ادبي تاريخن جا تضاد (ڪلاسيڪل شاعرن جو ادبي تاريخن ۾ تذڪرو)
(Classical Sindhi Poets in the History of Sindhi Literature )
انيلا ’انمول‘ ميمڻ
Abstract
This research paper aims to examine the discussion of classical Sindhi poets in the context of the development of Sindhi literary history. It is worth noting that Khan Bahadur Muhammad Siddique Memon is credited as the pioneer in writing the history of Sindhi Literature. The initial part of his work is dedicated to poetry, while the subsequent part encompasses essays, both poetic and prose. After 35 years, in 1962, Dr. Nabi Bux Baloch published his meticulously researched book titled ‘Sindhi Boli Aen Adab ji Tarikh’ (A history of Sindhi language and literature), which extensively covers the origins, evolution, and structure of Sindhi language, alongside its linguistic composition, scope, and literary traditions. Moreover, it describes the Samma period as the flourishing era of high Sindhi poetry and discusses the rise of Sindhi literature and its fluctuations. In 2004, the Sindhi Language Authority released a three-volume book titled ‘Sindhi Adab ji Tarikh’ (History of Sindhi Literature) by Dr. Abdul Jabbar Junejo, with two volumes dedicated to poetry and the third shedding light on prose. Additionally, Akbar Laghari’s ‘Sindhi Adab jo Mukhtasir Jaizo’ (Brief Overview of Sindhi Literature) explores 192 poetic styles within a single volume. This research paper critically compares and analyzes the poetic aspects discussed in these histories of Sindhi Literature, examining the development of poetry, its stylistic categorization, commentaries, criticism, and innovation.
Keywords: classical Sindhi poets, History of Sindhi literature, Criticism, literary traditions.
ادبي تاريخن جو تعارف
سنڌ ۾ سڀ کان پھرين ادبي تاريخ خان بهادر محمد صديق ميمڻ لکي. جنھن جا چار ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. ان جو پھريون ڇاپو 1937ع ۾ سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد طرفان شايع ڪيو ويو. هن مقالي لاءِ اُن ڪتاب جي چوٿين ڇاپي کي آڏو رکيو ويو، جيڪو سن 2000ع ۾ ڇپيو.
ميمڻ محمد صديق پنھنجي تاليف ”سنڌي ادبي تاريخ“ کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي. پھريون ڀاڱو شاعريءَ تي مشتمل آهي ۽ ٻيو ڀاڱو مضمون (نثر ۽ شاعري) تي مشتمل آهي. منھنجو تحقيقي اڀياس فقط شاعري واري ڀاڱي تي آڌاريل آهي. جنھن ۾ شاعرن جي سوانح حيات، شعري داخلائن ۾ ورجاءُ ۽ تضاد يا نواڻ بيان ڪيل آهي.
محمد صديق ميمڻ پھرئين ڀاڱي جي شروعات علم و ادب سنڌ جو علم ادب، سنڌي ٻوليءَ جي ماهيت، عربي سنڌي صورتخطي کان پوءِ اوائلي سنڌي شعر کان ڪئي آهي.
محمد صديق ميمڻ، دودي چنيسر جي قصي واري موجود شاعريءَ کي اوائلي سنڌي شاعري ڪوٺي ٿو. جڏهن ته سنڌي جو جهونو ۽ نج شعر ماموين جي بيتن کي چوي ٿو. جيڪو فقط هڪ بيت ڏنل آهي. ان کان پوءِ سنڌيءَ جو بنيادي ۽ تحريري شعر قاضي قادن جو ڄاڻائي ٿو. مطلب ته صديق ميمڻ تحريري صورت ۾ مليل شعر جي ڪري قاضي قادن کي ئي پھريون شاعر مڃي ٿو. ان کان پوءِ سما دور جي شاعرن کان ويندي انگريز دور تائين ڪيترن ئي اهم شاعرن جو ذڪر ڪري ٿو، پر هن ڪيترن ئي اهم شاعرن کي پڻ نظر انداز ڪيو آهي. جيڪو سندس لکيل ادبي تاريخ ۾ هڪ وڏو خال آهي. ان جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ پنھنجي ادبي تاريخ ۾ ڪيو آهي.
هي ڪتاب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ’سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ‘ بابت تحقيق تي مشتمل آهي، جنھن جا هن وقت تائين چار ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن. پھريون ڇاپو 1962ع ۾ شايع ٿيو، جنھن ۾ 500 ق. م کان 1520ع، سمن جي دور تائين تاريخ شامل آهي. ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن 1980ع ۾ شايع ٿيو، جنھن ۾ 500 ق. م کان 1690ع، ارغون، ترخان، مغليه دور تائين سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ شامل ڪئي وئي آهي. ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن 1990ع ۾ ڇپيو، جنھن ۾ 500 ق. م کان 1860ع ٽالپرن جي دور تائين جو تذڪرو شامل آهي. ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، 1999ع ۾ ڇپيو آهي، جنھن ۾ 500 ق. م کان ٽالپر دور جي خاتمي کانپوءِ تائين واري تاريخ شامل آهي. ڪتاب جا پھريان ٻه ڇاپا سنڌ يونيورسٽي پريس شايع ڪيا.
هن ڪتاب جي پھرين ٽن بابن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل، ترقي ۽ تشڪيل تي روشني وڌي ويئي آهي. باب چوٿين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعمير ۽ توسيع ۽ زباني ادب جي اوسر بيان ڪئي ويئي آهي. باب پنجين ۾ اعليٰ معياري شاعري جي ابتدا سمن جي دور ۾ بيان ڪيل آهي. ان کان پوءِ ڇهين، ستين ۽ اٺين باب ۾ سنڌي ادب جي عروج ۽ لاهن چاڙهن کي تحقيقي انداز ۾ بيان ڪيو ويوآهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، بابا فريد شڪر گنج کان ويندي ساميءَ تائين تقريباً هر ننڍي وڏي شاعر جي شاعريءَ تي روشني وڌي آهي. پر ڪجهه ٻيا به اهم شاعر رهجي وڃن ٿا جن جي شاعري کي نظرانداز ڪيو ويو آهي جن جو ذڪر محمد صديق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ اڪبر لغاري ڪن ٿا.
ادبي تاريخن جي تسلسل ۽ جيڪا نئين ادبي جوڙجڪ ڪئي ويئي آهي اها ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ٽن جلدن ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي آهي. جنھن جا ٻه جلد شاعري ۽ ٽيون جلد نثر تي مشتمل آهي.
جلد پھريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2004ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنھن ۾ سنڌي شاعريءَ جي ابتدا ڇپجي پڌرو ٿيو. جنھن ۾ سنڌي شاعري جي ابتدا کان ويندي عروضي شاعريءَ جي ابتدا، لوڪ ادب کان ميرن جي صاحبي ۽ سنڌي موسيقيءَ تائين بيان ڪيل آهي. پوين ٻنهي ادبي تاريخن کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جي لکيل ادبي تاريخ گهڻي قدر مڪمل ۽ وڌيڪ معياري لڳي ٿي. ڇاڪاڻ ته سندس ادبي تاريخ ۾ پوين ٻن ادبي تاريخن جو ورجاءُ حوالن جي سگهاري ڪڙي آهي. ان کان علاوه ان ۾ گهڻي تحقيق کان پوءِ ادبي تاريخ کي وڌائي ويجهائي لکيو ويو آهي. پر ڪجهه اهڙا شاعر به آهن جن جي پوين ٻن تاريخن ۽ اڪبر لغاري واري ادبي تاريخ ۾ آهي. پر ڊاڪٽر عبدالجبار جي ادبي تاريخ ۾ ذڪر نه آهي. جن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
هن تحقيق لاءِ چونڊيل چوٿون ڪتاب ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ اڪبر لغاري جو آهي. جيڪو هڪ ئي جلد ۾ 192 صفحن تي مشتمل آهي. جنھن جو مھاڳ ڊاڪٽر اسحاق سميجي لکيو آهي. هي ڪتاب مختصر ۽ جامع هجڻ جي ڪري سي ايس ايس ۽ پي سي ايس سميت سنڌي ليڪچرر جي تياريءَ لاءِ گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪتاب آهي. مون وٽ ان جو ويھون ڇاپو موجود آهي جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ 2018ع ۾ ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ فقط ڪجهه ئي اهم اهم شاعرن تي نظرثاني ڪئي وئي آهي. جڏهن ته وڏن ۽ اهم شاعرن جي فھرست کي نظر انداز ڪيو ويوآهي جن جو ذڪر محمد صديق ميمڻ، ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي ادبي تاريخن ۾ ڪيو ويو آهي.
سنڌي شاعريءَ جون پاڙون ڌرتيءَ جي پاتال ۾ کتل آهن. تحقيق مان پتو پوي ٿو ته هي ڌرتي شاعرن جي ڌرتي رهي آهي ۽ هتي علم ۽ ادب جا اهڃاڻ تمام قديم دور کان ملن ٿا.
ادبي تاريخن ۾ اوائلي سنڌي شعر:
محمد صديق ميمڻ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڀٽن ۽ ڀانن جي زباني ڳايل دودي چنيسر جي جنگ کي اوائلي شاعري ڪوٺي ٿو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ ۾ ”ارھ اصره ککرا کي کره مندره“ واري مليل مفروضي کي تاريخ لاءِ هڪ قيمتي وٿ ڄاڻائي ٿو. مجمل التواريخ والقمص جي مصنف کيس ”سر زمين سنڌ جو شاعر“ آهي.
بلوچ صاحب جنھن بيت کي اوائلي شعر ڄاڻائي ٿو، اهو امام حافظ ابو حاتم جي ڪتاب روضة العقلا وترهز الفضلا ۾ لکيل آهي ته ”مون ابراهيم کان ٻڌو ته، جنھن ابن ابي الفعفاع کي چيو ته مون سان ابو هديل ڳالهه ڪئي ۽ چيائين ته آئون يحييٰ خالد برمڪي وٽ ويٺو هوس جو هڪ هندي شخص پنھنجو مترجم سان گڏ ڪچهري ۾ آيو: يحييٰ کي مترجم چيو هي شخص شاعر آهي ۽ توهان جي مدح ڪئي اٿس. يحييٰ چيو ته ڀلي ٻڌائي انهيءَ تي هن شخص وراڻيو،
اره اصره ککرا کي کره مندره
اسان وٽ نيڪين جو ذڪر ٿيندو آهي ته تنھنجو مثال ڏيندا آهن. (1)
ٻئي هنڌ اهو ساڳيو بيت حضرت بلال حبشيءَ جو نبي ڪريم ﷺ جن جي تعريف ۾ بيان ٿيل ڄاڻائي ٿو، جنھن جو حوالو ابن نورالدين المڪي جي ڪتاب ”نزهة الجليس“ مان ورتل آهي.
عربن جي ادبي ذوق ۽ قدردانيءَ جي ڪري ڊاڪٽر بلوچ، عرب دور کي سنڌي شاعري جو اوائلي دور ڄاڻائي ٿو. پر اهو واضح ڪري ٿو ته هن دور جو ادب لکت جي صورت ۾ محفوظ ناهي رهي سگهيو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي ادبي تاريخ جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ ان تذڪري کي وڌائيندي لکي ٿو ته هي شعر حضرت بلال حبشيءَ جي مزار تي لکيل آهي ۽ عربي ڪتابن ۾ لکجڻ سبب پنھنجي اصلي صورت ۾ رهيو آهي.
هڪ ٻي راءِ پيش ڪندي ڊاڪٽر جبار لکي ٿو ته:
”شاعر يا صاحب ممدوح جو نالو منڌرو هو يا هو ذات جو منڌرو هوندو. بغداد وڃڻ کان اڳ اهو شعر سنڌ (لاڙ) ۾ چيو هوندائين صورت حال کي منھن ڏيڻ لاءِ برمڪي وزير اڳيان اهو شعر پڙهيو هجيس. انهيءَ ڪري شعر جو اصل متن هيئن هوندو.
اهڙا ٻڙا ڪو (نه) ڪري، ڪ ڪري منڌرو
منڌرا قوم لاڙ، ڏکڻ بدين ۾ آباد آهي
موليٰ مٿان مون، ٻڙو لاه مَ ٻاجهه جو. (شاھ) (2)
اڪبر لغاري ’سنڌي ادب جو مختصر جائزو‘ مفروضي تحت عربن جي دور کي سنڌي شاعري جو دور تسليم نه ٿو ڪري بلڪه سومرا دور کي سنڌي شاعريءَ جو دور مڃي ٿو.
اوائلي شعر بابت معياري ادبي تاريخن جنھن شعر تي بحث ڪيو آهي جيڪڏهن ان کان پھرين تاريخ تي نظر ڊوڙائجي ته اسان کي راءِ دور 495ع کان 632ع ۾ چچنامي مطابق راءِ سھاسي وٽ رام نالي هڪ صاحب، هو جيڪو سڀني دفتري ڪمن جي خط و ڪتابت ڪندو هو، ان وقت به سنڌي ٻولي رائج هئي. مؤرخن جي خيال مطابق اها سنسڪرت، هندي ۽ فارسي جي ملاوت واري سنڌي ٻولي هئي. ان کان برهمڻ دور تي نظر وجهجي ته موهني ديويءَ جا چچ ڏانهن لکيل سنڌي شعر ۾، ان کان پوءِ عرب دور ۾ قرآن پاڪ جو منظوم سنڌي ۾ ترجمو سڀني ڳالهيون ان شيءَ جي ثابتي ڏين ٿيون ته سنڌي شاعريءَ جون پاڙون ڌرتيءَ جي پاتال ۾ کتل آهن.
شاعري فرد جي اندر جي احساسن، جذبن، امنگن، خيالن، خوابن، سوچن ۽ فرد گھرائي ۾ اڀرندڙ خيالن جو مترنم اظھار آهي. جيڪي هو ڪنھن به واقعي حادثي يا ڪنھن به نظر ايندڙ منظر کان پوءِ ڦٽن ٿا. انهن خيالن جي مترنم اظھار جو نالو شاعري آهي. انسان هڪ سماجي جانور آهي جيڪو ازل کان ڏک، غم، خوشي ۽ راحت کي مترنم انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ فرحت محسوس ڪندو آهي.
اهڙي طريقي سان شاعري به انسان ٻولي ٻولڻ گڏئي شروع ٿي آهي، ۽ سنڌ ۾ تحريري صورت ۾ اسان کي سومرا دور ۾ ئي شاعري ملي ٿي. ڪنھن به ادب جي تاريخ ان جي ثابتيءَ تي بنياد رکي ٿي ۽ اها ثابتي اسان کي سومرن جي دور کان ملي ٿي.
ڪلاسيڪل شاعري
ڪلاسيڪل جي لفظي معني آهي اعلي درجي وارو، معياري يا عمدو.
سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ کي اساسي شاعري چيو وڃي ٿو جيڪا نج سنڌي ڌرتيءَ جي پيداوار آهي جنھن املهه ماڻڪ پيدا ڪري ادبي سرمايو پيش ڪيو آهي. جيڪو اسان لاءِ قابل فخر آهي.
بورنيتيئر مطابق:
”ڪلاسيڪل دور هر قوم جي تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ايندو آهي ۽ اهو ان وقت ايندو آهي، جڏهن ان جي زبان ڪمال درجي کي پھچندي آهي“
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪلاسيڪل شاعرن سنڌي شاعريءَ کي ڪمال درجي تي پھچايو آهي.
ڪلاسيڪل شاعري اهڙي شاعري آهي، جيڪا هميشه جيئري رهي ٿي، جنھن تي زماني جي لاهن چاڙهن جو ڪوبه اثر نه پئي ۽ هر دور ۾ پنھنجو اصل مقام قائم ۽ دائم رکي ۽ پنھنجي خوبصورتي برقرار رکي.
ڪلاسيڪي ادب اهو ادب آهي جيڪو پنھنجي ابديت ۽ آفاقيت ۽ گھرائيءَ حسن ۽ صداقت جي ڪري زماني جي طوفانن ۽ انقلابي حالتن بدلجن ٿيون پر اهڙي ادب جي عظمت ۾ ڪو فرق نه ٿو اچي اهوئي ڪلاسيڪل ادب آهي. (3)
سنڌي ادب ۾ ڪلاسيڪل شاعريءَ جي شروعات، ادبي تاريخن مطابق بابا فريد گنج شڪر کان ٿئي ٿي.
گهڻا محقق، قاضي قادن کي پھريون سنڌي شاعر مڃين ٿا پر حقيقت اها آهي ته بابا فريد جا ڪيترائي دوها Couplets ملن ٿا، جيڪي فن ۽ موضوع جي لحاظ کان ڏاڍا سھڻا ۽ سگهارا آهن. هن وقت جيڪڏهن بابا فريد جي مزار پنجاب ۾ آهي ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته هو ڪو سنڌي شاعر نه هو، بلڪه ان وقت سنڌ جون حدون ملتان کان به اڳتي هيون. بابا فريد نه فقط سنڌيءَ جو پر پنجابي ۽ سرائڪيءَ جو به پھريون شاعر آهي، جنھن جي شاعري تاريخ ۾ لکت ۾ ملي ٿي.
ڪلاسيڪل شاعر
بابا فريد مسعود شڪر گنج:
بابا فريد شڪر گنج جو اصل نالو مسعود ۽ لقب فريدالدين هو. پاڻ برصغير جو وڏو صوفي ۽ عالم ٿي گذريو. پاڻ 1173ع ۾ ملتان جي هڪ ڳوٺ کوتو وال ۾ ڄائو.
سندس والد جو نالو جمال الدين سليمان هو جيڪو پڻ ڪامل ولي ۽ بزرگ هو ۽ سندس نسب جو شجرو حضرت عمر رضه سان ملي ٿو. پاڻ چشتيه طريقي جو پوئلڳ هو، سندس وفات 5 محرم 666هه بمطابق 1265ع تي ٿي. سندس عرس هر سال ملهايو وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنھنجي ادبي تاريخ ۾ ڪيترن ئي ولين ۽ بزرگن جو ذڪر ڪري ٿو، جن انسانن جي اخلاقي ۽ روحاني تربيت لاءِ ذڪر ۽ سماع جا سلسلا شروع ڪيا، جيڪي جهونگاري عقيدتمندن جي اصلاح ڪئي ويندي هئي سي سنڌيءَ ۾ هئا اهو فڪر بيتن ۽ ڪافين جي صورت ۾ ذاڪر ۽ قوال سنڌ ۽ ملتان واري پٽيءَ ۾ ڳائي مشھور ٿيا. سومرن حاڪمن جي ساڻن گهڻي عقيدت هئي. بابا فريد جي سلسلي ۾ سماع کي خاص اهميت هئي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، بابا فريد جي دوهن ۾ سنڌي لفظن جي استعمال بابت مير خورد ڪرمانيءَ جي تصنيف سير الاولياء جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته بابا فريد چڱي طرح هندي ڳالهائي سگهندو هو. ”جيڪا ان وقت جي سرائڪي سنڌي ٻولين جي آميزش واري زبان هئي“.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب حضرت بابا فريد جي باري ۾ رايو پيش ڪندي چوي ٿو ته پاڻ عام مقامي ٻولي ”هندوي“ جو ڄاڻو هو ۽ ان ۾ دوها چيا اٿس. ٻي راءِ ۾ اهو ڄاڻائي ٿو ته ڪيترن ئي محققن جي راءِ موجب اهي دوها بابا فريد جا ناهن پر سندس جاءِ نشين فريد ثانيءَ جا آهن. جيڪي سکن جي ڌرمي ڪتاب ”گرو گرنٿ“ ۾ ڏنل آهن. جن ۾ ڪن دوهن تي سرائڪيءَ سنڌي جو رنگ چڙهيل آهي.
ڊاڪٽر صاحب آدگرنٿ/گروگرنٿ ۾ لکيل بيتن جي باري ۾ سنڌي لفظن جي هجڻ جو ذڪر ڪري ٿو. سندس ڪتاب ۾ ڏنل چار بيتن مان هي بيت جيڪي هن وقت به مشھور آهن انهن بيتن جي معني ڏي ٿو.
آدگرنٿ ۾ ڏنل
سرور پکي هيڪڙو ڦاهيوال پچاس
سر ۾ پکي هيڪڙو، پاڙهيري پنجاھ
رکي جي الله، لڏي لھرين وچ ۾. (4)
ڊاڪٽر بلوچ صاحب آدگرنٿ ۾ لکيل بيتن جي سٽاءُ بابت اها ڳالهه به واضح ڪري ٿو ته سندن بيت دوهيڙن سان گڏوگڏ سورٺي جي سٽاءَ ۾ پڻ ملن ٿا.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ بابا فريد گنج شڪر جي باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ جو ورجاءُ پيش ڪيو آهي ان ۾ ڪابه نواڻ يا وڌيڪ تحقيقي ڪم ظاهر نه پيو ٿئي.
جڏهن ته محمد صديق ميمڻ ۽ اڪبر لغاري بابا فريد جي باري ۾ پنھنجي ادبي تاريخن ۾ ڪوبه ذڪر نه ڪيو آهي.
سڀني ادبي تاريخن تي تحقيقي ۽ تنقيدي نظر وجهندي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سومرن جي اوائلي دور ۾ جيڪا گاڏڙ سنڌي ڳالهائي ويندي هئي ان تحت بزرگن ۽ صوفين، ماڻهن جي اخلاقي ۽ روحاني تربيت لاءِ سندن ئي زبان ۾ بيت چئي ان تربيت کي آسان بڻايو بيتن کي پڙهندي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بابا فريد گنج شڪر ئي سنڌي ٻوليءَ جو پھريون شاعر هو، جنھن ان وقت جي رائج سنڌي ٻولي مطابق شاعري ڪئي.
قاضي قاضن
قاضي قادن بن قاضي ابوسعيد بن زين الدين بن قاضي قادن جو تحريري شعر ملڻ ڪري خانبهادر صديق ميمڻ کيس سنڌ جو پھريون شاعر تسليم ڪري ٿو. کيس سيوهڻ جي بزرگن مان ڄاڻائي ٿو ۽ سندس پيدائشي سال نامعلوم لکي ٿو ۽ وفات جو سال 958ھ مطابق 1551ع ڄاڻائي ٿو. بنارس جي سيد محمد جونپوري جو مريد هو جيڪو تمام وڏو صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. مرزا شاھ حسن جي دور حڪومت ۾ 1851ع ۾ بکر جو قاضي يا جج مقرر ٿيو ۽ پيريءَ ۾ استعفا ڏنائين.
وڌيڪ لکي ٿو ته سندس پارسيءَ ۾ ٺھيل هڪ ديوان به هو ۽ ڪڏهن سنڌي بيت به چيائين جيڪي 7 بيان العارفين ۾ موجود آهن جيڪي شاھ ڪريم مريدن کي ٻڌائيندو هو. شاھ ڪريم، شاھ لطيف، سامي ۽ ٻين ڪافي شاعرن، قاضي قادن جي شاعريءَ جو رنگ اپنايو آهي. جيڪو تصوف جي صورت ۾ آهي. قاضي قادن اهو پھريون شاعر آهي جنھن مرشد لاءِ جوڳي استعمال ڪيو.
جوڳيءَ جاڳايوس ستو هوس ننڊ ۾.
قاضي قادن جي جوڳي لفظ جي استعمال مان سندس ڪشاده دلي ۽ ڪشاده خيال جو پتو پوي ٿو پر ان وقت جا ظاهري عالم سندس ان بيت گوئيءَ کي ننديندا هئا. پر زنده دل عالم هجڻ ڪري مٿس ڪو فرق نه پوندو هو. پاڻ ۽ سندس مرشد بنارسي سمجهندا هئا.
پنھنجي علم ۽ عمل جي خاڪي کي هن بيت ۾ سمائين ٿا:
ڪنز قدوري ڪافيه ڪي ڪين پڙهيوم
سو پار ئي ٻيو جتان پرين لڌوم. (5)
خانبهادر ميمڻ جوڳي لفظ تي تفصيلي بحث ڪيو آهي ۽ ٻين شاعرن استعمال ۾ آندو آهي پر قاضي صاحب لاءِ چوي ٿو ته ”هڪ ئي بيت هڪ ئي رانجهو لک دا، ، مصداق بڻجي ويو.“
ان کان پوءِ ٻئي بيت ۾ دنياوي علم ۽ معلومات کي واڳونءَ سان مشابهت ڏي ٿو.
سيئي سيلھ ٿيام پڙهيام جي پاڻان
اکر اڳيان اهڙي واڳو ٿي وريام. (6)
واڳون هڪ خطرناڪ جانور آهي جنھن جھڙو ٻيو ڪونه آهي. قاضي صاحب ظاهري علم کي واڳونءَ سان ڀيٽي انسان کي اوڙاھ ۾ ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ان بيت کي شاھ جي بيت سان ڀيٽيندي
اکر پڙھ الف جو ٻيا ورق سڀ وسار
لکي ٿو ته قاضي قادن ظاهري تعليم جي پوري اپٽار ڪئي آهي. جنھن ڪري کيس وڏو پڙهيل ڄاڻائي ٿو ۽ قاضي جي ان آزمودي کي مؤثر ڪري ڄاڻائي ٿو ۽ شاھ صاحب ٺلهي نصيحت ڪري ۽ دليل حجت پيش نه ڪئي آهي. فقط الف وارو اشارو ڏنو آهي.
افسوس جو اظھار ڪندي لکي ٿو ته قاضي صاحب جا فقط 7 بيت بيان العارفين ۾ آهن نه ته سندس گهڻو ئي ڪلام هوندو. قاضي قادن، قدرت جي ڪرشمن ۽ رازن کي هنن سٽن ۾ پروڙڻ جي ساراھ ڪري ٿو.
ڪنز قدوري قافيه جي پڙهي پروڙين سڀ
نه ڪر منڊي ماڪوڙي کوھ ۾ پئي ڪڇي اُڀ.
”اڀ ڪڇڻ“ معني ”ناممڪن ڪم ڪرڻ“ اهو اصطلاح به سڀ کان پھرين قاضي قادن جو جوڙيل ڀانئي ٿو. دنيا کي کوھ ۽ انسان کي منڊي ماڪوڙيءَ سان ڀيٽي ٿو ۽ همه اوست واري راز کي هڪ بيت ۾ بيان ڪيو آهي.
سائر ڏيئي لت اوچي نيچي ٻوڙئي
هيڪائي هڪ ٿيو ويئي سڀ جهت. (7)
هن بيت جي وضاحت ڏيندي خانبهادر ميمڻ لکي ٿو ته وحدانيت ۾ خودي مٽجي وئي ۽ سڀ پاسا غرق ٿي هڪ ٿي ويا مطلب اهڙو ته ڪمال بيت ۾ سمايو آهي ڄڻ ڪوزي ۾ درياهه بند ڪيو اٿس. ان ئي بيت کي شاھ سائين جي سر سھڻيءَ جي بيت سان ڀيٽي قاضي قادن جي قدرت جي مشاهدي کي ڪمال جو درجو ڏئي ٿو ۽ تنقيد ڪندي لکي ٿو ته ”ائين نه آهي ته قاضي سنڌ جي چالو قصن کان واقف نه هو، جو ماڻهن کي انهن ڏانهن مائل ڪري نصيحت جا نڪتا پر اثر ڪري. “
مطلب ته ضرورت آهر انهن قصن ڏي اشارو ڪيائين ٿي باقي پاڻ مشاهداتي انداز ۾ لکي ٿو.
سڄڻ منجهه هئام مون اٿي ويا اوٺيا
هيڏانھن هوڏانھن هٿڙا، هنبڙي جاڙ وڌام.
هي اوٺي ۽ اُٺ سسئي جي قصي سان منسلڪ آهن. خانبھادر قاضي قادن جي بيتن کي شاھ لطيف جي بيتن سان ڀيٽيو آهي ۽ شاھ پنھنجي شاعري ۾ قاضيءَ قادن جو اثر قبوليو آهي. جنھن جو هڪ مثال ڏي ٿو. باالله ري پريان، نه ڏسجي ڪي ٻيو
شاھ سائين سر مارئيءَ ۾ چوي ٿو:
باالله ري پرين سڀ اونداهي ڀايان. (8)
قاضي قادن متعلق ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق:
خانبهادر جي راءِ جو ورجاءُ ڪندي ڊاڪٽر بلوچ به قاضي قادن کي پھريون شاعر مڃي ٿو ۽ کيس اساسي سنڌي شاعريءَ جو ابو چوي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل ٻولي بکر واري علائقي جي ڄاڻائي ٿو ۽ سندس نالي تي بحث ڪندي قاذن، قادن جي ٻي صورت ڄاڻائي ٿو. ان کان علاوه سندس بيتن جو وڏو ذخيرو ديوناگري لپيءَ ۾ ملڻ ۽ ان ۾ ’ڪاجي ڪاجن‘ لکيل هئڻ سبب اهي بيت قاضي قادن جا ڄاڻائي ٿو. خانبهادر کيس سيوهڻ جو ڄاڻائي ٿو جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ سندس وڏن کي سيوهڻ ۽ ٺٽي جو ڄاڻائي ٿو. سندس وڏي ڏاڏي قاضي ابوالخير جو بکر جو مقيم هجڻ جي ڪري قاضي قادن کي بکري ڪوٺي ٿو. سندس ڄمڻ جو سال اندازي موجب 87ھ مطابق 1465ع لکي ٿو. سندس ويجهي ۾ ويجهو مصنف مير معصوم شاھ بکري کي ڄاڻائي ٿو. جنھن جي ڪري سندس حوالن کي مستند سمجهي ٿو ۽ خانبهادر جو ورجاءُ ڪندي لکي ٿو ته 75 کان 80 ورهين ۾ استعفا ڏنو هوندائين. مير معصوم جي ڪتاب ’تاريخ معصومي‘ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته شيخ عبدالله متقي درٻيلي مان روانو ٿي 950ھ ڌاري مديني شريف ۾ قاضي قادن جو صحبتي ٿيو هجي. تحفة الڪرام جو حوالو ڏيندي خانبهادر جو ورجاءُ ڪندي سندس وفات جو سال ساڳيو ڄاڻائي ٿو ۽ سندس تربيت ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي دور حڪومت (866 تا 919ھ) مطابق ڄاڻائي ٿو.
ان کان پوءِ هڪ ڊگهي تفصيلي مضمون ۾ سندس قاضي هجڻ ۽ شاھ بيگ جي حڪومت ۾ امن قائم ڪرڻ، شاھ بيت جو سنڌ تي حملو ڪرڻ، سندس اهل و عيال قيد ٿيڻ ۽ انهن کي آزاد ڪرائڻ ۽ دانائي سان فيصلا ڪرڻ جھڙا موضوع موجود آهن.
وڌيڪ وضاحت ڪندي هڪ نواڻ آڻيندي مير معصوم شاھ بکري جو حوالو ڏئي ٿو ته: ”قاضي قاضن پاڻ قرآن جو حافظ هو، قرات ۽ تجديد جو ڄاڻو هو ۽ حديث، تفسير ۽ اصول فقه جو عالم هو“. ص 226 انشاءَ پردازي جو تمام وڏو ڄاڻو هو ۽ سندس وفات جو سال ساڳيو خانبهادر وارو ڄاڻائي ٿو. ڪافي ڳالهين جو ورجاءُ ڪندي سندس بيتن جو ذڪر ڪري ٿو.
خانبهادر جي ٻئي نمبر بيت جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ پڙهيوم جي بدران پڙهئو، پار کي پاڙھ ڪو، لکيو اٿس. ٻيو نمبر بيت نواڻ جي طور لکيل آهي:
لوڪان نحُوَ صرفُ، مون مطالع سپرين
سوئي پڙهئو سو پڙهان، سوئي سو صرف.
ٽيون بيت خانبهادر جو ڪجهه لفظن جي فرق سان ورجاءُ ڪيو آهي.
سيلهه = سيل ٿيام = ٿئام
پڙهيام جي پاڻان = پڙهيا جي پاڻ لئه
اڀري ــ اهڙي ــــ وريام ــــــ ورئام
چوٿون بيت خانبهادر جي ڇھين بيت جو ورجاءُ ڪجهه فرق سان ڏنو اٿس
سڄڻ منجهه هئام، مون ويٺي واءُ ٿئا
هيڏان هوڏانهن هٿڙا، هيئن جاڙ وڌام. (9)
پنجون نمبر بيت خانبهادر جي پنجين بيت جو ورجاءُ آهي فقط هيڪائي ـــ هيڪائين جي فرق سان ڇھين بيت ۾ خانبھادر هڪ سٽ لطيف سائين سان مشابهت طور ڏني آهي. جڏهن ڊاڪٽر بلوچ سڄو بيت لکيو آهي.
لا لاهيندي ڪن کي لا هورهين ناھ
با الله ري پريان ڪٽ نه ڏسي ڪو ٻئو.
ستون بيت خانبهادر جي پھرين بيت جي هڪ سٽ ۾ آهي جڏهن ته بلوچ مڪمل بيت لکيو آهي.
تھان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري
اٺون بيت خانبهادر نه لکيو آهي.
توکي توڙائين، لاسين لاٿائون
اچان پڻ آئون، واريو وجهين وچ ۾. (10)
ڊاڪٽر بلوچ هي بيت ’بيان العارفين‘ ۽ گلزار ابرار مان لکيا آهن ۽ بيت جي فن ۽ هيئت سندس بيتن جي تعريف ڪندي لکي ٿو ته فڪر جي بلندي معني جي خوبصورتي ۾ اعليٰ اخلاقي ۽ وجداني شاعري جا مثال آهن.
هي بيت شاھ ڪريم جي واتان چوڻ جي ڪري لاڙيءَ ٻوليءَ جا چوي ٿو. ان کان پوءِ قاضي قادن جا بيت ملڻ جي باري ۾ هڪ ڊگهو بحث ڪندي اهو به ڄاڻائي موضوع ختم ڪري ٿو ته قاضي قادن جي بيتن ۾ نوان مضمون وڌندڙ صلاحيت جي تصديق ٿئي ٿي. جن ۾ پھريون ڀيرو سنگم قاضي قادن جي بيتن ۾ ملي ٿي.
تحقيق جي لحاظ کان مٿين بيتن جي ڀيٽ ۾ قاضي قادن جا بيت اسان کي وڏي تعداد ۾ ملن ٿا.
عبدالجبار جوڻيجو خانبهادر جي ولادت جي تاريخ نه ڄاڻائي، ڊاڪٽر بلوچ 1465ع ڄاڻائي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي 1463ع ڄاڻائي تضاد پيدا ڪيو آهي. قاضي قادن جو ڪلام 1978ع ۾ ڀارت مان مليو جنھن جو ذڪر تفصيلي حصي ۾ ڪيو آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار، ڊاڪٽر بلوچ جي ڏنل سوانح عمري جو ورجاءُ ڪيو آهي. فقط هڪ نُڪتو وڌائي آهي ته ڄام فيروز توڙي ارغون حاڪمن شاھ بيگ ۽ شاھ حسن جي دور ۾ قاضي ۽ اعتماد وارو ماڻهو رهيو آهي. (11)
ان ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي ڏنل بيتن جو ورجاءُ پڻ آهي، ۽ انهن مان 6 بيت محمد صديق ميمڻ جا پڻ ڏنل آهن. ڊاڪٽرعبدالجبار بيتن جي وضاحت ڏني آهي. پھرئين بيت ۾ هڪ واقعي ڏانھن اشارو آهي. جنھن ۾ ڪو ماڻهو محراب طرف پير ڪري ستل هو ۽ اها ڳالهه قاضي قادن تائين جا پھتي ته قاضي ڏور کڻي آيو ۽ ان شخص جي پيرن کان ٻه دفعا اولاريو تنھن تي ان شخص چيس پير جيڏانهن کپئي تيڏانهن ڪر، پر دل حقيقي محبوب ڏانهن مائل ڪر! ان ئي وقت درو اڇلائي جوڳي وارو بيت چيائين. انهي بيت جي ڪلام کي صوفياڻي ڪلام جو ابتدائي نمونو ڄاڻائي ٿو ۽ حقيقي مالڪ جو جلوو پسڻ جي تلقين ڪرڻ ۽ ڪتابي علمن مان جو جلوو پسڻ جي تلقين ڪرڻ ۽ ڪتابي علمن مان محبوب جي نه ملڻ جو ۽ ٻئي ڪنھن رستي تي هلي الله کي حاصل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
قاضي قادن جي سياسي ڪردار تي جڏهن قوم پرست حلقن اعتراض ڪيا ٻئي ته دهليءَ مان هِيري ٺَڪُر جو ڪتاب ’قاضي قادن جو ڪلام‘ شايع ٿيو، جنھن ۾ 112 بيت هئا، جن تي ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر سنديلي ۽ ڊاڪٽر تنوير تبصرا ڪيا.
ان کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ جي ڪل ڏهن ماخذن جن ۾ 135 بيت آهن تن جو ذڪر ڪيو آهي. وڌيڪ وضاحت ڏيندي لکي ٿو ته هيري ٺڪر موجب راڻيا مٺ جي گرنٿ ”سنتون ڪي واڻي“ سميت ٻيا 4 ٻاهر جي 6 سنڌ جا ماّخذ آهن ۽ هيري ٺڪر موجب هن بنيادي گرنٿ ۾ دادو ديال ۽ گرونانڪ سميت 69 شاعرن جو ذڪر ٿيل آهي.
ڊاڪٽر بلوچ قاضي قادن جي ٻئي ڪلام ملڻ ڪري کيس شڪ شبهي کان سواءِ شاعر مڃي ٿو. جنھن ۾ فڪر سمايل آهي ۽ ستن بيتن جي بنياد تي کيس صوفي ۽ عالم مڃي ٿو.
ان کان علاوه هيري ٺڪر ۽ ڊاڪٽر بلوچ جا قاضي قادن جي ڪلام جي معيار ۽ معني تي رايا پيش ڪندي لکي ٿو ته ”هيرو ٺڪر قاضي قادن جي ڪلام لاءِ لکي ٿو ته ان قصيده گوئي، قصه خواني واري درٻاري شاعري ۽ مذهبي پرچار ڪئي. ڪن اُن جي پرچاري شاعريءَ کي ادبي معيار ڏنو آهي. ”هن سنڌي شاعريءَ کي چارڻن ۽ ڀٽن جي قصيدن ۾ سمايل مبالغي جي ڌٻڻ مان ڪڍي ان کي فڪر ۽ فلسفي جي پڪي پختي زمين تي آندو ۽ ان کي اهو آڌار ڏنو، جنھن تي اڳتي هلي اساسي (ڪلاسيڪي) سنڌي شاعريءَ جي عمارت کڙي ٿي. (12)
ڊاڪٽر عبدالجبار وڌيڪ لکي ٿو ته ان وقت فارسي ٻوليءَ جو بول بالا هئڻ جي باوجود قاضي قادن سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر چيو. اهي حقيقتون کيس سنڌي شاعريءَ جو باني ۽ ڀٽڪندڙ سنڌي شاعريءَ کي نئين راھ ڏيکاريندڙ جو درجو ڏيارين ٿيون. ايتري قدر جو شاھ ڪريم ۽ شاھ لطيف به سندس اثر قبوليو.
ڊاڪٽر جوڻيجو، بقول ڊاڪٽر بلوچ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ”قاضي قادن سنڌ جي صوفيانه فڪر جو اڳواڻ آهي.“ ان کان علاوه ڊاڪٽر بلوچ وارين ڳالهين جو ورجاءُ ڪندي ص57 تفصيلي طور سندس فن ۽ فڪر ٿي لکي ٿو سڀ ڪجهه اهم آواز آهي. محبوب کان سواءِ ڪجهه به نه پيو پسجي.
فن جي لحاظ سان اسان کي انهن بيتن ۾، ’بنيادي‘ ٻه-تُڪي سنڌي بيت کان وٺي ’مڪمل‘ سنڌي بيت تائين ارتقاء جون سڀئي صورتو ملن ٿيون. مثلاً پھريون بيت ’بنيادي‘ سٽاءَ وارو آهي، جنھن جو قافيو ٻنهي مصراعن جي آخر ۾ آهي. ٻئي کان وٺي پنجين تائين هڪ نئين فني تبديليءَ جو ساڳيو مثال موجود آهي، يعني ته پھرين مصرع ۾ قافيو پڇاڙي جي بدران وچ ۾ آندل آهي. ڇهين ۾ قافيو پھرين مصرع جي آخر ۾ ۽ ٻيءَ جي وچ ۾ آندل آهي. ستين بيت جي ٻنهي مصراعن ۾ قافيو پڇاڙيءَ جي بدران وچ ۾ آندل آهي، جيڪا پڻ نئين نزاڪت آهي. اهي فني نزاڪتون جن جي ڪري بيت ۾ اندروني ترنم پيدا ٿيو، سي غالباً سماع جي موسيقيءَ جي سلسلي مان پيدا ٿيون. آخري نزاڪت جو پھريون مثال قاضي قادن جي عروج واري دور کان اڳ شيخ عبدالجليل چوهڙ جي سماع جي محفل ۾ ڳايل بيت ۾ ملي ٿو (13)، جنھن مان گمان نڪري ٿو ته اهي فني نزاڪتون اڳ شروع ٿي چڪيون هيون پر انهن جا مڙيئي مثال سواءِ قاضي قادن جي ٻئي ڪنھن به شاعر جي بيتن ۾ گڏ نٿا ملن.
هيٺ ڄاڻايل بيت ادبي تاريخن جي ٻين ماخذن ۾ موجود ڪونهن. جوڻيجي صاحب جي ادبي تاريخ ۾ ڪجهه وڌيڪ بيت هن نموني سان ڏنل آهن.
- اسين ٻانهان تون ڌڻي، پاڻو پاڻ هي ڄاڻ
منڊي تر ميزاڻ، ليکو ڪندين ڪن سين.
- ڏنئين پاڻ واکاڻ ي، ڄڀ تنھنجي وات
بندا خالق نه گهرين، ڪرين پرائي تات.
محبوب جو جلوو هر هنڌ حاضر آهي، هيءَ ڪائنات هڪ محلات مثل آهي، هر طرف کان هر ڳڙکيءَ مان ان جو ئي جلوو پسجي پيو.
- ايڪ قصر در لک، ڪوڙيين سھسين کڙڪيان
جتان ئي ڪرين پرک، تان ئي سڄڻن سامهان.
- سوئي هيڏانھن سوئي هوڏانھ، سوئي سو وسي
تهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي. . .
- زيران زبران آيتان، اکر ان انت نه پار
هڪڙي ئي ايمان ۾، لهين سڀني سار
- ملان مريئي ماءُ، پتو ڦسئي پيٽ ۾
اکئين ڏسي الله، ٿو ٽٻي هڻين ڌوڙ ۾!!
(هن بيت بابت لکيو اٿس ته “ اڪثر ائين چيو ويندو آهي ته بيت شاھ جو آهي، پر ملان جي ماءُ ڪھڙو ڏوھ ڪيو! حقيقت هاڻي سامهون آئي آهي ته بيت قاضي قادن جو آهي ۽ هيئن آهي
- پتو ڦٽو پيٽ ۾، وڍي ملا ماه
ڌائين ڏني ڌوڙ ۾، الله اوري آه.
- سوئيريان سنهڙو، جن تن ڪيوءِ نه تيئن
توکي اکڙين ۾، پرين پائيندا ڪيئن.
سر ڪارايل جو مضمون هنجهن ۽ ٻگهن جي ڀيٽ هيئن ڪري ٿو
- اڇا ٻگهه م پس، مر ميرا هنجهڙا
رتا جي خالق سين، تني لڳي م ڪس. (13)
ڦڦڙن مان هوا اندر کڻي رت صاف ڪن ٿا تئين روزا ۽ نمازون تن من لاءِ آهن
- جئن ڦڦر ماه ۾، ايئن روزا عيد نماز
اڃا آهي ڪا ٻي، الله سندي حاج.
وڌيڪ بيت هن نموني سان بيان ڪيل آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿا جيڪي ٻين ادبي تاريخن ۾ درج نه آهن.
- پھرين پاڻ پرک، پھرين پرکڻ سؤکڙا
در ڀي سو ئي رک، جتان ڏکائون لهين.
- پاڻي وانگر رنگ ۾، پاڻو واڻ رتاس
رڱيندڙ آ پاڻ ڌڻي، سڀي رنگ سداس.
- سور جنهو کي هوءِ، ڌانها تنھا اڀرن
ڪاٿي ڪو ڏٺوءِ، ڏانها ڪندو سور ٻن.
- ڪايا منجهه ڏيئي، پيٺا جي درياو ۾
پسندا سيئي، ماڻڪ اکڙين سين.
- پڙهندو پئي ويو، ڪوڙين لک قرآن
لکي لوڪ نه سگهيو، پاڻي اندر پاڻ
- ڪڏهين ٻيري ٻور، ڪڏهين ڦل نه هڪڙو
ڪڏهين پريان جا پور، ڪڏهين سڪان سڏ کي.
ڊاڪٽر عبدالجبار فلسفي کي سمجهڻ، خيال کي ظاهر ڪرڻ بابت لکي ٿو ته سندس ڪلام سنڌ، گجرات ۽ راجسٿان جي سنتن ۽ درويشن جي صحبت سبب سنڌ کان ٻاهر هليو ويو ۽ هريانا صوبي تائين وڃي پھتو. اهو به ڄاڻائي ٿو ته سندس ڪلام جي ملڻ سبب ان تي وڌيڪ مطالعو ڪيو وڃي. وڌيڪ لکي ٿو ته هيري ٺڪر جي ڪلام ملڻ کان پوءِ موتي لعل ڪلام کي پڙهڻ ۽ درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان پوءِ ڊاڪٽر بلوچ ڪلام جا 10 ماخذ اڳيان رکي پڙهي درستگي ڪئي ۽ قاضي قادن جو ڪلام جيڪو نبي بخش جو سهيڙيل آهي ان مان سندس وفات متعلق کي ٿو ته آخري عمر ۾ مديني شريف ۾ وڃي رهڻ مان گمان ٿئي ٿو ته آخري عمر ۾ اتي رهي پيو ۽ اتي ئي وفات ئي. ڊاڪٽر جوڻيجو لکي ٿو ته هو پنھنجي دور ۾ ايڏي وڏي شھرت واري شخصيت جو مالڪ هو جيڪڏهن بکر، سيوهڻ، درٻيلي يا ٺٽي ۾ سندس وفات ٿئي ها ته هوند سندس زيارت طور اڄ تائين موجود هجي ها.
اڪبر لغاري، قاضي قادن جي ولادت ۽ وفات جو تاريخ يا سال نه ڄاڻايو آهي بس اهو ڄاڻايو اٿس سمن جي آخري دؤر ۽ ارغونن جي شروعاتي دور جو شاعر هو. اڪبر لغاري فقط سندس ٻه بيت پوين لکيل تاريخن جو ورجاءُ ڪندي پيش ڪيا ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي لکيل فن ۽ فڪر دهرايو آهي.
مخدوم نوح رح
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مخدوم نوح رحه جي باري ۾ لکي ٿو ته ” مخدوم صاحب پنھنجي ولايت جي اوائلي دور ۾ الاهي مُشاهدي بابت ائين ڀانيو ته ڄڻ هو ’ذات حق‘ کي پنھنجي اکين سان ڏسي ٿو سگهي. اهو ٻڌي مخدوم جعفر بوبڪائي هلي آيو ۽ اچي مخدوم صاحب کي ذهن نشين ڪرايائين ته الاهي مُشاهدن جو تعلق ظاهري اکين سان نه بلڪ اندر جي اکين سان آهي. وڌيڪ سمجهائڻ خاطر مخدوم موصوف کي چيائين ته: اکيون بند ڪريو ۽ پوءِ توجهه ڪريو. مخدوم صاحب ائين ڪيو ته پاڻ اندروني توجهه سان وڌيڪ مشاهدو ٿيو ۽ مخدوم جعفر جي سڄي حقيقت کي محسوس ڪيائون. پوءِ ٻين جي هدايت خاطر مثال ڏيئي چوندا هئا ته:
”نه آيو جعفر، ته نوح ٿيوڪافر“
انهيءَ ساڳي حقيقت کي پنھنجي هيٺين بيت ۾ بيان ڪيائون ته:
اپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن
آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي.
جوڻيجو صاحب هن بيت بابت لکي ٿو ته ”ڇپر ۾ ڇڙيون (طالب الموليٰ) ۾ مٿي ذڪر ڪيل بيتن ۾ گڏ هيٺيان بيت به درج ٿيل آهن.“ مٿيون بيت ورجايو اٿس.
پنھنجي زندگي جي غالباً پوئين دور ۾ مريدن ۽ معتقدن جي هدايت لاءِ مخدوم صاحب بعضي ڪي بيت چيا، جيئن ته:
ماڪَ نه ڀانيو ماڙهئا، پيئي جا پرڀات
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.
هن بيت مطالق جوڻيجو صاحب هن نموني اظھار ڪري ٿو
- پيئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانئيو ماڻهئا
روئي چري رات، ڏسي ڏکوئين کي. (15)
ان بعد هڪ وڌيڪ بيت لکيو اٿس
- نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سي سامي واٽ
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل پلاڻيا.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته ”مخدوم نوح جو شجره نسب حضرت ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو. جڏهن ته حضرت ابوبڪر صديق رضه سان ملندڙ شجري واري نقشبندي طريقي جا ٿيندا. مخدوم نوح رح جن سنڌ ۾ سھروردي سلسلي جا خاتم ۽ سروري اويسي سهروردي سلسلي جا باني هئا.“ (16)
منھنجي تحقيق مطابق مخدوم نوح حضرت ابوبڪر صديق رضه جي شجره مان نه هو ڇاڪاڻ ته تذڪره مخدومان هالا جيڪي مخدوم جميل زمان جي تصنيف آهي ان ۾ اويسي طريقي جو هو. ”هو اويسي طريقي جو پير هو، جنھن ڪري ظاهري ۾ ڪنھن بزرگ جي صحبت ۾ رهي ڪسب ڪماليت نه ڪيو هو پر الله تعاليٰ جو وهب هو جنھن ڪري ولايت جي انتھائي درجي تي وڃي پھتو هو.“ (17)
هنن بيتن بابت جوڻيجو صاحب لکي ٿو ته ”ڊاڪٽر دائود پوٽي چيو آهي ته اهي مخدوم غلام حيدر صديقي صاحب وٽ هئا ۽ انهن جو سنڌي ترجمو ڇپائڻ جو خيال هو.“ (18)
مخدوم نوح رحه پنھنجي آخري بيماريءَ واري وقت ۾ پڻ ڪي بيت چيا، جيڪي وڌيڪ مشھور آهن. پنھنجي بيماري کي مُھِلڪ مرض ڄاڻندي، ۽ پڻ پنھنجن ڪن رفيقن ۽ پيارن جي جدائي محسوس ڪندي هيءَ بيت چيائين ته:
نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سا سَکي چاٽ
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل پلاڻيا. (19)
جوڻيجو صاحب هن بيت ۾ جيڪا ردوبدل درج ڪئي آهي اها مٿي بيت نمبر 2 ۾ ڏيکاريل آهي.
پنھنجي هڪ پياري معتقد، ابابڪر لڪياري جي نالي پيغام طور بيت چيائين ته:
ابابڪر آء، سامي سفر هليا
تِھان پوءِ متا، سِڪيين سناسين کي.
اهو بيت جڏهن ابابڪرٻڌو، تڏهن پنھنجي طرفان پيغام طور بيت چوائي موڪليائين ته:
اچانٿو اچان، ڪجائو جَري جي جٽا
تهان پوءِ متا، سِڪان سناسين کي.
اڪبر لغاري اهو ڪلام ادبي تاريخ ۾ درج نه ڪيو آهي.
مخدوم نوح جو، نبي بخش خان بلوچ هن نموني سان ذڪر ڪيو آهي:
مخدوم نوح صاحب خميس ڏينھن تاريخ 7 ذوالقعده سنه 998 هه (1590ع) ۾ وفات ڪئي. انهيءَ لحاظ سان پويان ٽي بيت وفات واري آخري مھيني جا ٿي سگهن ٿا. پھريون بيت البت اڳ جو ۽ اندازاً 950 - 998 هه واري دور جو ٿي سگهي ٿو.
مخدوم نوح رح بابت جوڻيجي صاحب مختصر ذڪر ڪيو آهي ۽ بيت ڏنو آهي
سمو به ساٿين گڏ، تون لوچج لڄ کي،
هلندي سمي سامهون، تون پڻ ڪرت ڪج،
ته تو پڻ ٿئي ڏڍ، سمي به سوڀ ٿئي.
اڪبر لغاري، مخدوم صاحب بابت ڪجهه تفصيل لکندي 2، 3، 4، 5، ۽ 6، بيت جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته پھريون بيت ڏنل ڪونهي.
خانبهادر محمد صديق، مخدوم نوح کي ادبي تاريخ ۾ شامل نه ڪيو آهي. جوڻيجي صاحب بيت جو ورجاءُ ڪيو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ هڪ ٻيو بند به ڏنو آهي جيڪو هن نموني سان آهي.
متان ڏسي موهجين، دنيا وارو ڌڄ
جدا ڪجئين جو دون، ڇائي کي ٿي ڇڄ
نرمل نوح فقير چئي، ڪر رب سان ريجهي رڄ
مٺيون ڀيڙي ڀڄ، وقت وڃي ٿو وسيلا.
جوڻيجو صاحب مخدوم نوح جي وفات بابت هن طرح ذڪر ڪيو آهي جيڪو ڪجهه وڌيڪ تفصيلي آهي.
”مخدوم نوح 27 ذوالقعد 998 هجري بمطابق 26 سيپٽمبر 1590ع ۾ وفات ڪئي. “ (20)
شاهه لطف الله قادري
تعليمي درسگاهن کان ٻاهر پڻ هن دور جي عالمن ۾ اهو احساس وڌيو ته اعليٰ فڪر ۽ معنيٰ وارا علمي موضوع ڪوشش ڪري، فارسيءَ بدران سنڌيءَ ۾ بيان ڪجن ته جيئن اهي سولائيءَ سان سمجهائي سگهجن. سڀ کان اول هن دور جي وڏي صوفي سالڪ شيخ المشائخ شاهه لطف الله قادري، 11084 - 1100هه وارن سالن ۾، توحيد ۽ رسالت جھڙي وڏي معنيٰ واري موضوع کي تصوف ۽ طريقت ذريعي سنڌيءَ ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان لاءِ سنڌي بيتن ۾ ’رسالو‘ تصنيف ڪيو. هيءُ رسالو اعليٰ سنڌي شاعري جي تاريخ جي لحاظ سان پڻ هڪ شاهڪار هو، پر هت اهو ڄاڻائڻ ضروري آهي ته ان وقت ان جو تصنيف ٿيڻ سنڌيءَ ۾ تعليمي تحريڪ جي عام مقبوليت ۽ ڪاميابي جو هڪ روشن مثال هو. شاهه لطف الله اهو رسالو هڪ خاص ارادي، ذوق ۽ ڪوڏ سان منظوم ڪيو جنھن جو ذڪر هيٺينءَ طرح ڪيائين ته:
ڪوڏانڪئو رسالو ايءَ فقير جوڙي بيتن
ته هوءَ سنڌيءَ وائيءَ سهکو ٻجهڻ اٻوجهن
پاهنجيءَٻوليءَڪري سگهائي اي سکن
لطف الله چئي لئي پيو ورسکن ۽ پڙهن.
عبدالجبار جوڻيجو پنھنجي ادبي تاريخ ۾ مٿي ڏنل بيت جو ورجاءُ ڪيو آهي پر لفظن ۾ ٿوري گهڻي ڦير گهير ڪئي آهي، جڏهن ته ڪجهه سٽن جو اضافو هن نموني سان ڪيو آهي.
ڪوڏان ڪيو رسالو اي فقير جوڙي بيتن
ته هوءَ سنڌي وائي سهلو ٻجهڻ اٻوجهن
پاهنجي ٻولي ڪري سگهائين اي سکن
لطف الله چئي لئه پيو ورسکن ۽ پڙهن.
ساري شامل سو ڪئو مٿي سنئين قسمن
قسم پھريون منجھ وحدت درجي ٻيو سلوڪ سالڪن
ٽئو منجهه صفتن چئين ڪلمن چوٿون منجهه موحدن
پنجون منجهه عشق عاشقين، پڻ حال عاشقن
ڇھون منجهه ترڪ دنيا جي ۽ فقر فقيرن
ستون منجهه پير، مرشيد جوڳين
اي هنڌ جي آهين هيڪڙا، جت هليو اوءِ وڃن. (21)
عنوان اڪثر هيئن قائم ڪيا ويا آهن.
قسم اول: منجهه درجي (جل جلاله) قسم ٻيو: منجهه سلوڪ سالڪن، لکڻ ۾ لکئوم، مٿي پنجيھين بيتن، قسم ٽيون: منجهه صفت چئين ڪلمن، ايئن هر هڪ باب ۾ آيل بيتن جو تعداد ڄاڻايل آهي. شاھ لطف الله هنن ستن بابن ۾ ڄاڻايل عنوانن تي سير حاصل بحث ڪيو آهي.
وحدت ۽ ڌڻيءَ جي هيڪڙائي جو ذڪر وحدت جي وڻجارن طرحين طرحين لفظن ۽ ويچار هر موحد عاشق شاعر خوبصورتيءَ سان بيان ڪرڻ جي هرڪا ڪوشش ۽ ڪاوش ڪئي آهي. شاھ لطف الله قادري فرمائي ٿو.
عقل ات اوڇون ٿيو، نڪا فڪر جاءِ
اوءِ پيٺا تنھن اگهور ۾، جتي مون نه جاءِ
ات حيرت هنيو سڀڪو، ڪنھن کي رسي نه ڪاءِ
هي هي ڪندا هاءِ، روندا عارف اڳ ويا.
وحدت سڀ وجود ۾، هيڪا هيڪ پسن
او ٻئايان ٻهار ٿيا، دعويٰ دم نه ڪن
سي منجهه حيرت رهن، ”ڪين“ ڪيائون تڪيو. (22)
عارف ڪيئن وحدت جي وائي ڪندي محبوب حقيقي تائين رسيا حق جي طالب ۾ سنئين راه اختيار ڪندي ڪٿي پھتا، ان لاءِ شاعر چوي ٿو.
شريعت جي سوجهري، هليا ڏونه حق
طريقت تار ڪيا، وسرئن ورق
حقيقت جي حال سين، ره سوٺائون سابق
هي جي هوءِ رسيا حاذق، معرفت مشاهدو تن کي.
ڀوڻن وحدت ويءَ ۾، شرع گهر سندون
جتي مپ ملڪين ناه ڪو، تتي آهيرون
توڙي ويا وره ڪيترا، پرو تان نه پئون
سوئي سير ٿئون، ناه نهايت جنھن جي.
مئي متي مھراڻ ۾، هي جي پاڻ وجهن
نه سي اوري نه پري، اوءِ اندر وه وڃن
تن منجها منجهه تڪيا، اوءِ منجها منجهه رهن
سي پيٺا تت وڃن، ناهه نھايت جنھن جي.
اهي سالڪ وحدت جي واديءَ ۾ غرق رهن ٿا. اونهي عميق ۾ ٽٻي هڻي پرين پسن ٿا. شاھ لطف الله چوي ٿو.
اونهي انت عميق ۾، ٽٻي ڏني جن
نه سي اوري نه پري، اوءِ منجهه پاتار ڀرن
حاذق حيرت ۾ پيا، ڪين پروڙيو تن
يا دليل المتحيرين، عقل موڙها ان
اي اڙيا عارف اڀين، پر پروجهن ناه ڪا. (23)
جي وچان ”لا“ لھي ويئي ته محبوب حقيقي کي سالڪ ويجهو وڃي ٿيو. هر هنڌ سبحان کي پسڻ لڳو. وچ وارو پردو هٽي ويو.
لٿي ”لا“ وچان، سڀوئي سبحان ٿيو
جيڪين حجاب حق سين، اوچان سڀ ويو
ات هنيو حيرت پيو، پسي ڪين پرين ري.
ٻنهي جي وچ ۾ ڪو حجاب نه رهيو ۽ سالڪ به عين ذات سان ملي هڪ ٿي ويو.
پيئي رسائي ذات کي الله اسم ذات
ات ڪٿ نه اڄهي ڪيترو، وائي وڃي وات
”لاحجاب بيني و بينڪ، اي لڌائون ڏات
عين جني کي ذات، محئو مطلق سي ٿيا.
اسما اڳي ويا، مسمي محقق
اکر نه اڄهي ان کي، جي حضوري حق
سي پيهي ويا پاتار ۾ منجهه اونهائي عمق
سندا ذات مطلق، آهن اهڃ اڳانجها ان کي.
سڀ صورت ۾ يار سمايو آهي. رنگ محل ۾ هن جو ئي جلوو آهي. تصوف ۾ عارفن اهو کولي سمجهايو آهي ته ظاهري صورتون ڪھڙيون به هجن پر سڀني ۾ ذات حقيقي جا پرتوا پيا پون. ان ڳالهه کي شاھ لطف الله کولي بيان ڪيو آهي. هيٺ سندس ڪلام مان ڪجهه سٽون ڏجن ٿيون.
1
نڪا صورت سرير جي، نڪو قيل نه قال
سڀ سڀوئي حال، پيھي ڪن پروڙيو. (24)
2
سوئي پانڌي پنڌ سو، سا ئي راه سو رند
3
سوئي عاشق عشق سو، سوئي عارف عرفان
4
سوئي دريا دؤر سو، سو تارو سو تانگ
قسم پنجين ۾ عشق ۽ عاشقن جي حال بابت بيان آهي. هن باب ۾ ”حسن حبيين جي“ ۽ ” سڪ سپرين جي“ جي تڪ سان محبت ۽ مجاز جو رنگ ظاهر آهي. هن باب ۾ محبوب جي حسن ۽ سندس سڪ جو ذڪر ڪندي شاعر بلاغت جا باب کولي وڌا آهن. هي چند بيت اهڙي نشاندهي ڪن ٿا.
حسن حبيبن جو، پسين جي هيڪار
ته توکي سڀ ڄمار، وڃي اڃ ورهن جي.
حسن حبيبن جو، پسين جي پيهي
ته توکي سڀيئي، ٻيون وڃن وسري.
حسن حبيبن جو، جني ڏٺو ماءِ
تني منجهان ڪاءَ، سک نه ستي ڪڏهن
حسن حبيبن جو، ڳڙهڻ ڪانهي ڳت
ڪا جا آهي ڀت، سا اندر ڪُھيو اڌ ڪري.
حسن حبيبن جو، نه ڪو ڳاڃ نه ڳت
ات منجهيو وڃي مت، حيرت هنيو سڀڪو
سڪ تنھنجي سپرين ڪھيو ڪري ڪباب
عاشقن اي ثواب، جيئن پچن لئه پرينءَ جي.
سڪ تنھنجي سپرين اندر ٻارين آڳ
لاڳاپا ۽ لاڳ، وين سڀ وجود جا. (25)
اهڙي ريت قسم ڇھون فقر ۽ فقيرن بابت آهي. هن ۾ جوڳين ۽ سامين جو ذڪر آهي. ائين هي باب ڄڻ سر رامڪلي آهي. هن ۾ ڏيڍ سئو بيت آندل آهن. جوڳين جو ذڪر ڪرڻ اسان جي شاعرن جو پسنديده موضوع آهي. شاھ لطيف الله جوڳين جو بيان ڪندي پنھنجا خيال نهايت پر جوش انداز ۾ ظاهر ڪري ٿو. سندس بيتن ۾ هن موضوع جا گوناگون مضمون شامل آهن. بيتن مان چونڊ ڪرڻ مشڪل آهي پر نموني طور چند بيت هي آهن.
1
جيجان آهين جوڳ جا، ڪي آڳانجها سور
2
سامين سا نه وسري، ڪنھن جنھن هئا جاٽ
3
ڪي هليا وڻڪوٽ ڏونھ، ڪي ڪھيا ڏونھ قندار
4
ڪيھا ڇٽ پٽ جوڳين، ڪيھي راس رلين
5
هند امڙ آديسين کي، تان ڪي آ پل جهل
6
ماءُ ويراڳي آئيا، پڇن ٿا اوطاق
7
سيليون سڱيون ڪينريون، سڀ ڇڏيائون ساڄ
8
نه گدا نه گبري، ڪڇ نه ڪاڇوٽي
ڇهين وانگر ستين قسم ۾ به جوڳين ۽ سامين جو ذڪر آهي. جوڳين جو مختلف هنڌ ڀيٽڻ ۽ ساز سنک وڄائڻ جو بيان ڪندي شاعر ڄڻ ڪري مختلف ملڪ ۽ تڪيا ڀيٽڻ بابت چوي ٿو.
1
ڪي هليا هرمج ڏونھ، ڪي پرتڪال پرن
ڪني ڪوڏ ڪنڀات جو، ڪي مٿي گنگا گجن
شاھ لطف الله جي تصنيف ۾ سنڌي بيت آهن. هي ڪتاب 21 بابن تي مشتمل آهي ۽ فارسي زبان ۾ آهي. سلوڪ ۽ طريقت جي بيان ۾ لکيل هن ڪتاب ۾ وضاحت خاطر سنڌي بيت ڏنل آهن. بيتن تي عنوان به رکيا ويا آهن. جن جو تعلق پير مرشد، تصوف، طريقت ۽ شريعت توڙي لاڳاپيل ڳالهين بابت آندل نصيحتن تي آڌاريل آهي. مثال طور ويهن بيتن مان ٻه هي آهن.
1
پڇئو پر پيغمبري انهيءَ ره رمن
2
ره شريعن هليا، تفڪر طريق ٿئون
سنڌي رسالي جي بيتن جي مقابلي ۾ ’منهاج المعرفت‘ جا بيت منفرد انداز بيان ۾ آهن. شريعت ۽ طريقت جي سمجهائيءَ خاطر ڏکيا اصطلاح ڪم آندل آهن. انهن ۾ زبان ۽ بيان جي اها سلاست ۽ رواني ناهي جا انهن ئي ڳالهين جي بيان ۾ شاھ لطف وٽ آهي. انهن ۾ وزن جي پختگي به اچي وڃي ٿو. بھرحال قاضي قادن، دادو ديال، شاھ ڪريم جي ڪلام جي تسلسل ۾ شاھ لطف الله قادريءَ جو ڪلام هڪ وڏي وٿ آهي ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪي سنگ ميل آهن انهن ۾ هڪ ڪري ڳڻيو ويندو. (26)
نيتجو:
سنڌي ادب جي مڙني تاريخن جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته ڪلاسيڪل شاعرن جي تذڪري ۾ اڪثر ورجاءَ کان ڪم ورتو ويو آهي، جيڪڏهن ڪنھن ماخذ ۾ ڪا نئين تحقيق يا ڪو نئون پھلو آندو به ويو آهي ته اُن جي اُپٽار مڪمل ناهي ڪئي وئي. سنن جا تضاد، گُمان ۽ انديشا، روايتن جي ورجاءَ سبب ڪلاسيڪل شاعريءَ جو اصل پيغام پڙهندڙن تائين ڪونه ٿو پھچي. سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ تي جديد تحقيق جي پڻ ضرورت آهي.
حوالا
- بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، ”سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ“ پاڪ اسٽڊي سينٽر، ڇاپو چوٿون، سال 1999ع، ص 69
- جوڻيجو، عبدالجبار. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. “ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ڪتاب نمبر 84، سال 2004ع، ص 26
- ڪلاسيڪل شاعري ص 19
- بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، ”سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ“ پاڪ اسٽڊي سينٽر، ڇاپو چوٿون، سال 1999ع، ص 132
- ميمڻ، خانبهادر محمد صديق، سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٻيو) ايڊيشن چوٿون، سال 2000، ص 28
- ساڳيو، ص 29
- ساڳيو، ص 30
- ساڳيو، ص 31
- بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، ”سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ“ پاڪ اسٽڊي سينٽر، ڇاپو چوٿون، سال 1999ع، ص 228
- ساڳيو، ص 229
- جوڻيجو، عبدالجبار. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. “ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ڪتاب نمبر 84، سال 2004ع، ص 53
- ساڳيو، ص 56
- ساڳيو، ص 38
- ساڳيو، ص 69
- ساڳيو، ص 41
- ص 20 تذڪره مخدومان هالا
- ص 21 اويسي طريقو ص 30 تذڪره مخدومان هالا.
- جوڻيجو، عبدالجبار. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. “ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ڪتاب نمبر 84، سال 2004ع، ص 41
- جوڻيجو، عبدالجبار. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. “ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ڪتاب نمبر 84، سال 2004ع، ص 61
- جوڻيجو، عبدالجبار. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. “ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ڪتاب نمبر 84، سال 2004ع، ص 64
- جوڻيجو، عبدالجبار. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. “ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ڪتاب نمبر 84، سال 2004ع، ص 93
- جوڻيجو، عبدالجبار. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. “ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ڪتاب نمبر 84، سال 2004ع، ص 93
- جوڻيجو، عبدالجبار. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. “ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ڪتاب نمبر 84، سال 2004ع، ص 94
- جوڻيجو، عبدالجبار. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. “ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ڪتاب نمبر 84، سال 2004ع، ص 95
- جوڻيجو، عبدالجبار. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. “ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ڪتاب نمبر 84، سال 2004ع، ص 96 کان 97
- جوڻيجو، عبدالجبار. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. “ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو ڪتاب نمبر 84، سال 2004ع، ص 100