سچل سرمست جي سرجيل ”سُر نوريءَ“ جو وياڪرڻي ۽ لُغوي جائزو
(Grammatical and Lexicographical Analysis of Sachal Sarmast's )

ڊاڪٽر رياضت ٻُرڙو

Abstract:

Shah Abdul Latif Bhittai (1689–1752) is a prominent poet in classical Sindhi poetry, with his verses compiled in "Shah Jo Risalo" (Poetry Book of Shah). Following Bhittai, Sachal Sarmast (1739–1827) emerged as a noted Sufi poet of his era. The poetry of Sachal Sarmast has come to the fore in the book "Sachal Jo Risalo" (Poetry Book of Sachal). Divided into Surs (thematic chapters) based on Sindhi classical folk romance stories, Sachal Sarmast has expressed his thoughts, feelings, and emotions and has addressed a variety of topics. In 'Sur Noori,' Sachal Sarmast draws inspiration from the tale of King Jam Tamachi and the fisherfolk girl Noori. This paper demonstrates that Sachal Sarmast employed the Sindhi language in an elegant and influential manner in his poetry by showcasing lexicographical nuances and grammatical prowess. It may be said that the vocabulary he has employed tends to introduce and preserve the Sindhi language through its varied and prevalent usage of the era. This research paper meticulously analyzes lexicographical and grammatical characteristics and properties of the Sindhi language found in 'Sur Noori.' The analysis takes into account elements such as compound words, reduplicated words, pronominal suffixes, adjectives, postpositions, and plurals following the Utradi (Northern) Sindhi dialect and idioms.

Keywords: Lexicography, Vocabulary, Grammar, Sachal Sarmast, Sur Noori.

دنيا اندر شاهوڪار ۽ رَچيل ٻولين ۾ انگريزي، چيني، عربي، اسپيني، هندي، فرانسي ۽ ٻيون انيڪ ٻوليون شامل آهن، جن جا ڳالهائيندڙ، پڙهندڙ ۽ لکندڙ ڪروڙن ۾ آهن، جيڪي مختلف ملڪن ۾ پکڙيل آهن. انهن ٻولين کي اهو رتبو ملڻ جو هڪ اهم ڪارڻ هيءُ به آهي ته  انهن ٻولين جي علم ۽ ادب ۾، اتان جي عالمن ۽ اديبن پنھنجي فڪر ۽ فن جي آبياري پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڪئي، جنھن سان انهن ٻولين جي لغوي ذخيري ۾ ججهو واڌارو ٿيو، ان سان انهن ٻولين جي واهپيدارن کي ثقافتي ۽ سماجي اظھار ۾ اڳتي وڌڻ سان گڏ تھذيب ۽ تمدن جي خوبصورتيءَ ۾ واڌارو ٿيو. ساڳيءَ ريت اسان جي سنڌي ٻولي به ڀاڳوَند آهي، جيڪا پڻ سنڌي ماڻهن جي تھذيبي ۽ تمدني سفر ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهي آهي، ۽ دنيا جي انهن مکيه  50 ٻولين ۾ ڳڻي وڃي ٿي، جن جا ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ آهن.

سنڌي ٻوليءَ جا نه صرف ڳالهائيندڙ سڄيءَ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ آهن، پر اهي انٽرنيٽ، خاص ڪري سماجي رابطي جي ايپليڪشنن ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل پڻ آهن، ۽ ان ڳانڍاپي جو روحُ سنڌي ٻولي آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي سَگهه، ان جو پُختو وياڪرڻي سٽاءُ ۽ لُغوي ذخيرو آهي، جيڪو پنھنجو سماجي ڪردار ۽ ڪارج هر دَور ۾ ادا ڪندو آيو آهي، ۽ ان وياڪرڻي ۽ لغوي سگهه کي وڌائڻ ۾ شاعرن، سگهڙن، ساڃاهوندن، اديبن ۽ عالمن پنھنجِي پنھنجِي ڏات، ڏانوَ ۽ ڏاهپ کي ڀرپور طرح ڪَتب آندو آهي. ان سلسلي جي هڪ سگهاري هَستي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ حضرت سچل سرمست آهي، جنھن نه صرف شاهه سائينءَ جي شعوري سلسلي کي بخوبي اڳتي وڌايو، پر ان ۾ پنھنجي فڪري اڏام وسيلي مستيءَ جا رنگ به ڀريا، گڏوگڏ جيئن شاهه سائينءَ سنڌي ٻوليءَ کي نيُن ۽ اُتم اُوچائين سان روشناس ڪرايو، ايئن سچل سائينءَ به سنڌي ٻوليءَ جي حسناڪين کي پنھنجن شعرن سان آشڪار ڪيو ۽ پنھنجين فڪري اڏامُن جا عڪس، سنڌي ٻوليءَ جي لفظن وسيلي چِٽيا:

’تون‘ هِي سان ’تون‘ لَڀِين، ’مان‘ لڀان ’تو‘ سان،

’تون‘، ’هِي‘، ’آءٌ‘ سڀَھِين، ’لا‘ ۾ موجودات ٿِي.

(سچل، وحدت: داستان-1، بيت-9)

يا:

ڏيھُه سندو ٿيو ڏُور، رهبرُ ٿِيءُ رُڃُنِ ۾،

مون ويچاريءَ مُور، هِي ٿَر ٿيليو نه ٿئي.

(سچل، سسئي: داستان-2، بيت-7)

سچل سرمست جي رسالي ۾ سنڌي ٻوليءَ، ان جي وياڪرڻ ۽ لغت جي سُھڻي استعمال جون سَنَدُون ڪثرت سان پکڙيل آهن، جن جو مطالعو هڪ وڏي علمي کوجنا جي تقاضا ڪندڙ آهي. ”ٻوليءَ جي گھرائيءَ، وسعت ۽ وياڪرڻي اصولن ۽ قاعدن جي پختگيءَ ۽ پائداريءَ جو صحيح ڪاٿو تڏهن ٿئي ٿو، ۽ ٿي سگهي ٿو، جڏهن هر هڪ لفظ ۾ لڪل ڄاڻ جي ذخيري جي سڌيءَ طرح سُڌ پوري ٿي. هر هڪ لفظ ۾ ڄاڻ، سمجهه ۽ ڏاهپ جي هڪ کاڻ ڍَڪي پئي آهي. اهو لفظَ لفظ ۾ ڳجهو رکيل علمي خزانو ڦولي هٿ ڪرڻو آهي. صوتيه، صرفيه، فعلي ڦيرا ۽ لفظ سان اڳ، وچ يا پوءِ وارا ڳنڍ (اڳياڙيون، وچاڙيون ۽ پڇاڙيون) اهي ڪنجيون آهن، جيڪي ٻوليءَ جي اصل ۽ وياڪرڻي بڻ جا ڀنڊار کولي پڌرا ڪن ٿيون.“ (1)

هن مقالي ۾، اهڙا ڪي ٿورا لساني ۽ لغوي نُڪتا پيش ڪجن ٿا، جيڪي سندس سرجيل سر ’نُوريءَ‘ مان ورتا ويا آهن. انهن ’نُڪتن‘ کان اڳ، سُر نُوريءَ بابت مختصراً ذڪر ڪرڻ ضروري آهي، ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي حسناڪين جي چَمڪن ۽ جهلڪين کي اندر ۾ اوتي سگهجي.

سُر ’نُورِي‘ ڄام تماچيءَ بادشاهه ۽ نُوري مھاڻيءَ جي قصي جي ڪجهه اهم نُڪتن تي آڌاريل آهي، جيڪو ’سما دَورِ حڪومت‘ سان تعلق رکي ٿو. ان قصي کي سچل سائينءَ جي پيش رُو، شاهه سائينءَ، سر ’ڪاموڏ‘ ۾ بيان ڪيو آهي. ان سُر ۾ شاهه سائينءَ وڏيون خوبيون سمايون آهن، جھڙوڪ: ”سُر ۾ نُوريءَ جي سُونھن ۽ سمجهه، نياز ۽ نماڻائي وڌيڪ اثر رکندڙ آهي، پر ڄام تماچيءَ جي ڪردار ۽ طبقاتي فرق کي مِٽائڻ واري فيصلي جي سگهه به سُر ۾ سمايل مقصد کي مٿانھين پَد تي پھچائي ٿي.“ [2] رشيد ڀَٽي لکي ٿو: ”[شاهه سائينءَ جي] سُر ڪاموڏ جي هڪ ٻِي خوبي آهي، موضوع جي چونڊ. اهو موضوع آهي پيار ۽ محبت، ۽ محبوب جو وصال ۽ ان تي مسرت جو مظاهرو. روزمرهه جي زندگيءَ ۾ ته پيار هڪ عام رواجي لفظ آهي، ۽ بنا ڪنھن ڌيان ڇڪائي ڪَنن تان گذريو وڃي، پر ادب ۽ فن جي دنيا ۾ ۽ حوالي سان هڪ دائمي ۽ اهم قدر (value) ۽ موضوع آهي، جو هر دَور جي هر شاعر ۽ فنڪار جي تخليق جو حصو رهيو آهي.“ (3)

ڀٽائيءَ جي ’ڪاموڏ‘ مان هڪ بيت:

هيٺِ جَرُ، مٿي مَڃَرُ، پاسي پرين سندام،

ڪوڙيين ڪاڄَ سِڌامِ، اَڻ سِڌو ڪو نه رهيو.

(شاهه، ڪاموڏ: د-2، ب-3) [4]

رشيد ڀَٽيءَ جنھن پيار ۽ محبت کي هڪ دائمي ۽ اهم قدر ۽ موضوع طور ڪاموڏ جي حوالي سان بيان ڪيو آهي، اهو جڏهن سچل سائينءَ جي سُر ’نوريءَ‘ ۾ اچي ٿو، ته ”عشق“ جي نئين پَد جو اظھار ڪري ٿو:

فارغ ٿِيَن ته فِراقَ کؤن، ويجها ڪين وصالَ،

گم ٿيڻ کؤن گم ٿِيا، نَڪا سُرت سنڀال،

اتي قِيل نه قالَ، ”سچو“ صُمءٌ بُکۡمءٌ ٿيا.

(سچل: د-4، ب-16)

(صُمءٌ بُکۡمءٌ = ٻوڙا گونگا)

ان ڪري، جو ”سچل سائينءَ جو سمورو ڪلام عشق جو سرچشمو آهي، ڇا لاءِ ته صاف دل صوفين جو مذهب ئي عشق هوندو آهي. سندن نظريي مطابق عشق کان سواءِ انسان اڌورو رهجي وڃي ٿو ۽ منجهانئس ماڻهپي جا اوصاف نڪري وڃن ٿا. عشق جي منزل ته عاشق ئي ڄاڻن ٿا... سچل سائين عشق کي انسان جي معراج جو وسيلو مڃي ٿو ۽ ان ذريعي محبوب جي  مشاهدي ماڻڻ کي هڪ لازوال حقيقت ۽ ابدي امر سمجهي ٿو.“ (5)

سچل سائينءَ جي سُر نُوريءَ ۾ ڄام تماچيءَ جي سخاوت جو ذڪر به آهي جيڪو هن ڪينجهر جي مھاڻن ۽ مھاڻين تي ڪيو، جنھن سان سندن اهنجَ ختم ۽ سَھنج شروع ٿيا ۽ منجهن خوشي ۽ خوشحالي آئي، ته نوريءَ جي نوِڙت جو دل ڇُھندڙ ۽ پُرڪشش انداز به سانڍيل آهي، جنھن سان سِڪ ۽ پنھنجائپ جون راهون ميٺ ۽ محبت جي منزلن جا ڏَس ڏيڻ لڳيون. ”سچل سائين هن داستان جي اوٽ انسان کي [ڄام جي روپ ۾] پنھنجي ’هست‘ کي ’نيست‘ ۾ تبديل ڪري هن دنيا ۾ عجز ۽ انڪساري، نئڙت ۽ نياز سان هلڻ جي تلقين ڪئي آهي. هُن نوريءَ کي اهڙي عاجز انسان جي علامت طور پيش ڪيو آهي، جنھن کي پنھنجي اصل حيثيت ۽ اڻ ڳڻ اوڻاين جو شدت سان احساس هجي.“ (6) پر ان باوجود هُوءَ پنھنجي اصليت جي شاندار گڻن کي سدائين ساڻُ رکندڙ هجي.

سچل سرمست،  سُر ’نوريءَ‘ ۾ سموري ماحول،  عام ۽ خاص ڪردارن، انهن جي سادين صورتن ۽ سندن فطرتي ماحول کي بخوبي شعري سٽاءَ ۾ آندو آهي، جنھن ۾ سُر جي موضوع سان لاڳاپيل اصطلاحن ۽ لغت جو استعمال ڪيو آهي. ”نوريءَ جي ذڪر ۾ مھاڻن جي رهڻي ڪھڻي، انهن جو قوتُ گذران، ڍنڍن جي پيدائش، ڍنڍن جا منظر، ٻيڙين جا نظارا ۽ اهڙي قسم جون ٻيون ڳالهيون نھايت سھڻي رنگ ۾ بيان ٿيل ملنديون. ان کان سواءِ مھاڻن جي رهڻي ڪھڻي ۽ ڍنڍن سان تعلق رکندڙ خاص لفظ ۽ اصطلاح به موزون ۽ مناسب نموني ڪتب آيل آهن.“ (7)

هِن داستان جو تعلق سنڌي ٻوليءَ جي لاڙي لھجي سان آهي، جنھن جي هڪَ اُپ-لھجي يا ننڍَ-لھجي (sub-dilect) ”ٺٽائي-اُپ-لھجي“ سان هن سُر جا ڪردار ۽ واقعا تعلق رکن ٿا، ان ڪري سر جي شعرن ۾ لاڙي لھجي جي لغت جو شامل ٿيڻ اڻٽر بڻجي پوي ٿو. جڏهن ته ”حضرت سچل سرمست سِريءَ جو سرموڙ آهي. سندس ڪلام سنڌي زبان جي سِريلي محاوري لاءِ سنَد جي حيثيت رکي ٿو.“ (8) ان صورتحال ۾ سچل جھڙو سرموڙ شاعر پنھنجي مخصوص تَر واري سِريلي يا اترادي لھجي تائين پاڻ کي پابند نه ٿو رکي، پر سنڌي ٻوليءَ جي ٻين لھجي کي به پنھنجو لھجو سمجهي ٿو ۽ ان ۾ اظھار جِي ڪمال سگهه رکي ٿو. نه صرف اهو، پر هن جي بيتن ۽ ڪافين ۾ مختلف لھجن جو ميلُ به نظر اچي ٿو. جيئن، شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ غالب لھجا لاڙي ۽ ٿري آهن، پر وٽس هر لھجي ۾ ڪماليت ملي ٿي جيڪا سڄي رسالي ۾ پکڙيل آهي.

هِن مقالي جي حد تائين، سچل سائينءَ جي منتخب رسالي طور، جناب عثمان علي انصاريءَ جو مرتب ڪيل ”رسالو سچل سرمست“ (سنڌي ڪلام) ڪتب آندو ويو آهي، جنھن جو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران پھريون ڇاپو 1994ع ۾ ڇپيو. ساڳئي اداري پاران ان رسالي جو ٻيو عڪسي ڇاپو، سن 1997ع ۾ ۽ ٽيون عڪسي ڇاپو سن 2007ع ۾ ڇپيو.  ان رسالي جو سنواريندڙ جناب گل محمد تنيو آهي. ان رسالي جو سر ’نُوريءَ‘ چئن داستانن جي بيتن تي مشتمل آهي، جڏهن ته منجهس ڪائي به ڪافي شامل ناهي. سُر منجهه بيتن جو تعداد هن ريت آهي:- داستان پھريون: 18 بيت، داستان ٻيو: 20 بيت، داستان ٽيون: 19 بيت، ۽ داستان چوٿون: 16 بيت. جُملي: 73 بيت، جيڪي مذڪوره رسالي ۾ صفحي نمبر 253 کان صفحي 269 تائين ڇپيل آهن.

هن مقالي ۾، مختلف لغتن جي مخففن کي هيٺينءَ طرح ڪتب آندو ويو آهي:

  1. ”سنڌي لغتون“ (SLA Lughaat) جي موبائيل ايپ کي ”ج.س.ل“ طور.
  2. ”سچل لغات“ (مؤلف: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو) کي ”س.ل“ طور.
  3. ”لغاتِ سچل سرمست“ (مؤلف: ڊاڪٽر بدر ڌامراهو) کي ”ل.س.س“ طور.
  4. ”سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت“ (مؤلف: ڊاڪٽر غلام قادر سومرو) کي ”س. ٻ. ل. ج. ل“طور. (سچل سائينءَ جي لکيل ڪجهه ٻٽن لفظن جون داخلائون ان لغت ۾ شامل ناهن.)

سچل سائينءَ هن سُر ۾ پڻ منتخب لغت کي ڌيان هيٺ رکيو آهي، جيڪا سندس فِڪرِي ۽ فني اظھار سان هم آهنگ آهي. سر ’نوريءَ‘ ۾ اهڙيون انيڪ خوبيون سمايل آهن. هِن اڀياس جي دائري منجهه لاڙي لھجي جِي لغت جي گنجائش نڪري نه سگهي، ان ڪري ان کي الڳ مقالي طور لکيو ويندو.هيٺ سر ’نوريءَ‘ جي وياڪرڻي ۽ لغوي خوبين جي اپٽار ڪجي ٿي.

معنوي طور هڪٻئي کي سگهه ڏيندڙ ٻن لفظن جو گڏ استعمال:

سر ’نوريءَ‘ ۾  ڪجهه لفظ اهڙا ڪتب آيل آهن جيڪي مترادف لفظ آهن. اهڙا لفظ معنوي زور پيدا ڪرڻ واسطي هن ريت ڪتب آيا آهن:

بيھودا بُڇڙا (د-2، ب-6)، (د-2، ب-11)

بيھودِي بُڇڙِي (د-1، ب-3)

بيھوديُون بُڇڙيُون (د-2، ب-4)

شفقت مِھر (د-1، ب-1)

لعلَن ياقوتن (د-2، ب-16)

لعلين هِيرين (د-4، ب-7)

مُشڪَ عطَر (د-3، ب-19)

ٻٽن لفظن جو استعمال:

هي اهي ٻه لفظ هوندا آهن جيڪي لڳو لڳ ڪتب ايندا آهن. ”ٻٽا معنى ٻِٽ (گڏ) ٿي ڪم ايندڙ. ٻٽا لفظ هڪٻئي سان ’ٻِٽ‘ (two together) ۽ لاڳاپيل هوندا آهن. لفظن جا اهڙا جوڙا هڪٻئي جا ’جوڙيوال‘ هوندا آهن ۽ گڏجي ڪم ايندا آهن. اهڙا لفظ پاڻ ۾ ڀيچي/سلھاڙيل/لاڳاپيل/ٻيل (ٻيلهه) ٻڌل، ٻيلهي (جنھن تان ’ٻيل/ٻيلهه ٻڌڻ‘ ۽ ’ٻيل/ٻيلهه هجڻ‘ جا اصطلاح مشھور آهن) هوندا آهن.“ (9) حقيقت ۾، ٻٽن لفظن جي واهپي سان بيان جو انداز خوبصورت، وڻندڙ ۽ پُرڪشش بڻجندو آهي. اهي سماج ۾ عام طور مروج هوندا آهن جنھنڪري شعرن ۾ انهن جو استعمال کين عام قبوليت ڏيندو آهي. ”اهڙن لفظن جو استعمال نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جي آسودگيءَ جو دليل آهي، بلڪه اهڙن لفظن جي استعمال مان سنڌي سماج جي مزاج، ماحول ۽ قدرن جي پڻ عڪاسي ٿئي ٿي.“ (10)

سر ’نوريءَ‘ ۾  ٻٽن لفظن جو استعمال ڪثرت سان نظر اچي ٿو، جنھن سان مفھوم ۽ مطلب کي سھنجائي ملي ٿي، جڏهن ته ٻٽن لفظن سان بيتن جي پڙهڻيءَ ۾ ترنم پيدا ٿئي ٿو. هيٺ اهي لفظ پيش ڪجن ٿا:

اَڌو ٻَنڌ (د-1، ب-4) = هڪ قسم جي چادر ٻڌڻ جو طريقو. مھاڻا چادر جو هڪ ڇيڙو پويان چيلهه سان ٻڌندا آهن ۽ ٻيو ڇيڙو ڪلهي جي هڪ پاسي کان ورائي، اڳيان آڻي، چيلهه سان ٻڌل ڇيڙي سان اهڙيءَ طرح ٻڌندا آهن جو پٺي پويان گودو يا ڳٺڙي ٺھي پوندي آهي...(ل.س.س). منھنجي خيال ۾ هيءُ ٻِٽو لفظ ”اڌو اڌ ٻڌڻ“ سان لاڳاپيل آهي، جنھن ۾ چادر جا ٻه ڇيڙا چيلهه کان ورائي، پيٽ وٽان، ٻڌجن ٿا ۽ رهيل ٻه ڇيڙا ڪلهي وٽان ورائي پھريَن ٻن ڇيڙن جي ڳنڍ سان، پيٽ وٽ ٻڌجن ٿا، جنھن سان چادر ٻن حصن ۾ ٻڌجي پوي ٿي.

ٻِيڻا ٽِيڻا = ٻيڻ تي، ٽيڻ تي (د-1، ب-17)

ڀاتون ڀاتِ = طرحين طرحين، قسمين قسمين، اڻ ڳڻيا نمونا [ل.س.س] (د-4، ب-4)

تَڏي مڏي = مال ملڪيت (ل.س.س) (د-3، ب-9)

تيل ڦليل = هار سينگار، ڦڻي ڦوڪارو، سرهاڻ، ميڪ اپ [س.ٻ.ل.ج.ل] (د-1، ب-11 ۽ 12)

جَهٽِ پَٽِ = اتي جو اتي، انهيءَ وقت، ٿڏي تي [س.ٻ.ل.ج.ل] (د-2، ب-5)

ڇِم ڇِم = ڇيرِ جو آواز (د-2، ب-4)

خامَ خسيس = ڪَچا ڪينَ جھڙا (د-2، ب-17)

حَرفَ حسابَ = ميار جو حرف، حساب ڪتاب ۾ آيل ميار [س.ٻ.ل.ج.ل] (د-3، ب-13)

ڏُٿَ ڏُپَ = جهنگ جون شيون: اَنُ، ميوو، گلَ وغيره جيڪي کائڻ جي ڪم اچن. (د-1، ب-6)

راتو ڏينھان = رات ڏينھن، هر وقت (د-2، ب-14)، (د-4، ب-10)

رَسَ رَلا = ميٺ محبت ۾ گڏجي هلڻ (د-2، ب-12)

سَٽ ڪُٽ = ڌَڪ چنبا، مار موچڙو، وَڍَ ڪُٽ [س.ٻ.ل.ج.ل] (د-4، ب-7)

فرش فروش = وڇاڻا، بسترا، غاليچا ۽ فراسيون [ل.س.س] (د-3، ب-9)

گِهڻ گِهڻ = گهنگهرن جي گهڻ گهڻ [س.ٻ.ل.ج.ل] موسيقي جي اوزار جو آواز (د-2، ب-4)

ماڻڪَ موتي = هيرا لعل، هيرا جواهر [س.ٻ.ل.ج.ل] (د-1، ب-5)

مِڙي جُهڙي = (د-1، ب-12)

هنڌو هنڌ = جتي ڪٿي، هر هنڌ. (د-1، ب-13)

هيٺ مٿي = هيٺ به، ته مٿي به. (د-1، ب-4)، (د-4، ب-8)

صفتن جو استعمال:

صفت اسمن ۽ ضميرن جي ڳُڻ ۽ اَوَڳُڻ کي پڌرو ڪندي آهي. سر ’نوريءَ’ ۾  گهڻيون صفتون سمي ڄام تماچيءَ جون ٻڌايل آهن جن کي، ٻين صفتن سميت، هيٺ لکجي ٿو:

سُگهڙ سمو = ڄاڻو، ماهر، سٺو گَهڙيندڙ سمو ڄام تماچي. (د-1، ب-5)

سمو سرتاجُ = سِر جو تاجُ، ڇَٽُ، مڙس، سمو ڄام تماچي. (د-2، ب-15)

سمو سلطانُ = سمو بادشاهه، مالڪ، حڪمران. (د-3، ب-17)

گَنديءَ گاندر = گندِي معنا خراب، ۽ ”گَندرو مُھاڻن جي هڪ ذات“ [س.ل]، جنھن کي ”گاندرِ“ سان مونث طور ڪتب آڻي، نوريءَ پاڻ ڏانھن اشارو ڪيو آهي. (د-1، ب-1)

لاکيڻي سَمي ميرَ = لک لھندڙ، سدا ملوڪ، سالار، بادشاهه سمو ڄام تماچي. (د-1، ب-11)

مَھا منڇر = عظيم ۽ اتم منڇر ڍنڍ. (د-1، ب-7)

نادَر ڄام = ناياب ڄام، انوکو ڄام. (د-1، ب-15)

مٿيَن مثالن ۾ ”سگهڙ، سرتاج، سلطان، گَندِي، لاکيڻو، مَھا ۽ نادَر“ صفتن طور ڪتب آيا آهن.

حرف جر جو استعمال:

حرف جر اسمن ۽ ضميرن جي پٺيان اچِي، ان جو ڳانڍاپو ٻئي لفظ سان ڏيکاريندو آهي. شاعريءَ جي ڪن مثالن ۾ حرف جر اسمن ۽ ضميرن اڳيان به اچي ٿو. سر ’نوريءَ‘ ۾  ”جا، جي، جون، ۾، کان، مٿي، تي، مٿان“ حرف جر جي لفظن جو استعمال هيٺ لکجي ٿو:

ٻُوريءَ ڦرها ڦريون = ٻوريءَ جا ڦرها ڦريون. هتي ”ءَ“ حرف جر ”جا“ جو مفھوم ڏئي ٿي. (د-1، ب-8)

پاڻيءَ پوندا = پاڻي ۾ پوندا. هتي ”ءَ“ حرف جر ”۾“ جو مفھوم ڏئي ٿي. (د-1، ب-5)

ساريءَ ڪينجهر = سڄي ڪينجهر کان. هتي ”ءَ“ حرف جر ”کان“ جو مفھوم ڏئي ٿي. (د-1، ب-1)

کِکيءَ خاطر = کِکيءَ جي ڪارڻ. هتي ”ءَ“ حرف جر ”جي“ جو مفھوم ڏئي ٿي. (د-1، ب-6)

کِکيءَ کوڙ = کِکيءَ جون ڍِڳڙيون. هتي ”ءَ“ حرف جر ”جون“ جو مفھوم ڏئي ٿي. (د-3، ب-3)

مَٿي تَنھن مَدار = تَنھن جو مدار مٿي. هتي ”مٿي“ حرف جر شروع ۾ آيو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ اسم يا ضمير کان پوءِ ايندو آهي. (د-1، ب-1)

مُھاڻيءَ مَرڪُ = مھاڻيءَ جي لائق. هتي ”ءَ“ حرف جر ”جي“ جو مفھوم ڏئي ٿي. (د-3، ب-15)

لاڙي حرف جر:

تؤن = تان (د-1، ب-12)، (د-3، ب-3)

کؤن = کان. (د-1، ب-10)، (د-2، ب-15) ۽ (د-4، ب-16). اهو لفظ ”کنؤن“(د-4، ب-15) ۽ ”کَون“(د-4، ب-16) ڪري به لکيل آهي، جيڪو نه هئڻ گهرجي ها. د-4، ب-16 ۾ ته ٻئي صورتون ”کَون  ۽ کؤن“ ڪتب آندل آهن. سچل ان لفظ کي ”کانءُ“ ڪري به ڪتب آندو آهي: (1) ”پلئه لڳي ڄامَ جي، ڇِيھَنِ کانءُ ڇُٽيون“ (د-3، ب-12)، (2) ”سَمو سڀني کانءُ، وَٺي ويٺي پاڻ سان“ (د-4، ب-12)

منجهؤن = منجهان. (د-1، ب-5)

مَون = مان. مصرع: جَن مَون بُڇڙي باسَ، آئي ٿي عام کي (د-3، ب-16)

جَري پڇاڙين جو استعمال:

”سچل سرمست اسم يا ضمير جي عدد جمع وارن روپن ۾ اپادان جي ڦيري لاءِ اسم، ضمير يا ظرفن جي پويان ’ين ۽ ئون‘ جون جري پڇاڙيون ملايون آهن. سچل سرمست جو اهڙو جري نمونو استعمال ڪرڻ سندس نئون اعزاز آهي: 1. محلين رهن مير جي مھاڻيون ميريون. محلين = محلن ۾. 2. هاڻي نه ڄاڻان ته ڪا موٽي ملندي مارئين. مارئين = مارن سان.“ (11) سُر نوريءَ ۾ جري پڇاڙين جو واهپو گھهڻو ملي ٿو، جيڪو هيٺ لکجي ٿو.

ٻاھين = ٻانھُن ۾ (د-3، ب-12)

تَنِ ٻيڙيون = تن جون ٻيڙيون (د-1، ب-10)

تَنِ ڏئي = تن کي ڏئي (د-3، ب-8)

تَنھِين = تنھن جا (د-1، ب-5)

تَنِين = (1) تن جا (د-1، ب-13) ۽ (د-3، ب-5)، (2) تن جي  (د-2، ب-6) ۽ (د-2، ب-9) هيءَ مصرع هِن طرح لکيل آهي: ”پوءِ اچِي تماچيءَ ڄام جي، پئي دَرِ تَنين جي ڌُم“. ان سِٽ جو پھريون پد اصولي طور ” پئي در تَنين ڌُم “ هئڻ گهرجي ها.

پالڪئين = پالڪن ۾ (د-1، ب-13)

پيرين = پيرن سان/وسيلي/ذريعي. (د-1، ب-13)

پَٻُڻِ پَپُيون = پٻڻ جون ڏوڏيون (د-1، ب-6) (ل.س.س)

جَنھِين = جنھن جا (د-1، ب-13)

جَنِ ڏاجُ = جن جو ڏاج (د-2، ب-10)

جَنِ هئا = جن جا هئا (د-1، ب-5)

جَنِين = (1) جن جا (د-1، ب-7). سِٽ هِن طرح لکيل آهي: ”هئا حال جنين جا هِھڙا، تَن تي ڀلي ڪيا ڀاڳ“. ان سِٽ جو پھريون پد يا ته ”هُئا حال جنين هِھڙا“ هئڻ گهرجي ها يا وري جيئن د-1، ب-4 ۾ لکيل آهي ته ”روز تني کي راوَ ڏانھن“، ان وانگي ”جنين“ کي ”جنِي“ لکجي ها، ته جيئن لکت جي هڪ ڪَرائي رهي هئا. (2) جن کي، جن وٽ (د-2، ب-8)، (3) جن جون (د-2، ب-20)

جهولِئين = جهولين ۾ (د-3، ب-8)

چَڪِ هُيون = چَڪَ ۾ هيون (د-1، ب-14)

چوليون جَنِ = جن جون چوليون (د-1، ب-14)

ڇولِئين = ڇولين ۾ (د-3، ب-8)

خَرارين = خرارن ۾ (د-1، ب-8)

درِ تَنين = (1) تن جي در تي (د-2، ب-9)، (2) جن جو (د-2، ب-10)

ڏولِئين = ڏوليءَ تي (د-3، ب-8)

سِر کنيم = سِر تي کنيَم (د-1، ب-3)

سِر کڻن = سِر تي کڻن (د-3، ب-6)

ڪانَ تَنِ = تن کي ڪانَ (د-3، ب-9)

ڪُلهين = ڪُلهن تي (د-3، ب-6)، (د-4، ب-6)

ڪَنڌئين = ڪنڌيءَ وٽ، ڪنڌيءَ تي (د-3، ب-3)، (د-3، ب-7) ۽ (د-3، ب-13)

ڪَنين = ڪَنن ۾ (د-3، ب-12)

ڪينجُهرَ ڪنڌئين = ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي (د-3، ب-13)

ڪينجهرين = ڪينجهر ۾ (د-1، ب-4)

گندئين گودڙئين = گَنديُن جِي گودڙين ۾ (د-2، ب-1)

ملاحنِ معافي ٿيا = ملاحن کي معاف ٿيا (د-3، ب-13)

ملاحنِ ميڙيون = ملاحن کي ميڙيون (د-1، ب-10)

مُلڪين = مُلڪن ۾ (د-1، ب-4)

منَھنِ منھَنِ (پيون) = سڀني منھنِ ۾ (پيون) (د-4، ب-15)

موتِئين = موتين جا (د-1، ب-16)، موتين سان (د-4، ب-1)

مون کِکيءَ = مون کي کِکيءَ (د-2، ب-3)

واتين = واتن ۾، واتن منجهه (د-2، ب-18)

لِڪل/ڳُجهو ضمير رکندڙ ظرف:

سر ’نوريءَ‘ ۾  ظرف منجهه ڳجهي ضمير جو  هڪ ئي مثال ملي ٿو، جيڪو هن ريت آهي:

منجهانئَن = انهن منجهان. (د-2، ب-3)

لِڪل/ڳُجهو ضمير رکندڙ فعلِي لفظ:

سر ’نوريءَ‘ ۾  ڳجها ضمير رکندڙ فعلي لفظ پڻ ملن ٿا. انهن کي هيٺ لکجي ٿو:

”ڀَرين“ = تون ڀرين (د-4، ب-1)

”ڍَڪيون“ = هنن ڍڪيون (د-1، ب-4)

”ڏِين“ = تون ڏين (د-1، ب-16)

رهائين = تون رهائين (د-1، ب-2)

”رهائيين“ = تون رهائين (د-3، ب-4) (واضح هجي، ته ”رهائين“ ۽ رهائيين“ جون معنائون ساڳيون آهن. شاعريءَ جي فني علمن يعني ڇند وديا ۽ علم عروض ۾، وزن موجب، لفظن جي اچارن کي سُسايو يعني گهٽايو ۽ ڇِڪيو يعني وڌايو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح موسيقيءَ ۾ پڻ ٿيندو آهي. ان لحاظ کان ”رهائيين“ کي اچار ۾ وڌايو ويو آهي. ان کان سواءِ لاڙي لھجي موجب، ان لفظ ۾ 'ي' زائد ڏني وئي آهي.)

”وَتنِ“ = هُو وتن (د-1، ب-4)

”هُئي (ويٺي)“ هوءَ هئي (ويٺي) (د-4، ب-13)

”هُيَنِ“ = هنن کي هئي (د-1، ب-4)

ضميري پڇاڙين وارا لفظ (اسم، ضمير ۽ فعل):

ضميري پڇاڙين جو سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻو واهپو ٿئي ٿو، جنھن سان ٻن، ٽن يا چئن الڳ الڳ لفظن بدران هڪ ئي لفظ ڪتب ايندو آهي. سر ’نوريءَ‘ ۾  ڳجها ضمير رکندڙ فعلي لفظ پڻ ملن ٿا. انهن کي هيٺ لکجي ٿو:

ڀاڻس = هُن جو ڀاءُ، سندس ڀاءُ (د-4، ب-13)

ٿيَس = مان ٿيس (د-1، ب-3) (نوٽ: ”ڀاڻس“ ۽ ”ٿيس“ ۾ جيتوڻيڪ ساڳِي ضميري پڇاڙي ڪتب آيل آهي، پر اها ”ڀاڻس“ لفظ ۾ ضمير غائب جو ۽ ”ٿيس“ لفظ ۾ ضمير متڪلم جو ڪارج ادا ڪري ٿي. اهڙو ئي ڪارج هيٺ ڄاڻايل لفظن ”لڳس، لڳيس، ماڻس، هاڻس ۽ هيس“ ۾ به ادا ڪيل آهي)

پاتوءِ = تو پاتو (د-3، ب-4)

سڃاتوءِ = تو سڃاتو (د-3، ب-4)

کائن = اهي کائن (د-1، ب-6)هن بيت ۾ ”کائن“ اڳيان لفظ ”جي“ يعني ”جيڪي“ آيل آهي، جيڪو عام استعمال آهي يعني ”جيڪي کائن“.

کنيَم = مون کنيو (د-1، ب-3)

ڪريان = مان ڪريان (د-1، ب-18)

لڳس = هن کي لڳو/لڳا (د-4، ب-8)

لڳيس = مان لڳَس/لڳيَس (د-1، ب-2)

ماڻس = هُن جي ماءُ، سندس ماءُ (د-4، ب-13)

وٺان = مان وٺان (د-1، ب-17)

هاڻس = هن جا لڳل، هن جا ڀريل (د-4، ب-13)

هيَس = مان هيس (د-1، ب-3)

سنڌي ٻوليءَ ۾ موجوده وقت ۾ گهٽ يا بنھه نه استعمال ٿيندڙ لفظ:

هتي، سر ’نوريءَ‘ مان ڪا اهڙا لفظ لکجن ٿا: ”ڄاڻيو“، ”هاڻِي“ = ، ”سَر“ = تلاءُ، ڍنڍ (د-1، ب-3)، ”رنگيليون“ (د-1، ب-7)، ”جوهار“ (جواهر بدران ڪتب آندل) (د-1، ب-16)، ”گوشائتُ“ = هڪ پاسي، پاسيرا، ڪُنڊائتا، ڳجها، لڪل [ل.س.س]  (د-2، ب-9)

مرڪب لفظن جو  استعمال:

سر ’نوريءَ‘ ۾  صرف هڪ ئي اهڙو مثال ملي ٿو، جيڪو هن ريت آهي:

مون-لَڄ = منھنجي لڄ. مون لڄ رهائين، جو پَلئهء لڳيس تانھنجي. (د-1، ب-2)

گهٽايل (مخفف) ۽ وڌايل آوازن وارا لفظ:

ٻولين جي اها عام خوبي آهي ته وڏن يا ڊگهن لفظن کي سُسايو يا گهٽايو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ان حوالي سان ”لغات سنڌي مخففات“ جھڙي مثالي لغت موجود آهي، جيڪا جناب مخدوم محمد زمان طالب المولى جي مرتب ڪيل آهي ۽ سن 1991ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿي. افسوس ته ان لغت جي ضد لفظن وارِي وڌايل آوازن واري لغت اڃا مرتب نه ٿي آهي، جنھن جا مثال اسان جي ڪلاسيڪي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ ۾ بڪثرت موجود آهن. سچل سائينءَ جي رسالي ۾ پڻ اهڙا لاتعداد مثال موجود آهن. هتي، موضوع جي نسبت سان، سر ’نوريءَ‘ ۾  موجود گهٽايل ۽ وڌايل آوازن وارا لفظ ڄاڻائجن ٿا:

آندَئون = ”آندائون“ جو گهٽايل (د-3، ب-18)

بازر = ”بازار“ جو گهٽايل (د-4، ب-13)

تِتِ = ”تِتي“ جو گهٽايل (د-3، ب-3)

تَنِي = ”تنين“ جو گهٽايل (د-1، ب-4)

جيھُون = ”جيھيون“ جو گهٽايل (د-1، ب-4)

ڏَنھن = ”ڏانھن“ جو گهٽايل (د-1، ب-4)، (د-2، ب-15) ۽ (د-3، ب-17)

راض = ”راضي“ جو گهٽايل (د-1، ب-3) (1) (ع. راضي) راضپو، مھرباني (س.ل)؛ (2) ذ. [ع. رضا] خوشي مرضي - رضامندو. مھرباني - ٻانجهه (ج.س.ل ايپ)؛ (3) راضپو، مرضي، خوشي (ل.س.س(

ڪوجِهن = ”ڪوجهين“ جو گهٽايل (د-2، ب-5)

لاشُون = ”لاشيون“ جو گهٽايل (د-2، ب-16)

موتِن = ”موتين“ جو گهٽايل (د-1، ب-18)، (د-4، ب-2)

مِير = ”اَمِير“ جو گهٽايل (د-1، ب-11)

وِهاري = ”ويھاري“ جو گهٽايل (د-1، ب-9)

اَئون = ”۽“ جو وڌايل (د-1، ب-5 ۽ 8)، (د-2، ب-1، 7 ۽ 17)، (د-3، ب-9)، (د-3، ب-16)، (د-4، ب-7) ۽ (د-4، ب-9). البت ”۽“ جو استعمال ۾ ڪيل آهي: ”ماڻڪَ ۽ موتئين، ڇولِي ڇولِ ڇَلِي“ ( د-4، ب-15)

ڀِي = ”به“ جو وڌايل (د-3، ب-11) ۽ (د-4، ب-14) ”به“ جو وسرڳي آواز ”ڀِه“ ٿيندو، جنھن کي وڌائي ”ڀِي“ ڪيل آهي.

تا = ”ته“ جو وڌايل (د-4، ب-3)

تان = ”ته“ جو وڌايل (د-4، ب-8)

تانھنجي = ”تنھنجي“ جو وڌايل (د-1، ب-2)

پانھنجي = ”پنھنجي“ جو وڌايل (د-1، ب-6)

جيون = ”جون“ جو وڌايل (د-1، ب-13)، (د-2، ب-2) ۽ (د-3، ب-11)

ڏئي = ”ڏي“ جو وڌايل (د-3، ب-9)

رَهائيين = ”رهائين“ جو وڌايل (د-3، ب-4)

سوهِڻي = ”سُھِڻي“ جو وڌايل (د-2، ب-3)

کانءُ = ”کان“ جو وڌايل (د-3، ب-12)

ڪنھين = ”ڪنھن“ جو وڌايل (د-3، ب-9)

مجليس = ”مجلس“ جو وڌايل (د-2، ب-17)

بنھه گهٽ ڪتب ايندڙ جمع لفظن جو استعمال:

بدبُويُون = ’بدبوءِ‘ جو جمع. (د-2، ب-2)

تصغيريت:

پِيَڙو = پيو. (د-1، ب-16)

سِريلي/اترادي لھجي موجب جمع جو استعمال:

سالان = معياري لھجي ۾ ”سالَ“ جو جمع ”سالُون“ ٿيندو. هيءُ لفظ ”شالَ جمع شالُون“ طور مروج آهي. مصرع: ”هيٺ مٿي تن ٿي، ڍڪيون سالان سموري.“ (د-1، ب-4). جڏهن ته ”سالون“ جمع جو استعمال پڻ هن طرح ڪيل آهي: ”سي اڄ سالون ڍڪن سِر تي، ڪُلهين ڪِيناريون.“ (د-3، ب-6)

قناتان = معياري لھجي ۾ ”قناتَ“ جو جمع ”قناتُون“ ٿيندو. مصرع: ”پانوَ پاسي ميي جي، قناتان کوڙيون.“ (د-2، ب-20)، (د-4، ب-9)

لعلان = معياري لھجي ۾ ”لعلَ“ جو جمع ”لعلُون“ ٿيندو. (1) مصرع: ”لعلان زمرد تَن ڏئي، ٿو جواهر جهولئين.“ (د-3، ب-8)، (2) ”اُنهن لانگوٽِنِ لُٽيون، ٿي مُھران لعلان لاڏ سين.“ (د-3، ب-12)

مُھران = معياري لھجي ۾ ”مُھرَ“ جو جمع ”مُھرُون“ ٿيندو. مصرع: ”اُنهن لانگوٽِنِ لُٽيون، ٿي مُھران لعلان لاڏ سين.“ (د-3، ب-12)

هاڪان = معياري لھجي ۾ ”هاڪَ“ جو جمع ”هاڪُون“ ٿيندو. مصرع: ”تنين جي طولان جيون، پيون هاڪان هنڌو هنڌ.“ (د-1، ب-13)

ڪتب آندل اصطلاح:

پَلهءِ لڳڻ: ”مون لڄ رهائين، جو پلهءِ لڳيس تانھنجي.“ (د-1، ب-1) ”زالن جو هڪٻئي کي ڀاڪر وجهي روئڻ (ڪنھڻ عزيز جي وفات تي).“[ج.س.ل ايپ] نوٽ: اها معنى هن مصرع سان ٺھڪي نه ٿي. ج.س.ل ۾ ٻِيو اصطلاح هن ريت آهي: ”پلئه، پلئي، پلي پوڻ: پَلءُ پوڻ. جهوليءَ ۾ پوڻ. هٿ اچڻ. حاصل ٿيڻ. حصي ۾ اچي وڃڻ.“[ج.س.ل ايپ] اها معنى ٺھڪندڙ آهي.

عار ڪرڻ: ”گَندِيءَ گاندَر گهر کان، ڪيو ساري عالم عارُ.“ (د-1، ب-1) ”حياءُ ڪرڻ، لڄ ڪرڻ، عيب سمجهڻ.“[ج.س.ل ايپ]

مذڪر ۽ مونث اسمن جي جمع جو گڏ استعمال:

دَرا ۽ دُويون = ’دَرو‘ ننڍي ڇليرِي مڇي، ’دَرو‘ جو جمع ’دَرا‘. ’دُويون‘ ڪُرڙيون [ل.س.س] ’دُوءِ‘ جو جمع ’دُويون‘. مصرع: ”سي کنيون کارن ۾ اچن، دَرا ۽ دُويُون.“ (د-2، ب-2)

سَھَجَ ۽ سيريُون = ’سَھجُ‘ سُک، آسائش، آسودگي، دل جمعي. مزو، لطف[ج.س.ل ايپ]، ’سَھجُ‘ جو جمع ’سھجَ‘. ’سيريُون‘ بٽئي، معاف زمين [ل.س.س]، ’سيرِي‘ جو جمع ’سيريون‘. مصرع: ”سمي ڏنا سُھاڳ کي، سھج ۽ سيريون.“ (د-2، ب-5)

ڪُمَ، ڪُوڻيُون = ’ڪُمُ‘ نيلوفر ٻوٽي جو ميوو، ٻوٽي جي چوٽيءَ ۾ ٿئي [ل.س.س]،’ڪُمُ‘ جو جمع ’ڪُمَ‘. ’ڪُوڻِي‘ ڪم جو ڪچڙو گل آهي، منجهس پنکڙيون ٿين [ل.س.س]، ’ڪُوڻِي‘ جو جمع ’ڪُوڻيون‘. مصرع: ”بِھه، ڏوڏا جن ڏاجُ، قوتُ جَنين ڪُمَ ڪُوڻيون.“ (د-2، ب-10)

 

نتيجو:

سر ’نوريءَ‘ جو تعلق سنڌ جي لاڙي خطي سان آهي، جنھن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ لاڙي لھجي جي لغت کي فوقيت ڏني آهي. سچل سرمست جيئن ته سِري سان تعلق رکي ٿو، ان لحاظ کان هُن اِن سر ۾ لاڙي لھجي کي به سمايو آهي، پر صرف ان لھجي سان مخصوص ڪرڻ بدران، منجهس سنڌي ٻوليءَ جون اهڙيون وياڪرڻي ۽ لغوي خاصيتون ۽ خوبيون به سمايون آهن جيڪي ڪنھن مخصوص خطي سان تعلق نه ٿيون رکن. انهن خاصيتن ۽ خوبين جو اڀياس موجب، سُر ’نوريءَ‘ جون وياڪرڻي خوبيون، جھڙوڪ: صفتون، حرف جر، لاڙي حرف جر، جري پڇاڙيون، ڳُجهو ضمير رکندڙ ظرف ۽ فعل معلوم ٿيا آهن، پر سريلي لھجي موجب جمع جو طريقو به سُر ۾ ڪتب آندو ويو آهي. ان سُر جي لغوي خوبين ۾: ساڳيءَ معنى وارا الڳ لفظ گڏي ڪتب آڻڻ جو رويو، ٻِٽن لفظن جو چڱو واهپو، ضميري پڇاڙين وارن اسمن، ضميرن ۽ فعلن جو استعمال، مرڪب لفظ، مختلف لفظن جون گهٽايل ۽ وڌايل صورتون ۽ اصطلاح سميت سامهون اچن ٿا. ان ريت سچل سرمست جي سر ’نوريءَ‘ ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ ۽ لغت لاءِ ڪيئي سَندُون پڻ مُھيا ٿين ٿيون.

 

مددي ڪتاب ۽ لغتون:

  1. ٻرڙو، محبت، ڊاڪٽر: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، ڇاپو پھريون 2018ع، ص 137
  2. ٻرڙو، رياضت، ڊاڪٽر: سر ڪاموڏ ۾ آيل اصطلاح (مقالو)، شاهه جي شاعريءَ ۾ اصطلاحي عنصر، مرتب: انجنيئر عبدالوهاب سھتو، رومي پبلشرز حيدرآباد، ڇاپو پھريون 2021ع، ص 103
  3. ڀَٽي، رشيد: شاهه جي سر ڪاموڏ جو اڀياس (مقالو)، سر ڪاموڏ، مرتب: حميد سنڌي، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀِٽ شاهه، ڇاپو پھريون 1988ع، ص 22
  4. شاهواڻي، غلام محمد (مرتب): شاهه جو رسالو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ڇاپو 2005ع، ص 627
  5. شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر، ڇاپو پھريون 2013ع، ص 79-80
  6. شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر: عرفانِ سچل، سچل ادبي مرڪز پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ڇاپو پھريون 2013ع، ص 41-42
  7. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: سچل جو سنيھو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو/حيدرآباد، ڇاپو 1984ع، ص 94
  8. ساڳيو، ص 87
  9. سومرو، غلام قادر، ڊاڪٽر: سنڌي ٻِٽن لفظن جي لغت، ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومتِ سنڌ، ڪراچي، ڇاپو پھريون 1996ع، ص 13-14
  10. شاد، بشير احمد، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون، ڇاپو 2013ع، ص 20
  11. سولنگي، مجاهد حسين: سچل سرمست جي ڪلام ۾ حرف جر Post Position ۽ Preposition جي خصوصيت (مقالو)، ڪتاب: سرمست-29 ”سچل سارو سچ“، مرتب: مولا بخش لاڙڪ، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور، ڇاپو 2008ع، ص 138

 

مددي رسالو ۽ لغتون:

  1. انصاري، عثمان علي (مرتب): رسالو سچل سرمست (سنڌي ڪلام)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو 1994ع
  2. ڌامراهو، بدر، ڊاڪٽر: لغاتِ سچل سرمست، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو پھريون 2017ع
  3. سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر: سچل لغات، سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور، ڇاپو پھريون 1984ع
  4. ”سنڌي لغتون“ (SLA Lughaat) موبائيل ايپ، ورزن 1.0، ڊولپر: انيس ڪاڪا

 

214 ڀيرا پڙهيو ويو