سياسي ۽ سماجي تحريڪن جي اثر سبب جديد شاعريءَ جي ٻولي ۽ لغت ۾ آيل تبديليون
((Changes in the lexicons of modern sindhi poetry under the infleunce of Political and Social Movements))
رب ڏنو ’راز‘ شاهاڻي/ ڊاڪٽر محمد اسحاق
Abstract:
This paper highlights modern Sindhi poetry by examining the changing and modern ways of expression and thought in terms of sociopolitical changes. It presents that this change occurred with the impact of the First World War (1914-1918) at a time when most societies of the world were going through political changes. This paper highlights that during this process, Sindhi poetry went through a shift from old thoughts to new thoughts. Sindhi poetry literature linked it to the social change of the times. This paper examines how the Sindhi language moved from the old poetic traditions and adopted innovation in its themes in connection with the classical past and has expressed affiliation with the social and political movements as a key factor behind its modernism and public interest. At the same time, this change and innovation have resulted in the inclusion of philosophical topics in modern Sindhi poetry and the way it has caused enhancement in its vocabulary and grammar. This paper will demonstrate that modern Sindhi poetry began with one of the most prominent poets, Kishan Chand Bewas, in 1925. Hyder Buksh Jatoi, Abdul Karim Gadai, Keeal Das Fani, Shaikh Ayaz, Ustad Bukhari, Naraen Sheyam, Niaz Humayooni, Tanvir Abbasi, Imdad Hussaini, Ibrahim Munshi, Sarkash Sindhi, Sarwech Sijawali, Muhammad Khan Majeedi, Rashid Morai, Abdul Ghaffar Tabsum, Qamar Shahbaz, Tajal Bewas, Taj Balouch, Khaki Joyo, Hasan Daras, Ishaq Samejo, and many others have furthered it effectively by expressing and connecting poetic thoughts with public interest. In this paper, I will examine the changes in the poetic diction, structure, language, and vocabulary of modern poetry in the context of political and social movements. I will highlight the poetic usage of modern and existing words.
Keywords: Modern Sindhi poetry, Changes, Sociopolitical movements, Philosophy, Poetic diction, Language and Vocabulary.
شاعريءَ ۾ لفظن جو استعمال ھڪ طريقو (technic) آھي، جنھن سان شاعر پڙھندڙ يا ٻڌندڙ کي شعر جي مضمون، فِڪر ۽ تت (content) ۽ مقصد سان متوجھه ۽ متعارف (introduce) ڪري ٿو. اُھو طريقو جيترو سُھڻو، سليس ۽ وڻندڙ لفظن تي محيط ھوندو، پڙھندڙ اوترو متوجھه ۽ مانوس ٿيندو. ڪو شاعر جڏھن ڪا تخليق ڪري ٿو ته اُھو لفظن ۾ پنھنجا احساس رويا محسوسات ڀريندو آھي. خيالن جي اُڻت لاءِ ممڪن حد تائين ھُو ٻوليءَ جي لئه، سُرتال، موسيقيت، تجنيس پيدا ڪندڙ لفظن، اصطلاحن، تشبيھن، ترڪيبن ۽ گرامر جي خوبين جي استعمال تي زور ڏيندو آھي ته جيئن سندس خيال اثرائتا ٿين. شاعريءَ جي ٻولي ۾ وقت، فِڪر ۽ موضوعاتي ردوبدل جي بنياد تي ھميشه تبديلي ۽ ترقي ايندي رھندي آھي.
جديد سنڌي شاعري، اڳئين دور يعني عروضي شاعريءَ کان، ٻولي، سِٽاءَ، فن توڙي فِڪري لحاظ کان گهڻي مختلف ۽ منفرد آھي. جديد شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سونهن، اسلوب، مضمون ۽ فِڪري تبديلي، عروضي شعري روايتن کي رد ڏيڻ سان آئي. شاعريءَ ۾ جديد ۽ تبديل ٿيل قدرن کي اپنائي فِڪري سِٽاءُ ۾ سموھيو ويو ته منجهس نواڻ پيدا ٿي. ٻوليءَ ۽ لغت جي جديد استعمال اُن ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. شاعريءَ ۾ مذڪوره تبديلي ڏسڻ کان پھرين ٻن شين کي ڏسڻ لازم آھي (1)جديد شاعريءَ جي ابتدا ۽ (2) سياسي ۽ سماجي تحريڪون، جِن جي زيراثر اُن ۾ تبديلي آئي.
جديد شاعري ۽ تحريڪون:
جديد سنڌي شاعريءَ جي ابتدا، ويھين صديءَ جي پھرين چوٿائي (1925) ۾ ڪشچند بيوس (1885-1947) ڪئي ۽ ”ھن جديد شاعريءَ جو بُنياد رکيو. “ (1) ھِن کي عام طور ٽن دورن ۾ ورهايو وڃي ٿو: (1) 1930 کان 1955ع، (2) 1956 کان 1970 ۽ (3) 1971 کان 1990 تائين ۽ ان کان پوءِ جي شاعريءَ کي مابعد جديديت (post modernism) دور سان لاڳاپيل سمجهيو وڃي ٿو پر اِھڙو اصطلاح (term) اڃا باقاعده لاڳو ناھي.
جديد شاعريءَ جي ابتدا جو دور، پھرين مھاڀاري لڙائي (1914-1918)جي اثرن جو دور ھو. عالمي جنگ جي اثرن ھيٺ مغربي معاشرا، تڪڙي تبديليءَ مان گُذري رھيا ھئا. جنھن ننڍي کنڊ ۾ سياسي تحريڪن کي تمام گهڻو زور وٺايو ۽ اھڙن اثرن ھيٺ برصغير پاڪ و ھند ۾ وڏيون فِڪري، سياسي ۽ سماجي تحريڪون اڀريون ھُيون.
ھِن ڏِس ۾ سنڌ ۾ پھرين سماجي ھلچل نظر اچي ٿي، سا ھُئي ھاري ڪميٽيءَ جي روپ ۾ اُڀري. 1858ع انگريزن کان آزادي تحريڪ بشمول حُر گوريلا ويڙھه، سنڌ جي بمبئي پريذيڊنسيءَ کان علحيدگي هلچل ۽ خلافت تحريڪ بعد سنڌ جي چوٿين وڏي منظم سماجي ھلچل ھاري ڪميٽيءَ جي پليٽ فارم تان برپا ٿي، جيڪا 1930 ۾ ٺھي. ”12 جولاءِ 1930 تي ميرپورخاص ۾ ھاري ڪانفرنس جميشد ميھتا جي صدارت ۾ ٿي، جنھن جي مرحبا ڪميٽيءَ جو چيئرمين سائين جي ايم سيد ھو. ھن ڪانفرنس ۾ ”سنڌ ھاري ايسوسيئيشن“ ٺاھڻ جو فيصلو ڪيو ويو.“(2)
ھاري تحريڪ جي قيام ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جي ابتدا لڳ ڀڳ ساڳئي زماني ۾ ٿي. ھاري تحريڪ جا جديد شاعري تي اثر نمايان آھن.
پاڪستان ٺھڻ بعد نوان مسئلا پيدا ٿيا ته نوَن سياسي فِڪرن تي آڌاريل نيون تحريڪون پيدا ٿيون. 1948 ۾ ڪراچيءَ کي وفاقي ڪنٽرول ھيٺ ڏنو ويو، جنھن تي سنڌ مان سماجي ردعمل سامهون آيو. 1955 ۾ ون يونٽ جي نفاذ ۽ ايوب خان جي مارشل لا دوران اينٽي ون يونٽ تحريڪ، سنڌيت ۽ سنڌي ٻولي تحريڪ ۽ سنڌي شاگرد تحريڪون ھُليون. 1965 ۽ 1971 جون پاڪ ڀارت جنگين کان علاوه جنرل يحيٰ خان جي مارشل لا ۽ بعد ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت جي صورت ۾ جمھوريت جي بحالي، تنھن بعد جنرل ضياءُالحق جي مارشل لا ۽ ايم آر ڊي ۽ پوءِ ڪالاباغ ڊئم تحريڪ، ائين 1990 تائين انهن تحريڪن جي تناظر ۾ ننڍا وڏا ڪيترائي سانحا ٿيا. پاڪستان اندر اِھو عرصو آمريت جو راڄ رھيو، جنھن ڪري ملڪ اندر خاص ڪري سنڌ ۾ سياسي ۽ سماجي انتشار رھيو. جنھن جو سنڌي سماج تي تمام بُرو اثر پيو. جديد شاعريءَ جو، اھڙين حالتن مان ازخود متاثر ٿيڻ عين فطري ھو.
اِھي اھم تحريڪون ھُيون، جن جو شاعريءَ تي سِڌو اثر پيو. اينٽي ون يونٽ جا روح روان ھئا ئي اديب ۽ شاعر. شيخ اياز، طارق اشرف، ابراهيم مُنشي ۽ ٻين کي جيل اُماڻي مٿن ڪيس هلايا ويا. اياز جا ڪيترائي ڪتاب ضبط ٿيا ۽ ”کيس ون يونٽ دوران پھريون ڀيرو 1965ع واريءَ جنگ جي زماني ۾، جڏهن هن جو جنگ خلاف لکيل مشھور نظم ”هي سنگرام سامهون آ نارايڻ شيام“ ڇپيو ته کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ اٽڪل ٽن مھينن تائين قيد رکيو ويو. ٻيو ڀيرو به ون يونٽ دوران ئي 1968ع ۾، ۽ ٽيون ڀيرو مئي 1971ع کان ڊسمبر 1971ع تائين کيس بند رکيو ويو. “ (3)
اِن دوران، سنڌي شاعريءَ ۾ فني، فِڪري، موضوعاتي، اسلوب، ٻولي، لغت ۽ اُن جي بناوٽ (structure) ۽ اظھارجي انداز ۾ وڏيون تبديليون آيون. نوَن مسئلن ۽ موضوعن کي اظھارڻ لاءِ ٻوليءَ جا نوان لفظ ۽ وسيلا، تشبيھون، استعارا ڪتب آيا ۽ متروڪ لفظن کي جيئارڻ سان ٻوليءَ جي خوبصورتيءَ ۾ واڌارو ٿيو. بين القوامي، خاص ڪري مغربي ادب جون صنفون نظم، آزاد نظم، ترائيل، سانيٽ، ھائيڪو وغيره سنڌي شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ھيٺ آيا. ”سنڌي شاعريءَ ۾ نئين لھر انگريزي زبان جي مطالعي سان آئي. “(4) اظھار جو وسيع ميدان مليو ته شاعريءَ لاءِ ”جديد شاعريءَ“ جو اصطلاح استعمال ٿيو ۽ ھِن قسم جي شاعريءَ ۾ خارجي، سماجي، سياسي موضوعن جي بدولت بيساخته جاذبيت پيدا ٿي.
مزاحمتي اُٿل پُٿل واري ھِن دور ۾ شاعرن تحريڪن جو ڀرپور اثر ورتو. عوامي حق شعري فِڪر جو حصو بڻيا ته معاشري ۾ جاڳرتا پيدا ٿي ۽ سماجي شعور ۽ شاعراڻو فِڪر ويجهو ٿيا. ھِن سان شاعريءَ جي فِڪر ۽ ٻوليءَ ۾ تبديلي آئي ۽ لغت جي ذخيري ۾ خاطرخواه واڌارو ٿيو، جنھن سان ٻوليءَ کي وڏي وسعت ملي.
ٻولي ۽ لغت:
ٻولي يا زبان جو ڪوبه لفظ، ڪنھن علائقي، مُلڪ يا خطي جي ماڻهن ۾ ڳالهه ٻولھه/رابطاڪاري جي وسيلي (source of communication) لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ھن وسيلي ماڻهو ھڪٻئي سان رابطي ۾ ڳنڍجن ٿا، پنھنجي ڳالهه ھڪٻئي تائين پھچائين يا خيالن جو اظھار(express) ڪن ٿا. ٻولي انساني سماجن جي پيداوار آھي, اِھا ٺاھي يا گهڙي نه ويندي آھي. ”انساني ٻولي عوام جي پيداوار آھي. اُھا نه ڪن عالمن جي جوڙيل آھي ۽ نه وري ڪن اُستادن جي ئي ٺاھيل آھي. عالم ۽ اُستاد ٻوليءَ کي شاھوڪار ضرور بنائين ٿا. “(5) مختلف ٻولين جي امتزاج ۽ اختلاف متعلق قرآن ڪريم ۾ آھي ته ”وَمِنْ آيَاتِهِ خَلْقُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَاخْتِلَافُ أَلْسِنَتِكُمْ وَأَلْوَانِكُمْ“ (يعني زبانن ۽ رنگن جا اختلاف، الله تعاليٰ جي آيتن مان زنده آيتون آھن. )“ (6)
ٻوليءَ جو سُڌارو زباني توڙي ڪتابي ٻوليءَ سان گڏ علمي، ادبي ۽ شعري خزاني تي انحصار ڪري ٿو، تنھن ڪري جيڪڏهن ڪا به ٻولي سُڌرندي ته انهيءَ جي ڪتابي علم ۾ به سُڌارو ايندو.
”لُغت جمع لُغتُون: ث. (ع) جي معني آھي ڪنھن قوم جي زبان. ھڪ ڪتاب، جنھن ۾ ڪنھن ٻوليءَ جا لفط، سمجهاڻين، معنائن وغيره سميت درج ٿيل ھجن. فرھنگ، ڪوش، ناموس، زبان، ٻولي، ڀاشا، ڊڪشنري، اُھي لفظ جن جي معنيٰ مشھور نه ھجي.“ (7) عام طور لغت جي معني آھي ”ٻوليءَ جا استعمال ٿيندڙ لفظ ۽ انهن جي معنيٰ. شاعر، اديب ۽ فيلسوف ٻوليءَ کي خوبصورت بڻائيندا آھن، پنھنجي اسلوب، انداز، لفظن ۽ ترڪيبن جي وڻندڙ استعمال وسيلي سان.
ٻوليءَ ۾ مروج چوڻين، پھاڪن، اصطلاحن جي استعمال کي وڏي اھميت حاصل آھي ۽ ورجيسون ٻوليءَ جو اھم حصو آھن. دُنيا جي ڪا اھڙي ٻولي شايد ھُجي، جنھن ۾ انهن جو استعمال نه ٿيندو ھُجي. ”ٻولي، سلاست ۽ بلاغت جي پد تي تڏھن پھچندي آھي، جڏھن منجهس قدامت ۽ جدت جي آميزش سان ڌرتيءَ تي مروج اصطلاح ۽ ورجيسون، استعارا ۽ ڪنايا، تشبيھون ۽ تمثيلون، پھاڪا ۽ چوڻيون منڊي تي ٽڪ جيان ٽانڪي ۽ ٽوپي سجائجن. “(8) اُن ۾ شڪ ناھي ته سنڌي ٻولي لغت جي خزاني سان مالا مال آھي. اِن جي اصطلاحن، پھاڪن ۽ چوڻين ۾ سنڌي سماج جو تاريخي ۽ ثقافتي عڪس آھي ۽ اِھي نج سنڌي ٻوليءَ جي لفظن تي مدار رکن ٿا. ساڳين چوڻين، پھاڪن، تشبيھن ۽ استعارن کي جديد شاعريءَ ۾ نھايت عرق ريزيءَ سان استعمال ھيٺ آندو ويو آھي، جنھن جديد شاعريءَ جي ٻوليءَ کي وڻندڙ ۽ خوبصورت اسلوب عطا ڪيو آھي.
جديد شاعريءَ ۾ ٻولي ۽ لغت جي واڌاري کي، استعارن، تشبيھن، چوڻين، پھاڪن ۽ تمثيلن سان گڏ اُن جي ترقي يافته ۽ وڻندڙ استعمال جي تناظر ۾ ڏسڻو پوندو ۽ اِھو شاعريءَ جي فِڪري ۽ موضوعاتي تبديليءَ تي انحصار رکي ٿو. جڏهن سنڌي شاعري، حقيقي سماجي مسئلن(issues) کي موضوع بڻايو. جيڪو گهڻي قدر تحريڪن جي اثرن، مقصديت، واقعن ۽ حادثاتي (incidental) فِڪر تي مشتمل ھو. ھِن قسم جي شعر ۾ ھمه گيريت ٿيندي آھي ڇاڪاڻ ته، ”واقعاتي شاعري ڄاڻ جي پھچ (Reportage) جو ھڪ ٻنڀو آھي، جنھن جي وسيلي ھاڃن ۽ حادثن جي ڄاڻ، حادثن سان مقابلي جي سڌ، ھنڌن ۽ ماڳن جي وچور، اجتماعي توڙي انفرادي ڪردار جي ادائگيءَ جي روح ۽ فطرت جي ڄاڻ، حالتن جي ظھور، پيداواري قوتن جي اوسر ۽ پيدا ٿيل نتيجن جي اوک ڊوک، مطلب ته سماجي ڦير گهير جي ھر پاسائين ڄاڻ ملي ٿي. “(9)
قديم شعر کي ڏسبو ته خليفي گُل، مير سانگي، مرزا قليچ بيگ کان اڳ نور محمد خسته، حافظ حامد، قاسم، فاضل، مصري شاھه جا نالا مِلن ٿا، يا ٽالپر دور جي ٻِي شاعري (سچل سرمست کي ڇڏي) گهڻي قدر رجزخواني تي مشتمل آھي. جنھن ۾ فردوسيءَ جي طرز تي مثنويون لِکڻ جو گهڻو رواج ملي ٿو. خليفي گُل، مير سانگي، مرزا قليچ وغيره جي شاعريءَ ۾ عشق، محبت، وصال فراق جي داخلي (internal) ڪيفيت کان علاوه خارجي (external) موضوعن کي خاص اھميت نه آھي. مرزا قليچ بيگ سماجي اخلاقيات تي شعر چيو آھي، پر اھو ٻوليءَ جي وڻندڙ خاصيتن کان خالي آھي.
جديد شاعريءَ جو گهڻو تڻو فِڪر، سماجي تحرُڪ تي آڌاريل آھي. ھِتي پُڄندي شاعر جو ڪردار نئون، وسيع ۽ اھم ٿئي ٿو. ھُو سماجي سياست ۽ تحرڪ ۾ گڏيل شراڪتدار (stakeholder) بڻجي ٿو. ”شاعر خود ڪڏھن حلقو، ڪڏھن ادارو ۽ ڪڏھن جماعت آھي. ھن جي شاعريءَ جا سياسي فضا تي پاڇاوان پئجي سگهن ٿا.(10) سماجي ذميداري جي ھيٺ شاعر جي ڪردار ۽ موضوعن ۾ ھمه گيريت آئي. ھُن سماج ڏانهن ذميوار (Responsible) ۽ حقيقت پسنداڻو (Realistic) رويو اختيار ڪيو. عوامي ھلچلن، مسئلن ۽ محرومين کي شعري فِڪر وسيلي اظھاريو ۽ منجهن شعور بيدار ڪيو. ڪشنچند بيوس پھريون شاعر آھي، جنھن سماج جي پيڙھيل طبقي جي درد کي اظھاريندي، سياسي شعور اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نج ٻوليءَ ۽ لغت جا ٺيٺ لفظ ڪتب آندا. ”بيوس سليس ۽ سلوڻي، عوامي ۽ فطرتي شاعريءَ جو مؤجد ھو. ائين چوڻ ۾ وڌاءُ ڪو نه آھي ته ”بيوس“ پھريون شخص آھي، جنھن گل ۽ بُلبل واري ايراني ۽ اردو رنگ کي ڇڏي ٺيٺ سنڌي زبان ۾ طبع آزمائي ڪئي، ۽ قومي فطري خيال پيش ڪيا. “(11)
”غريبن جي جهوپڙي
جا آھه جائيداد ورثي وبال کان،
ٿيندي نه زير بار جا گرويءَ جي خيال کان،
اونو نه جنھنکي آھه جوکي جنجال کان،
ھلڪي وھي جا ھنيانءَ تي سولي سنڀال کان،
جنھن ۾غرور زر نه سراسر گهڙي،
الا! جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.
جا ونءُ وڃي ٿي چيز نازڪ نفيس کان،
آجي رھي جا ائوچ گذاري جي ريس کان،
پڻ ٿي پناھه ۾ رھي حاسد، حريص کان،
ڌاري نه خاص خوف ڪو خوني، خبيث کان،
بي ڪرف ۽ ڪڙي رھي سوگهي مندو ڦڙي،
الا! جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.
ڇانگي ڇنو اڏيائون، لامن لکن منجهان،
سادو اَجهو سٽيائون پراڻن پُکن منجهان،
ڪاڍو ڪڍيائون ڪَڙٻ جي ڪانن ڪکن منجهان،
پورھيو پٽيائون پاڻ ۽ سرٽن سکن منجهان،
مفتي مدد تِي آِيا مچي مڙس ٿي مڙي،
الا! جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي“. (12)
بيوس جديد شاعريءَ ۾ موضوع، ٻولي ۽ لغت جي حوالي سان خوبصورتيءَ جي نئين روح ڦوڪڻ جي ابتدا ڪئي. گيت ۾ بيوس سماجي حيثيت(status) تي ڳالهه ٻولهه (discuss) ڪري ٿو. غريب، سماج جو اھم ڪردار آھي. سنڌي سماج ۾ کيس ڏک، پيڙا ۾ مبتلا ۽ استحصال جو نشانو بڻجي رھيو آھي. ساڻس ھر جڳھه متڀيد (discrimination) ٿئي ٿو. بيوس غريب جي مفلوڪ الحالي ۽ بُنيادي ضرورتن
(Basic needs) جي بحالي جي ڳالهه ڪئي آھي. ٻوليءَ جا وڻندڙ لفظ، خوبصورتيءَ سان گُهرج مطابق درست (appropriate) جڳھه تي استعمال ڪيا، جنھن سان شعر ۾ دلڪشي پيدا ٿي آھي.
ورثو وبال، گرويءَ جو خيال، جوکو جنجال، زر، ونءُ وڃڻ، نازڪ نفيس، حاسد حريص، خوني خبيث، ڪرف ڪڙو، ڇانگوڇنو، لامن لکن، ڪاڍو ڪڍيائون ڪَڙٻ، ڪانن ڪکن منجهان، پورھيو پٽيائون، مڙس ٿي مڙي انهن سڀن لفظن جو، دُرست جڳھه تي خوبصورت استعمال ٿيل آھي. جي شعر جي فِڪر ۽ معنيٰ کي اثرائتو ۽ وڻندڙ بڻائين ٿا. بيوس جي گيت پڙھڻ بعد غريب سان ھمدرديءَ جو احساس اُڀري ٿو، ورنه سماج ۾ غريب ۽ غربت کي حقارت جي نشاني (symbolic) سمجهيو وڃي ٿو. گيت ۾ ٻوليءَ جو استعمال، موضوعاتي ۽ اسلوب جي تبديلي پڻ نمايان نظر اچي ٿي.
ھِن قسم جا نِج سنڌي لفظ وڻندڙ اسلوب سان استعمال ڪرڻ جو ابتدائي سَھرو (credit) ڪشنچند بيوس ڏي وڃي ٿو، جنھن شروع ۾ سماجي محسوسات جو اثر وٺندي، جديد شاعريءَ کي لغتي ذخيري سان مالامال ڪيو، جنھن کي بعد جي ٻين جديد شاعرن وڌيڪ اوج تي پُڄايو.
”ڪنھن جي منھن ۾ آھه زبان؟
ڪير ھتي منھن کولي سگهندو؟
ڪئوڙو سچ ڪو ٻولي سگهندو؟
ڪنھن جي منھن ۾ آھه زبان؟
بند نه ھوندي بند ۾ آھيون، ڪوٽ ھجي جي ڪوٽ به ڊاھيون،
ذھن جو ڪيئن ٽُٽي زندان؟، ڪنھن جي منھن ۾ آھه زبان؟
ھر ھڪ ھڪٻئي ڏي واجهائي، ھمت ويٺا سڀ ھارائي،
ڪو به نه جاڳي جبرو جوان، ڪنھن جي منھن ۾ آھه زبان؟
ڪم عقلن کي ٿو ڪڍ لائي، ڀورا لوڪ وجهي ڀنڀلائي،
اڳ ۾ اڳرو ٿي اڳوان، ڪنھن جي منھن ۾ آھه زبان؟“ (13)
فانيءَ جي گيت ۾ ننڍي کنڊ ۾ انگريز حُڪمرانيءَ خلاف سماجي تحرڪ جا اثرنمايان آھن ۽ اِھو سماجي انقلاب واري فلسفي جي نمائندگي ڪري ٿو. گيت ۾ شاعر، ٻولي ۽ لغت جي زور تي شعر جي فِڪري پيغام ڏي متوجھه ڪرڻ جو جُھد ڪري ٿو. جديد شاعريءَ جي ابتدائي دور ۾ سنڌ انگريزن جي حُڪمراني ھيٺ ھُئي. انگريزن جو گهڻو دارومدار بالادست طبقي سردار، وڏيري ۽ جاگيردارن جي ڏڍ سان ھو ۽ ساڳيو طبقو، ھيٺئين طبقي جي استحصال تي آماده ھو. جنھنڪري سماج جو گهڻو حصو سخت عتاب ھيٺ ھو. گيت سياسي شعور سان ھمڪنار آهي جنھن ۾ انگريزن جي فسطائيت خلاف بغاوت آھي. شاعر نئين ٻولي، اصطلاحن ۽ محاورن جو سھارو وٺندي، شعر ۾ وڻندڙ دلڪشي ۽ ڇِڪ پيدا ڪئي.
مُنھن ۾ زبان ھجڻ، مُنھن کولڻ، ڪئوڙو سچ ٻولڻ، ڪم عقلن کي ڪڍ لائڻ، ذھنن جو زندان، ھمت ھارڻ، ھڪٻئي ڏي واجهائڻ، ڀورالوڪ وجهي ڀنڀلائي، اڳ ۾ اڳرو سڀ نِج سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ۽ اصطلاح ڪتب آندل آھن، جن شعر جي مقصد ۽ حُسن ۾ توازن پيدا ڪيو.
عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعري ۾ سماجي تحريڪن جو عڪس ملي ٿو. ھُن جي ٻولي سليس ۽ عام مروج ۽ سمجهه ۾ اچڻ واري آھي، جا شاعريءَ ۾ وڻندڙ ٻوليءَ جي استعمال واريون سڀ مھارتون رکي ٿي. جنھن ڪري اھڙي ڪلام جا ديرپا اثر مرتب ٿيا. انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪ جي تناظر ۾ سندس ھڪ نظم جو مختصر ٽڪرو ڏجي ٿو، جنھن ۾ سادي سلوڻي ٻوليءَ جي استعمال، نظم جي مفھوم کي اثرائتو بڻايو آھي.
”خبر ڀي آهي ڪا توکي؟
وڏين قربانين کانپوءِ
ملي ھئي ھيءَ آزاديءَ،
ستم ڏاڍا انهيءَ خاطر،
وطن وارن سھايا ھا.
غلاميءَ جي ذلالت جا ڳرا
زنجير ٽوڙڻ لئه،
وطن وارن مڏيون ۽ مال
گهر تڙ سڀ لٽايا ھا.
ڌيئن، ڀيڻن جي ڇاتين تي
ھليون انگريزن جون گوليون،
۽ مائن ديس جي خاطر
ڪيئن ڪونڌر ڪھايا ھا. “ (14)
غلاميءَ جي ذلالت، ڳرا زنجير ٽوڙڻ، مڏيون ۽ مال، گهر تڙ لٽائڻ ۽ ڪونڌر ڪھائڻ جھڙا لفظ ۽ اصطلاح، نه فقط نظم جي سلاست ۽ بلاغت کي ھٿي وٺرائن ٿا، پر نظم ۾ سمايل پيغام کي پڻ گھَري معنيٰ ۽ جذبابيت بخشن ٿا.
شيخ اياز جديد شاعريءَ ۾ هڪ وڏي ڇال ڏني، جنھن سان شاعريءَ جي ٻولي ۽ لُغت ۾ انقلابي تبديلي آئي. اياز وٽ موضوعن جو ڀنڊارآھي، جنھن سان مروج توڙي متروڪ لفظن جي استعمال سان لغت جي خزاني ۾ ھيڪاندو اضافو ٿيو، نه ته عروضي شاعري گهڻي قدر حُسن مجاز، ھجر فراق ۽ محبوب جي ماڻن ٽاڻن تي، فارسي آميزش ۽ دقيق اسلوب ۾ دستياب ھُئي. جنھن ۾ ٻولي ۽ لُغت جي اعتبار کان ڪا خاص دلڪشي ڪا نه ھُئي، پر اياز تحريڪاتي اثرن جو ڀرپور استعمال ڪيو، جنھن ۾ ٻوليءَ جا استعارا، تشبيھون، ڪنايا ۽ لُغتي خزاني کي طبع آزمائي ھيٺ آڻڻ جو موقعو مُيسر ٿيو.
”آرزوءَ جي اداس نگريءَ ۾،
شام ميرانجهڙيون چڳون ڇوڙي،
آئي آھي مثال بيوه جي-
زندگانيءَ جو جام خالي آ،
گرچه چوڌار قحط سالي آ،
مان چوان ٿو نئون شراب ڀريان،
پنھنجي ڪوزي ۾ آفتاب ڀريان،
آس اُڀري نراس نگريءَ ۾،
آرزوءَ جي اداس نگريءَ ۾. “ (15)
نظم ۾ سنڌ جي ابتر سماجي صورتحال جي عڪسبندي آھي، جنھن کي اياز وڻندڙ ۽ مروج لفظن جي سھاري سان اثرائتي انداز ۾ سماج ۾ منتقل (Transform)ڪيو آھي. ننڍي کنڊ جي ورھاڱي قيام پاڪستان جي فورن بعد غيرمتوقع سياسي فيصلن سبب سنڌ ۾ وڏي بي چيني پکڙي. اياز اھڙي بي چيني کي داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جي امتزاج سان ڀرپور نموني اظھاريو. ھِن نظم ۾ پڻ ٻوليءَ جا عام ۽ مروج ۽ تُز لفظ استعمال ٿيل آھن، جي نظم جي مفھوم کي جاندار بڻائين ٿا. اياز نراس نگريءَ ۾ آس جي اُڀرڻ جي ڳالھه ڪندي، اصل ۾ سنڌ جي سماجي حالت جي تبديليءَ جو خواھان آھي.
بيوه جو، چڳون ڇوڙي مدد لاءِ ٻاڏائڻ جو اصطلاح، مصيبت ڪڙڪي پوڻ جي نشاندھي آھي. آرزوءَ جي اداس نگري، زندگانيءَ جو خالي جام، ڪوزي ۾ آفتاب ڀرڻ، نراس نگريءَ ۾ آس جو اُڀرڻ جا لفظ، اصطلاح ۽ ڪنعايا نظم جي مفھوم کي چِٽو، گھَرو ۽ احساساتي بڻائين ٿا.
اياز جي شاعريءَ تي جن تحريڪن جا اثرآھن، ون يونٽ انهن ۾ وڌيڪ نمايان آھي. سياسي اثرن ھيٺ اياز ٻوليءَ جو جديد ۽ ترقي پسند انداز اپنايو ۽ نوان لفظ ۽ استعارا ڪتب آڻيندي، شاعريءَ ۾ سياسي شعور جي آبياري ڪئي.
”اي قوم! ٻڌايا ٿي قصا ڪلهه توکي مون تقديرن جا،
اڄ باغيءَ باغيءَ جي سر تي ٿو تاج ڏسان تعذيرن جا.
ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي، آ رت ۾ خوشبوءِ مينديءَ جي، !
ڪو ڪيئن نه موٽي زندان ڏي، ٿا زُلف ڇِڪن زنجيرن جا!
اڄ لالُ لھوءَ جي سرگرم تي، ٿي منھنجي ڌرتي رقص ڪري،
مُنھن ھيڊ ٿيا غدارن جا، بي شرم وڏيرن پيرن جا.
ھَر دوکي جي ديوار ڊٺي ۽ اُن جي سِر سِر سا نه ملي.
اڄ ڊوڙي ھرڪو ديوانو ٿو کولي بند اسيرن جا.“ (16)
ون يونٽ جا سنڌ ۽ سنڌي سماج ۽ اُن جي سياست تي وڏا اثر رھيا. سنڌ جي علمي ادبي طبقي يعني شاعرن، ليکڪن، اُستادن، پروفيسرن ۽ شاگردن ون يونٽ خلاف وڏي جدوجھد ڪئي. جِن منجهه جذبو وري جديد شاعريءَ پيدا ڪيو. اُن ۾ شيخ اياز جو وڏو ڪردار آھي. ھِن غزل ۾ خيال ۽ فِڪر سان گڏ ٻوليءَ ۽ لغت جي ترنم لفظن، حرف تجنيس جو بھترين استعمال آھي، جيڪو شعر جي فِڪر ۾ حُسن ڀري ٿو. قوم ٻُڌايا قصا ڪلھه، تو کي مون تقديرن جا، تاج ڏسان تعذيرن جا، رت ۾ خوشبوءِ مينديءَ جي، زُلف ڇڪن زنجيرن جا، لالُ لھوءَ، بي شرم وڏيرن پيرن جا، دوکي جي ديوار ڊٺي، ڊوڙي ھرڪو ديوانو، کولي بند اسيرن جا، لفظ شعر جي معنيٰ کي وڏي تقويت ۽ فِڪر کي وسعت بخشن ٿا. تحريڪاتي اثرن ھيٺ اياز جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي حُسن ۽ خوبصورتيءَ جي جهلڪ ڏسڻ وٽان آھي.
اياز جي، آمريت ۽ مارشل لائي آمرن کي للڪار ھڪ شاعر جي بھادراڻا بغاوت آھي، جنھن جا تاريخ ۾ مثال تمام ٿورا ملندا. ھُو خصوصن ون يونٽ ۾ جنرل ايوب ۽ يحيٰ خان جي مارشل لائن دوران تمام گهڻو سرگرم رھيو. اياز جي اُن دور جي سموري شاعري مزاحمت ۽ باغياڻي فِڪر تي مشتمل آھي، جنھن ۾ سندس شعري ٻوليءَ جو حُسن ۽ خوبصورت لفظن جو استعمال بحر بيقرار جيئن ڇوليون ھڻندي محسوس ٿئي ٿو.
”منھنجو اگهه پڇين ٿو آمر!
منھنجا گيت ڳنھي سگهندين تون؟
ھٽ مٿان ڇا ھُل ٿيو آ
ھرڪو موتيءَ مُلُ ٿيو آ-
ڪيڏي پيھه لڳي پئي آ!
گپا گِيھه لڳي پئي آ!
ڪيڏو ڀاوَ چڙھي ويو آھي!
ھرڪو گيت پڙھي ويو آھي،
تُنھنجا ڍُڪ ڀري ويو آھي
ٻَھه ٻَھه ٻُڪ ڀري ويو آھي-
ڪنھن ساڃھه کي سيڪُ نه آھي
آھي رَک، وويڪ نه آھي
ڏات ڀريءَ بازار وڪاڻي
ڄڻ ڪا ننگي نار وڪاڻي-
مان نه ته ھڪ وڻجارو آھيان،
پر مان سڀ کان نيارو آھيان،
گيت اندر جا گونجي آھي،
سا شيءِ منھنجي پونجي آھي،
مِل مان جو مزدور اچي ٿو،
ھَرُ ھڻندي جيڪو ٿڪجي ٿو،
۽ جو تو سان سينو ساھي،
پير ڪڙين ۾ آيو آھي،
تنھن سان گيت ورھايان بيٺو!
چوواٽي تي ڳايان بيٺو!
جنھن وٽ ڪوئي لڙڪ ڦڙو آ
تنھن منھنجو ھر گيت ڳڌو آ
تو وٽ لُڙڪ ڪٿي آ آمَر!
منھنجا گيت ڳنھي سگهندين؟“(17)
نظم ۾ آمريتي اثرن جي جهلڪ آھي. ھڪ شاعر ھڪ جمھوريت ڪش آمر سان باغياڻي انداز ۽ ارڏائيءَ سان مخاطب آھي ۽ کيس ھڪ شاعر جي فِڪر خريدڻ جي طنز ڪري ٿو. نظم ۾ لفظن جي تُز استعمال سان مفھوم ۽ معنيٰ کي وڌيڪ گھرو ۽ اثرائتو بڻايو ويو آھي. تحريڪن جي اثر ھيٺ اياز جي سموري شاعري جديد اظھار۽ ٻوليءَ جي جدت سان ڀرپور آھي. ھن نظم ۾ استعمال ڪيل ٻوليءَ جا لفظ ۽ محاورا جھڙوڪ: اگهه پُڇين ٿو آمر، گيت ڳنھڻ، ھٽ مٿان ھُل، ھرڪو موتيءَ مُل، پيِھه، گپا گِيھه، ڍُڪ ڀري ويو، ٻَھه ٻَھه ٻُڪ ڀري ويو، بازار وڪاڻي، ننگي نار وڪاڻي، ھڪ وڻجارو، سڀ کان نيارو، گونجي آھي، پونجي آھي، گيت ورھايان بيٺو، چوواٽي تي ڳايان بيٺو، شعر ۾ انتھائي خوبصورتي ۽ تجنيس ۽ نواڻ پيدا ڪن ٿا. سڀ جا سڀ لفظ ٻوليءَ جي خوبصورت، وڻندڙ ۽ تُز استعمال جي نمائندگي ڪندي مفھموم کي دل ڇُھندڙ بڻائين ٿا.
سنڌي سماج ۾ ھاريءَ سان استحصال اوائل کان جاري آھي. انگريزن جي دور ۾ جديد زرعي سرشتي جي شروعات سان، ساڻس استحصال جا نوان طريقا اختيار ٿيا. اِھو سلسلو مختلف شِڪلين ۾ اڄ به جار آھي. وڏيري ۽ جاگيرداري ظُلم ھڪ طرف ته ٻئي پاسي جيلن ٿاڻن ۽ قرضن وسيلي سندس زندگي اجيرن بڻائي وڃي ٿي. جديد شاعريءَ ھاري جي دائمي حقن جي طرفداري ڪئي ۽ ساڻس زيادتين جي کُليل نندا ۽ ھُن جي ڪُٽنبي محرومي ۽ درد جي عڪاسي ڪئي آھي.
”پورھيت جي پٽ جو نظم
منھنجو آھي ھاري پيءَ
گرمي توڙي سيءَ
ڪاھي ھر
ڪکائون گهر
ليڙا ليڙا ويس
110 جو ڪيس
اَبو سدا جيل ۾
اسان پويان ويل ۾. “(18)
مختصر نظم، ٻوليءَ جي ترنم، لئه، رواني ۽ حرف تجنيس جو زبردست مثال آھي. ھاري پيءَ، گرمي توڙي سيءَ، ڪاھي ھر، ڪکائون گهر، ليڙا ويس، ھڪ سو ڏھه جو ڪيس، ابو سدا جيل ۾، اسان پويان ويل ۾ مذڪوره لفظ نظم ۾ترنم ۽ نواڻ پيدا ڪن ٿا ۽ مفھوم کي اثرائتو بڻائين ٿا. ھاريءَ ۽ اُن جي ڪُٽنب جي بيوسي، محرومي ۽ سماجي حالت جي عڪاسي ڪن ٿا، جنھن سان نظم جو فِڪر دل ۾ لھي ٿو.
جنرل ايوب جي آمريت 1970 جي ڏھاڪي ۾، سنڌ اندر ٻوليءَ جي تحريڪ ھلي. جديد شاعرن قومي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ تحفظ ۾ شعري فِڪر جو ڀرپور استعمال ڪيو. ھِن ڏِس ۾، اُستاد بخاري نِج عوامي انداز ۽ اسلوب اختيار ڪندي جذبا جاڳائيندڙ گيت چيا. ھُن ٻوليءَ جا تُز، عام مروج لفظ ۽ لھجو اختيار ڪندي لغتي خزاني کي استعمال ۾ آندو ته وستين، واھڻن، ڳوٺن، ٿرن ۽ برن ۾ ريڍار، ميھار، ٻڪرار، ڳنوار، ڌنار، مطلب ته ھر وات تي ٻوليءَ سان محبت واري وائي جي گونج ھُئي.
”جَل ٿَل جهولي، ڏونگر ڏولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
منڇر، ڪينجهر، سنڌو ساگر
گج گج لھرون، ڇم ڇم ڇولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
پَٽ جو پَٽڪو، پَٽ جي پوتي،
ڍَٽ جو ڍولو، ڍَٽ جي ڍاٽي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
شھرن وارن سيني سانڍي،
ڳوٺن ۾ ڳڻوانن ڳولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي.
پنھنجي ٻولي، ٻول بخاري،
سُھڻي سُرهي سچي سولي،
او لوءِ لوئان لولي!
آمِر نه ٻوليون ٻي ڪا ٻولي. “ (19)
گيت ۾ اُستاد آمريت جي زور تي مادر ٻوليءَ کي رد ڏئي، ٻي ٻولي ڳالھائڻ جي نندا ڪئي آھي. اُستاد شاعريءَ ۾ عام مروج لفظ، فھم ۽ اسلوب جو استعمال ڪندي، ٻوليءَ متعلق شاعريءَ کي فِڪري پيچيدگين کان بچايو ۽ خيال جي آسودگيءَ سان نوازيو، جنھن جي ڪري شاعريءَ ۾ حُسن، ميٺاج ۽ وڻندڙ موسيقيت پيدا ٿي. جَل ٿَل جهولي، ڏونگر ڏولي، لوءِ لوئان لولي عام مروج لفظ، وڻندڙ تجنيس سان استعمال ٿيل آھن. جي گيت جي فِڪر کي ھٿي وٺرائين ٿا. ساڳي طرح منڇر، ڪينجهر، سنڌو ساگر، گج گج لھرون، ڇم ڇم ڇولي، پٽ جو پٽڪو، ڍٽ جي ڍاٽي، پنھنجي ٻولي ٻول، سُھڻي سُرھي سچي سولي، مذڪوره سڀ نوان عام مروج ڪتب آندل لفظ گيت جي فِڪر ۽ خوبصورتي کي تازگي بخشين ٿا، اُن ۾ جذباتيب ڀرين ٿا. جنھن سان پڙھندڙ جي سوچ جي صلاحيت بي ساخته فِڪري مفھوم جي گرفت ۾ اچي ٿي. بلاشُبه اِھو جديد عام مروج فھم ٻولي ۽ لفظن ۽ ترڪيبن جي تُز استعمال جي بدولت ممڪن بڻجي سگهيو آھي.
70 جي ڏھاڪي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ، ون يونٽ ۽ سنڌي ٻولي تحريڪن سان گڏ گڏ ھلي. ھِن تحريڪ پڻ جديد شاعريءَ تي پنھنجا اثر ڇڏيا. مختلف شاعرن پنھنجي پنھنجي اسلوب ۾ نئين انداز سان تحريڪي فِڪر کي عوام ۾ منتقل ڪرڻ جو جُھد ڪيو. جنھن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي جديد استعمال کي ممڪن حد تائين بروءِ ڪار آندو. ھر ٻوليءَ وانگر سنڌي ٻوليءَ کي به پنھنجو لھجو آھي، جنھن ۾ لفظن جي ادائيگي، اظھار ۽ استعمال سان شعر جي مفھوم ۾ مختلف ڪيفيتون جھڙوڪ: سُڪون، بي چيني، طبعيت ۾ ٺھراءُ، اطمينان، اُلڪو، ڳڻتي، ويچار، ڳاراڻا بيان ڪيا ويندا آھن. راشد مورائي 4 مارچ شاگرد جدوجھد جي تناظر ۾ ”چوٿين مارچ جي ھيري سان مخاطب“ عنوان واري نظم ۾ اطميناني ڪيفيت جو اظھار ڪيو آھي، جنھن لاءِ لفظن جي چونڊ ۽ ادائيگيءَ سان نظم جي مفھوم ۾ نواڻ ۽ جدت پيدا ڪئي آھي.
”چوٿين مارچ جي ھيري سان مخاطب
جس ھجئي اي جوڌا جوان!
ٻوھي ۾ سر ڏئي ٻلوان!
لاھي سڀئي وھم گمان،
آجا ڪيئه سڀ انسان!
ساٿين کي جو سڏ ٿيو،
اچو اچو سڀ گڏ ٿيو،
پھريان پھريان جو پھتو،
تنھن تان منھنجو سر صدقو!
ھيڻن جو آھين ھمراھه،
بي غرضو ۽ بي پرواھه،
ڪوڙ سان ڪو نه ڪندين تون ٺاھه،
ويھي ويو آھي ويساھه،
جيڏي تنھنجي سنڌ قديم
ايڏو ئي تون آنھه عظيم!“(20)
جس ھجئي جوڌان جوان، ٻوھي ۾ سر ڏئي ٻلوان، آجا ڪيئه انسان، ھيڻن جو ھمراھه، بي غرضو بي پرواھه، ويھي ويو آھي ويساھه، حرف تجنيس جو خوبصورت استعمال آھي. آخري ٻن سٽن ”جيڏي تنھنجي سنڌ قديم، ايڏو ئي تون آنھه عظيم“ ۾
پوين ٻن لفظن يعني قديم ۽ عظيم تي زور ڏنل آھي، جيڪو زورائتي اُچار
(stressed syllable) جو مِثال آھي، جنھن سان نظم جي مفھوم ۾ وڌيڪ چٽائي ۽ معنيٰ ۾ نِکار پيدا ٿئي ٿو.
”منھنجي رت جون ڦينگون آخر،
تنھنجي منھن تي ٿينديون ظاھر،
توکي قاتل ٺھرائينديون،
تنھنجو ڳاٽ به لھرائينديون.
چيريندڙ ھي چنبا تنھنجا،
ريٽا ريٽا ڳاڙھا ڳاڙھا،
منھنجي گهر ۾ منھنجي سر تي،
اُڀري اسري الري آيا،
منھنجي مارن جون ھي اکڙيون،
ڇوليون ڏيئي ٻوڏون آڻي،
تنھنجون ماڙيون ڊھرائينديون.
تڙپندڙ ھي لاشو منھنجو،
ڌرتيءَ کي رنگ لائيندو پيو،
ويرم ٿوري آھي باقي،
توکي ڀي تڙپائيندو پيو،
تربت جون ھي ٻئي ڪپرون،
توکي پيون ڌونڌاڙينديون،
مون کي پيو سرچائينديون.
تنھنجي رت تي بانس اُٿاري،
ڳلي ڳلي ۾ بدبو ٿيندي،
منھنجي رتڙي گل اڀاري،
واس جو ڏيندي خوشبو ٿيندي،
ٻوٽو ٻوٽو ٻھڪي پوندو،
مکڙيون ديس کي مُرڪائينديون.
تنھنجو ڌڙ ڀي منھنجو دڙ ڀي،
ٿوري ڌرتي والاريندا،
توکي ماڻهو ٿوڪاريندا،
مون لئه ويٺا ٻاڪاريندا،
اينديون جيڪي ديس ڌياڻيون،
نيڻ نماڻا اکڙيون آليون،
مون کي گلڙا پارائينديون.
سونھري اکرن سان ھونديس،
تاريخن ۾ آءُ سدائين،
تنھنجو نانءُ به نيٺ ته ھوندو،
ڇو جو تون ھڪ ظالم آھين،
صديون جيڪي اينديون وينديون،
توکي لعنت ڏينديون وينديون،
مون کي پيون ساراھينديون. “ (21)
سرڪش سنڌيءَ جو نظم، ضياءُ الحق جي آمريت ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جي اثرن ھيٺ، سنڌ جي سماجي حالتن جي تناظر ۾ لِکيل آھي. نظم جي ھر سِٽ ۾ ھڪ ٻن لفظن تي زورائتي اُچار (stressed syllable) کي اختيار ڪندي، مفھوم کي اثرائتو ۽ وزندار بڻايو آھي. نظم ۾ ڪتب آندل ٻولي عام فھم ۽ مروج لفظن تي مدار رکي ٿي، جنھن سان نظم جو مقصد ۽ مفھوم وڌيڪ گھَرو ۽ چٽو ٿئي ٿو. رت جون ڦينگون، چيريندڙ چنبا، ريٽا ريٽا ڳاڙھا، اُڀري، اُسري، اُلري، ڇوليون، ٻوڏون، ماڙيون، تڙپندڙ لاشا، ٿوڪاريندا، ٻاڪاريندا نِج ٻوليءَ جا عام ۽ روزاني استعمال ۾ ايندڙ لفظ آھن، جِن جي استعمال موضوع جي نسبت ۽ مقصد ۾ جان ڀري آھي ۽ نظم جي فڪر کي مجموعي طور باغياڻن ۽ انقلابي اثرن سان ھمڪنار ڪيو آھي.
ھر سڄاڻ شاعر پنھنجي دور جي ناھموار حالتن سان سھمت نه ھوندو آھي. ھُو سماج کي تبديل ڏسڻ چاھيندو آھي. ھُو وقت جي وھڪري سان وھڻ بدران قلم ۽ فِڪر ذريعي انقلاب آڻڻ چاھيندو آھي. ضياءُ الحق جي آمريت ۾ ايم آر ڊي دوران سنڌ جون حالتون، بدترين ھُيون. ھِن دوران لِکيل شاعريءَ انقلابي ۽ باغياڻي آھي.
”سچ
مون آمر تو کي سچ چيو،
جي سچ چوڻ ڪو ڏوھه ھيو،
جي سچ چوڻ گستاخي آ،
ھن ڏوھه جو بدلو ڦاسي آ!
ھن ڏوھه جو مان ڏوھاري ھان،
ھن جرم جو مان اقراري ھان!
تون بيشڪ مون تي ڪات وھاءِ،
يا زور ۽ حيلو ھوڏ ھلاءِ،
يا گهاڻي اندر پيڙي ڇڏ،
يا ڪرٽ وھائي چيري ڇڏ،
تون مون کي جيئري ماري وجهه،
يا وھه جو پيالو پيئاري وجهه،
ڦاسيءَ تي ڀي لڙڪي ويندس،
سچ جو دامن ڪين ڇڏيندس!
ڪر جو توکي ڪرڻو آ،
ھي دور به گذري وڃڻو آ،
ھي ڏاڍ جو ڏونگر ڏرڻو آ،
۽ منھنجو وارو ورڻو آ،
ھڪ ڏينھن انهيءَ ئي ڌرتيءَ تي،
ھر ليکو چڪتو ٿيڻو آ!
تون مان نه رھياسين ڇا ٿي پيو؟
پر سچ سدائين رھڻو آ!“(22)
هي نظم ھوبھو ھڪ آمرکي للڪار آھي، جنھن ۾ اختيار ڪيل ٻولي باغياڻي خيالن جي نمائندگي ڪري ٿي. لفظ نِج ۽ مروج استعمال ڪيل آھن. ھر سِٽ جي آخر ۾ قافيه ۽ رديف کي ايندڙ سِٽ سان ڳنڍي انهي جي اختتام کي عمدگي بخشي وئي آھي. جھڙوڪ: مون آمر توکي سچ چيو، جي سچ چوڻ ڪو ڏوھه ھيو، جي سچ چوڻ گستاخي آ، ھن ڏوھه جو بدلو ڦاسي آ. ھتي سچ، ڏوھه، گستاخي، ڦاسي تي زورائتي اُچار (stressed syllable) جو عمده استعمال نظم جي معنيٰ ۽ مفھوم کي چِٽو ڪيو آھي. اھڙي طرح لفظن جو تجنيسي استعمال پڻ خاص ڌيان ڇِڪائي ٿو. جھڙوڪ: ڪر جو توکي ڪرڻو آ، دور به گذري وڃڻو آ، ڏونگر ڏرڻو آ، وارو ورڻو آ، ليکو چڪتو ٿيڻو آ شاندار تمثيلي ۽ ترڪيبي معنيٰ بخشن ٿا.
ضياءُ الحق جي مارشل لا ۽ ايم آر ڊي خلاف تحريڪ سياسي نوعيت جي ھُئي، پر اڳتي ھلي اِن ۾ سڄي سنڌ جي سماجي شموليت ٿي، ڇو ته آمرانه روش سبب سماجي بيزارگي عروج تي ھُئي. محمد خان مجيدي ھيٺين نظم ۾ اُن جي عڪاسي ڪئي آھي.
”جابر توسان جنگ اسان جي سالن تائين جار رھندي
دادو، موري، ھالاڻي ۽ ھالن تائين جاري رھندي
ٻارن، ٻُڍن، مردن توڙي زالن تائين جاري رھندي
بندوقن، بم گولن توڙي ڀالن تائين جاري رھندي
جت ڪٿ ٿيندي سوڀ اسان جي جابر پويان پير ڪندين
ڀڙڪو کاڌو ڀاڳيتن تون خالي سارا ديرا ڪندين.“ (23)
شعر ۾ استعمال سڀ لفظ عام آھن. سادن لفظن جي استعمال اُن جي اسلوب کي به آسان بنايو آھي، تنھنڪري ھڪ عام تعليم يافته ڳوٺاڻو به اِن جي مفھوم سان سھمت ٿيڻ ۾ قباحت محسوس ڪونه ڪندو. شعر ۾ قافيي ۽ رديف جو ورجاءُ جھڙوڪ: سالن تائين جاري رھندي، زالن تائين جار رھندي، ڀالن تائين جاري رھندي، وڻندڙ معنويت بخشي ٿو. ساڳئي جاءِ تي جابر تو سان جنگ، ڀڙڪو کاڌو ڀاڳيتن جي تجنيس حرفي به شعر جي خوبصورتيءَ کي وڌائي ٿو.
”سِنڌوءَ تي لامارا آھن
پنھنجا درياھه وڪڻي ھاڻي سنڌوءَ تي لامارا آھن
ڪالاباغ اڏڻ وارن جا اندر ڪيڏا ڪارا آھن
وسري ويئڙيون سڀ وڄائُون، لھرين ساڻ لھان ٿي لائون
وچ سِير ۾ آھيان آئون، ڪيڏا ڏور ڪنارا آھن. “(24)
. . . . .
”فرات نھر نه آھي اھو ته سِنڌو آ
انهيءَ ۾ رَتُ نه پاڻي، انهيءَ ۾ واري آ. “ (آن لائين)
امداد حسيني جديد شاعريءَ جو اھم نالو آهي، جنھن جي شاعريءَ ۾ ٻولي ۽ لفظن جي حُسناڪي ڏسڻ وٽان آھي. ھُن لفظن جي چونڊ ۾ ھميشه احتياط کان ڪم ورتو آھي. تنھنڪري جديد شاعرن ۾ کيس اھم مقام حاصل آھي. مٿيان شعر ڪالاباغ ڊئم تحريڪ جي تناظر ۾ آھن. جنھن ۾ خيال جي عمدگي، قافيه جي ڪمال روانيءَ سان مفھوم کي وڏي تقويت ڏئي ٿي. سنڌو تي لامارا آھن، اندر ڪيڏا ڪارا آھن، غزل جي مطلع جي ٻنھي سِٽن جي آخر ۾ لفظن جو ترڪيبي ۽ استعاراتي استعمال شعر جي مفھوم کي اثرائتو بڻائي ٿو. ٻئي شعر ۾ درياءَ اندر واري اڏامڻ جو استعاراتي استعمال قومي جذبات اُڀاري ٿو.
”ھاڃان ھونءَ ته ھزارين آھن، ھيڏو سارو ھاڃو ھيل،
پاڻي بند پنوھارن جو ٿيو، ھي يزيد امام جو کيل.
درد وندن جون دانھون توتي، ديس منھنجي جا درياءَ شاھه،
ڪھڙي روڪ آروڪيو توکي، پنوھر پياسا ٿي ويا پاھه،
صدين کان تو سيرون ڏيئي، واھيا وانگين واھُڙ واھه،
منھنجي ڏٻري ڏيھه سڄي جو، سنڌو تون ئي ساھه پساھه،
تنھنجي سوڪ آ سنڌ سڄي تي، جھڙي تاتارين جي ڪاھه،
مانڊي تو ڪنھن مُنڊ وڌا، يا پاڻ کڻين وئين چت تان چاھه،
اسان ڦڙي لاءِ ڦٿڪون ويٺا، تنھنجي ڍولڻ ھيڏي ڍيل!
سھتا سوڍا درس ڇڏي ويا، پنوھر پليجا تنھنجو پيٽ،
ور ور ڏيو پئي واري اڏامي، جت ھا چاندي ھاڻا چيٽ،
آبادي اُس کڻي وئي، جهوريو جهولن جي ته جهپيٽ،
ملڪ مٿان ڄڻ موت ڦري ويو، مارو ٿي ويا ملياميٽ،
تو نه جڳاءِ جڳ جا جاني، ھيڏي ساري لالڻ ليٽ،
گنگن ٻوڙن گگدامن جا، پاڻيءَ ري ٿيا پيلا پيٽ،
رت روئاري راڄ ڇڏيا تو، ھاڻي اچي ڪر ريل ۽ ڇيل!“ (25)
ابراھيم منشي عوامي انقلابي شاعرآھي، جنھن جديد شاعريءَ ۾ نئين ۽ مروج ٻولي، ترڪيبن، تشبيھن ۽ تمثلين جي استعمال سان وڏي معنيٰ خيزي ۽ دلچسپي پيدا ڪئي. ڪالاباغ ڊئم ۽ پاڻي کوٽ جي تناظر ۾ لکيل سندس ھيءَ نظم پڻ ٻوليءَ جي خوبصورتي ۽ تجنيس حرفيءَ جي عمده استعمال جو زنده مثال آھي، جنھن ۾ نِج ۽ مروج لفظ جھڙوڪ: ھاڃا ھيل، پاھه، واھه، ساھه پساھه، ڪاھه، ڍيل، پيٽ، چيٽ، جهپيٽ، ملياميٽ، ريل ۽ ڇيل لفظ نظم جي فِڪر ۽ سُونھن ۾ اضافو ڪن ٿا. نظم ۾ لفظن جي تجنيس حرفيءَ جو پڻ ڪاريگراڻو استعمال آھي. جھڙوڪ: ھاڃا ھونءَ ته ھزارين آھن، ھيڏو سارو ھاڃو ھيل، پاڻي بند پنوھارن جو، درد وندن جون داھون، ديس منھنجي جا درياءَ شاھه، پنوھر پياسا ٿي ويا پاھه، واھيا وانگين واھڙ واھه، اسان ڦڙي لاءِ ڦٿڪون ويٺا، تنھنجي ڍولڻ ھيڏي ڍيل، سھتا سوڍا درس ڇڏيا ويا، پنوھر پليجا تنھنجو پيٽ، گنگن ٻوڙن گگدامن جا، پاڻيءَ ريءَ ٿيا پيلا پيٽ ھيءَ سڀ اعليٰ تجنيس حرفيءَ جو عمده استعمال آھي، جنھن سان نظم جي مقصديت ۽ مفھوم کي وڏي ھٿي ملي ٿي ۽ شاعر جو فِڪر پڙھندڙ ۽ ٻڌندڙ جي فھم ۾ گهر ڪري ٿو.
تجنيس حرفي، چوڻيون، پھاڪا، اصطلاح ۽ محاورا ٻوليءَ جون اھم خاصيتون ھونديون آھن. ساڳي ريت شاعريءَ ۾ اُنهن جي استعمال سان گڏ صنايع ۽ بدايع، ترڪيبون ۽ بندشون، تشبيھون، لفظن جي بيھڪ ۽ بناوٽ، بيان ۽ زبان جو چسڪو معنيٰ ڏيڻ، اثر وٺڻ ۽ شعر جي فِڪر ۾ مٺاس پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آھن، جنھن سان ٻولي پڻ سلاست ۽ بلاغت جي پد تي پھچندي آھي. ابراھيم منشي جو شعر بلاشُبه اھڙين خاصيتن ۽ خوبين سان ٽمٽار آھي.
”سنڌو
سنڌو توسان سَڱ آھن،
ديس وارن ديوانن جا،
درد جا رشتا، دل جون ڳالھيون،
پور پراڻا، خواب خوشين جا،
ورھين کان تو سانڍيا آھن،
اڻڄاتل انسانن جا!
منھنجي ديس جي ڌرتيءَ تي آ
تنھنجي ڇايا، تنھنجا ڇيڄ،
ڏيھُه ڀلي ڏھڪاءُ جو پر
ڏاھپ ڏاھپ تنھنجا ڏيج.
ماروئڙن جو ساھه به تون آن،
چاھه به تون آن،
خوشيون تو سان،
ڏک-سک توسان،
گيتن جي گونجار به توسان،
قرب ڪڙا اقرار به توسان،
جيت به توسان ھار به توسان،
محبت جي مھڪار به توسان
تنھنجي لات لطيف جي وائي،
تنھنجو پاڻي امرت ڌارا،
تنھنجون لھرون گئوان لوليون،
تنھنجي چاھت چوڏس جھڙي،
ٻھَه ٻھَه ٻُرندڙ تنھنجون ٻوليون،
ڪاڪ منجهان ڪا خاڪ اُڏاڻي،
مھڪِي پيو مھراڻ جو پاڻي. “(26)
ڪالاباغ ڊئم جي معاملي ۾ جديد شاعري نھايت حساس آھي، ڇو ته پاڻيءَ سان انساني تھذيبن جي ترقي ۽ ارتقا سلھاڙيل آھي. ڪالاباغ ڊئم تحريڪ کي جديد شاعري، حساسيت جي نظر سان ڏٺو آھي. ھِن ڏِس ۾ جذباتي گيت، نظم، وايون ۽ ٻيا شعر لِکي قوم جي جذباتي وابستگي کي سلھاڙي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. قمر شھباز جي مٿئين نظم ۾ پڻ ساڳئي قسم جي شاعراڻي ٽيڪنڪ کي استعمال ھيٺ آڻيندي عوامي دلچسپي کي موضوع سان سلھاڙڻ جي ڪوشش ٿيل آھي. جنھن ۾ ٻوليءَ جي نج نبار لفظن سان جاذبيت پيدا ڪئي آھي. سنڌو توسان سڱ آھن، ديس وارن ديوانن جا، درد جا رشتا، دل جون ڳالھيون بظاھر عام استعمال جا لفظ آھن پر انهن کي بھترين شاعراڻي طريقي سان ورجائيندي نظم جي مفھوم کي وڻندڙ ۽ جاندار بنايو آھي.
شاعريءَ ۾ ماحول کي خاص اھميت حاصل آھي. ماحول جي تبديليءَ سان گڏ موضوع ۽ معيار ۾ جدت پيدا ٿئي ٿي. جديد شاعرن، سياسي ۽ سماجي تحريڪن جو اثر وٺندي جديد شاعريءَ ۾ نوان موضوع داخل ڪيا، جنھن سان ٻوليءَ جي نج لفظن، محاورن، ترڪيبن، تشبيھن ۽ تمثيلن جو استعمال ممڪن بڻيو. اھڙي طرح شاعريءَ سان گڏ ٻوليءَ کي پڻ ترقي ۽ اوج مليو.
نتيجو:
سياسي سماجي تحريڪن جي اثر ھيٺ، جديد سنڌي شاعريءَجي فِڪر، ٻولي ۽ اظھار جي انداز ۾ وڏي تبديلي آئي ۽ جنھن سان شاعريءَ ۾ صنفي، موضوعاتي، اسلوب، ٻولي، لغت ۽ اُن جي بناوٽ (structure) ۾ نواڻ آئي. نوَن مسئلن ۽ موضوعن کي اظھارڻ لاءِ دلڪش ٻولي پيدا ٿي ۽ اُھا عوامي جذبن جو ترجمان بڻي ۽ نئين قسم جي شاعريءَ لاءِ ”جديد شاعريءَ“ جو اصطلاح (term) استعمال ٿيو. ھِن قسم جي شاعريءَ ۾ خارجي، سماجي، سياسي موضوعن جي ڪري جاذبيت پيدا ٿي، جيڪا جديد دور جي سياسي شعور ۽ سماجي تحريڪن جي ڪري ئي ممڪن بڻي.
جديد سنڌي شاعرن تحريڪن جو ڀرپور اثر ورتو. جنھن سان سماجي شعور شاعريءَ جي وسيلي سياسي اثر قبوليو ۽ معاشري ۾ ھڪ قسم جي نئين جاڳرتا پيدا ٿي. شاعراڻو فِڪر ۽ سماجي شعور، سياسي تحريڪن جي اثرن ھيٺ ويجهو ٿيو ته شاعريءَ جي فِڪر ۽ ٻولي ۾ تبديلي آئي ۽ لغت جي ذخيري ۾ خاطرخواه واڌارو ٿيو، جنھن سان ٻوليءَ کي وسعت ملي.
حوالا:
- org
- سولنگي، عاشق حسين. (2007). سنڌ ھاري ڪميٽي تاريخ ۽ جدوجھد. ڏوڪري لاڙڪاڻو: لَبِ درياءَ ھسٽاريڪل سوسائٽي ص 32
- سميجو، اسحاق ڊاڪٽر. (2020). شيخ اياز جي شاعري. سنڌ ڪنڊيارو: روشني پبلڪيشن ص xiii
- الحيدري، شمشير. (2012). سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر. ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ ص 34
- الانا، غلام علي ڊاڪٽر. (مرتب: مھراڻ ملاح) (2008). سنڌي ٻولي تحريڪ (مقالا ۽ مضمون). حيدرآباد: فنيڪس بڪ ص 3
- https://surahquran.com/aya-22-sora-30.html
- بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر. (آن لائين). جامع سنڌي لغات.
- سھتو، عبدالوھاب، انجنيئر. 02021). شاھه جي شاعريءَ ۾ اصطلاحي عنصر. حيدرآباد: رومي پبلشرز ص 13
- جويو، خاڪي. (1985). آسڻ جن اريج. لاڙڪاڻو: سرس سنگت ص 19، 20
- اياز، شيخ. (مھاڳ) (2013). سنڌي شاعريءَ جو سفر. (تحقيق ۽ چونڊ: ذاولفقار سيال) سنڌ: سنڌي ادبي سنگت ص 66
- گرامي، غلام محمد. (1977). ويا سي وينجهار. (پھريون ايڊيشن) سنڌ حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ ص 3، 4
- بيوس، ڪشنچند. (1984). سڏ پڙاڏو ساڳيو. ڪڇ آديپور: شري ھوند راج دکايل پريذيڊنٽ بيوس راڻي مندرص 13
- فاني، کيئلداس. (1995). سمُنڊ سمايو بُوند ۾. سنڌ ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ ص 28
- گدائي، عبدالڪريم. (1975). پکڙا ۽ پنھوار. جيڪب آباد: ضلع ترقياتي ائسوسيئشن ص 29، 30)
- اياز، شيخ. (1989). ڀونر ڀري آڪاش. ٽنڊو ولي محمد سنڌ حيدرآباد: نيو فيلڊس پبليڪيشنس ص 129
- اياز، شيخ. (مرتب: اسحاق سميجو) (2015). ڳاءِ انقلاب ڳاءِ. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن ص 756
- اياز، شيخ. (مرتب: اسحاق سميجو) (2015). ڳاءِ انقلاب ڳاءِ. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن ص 429، 430
- ميراڻي، منصور. (سھيڙيندڙ: امداد چانڊيو)(1977). جاڳرتا. سھڻي پرنٽرس ص 18
- بخاري، استاد. (1999). ڳائي پيو جاڳائي پيو. ڪنڊيارو: روشني پبلڪيشن ص 20
- مورائي، راشد. (2005). شعلا شعلا واءَ ۾. ڪراچي: نيشنل پبلشنگ هائوس ص 139
- سنڌي، سرڪش. (1993). پيار ۽ آزادي. لاڙڪاڻو: چانڊڪا پبلڪيشن ص 166، 167
- ارشد، عبدالحڪيم. (1986). ڏيئا ڏيئا ڏات جا. سڪرنڊ: سنڌ اشاعت گهرص 50
- مجيدي، محمد خان. (2000). مٽي منھنجي مٽي آھي. ارشاد ساگر پبليڪيشن سجاول ص 399
- حسيني، امداد. (2019). ھوا جي سامھون. سنڌ سلامت ڪتاب گهر (ڊجيٽل ائڊيشن)ص 232
- مُنشي، ابراھيم. (2018). گوندر ويندا گذري. سنڌ سلامت گهر (ڊجيٽل ائڊيشن)ص 37، 38
- شھباز، قمر. (2018). چنڊ رھين ٿو ڏور. سنڌ سلامت ڪتاب گهر(ڊجيٽل ائڊيشن)
ص 186، 187