سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ جماليات
(The Study of Aesthetics in Sachal Sarmast’s Poetry )

حبدار سولنگي

Abstract:

Sachal Sarmast (1739-1827) is a poet associated, at best, with the Wahdat-ul-Wajud (Unity of Being) Sufi tradition. His poetry creatively spells out the mysteries and secrets of the Tasawwuf (Sufism) tradition. He has been the poet on the path of truth, beauty, righteousness, and ishq, and his poetry contains enormous virtues and truthfulness. When we pay philosophical attention to the poetry of Sachal Sarmast, it clearly illustrates the characteristics of newness, passion, and transcendence. This research paper attempts to focus on Sachal Sarmast’s poetry, which embraces a distinct and diverse quality and has expressions of bold and audacious thoughts. This paper will highlight that the thoughtful poetry of Sachal Sarmast contains in abundance the quality of the spirit of drunkenness in the Sufi lexicon of higher consciousness. In this paper, I discuss that, on the lines of the tradition of classical poets, Sachal reveals the strong prowess of artistic, deep thought, and aesthetics. His poetry contains the beauty of poetic language and thought. This paper highlights these characteristics in the poetry of Sachal Sarmast.

Keywords: Sachal Sarmast, Sufism, Aesthetics, classical poetry,

سچل سرمست بنيادي طور تصوف جي فڪر سان واڳيل وحدت الوجودي شاعر آهي. هن وٽ تصوف جون رمزون، راز ۽ نياز اعليٰ تخليقي انداز ۾ ملن ٿا. هو حق، سچ، سونهن ۽ عشق جي رستي جو مسافر شاعر آهي، جنھن جي شاعريءَ ۾ انيڪ صفتون ۽ سچايون ملن ٿيون.

اسان جڏهن سچل جي شاعريءَ تي فڪري نظر وجهنداسين ته ان ۾ واضح طور هيٺيون خاصيتون نظر اينديون:

” جدت يعني اصليت يعني سکڻي تقليد کان آجو هئڻ، ٻين خاصيت آهي ؛ شوخي ۽ جوش، ان ڪري سچل عرشين اڏامي ٿو، موج ۽ مستيءَ ۾ پلٽ پلٽان ڪري ٿو، سچل جو عمومن سڄو ڪلام بيخوديءَ واري حالت ۾ چيل آهي، ان ڪري اهي ٻول دل مان نڪري سڌو دلين کي ديوانو بڻائن ٿا. سچل جي ڪلام جي ٽين مکيه خاصيت تصور جي هر رنگ، هر روپ ۽ رونق کي کليءَ طرح اظھار ڪرڻ “ (1)

سچل سرمست پنھنجي شعري اظھار ۾ بيباڪيءَ واري خاصيت جي ڪري الڳ حيثيت رکي ٿو. هن وٽ شعري فڪر ۾ رنديءَ واري رمز تمام گهڻي آهي، جنھن ڪري سندس ڪلام فڪري اڏار جي اوچائيءَ تي پھتل آهي.

سچل جي شاعريءَ ۾ ٻين انيڪ فڪري خاصيتن سان گڏ ”جماليات“ جو عنصر به ملي ٿو.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ’جماليات‘ جي معني هن ريت ڄاڻائي ٿو:

”جماليات / جمال:

سونهن، حسن، سوڀيا، خوبصورتي، روپ، زينت، سھائي، ديدار “ (2)

”جماليات جو بنياد“، حسن يعني جمال آهي. جماليات فلسفي جي اها شاخ آهي، جنھن جو تعلق فن جي تخليق، قدر ۽ ان جي تجربي سان گڏ، فن جي تجزئي، ان سان لاڳاپيل مسئلن ۽ انهن جي حل سان آهي. “ (3)

جماليات، تخليق جي سونهن، سوڀيا، حسن، نزاڪت ۽ ندرت آهي، جنھن سان تخليق ۾ فڪري ۽ فني خوبصورتي پيدا ٿيندي آهي.

جماليات جي اڀياس ۾ سماجي ڍانچي جي سڀني طبقاتي، سماجي، تهذيبي، ثقافتي، نفسياتي، نظرياتي ۽ حياتياتي عنصر ۽ عمل شامل هوندا آهن. فطري سائنس جيان جماليات به سماجي شعور جي هڪ شڪل آهي.

”جماليات هڪ اهڙو سائنسي علم آهي، جنھن سان شين جي اصليت يا ماهيت کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. شيون اصل ۾ ڇا آهن؟ جيڪڏهن انهن ۾ ڪو حسن آهي ته، اهو رڳو جماليات جي علم ذريعي ئي معلوم ڪري ۽ سمجهي سگهجي ٿو. “ (4)

حسن تخليق جو محرڪ آهي ۽ حسن جي پرک جي فلسفي کي جماليات (Aesthetics) سڏيو وڃي ٿو. جماليات فن جي فيلسوفي آهي، جيڪا تخليقي قدرن جي سونهن، نفاست، نزاڪت، ندرت ۽ خوبصورتيءَ کي اعليٰ سطحن تي رسائي ٿي.

حسن ۽ سونهن جي هن پراسرار تصور انساني فڪر ۽ سوچ جي دنيا ۾ وڏيون وڏيون نزاڪتون پيدا ڪيون آهن، جنھن جي بدولت شاعريءَ توڙي ٻين لطيف فنن جا اهڙا ته اڻ مٽجندڙ شھپارا وجود ۾ آيا آهن. جن جو تاريخي قدر ۽ قيمت صدين تائين محيط آهي. (5)

سنڌي شاعري شروع کان وٺي جماليات سان مالامال آهي. ميون شاهه عنات، لطف الله قادري، شاهه لطيف، عبدالرحيم گرهوڙي ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ جمالياتي عنصر جهجهي انداز ۾ ملي ٿو.

ميون شاهه عنات:

”گلبدن جون گجريون، ارم اوڍيائون،

چوٽا تيل ڦليل سين، واسينگ ويڙهيائون،

مشڪ محبت پاڻ ۾، لڱين لايائون،

ڪوڏا پوتائون ڪچئان، سيلا سنڌيائون،

اهڙي پر عنات چئي، راڻو رايائون،

سو موٽي ڪيئن پاهون، جو وڃي ڪاڪ ڪڪوريو “

لطف الله قادري:

حسن حبيبن جو، جنين ڏٺو ماءُ

تنين سندي ڪاءَ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي

شاهه لطيف:

”جھڙا گل گلاب جا، تھڙا مٿن ويس،

چوٽا تيل چنبيليا، ها ها! هو هميش،

پسيو سونهن سيد چئي نينهن اچن نيش،

لالن جي لبيس، آتڻ اکر نه اجهي.“

عبدالرحيم گرهوڙي:

”جو منھن ڏٺو مون، سو منھن قريب نه منھن جو

منجهه اڀين ۽ ڀون، موران تان نه مياء سو“

اهڙيءَ ريت سنڌي شاعريءَ جا سڀئي ڪلاسيڪي شاعر جمالياتي شاعريءَ جا اعليٰ تخليقڪار آهن، جن جي شاعريءَ ۾ ٻين انيڪ خوبين ۽ گڻن سان گڏ جمالياتي عنصر به اعليٰ درجي جو آهي.

سچل سرمست به جمالياتي حوالي سان پنھنجي ڪلاسيڪي شاعرن سان جڙيل رهيو آهي. هن وٽ جمالياتي شاعريءَ جا انيڪ رنگ ۽ روپ آهن.

سچل جي شاعريءَ ۾ حسن جي نفاست، رس گيان، شرنگهار رس ۽ فڪري رنگ روپ ملن ٿا، جن سان جمالياتي حواس معطر ٿين ٿا.

”مونهن مھتاب، سھڻي دا سھڻا، جنھن تي جهلڪن تاري،

چنڻ جي چٽسالي ويکو، رنگ لايا رخساري،

سرخ پيشاني، ٽٻڪي ٽٻڪي، صورت جوڙ سينگاري،

راتيان ڏينھان هر دم رهندا، سچل وچ نظاري“

 

”چوڏس چنڊ هي منھن محبوبي، واه وسيع پيشاني،

ويکڻ نال حيران رهيوسي، رنگ سارا رحماني،

جهلڪ اهيدي ڪون جهلي، جو هوئي نور نشاني،

سچل حسن حسينان ا تون، جان ڪيتي قرباني“

”چنڻ دي چٽسالي وه وا، سھڻي دي منھن سھندي،

ڪيهي ڳالهه زبون آکان، هي هي حسن اهين دي،

شمس قمر تشبيھه ڏيوان، پر جوڙ نھين تنھن منھن دي،

نيزي بڙڇان چشم سچل، ڄڻ تيغ ستم دي ڪھندي“

محبوب جي مھتابي منھن (چهري) جي اهڙي ملوڪيت سان عڪس بندي ڪئي وئي آهي، جو پڙهندڙ جي حواسن تي حسن جي روشني پکڙجي وڃي ٿي ۽ تصور جو آڪاس چمڪڻ لڳي ٿو. مٿين سرائيڪي شعرن ۾ سچل جي تخليقي جماليات ڪمال حسن تي پھتل آهي.

”تيز تيرانداز چشمان، يارن جو خوني خطاب،

ناز پروريون نظر سان ڪن ٿيون، عاشق ڪباب،

بره جا باشا چوان يا نيهن جا نيزا ناياب،

يا چوان سي باز بحري، يا تراريون تيز باب،

ملڪ گيري ڪن وڏي غماز سان بس لاجواب،

قتل جي ان کنئون ٿيا، تن تي ٻيو ڪھڙو حساب،

پيا جڏهن قطرا ڪري، بحرين سان ها پرز آب،

ٿيا سچو روشن اتاهون، آفتاب و ماهتاب“

 

”عاشق ڏسڻ ۾ آيو، محبوب گل سناسي،

عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسي،

برهي جي اک بيني، ڪائي مثال چيني،

توڙي رنگون رنگيني، چينيءَ جي مٽ نه ڪاسي“

 

”آهي انهن اکين کي، خاصو خمار تنھنجو،

ويٺو وٺي مان آهيان، ڪامل قرار تنھنجو،

صاحب صورت جو تون آ، هي آ غلام تنھنجو،

آ ذوق شوق سھڻا، مون کي مدام تنھنجو،

هر جاء آهي جاني، جلوو جمال تنھنجو،

خم خم ۾ ڪري قابو، خوبان خيال تنھنجو. “

سچل سرمست جي مٿين غزلن جي شعرن ۾ به محبوب جي صورت، اکين ۽ جمال جي جلون جي جيڪا جماليات ملي ٿي، اها سندس اظھار کي رنگين ۽ روشن ڪري ٿي.

”اهڙيءَ طرح سچل سرمست پنھنجي شاعريءَ ۾ سونهن ۽ سوڀيا کي محسوس ڪرائڻ واري ڪيفيت ۾، انسان جي مجموعي سونهن، اکين جي سونهن، ڀرون، پگهر جي ڦڙن جي سونهن ۽ گهونگهٽ جو ذڪر ڪيو آهي. سونهن ۽ سوڀيا کي محسوس ڪرڻ سان ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي، انسان جڏهن سونهن ۽ سوڀيا کي محسوس ڪندو آهي ته مٿس سرور ۽ ڪيف طاري ٿي ويندو آهي، ڪيتري ئي دير ان سحر ۾ قابو رهندو آهي، هر سالم دماغ، سونهن ۽ سوڀيا کي محسوس ڪري، ذهن کي تراور بخشيندو آهي. “ (6)

سچل پنھنجي شاعريءَ ۾ محبوب جي مک (چهري) کي نت نين تشبيهن سان ڀيٽي، جيڪو جمالياتي منظرنامو جوڙيو آهي، اهو انتھائي جاذب ۽ حسين آهي.

”مصحف پاڪ چوان، منهڙو محبوبن جو،

آيتون منجهه عشق جون، مطالع ڪيان،

قاري اچي ڪو پڙهي، هجي هي روان،

طرف سڀ سنوان، ڏنگو ڏسان ڪو نه ڪو. “

منھنجي محبوب جو مک پاڪ الھامي ڪتاب آهي، جنھن سان عشق جي آيتن جو اڀياس ٿو ڪريان، اگر ڪو انهن جي قرئت ڪري ته کيس سڀ حرف سنوان ڀاسندا، ڪو به ڏنگو نظر نه ايندو. هتي سچل جمالياتي حظ سان گڏ جمالياتي شعور جي ڳالهه به ڪئي آهي، ته شين جي جمال جو جلوو ماڻهوء ۾ سمجهه ۽ شعور جي روشني پيدا ڪري ٿو، جنھن سان شين کي پرکي ۽ پروڙي سگهي ٿو.

”قطرا آب عرق، سونهن سڄڻ منھن تي،

جرڪن جهلڪن ٿا ائين، جنھن پنين ماڪ مرڪ،

داڻا ڪن درڪ، دل ۾   درديلن   جي.“

محبوب جي چهري تي پگهر جا ڦڙا ائين ٿا لڳن ڄڻ ته پنن جي پاند تي شبنم جا قطرا پيا مرڪن، پگهر جا قطرا / داڻا دل ۾ زخم ڪري ٿا ڇڏين.

پاڻيءَ جي قطرن (پگهر ڦڙن) کي جمالياتي رنگ ۾ جرڪائي شاعر تخيل کي رنگين بڻائي ڇڏيو آهي. سچل جي شاعريءَ ۾ جيڪا منظرنگاري آهي، ان ۾ به جماليات جون جهلڪون آهن.

”پورب سندي پار جا، ڪڪر ڪارونڀار،

وڄن ۽ وسڻ سان، چڙهن ٿا چوڌار،

اڀي کي آڀيندي، لڌئون سنڌڙيءَ سار،

سڪر سڻاوا ٿيا، وڌيا وهه واپار،

ساوا ٿيا سنگهار، موليٰ سندي مھر سان.“

شاعر مٿين بيت ۾ سارنگ ۾ بادلن، بجلي ۽ برسات جو منظر بيحد نفاست ۽ حسن سان چٽيو آهي، جنھن سان ڏسڻ ۽ ڇهڻ جا حواس متحرڪ ٿي جمالياتي حظ پسائين ٿا.

”جمال جا ڪيترائي قسم آهن، جھڙوڪ طبعي، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني، درحقيقت انهن سڀني جو مرڪز هڪ ئي آهي يعني محبوب جو مشاهدو “ (7)  سچل جي سڄي شاعريءَ ۾ محبوب جو مشاهدو آهي، سٽ سٽ ۾ محبوب جي حسناڪيءَ جا حوالا آهن، محبوب جي محبوبيت ۽ جمال جي مظھرن سان سچل جي سڄي شاعري ڀري پئي آهي.

”ڪائنات سونهن ۽ سچ جي روشنيءَ سان روشن آهي. ان ۾ ڪوجهائپ، اونداهي، بدبوء انسان جي پنھنجي پيدا ڪيل آهي. سونهن ڪائنات جي خوبصورتي آهي ۽ سچ هن ڪائنات جي هجڻ جو دليل آهي ۽ انسان ان سونهن ۽ سچ جو نمائندو آهي. “ (8)

سچل حقيقي معنيٰ ۾ سونهن ۽ سچ جو شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ سونهن جي هڪ الڳ ڪائنات آهي، جنھن جي خوبصورتيءَ ۾ ڪيئي رنگ آهن. سچل، سچ جو شاعر آهي،  سچ جيڪو ڪائنات جي هجڻ جو دليل آهي ´. سچ جي اظھار ۾ روشني آهي، جيڪا ڪيئي راز پڌرا ڪري ٿي. سچل نون رازن، رمزن ۽ رنديءَ جو شاعر آهي، جنھن جي تخليق ۾ سونهن ۽ حسن جي ملوڪيت آهي.

”سونهن ۽ حسن تي ته سچل دفترن جا دفتر ڀري ڇڏيا آهن، سنڌي توڙي سرائيڪي ڪلام ۾ محبوب جي حسن، منھن، لب، رخسار، زلف ۽ زيبائش جو ايترو ته تفصيلي ۽ خوبصورت اظھر ملي ٿو، جو ڪنھن ٻئي همعصر  صوفي شاعر جي ڪلام ۾ گهٽ آهي. “ (9)

ڪلاسيڪل دور جي هراهم ڪلاسيڪل شاعر جيان سچل وٽ به فني، فڪري ۽ جمالياتي سگهه آھي. ھوپنھنجي شعري اظھار ۾ عشق جي سچائيءَ جو لازوال سوجهرو سمائي ٿو.

سچل سرمست جي شاعري پنھنجي ڪلاسيڪل ورثي ۾ ان ڪري به منفرد ۽ ممتاز آھي، جو ان ۾ نه صرف وجداني جمال آھي، پر اھا پنھنجي فڪري جوهر ۾ بيمثال جمالياتي عنصر به رکي ٿي، ان ڪري ئي ھو ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ ھڪ اھم فڪري شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو.

”سچل سرمستيءَ جي ڪيف ۽ سرور ۾ ’مجازي ۽ حقيقي عشق‘ جي سونهن جا جلوا پسائي ٿو. ھو هر صورت ۾ پرينءَ جي سونهن ۽ هر سونهن ۾ محبوب جي جمال جو متلاشي آھي“ 10

سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ ٻولي، فڪر ۽ شعريت جو جمال ملي ٿو، جنھن ڪري ئي هو هر دور ۾ پنھنجي نئين سگهه ۽ سونهن سان ھڪ جمالياتي شاعر جي حيثيت سان جاء والاري ٿو.

 سچل سرمست جي شاعري جمالياتي رنگن سان ڀرپور هڪ اعليٰ تخليقي دستاويز آهي، جيڪا هر دور ۾ سونهن، سوڀيا، نزاڪت ۽ نفاست جي نئين ڪيفيتي اظھار طور موجود رهندي.

 

حوالا:

(1)  بيدي، منوهر، ( مقالو: سچل ۽ تصوف ) ”سنڌ جو سرمست“، مرتب: رکيل مورائي، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، 2009 ع، ص: 182 ۽ 183.

(2) بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر. ”جامع سنڌي لغات“ جلد ٻيو، ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ 1981 ع ص: 915.

(3)      رفيق، سعيد احمد، پروفيسر. ”حقيقت حسن“، ڪوئٽا، ڪلات پبلشرز، ص: 23

(4) ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر. (انٽرويو) پندرهن وار ”ساڃاهه“، اپريل 1992 ع، ص: 43.

(5) جويو، خاڪي. ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ تخليق ۽ حسنڪاري ( مقالو ) ”سر رپ _ هڪ مطالعو“، ڀٽ شاهه، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 2002 ع، ص: 239.

(6) مھر خادم، ڊاڪٽر. ”سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ انسان شناسيءَ واريون ڪيفيتون. “ ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ. 2016 ع ص: 122.

(7) جمالي، حافظ عبدالرحيم، جمالياتي تصور (مقالو)، ”سر رپ _ هڪ مطالعو“ ڀٽ شاهه، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 2002 ع، ص: 275 ۽ 276.

(8) بخاري، مخمور، ڊاڪٽر. ”ٿو سچو ڏئي سنڀار“، ڪراچي، پيڪاڪ پبلشرس 2001ع ص: 33 

(9)      ڀٽي, رشيد (سچل سارو سچ-مقالو)سچل سرمست سچ جي صدا, مرتب:سميه قاضي، ڪراچي، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ۔2012. ص:198

(10)    فياض لطيف، ڊاڪٽر. "شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات" ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌلاجي، 2018ع، ص:112

 

نوٽ: هن مقالي ۾ سچل سرمست جا سنڌي شعر (بيت )، عثمان علي انصاريءَ جي ترتيب ڏنل رسالي:  ”رسالو: سچل سرمست “، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ 1994 ع، سرائڪي شعر (بيت )، حڪيم مولانا محمد صادق راڻيپوريءَ جي ترتيب ڏنل رسالي ”سچل سرمست جو سرائڪي ڪلام“ ڇاپو ٻيو، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1982 ع ۽ غزل / غزل جا شعر، ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي ڪتاب ”سنڌي غزل جي اوسر“
ڀاڱو ٻيو، انسٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 1984 ع تان ورتا ويا آهن.

 

384 ڀيرا پڙهيو ويو