ميين شاهه عنات رضويءَ جي شاعريءَ ۾ انفراديت
(The individuality of Mion Shah Inayat's poetry )

سعيد سميجو

Abstract

This paper focuses on the distinctive status of Sindhi poetry of Miyon Shah Inayat and its influence on Shah Abdul Latif. Classical Sindhi poetry, extending to Shah Latif, traversed various philosophical and literary phases, with figures like Qadhi Qadan, Shah Karim, Shah Lutfullah Qadri, and notably Shah Inayat Rizvi playing pivotal roles. Throughout its literary evolution, Sindhi poetry birthed new themes and innovations. Similarly, as the classical period progressed from Qazi Qadan, Shah Abdul Karim, and Shah Lutfullah to Shah Inayat Rizvi's era, significant changes had already occurred, not only thematically but also in literary style. This paper highlights that Shah Inayat Rizvi, known not only as a classical poet but also as a reformer of poetic categorization, introduced the beautiful poetic form called Waee, maintaining the traditional Bayt. His unique approach not only distinguished him from his predecessors but also influenced subsequent poets. Likewise, Shah Latif, emerging prominently during the Kalhora period, shows traces of Shah Inayat's influence in his work. Considering the above, this research paper aims to explore this subject in greater depth.

Keywords: Sindhi poetry , Miyon Shah Inayat , Classical Sindhi poetry, Shah Latif.

سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو هڪ الڳ ئي سفر رهيو آهي، جنھن ڪيئي نوان موضوع ۽ جت پيدا ڪئي آهي. اهڙيءَ ريت جڏهن ڪلاسيڪل شاعريءَ جو سلسلو قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم، شاهه لطف الله قادريءَ کان ٿيندو، جڏهن ميين شاهه عنات رضويءَ تائين پھتو ته ان ۾ فني ۽ موضوعاتي لحاظ کان گهڻي تبديلي ٿي چڪي هئي. ميون شاهه عنات رضوي نه رڳو ڪلاسيڪل اساسي شاعر هُيو، پر هو ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنفن جو موجد پڻ سڏجي ٿو. جنھن وٽ بيت جي جدت سان گڏ وائيءَ جھڙي حسين صنف پڻ ملي ٿي. ميون شاهه عنات رضوي پنھنجي انفراديت جي ڪري پاڻ کان سڀني اڳ وارن شاعرن کان الڳ ۽ جدا هُيو، پر پنھنجي ايندڙ شاعرن تي به ان جي ڪلام جو گھرو اثر نظر اچي ٿو. ساڳيءَ ريت جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪلهوڙن جي دور جو وڏو شاعر ٿي اُڀري ٿو ۽ هڪ عالمي شاعر طور پذيرائي به ماڻيندڙ شاعر سڏجي ٿو، تڏهن به ان هوندي اسان کي سندس ڪلام تي ميين شاهه عنات رضويءَ جي ڪلام جو ڪجهه نه ڪجهه اثر محسوس ٿئي ٿو.

ميين شاهه عنات رضويءَ جي شاعريءَ ۾ انفراديت:

شاهه عنايت الله عرف ’ميين شاهه عنات‘ جو ڪلام اعليٰ سنڌي ڪلاسيڪل شاعري جو ابتدائي شاهڪار آهي، جنھن بابت پھرين تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي. بلوچ صاحب، ميين شاهه عنات رضويءَ جي ڪلام جو قلمي نسخو 1944ع ۾ ميان مريد حسين شاهه وٽ ڏٺو هو. جنھن بعد ڊاڪٽر بلوچ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ان جي نسخي تي گھري نظر وجهي، ان کي 1963ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪرايو. يقينن ميين شاهه عنات رضويءَ جي ڪلام جي ڇپجڻ سان نه صرف سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي پيڙهه جي خبر پئي، بلڪه هڪ خوبصورت ادبي واڌارو پڻ ٿيو. ميون شاهه عنات رضوي سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي هڪ نئين فڪر سان سامهون آيو، نه رڳو اهو پر هن ڪلاسيڪل شاعريءَ جي روايتن ۾ هڪڙي منفرد تبديلي صنفن جي شڪل ۾ به ڏني آهي.

سنڌي ڪلاسيڪل شاعري، شاهه لطيف ڀٽائيءَ تائين ايندي ايندي، جيڪي به فڪري ۽ فني منزلون طئي ڪيون، تنھن ۾ قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم، شاهه لطف الله قادري ۽ ميين شاهه عنات رضويءَ کي هڪ خاص حيثيت حاصل آهي. انهن سڀني شاعرن جي تخليقي ڪوششن رنگ لاتو، جنھن سان ڪلاسيڪل شاعريءَ جو هڪ الڳ معيار سامهون آيو. قاضي قادن، تصوف جو جيڪو ٻجِ ڇٽيو، تنھن جي سنڀال شاهه عبدالڪريم ۽ پوءِ شاهه لطف الله قادريءَ کان ٿيندي ميين عنات جي حصي ۾ به آئي. قاضي قادن فڪر، تصوف ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل سوالن کي دوهي ۽ سورٺي جي روپ ۾ نوان تجربا ڪري بيت جي شڪل تائين وٺي آيو، جنھن کي پوءِ شاهه عبدالڪريم، شاهه لطف الله قادريءَ ۽ ميين شاهه عنات اوج بخشيو.

ميين شاهه عنات رضوي، سنڌي شعر جو سڄو ماحول ئي تبديل ڪري ڇڏيو. هن نه صرف هڪ نئين روايت جي پيڙهه رکي، بلڪه ان لاءِ جيڪو انداز، اسلوب
۽ ٻولي استعمال ڪئي، اها به نھايت ئي اصلوڪي ۽ منفرد هئي. ان باري ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿو: ”هُن سنڌي شعر کي هڪ نئون اسلوب ۽ معياري لب لھجو عطا ڪيو.“ (1)

ميين شاهه عنات رضويءَ جھڙي باڪمال شاعر، نه فقط نين روايتن کي جنم ڏنو، پران پنھنجي شاعريءَ ۾ عوامي موضوع آڻي، ان کي اثرائتو بڻائي خاص و عام ۾ ڦھلائي ڇڏيو. ميين شاهه عنات رضوي ان دور ۾ پنھنجي شاعريءَ جي انفراديت ائين به ظاهر ڪئي ته هن پنھنجي شاعريءَ ۾  نوان موضوع، نوان گهاڙيٽا، نيون صنفون، نيون تشبيھون ۽ نوان استعارا ڪم آندا، جيڪي لڀائيندڙ ۽ دلڪش هئا، جيڪي اڳ شاعريءَ ۾ موجود نه هئا. مثال طور: ميين شاهه عنات تصوف جي شاعريءَ ته ڪئي، پر ان ۾ نواڻ اها آندي ته هُن تصوف جي شاعريءَ سان گڏ رومانوي شاعريءَ جو به بنياد وڌو. جنھن ۾ هن عشقيه داستانن کي پنھنجي ڪمال جي وسيلي عوامي لھجي ۾ پيش ڪيو. جنھن ۾ سورمن ۽ سورمين کي ڳايو.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي عام داستانن جي مشھوريءَ جو سمورو خراج ميين شاهه عنات رضوي ءَ ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي ڏيندي لکي ٿو: ”عام سنڌي داستانن ۽ مشھور عنوانن جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيل سُر وار بيتن ۽ واين جي سٽاءَ ۾ سمايل شاعريءَ جي سنواريندڙن ۽ سينگاريندڙن ۾ ميين شاهه عنايت ۽ شاهه عبداللطيف جو شرف مڙني ۾ مٿانهون آهي. ٻئي هن نئين تحريڪ ۾ ڀائيوار آهن. بلڪ ٻئي هن تخليق لاءِ فطرت طرفان ڄڻيل جاڙا ٻار آهن.“ (2)

ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾ موضوعاتي تبديلي سان گڏ فن ۽ فڪري پختگي گهڻي مضبوط ٿي سامهون آئي. ۽ اها پختگي هُن جي اڳ وارن شاعرن جي تسلسل جو حصو ٿي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ ميين شاهه عنات کان اڳ وارن شاعرن وٽ توحيد، تصوف، نصيحتون، هدايتون ۽ سماج سڌارڪ جھڙا موضوع ملن ٿا، پر ميين شاهه عنات انهن سڀني موضوعن سان گڏ پنھنجي مکيه سڃاڻپ مجازي عشق ۽ حسن جي ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: ”ميون شاهه عنات پھريون شاعر آهي، جنھن پنھنجن بيتن ۾ مجازي حسن کي ڳايو. کائنس اڳ توحيد ۽ تصوف، نصيحت ۽ هدايت، حال ۽ حقيقت جو بيان بيتن جو مکيه مضمون هو.“ (3)

ميين شاهه عنات جي شاعريءَ جي خاص انفراديت سندس مضمون ۽ موضوع جي تبديلي آهي. اڳ جيڪا به شاعريءَ رچي وئي تنھن ۾ قصا، داستانَ، واقعا، جنگيون، تصوف، توحيد، طريقت، شريعت، دين، اخلاقيات، نصيحتون ۽ هدايتون وغيره جھڙا موضوع شامل هئا، پر ميين شاهه عنات انهن سڀني کان منفرد انداز اپنايو. اهو ئي سبب هو جو ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾ ۽ کائنس اڳ موجود شاعرن جي ڪلام ۾ هڪڙو فرق نظر آيو، جنھن ۾ موضوعاتي تبديلي، ٻوليءَ جي اثر انگيزي، پختگي ۽ رواني گهڻي پُر اثر هئي. ميين شاهه عنات شاعريءَ کي هڪ فڪري حيثيت ڏياري. ان باري ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي لکي ٿو: ”ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾ اڳوڻن شاعرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ موضوعاتي وسعت، فڪري، فني ۽ ٻوليءَ جي پختگي، رنگيني ۽ رواني نظر اچي ٿي. ايتري قدر جو تصوف جا باريڪ مسئلا به نھايت سھڻي ۽ سولي انداز ۾ سمجهايا ويا آهن. انهيءَ کان سواءِ هن شاعر حسن ۽ عشق جي موضوع کي به شاعريءَ ۾ آندو .“ (4)

قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم، شاهه لطف الله قادريءَ جھڙا عظيم شاعر به تصوف جي رنگ ۾ رڱيل هئا، ۽ انهن پنھنجي شاعريءَ ۾ وحدانيت ۽ تصوف جي پرچار وڌيڪ پئي ڪئي. پر انهن جي مقابلي ۾ ميين شاهه عنات جھڙي مختلف شاعر نين روايتن جو اختراع ڪيو،  ۽ پنھنجي شاعريءَ لاءِ عام موضوعن جي چونڊ ڪئي.

ميين شاهه عنات جي خاص انفراديت اها آهي ته، هو سُرن جي روايت جو مؤجد هئڻ سان گڏ وائي جو به مؤجد آهي. ميين شاهه عنات کان اڳ سُرن جي روايت ڪنھن به اساسي شاعر وٽ نه ملي آهي. ساڳي ريت وائيءَ جي صنف به ميين شاهه عنات جي شاعريءَ جو ئي جمال آهي. ميين شاهه عنات جي سُرن لکڻ بعد ئي ٻين اساسي شاعرن ان جي پيروي ڪئي آهي. نه صرف ايترو پر ان جي مضمونن ۽ موضوعن جو پڻ استعمال ڪيو آهي. ان باري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو: ”ميين عنايت جي سُرن جو مضمون ان ترتيب جو پھريون نمونو آهي، جيڪو پوءِ وارن شاعرن اختيار ڪيو. سُر يمن ڪلياڻ ۾ ويڄن ۽ طبيبن، محبوب جي سچي سڪ توڙي سرڪ جي طلب موجود آهي.“ (5)

ميين شاهه عنات جي شاعريءَ ۾ اعليٰ فڪري روايت ۽ عوامي روايت ٻنهي جو ذڪر ملي ٿو. سندس شاعريءَ جي ٻي انفراديت اها به آهي ته هو فطري طور هڪ مزاحمتي شاعر هو، جنھن کي پنھنجي وطن سان عشق هو. جنھن سبب ئي هن پنھنجي وطن جي سورهين ۽ سخي مردن جھڙوڪ: رڻمل جاڙيجو، ابڙو اڙٻنگ، ڄام مھڙ نوتيار، ڄام ڪرن، ڄام سپڙ چوٽياڻ، ڄام تماچي، ڄام جکرو، ڄام هوٿياڻي ۽ راءِ ڏياچ وغيره جو وڏي احترام و عزت سان پنھنجي سُر ”بلاول“ ۾ ذڪر ڪيو آهي. جن جي نه صرف بھادري بلڪه انهن جي سخاوت بابت به ڳايو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ ڪنھن به ڪلاسيڪل شاعر وٽ مزاحمتي عنصر گهٽ ڏسڻ ۾ ٿو اچي.

ان ۾ ڪو به شڪ ئي ڪونهي  ته ميين شاهه عنات رضويءَ جي شعر بعد جي سڀني شاعرن تي گھرو اثر ڇڏيو آهي، جنھن ۾ نه رڳو ميين شاهه عنات جي ٻولي، لغت، ۽ ان جو اسلوب به ڪٿي ڪٿي محسوس ڪري سگهجي ٿو. پر ان هوندي به ميين شاهه عنات جي بيت يا شعر جيڪو اثر شاهه عبداللطيف تي ڇڏيو ان جون واضح نشانيون اسان کي شاهه عبداللطيف جي شعر ۾ نظر اچن ٿيون. شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ گهڻا ئي بيت، ڪردار، سٽون، استعارا، تشبيھون به اهي ئي آهن جيڪي ميين شاهه عنات رضويءَ اڳ پنھنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيون آهن. ان جو وڏو مثال ته شاهه عبداللطيف جون اهي ست سورميون آهن جيڪي ميين شاهه عنات رضوي اڳ ئي ڳائي چڪو هيو. ان باري ۾ ڊاڪٽر اسحاق لکي ٿو: ”ميين شاهه عنات جو بي مثال ڪلام ئي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جھڙي عظيم شاعر جي لاءِ بنيادي اتساهه بڻيو، ڇو ته جڏهن شاهه عبداللطيف جوانيءَ کي پهتو هو، تڏهن ميين شاهه عنات جي ڪلام جو چرچو عام هو. پاڻ نه رڳو سندس شاعريءَ کان متاثر ٿيو، بلڪ صحبت مان پڻ پرايو هيائين. ان ڪري ئي شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۾ ڪيترا ئي بيت، سٽون، ڪردار ۽ تمثيلون اهي ئي آهن، جيڪي ميون عنات اڳ ۾ پنھنجي ڪلام وسيلي پيش ڪري چڪو هيو. خود شاهه جون ست ئي سورميون مارئي، سسئي (ديسي)، ليلا، سورٺ، سھڻي (توڏي)، مومل ۽ نوري (ڪاموڏ) وغيره ميون عنات ڳائي چڪو آهي.“ (6)

يعني شاهه عبداللطيف کان اڳ جيڪي لوڪ داستان اسان کي شاهه عبدالڪريم کان ٿيندا ميين شاهه عنات وٽ ملن ٿا، انهن جي سڀني ڪردارن کي ميين شاهه عنات بخوبي ڳايو جنھن بعد ميين شاهه عنات جي نقشي قدم تي هلندي شاهه عبداللطيف انهن کي الڳ اوج بخشيو، اها ميين شاهه عنات جي صحبت ئي هئي جنھن شاهه لطيف جي شعر کي تاريخ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. شاهه عبداللطيف نه رڳو ميين شاهه عنات رضويءَ وٽان بيت، سٽون، ڪردار تميثلون، استعارا ۽ تشبيھون کنيون آهن بلڪ ان داستانَ، انهن جو پسمنظر نوان خيال، معنائون، لفظ، جملا، بندشون ۽ اصطلاح به پڻ استعمال ڪيا آهن. ان باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: “شاهه صاحب وٽ شاهه عنايت جو معيار بلڪل مسلم آهي ڇو ته خود رساله مان ظاهر آهي ته ڀٽائي صاحب گاهي بگاهي پنھنجي بيتن ۾ شاهه عنايت جا انوکا خيال، معنائون توڙي لفظي بندشون ۽ اصطلاح استعمال ڪيا آهن.” (7)

ميين شاهه عنات جيڪو سُرن جو بنياد وڌو، اهو ساڳيو ئي تسلسل شاهه عبداللطيف برقرار رکيو. ان باري ۾ تنوير عباسي لکي ٿو: “سُرن ۽ داستانن جي ورڇ، وائيءَ جو موضوع آهر داستان جي پڇاڙيءَ ۾ اچڻ، ڪلياڻ، سامونڊي، سريراڳ، مارئي، ليلا چنيسر توڙي ٻيا ڪيترائي موضوع ميين شاهه عنات جي شاعريءَ ۾ اڳ ئي موجود هئا، جن کي شاهه عبداللطيف اڳتي هلي، پنھنجو ڪيو ۽ اهي ئي موضوع، شاهه عبداللطيف جا مرغوب موضوع ٿي پيا.” (8)

يعني شاهه عبداللطيف ڀٽائي وٽ ڪجهه روايتون اهڙيون به هيون جيڪي سڌيون سنئيون ميين شاهه عنات رضويءَ وٽ ڀرپور نموني موجود هيون. نه رڳو موضوع، بلڪه اهڙا قصا جيڪي بعد ۾ ڪلاسيڪل شاعريءَ جو زيور ٿي پيا سي به ميين شاهه عنات گهڻي ڀاڱي وضاحت سان پيش ڪيا. اهو ئي سبب آهي جو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا به ڪيئي بيت ميين شاهه عنات جي رنگ جھڙا ۽ ان جي چَسُ سان ڀرپور نظر اچن ٿا. ان باري ۾ ڊاڪٽر تھمينه مفتي پنھنجي هڪ تحقيقي مقالي ۾ لکي ٿي ته: “شاهه عنات جا چيل بيتن تي لطيف ڀران بيت چيا ۽ پاڻ به ان ريت ڀران بيت چيا.“ (9)

دراصل ميين شاهه عنات جا ڪيترا ئي اهڙا بيت شاهه عبداللطيف جي رسالي جي پراڻي نسخن ۾ به ڏنل آهن. جنھن منجهان اهو گمان آهي ته اهي بيت ميين شاهه عنات جا ئي هجن. جيڪي شاهه عبداللطيف ڪنھن خاص موقعي تي پڙهيا هجن ۽ بعد ۾ پوءِ اهي رسالي ۾ درج ٿي ويا هجن. ان جو واضح ثبوت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هيئن ٻڌايو آهي:  ”شاهه عنايت جي رسالي ۾ ڪيترائي اهڙا بيت موجود آهن جي شاهه جي رساله جي نسخن ۾ به ڏنل آهن ۽ گمان غالب آهي ته انهن ۾ ڪي بلڪل شاهه عنايت جا هجن ۽ ڀٽائي صاحب جن ڪن خاص موقعن تي پڙهيا هجن. ازان سواءِ خود ڀٽائي صاحب جي رساله (بمبئي نخسو) ۾ تقريبن 14 بيت ۽ 1 وائي ”عنات“ جي نالي سان موجود آهن، جي شاهه عنايت جا آهن ۽ سندس رساله ۾ به قلمبند ٿيل آهن.“ (10)

يعني اها ڳالهه ثابت ٿي ته ميين شاهه عنات، شاهه عبداللطيف تي ايترو ته گھرو اثر ڇڏيو هيو جو شاهه لطيف ان جا نه رڳو بيت پنھنجي نسخي ۾ شامل ڪيا هيا، پر ان ڳالهه مان هِن ڳالهه جو به اندازو ٿيڻ لڳي ٿو ته شاهه عبداللطيف، ميين شاهه عنات جا بيت هر جاءِ تي ورجايا به هوندا. جنھن ڪري اهي ان نسخي ۾ شامل ٿيا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي ميين شاهه عنات جي بيتن جو پورو پورو اثر اسان کي ان جي شاعريءَ منجهان به نظر اچي ٿو. ميين شاهه عنات رضويءَ جي بيتن ۾ جيڪو به رنگ يا رچاءُ اسان ڏسون ٿا ان جي ڀيٽ ۾ شاهه عبداللطيف وٽ به ساڳي ئي فڪر يا منظر سان اهو بيت پڙهڻ لاءِ اسان کي ملي ٿو. جن ۾ نه رڳو موضوع جي هڪجھڙائي بلڪه ان جي منظر ڪشي به ذري گهٽ ساڳي ٿي ڏسڻ لاءِ ملي، جيئن هي بيتَ ڏسو:

ميون شاهه عنات

شاهه عبداللطيف

1. الست ارواحن کي، جڏهن ڳايو جبار

                           (سُر ڪلياڻ)

1. الست ارواحن کي، جڏهن ڳايو جليل

                             (سُر سھڻي)

2: سڄڻ سوڀارا، ڀيڄ ڀنيءَ گهر آئيا

                               (سُر کنڀات)

2. سڄڻ سوڀارو، ڀيڄ ڀنيءَ گهر آئيو

                                   (سُر کنڀات)

3. جن هميشه هيڪاند، تن سانگ م پئي، سيد چئي

                                 (سُر کنڀات)

3.  هيڪاندي هوئي، سانگ مَ پوي سڄڻين

                                    (سُر کنڀات)

3.  چنڊ تنھنجي بات، مون کي آهي من ۾،

    الله لڳ عنات چئي، تون اڇو منجهه رات

     (سُر کنڀات)

3. چنڊ تنھنجي ذات، پاڙيان تان نه پرين سين،

    تون اڇو منجهه رات، سڄڻ نت سوجهرو

(سُر کنڀات)

5.  سُوٽَ وٽي سيٽ، جهل ته لانچهون ڪرهو

                    (سُر کنڀات)

6. وٺي سيٽ سُوٽَ، پاءِ پنھنجي ڪرهي

         (سُر کنڀات)

(11)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي تحقيقي مقالي”ميون شاهه عنات رضوي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ۾ لڳ ڀڳ اهڙا 116 بيت حوالي طور پيش ڪيا آهن.

يقينن ميين شاهه عنات، شاهه عبداللطيف جي استاد جو فرض نڀايو آهي. ميين شاهه عنات جي شاعريءَ جو ايترو ته اثر شاهه عبداللطيف تي نظر اچي ٿو، جو شاهه عبداللطيف جا انيڪ شعر ۽ ان جا موضوع ميين شاهه عنات جي بيتن جي رنگ ۾ ئي رچيل نظر اچن ٿا.

 

حوالا

  1. سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر، “ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جو اهم رتن ’ميون شاهه عنات رضوي‘ (هڪ اڀياس)، حضرت ميون شاهه عنات رضوي فائونڊيشن، 2019ع، ص: 7
  2. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1994ع، ص: 72
  3. بلوچ، نبي، بخش، خان، ڊاڪٽر، ”ميين عنات جو ڪلام“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 2010ع، ص: 61
  4. مانجهي، محمد، علي، ڊاڪٽر، ”صوفي شاهه عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2010ع، ص: 273
  5. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1994ع، ص: 73
  6. سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر، ”ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جو اهم رتن ’ميون شاهه عنات رضوي‘(هڪ اڀياس)، حضرت ميون شاهه عنات رضوي فائونڊيشن، 2019ع، ص: 9
  7. ساڳيو، ص: 113
  8. ساڳيو، ص: 118
  9. مفتي، تھمينه، ڊاڪٽر، مقالو: ”شاهه عنات رضويءَ جي ڪلام ۾ جمالياتي خاصيتن جو اڀياس“ ميين شاهه عنات رضوي جي ٻئين ڪانفرنس ۾ پڙهيل (اڻ ڇپيل)، 2020ع
  10. سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر، ”ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ جو اهم رتن ’ميون شاهه عنات رضوي‘ (هڪ اڀياس)، حضرت ميون شاهه عنات رضوي فائونڊيشن، 2019ع، ص: 107
  11. ساڳيو، ص: 92، 93

 

156 ڀيرا پڙهيو ويو