سنڌي شاعريءَ تي ماحول جو اثر
(The Influence of Environment on Sindhi Poetry )
عارفه ميمڻ
Abstract
This research paper demonstrates the influence of the environment and nature reflected and presented in Sindhi poetry, which includes the overall qualities of naturalism. In folk poetry, one comes across a wide range of topics that illustrate the presence and portrayal of nature and aesthetics. Besides this, it may be said that the classical poets are the poets of nature because they beautifully speak about the beauty of nature and the universe. In this paper, I will discuss how in Sindh poetry, subjects relating to the prosperity of Sindh are linked to the reflections on naturalism. This nature-based reflection in Sindhi poetry includes a wide range of topics such as the natural resources of Sindh, mountains, deserts, birds, animals, flowers, and plants. This paper aims to fill the research gap in Sindhi language and literature on the topic of poetry and nature and aims to raise awareness of the influence of the environment and nature on Sindhi poetry.
Keywords: Environment, Naturalism, Sindhi Poetry, Nature, Portrayal of nature,
سنڌي شاعريءَ ۾ هونئن ته انيڪ موضوع ملن ٿا، پر فطرت ۽ ماحول جو اثر پڻ سنڌي شاعريءَ ۾ موجود آهي، جنھن ۾ ماحول جا عڪس ۽ فطرت جون مجموعي وصفون بيان ڪيل آهن. سنڌي ڪلاسيڪل شاعري اسان جو گڏيل اثاثو آهي، جنھن ۾ پڻ فطرت ۽ قدرت بابت گهڻي شاعري ملي ٿي. انسان بنيادي طور تي ان شاعريءَ کان ضرور متاثر ٿيندو آهي، جنھن ۾ فطرت ۽ ان جي رنگن بابت ڪا ڳالهه چيل هجي.
سنڌي شاعريءَ تي ماحوليات جي اثر جو اولڙو آڳاٽي شاعريءَ ۽ لوڪ ادب ۾ پڻ نظر اچي ٿو. سنڌي لوڪ شاعري نه صرف اسان جو بنيادي ايڪو آهي، پر اها اسان جي ماحول بابت ٿيندڙ ڳالهين جي عڪاسي پڻ ڪندي رهي آهي.
لوڪ ادب يا لوڪ شاعري سنڌو تهذيب جي پيڙهه واري حيثيت رکي ٿي، جنھن ۾ عام فردن پاران عام فهم ٻوليءَ ۾ پنھنجي جذبن، احساسن، ريتن رسمن، رواجن، رهڻي ڪھڻي، غمن ۽ خوشين جي اظھار جو ذريعو هوندي آهي. لوڪ شاعريءَ ۾ به اسان کي مختلف قسمن جا انيڪ موضوع پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ملن ٿا، جن ۾ فطرت نگاري ۽ جماليات به آهي. ان بابت ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ جو حوالو ڏيندي، سندس راءِ هن طرح بيان ڪئي آهي: ”لوڪ ادب ۾ سنڌي ثقافت جي سونھن ۽ سوڀيا، سڳنڌ ۽ سرهاڻ سمايل آهي. هن ادب جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ آهن، انهيءَ ڪري ان ۾ سنڌ ڌرتيءَ واري فطري سونهن آهي.“ (1)
ان مان واضح آهي ته سنڌي لوڪ شاعري ۾ ئي سنڌ ڌرتيءَ جي حقيقي ماحول کي چِٽيو ويو آهي. يعني سنڌي لوڪ شاعري ئي اها بنيادي شاعري آهي، جنھن تي سڀ کان اول ماحول جو اثر نظر اچي ٿو. هن جو هڪ مثال اڪبر لغاري هيئن پيش ڪيو آهي:
هيءَ ڪانڍيرڙي لس،
هيءَ واسرڙي وس،
آئون کلندي ڪُڏندي اَچان. (2)
سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ ماحول جو اثر هڪ وڏي روايت طور نظر اچي ٿو. ڪلاسيڪل دور جي شاعرن ۾ قاضي قادن، مخدوم نوح، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنات رضوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو، روحل فقير، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، صاحبڏنو فاروقي، سچل سرمست، ڀائي چين راءِ (سامي)، حمل فقير لغاري ۽ خليفو نبي بخش وغيره شامل آهن، جن سنڌي ڪاسيڪل شاعريءَ کي اوج بخشيو ۽ ان کي فني معيار عطا ڪيو. ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ فڪر، اعليٰ اخلاقي قدر، صوفياڻي سوچ، فطرت ۽ جمال موجود آهي، جنھن پنھنجو الڳ ئي ماحول جوڙيو آهي. ان باري ۾ ڊاڪٽر فياض لطيف لکي ٿو: ”مجموعي طور تي ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۾، زندگيءَ جي اعليٰ ۽ آدرشي قدرن جي اُپٽار، صوفياڻي رمزيت ۽ تمثيلي ندرت جي جمال سان گڏوگڏ آفاقي ۽ وجداني احساسن جي اظھار جو اهڙو رنگ ملي ٿو، جيڪو فڪري توڙي فني حوالي سان تمام گهڻو موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي ۽ ان مان هڪ ئي وقت فطرتي، فڪري، فني، جسماني، افادي، وحداني ۽ وجداني سونھن جهلڪندي محسوس ٿئي ٿي. “ (3)
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪلاسيڪل شاعرن پنھنجي رنگ ۾ نواڻ آڻي، لوڪ شاعريءَ کان پنھنجو پاڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو. اها سندن حقيقي انفراديت آهي. ڪلاسيڪل شاعر حقيقت ۾ فطرتي شاعر آهن، جن وٽ فطرت ۽ ڪائنات جي حُسن بابت ڳالهه خوبصورتيءَ سان پيش ڪيل نظر اچي ٿي. گڏوگڏ انهن جي شاعريءَ ۾ پنھنجي آس پاس جي ماحول جو عڪس پڻ نظر اچي ٿو. انهن جيڪي ڪجهه پنھنجي اکين سان پَسيو ۽ پرکيو آهي، اهو پنھنجي شاعريءَ وسيلي اظھاريو آهي. انهن فطرت سان پيار ڪيو آهي. انهن جو حياتيات ۽ نبابات سان چاهه، انهن جي ئي شاعريءَ وسيلي نظر اچي ٿو.
انهن سڀني اَساسي شاعرن منجهان شاهه عبداللطيف پنھنجو هڪڙو الڳ معيار ۽ مقام رکي ٿو. جنھن جي ڪلام ۾ نه صرف فطرت نگاري بلڪه جماليات کان ويندي تصوف جي رمزن تائين سڀئي موضوع شامل آهن. شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ جمال، فن ۽ فڪر جي اڏام، موسيقيت، ۽ فطرت جي خوبصورتي بيان ٿيل آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ فطرت ۽ ماحول جو شاعر سڏيو ويندو آهي، جنھن جي انيڪ بيتن ۾ فطرت ۽ ماحول ڀريا پيا آهن. هُن نه رڳو ڪنھن هڪ قصي يا داستان، بلڪه سڀني داستانن اندر جيڪو حُسن ڀريو آهي، سو منفرد آهي. شاهه صاحب، نوري- ڄام تماچيءَ جي داستان ۾ ڪينجهر جي ماحول کي هن طرح بيان ڪري ٿو:
هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراهه،
اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءِ،
لڳي اتر واءَ، ته ڪينجهر هندورو ٿئي. (4)
ڀٽائي صاحب ڪيڏو نه حسين ماحول چِٽيو آهي ۽ تماچيءَ ۽ نوريءَ ۽ ان جي آس پاس شين بابت، وڻن بابت ۽ ڪينجهر جي ڇولين کي هندورو ڪري پيش ڪيو آهي. واقعي ئي اهڙو ماحول لطيف ئي پيش ڪري سگهي ٿو.
ڪلاسيڪل شاعريءَ پنھنجو اهڙو اثر ڇڏيو، جو اهو اثر اڄ تائين سنڌي شاعريءَ منجهان نڪري ناهي سگهيو، ان اثر جا آثار اسان کي بعد واري جديد شاعريءَ تي پڻ نظر اچن ٿا. جديد ۽ ڪلاسيڪل ادب جي فرق ۾ اسان کي اهو معلوم آهي ته شاعريءَ هڪڙو الڳ رستو اختيار ڪري پنھنجي اندر نين صنفن کي شامل ڪيو. جڏهن دنيا جي ادب اسان جي سنڌي ادب تي پنھنجا اثر ڇڏڻ شروع ڪيا، ته اسان وٽ به اهي سڀئي لاڙا ۽ تحريڪون اسان جي شاعريءَ ۾ پڻ نظر اچڻ لڳيون. جديد ادب هڪ تحريڪ جو نالو آهي، جيڪا لامحدود تحريڪ ٿي اڀري. هي نظريو ڪو نئون نظريو ناهي، بلڪه انسان جي تاريخ سان گڏ گڏ موجود رهيو آهي. ان باري ۾ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ لکي ٿو: ”ترقي پسندي هڪ جامع ۽ متحرڪ اصطلاح آهي، ترقي پسندي هڪ رويو، لاڙو ۽ تحريڪ آهي، جيڪا هر دور ۾ موجود رهي آهي. ترقي پسند ڪو موجوده دور جو محدود رويو ناهي، نه وري ان جو دائرو محدود آهي. اهو جو نظريو انساني تاريخ جي اڻ کٽ بابن جي هر دور ۾ موجود رهيو آهي. “ (5)
جديديت جو لاڙو سنڌي ادب ۾ 70 واري ڏهاڪي ۾ شروع ٿيو. جديديت سنڌي ادب ۾ ”نئين شاعري“ جي نالي سان ۽ اردوءَ ۾ ’نيا ادب‘ جي نالي سان متعارف ٿي. هي لاڙو يورپ ۾ 20 صدي جي وچ ڌاري ’نئين لاڙي‘ طور اڀري سامهون آيو. جنھن پوري دنيا جي ادب ۾ نواڻ آڻڻ شروع ڪري ڇڏي. ان ۾ وڏا وڏا شاعر ۽ اديب پوري دنيا مان شامل ٿي لکڻ لڳا ۽ هلندي هلندي ان ۾ ايڏي ته جدت آئي، جو هي لاڙو جديديت کان ترقي پسند ادب ۾ داخل ٿي ويو.
سنڌي جديد شاعريءَ ۾ شيخ اياز جيڪي تجربا ڪيا، سي مڙني شاعرن کان بنهه منفرد آهن. هُن سنڌي جديد شاعريءَ جا رُخ ئي تبديل ڪري ڇڏيا، هُن سنڌي جديد شاعريءَ کي نيون صنفون، نوان گهاڙيٽا ۽ نوان موضوع ڏنا. هُن سنڌي شاعريءَ جي سڄي ماحول کي تبديل ڪري ڇڏيو. مگر تنھن هوندي به شيخ اياز ڪلاسيڪل شاعريءَ جي اثر هيٺ رهيو. هو وائيءَ جي صنف ۾ سورج مُکيءَ جي کيت جو هن طرح ذڪر ڪري ٿو:
پر هِي ساري کيت کي،
ڪيرُ پيو ڀيلي؟
سورج مُکيءَ کي،
جيڪر اڄ چئجي،
اکيون کڻي سجِ ڏي! (6)
اياز وٽ فطرت سان عشق، پيار ان جي سڄي شاعريءَ ۾ ڀرپور نظر ايندو آهي. هن جو تشبيھون، استعارا ۽ صنعتون سڀئي فطرت جي محور جي ارد گرد گهمندا رهندا آهن. هُن جي شاعريءَ ۾ اهي سڀئي فطرت جا رنگ نظر اچن ٿا. جيڪي ڪنھن فطري شاعر وٽ هوندا آهن.
نه صرف شيخ اياز بلڪه اهو هر شاعر جي طبعيت ۽ مزاج ۾ هوندو آهي ته هو فطرتي طور تي شاعريءَ سان سلھاڙجڻ کانپوءِ فطرت جي حسن جي ڳالهه ڪري. ان لاءِ شاعر پنھنجي آس پاس جي ثقافت، ريتن رسمن، رواجن ۽ پنھنجي ثقافتي ورثي کي لازم ملزوم ڪري ڳائيندو آهي. ان ۾ هو پنھنجي شاعريءَ اندر خاص ڀيٽا پنھنجي مِٽيءَ ۽ درياهه جي نالي ڪندو آهي. ان باري ۾ علي دوست عاجز لکي ٿو:
جھڙو ماهو کير، پاڻي ناهي پيٽ ۾،
تڏهن طبعيت کي مليو، ڌرتيءَ جيڏو ڌيرُ،
آءُ ڀانيان اڪسير، پاڻي اَڳلا پيا چون! (7)
ورلي ئي ڪو شاعر هجي، جيڪو پنھنجي مٽيءَ ۽ پنھنجي درياهه يا نديءَ سان پيار نه ڪندو هجي، هتي به اسان جو هي شاعر پنھنجي مٽيءَ کي طبعيت سان تشبيھه ڏئي رهيو آهي. ته کيس اهڙي طبعيت هُن کي ان جي ڌرتي عطا ڪئي آهي. جنھن ۾ ٺھراءُ آهي، ڌيرج آهي ۽ صبر آهي. ڪير آهي، جيڪو پنھنجي ڌرتيءَ جي وهندڙ درياهه کي گدلو لکي. اهو ته ڪنھن ماهي کير جھڙو ۽ کنڊ جھڙو مٺو آهي، پر نه رڳو اهو اسان وٽ ته وڻن جي به پنھنجي حيثيت آهي، پر ايتريقدر جو بوندون جي به هڪڙي ماحول جي جوڙڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون. اهو ماحوليات جو سھڻو مثال قاضي انجم جي هن وائيءَ ۾ ڏسو:
وڻ ٿا جهومن واءُ ۾،
ساون پنن جي،
مٿان بوندون ٿيون وسن.
مٽي ٿي مھڪي پئي،
رستن ڪچن جي،
مٿان بوندون ٿيون وسن. (8)
برسات پنھنجي پاڻ سان ڪيئي عنصر کڻي ايندي آهي، ان ۾ رڳو بادلن، ڪڪرن، بجلي، گجگوڙ، ڦڙين، قطرن، هوا، طوفان ۽ بوندن جو ئي ذڪر نه ٿو اچي بلڪه ان سان جُڙيل ڪيئي فطرت جون حسين شيون موجود هونديون آهن، جيڪي هڪڙو خوبصورت ماحول جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. بارش جي اچڻ کان اڳ واءُ گهلي ٿو، وڻ جهومن ٿا، ڳائن ٿا، نچن ٿا! خوشيءَ جو اظھار ڪن ٿا، بارش انهن جا ساوَا خوبصورت پَن ڌوئي ٿي ڇڏي، انهن کي اڇو اُجرو ڪري ڇڏي ٿي، انهن جي حسن ۾ اضافو ٿئي ٿو. گڏوگڏ مٽيءَ جي پنھنجي سڳنڌ ٿيندي آهي بارش جي ڪري ئي! ان ۾ جيڪو هڳاءُ پيدا ٿئي ٿو اهو بارش جي بدولت آهي! بارش جڏهن به پوي ٿي ته ان سان جُڙيل پورو ماحول ئي تبديل ٿي وڃي ٿو. جيڪي شيون اڳ اڻ وڻندڙ هُيون، اُهي بارش بعد يا بارش پوڻ دوران سھڻيون ۽ وڻندڙ لڳنديون آهن. تنھن ڪري به بارش ڪا اڪيلي ماحول کي جوڙيندي ڪونهي! ان ۾ ٻيا به ڪيئي عنصر موجود هوندا آهن. ماحول اسان جي هر طرف موجود آهي، اهو اسان کي ڪنھن سمنڊ، درياهه، ڪنھن ڍنڍ تي به گهڻو تڻو ڏسڻ لاءِ ملي ٿو، جتي شام جي پھرَ ۾ پکين جي لانڍ موجود هوندي آهي ۽ ان سان گڏ ان ڍنڍ يا نديءَ جي ڪناري تي ٻيا ڪيئي اهڙا عنصر موجود هوندا آهن، جيڪي ملي اتان جي حسن ۾ اضافو ڪندا آهن. اهڙي ئي هڪڙي ڍنڍ تي لھندڙ پکيءَ جي گهمڻ واري منظر ۽ ان لاءِ شڪاريءَ جو تذڪرو ڪندي مشتاق ڦل هن طرح بيان ڪري ٿو:
ڍنڍ تي لھندڙ پکي،
ڍنڍ ۾ ترندڙ پکي.
ڏس ڪنڊيءَ جي لام تي،
شام جو لڏندڙ پکي.
۽ پرينءَ جي پار ڏي،
صبح جو اڏندڙ پکي.
ڪيترا سھڻا سٻاجها ٿا لڳن! (9)
اوهان ڪڏهن اهڙيءَ ڍنڍ تي وڃو، جتي ڍنڍ ۾ سج لھندو نظر اچي، آسمان ڪارو ٿي وڃي، ۽ سج جي لالاڻ چوڌاري اوهان جي اکين تي ڇانيل هجي، ان جي ڪناري ڪارا ۽ اڇي رنگ جا سھڻا پکي اوهان کي ۽ اوهان انهن کي ڏسي رهيا هجو. مٿيون منظر به ڪجهه ساڳيو ئي ڏيک ڏئي رهيو آهي، جنھن ۾ ڍنڍ تي پکي لھن ٿا، ڍنڍ ۾ پکي ترن ٿا، شام جو پھر آهي، وڻن جون لامون پکين جي ڪري لڏي رهيون آهن، ۽ اهي ساڳيا ئي پکي وري صبح مھل ائين اڏري ٿا وڃن، ڄڻ اهي پرينءَ پار ويندا هجن. اهڙو ئي هڪڙو شام جو منظر جنھن ۾ شام ٿئي ٿي، سج لھي ٿو، ڳاڙهاڻ ٿئي ٿي ۽ ان شام جي ماحول جو ذڪر سعيد ميمڻ وائيءَ ۾ هن ريت ڪيو آهي:
چوڏس ڳاڙهي روشني،
ڌنڌلا ساوا وڻ،
سج لھي ٿو شام جو.
هوريان هوريان ڳوٺ ڏي،
موٽن ٿا هو ڌڻ،
سج لھي ٿو شام جو. (10)
عام طور تي شام جو پھر ته روز ٿو اچي، پر شاعر انهن شامن ۾ ڪيئي ماحولياتي عنصر ڏسي وٺندو آهي ۽ پوءِ اهي پنھنجي طريقي ۽ پنھنجي اسلوب سان بيان ڪندو آهي. شاعر صحرا ۾ به رنگَ ڀري ڏيکاري ٿو، هو رِڻ کي به پنھنجي شاعريءَ وسيلي حُسن جو معجزو چوي ٿو. ان وٽ ماحول جو هر ننڍو وڏو عنصر ساڳي ئي معنيٰ رکي ٿو، اهڙيءَ ريت تتل واريءَ تي اصغر جتوئي هيئن رنگَ ڀريا آهن:
جهڙُ ڦُڙُ وُٺي جَهامَ،
تتل واريءَ تي.
”من مسافر تنھا، رڻ ۾ لِٿي شامَ“،
تتل واريءَ تي. (13)
ريگستان اهو واحد علائقو هوندو آهي، جتي سواءِ واريءَ ۽ ڪانڊيرن جي ڪو ٻيو منظر ڏسڻ جھڙو ناهي ملندو، پر شاعر پنھنجي نگاهِ حسن سان اتي به ماحول ۽ فطرت جي ڳانڍاپي کي گھري اک سان ڏسي ٿو وٺي، جتي واري تتل هجي ۽ جهڙالي موسم ٿئي ۽ پوءِ بارش پئجي رهي هجي، ۽ ڪو مسافر ان رڻ ۾ لھندڙ شام کي گُهوري رهيو هجي. شاعر تنھن ڪري ئي ته فطرت ۽ ماحول جا عاشق هوندا آهن، ۽ انهن لاءِ صحرا جھڙو وارياسو علائقو به سرسبز هوندو آهي. اهڙو ئي هڪڙو ٻيو منظر اصغر هيئن ڏيکاريو آهي:
گِهميل واريءَ تي پيا، سورج جا ڪرڻا!
ڌرتي ٿي پئي آرسي!
ڌوپي ماڪَ ڦُڙن سان، پنَ چمڪيا اَڪ جا!
ڌرتي ٿي پئي آرسي!
تتل واريءَ تي پيا، مينهڙا وَڏَ ڦُڙا!
ڌرتي ٿي پئي آرسي! (13)
هي منظر برسات کان پوءِ جو آهي! مينھن ڪڻيون ٿر جي تتل واريءَ تي ڪرڻن جيان پوي ٿي، گهميل واريءَ تي سج جا ڪرڻا چمڪي رهيا آهن. ٿر جي ريگستان ۾ جيڪي به وڻ ٽڻ ٻوٽا ڦٽندا آهن، انهن تي ڄڻ ڪو نئون نکار يا ڪو شفاف پاڻي چڙهيل محسوس ٿيندو آهي. بارش جي شيشي جهڙن ڦڙن سان اَڪ جا کھرا سُڪا پنَ به چمڪندا رهندا آهن، رڳو اَڪَ جي ئي ڳالهه نه آهي، پر ان ۾ ڪيئي ٻيا به سٺا سٺا ٻوٽا هوندا آهن، جيڪي ٿرَ ۾ وارياسي پٽَن تي ٿيندا آهن. جنھن ۾ ڪيئي اهڙا ٻيا به خوبصورت وڻَ هوندا آهن.
هڪڙي پاسي شاعر پنھنجي حسين خيال ۽ تصورن جي دنيا ۾ فطرت ۽ ان ماحول کي خوبصورتيءَ سان بيان ڪندا رهندا آهن، ته ٻئي پاسي ڪي ماحول دشمن گروهه پڻ موجود هوندا آهن، جيڪي فطرت ۽ ماحول سان هٿ چراند ڪندا آيا آهن، ان جو هڪڙو مثال حبدار سولنگي هيئن ڏنو آهي:
نه باغن ۾ وڃڻ فطرت سان ڪائي دشمني چئبي،
پٽڻ گل باغ مان فطرت جو قتلِ عام ئي چئبو. (14)
اسان وٽ اهي ماڻهو گهٽ ئي آهن، جيڪي باغن يا گلن سان پيار ڪندا هجن، انهن جو ڳاڻيٽو ڪري سگهجي ٿو، پر اهي ماڻهو هڪڙي پاسي اگر جي فطرت سان پيار نه ٿا ڪن ته گهٽ ۾ گهٽ ان جي تباهڪاريءَ جو سبب ته نه ٿين! ڪيئي ماڻهو باغن ۾ سونھن ۽ حسن ڏسڻ ويندا آهن، ڪيئي اتي شاعري ڪرڻ ويندا آهن، پر ڪيئي صرف اتي گلَ پٽيندا ۽ نقصان ڪندا آهن. پوءِ ان جو نتيجو قاضي انجم هيئن بيان ڪري ٿو:
بيٺو وڻ اداس آ، خالي اٿس لام،
ڪيڏي ٿي وئي شام، پکي موٽيو ڪو نه آ. (15)
اها ڪھڙي نه بيوسي آهي وڻن جي! جتي انهن جون لامون لاٿيون وڃن ٿيون، جن تي انهن پکين جا آکيرا آهن، جيڪي پنھنجي ٻچن لاءِ صبح جو ڪجهه چڳڻ لاءِ نڪرن ٿا ۽ وري شام ورندي انهن لاءِ ڪو داڻو آڻين ٿا، پر اگر وڻن جي ائين واڍَ ٿيندي رهي، انهن جي واڍي ائين ڪبي! ته ڪھڙا پکي اتي اچي رهندا! يا پوءِ ڪھڙو انهن لاءِ ڪو ٻيو گهر ٿي سگهي ٿو ڀلا! رڳو اها فطرت سان ئي نه، پر ماحول سان به هٿ چراند آهي، جيڪي عنصر فطري طور تي جڙيل رهن ٿا، سي ماحول جو خاص حصو هوندا آهن. جڏهن اسان پنھنجي آس پاس حسين باغيچا ڏسندا آهيون، اهي نه رڳو پنھنجي اندر وسيع حُسن بلڪه وسيع جيوتَ رکندا آهن. انهن جي اهڙي تباهڪاريءَ جو مطلب آهي، ان جيوتَ جي تباهڪاري. انهن کي ائين پٽڻ، چيڀاٽڻ ۽ چيٿاڙڻ هرگز به سٺي ڳالهه ڪونهي، ائين مشتاق ڦل لکي ٿو:
گل کي تون چيڀاٽين ڇو ٿو،
گل کي تون چيٿاڙين ڇو ٿو.
گل جو واس ڪيئي جُڳ رهنُ،
سونھن هٿن سان ساڙين ڇو ٿو؟ (16)
سڄيءَ دنيا ۾ وڻن، ٻيلن ۽ ٻوٽن پوکڻ جو هڪڙو الڳ ئي نظام آهي، جنھن ۾ هو نه رڳو سرڪاري سطح تي بلڪه عوامي سطح تي به اهڙي مھم هلائيندا آهن. ڪيئي اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي ائين سونھن کي ساڙين ٿا يا پوءِ ان جي ائين بي حرمتي ڪن ٿا، انهن جي خوبصورتي ۽ انهن جي سونھن انهن کان برداشت ئي نه ٿيندي آهي، جنھن ڪري هو اهو سڀ ڏسي نه سگهندا آهن، اهي ساڙ ۾ ڀريا پيا هوندا آهن، هو ڪنھن به حسين شيءَ کي نه بخشيندا آهن، هر طرح سان ڪوشش ڪندا آهن ته ان کي ننديون! اڪثر ماڻهن ۾ اهو عام آهي ته اهي گلن کي پٽي، انهن کي چيڀاٽي ان جا ٽڪرا ڪري ڇڏين، بجاءِ جي ان جو واسُ وٺن يا ان جي خوشبوءِ مان مستفيد ٿين، هو ان کي ائين ئي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن، پر ان هوندي به گل هميشه ئي رهڻا آهن، اهي ڪڏهن به مرڻا نه آهن. گل هجن توڙي ٻيلا يا پوءِ وڻَ، اهي اسان جي ڇانوَ جو سبب ٿيندا آهن. جيئن حسن درس لکيو:
ڇڻي ڇانو آخر آ، پٽ تي سمهي پئي،
وڻن جا وڏا بنڊ ڪاٺير هيٺان. (17)
اسين جيڪا به ماحول سان هٿ چراند ڪري رهيا آهيون، ان جو اڳ يا پوءِ نقصان به اسان کي ئي ٿي رهيو آهي، اسين اهو نه ٿا ڏسون ته جيڪي وڻ اسان جي جياپي لاءِ اسان جي ڪم اچن ٿا، اسين انهن لاءِ ئي ڪھاڙا کنيو بيٺا رهون ٿا. جيڪي اسان جي ڇانوَ جو سبب آهن اسين انهن جا ئي دشمن آهيون. دنيا جي سڀني مُلڪن ۾ اهڙا ميوا ڏيندڙ وڻ ٻوٽا خاص طور نه صرف پوکيا ويندا آهن، پر انهن باغيچن لاءِ خاص نظام پڻ ٺاهيو ويندو آهي، ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جا انسانن وانگر حق بيان ڪندي انهن جي تحفظ لاءِ قانونسازي ٿيل آهي، ڪيترائي وڻ ميويدار ۽ انساني خوشيءَ جو باعث آهن:
وري وڻ کي بيھي، تصور ۾ ڌوڻي،
ننڍن ٻارڙن پئي کنيا ٻير هيٺان. (18)
اڪثر اسان جي ڳوٺن ۾ اهي وڻَ ڇانوَ ۽ ميوا ڏيندا آهن. شھر جي نسبت ٻھراڙيءَ ۾ اهي وڻ اسان جي ماحول سان جُڙيل رهن ٿا. جيڪي نه رڳو وڏن، پر ٻارن جي وندر جو به سامان ٿيو پون. اهي هڪڙي پاسي اسان جي لاءِ آرام ۽ سڪون پيدا ڪن ٿا ته ٻئي پاسي وري اسان جي کائڻ لاءِ ميوا وغيره ڏين ٿا، پرانسان انهن جي واڍ کان مُڙي نه ٿو، اهو به نه ٿو سوچي ته اتي ڪي جاندار يا فطرت جا ڪجهه شاهڪار رهن ٿا، جن جا اسان گهر اجاڙي رهيا آهيون. حسن درس لکي ٿو:
پکي وڻ جي ٽاريءَ ۾ تبديل ٿي ويو،
اُها وڻ جي ٽاري، اُتان کان اُڏي وئي. (19)
ڪنھن به وڻ وڍڻ کان اڳ ڪو به واڍو، اهو ناهي سوچيندو ته، ان تي ڪھڙي جيوت رهي ٿي يا پوءِ ان تي ڪھڙي جيوت جو گهر ٿي سگهي ٿو. اسان جي آس پاس موجود شين جو اسين ڪڏهن به سوچيو ئي ڪونهي! اهي شيون جيڪي اسان جي ماحول جو حصو آهن، جن سان هي ماحول ٺھيو آهي، جن سان هن ماحول جي بقا آهي. پکي ته هميشه ئي پنھنجو گهر انهن وڻن کي ئي سمجهندا آيا آهن، پر جي اهو وڻ ئي وڍجي وڃي! يا ان جي ڪنھن به شاخ کي ڪٽي اڇلائي ٿو ڇڏجي ته، ان ۾ پکي به ان جو شڪار ٿين ٿا.
پر اسان جي ماحول ۾ رڳو وڻَ ٻوٽا ئي نه، بلڪه ٻيون به ڪيئي اهڙيون شيون آهن، جيڪي هن ماحول کي وڌيڪ خوبصورت ۽ دلڪش بڻائين ٿيون، جنھن ۾ خاص طور تي ڪنھن ڳوٺ جو دلڪش منظر ۽ دلفريب وغيره، جنھن ۾ ماحوليات پنھنجي پوري جوڀن سان نظر ايندي آهي. اهڙو ئي هڪڙو شعر، جنھن ۾ آڙيون اڏامي رهيون آهن، جنھن ۾ سج لاڙ تان لھي ٿو، حسن درس لکي ٿو:
اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمو ڪنھن سار وانگي هو،
لڙيو پئي لاڙ تان سورج، مُھاڻي ٻار وانگي هو.
وڻن تي ڪانگ ها ويٺل، ڳليءَ مان ڳئون پئي آيون،
پراڻو ڳوٺ هو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگي هو. (20)
هي منظر هڪڙي ڳوٺ جو آهي، جنھن ۾ ڳئون ڪنھن ڳليءَ مان پنھنجي ماڳ ڏانهن واپس اچي رهيون آهن، ۽ شام جو پھر آهي ته ڪانگ وڻن ۾ موٽي آيا آهن. هوڏانهن آڙيون به اُڏامنديون واپس پنھنجن گهرن طرف وڃڻ لڳيون آهن. ۽ سج لاڙ تي ائين لڙيو آهي ڄڻ ڪنھن مُھاڻي ٻار جو معصوم چھرو لڳندو هجي. هي اهڙو پھرَ ڪيڏو نه دلڪش آهي، جنھن ۾ فطرت جا سڀ رنگ ۽ ماحول سان ڀرپور ۽ نکريل آهن. اڪثر ڳوٺن ۾ اهڙا منظر ڏسڻ لاءِ ملن ٿا، جيڪي اسان جي ماحوليات جو حصو آهن. جيڪي اسان ڌيان ۾ ناهيون آڻيندا، پر ان هوندي به هو اسان جي ماحول کي حسين بڻائيندا آهن پنھنجي وجود سان يا پنھنجي موجودگيءَ سان. اهڙا ئي ڪجهه ٻيا به حسين ۽ خوبصورت عنصر اسان جي ئي ماحول ۾ آس پاس پھاڙن ۽ پٿرن جي صورت ۾ به موجود هوندا آهن. انهن جي سونھن پڻ اسان کي متاثر ڪندي آهي. جي انهن مٿان ڪڏهن بارش ٿي پوي ته، پوءِ ته ان جو نکار ڏسڻ وٽان هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو پھاڙن تي پوندڙ مينھن انهن پٿرن جي خوبصورتي کي وڌائي ڇڏي ٿو، انهن ۾ جان وجهي ٿو. جيئن شيخ اياز لکي ٿو:
ڪارونجهر تي اوڙڪون، اڄ به ساڳيا مينھن،
ها، پر جوڀن ڏينھن، رهي رهندا ڪينڪي. (21)
ڪارونجهر مٿان اڄ بادل اوڙڪون ڪري آيا آهن، گجگوڙ ڪري رهيا آهن، بجلي ڪِري رهي آهي، ۽ برسات اها ئي زوردار ٿي آهي، پر اهڙا ڏينھن روز نه ايندا آهن. توڙي جو اهو حسين منظر ڪڏهن ڪڏهن ئي ڏسڻ لاءِ ملي ٿو، پر اهو معجزو لڳي ٿو. پھاڙ جي خوبصورتي بارش سان آهي. پر ٻئي پاسي ڀٽ جو منظر به وڻندڙ آهي. جيئن:
ٽاريُن ڪنڊا ڪيترا، ڇيڙن ڳاڙها گل،
ڇا هيءَ ٿوهر ڀُل، جو هو ڦُٽو ڀٽ تي؟ (22)
ڀٽ تي ڪڏهن اوهان ٿوهر جا وڻ ڏٺا آهن؟ ويران واريءَ مٿان ڪيئن ٿوهر گل ڪڍي ٿو! اهو معجزو ئي چئبو. جتي پاڻيءَ جو پري پري تائين ڪو نشان ئي ڪونهي! سواءِ بارش جي مند ۾، جيڪا ان واريءَ جي ڀٽ کي سيراب ٿي ڪري. پر ان ڀٽ تي ٿوهر جو ڪانڊيرو ڳاڙها سھڻا گل ٿو پيدا ڪري. اسان ڪڏهن ايڏو غور نه ڪيو هوندو، ته اسان جي آس پاس ڇا ٿي رهيو آهي. اسان جي اردگرد ڪھڙا ٻوٽا ڦٽي رهيا آهن، پر ڀٽ تي ٿوهر جو ڪانڊيرو ڳاڙها گل ڪڍي ماحول کي خوشگوار بڻائي ٿو ڇڏي، پر ان ساڳي ئي صحرا ۾ ان ساڳي ئي ماحول اندر هڪڙو ٻيو به سھڻو ٻوٽو ڦٽي ٿو. اياز لکي ٿو:
اَڪن نيرا ڦُليا، مٿان مينھن وسن،
سارو ڏينھن گُسن، ڪارونجهر سان ڪڪريون. (23)
ڪارونجهر جبل مٿان جڏهن بادل ايندا آهن، ۽ ان تي وسڻ شروع ڪندا آهن، ته ان ڪارونجهر جو حسن ۽ نکار ئي الڳ هوندو آهي، ڪارونجهر جبل تي قسمين قسمين ٻوٽا پاڻمرادو ڦٽي پوندا آهن. جن جي سونھن جو ڪو جواب ئي ناهي هوندو. انهن ٻوٽن منجهان هڪڙو ٻوٽو ”اَڪ“ جو به آهي. جنھن ۾ سھڻا نيري رنگ جا ننڍڙا ننڍڙا پتڪڙا گل ٿيندا آهن. جيڪي ان جي سونھن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندا آهن. ۽ جڏهن ڪارونجهر تي وسڪارو ٿيڻ بعد اهي ڦٽي نکري جوان ٿي سامهون ايندا آهن ته انهن جي خوبصورتي ماحول کي تبديل ڪري ڇڏيندي آهي. ڪجهه فطرت جا عنصر ماحول کي خوبصورت بڻائڻ ۾ پورو ڪردار ادا ڪندا آهن، جن ۾ گل مھر جو گل به آهي. شيخ اياز لکي ٿو:
ميان! مان ڄاڻان،
ٿيندو ڇا گُل مُھر سان،
پنَ ڇڻَ پڄاڻان. (24)
ڪجهه اهڙا به رنگ فطرت جا ٿيندا آهن، جن جي ڇڻڻ يا ان جي مُند جي ختم ٿيڻ جو ڏُک ضرور ٿيندو آهي، ائين هڪڙو گُل مھر جو به ’گُل‘ آهي، جنھن جي هڪڙي ئي مُند آهي، جنھن ۾ هو کڙي ٿو ۽ پنھنجي سونهن ڏيکاري ٿو! پر انهن جي به هڪڙي مُند ٿيندي آهي. يعني اهي پنھنجي مقرر وقت تي ئي کِڙندا، ٽڙندا ۽ ڦھلجندا آهن. انهن جي جوڀن جو نظارو سال جا ٻارنھن ئي مھينا ناهي هوندو، پر اهي صرف چند مھينن لاءِ ئي سامهون ايندا آهن ۽ پوءِ وري غائب ٿي ويندا آهن.
ماحوليات جا ڪيئي اهڙا به تصور ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ايندا هوندا، جيڪي عام ماڻهو سوچي ئي نه ٿو سگهي، يا شايد اهو ان طرف ڪا خاص دلچسپي به نه ٿو رکي. اوهان ڪڏهن پنھنجي آس پاس نظر ڦيرائي ڏسو ته ڪيتريون اهڙيون شيون موجود آهن، جن تي ڪو به غور نه ٿو ڪري پر انهن سڀني کان اهم آهي فطرت جون شيون! يعني اهي ته سڀ سھڻيون، حسين ۽ خوبصورت هونديون آهن، پر ان هوندي به عام ماڻهن جو ان طرف ڪو ڌيان ئي نه هوندو آهي! ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته، اوهان جي گهرن ۾ جيڪي وڻن ۾ آکيرا ٿين ٿا، انهن جو ڇا حال آهي!؟ انهن پکين جا گهر به اسان جي گهرن جيان آهن! انهن جي زندگي به اسان جي زندگيءَ وانگر آهي! انهن جا مسئلا به اسان جي زندگيءَ جي مسئلن جھڙا، انهن جي روزمره جي نوڪ جهوڪ به انسان جي نوڪ جهوڪ جھڙي هوندي! يا پوءِ اهي سڀ جو سڀ اسان کان مختلف هوندا آهن. يا الڳ سوچيندا آهن. اهڙي ئي هڪڙي خوبصورت تصور جو ٿورو جائزو وٺو. شيخ اياز ان کي هيئن لکي ٿو:
چَئُه، چَئُه چيھي کي،
مٽيءَ هاڻا پيرڙا،
ٽانِگر تي نه رکي! (25)
اهو تصور ڪيڏو نه سھڻو ٿو لڳي! جيئن اسين پنھنجي گهرن ۾ گدلاڻ نه ٿا چاهيون، يا جي آڻيون به ٿا ته ان جي روڪ ٽوڪ ڪريون ٿا. انسان پنھنجي ماحول کي صاف سٿرو ڏسڻ چاهيندو آهي! پر ڇا اهڙو ڪو تصور پکين لاءِ به آهي!؟ ڇا اهي به ائين ئي سوچين ٿا! ڇا ڪا مادي پکي پنھنجي نَر جي پھچڻ تي ان جي پيرن جي گدلاڻ ڪري ان کي روڪيندي هوندي!؟ يا پوءِ ان کي ٽاريءَ تي ويهڻ کان جهيلندي هوندي. سوچڻ تي ڪيڏو نه خوبصورت تصور آهي، پر حقيقت ۾ اهو ئي اسان جو ماحول آهي، جنھن ۾ اهي سڀ فطرت جون شيون اسان جي اردگرد آهن، جن جي به ڪا زندگي آهي، جن تي به سوچڻ گهربو آهي. اهڙو ئي هڪڙو ٻيو منظر، جنھن ۾ هڪ پکيءَ جي ٽُڪ ٽُڪ ڌرتي ڌوڏي ٿي ڇڏي، جنھن ۾ ان جي اهڙي تحرڪ کي شيخ اياز ٻڌي ٿو ۽ چوي ٿو:
ڌرتيءَ ڪئي دَڪِ دَڪِ،
جَڙ کي جهوجهاڙي وِئي،
ڪاٺَ ڪُٽي ٺَڪِ ٺَڪِ. (26)
فطرت جي هن وايو منڊل ۾ ڪيئي حسين جاندار جِي رهيا آهن ۽ پنھنجو پنھنجو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن، پر انهن سڀنيءَ جو ڪم ٿوري فرق سان ئي مختلف هوندو آهي، انهن منجهان ئي هڪڙو پکي اهڙو به آهي، جنھن جو ڪم صرف ڪاٺَ کي ڪُٽڻ/ٽُڪڻ آهي! هو ڪڏهن پنھنجي گهر جي ٺاهڻ لاءِ ته ڪڏهن بنا ڪنھن گهر جي به ڪاٺَ کي پيو ڌَڪَ هڻندو رهندو آهي! ان سان جيڪو آواز پيدا ٿيندو آهي! اهو ڌرتيءَ تي دل جي ڌڙڪڻ جھڙو محسوس ٿيندو آهي. اهڙا ڪيئي پکي مختلف علائقن ۾ رهن ٿا، جن جي زندگي به هڪٻئي کان مختلف ٿيندي آهي، انهن جي رهڻي ڪھڻي، شڪار جو طريقو ۽ ٻيو سڀ هڪ ٻئي کان مختلف ٿيندو آهي، پر هر علائقي ۾ رهندڙ جاندارن جا طور طريقا هڪٻئي کان منفرد هوندا آهن. انهيءَ سبب ڪري ڪجهه پکي وري پھاڙن تي رهندا هوندا آهن، جيئن باز ۽ سِرڻ وغيره. ڪجهه پکي وري صحرا ۽ ريگستان ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن، جيئن مورُ ۽ تِتر وغيره، پر اڪثر انهن مان واريءَ کي پسند ڪندا آهن. جيڪي هميشه ڪنھن گهاٽي وڻ جي ڇانوَ وٺڻ لاءِ پھچندا آهن. يا پوءِ ڪجهه چُڳڻ لاءِ اچي ويندا آهن. اهڙو ئي منظر شيخ اياز هيئن بيان ڪيو آهي:
هي جي واريءَ ڍير،
ڪھڙي پکيءَ پيرڙا،
ستن تي ڇڻيل ٻير؟ (27)
وارياسي پٽن تي اوهان اڪثر مقامي جيوت جي پيرن جا نشان ضرور ڏسندا آهيو، جيڪي ان ماحول ۾ رهڻ جا عادي هوندا آهن، جيڪي اتان جي ماحول سان گڏ رِلي ملي ويندا آهن. اڪثر اُتي نانگن، ڪيڪڙن ۽ پکين سان گڏ ٻيا به ڪيئي ننڍا ننڍا جيتَ جڻيا وغيره رهندا آهن. جن جا پيرڙا واريءَ تي اڪثر اسان کي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جيڪي اڪثر لنگهن جي آس پاس موجود هوندا آهن. اهڙيءَ ريت واريءَ جي ڍير تي ڪجهه پکين جو گهمڻ، يا انهن جي پيرن جا نشان اڪثر موجود هوندا آهن، ان جو مطلب هوندو آهي ته يا اهي ڇانوَ وٺڻ لاءِ ويٺل هئا يا پوءِ ڪنھن شيءَ جي کائڻ لاءِ، ائين ئي هتي به ڪجهه ٻيرَ وڻ هيٺان ڇڻيل آهن. ضرور اها ڪنھن پکيءَ جي شرارت هوندي، جنھن ڪري پٽَ تي ٻيرَ ڪِريل آهن.
نتيجو:
ماحوليات اسان جي انهن سڀني شين سان جڙيل آهي، جيڪي به اسان جي هن ڌرتيءَ، هن گولي تي موجود آهن، توڙي جو اهي جاندار هجن يا بي جان! پر انهن سڀني شين جو تعلق اڻ سڌي ريت اسان جي فطرت ۽ اسان جي ماحول هيٺ ايندو آهي! ۽ اها ئي ’ماحوليات‘ جي درست تشريح مڃي ويندي آهي. ساڳيءَ ريت وڻ ٽڻ، پھاڙ،
گل ٻوٽا ۽ پکي اسان جي ماحول کي خوبصورت بڻائين ٿا، جن کي هڪ شاعر پنھنجي اک سان ڏسي، انهن جي منظرنگاري ڪري ٿو ۽ ان جي تحفظ لاءِ پڻ لکي ٿو. سنڌي شاعريءَ تي ماحول جو گھرو اثر نظر اچي ٿو.
حوالا:
- لطيف، فياض، ڊاڪٽر، ”شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 2020ع، ص:125
- لغاري، اڪبر، ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2010ع، ص: 24
- لطيف، فياض، ڊاڪٽر، ”شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 2020ع، ص:138
- لطيف، فياض، ڊاڪٽر، ”شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 2020ع، ص:135
- ميمڻ، عبدالغفور، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جو فڪري پس منظر“، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، 2017ع، ص: 279
- سميجو، اسحاق، (مرتب) ”ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“، (مزاحمتي شاعري)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2015ع، ص: 253
- عاجز، علي دوست، ”سائر جو سداءُ“، سارنگا پبليڪيشن حيدرآباد، 2013ع، ص: 26
- قاضي، انجم، ”ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾“، مُرڪ پبليڪيشن شھداد ڪوٽ، 2018ع، ص: 109
- ڦل، مشتاق ”دل ته چوي ٿي“، سنڌيڪا اڪيڊمي، 2010ع، ص: 92
- رياضت ٻرڙو (مرتب) ”ڏات ڏيئا ٻاريا“، ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2010ع، ص: 54
- جتوئي، اصغر ”پوئين پھر جي چانڊوڪيءَ ۾“، سچائي اشاعت گهر دڙو، 2017ع، ص: 31
- ساڳيو، ص: 32
- رياضت ٻرڙو (مرتب) ”ڏات ڏيئا ٻاريا“ ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو، 2010ع، ص: 171
- قاضي، انجم، ”ڳوڙهو ڳوڙهو سوڳ ۾“، مُرڪ پبليڪيشن شھداد ڪوٽ، 2018ع، ص: 146
- ڦل، مشتاق ”دل ته چوي ٿي“، سنڌيڪا اڪيڊمي، 2010ع، ص: 65
- محبوب، ارم (سهيڙيندڙ) ”حسن درس جو رسالو“، ڪاڇو پبليڪيشن ڪراچي، 2017ع، ص: 71
- ساڳيو، ص: 71
- ساڳيو، ص: 82
- ساڳيو، ص: 78
- شيخ، اياز ”اَڪن نيرا ڦُليا“، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1988ع، ص: 18
- ساڳيو، ص: 29
- ساڳيو، ص: 42
- شيخ، اياز ”پن ڇڻ پڄاڻان“، ڊجيٽل پبلشر، سنڌي ادبي شاخ سکر، 1993ع، ص: 13
- ساڳيو، ص: 13
- ساڳيو، ص: 17
- ساڳيو، ص: 17