي قلم کنيو ھو.
تنھنجي اک ۾ پُتلي ناھي پٿري آھي
سنڌ سڙي پئي تنھنجي اک روئي به نه ٿي
تنھنجي بت ۾ رت جي بدلي ريتي آھي
خلق لڇي پئي تنھنجي دل ڇِرڪي به نه ٿي. (3)
استاد بخاري ترقي پسند شاعر جي حيثيت سان ڌرتيءَ جي ترقي لاءِ عوام کي ڀرپور محنت ۽ جدوجھد جو پيغام ڏيندي چيو ته:
محبت سان ڀرپور محنت ڪنداسين،
۽ محنت جي ھر ريت عزت ڪنداسين،
۽ عزت اسان جي انھيءَ ۾ ئي آھي،
ته پيارن پنھوارن جي خدمت ڪنداسين. (4)
استاد بخاريء جي شاعريءَ ۾ ظالم قوتن خلاف وڏي مزاحمت آھي، سندس شعرن ۾ بھادري، جرئتمندي ۽ بيباڪي وڏي پيماني تي موجود آهي
ھٿين خالي اسين ظلمن سان لڙنداسين لڙڻ ڏسجو
اميد آھي يقين آهي ته کٽنداسين کٽڻ ڏسجو
جبل ايندا اڳيان، جبلن جا سينا ڏاري وجھنداسين
بھرحالت اسين منزل ڏي وڌنداسين وڌڻ ڏسجو. (5)
ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ پنھنجي پي ايڇ ڊي مقالي ۾، استاد بخاريءَ جي ترقي پسندي ۽ روشن خياليءَ جي حوالي سان راءِ ڏيندي لکي ٿو ته، ”استاد بخاري دنيا جي ماضيءَ ۽ مستقبل تي نظر ڊوڙائيندي انسان جي مجموعي ترقي، زندگيءَ جون رمزون، طبيعت جا مختلف لاڙا پورھئي ۽ پورھيت جي اھميت، پنھنجي ديس جي ماروئڙن جي غربت ۽ بي وسي، سڀئي موضوع پنھنجي شاعريءَ ۾ آندا آھن، پر جيڪو سندس شاعريءَ ۾ روشن خيالي ۽ اميد پرستيءَ جو پھلو آھي، اھو آھي پاڻ کي انسان مڃرائڻ.“ (6)
استاد بخاري پوري قوم کي ترقيءَ جي راھن تي ڪاميابين سان ھمڪنار ڪرڻ لاءِ شعرن ذريعي ڪارائتا پيغام عام ڪيا ھئا.
ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو ارتقا رُڪجي نه ٿي
زندگيءَ جي آرزو ۾ جُستجو ٿڪجي نه ٿي
ساٿيو، سندرا ٻڌي، ھلندا ھلو وڌندا ھلو،
پاڻ ڇو بيھي رھون دنيا جڏھن بيھي نه ٿي. (7)
روشن خيالي
يورپ ۾ جڏھن ماڻهو مذھبي اثر ھيٺ جھالت جي اونداهيءَ ۾ زندگي بسر ڪري رھيا ھئا. تعصب ۽ تنگ نظري ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو ھو. وھمن، وسوسن ۽ انڌن عقيدن سڄي علائقي کي جھنم بڻائي ڇڏيو ھو. علم، عقل ۽ ڏاھپ تي پابندي ھئي. نئين سوچ، نون خيالن ۽ نئين فلسفي جي ڳالهه ڪرڻ وارن کي جيلن ۾ واڙي خطرناڪ سزائون ڏنيون وينديون ھيون، قتل ڪرايو ويندو ھو. چوٿين صديءَ کان وٺي چوڏھين صديءَ تائين اھڙي عذاب جو طويل سلسلو جاري رھيو، پر جيئن ته ڪيتري به ڊگهي رات ڇو نه ھجي باک ضرور ڦٽڻي آھي. سجاڳيءَ واري دور جي شروعات ٿي، جنھن کي نشاط ثانيه (Renaissance) جو نالو ڏنو ويو، اُن ذريعي سجاڳي ۽ روشن خياليءَ وارين تحريڪن زور ورتو، سڄي يورپ ۾ ھڪ زبردست ذھني انقلاب آيو. پراڻن قدرن جون زنجيرون ٽٽڻ لڳيون، دوکي جو ديوارون ڪِرڻ لڳيون، سائنسي تجربن، ڪاغذ ٺاھڻ جي ھنر، ڇاپي جي مشينن جي ايجاد ترقيءَ جون نيون راھون پيدا ڪري ڇڏيون ھيون. روشن خيالي واري تحريڪ ڪيتريون ئي آسانيون پيدا ڪيون ھيون. ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو ته، ”اھڙي طرح روشن خيال فڪر جي شروعات ڪٽر تنگ نظر مذھبي ماحول ۾ ٿي، جنھن جا بنيادي نڪتا اھي ھئا ته انسان جي تڪميل ۽ عروج رڳو مذھبي زندگيءَ رستي نه پر ھن دنيا ۾ ٻين علمن سان ٿئي ٿو. انسان جي منزل صرف خدا جي خوشنودي حاصل ڪرڻ نه پر دنيا ۾ تعمير ۽ ترقيءَ ۾ آھي، انسان صرف رياست ۽ مذھب جو معمولي جزو نه آهي، پر انسان جي انفرادي ذات به ھڪ وڏي اھميت جي حامل آھي.“ (8)
سنڌ ۾ تصوف جي اثر جي ڪري صدين کان وٺي پيار ۽ امن وارو ماحول رھيو، پر ان خوبصورت ۽ پُرسڪون ماحول کي ڌارين جي آبادڪاري وڏو نقصان ڏنو. قبيلائي جهڳڙا ۽ قتل و غارت سنڌ ۾ ڌارين جي ڏاڍ جي ڪري عام رھيا آھن، پر صوفي شاعرن، روشن خيال ليکڪن پنھنجي بھترين فڪر ذريعي سنڌ جي ادب جي گلشن جي آبياري پئي ڪئي آھي. سنڌ ۾ چارڻ، ڀٽ فقير، جوڳي ۽ درويش لوڪ قصن ۾ پيار، امن جو ڦھلاءُ ڪندا رھيا ھئا. جڏھن ته انگريزن واري حڪومت دوران روشن خيالي، ترقي ۽ خوشحاليءَ جو دور آيو. علم، ادب، سائنس ترقي ڪئي، ٿياسافيڪل تحريڪ شروع ٿي. ان سلسلي ۾ سموري سنڌ اندر ليڪچر پروگرام ڪرائي جاڳرتا ڏني وئي ھئي، مطلب ته اھا روشن خياليءَ واري تحريڪ لڳاتار جاري رھي، جنھن جا سنڌي شعر و ادب تي پڻ اثر ٿيا. سنڌي ساڃهه وندن ۽ تخليقڪارن ۾ حيدر بخش جتوئي، عبدالڪريم گدائي، محمد ابراھيم جويو، شيخ اياز، بردو سنڌي، انور پيرزادو، نياز ھمايوني، شمشيرالحيدري، امداد حسيني، استاد بخاري ۽ ٻيا ترقي پسند سوچ تحت سجاڳي ڦهلائڻ ۾ اڳڀرا رهيا. استاد بخاري ان حوالي سان نھايت اھم شاعر آھي، جنھن دنيا اندر رائج فڪري ڌارائن جي اثر ھيٺ شاعري پئي ڪئي. ھن پنھنجي ڪلام ذريعي روشن خياليءَ واري فڪري تحريڪ کي عام ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس ھي چوسٽو بھترين مثال آھي.
پھاڙن جون وڏيون چوٽيون جهڪائين تون،
خلائن ۾ اپالن کي ڊڪائين تون،
عظيم انسان مان توکي مڃيندس پو
جڏھن سنسار جا آنسو سڪائين تون. (9)
دنيا اندر ترقي ۽ روشن خياليءَ واري ڪامياب سفر پويان ڏاھن، فلاسافرن ۽ سائنسدانن جو ھٿ آھي، جن دنيا کي مذھبي پنجوڙ ۽ تاريڪين مان ٻاھر ڪڍي روشنين جي راھ تي گامزن ڪيو آھي. استاد بخاري چوي ٿو ته:
او ڏاھا، تنھنجي ڏاھپ جو پڙاڏو،
ھوا ۾، ھير ۾، اوٿر ۾ آھي،
اٿيو رائين کان راويءَ کان گذريو،
سڄي سنسار ۾، گھر گھر ۾ آھي. (10)
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ طبقاتي سماج جا عڪس
ھي سماج جيڪو قدرتي طور تي طبقاتي ناھي، جنھن کي جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام جي ڪري ھٿ وٺي طبقاتي بڻايو ويو آهي، نتيجي ۾ سماجي اڻ برابري، احساس ڪمتري، سماجي ناانصافي، انساني حقن جي ڀڃڪڙي، انساني قدرن جي لتاڙ، قومي طبقاتي غلامي انسانيت جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. اھڙي ٻھروپي طبقاتي سماج ۾ انقلابي سوچ رکندڙ شاعرن ۽ اديبن طبقاتي اڻ برابري، غريبن ۽ پورهيتن سان پيش ايندڙ مسئلن، خدائي خلق جي درد کي اندر ۾ محسوس ڪندي، پنھنجي شعرن ۽ لکڻين ذريعي ڀرپور آواز بلند ڪندي پيڙھيل طبقي جو ساٿ ڏيڻ واري عمل کي پنھنجو فرض سمجهي تخليقي سفر کي جاري رکيو آھي، انهن ۾ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، ڄام ساقي، ابن حيات پنهور، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، استاد بخاري ۽ ٻيا شامل آهن، جن جي لکڻين ۾ مظلوم انسانيت جي دردن جي ڀرپور عڪاسي موجود آهي. استاد بخاري ان ڏس ۾ نمايان حيثيت رکندڙ شاعر آھي، جنھن پنھنجي شعرن ذريعي سنڌ جي آجپي، پورھيت طبقي جي حقن ۽ راڄ لاءِ آواز اٿاريو ھو. طبقاتي سماج اندر رائج اوچ نيچ وارن روين، متڀيد ۽ غلاميءَ واري زندگيءَ خلاف شعر چيا ھئا.
ھڪڙا اوچا، ھڪڙا نيچا، ڪي ھيڻا، ڪي زور،
عبرت آھي دنيا! تنھنجي تارازو ۽ تور
مشڪل ملندو ! دنيا تو ۾ انصافي انصاف
تورڻ وارن جي ئي شايد، نيت ناھي صاف. (11)
ھن وڏيرڪي ۽ سرمائيداري نظام ۾ اوچي طبقي جي ميرن پيرن ۽ زردارن کي فقط پنھنجي مان، شان جو فڪر آھي ۽ ھر وقت مال ريڙھيو تحريڪ ۾ لڳا پيا آھن. کين مسڪين ۽ غريب طبقي جو ڪوئي اونو ناھي. استاد بخاري ھڪ ھڏ ڏوکي شاعر جي حيثيت سان ان دردناڪ منظر جي عڪاسي ڪندي فرمائي ٿو ته:
امير، پير کي آ مان شان جو اونو
وچين ڪلاس کي ڪلچر زبان جو اونو
مريض ملڪ جي قرضي عوام کي آھي،
اٽي علاج، لٽي ۽ مڪان جو اونو. (12)
سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام پاران رائج ڪيل ھن جھنم بڻيل طبقاتي نظام جي وڏي ناانصافي اھا آھي ته جيڪي پورھيت ھن سڄي سرشتي جي نظام کي ھلائن ٿا، ۽ پورهيو ڪن ٿا، اھي بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آهن. جيڪي ڪپڙن ٺاھڻ جا ڪارخانا ھلائن ٿا، انهن وٽ پائڻ لاءِ ڪپڙا ناھن، جيڪي اٽي جون ملون ھلائن ٿا، انهن کي اٽو کائڻ لاءِ ميسر ناھي، جيڪي گهرن جي اڏاوت ڪن ٿا، پاڻ بي گهر بڻيل آهن. استاد بخاري ڇا ته منظر چٽيو آهي.
جن وٽ پورھيو، پيار صداقت سي ويڳاڻا ڇو
جن وٽ داڻا، چاڻا، ناڻا، سي سڀ راڻا ڇو
ماڻهو ماڻهوءَ کي پيو پيڙي، پيڙ ھلي ٿي پئي،
ھر ڪو خاڪي، ٿيو آ چاڪي، گهر گهر گهاڻا ڇو. (13)
انسان دوستي
دنيا جا جيڪي به مذھب ھجن، تحريڪون ھجن، نظريا ھجن، انهن انسانيت سان محبت ۽ انسان دوستيءَ واري سوچ کي اُڀارڻ جي ڳالهه ڪئي آھي، انساني قدرن ۽ حقن جي پرچار ڪئي آھي، اسان جي مذھب اسلام ۾ ته حقوق العباد کي عبادت جو درجو مليل آهي، انساني خدمت کي خدائي خدمت چيو ويو آهي ۽ انسان کي قدرت پاران اشرف المخلوقات جو درجو مليل آهي. تصوف سميت سڀني تحريڪن انسان دوستيءَ واري تعليم، فھم ۽ شعور جي پرچار ڪئي آھي. انسانن جي وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽين ۽ نفرتن کي ختم ڪرڻ لاءِ آواز اُٿاريو آھي. انسان کي خدائي تخليق سمجهي ساڻس پيار ۽ انسيت وارو پيغام بلند ڪيو آھي. صوفي شاعرن ۽ بزرگن انسان جو مان ۽ شان مٿاھون رکڻ لاءِ انسان دوستيءَ واري پيغام کي عام ڪيو آھي. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کان وٺي استاد بخاريءَ تائين سڀني شاعرن خلق جي خدمت، انسان دوستي ۽ انسان شناسيءَ واري فڪر کي پنھنجي شعرن ۾ سمايو آھي ۽ انسان ذات کي امن، ڀائيچاري ۽ محبت سان رھڻ جو درس ڏنو آھي. ان لحاظ کان استاد بخاري اھو شاعر آھي، جنھن وٽ انسان دوستيءَ وارو فڪر جابجا نظر اچي ٿو، سندس ڪلام ۾ اعلى انساني قدرن ۽ اصولن جو بيان ملي ٿو، جنھن انسان جي عظمت لاءِ شعر چيا آهن.
ھي ڪنھن جو خلائن ۾ کتو آھ علم،
ھي ڪنھن جا ادب ساڻ چميا چنڊ قدم،
ھي اشرف مخلوق ۽ ھي احسن تقويم،
انسان آ انسان جي عظمت جو قسم. (14)
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ انسانن لاء ھمدردي، رحم ۽ پيار سمايل آهي. انسانيت جي درد کي اندر ۾ محسوس ڪندي، سندس تڪليفن تي تڙپي قلم کڻندڙ سرجڻھار ھو، جيڪو انسانيت جو علمبردار شاعر ھو. انسانيت کي آزاريندڙ ظالم قوتن خلاف ھن پنھنجي شعرن ذريعي مزاحمت ڪئي ھئي.
غمگين جي گذران لئي گڏ ٿيا آھيون،
ماني نه رڳو مان لئي گڏ ٿيا آھيون،
يزدان ۽ شيطان ته نبرن ھڪ ٻئي سان،
انسان ته انسان لئي گڏ ٿيا آھيون. (15)
استاد بخاريءَ جي ڪلام ۾ انسان دوستي ۽ انساني حقن جي سجاڳيءَ واري سوچ سمايل نظر اچي ٿي. ھو دنيا جي سڀني انسانن کي مثالي انسان بڻجڻ وارو درس ڏي ٿو. چوي ٿو ته: ”اي انسان ڀلي وڃي ھماليه جبل جي چوٽيءَ تي رسائي حاصل ڪر، چنڊ تي پھچڻ لاءِ به منع ناھي، ڀلي آسمانن ۾ وڃي جھاز اڏار پر ان کان اول اھو ضروري آھي ته انسان بڻجي انسانيت وارو درس عام ڪر.
ڪير آھ ٿو نانگن کي نچڻ سيکاري.
ڪير آھ لوھن کي ڊڪڻ سيکاري.
آ حضرت انسان ھي آھي ڪوئي،
ھن کي به ته انسان ٿيڻ سيکاري. (16)
اسان جي سنڌ ڌرتي جنھن جي صورتحال انتھائي دردناڪ آھي. قبيلائي جهڳڙن، جنت جھڙي سنڌ کي جھنم بڻائي ڇڏيو آهي. پر استاد بخاري جيڪو انسانيت جي آبياري ڪندڙ شاعر آهي، اھو پنھنجي شعرن ۾ آواز بلند ڪندي چوي ٿو، انسان کي انسان سان وڙھڻ نه گهرجي.
تسليم ته ماحول صفا گرم آھي،
استاد جي تحرير ذرا نرم آھي،
الله ڪي انسان کي اھي اکيون ڏي،
انسان ۽ انسان سان وڙھي، شرم آھي. (17)
مظلومن جي حمايت
سچ ته اھي شاعر عوام جي دلين جي ڌڙڪن بڻجندا آهن، جن جي شاعري مظلوم جو آواز ھوندي آھي. عوام سان ٿيندڙ ناانصافين تي اگر شاعر خاموش ھجي ته سندس لکڻ اجايو آهي ادب ۾ شروع ڪيل ترقي پسنديءَ واري تحريڪ ھجي يا حقيقت نگاريءَ واري، انهن جو مقصد انسانيت جي تڪليفن کي ختم ڪري انهن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، ھن ٻھروپي سماج ۾ شاعر ئي ته پيڙھيل طبقي جو آواز بڻجندا آهن. شاھ لطيف، حضرت سچل سرمست، عبدالڪريم گدائي، ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، سرويچ سجاولي، نياز همايوني، تنوير عباسي، استادبخاريءَ سميت ڪافي شاعرن جي شاعريءَ ۾ مظلوم عوام جي دردن جا داستان بيان ٿيل آھن. جڏھن ته استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ پيڙھيل طبقي جي نمائندگي ملي ٿي.
نه ٿو ظلم ٿڪجي ته مان ڇو ٿڪان،
چوان ٿو نه لکجي مگر پيو لکان،
اڳيان جھنگ گجگاھ انڌير جو،
ڪھاڙي ڪيو ڪِلڪ پيو ٿو ڪٽيان. (18)
استاد بخاري جي شاعري مظلوم لاء آٿت ۽ ظالم لاء للڪار آهي سندس لفظ اڱر ۽ ٽانڊا آھن. ھو غريبن، مسڪينن ۽ نظر انداز ٿيل طبقي جو آواز ھو. ڊاڪٽر احسان دانش لکي ٿو ته، ”استاد حق ۽ انصاف وارو سماج چاھي ٿو اھو سماج جتي مظلوم جو ڪو سڏ ورنائڻ وارو ھجي، جتي عدل جي ريت ھجي ۽ ماڻهوءَ کي ڪچلڻ بدران اٿڻ جو حوصلو ملي، جيڪڏھن ڪنھن معاشري ۾ ائين نه ھوندو ته فطري طور بغاوت ڪر کڻڻ لڳندي.“ (19)
استاد بخاري مظلوم انسانيت کي زبان ڏني، ھو مظلوم جي دانهن کي ٽارڻ جو مخالف آهي. سندس شاعراڻو آواز ايترو ته اثرائتو جو ظالمن کي ڪنبائي وجهندو ھو، سندس شعرن ۾ ھٿيارن کان به وڌيڪ سگهه ھئي.
مظلوم جي آھن کي ته ٽاريو ٿا پر،
طوفان اٿن جيڪي اھي ڪٿ رڪجن
انسان جي جذبن کي ڌڪاريو ٿا پر،
ٿيلھن سان ڪٿي سمنڊ جون موجون موٽن. (20)
استاد بخاري مظلومن ۽ محڪومن جي حقن لاءِ وڏي بيباڪيء سان قلم جو عَلم بلند ڪيو. عزيز ڪنگراڻي لکي ٿو ته، ”استاد محڪوميت جي گهاڻي ۾ پيڙھيل محڪوم قوم ۽ عوام جو مجبور شاعر ضرور آھي پر ھن پنھنجي مجبور زبان سان به جبر کي للڪاريو آهي. مجبوريءَ جي سنگهرن ۾ به سندس مزاحمت مونجهه ۾ ناھي. (21)
استاد بخاري مظلومن ۽ محڪومن جو ساٿاري ۽ ظالم قوتن سان مھاڏو اٽڪائيندڙ شاعر ھو، ظلم ۽ غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙيندڙ سرجڻھار ھو، سندس ڪلام ۾ جرئتمندي ۽ بيباڪي جهلڪا ڏيندي نظر اچي ٿي.
ڪيترن ڪمزور ھٿڙن جي شڪست
ڏاڍ کي چٿڙيون ڪري ڦاڙي ڇڏيان!
ڪيترن شھزور چنبن جي گرفت،
ظلم کي ذرڙيون ڪري ساڙي ڇڏيان. (22)
حقيقت نگاري
حقيقت نگاري واري تحريڪ سماجي اڻ برابرين ، ناانصافين، ظلم ، جبر ۽ ڏاڍ جي خاتمي ۽ انسانيت جي ڀلائيءَ خاطر ادب ۾ زور ورتو ھو. ادب ۾ ڊرامائي انداز، خيالي ڳالهين ۽ غير سائنسي سوچ جي رد عمل ۾ ھن لاڙي جي ضرورت محسوس ڪئي وئي هئي. ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجي حقيقت نگاريء متعلق راءِ ڏيندي لکيو آهي ته، ”ھن لاڙي موجب افسانن ۽ شعر ۾ ڪيتريون اھڙيون ڳالهيون بيان ٿيون آهن، جن جو حقيقي زندگي ۽ ڪردارن سان واسطو آھي. ليکڪ حوالي طور جيئرن جاڳندن ماڻهن جو ذڪر ڪري ٿو.“ (23) اوڻويھين صديء ۾ فرانس مان پيدا ٿيل ادبي حقيقت نگاريءَ واري لاڙي يورپ توڙي ايشيا ۾ زبردست زور ورتو ھو يورپ ۾ حقيقت نگاريءَ جو عروج 1848ع کان 1880ع تائين رھيو. حقيقت نگاريءَ ۾ سماج ۾ وسندڙ دکي انسانيت جي مسئلن، ڏکن ، ڏوجهرن، بک ۽ بدحاليءَ جا حقيقي عڪس هوندا آهن. ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجي ان متعلق لکيو ته، ”حقيقي مسئلن تي صاف لفظن ۾ لکڻ ۾ نجم عباسي نشانبر آھي. ھو علامت نگاريءَ ۽ ٻي ڪنھن اشاريت کي پسند نه ٿو ڪري، شيخ اياز جو نظمي ڊرامو ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ به ھڪ اھم ۽ حقيقي ڪردار بابت آھي.“ (24)
سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن سماجي حقيقت نگاريءَ جي اثر ھيٺ شاعري ڪئي ۽ پنھنجي رچنائن ۾ سماجڪ عڪس پيش ڪيا. انهن شاعرن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي ، نياز همايوني، شمشيرالحيدري ، امداد حسيني، استاد بخاري ۽ ٻيا شامل آهن. استاد بخاري اھو سچيت شاعر آھي، جنھن پنھنجي شعرن ذريعي سماجي حقيقتن ۽ ڌرتيء جي درد تي وڏي بيباڪيءَ سان لکيوآهي.
مزورن ڪسانن جي محنت به ڍوڍو
سلي ۾ اٿن ساھ محنت به ڍوڍو
ڀلو کيٽ گهرجي ڀريو پيٽ گهرجي
غريبن جي سستي سياست به ڍوڍو. (25)
استاد بخاريءَ پيڙھيل طبقي جي ڀرپور نمائندگي ڪندي، سندن پيڙائن ۾ گذرندڙ زندگيءَ جي تصوير ڪشي ڪئي آهي، مزدورن ۽ پورهيتن جي دردن کي پنھنجي شعرن ۾ اھڙيءَ ريت بيان ڪيو آهي، ڄڻ پاڻ اھڙي دردناڪ مرحلي مان گذريو ھجي.
مزدورن جا ڏينھن ڦرن ٿا مل جي ڦيٿن وانگر،
سيٺين جا سرمايا سوگھا لوھن ٿنڀن وانگر،
ظالم انڌا، ٻوڙا، گونگا تابوتن جان آھن،
مظلومن جا واڪ وڄن ٿا پٽ جي دھلن وانگر. (26)
ادب ۾ حقيقت نگاريءَ واري سوچ ۽ لاڙي کي عام ڪندڙ شاعرن ۽ اديبن واقعي به پنھنجي لکڻين ذريعي ادب ۾ ھڪ انقلاب برپا ڪري ادب کي دکي انسانيت لاءِ ترجمان بڻايو ھو، طاقتور ۽ ظالم قوتن پاران غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ انسانن جي حقن جي پائمالي ڪرڻ وارن ڪڌن عملن جي حقيقتن کي سر عام وائکو ڪيو ھو، استاد بخاري به ان ئي سلسلي جو بيباڪ ۽ حقيقت پسند شاعر ھو سندس تخليقن ۾ حقيقت بياني وارو انداز نرالو آهي.
مان حق جي ڳاله ڪريان نه ڪريان چوٽيءَ تي چڙھي حق ڪوڪي ٿو،
مان در در گيت چوان نه چوان سڻ ڀڻڪو گهر گهر جاڳي ٿو،
ھا ڪوھ برابر ڪوھ آھن، پر ڏڪندا پوءِ به ڏوھ آھن،
جنھن ڀونءِ ۾ ٿا ڀونچال تنبن، تنھن ڀونءِ جو سينو ڌڙڪي ٿو. (27)
عالمي امن
جيڪڏهن دنيا کي جنت ۾ تبديل ڪرڻو آھي ته امن، پيار ، محبت واري پيغام کي عام ڪرڻو پوندو اڄ جڏھن دنيا جو جائزو وٺون ٿا ته سپر پاور ٿيڻ جي شوق ۾ مختلف ملڪن مھلڪ ھٿيارن جي ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوري دنيا ائٽم بمن ۽ ميزائلن جي نشاني تي آهي، جيڪا صورتحال انتھائي ڀيانڪ آھي. دنيا کي اھڙي صورتحال مان ڪڍي امن ۽ ترقيءَ جي راھ تي گامزن ڪرڻ لاءِ عالمي امن ۽ ڀائيچاري واري سوچ کي وسعت ڏيڻ واري تحريڪ کي ڀرپوريت عطا ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو ان سلسلي ۾ انسانيت سان پيار ڪندڙ شاعرن ۽ ترقي پسند خيال رکندڙ امن جي سفيرن قومن جي بقا ۽ عظمت لاء پنھنجي شعرن ۽ لکڻين ذريعي ھميشھ پئي آواز اٿاريو آھي سنڌ جي اندر تصوف واري تحريڪ امن جي تحريڪ ھئي صوفي شاعرن صدين کان وٺي من مان مير ڪڍي انسانيت جي خدمت کي خدائي خدمت سمجھندي، بنا ڪنھن رنگ نسل ۽ ذات جي فرق جي انسانيت جي بقا لاء پاڻ پتوڙيو آھي حضرت سچل سرمست، انسان دشمن ۽ امن دشمن قوتن کي للڪاريندي فرمايو ھو ته، ”مان امن جو امير آھيان.“ بلڪل ان ئي تسلسل ۾ استاد بخاري امن ۽ سلامتيءَ لاء بيباڪيءَ سان آواز بلند ڪري ٿو. استاد بخاري انسانيت ۽ امن سان بي پناھ پيار ڪندڙ شاعر ھو جنھن جي شاعريءَ ۾ سمايل پيغام آفاقي حيثيت رکندڙ آھي. سرڪش سنڌي ھڪ ھنڌ لکيو آهي ته، ”تخليقڪار نه رڳو امن پسند ذھن رکندو آهي، پر امن عالم لاءِ پرچارڪي حيثيت به رکندو آهي.“ (28)
استاد بخاري امن جي سرواڻ شاعر جي حيثيت سان قبيلائي جھڳڙن ۽ فسادن کي سماج لاء انتھائي ھاڃيڪار سمجهندي، پنھنجي شعرن ذريعي پر امن معاشري جي اڏاوت جي ڳالهه ڪئي ھئي، جيڪو پيغام سنڌ جي سرحدن کان ٻاھر پوري دنيا جي لاءِ ھو.
عزم اڏري آسمان کان اڳڀرو
عرش اعلي ڪھڪشان کان اڳڀرو
امن جو نغمو ڏنم گونجي ويو
سنڌ ڇا ساري جھان کان اڳڀرو. (29)
ھٿيارن جي ڊوڙ، ائٽم بم جي ايجاد عالمي امن لاءِ خطرو بڻيل آهي، دنيا ائٽمي ھٿيارن جا هاڃا خطرناڪ حد تائين ڀوڳي چڪي آهي، ٻي مھا ڀاري لڙائي دوران آمريڪا جاپان جي شھر ھيرو شيما تي"little Boy" جي نالي سان ائٽمي بم ڪيرايو ھو، جڏھن ته ساڳيئي ملڪ جي ٻئي شھر ناگاساڪيء تي 9 آگسٽ تي "Fat man" جي نالي سان ائٽم بم جو حملو ڪيو ھو، ٻنھي حملن دوران لڳ ڀڳ ٻن لکن تائين انساني جانين جو نقصان ٿيو ھو! جنھن تي پوري دنيا اندر غم، غصي ۽ مايوسيءَ جي لھر پکڙجي وئي ھئي استاد بخاريءَ ائٽمي ھٿيارن کي دنيا جي امن لاء خطرو قرار ڏيندي دنيا کي ھٿيارن کان پاڪ ڪري جھنم بڻيل جھان کي بھشت بڻائڻ جو پيغام شعر ذريعي ڏيندي چوي ٿو ته:
اچو ايندي صديءَ جي آجيان ڪريون
نشانبر امن عالم جو نشان ڪريون
ھٽايون ائٽمي آڙاھ ڌرتيءَ تان
جھنم گم ڪريون جنت عيان ڪريون. (30)
استاد بخاري ٻئي شعر ۾ تلوار، بندوق، بارود ۽ ائٽم بم کي پوري انسانيت لاءِ جنجال سمجھي ٿو.
سنسار تان سورن جو جنجال ڪڏھن لھندو
طوفان ڪڏھن رڪبا ڀونجال ڪڏھن لھندو
تلوار کان بندوقون، بندوق کان ايٽم بم
انسان تان بارودي بنبال ڪڏھن لھندو. (31)
استاد بخاري دنيا جي امن کي ڦٽائيندڙ امن دشمن ۽ انسان دشمن ظالم قوتن کي شيطان سان مشابھت ڏيندي، خاموشيءَ سان ظلم سھندڙن کي حيوان سڏي ٿو. جڏھن ته پر امن رھندڙ ماڻهن کي انسان جو درجو عطا ڪندي فرمائي ٿو ته:
جو ظلم ڪندڙ آھ اھو آ شيطان
جو ظلم سھي ڪين ڪڇي سو حيوان
جو امن ڏئي، امن گھري، امن وٺي،
ھن دور جو انسان اھو آ انسان. (32)
نتيجو:
استاد بخاري اهو ترقي پسند فڪر رکندڙ شاعر آهي، جنھن جي شاعريءَ ۾ مذهبي رواداري، انساني ڀائيچاري، عالمي امن ۽ انسان دوستيءَ واري فڪر جو پرچار ملي ٿي، جنھن دقيانوسي سوچن ۽ روايتي خيالن کي رد ڪندي جديد ۽ نئين فڪر سان هم آهنگ رچنائون تخليق ڪري سنڌي شاعريءَ کي هٿي ڏني آهي. اهوئي سبب آهي جو کيس ترقي پسند فڪر رکندڙ شاعرن ۾ نمايان شاعر طور ليکيو وڃي ٿو.
حوالا
- 1. سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر، سنڌي ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ جو پسمنظر، 2015ع، ص، 2، قليچ تحقيقي جرنل، مرزا قليچ بيگ چيئر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
- 2. پليجو، رسول بخش، انڌا اونڌا ويڄ، 1967ع، ص، 101، انسائيڪلو پيڊيا ڪارپوريشن حيدرآباد
- 3. بخاري، استاد، لھر لھر دريا، 1990ع ص، 32، سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو
- 4. ساڳيو، ص، 12 .
- 5. بخاري، استاد، سوچون ڀڻڪا واڪا، 2017ع، ص، 80، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
- 6. ميمڻ، غفور، ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر، 2017ع، ص، 400، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد
- 7. بخاري، استاد، لھر لھر دريا، 1990ع، ص، 41، سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو
8، . ميمڻ، غفور ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر، 2017ع، ص، 275, سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد
- 9. بخاري استاد، لھر لھر دريا، 1990ع، ص، 60، سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو
- 10. ساڳيو، ص، 61.
- 11. بخاري استاد، سوچون ڀڻڪا واڪا، 2017ع، ص، 21، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
- 12. بخاري استاد، لھر لھر دريا، 1990ع، ص، 49، سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو
- 13. بخاري استاد، سوچون ڀڻڪا واڪا، 2017ع، ص، 116، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
- 14. ساڳيو، ص224.
- 15. بخاري استاد، لھر لھر دريا، 1990ع، ص، 139، سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو
- 16. بخاري استاد، سوچون ڀڻڪا واڪا، 2017ع، ص، 221، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
- 17. ساڳيو، ص، 221.
- 18. ساڳيو، ص، 34.
- 19. بخاري تابش، ڌرتي ڌڻي شاعر، ڊاڪٽر احسان دانش جو مضمون، 2020ع، ص، 70، مرڪ پبليڪيشن ڪراچي
- 20. بخاري استاد، سوچون ڀڻڪا واڪا، 2017ع، ص، 199، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
- 21. ڪنگراڻي عزيز، عشق، عقل، استاد، 2018ع، ص، 85، جوت پبليڪيشن ڪراچي
- 22. بخاري استاد، سوچون ڀڻڪا واڪا، 2017ع، ص، 202 روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
- 23. جوڻيجو عبد الجبار ڊاڪٽر، ڪٺمال، 2002ع، ص، 488، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو
- ساڳيو، ص، 488.
- بخاري استاد، لھر لھر دريا، 1990ع، ص، 14، سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو
- ساڳيو، ص، 31.
- بخاري استاد، نه ڪم نبريو نه غم نبريو، 2010ع، ص، 76، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
- ڪانڌڙو انور آزاد، استاد بخاري فن ۽ شخصيت، 2010، ص، 157، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ
- بخاري استاد، لھر لھر دريا، 1990ع، ص، 45، سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو
- ساڳيو، ص، 65.
31 . ساڳيو، ص، 76.
- بخاري استاد، سوچون ڀڻڪا واڪا، 2017ع، ص، 209، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو