ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ جو تحقيقي شعور (1876ع¬¬¬_1953ع)
(Bhero Mal Maher Chand Advani’s Research )

ڊاڪٽر انور پرديسي

Abstract 

The Sindhi language is one of the ancient languages of the world. Its historical significance and its role as a language of literature and education are widely recognized among its speakers in Sindh, Pakistan, and in different countries around the world. It is worth mentioning that foreign scholars such as Wathan, Stack, Estric, Leech, Burton, Trump, Goldsmid, Grierson, and others have studied the Sindhi language and worked on its linguistic patterns and grammatical structure. Similarly, renowned Sindhi scholars such as Akhund Abdul Raheem Wafa, Mirza Qaleech Beg, Hakeem Fateh Mohammad Shewani, Alama I, I Qazi Dr. Nabi Bux Khan Balouch, Mohammad Ibrahim Joyo, Dr. Ghulam Ali Allama Khan Balouch, Mohammed Ibrahim Joyo, Dr. Ghulam Ali Alana, and Barkat Balouch have also devoted their attention to the examination of Sindhi linguistic and grammatical patterns in their research works. This paper argues that Bhero Mal Maher Chand Advani is one of the foremost language scholars among those mentioned above. It demonstrates that Bhero Mal Maher Chand Advani has focused on holistic aspects of linguistics that hold global importance in linguistic research. The paper discusses how various scholars have focused on the Sindhi language, but the contribution of Bhero Mal Mehar Chand Advani has been remarkable both linguistically and in terms of social consciousness toward the language.

Keywords:Linguistics, History of Sindhi language, Bhero Mal Advani, Sindhi Grammer, Social consciousness

ڪنھن به سر زمين جي تاريخ، علم، ٻولي ۽ سماج بابت کوجنا لاءِ پھريان اتان جي ٻوليءَ جو اڀياس ڪرڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ جو ٻولي اهو واحد رستو آهي، جنھن ذريعي سماجي سرشتي ۽ رهڻي ڪھڻي، ترقيءَ ۽ زوال جو پتو پوندو آهي. هر قوم ۾  ٻوليءَ جا عالم ئي آهن، جيڪي پنھنجو نور نچوئي پنھنجي وطن جي تاريخ مرتب ڪندا آهن ته جيئن ايندڙ وقت ۾ اسان جي نسلن کي پنھنجي ڌرتيءَ جي اصل تاريخ، تھذيب، تمندن، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻ حاصل ٿئي. ائين ئي سنڌ ڌرتيءَ جي تاريخ، تھذيب ۽ ٻوليءَ تي  شاهڪار ڪتاب لکندڙ عالمن ۾ ڀيرو مل آڏواڻي به هڪ آهي.  ڪاڪو ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي سنڌ جي علمي، ادبي ۽  تاريخي شھر حيدر آباد ۾ 1875ع  پيدا ٿيو آهي. هن علمي، تحقيقي ڪتابن کان علاوه ڪھاڻي، شاعريءَ، ناٽڪ ۽ ناول نگاريءَ تي به قلم کنيو.

ويھين صدي هڪ سياسي، ادبي ۽ تاريخي لحاظ کان وڏي اٿل پٿل واري رهي آهي ۽ دنيا کي حيرت ۾ وجهندڙ نظريا ڏنا آهن. سنڌ ۾  1922ع ۾ موهن جي دڙي  جو ظاهر ٿيڻ به صديءَ جو وڏو واقعو هو.ان کان پوءِ سنڌ کي جڏهن هزارين سال آڳاٽي ماضيءَ کي ڏسڻ  لاءِ تحقيقي عينڪ ملي، ان عينڪ کي جڏهن ڪاڪي ڀيرو مل پنھنجي تحقيقي اکين تي رکيو ته کيس چچ نامي واري يا عربن جي دؤر کان شروع ٿيندڙ سنڌ واري تاريخ کي ست هزار سال پوئتي آرين ۽ دراوڙن واري تاريخ ڏانھن وٺي وئي. سنڌ جي قدامت ڪيتري پراڻي آهي. ان قديم سنڌ ۾  سماجي، تاريخي، مذهبي، اخلاقي شھري ۽ سياسي منظر ڪھڙا هئا، انهن کي اونداهين دور مان ڪڍي هڪ روشن خيال سنڌ واري جديد دور تائين پھچائڻ وارن ۾ ڪاڪو ڀيرو مل به آهي. سندس ڪتاب ’قديم سنڌ‘ ان جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي.  ان سلسلي ۾   انعام شيخ لکي ٿو ته:  ”هن ڪتاب ۾ قديم سنڌ جا رڳو سماجياتي مھانڊا يا جاگريافيائي ۽ تھذيبي حالتون ئي نه  چٽيل آهن، پر سنڌو ماٿر جي  اصلوڪن رهاڪن، هجرتن، روايتن ،ريتن، رسمن، هنرن، کاڌن، فنن،عقيدن، سماجي سرشتن، سياسي معاملن، ڌنڌن ۽ وهنوارن، سميت ذري ذري جو تفصيل ڏيئي، ماضيءَ جي جيئري جاڳندڙ سنڌ کي ڄڻ ته اکين آڏو بيھاريو ويو آهي.” (1)

ڪاڪو ڀيرو مل ئي آهي، جنھن”قديم سنڌ“ لکي اسان کي سنڌ جو عظيم ماضي ڏيکاريو. جي ايم سيد، ڀيرو مل لاءِ لکي ٿو ته:“سرڳواسي ڀيرو مل عرف عام ۾ ڪاڪو ڀيرو مل جي نالي سان مشھور آهي. سنڌ جي چوٽيءَ جي اديبن مان هو. سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر روايات ۽ زبان بابت کوجنا ڪري هن جيڪو مواد ڪٺو ڪيو ۽ ڪتابي صورت ۾ آندو آهي، سو تعريف جي لائق آهي.“ (2)

ٻوليءَ جو سماجي شعور:

ڪنھن به ڌرتيءَ تي رهندڙ انسانن لاءِ قدرت جون جيڪي به نعمتون عطا ٿيل آهن. انهن مان ٻولي سڀني کان مٿاهين حيثيت رکي ٿي. ڇاڪاڻ جو انساني سوچ ۽ ان مان ڦٽندڙ سوچون ۽ تجربا جيڪي سماج جي اهنجن کي دور ڪرڻ لاءِ پيدا ٿين ٿا،  اهي صرف ٻوليءَ جي ئي ڪري آهن. علامه آءِ آءِ قاضي لکي ٿو ته: ”زبان جو مسئلو سماجي شعور تي ٻڌل آهي. ظاهر آهي ته جيستائين هڪ کان زياده ماڻهو نه هوندا، تيستائين گفتگو واري ٻولي پيدا ٿي ڪانه سگهندي ٻين لفظن ۾ ٻوليءَ جي اُسرڻ لاءِ سماج  جو هجڻ ضروري آهي؛ فقط انسان فطري طور’سماجي‘ آهي. ڇو ته بغير سماجي اجتماع جي هو
”انسان“ بڻجي نه ٿو سگهي. بقول قرآن حڪيم جي ”خلق الانسان علمھ البيان“ اجتماعي زندگيءَ جي هيءَ فطري تقاضا آهي، ته انسان کي بيان جي قوت هجي، ڇاڪاڻ ته تبادلئه خيالات هڪ لازمي  ضرورت آهي. انهيءَ ڪري ئي قوم جي اجتماعي زندگي ٻوليءَ کي تشڪيل ڏئي ٿي يا ان کي ترقي وٺائي ٿي ۽ ان کي باقي رکي ٿي. جيڪڏهن اهي ضرورتون باقي نه ٿيون رهن ته ٻوليءَ جو باقي رهڻ به بي معنى آهي.“( 3)

سماج کان سواءِ ٻوليءَ جو اسرڻ ناممڪن آهي. ايئن کڻي چئجي ته ازل کان انسانن هڪ سماجي گروهه ٺاهي گڏجي رهڻ وارو سرشتو اپنايو ۽ هڪ ٻئي جي جذبن ۽ اظھارن کي سمجهڻ لاءِ سندن کي هڪ ٻوليءَ جي ضرورت محسوس ٿي. ان ڏينھن کان وٺي هن ڌرتيءَ جي مختلف خطن جي سماجن ۾  ٻين سماجي شعورن سان گڏ ٻوليءَ جي  شعور جو به بنياد پيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته: ”انهيءَ ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته زبان ۽ معاشري جو هڪٻئي سان گھرو تعلق ۽ رشتو آهي. اهو رشتو هڪ اٽوٽ رشتو هوندو آهي، جيڪو هميشه لاءِ جاري رهڻ وارو هوندو آهي. يعني زبان ۽ معاشرو هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم هوندا آهن؛ گويا زبان جو مطالعو معاشري جو مطالعو آهي ۽ انهيءَ لحاظ کان  ڪڏهن معاشري جو مطالعو در اصل ان معاشري  ۾ مروج مستعمل  زبان جو مطالعو آهي. اُهي ٻئي( زبان ۽ معاشرو) هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۾  مدد ڪن ٿا ۽ انهن ٻنھي جو مطالعو، انسان ڪنھن ملڪ، ڪنھن قوم  جي تاريخ جي مطالعي ۾  مددگار ٿيندو آهي.“ (4) 

سنڌ جي وجود بابت ڪاڪو ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي لکي ٿو ته: ”سنڌ جو پرڳڻو سمنڊ مان پيدا ٿيل چوڻ ۾ اچي ٿو ڌرتيءَ جي علم جا ڄاڻو چون ٿا ته نھايت قديم زماني ۾ اتر هندستان وارو پاسو گهڻو ڪري سڄو سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ هو_ پوءِ  خوفناڪ زلزلن سبب سمنڊ هٽي پري ٿيو ۽ زمين ظاهر ٿي بيٺي.“ (5)

آڳاٽي دور ۾ هن خطي ۾ ڪھڙا انسان رهندا هئا يا اهي ڪٿان لڏ پلاڻ ڪري هتي آيا ۽ انهن جي ٻولي ڪھڙي هئي. انهن جو سماجي شعور ڪھڙو هو؟ ان بابت ٻوليءَ جي عالمن جي راين جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪبي. ڪيترائي ٻولي ۽ تاريخ جا عالم ان ڳالهه تي متفق آهن ته هن خطي ۾ پھريان آريا لوڪ  اترئين پاسي کان هن خطي ۾ داخل ٿيا. سنڌ ملڪ ۽ درياهه  جي بابت اسان کي اول جيڪو حوالو ملي ٿو سو اهي ويد آهن، جيڪي هن خطي ۾ سنڌؤ  درياهه جي ڪناري تي لکيا ويا آهن.  رگويد ۾ هن طرح بيان ٿيل آهي.

”اجهل، اڻموٽ سنڌو، ٻل واري، سگهاري سِنڌو

ڏيھن ۽ ميدانن مان،

اُپار پاڻيءَ جا ڦھلاءِ کڻي،

جرڪندي ۽ ڪڙڪاٽ ڪندي وهندي رهي ٿي،

جھڙي ابلق گهوڙي، سونھاري ۽ سوڀيا وان،

سنڌو ڀلن گهوڙن ۾ شاهوڪار آهي،

۽ آهي شاهوڪار رٿن ۽ ويسن وڳن ۾،

سھڻي گهڙيل سون ۾ شاهوڪار، اڻ مئي مايا جي مالڪ،

هتان جا گاهه نيڻ ٺار ۽ لذت وارا،

اُن اهڙي جو ويٺو ڏس،

شربت جو ميٺاج نه پڇ! (6)

انهيءَ حوالي سان سراج لکي ٿو ته: “البت ايترو  ضرور آهي ته ويدڪ کان پوءِ سنسڪرت جيئن ته  سموري هندستان جي هڪ ئي مذهبي، سياسي ۽ سماجي  ٻولي رهي، ان ڪري ان دور ۾ خود سنسڪرت نين صورتن جو سنڌيءَ تي ڪافي اثر ٿيو هوندو. سنڌ ڪافي عرصو ويدڪ ڌرم هيٺ رهي، بلڪ ويدڪ ڌرم جابنياد سنڌ مان ئي پيدا ٿيا. ان ڪري ڌرمي  ۽ سماجي دائري ۾ ڪيترا تمدني لفظ  ٻنھي ٻولين ۾ ساڳيا ملن ٿا. ايترو وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته ان دور ۾  ڳالهائجڻ واري ٻولي سنڌ ۾ سنڌي ئي رهندي آئي.” (5)

ڀيرو مل جو لسانياتي شعور:

 لسانياتي شعور کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙو ته ٻوليءَ کي ڪيئن لکجي يعني ان جي اصولن جي ڄاڻ. 2. ٻوليءَ ۾ ڇا لکجي؟ يعني ٻولي لکڻ لاءِ يا تخليق ڪرڻ لاءِ موضوع جي چونڊ. سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ٻولي آهي، جيڪا ماهرن موجب اها ڪنھن به ٻي زبان مان ڦُٽي ناهي نڪتي آهي. ان عظيم ٻوليءَ کي پنھنجي ثقافت، پنھنجي ڌرتي پڻ آهي. هن ٻوليءَ جو جنم پنھنجي اصلوڪي ڌرتيءَ تي ٿيو آهي.

ڪاڪي ڀيرو مل سنڌي ٻوليءَ  جي  لساني پھلو، سماجي ۽ سياسي منظرنامي تي تمام گهڻو ۽ بنيادي ڪم ڪيو آهي. ڀيرومل سنڌي گرامر جي اصولن ۽ قاعدن تي ”وڏو سنڌي وياڪرڻ“ (1925)، پھاڪن ۽ اصلاحن تي ”گلقند“ (1928)، (ٻه ڀاڱا) ڪتاب لکڻ کان سواءِ شاهه لطيف جي ٽن سُرن تي ”غريب اللغات (1907)“ نالي لغت تيار ڪئي .هن سنڌي ٻوليءَ سان گڏو گڏ مختلف ٻولين جي سنڌيءَ ٻوليءَ سان ڀيٽ ڪري ڪيترائي لفظ اهڙا بيان ڪيا آهن، جيڪي ٿوريءَ ڦير گهير جي سنڌي ٻوليءَ جي بڻ مان نڪتل نظر اچن ٿا. اسان وٽ هڪ چوڻي مشھور آهي، انگن جي حساب سان يا ڳڻپ جي حوالي سان،اسان اڪثر سنڌي اڄ تائين چوندا آهيون ”ٽي ويھون سٺ“ يعني 60 رپيا. جنھن دؤر ۾ رياضيءَجو علم اڃا رائج نه ٿيو هو، تڏهن به سنڌي لوڪن وٽ ڳڻپ جا بھترين طريقا موجود هئا. ان بابت ڪاڪي ڀيرومل پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته: ”هن وقت اتر هندستان ۾ آريه ٻوليون چالو آهن ۽ ڪولن جي ٻوليءَ جو نالو به ڪونھي. انهيءَ هوندي به سنڌي ٻوليءَ جو ڪو ڪو نشان اسان اڄ تائين اسان وٽ آهي. مثلن اسان جا هاري ناري ۽ ٻيا اڻپڙهيل اڪثر ويھون، ويھون ڪري ڳڻيندا آهن. اهي پنجاهه بدران چون ”اڍائي ڪوڙيون“ ۽ سٺ بدران چون ”ٽي ويھون.“ (6)

آرين، دراوڙن ڪولن، سنٿالن، عربن، ارغون، ترخانن، مغلن کان انگريز حڪومتن تائين جي ٻاهرين حملا آورن جي هتي سوين سال حڪومتن ڪرڻ جي ڪري اسان جي ثقافتي سرگرمين ۽ ٻوليءَ تي تمام وڏا اثر رهيا آهن. انهيءَ ڪري ماضيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت مفروضا هئا ته هي ٻولي سنسڪرت ڄائي آهي ته ڪن چيو ته هي پراڪرت جي شاخ آهي ته ڪي دراوڙي پيا چون. ناميارن محققن کي جس هجي، جن انهن سمورن مفروضن کي رد ڏيئي سنڌي ٻوليءَ جي الڳ ۽ اصلوڪي سڃاڻپ دنيا ۾ ڪرائي آهي. اسان جي ٻوليءَ جو ڦھلاءِ هن اُپکنڊ ۾ ڪيترن هزارن ڪلوميٽرن تي محيط هو. ان بابت ڀيرومل مھر چند آڏواڻي لکي ٿو ته:

”سنڌي ٻولي قديم وڏي سنڌ جي ٻولي آهي، جنھن جون حدون ڪشمير کان وٺي گجرات جي سورت شھر تائين هيون، جنھن ڪري پنجاب جو ڳچ ڀاڱو، راجپوتانا، سڄو ڪڇ علائقو ۽ ڪاٺياواڙ جو اتر وارو ڀاڱو سنڌ ۾ اچي ٿي ويا. هوڏانھن افغانستان، بلوچستان جا ڪي پاسا، لسٻيلي ۽ مڪران سميت، سنڌ جي حڪومت هيٺ هئا. انهن سڀني هنڌن اسان جي سنڌي ماڻهن راڄ ٿي ڪيو، جنھن ڪري سنڌي ٻولي انهن پاسن تي چالو ٿي. بھاولپور ۽ ملتان جي حدن تائين  هن وقت بھاولپوري ۽ ملتاني ٻوليون چالو آهن ته به انهيءَ اتر طرف ڪيترا سنڌي ڳالهائن ٿا. هوڏانھن بلوچستان طرف لسٻيلي ۾، ته هيڏانھن ڪڇ، ڀُڄُ ۽ ڪاٺياواڙ جي اتر واري ڀاڱي تائين سنڌي ڳالھائڻ ۾ اچي ٿي. مطلب ته سنڌي ٻولي هاڻوڪيءَ سنڌ جي چئن حدن کان گهڻو پري بلوچستان، پنجاب ۽ گجرات جي حدن ۾ دخل ڪري بيٺي آهي. سنڌي ٻوليءَ جون اهي حدون اڄ تائين قدم وڏي سنڌ جي حدن جا اهڃاڻ ڏين ٿيون. مطلب ته ”سنڌي ٻولي“ جنھن کي چئجي ٿو، سا قديم وڏي سنڌ جي ٻولي آهي ۽ نه هاڻوڪي محدو پرڳڻي جي.“(7)

انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته جتي جتي سنڌين جي سياسي حڪومت رهي آهي. اتي ان وقت سرڪاري ٻولي سنڌي ئي رائج هُئي، جنھن جا ثبوت ڪاڪي ڀيرومل مھر چند آڏواڻيءَ بيان ڪيا آهن.  هن وقت به  پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ ڪي لفظ اڃان تائين سنڌيءَ وارا ئي رائج آهن.

  سندس انهيءَ بنيادي ڪمن جو وچور سندس هي ڪتاب آهن. 1. وڏو سنڌي ويا ڪرڻ 2. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، 3. لطيفي سيئر. 4. قديم سنڌ. هي چارئي اهي ڪتاب آهن، جيڪي سنڌ ٻوليءَ جي  حسب نسب، سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۽ ان جي قدامت متعلق  اهم دستاويز جي اهميت رکن ٿا. مٿين ڪتابن جي مطالعي مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪاڪي ڀيرو مل مھر چند آڏواڻي سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۽ ابتدا متعلق جيڪي به رايا ڏنا آهن، اهي بي بھا آهن. وقت گذرڻ سان انهن ۾ تبديليون ٿي سگهن ٿيون.  ڇاڪاڻ جو دنيا جنھن ارتقائي منزل تان تيزيءَ سان گذري رهي آهي، اتي  ڪنھن به زبان جي ثقافتي ۽ سماجي سرشتن ۾ ردوبدل اڻ ٽر هوندي آهي. اهڙي نموني سان سنڌي ٻوليءَ جي هن موجوده سفر ۾ به سندس کي ڪيترائي خطرا لاحق آهن پر  ٻوليءَ جي گهڻ گُهرن وٽ بچاءَ جا به ڪيترائي گس موجود آهن. هو ٻوليءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي خطرن کان آگاهه آهن.

نتيجو:

سنڌي ٻوليءَ جي ابتدا ۽ اهميت تي ڪيترن ئي هاڪاري عالمن پنھنجن پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو آهي. انهن  عالمن منجهان ڪاڪو ڀيرومل مھر چند آڏواڻيءَ سنڌي ٻوليءَ جي ابتدائي تاريخ ۽ بڻ بنياد متعلق وڏي کوجنا ڪئي آهي، جنھن کانپوءِ ٻين عالمن پڻ ٻوليءَ تي تحقيق ڪري نوان نتيجا پيش ڪيا. ان کان علاوه هُن تاريخ ۽ افسانوي ادب ۾ به خوب لکيو. سنڌ جي شاهوڪار تاريخ تي روشني وجهي، هُن سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کي بيان ڪيو.

 

حوالا:

  1. شيخ انعام، (ناشر نوٽ) آڏواڻي، ڀيرو مل، مھر چند. قديم سنڌ. ..ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو چوٿون. 2004ع. ص. م.
  2. سيد، جي ايم. جنب گذاريم جن سين.  حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ. سنڌ. 1967ع. 328.
  3. علامه آءِ آِ قاضي. مقالو سنڌي ٻولي_ ان جي بقا ۽ بچاءُ. (سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون جلد ii) مرتب، خان محمد جروار. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي. سنڌ. 2007ع. 7.
  4. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر. سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي. 2006ع. ص. 3.
  5. سراج. سنڌي ٻولي.حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي. ڇاپو ٻيو. 2009ع. 72.
  6. آڏواڻي، ڪاڪو ڀيرومل، مھر چند. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ. ڄامشورو. سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو ڇھون 2004ع. ص. 10.
  7. https://www.encyclopediasindhiana.org/article.php اشلوڪ
  8. آڏواڻي، ڪاڪو ڀيرومل، مھر چند. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ. ڄامشورو. سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو ڇھون 2004ع. ص. 13.
  9. ساڳيو. ص. 83، 84.
206 ڀيرا پڙهيو ويو