مدد علي سنڌيءَ جي ڪهاڻين جو اڀياس
(Study of the stories of Madad Ali Sindhi)

عبدالغفور چانڊيو (مصور حسين)

Abstract

Madad Ali Sindhi, born on October 12, 1952, in Hyderabad the historic city of Sindh, stands out as one of the most renowned short story writers of Sindhi language and literature. In addition to his involvement in politics and journalism, he is primarily recognized for his contribution to the world of short stories. He has authored two collections of short stories in addition to two volumes of poetry and essays. His travelogues have also drawn the attention of readers. This paper introduces Madad Ali Sindhi as a prominent and pioneering figure in the realm of Sindhi short story writing. This paper highlights that by employing the styles of modernism and existentialism his narratives often incorporate the modern technique of stream of consciousness. His stories feature characters deeply connected to the past and reflect his profound awareness of the historical richness within his soul. Notably, in his short stories, he opts for the techniques and formats of modernism and comes out of conventional short story traditions. In this paper, I demonstrate that the central theme in Madad Ali`s short story writing is existentialism. His characters grapple with the pursuit of a meaningful life and navigate existence under the shadow of impending death. Ensnared in customs that lead to illusion, the characters of his stories yearn for liberation, finding suicide as the inevitable path. Overall, this paper focuses on technique, themes and characters and literary contributions of Madad Ali Sindhi in the literary genre of short stories. 

Keywords:  Sindhi Short stories, Existentialism, Madad Ali Sindhi, Sindhi Prose, Modernism

سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ:

سنڌي ڪھاڻيءَ جي شروعات بابت ادبي تاريخدانن ۽ محققن جا ٻه رايا آهن. هڪڙا ان خيال جا آهن ته سنڌي ڪھاڻيءَ جي شروعات 1853ع ۾ انگريز حڪومت طرفان سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ملڻ کان پوءِ ٿي، ته ٻيا وري ان خيال جا آهن ته سنڌي ڪھاڻي جي لکڻ جو سلسلو ويھين صديءَ جي پھرئين ۽ ٻئي ڏهاڪي جي وچ ۾ ٿيو.

پھرين راءِ موجب 1854ع ۾ غلام حسين قريشيءَ جي لکيل ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه “ سنڌي زبان جي موجوده لپيءَ ۾ لکيل پھرين ڪھاڻي آهي. ساڳئي ئي سال ميران محمد شاهه اول جي ڪھاڻي ”سڌاتوري ۽ ڪڌاتوريءَ جي ڳالهه “ به پڌري ٿي. مختلف محقق محمد اسماعيل عرساڻي، جگديش لڇاڻي، اڪبر لغاري، هيرو شيوڪاڻي ۽ ڪجهه ٻيا ان راءِ جا آهن ته سنڌي ڪھاڻيءَ جي شروعات ويھين صديءَ جي پھرين ۽ ٻئي ڏهاڪي وچ ۾ ٿي.سندن راءِ مطابق انگريزن جي شروعاتي دور ۾ لکيل ڪھاڻيون نه پر آکاڻيون هيون ۽ انهن ۾ جديد ڪھاڻيءَ واريون خوبيون موجود نه هيون. مختيار احمد ملاح ۽ ٻين جي راءِ مطابق 1854ع ۾ غلام حسين قريشيءَ ۽ ميران محمد شاهه جون لکيل ڪھاڻيون اصلي نه پر پنڊت بنسي ڌر جي هندي ڪھاڻين تان ترجمو ڪيو ويون. ان ڪري اهو چوڻ درست ٿيندو ته  سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ جي شروعات لعلچند امر ڏني مل جي  1914ع ۾ لکيل ڪھاڻي ”حُر مَکيءَ جا “  کان ٿئي ٿي. سنڌي افساني جي دنيا ۾ هيءَ ڪھاڻي پيڙهه جي پٿر واري حيثيت  رکي ٿي. هيءَ سرزمين سنڌ تي انگريزن خلاف پيدا ٿيل حُرن جي بغاوت جي پسمنظر ۾ لکيل شاهڪار ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ انگريزن جي ظلمن ۽ حُرن جي جرئتمنداڻي ڪاروائين جا عڪس ڏيکاريا ويا آهن.

.The hurs of mukhi, the sindhi story was written in the background of the hur movement that started in 1898 against the British imperialism. This story may also be called as first sindhi story of the resistance.”(1)

 لعلچند امر ڏني مل جي ڪھاڻي” ڪشنيءَ جو ڪشٽ“ ۽ ” ڏکن ڏڌي زندگي“ به پڙهندڙن ۾ چڱي مقبوليت حاصل ڪئي. ٻنھي ڪھاڻين ۾سنڌي سماج جي گهريلو زندگي ۽ ان جي  معاملن, مسئلن جي حقيقي تصوير پيش ڪئي وئي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”چمڙا پوش جون ڪھاڻيون“
جي نالي سان 1923ع ۾ شايع ٿيو، جنھن جو ليکڪ  ڄيٺمل پرسرام هو. سندس ڪھاڻين جا اهم موضوع سماج جون مدي خارج ريتون رسمون، سرمائيدارن جو غريبن ۽ پورهيتن سان ظلم ۽ ننڍپڻ جون شاديون وغيره آهن. هن دور ۾ سنڌي ڪھاڻيڪارن نه صرف روسي، هندوستاني، يورپي، بنگالي ۽ ٻين ٻولين ۾ سرجندڙ ادب جو مطالعو ڪري پنھنجي مطالعي ۾ واڌارو ڪيو، پر انهن ٻولين مان ڪيتريون ئي ڪھاڻيون سنڌيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيون ويون. جيڪي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون. ۽ ائين اهو سلسلو 1947ع تائين هلندو رهيو، جنھن دوران پرڏيھي ادب جي ڪھاڻين کي ترجمي ڪرڻ سان گڏ ڪيتريون ئي اصلوڪيون ڪھاڻيون پڻ لکيون ويون. ان دوران ڪھاڻين جا ڪيترائي مجموعا پڻ پڌرا ٿيا، جن مان امر لعل هنڱوراڻي جي ڪتاب ”ادو عبدالرحمان“ ۽ آسانند مامتوراءِ جي ڪھاڻي ڪتاب ”پاپ ۽ پريم جون ڪھاڻيون“ کي گهڻي اهميت حاصل آهي.آسانند مامتوراءِ جي ڪھاڻين جي اها خوبي آهي ته ”هو پنھنجي ڪردارن جو نفسياتي تجزيو ڪندي، جنسي مونجهارن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو.“ (2)

1947ع ۾ هندوستان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌ مان هندو آباديءَ جي لڏپلاڻ ٿي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ افساوي ادب حوالي سان هڪ خال پيدا ٿيو، جنھن کانپوءِ جمال ابڙي ڪھاڻيءَ جي کيتر ۾ پاڻ مڃايو. جنھن پيراڻي، پشو پاشا ۽ ان جھڙيون ٻيون ڪيتريون ئي لازوال ڪھاڻيون لکي سنڌي ڪھاڻي کي نه صرف حقيقت نگاريءَ جي قالب ۾ آندو، بلڪه هن پنھنجي ڪھاڻين وسيلي ترقي پسند لاڙن کي پڻ متعارف ڪرايو. فني توڙي فڪري حوالي سان به جمال ابڙي سنڌي ڪھاڻيءَ کي هڪ نئون ڪينواس مُيَّسر ڪيو. ان حوالي سان هند جي مشھور نقاد هيري شيوڪاڻي جي راءِ پڻ اهميت رکي ٿي ته ”ورهاڱي بعد سنڌ جي ڪھاڻيءَ ۾ نشونما جو مختصر عڪس چٽجي ته انهيءَ پرفيڪٽ ماڊل جي ڪڙيءَ تي پھتل فنامنا لاءِ جمال ابڙي پيش قيمتي مرمري پٿر جو مجسمو (بسٽ) ڪوري تيار ڪيو هو. “ (3)

جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جي حوالي سان جمال ابڙي کان پوءِ جن ڪھاڻيڪارن ان ئي سلسلي کي اڳتي وڌايو ۽ پنھنجي ڪھاڻين ذريعي ترقي پسند فڪر ۽ حقيقت نگاريءَ جي اثر هيٺ ڪھاڻيون لکيون تن ۾ اياز قادري، نجم عباسي، آغا سليم، غلام رباني آگرو،حفيظ شيخ،نسيم کرل ۽ امر جليل جا نالا سرفهرست آهن. جن جي ڪھاڻين ۾ اسان کي سماجي بُراين، ظلم ۽ ڏاڍ واري راڄ، غربت، محرومين، مدي خارج روايتن ۽ عام ماڻهن جي مسئلن جي عڪاسي ملي ٿي. لڳ ڀڳ ساڳئي ئي دور ۾ جن ليکڪن عالمي ادب جي تحريڪن ۽ لاڙن کي سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ آندو، تن ڪھاڻيڪارن ۾ مشتاق شورو، منير عرف ماڻڪ ۽ شوڪت حسين شورو اچي وڃن ٿا، جن سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ يورپ کان شروع ٿيل جديديت واري تحريڪ جي اثر هيٺ ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون. مدد علي سنڌي به ان ئي ساڳي ئي صف ۾ بيٺل ڪھاڻيڪار آهي، جنھن پنھنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان سنڌي ڪھاڻيءَ جي باغيچي ۾ ڪيترين ئي خوبصورت ڪھاڻين جا گُل پوکيا آهن.

مدد علي سنڌيءَ جي ادبي سفر تي مختصر نظر:

مدد علي سنڌيءَ جو جنم 12 آڪٽوبر1952 ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. هونئن ته مدد علي سنڌي جي شخصيت جا ڪيترائي پاسا آهن، جو هُن پنھنجي عمر جا ڪيترائي سال نظرياتي سياست ۽ صحافت کي ارپي، هڪ قومي ڪارڪن ۽ صحافيءَ طور پڻ مڃتا ماڻي آهي، پر هڪ اديب جي حيثيت ۾ به هُن تمام گھڻو ڪم ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو عام ماڻهو اڄ کيس هڪ اديب جي حيثيت سان ڄاڻي سڃاڻي ٿو. مدد علي سنڌيءَ جي شخصيت ادبي دنيا ۾ به ورهايل آهي يعني هُو ادب جي شعبي ۾ به ڪنھن هڪ صنف تائين محدود ناهي، بلڪه هُو ادبي دنيا ۾ “آل رائونڊر” آهي، هُن ڪھاڻيون به لکيون آهن، ته شاعري به ڪئي اٿائين. ناوليٽ ۽ سفرناما به لکيا اٿائين ته وري هڪ ترجمي نگار يا مترجم طور به پنھنجو پاڻ ملھايو اٿائين ۽ وڏي ڳالهه ته انهن سڀني صنفن ۾ هُن پنھنجو پاڻ موکيو آهي ۽ عام توڙي خاص سندس ڪھاڻين، شاعري، سفرنامي، ناوليٽ ۽ ترجمن کي ساراهيو آهي. سنڌي ادب ۾ منفرد سڃاڻپ رکندڙ مدد علي سنڌي جي ڪھاڻين جا ٻه مجموعا ”دل اندر درياوَ“ ۽ ”هستي جي اجاڙ ايوان ۾“ ڇپجي چڪا آهن، ان کان علاوه هن جي شاعري جو ڪتاب ”پُنر ملن“ جي نالي سان ۽ سفرنامو ”شھر صحرا ڀائنيا“ پڻ ڇپجي چڪو آهي. جڏهن ته هن ناليواري ليکڪ قره العين حيدر جي ناول ”قلندر“ جو پڻ ترجمو ڪيو آهي.سندس سڀني ڪتابن تي مشتمل ڪتاب ”دل اندر درياو“ 2008ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو آهي.

ادبي دنيا ۾ مدد علي سنڌي، سنڌ ۾ جديديت واري تحريڪ ۽ وجوديت واري فڪر جو مھندار ڪھاڻيڪار آهي، سندس ڪجهه ڪھاڻين ۾ ماورايت جا اُهڃاڻ به ملن ٿا.ان کان سواءِ سندس ڪھاڻين ۾ شعوري وهڪري ۽ شاعراڻو نثر واري ٽيڪنيڪ پڻ ڪم آندي وئي آهي. مدد علي سنڌيءَ جي ڪھاڻين جي اڀياس کان اڳ ۾ ضروري آهي ته جديديت واري تحريڪ ۽ وجوديت واري لاڙي جو مختصر جائزو پيش ڪجي.

جديديت واري تحريڪ جو مختصر جائزو:

جديديت واري تحريڪ جي شروعات 19هين صدي جي آخر ۽ 20هين صديءَ جي منڍ ۾ يورپ کان شروع ٿي.جنھن اتي سرجندڙ ادب،موسيقي ۽ مصوريءَ تي گھرو اثر ڇڏيو. يورپ ۾ ٽي ايس ايلٽ، ايزرا پائونڊ، ورجينا وولف ۽ جيمس جوائس هن تحريڪ کي ادبي عروج تي پھچايو. هن تحريڪ تحت ادب توڙي آرٽ جي ٻين شعبن ۾ اظھار جا پراڻا طريقا رد ڪيا ويا ۽  نيون روايتون ۽ پيچرا  ڳولھي لڌا ويا. هن تحريڪ کان پوءِ ادب ۾ داخليت پسندي،خودڪلامي، شعوري وهڪرو، علامت نگاري، آزاد شاعري ۽ وجوديت جھڙا لاڙا متعارف ٿيا.

“modernism reveals a breaking awat from established rules, traditions and conversation. Fresh ways of looking at man`s position and functions in the universe and many experiment in form and style.” 4

مطلب ته جديديت واري تحريڪ ادب ۾ اڳ رائج طور طريقن ۽ اظھار جي رائج لاڙن کي ٿُڏڻ جو ٻيو نالو هيو. هن تحريڪ ذريعي ادب ۾ موضوع ۽ ٽيڪنيڪ جي حوالي سان نيون تبديليون آنديون ويون.

وجوديت واري لاڙي جو مختصر جائزو:

وجوديت وارو لاڙو اصل ۾ زندگيءَ  سان تعلق رکي ٿو ، جنھن جو پوءِ ادب ۾ استعمال ڪيو ويو. هن جو باني ڊينمارڪ جو رهواسي سورين ڪيرڪيگارڊ هيو. هن لاڙي جو محور انسان جو وجود آهي. هن نڪته نظر تحت فرد جي آزادي ۽ چونڊ، سندس سوچن ۽ خيالن  تي زور ڏنو ويو آهي ۽ اڳ ٻڌايل سمورن مذهبي ۽ فلسفياڻي خيالن کي رد ڪيو ويو آهي. ادب ۾ هن لاڙي کي البرٽ ڪاميو ۽ سارتر اوج تي پھچايو. وجوديت جي لاڙي مطابق زندگي متحرڪ آهي، جيڪا وهندڙ پاڻي وانگر روان دوان آهي. اها جڏهن يڪسانيت جو شڪار ٿي هڪ هنڌ بيھي وڃي ٿي ته ان ۾ بوريت، ڪراهت، زندگيءَ جي بي معنويت ۽ ويڳاڻپ جھڙا ٻيا احساس پيدا ٿي پون ٿا. هي لاڙو سنڌي ادب ۾ 60 واري ڏهاڪي دوران متعارف ڪرايو ويو. مشتاق شوري، شوڪت شوري، منير احمد ماڻڪ ۽ مدد علي سنڌي هن لاڙي کي سنڌي ادب ۾ هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڪھاڻين جو اڀياس :

مدد علي سنڌيءَ مٿي ذڪر ڪيل ٽنهي ليکڪن جي ڀيٽ ۾ جيتوڻيڪ گهٽ ڪھاڻيون لکيون آهن، پر ان هوندي به سنڌ اندر وجودي ڪھاڻيڪارن جي قطار ۾ هو ايتري ئي اهميت رکي ٿو. سندس گهڻيون ڪھاڻيون وجودي فڪر جي دائري هيٺ اچن ٿيون. خاص طور تي سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ”دل اندر درياو“ جي ڪيترين ئي ڪھاڻين ۾ وجوديت جا عڪس ۽ اُهڃاڻ ملن ٿا. سندس ذڪر ڪندي عبدالوحيد جتوئي لکي ٿو ته، ”مدد علي سنڌي، سنڌ جي وجودي ڪھاڻيڪارن مان هڪ آهي. هن جا وجودي ڪتاب ”دل اندر درياو“ ۽ نثري نظمن جو مجموعو ”پنر ملن“ سنڌ جي وجودي ادب تي گهڻي وقت تائين ڇانيل رهندا.“ (5)

 مدد علي سنڌي شعوري وهڪري واري ٽيڪنيڪ تحت پڻ ڪيتريون ڪھاڻيون لکيون آهن. سندس ڪھاڻين جا گهڻا ڪردار داخلي درد ۽ ڪيفيت ۾ مضطرب نظر اچن ٿا، جيڪي زندگي جي پُر اسرار رستن تي ڀٽڪندي ۽ ڪونئون گس ڳوليندي ڳوليندي اُتي ئي دم ڏين ٿا، هُن جي ڪھاڻين جو وڏو الميو اهو ئي آهي ته انسان ماڻهن جي هجوم ۾ به اڪيلو آهي ۽ ڪيترائي دوست ۽ همدرد هجڻ باوجود به هُن جي اندر جو ڏُک گهٽجڻ جو نالو نه ٿو وٺي.

وجودي فلسفي جي اثر هيٺ لکيل ڪھاڻيون:

مدد علي سنڌي پنھنجي ڪھاڻين ۾ خارجي مسئلن ۽ معاملن جي ڀيٽ ۾ داخلي احساسن کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو. هُن جي نظر ۾ هڪ اڪيلي ۽ اداس ماڻهوءَ جي من ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ئي ڪائنات جو وڏو حادثو آهي. سندس ڪھاڻين جو مرڪز ماڻهوءَ جو وجود آهي. جتي اندر ئي اندر ڪيترائي طوفان اُٿندا ٿا رهن ۽ وڏي ڀڃ ڊاهه ٿيندي ٿي رهي. تنھن ڪري  سندس ڪھاڻين جو اصل جوهر وجوديت آهي. وجودي فلسفي ۾ ڪيتريون ئي ڪيفيتون يا وارداتون اچي وڃن ٿيون. موت، مايوسي، ويڳاڻپ، بوريت ۽ خودفريبيءَ واريون ڪيفيتون سندس گهڻين تڻين ڪھاڻين ۾ نظر اچن ٿيون. سندس ڪھاڻي ”اجنبي بنجي جيئڻ کان پوءِ“ خودڪلاميءَ واري انداز ۾ لکيل ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ وجودي وارداتن جي ڀرپور عڪاسي ملي ٿي ۽ ڪھاڻيءَ جو ڪردار مٿي بيان ڪيل تقريبن سڀني ڪيفيتن مان گذرندي ڏيکاريو ويو آهي. هو ويڳاڻپ ۽ بوريت جو ايترو ته شڪار ٿي ويو آهي، جو ٻين کي ته اجنبي لڳي ئي ٿو پر پنھنجو پاڻ کي به هو ڌاريو لڳڻ لڳي ٿيو. سندس من اندر بوريت ۽ بيزاريءَ سان ڀرجي ويو آهي ۽ هو زندگيءَ مان ڪڪ ۽ بيزار ٿي پيو آهي، تنھن ڪري هو زندگيءَ کان ڪراهت محسوس ڪندي سوچڻ لڳي ٿو. ”محسوس ڪريان پيو ته منھنجي زندگيءَ ۾ مونجهارا وڌندا وڃن. ڏينھون ڏينھن آهستي آهستي مايوسي ۽ نراسائي وڌيڪ گھري ٿيندي وڃي ۽ هي ڏينهن، جي مان پنھنجي پاڻ کان اجنبي بنجي گذاريان پيو. ڪيڏا نه عجيب آهن! سڄو ڏينھن بيزاريءَ ۾ گذري ۽ رات سوچيندي ۽ پاسا ورائيندي.“ (6)

مدد علي سنڌي جون ڪھاڻي ”احساسن ۽ جذبن جو موت“ به وجودي فڪر جي پس منظر ۾ لکيل آهي. جنھن ۾ ويڳاڻپ ۽ موت جي تصور جا ڪيترائي اولڙا ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهجن ٿا.سندس هن ڪھاڻيءَ ۾ مک ڪردار کي مونجهاري ۾ ايترو ته گهيريل ڏيکاريو ويو آهي جو سندس اندر ۾ رشتن کان اوپرائپ وارو احساس پيدا ٿي پوي ٿو. ايتري قدر جو البرٽ ڪاميو جي ناول outsider جي سورمي وانگر  کيس پيءُ جي نالي کان نفرت ٿي وڃي ٿي ۽ هو پنھنجي پيءُ  لاءِ سوچي ٿو ته ان شخص جي سڄي زندگي اجائي وئي. پيءُ جي موت کان پوءِ کيس گهر ۾ سُڪون ۽ شانتي محسوس ٿئي ٿي. ماءُ جي موت تي به سندس اندر مان ڪو اُڌمو پيدا نه ٿو ٿئي بلڪه مرڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ماءُ کي اهو چوي ٿو ته امان توکي ته هاڻي مرڻ کپي. رشتن کان اوپرائپ پڻ وجوديت واري فڪر جي هڪ ڪڙي آهي. انسان جڏهن ويڳاڻپ ۽ بوريت جو شڪار ٿي ويندو آهي ته کيس رشتن کان به نفرت ٿي ويندي آهي، ڇو ته کيس لڳندو آهي ته پيءُ هجي يا ڀاءُ، ڪو به سندس درد جو ڀائيوار نه ٿو ٿي سگهي. ان ڪري هن ڪھاڻيءَ جي ڪردار جي اندر ۾ رت جي رشتن لاءِ نفرت پيدا ٿي پوي ٿي.

ڪجهه وجودي فلسفين هن فلسفي ۾ خدا جي وجود بابت پڻ بحث ڪيو آهي. جيئن سورين ڪيئرڪيگارڊ ،نٽشي ۽ سارتر، جن کي لاديني وجودي مفڪرن ۾ خاص اهميت حاصل آهي، جن پنھنجي لکڻين ۾ خدا جي وجود کان انڪار جو اعلان ڪيو آهي. تيئن، مدد علي سنڌي جي ڪھاڻين جا ڪردار پڻ ايئن سوچيندي نظر اچن ٿا. جيئن؛ ”هن سوچيو؛ خدا به ڪيترو نه عجيب آهي. چون ٿا انسان جي هر خواهش پوري ڪري ٿو، ته پوءِ مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو دل ته ٺاهي اٿس، پر ان دل جون خواهشون پوريون نه ٿو ڪري.“ (7)

مدد علي سنڌيءَ جا ڪردار هن سرشتي جا سڀ کان وڌيڪ ڏک ڏسندڙ ڪردار آهن. سندس ڪھاڻين جا ڪردار ويڳاڻپ، موت جي تصور، مايوسي، بوريت، خودفريبي ۽ ٻين اهڙين ڪيفيتن جي ڄار ۾ وڪوڙيل آهن. اهي زندگيءَ جي بي معنويت تي سوچيندي ۽ زندگيءَ کي معنيٰ ڏيڻ جي ڪوششن ۾ سرگردان نظر اچن ٿا. سندس ڪھاڻيون اهڙن ڪردارن سان ڀريل آهن، جن جي اندر ۾ اٿاهه درد آهي، جن جي هينئين ۾ روز حادثا ٿين ٿا، اهڙائي ڪردار مدد علي جي ڪھاڻين ۾ عام جام ملن ٿا. مدد علي سنڌي جي ڪھاڻي ”هستيءَ جي اجاڙ ايوان ۾“ سنڌي ادب جي هڪ تمام بھترين ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ ليکڪ هڪ يونيورسٽيءَ جي نوجوان جي اندر ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه کي بيان ڪيو آهي، ان نوجوان جي داخلي احساسن کي ليکڪ جهڙي نموني سان پيش ڪيو آهي، سا وجودي ڪيفيتن جي سنئين سڌي عڪاسي آهي.

”بس آهستي پئي هلي. ۽ سدائين کيس مونجهه ۽ بيزاري ٿيندي ۽ اڄ به ٿئي پئي. نه صرف بس ۾ ، پر گهر ۾ هوٽلن ۾،رستن تي هلندي هلندي کيس ٿيندي آهي مونجهه، بيزاري ۽ اجنبيت. اڄ به کيس هي اڌ ڪلاڪ جو سفر اڳي وانگر صدين جو سفر پيو لڳي.“ (8)

نوجوان يونيورسٽي ويندڙ بس ۾ ويٺل آهي ۽ سندس ذهن ۾ طرح طرح جا خيال اچن پيا. ڪڏهن سندس ذهن ۾ زندگيءَ جي بي مقصديت بابت سوچون اچن ٿيون ته ڪڏهن سندس دماغ ۾ موت جي حقيقت بابت سوال اٿن ٿا. هو زندگيءَ کان نفرت جو اظھار ڪري ٿو. رشتن ناتن، ماحول ۽ دوستن کان به نفرت ٿيڻ لڳيس ٿي. ايتريقدر جو کيس پنھنجو پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي ٿي. انهي سڀني خيالن ۽ سوچن جو تت هو مختصر لفظن ۾ ڪڍي ٿو ته سڀ ڪجهه بڪواس آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪ نوجوان جي ڪردار ذريعي قومپرستي ۽ سنڌيت جي جذبي هيٺ سنڌو درياهه جي سوڪھڙي ۽ ان مان واري اُڏامڻ جو ذڪر ڪيو آهي.

مدد علي سنڌيءَ جي ڪھاڻي ” ائبسٽريڪٽ جيون جا ڪجهه ائبسٽريڪٽ“ ۾ به وجوديت جا عڪس ۽ اولڙا ملن ٿا. جنھن ۾ هڪ نوجوان جي ذهني ڪرب ۽ پيڙا کي چِٽيو ويو آهي.هو روزمره جي زندگيءَ مان تنگ ۽ بيزار ٿي پيو آهي.آفيس جي ڪمن ڪارين، باس جي تلخ روين ۽ وقت تي نه ملندڙ پگهار، سندس زندگيءَ ۾ بوريت پيدا ڪري ڇڏي. هو اهي سڀئي بار ۽ پريشانيون کڻي گهر اچي ٿو ته اتي سندس گهرواري، گهر ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اڻاٺ جي شڪايت ڪري، سندس پريشانين کي ويتر وڌائي ٿي ڇڏي. اهڙي حالت ۾ جڏهن سندس ننڍڙيءَ کي پيئڻ لاءِ کير به ڪونهي تڏهن سندس ذهن ۾ زندگيءَ جي واهيات پڻي جا خيال اچن ٿا ۽ هو آپگهات ۽ موت بابت سوچڻ لڳي ٿو.سوچيندي سوچيندي هو ان نتيجي تي پھچي ٿو ته ”نه زندگيءَ ۾ سک آهي ، نه وري مرڻ کان پوءِ.“ (9)

شعوري وهڪري هيٺ لکيل ڪھاڻيون:

شعوري وهڪرو (stream of consciousness)  پڻ جديديت واري تحريڪ جو اهم لاڙو آهي.جنھن تحت ليکڪ ضمير متڪلم واري انداز ۾ ڇڙوڇڙ لکندو ويندو آهي. يعني سندس ذهن ۾ جيڪو ڪجهه ايندو آهي، سو هو لکندو ويندو آهي. هن قسم جي لکڻين ۾ تسلسل جو برقرار رهڻ ضروري نه هوندو آهي ۽ ليکڪ جي ذهن ۾ ايندڙ خيالن ۽ سوالن کي وڏي اهميت حاصل آهي. مدد علي سنڌيءَ جون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون هن لاڙي تحت لکيل آهن، جن مان ”ٽٽل زندگيءَ جي اڻپوري ڪھاڻي“
۽ ”اڌوري پنڌ جا آخري سپنا“ خاص اهميت رکن ٿيون.  پھرين ڪھاڻيءَ ۾ هڪ اهڙي نوجوان جو ڪردار پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو پنھنجي زندگيءَ ۾ بوريت ۽ فرسٽريشن جو شڪار آهي ۽ هو خود ڪلاميءَ ذريعي پنھنجي انهن ڪيفيتن جو اظھار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن ته ٻي ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار جي نفسيات ۽ ائبنارملٽيءَ جا عڪس پيش ڪيا ويا آهن. هو محبت جي حاصلات ۽ لاحاصلات تي سوچيندي ۽ ڀٽڪندي ڏيکاريو ويو آهي. رکي رکي کيس پنھنجي محبوبا انيلا سان ڪيل ڳالهيون ياد اچن ٿيون. ٻنھي جي وچ ۾ سماجي حوالي سان ننڍ وڏائيءَ جو فرق آهي. انيلا خانداني ريتن رسمن خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي، پر هو پاڻ ۾ ايترو ساهس نه ٿو ڀانئي جو سماج جي اڏيل انهن ديوارن کي لتاڙي سگهي. نتيجي طور يادون ۽ اڪيلائي سندس مقدر بنجي وڃي ٿي. هن ڪھاڻيءَ ۾ نائڪ ۽ نائيڪا جي سوچن ۽ خيالن ذريعي طبقاتي نظام ۽ مدي خارج خانداني رسمن کي پڻ نشانو بڻايو ويو آهي ته ڪيئن اوچ نيچ ۽ امير غريب جي سوچ ٻن پيار ڪندڙ دلين کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ٿي ڇڏي ۽ اهي چاهيندي به ان روايت کان بغاوت نه ٿا ڪري سگهن.

ڪھاڻين ۾ اظھار جا نوان طريقا:

مدد علي سنڌيءَ جون ڪھاڻيون جديديت واري تحريڪ جي ڀرپور نمائندگي ڪن ٿيون. اها تحريڪ ادب ۽ آرٽ ۾  ڪتب ايندڙ سڀني پراڻن ۽ روايتي گهاڙيٽن کان بغاوت جو ٻيو نالو آهي، جنھن ۾ ليکڪ لاءِ اهو ضروري قرار ڏنو ويو آهي ته هو پنھنجي اظھار لاءِ ادب ۾ نوان گهاڙيٽا دريافت ڪري. ان ڏس ۾ ڏٺو وڃي ته مدد علي سنڌيءَ جون ڪھاڻيون ان ڪسوٽيءَ تي پوريون لهن ٿيون.هن جي ڪيترين ڪھاڻين ۾ اظھار جا نوان دڳ اختيار ڪيا ويا آهن. جيئن سندس هڪ سڄي ڪھاڻي ”اُڀريو ڏينھن ڏُکن جي“ خط واري انداز ۾ لکيل آهي. ائين ئي مدد جي هڪ ٻي ڪھاڻي ”دل اندر درياوَ”“به نئين ٽيڪنيڪ ۾ لکيل آهي، جنھن ۾ زمان ۽ مڪان جو ڪو به سندو ناهي ۽ ائين ٿو لڳي ته ڪنھن ماڻهوءَ پنھنجي ڊائري لکي هجي،تنھن ڪري اها ڪھاڻي گهٽ پر ڊائريءَ جا ورق وڌيڪ ٿي لڳي.هيءَ ڪھاڻي ڪردار جي ماضيءَ جي يادن ۽ حال جي اڪيلائين جو امتزاج آهي. سندس گهڻين ڪھاڻين وچ ۾ شاعريءَ جا ٽُڪرا ڏنل آهن ته ڪن ڪھاڻين ۾ وري ڪافڪا ۽ ٻين عالمي اديبن جي ڪھاڻين جا سڄا ٽُڪرا ڏنل آهن، جيڪي ڪھاڻيءَ جي موضوع سان ٺھڪندڙ آهن. ان ڳالهه مان خبر پوي ٿي هُو ڪھاڻين ۾ پنھنجي اندر جي اظھار لاءِ نوان گهاڙيٽا گهڙڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. سندس ڪھاڻي ”کنڊر“ هڪ مثالي ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ هن شعوري وهڪري واري ٽيڪنيڪ کي به ڪم آندو آهي ته ان ڪھاڻيءَ ۾ هن وجودي سوالن کي پڻ اُڀاريو آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار کي خوابن ۽ حقيقتن جي وچ ۾ سفر ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جنھن ۾ سندس شعوري ۽ لاشعوري تجربن جا عڪس ۽ اولڙا پڻ ڏيکاريا ويا آهن. ان ڪري ڊاڪٽر ساجدا پروين سندس ڪھاڻي ”کنڊر“ کي ماورايت جو اوائلي نموني ڄاڻائيندي لکي ٿي ته ”مدد علي سنڌيءَ جي ڪھاڻي ”کنڊر“ ان حوالي سان نھايت ئي موثر آهي، جنھن ۾ هڪ ڪردار جيڪو ذهني مريض آهي، خود ڪلاميءَ وسيلي پنھنجي ذهني حالت بيان ڪري ٿو.“ (10)

مدد علي سنڌي جي ڪھاڻين جو اسلوب:

مدد علي سنڌيءَ جي ڪھاڻين جي هڪ خوبي ۽ سڃاڻ سندس خاص ڊڪشن يا اسلوب پڻ آهي. هو ڪھاڻي لکندي اهڙو ته اسلوب ڪم آڻي ٿو ڄڻ هو ڪھاڻي نه پر ڪا ڪويتا لکندو هجي. سندس ڪھاڻيون ”اڌوري پنڌ جا آخري سپنا“ ۽
”ائبسٽريڪٽ جيون جا ڪجهه ائبسٽريڪٽ“ ان قسم جي شاعراڻي اسلوب کي ظاهر ڪن ٿيون. پر اها خوبي سندس گهڻين ڪھاڻين ۾ نمايان آهي. هو ڪردارن جي درد ڀري ڪيفيتين جي اظھار لاءِ لفظن کي اهڙي ترتيب سان استعمال ڪري ٿو جو هر ڪھاڻيءَ ۾ ڪيترائي جملا، شاعريءَ جا نمونا لڳن ٿا. ان ڪري مشھور ڪھاڻيڪاره نورالھديٰ شاهه، ڪتاب ”دل اندر درياو“ جي مھاڳ ۾ لکي ٿي ته ”اهي ڪھاڻيون آهن يا مدد عليءَ جون ڪوتائون آهن. (سندس ڪھاڻيون پڙهڻ سمي اڪثر سوچيو هوندم.)“ (11)

مدد علي سنڌيءَ جون ڪجهه ڪھاڻيون، روايتي فارميٽ ۾ پڻ لکيل آهن، جن مان ورهاڱي جي پسمنظر ۾ لکيل”ويا گذاري ڏينھڙا“ساراهه جوڳي ڪھاڻي آهي، جيڪا انتھائي پُر اثر ۽ بھترين آهي، اها ڪھاڻي حادثاتي بدران احساساتي وڌيڪ آهي، جنھن ۾ مذهبي تفرقي ۽ رتوڇاڻ سبب هڪ هندو فقير کي به پنھنجو ڳوٺ ڇڏڻو پوي ٿو. ڪھاڻيءَ جو راوي جيڪو پاڻ به هڪڙو ڪردار آهي سو ويھه سالن کان پوءِ ڳوٺ واپس وَري ٿو ته ڳوٺ جي اجڙيل حالت ڏسي، کيس ڳوٺ جي خوشحالي وارا ڏينھن ياد اچن ٿا، کيس هندو فقير ٺارومل به ياد اچي ٿو، جنھن جي اوتاري تي ويھي ڳوٺ وارا سڄي رات ڪلام ٻڌندا هُئا، پر ورهاڱي سبب ڳوٺ وارن ان فقير کي به پنھنجي اوتاري تان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ پوءِ ڪھاڻي جي راويءَ کي موڪلاڻي واري اها گھڙي ياد اچي ٿي ته هو روئي ويھي ٿو، جڏهن اُن فقير کان پڇيو ويو ته هاڻي  ڪيڏانھن ويندئو ته جواب ۾ وراڻيو هُيائين ”ابا! جوڌپور يا ان پاسي جي ڪا اهڙي اسٽيشن جا منھنجي مُلڪ جي ويجهو هجي، مَن مون کي اتي پنھنجي مُلڪ جون موٽيل هوائون لڳن.“(12)

هيءَ ڪھاڻي ان الميي کي ظاهر ڪري ٿي ته ڪيئن مذهب جي نالي تي اصلوڪي وطن واسين کي پنھنجي وطن مان لڏپلاڻ ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو ۽ انهن جي وڃڻ کان پوءِ شھر ته رهيا پر ٻھراڙين مان به ميٺ محبت، ڀائيچارو ۽ سڪون ختم ٿي ويو.هن ڪھاڻيءَ ۾ مذهبي تفرقي جي اثرن، وطن کان ڌار ٿيڻ ۽ سنڌ جي ڳوٺن جي برباديءَ جا اولڙا ۽ عڪس سامهون آندا ويا آهن. ورهاڱي جو ورجاءُ مدد علي سنڌيءَ جي ڪيترين ئي ڪھاڻين تي ڇانيل آهي. ”ڪرانتيڪار“ ۾ ان جا هلڪا عڪس پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، پر ڪھاڻي ”پکا پکن سامنھان اوري اچي اڏ“ جو موضوع ئي ورهاڱو آهي.هن ڪھاڻيءَ جو مک ڪردار پنھنجي ساٿين موهن، شيام، ڪملا ۽ رام جي ساروڻين ۾ گم ڏيکاريو ويو آهي جن کي فقط هندو هجڻ ڪري پنھنجو اباڻو شھر ۽ سنڌ کي ڇڏڻو پيو هو .هن ڪھاڻيءَ ۾ ڪھاڻيڪار مذهبن جي اصلي تعليم کي پُٺي ڏئي مذهبن جي نالي ۾ رتوڇاڻ ڪرائيندڙ سوچ جي سخت لفظن ۾ نندا ڪئي آهي. کيس انساني زندگيءَ جي سڄي تاريخ بي گناهه ماڻهن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جي  رت سان ڀريل لڳي ٿي.

مدد علي سنڌيءَ جي ڪھاڻي ”هينئڙو ڪچيءَ تند جيئن“سنڌي وچولي طبقي ۾ ٿيندڙ وارتائن تان پردو کڻندڙ هڪ شاهڪار ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ هُن آپا مھناز جي ڀرپور شخصيت کي ظاهر ڪندي ٻئي طرف هُن جي اڪيلائي ۽ اداسي کي به بيان ڪيو آهي، ان ڪھاڻي ذريعي ليکڪ ان تلخ حقيقت تان پردو کنيو آهي ته بي جوڙ شاديون صرف پٺتي پيل علائقن جي غريب خاندانن ۾ ناهن ٿينديون، بلڪ اهڙيون شاديون وڏن شهرن جي اميرن ڪٽنبن ۾ به ٿينديون آهن.هن ڪھاڻيءَ ۾ هن اهو پيغام ڏيڻ چاهيو آهي ته ڪيئن وڏڙن جا ڪيل غلط فيصلا سندن نياڻين جي لاءِ سڄي عمر جو روڳ بڻجي پوندا آهن. ٻئي طرف مدد علي سنڌي آپا مھناز جي شاندار شخصيت ۽ ان جي شاهي گھر جو نقشو چٽي جيڪا ڪھاڻي بيان ڪئي آهي، ان ۾ آپا مھناز جو ڪردار ڪنھن جادوئي محل ۾ قيد شھزاديءَ جهڙو آهي.

هيءَ طويل ڪھاڻي، آپا مھناز جي اڪيلائي ۽ ان جي احساسن تي مبني آهي، جنھن ۾ هڪ ننڍڙي ٻار جو ڪردار سڄي ڪھاڻيءَ جي جان نظر اچي ٿو، ان ڪردار تي آپا جي شخصيت جو ڏاڍو اثر ٿئي ٿو ۽ ڳچ سالن کان پوءِ هُو جڏهن ٻيھر پنھنجي آپا کي ڏسي ٿو ته هوءَ بيماري واري حالت ۾ مبتلا نظر اچي ٿي تڏهن ان ننڍڙي ٻار (جيڪو جوان ٿي چڪو هو) جو هينئڙو ڪچي تند جيان ڇڄي جھري پوي ٿو، مدد علي سنڌي هن ڪھاڻي ذريعي اها حقيقت به بيان ڪئي آهي ته بظاهر پرڪشش ۽ پروقار نظر ايندڙ ماڻهو به غمن جو شڪار ٿي سگهن ٿا ۽ پري کان وڏين ۽ خوبصورت نظر ايندڙ ماڙين ۽ بنگلن ۾ به حادثا ٿي سگهن ٿا. مدد علي هن ڪھاڻي ۾ 60 ۽ 70 جي ڏهاڪي جي حيدرآباد شھر جي نقشي، ان جا روڊ، بنگلا، گهر ۽ گهرن آڏو ڪشادن باغيچن جو به ذڪر ڪيو آهي، ائين چئجي ته هُن ان وقت جي حيدرآباد شھر جي هر هڪ شيءِ کي تاريخ واري انداز سان پنھنجي ڪھاڻين ۾ محفوظ ڪيو آهي.ممتاز مھر چواڻي؛”مدد پنھنجي ڪھاڻين ۾ رڳو انساني لاڳاپن کي نه ٿو ڏيکاري بلڪ انهن جاين ۽ ماڙين طرف به ڌيان ڇڪائي ٿو جن ۾ اهي انسان رهن ٿا، نه صرف ايترو بلڪ انهن کنڊر ٿيل جاين ۽ ماڙين جو به ذڪر ڪري ٿو جيڪي ڪنھن زماني ۾ جرڪندڙ ٻھڪندڙ هُيون ۽ جن جي رهواسين جو انهن جاين ۽ ماڙين سان گھرو سُٻنڌ هوندو هو.“ (13)

ڪھاڻين ۾ منظرنگاري:

مدد علي سنڌيءَ جي ڪجهه ڪھاڻين ۾ ڪمال جي منظر نگاري پيش ڪيل آهي. جنھن مان محسوس ٿئي ٿو هو وڻن ٽڻن، پکين، گلن سوڌو فطرت سان لاڳاپيل هر شيءِ سان عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو. سندس هڪ ڪھاڻي ”پکا پکن سامنهان اوري اچي اڏ“ جي شروعات ڪھڙي نه حسين منظرن سان ٿيل آهي، ”شام جو وقت آهي، سج سڄي ڏينھن جي مسافري ڪرڻ کان پوءِ ٿَڪجي هاڻي سُمھڻ لاءِ سامهون جبلن ۾ لڪي رهيو آهي، هُو پنھنجي ٻَنيءَ ۾ انب جي وڻ کي ٽيڪ ڏيو ويٺو آهي، وڻ تي جهرڪيون چين چين ڪري، هڪ ٻئي سان وڙهي سمھڻ جي تياري ڪري رهيون آهن، ڳوٺ جا ماڻهو ڍڳن تي درياهه تان پاڻي ڀري موٽي رهيا آهن.“  (14)

 سندس ڪھاڻين ۾ ٻھراڙين جا ڪيترائي خوبصورت منظر سمايل آهن. جهڙوڪ هارين جو شام ڌاري پنھنجي ڍڳن سوڌو گهر ڏانھن ورڻ، واهن ۾ ڪنول جي گل جو هوا تي جهولڻ ۽ لُڏڻ، چاندوڪيءَ رات ۾ ڪڻڪ جي سنگن جو چانديءَ جيان چمڪڻ، ساين ولين سان ڀريل باغ ۾ پکين جو مٺيون ٻوليون ٻولڻ، چانڊوڪيءَ رات ۾ ڇولين سان تار وهندڙ درياهه وغيره.  سندس ڪھاڻي ”هينئڙو ڪچي تند جيئن“ ۾ حيدرآباد شھر جي ماضيءَ جي ڪيترن ئي خوبصورت منظرن کي چٽيو ويو آهي.

مدد علي سنڌيءَ جي ڪھاڻين ۾ اسان کي نفسيات، جماليات، رومانوي ماحول ۽ ٻيا عنصر پڻ ملن ٿا، پر مجموعي طور تي سندس ڪھاڻيون يورپ کان شروع ٿيل جديديت واري تحريڪ جي رنگ ۾ رنگيل آهن، جنھن جي اثر هيٺ هن ڪھاڻيءَ جي روايتي پيچري کي ڇڏي پنھنجي اظھار لاءِ نوان دڳ چونڊيا آهن، جن ۾ وجوديت، شعوري وهڪري، خودڪلامي ۽ ماورايت، نظماڻو نثر ۽ ٻيا لاڙا اچي وڃن ٿا. سندس ڪھاڻين جو مطالعو ڪرڻ سان پروڙ پوي ٿي ته ليکڪ جي نظر ۾ ماڻهوءَ جي اندر ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ئي ڪائنات جو وڏو حادثو آهي، تنھن ڪري هُو پنھنجي ڪھاڻين ۾ اهڙا ڪرداروڌيڪ چونڊي کڻي ٿو. هُن جون ڪھاڻيون وڏن بنگلن، ماڙين ۽ مھانگن جوڙن ۾ ملبوس اهڙن ڪردارن سان ڀريل آهن جن جو اندر اڌواڌ ٿيل آهي، سندس ڪھاڻيون اهڙن نوجوانن جي ڪردارن سان ڀريل آهن جيڪي محبت جي راهه تي هلندي هلندي حاصل ۽ لا حاصل جي سرحدن تي پھچي ڀٽڪي وڃن ٿا، جن جي اندر ۾ ڀڃ ڊاهه ٿئي ٿي. هو فرد جي داخلي ڪيفيتين جو ترجمان ليکڪ آهي. ”هن فرد جي تنھائي جا ڪيترائي پھلو بيان ڪيا آهن.“ (15)

نتيجو:

مدد علي سنڌي جي ڪھاڻين ۾ سماج جا انيڪ پھلو، نوان رنگ ۽ ڪيفيتون ملن ٿيون. ماڻهوءَ جي ڀوڳنائون، اڪيلائي، حد درجي جي مايوسي، مونجهارا، زندگيءَ کان فرار، خودفريبي، زندگيءَ جي بي معنويت جو احساس، موت جو ڊپ، ڪراهت ۽ ٻيون اهڙيون وجودي ڪيفيتون سندس ڪھاڻين ۾ جابجا ٽڙيل پکڙيل آهن، تنھن ڪري کيس وجوديت واري فلسفي جو نمائندو ۽ وجودي وارداتن جو ڪھاڻيڪار چئجي ته ان ۾ وڌاءُ نه ٿيندو. ان کان سواءِ هن پنھنجي ڪردارن جي ڪيفيتن ۽ حالتن کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪھاڻيءَ جي روايتي فارميٽ کان هٽي ڪري اظھار جا نوان دڳ ڪم آندا آهن، تنھن ڪري کيس سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ جديديت واري تحريڪ جو اهم ڪھاڻيڪار چئي سگهجي ٿو.

حوالا

  1. Sindhi, madad ali,(compiler) hundred years of sindhi short stories,Karachi: Muhammad Ibrahim joyo bureau ,culture department,2022. P 7
  2. عرساڻي، محمد اسماعيل.”چار مقالا“ 2017ع، ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ، ص 53
  3. شيوڪاڻي،هيرو. ”ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب“2013ع، حيدرآباد: ڪويتا پبليڪيشن، ص 129
  4. C Cuddon. Dictionary of literary terms and literary theory. The penguin. 2 (3rd edition) 1992 p 551
  5. جتوئي، عبدالوحيد. ”وجوديت ۽ سنڌي ادب“،2001ع،حيدرآباد: سرڳ پبليڪيشن، ص78
  6. سنڌي، مدد علي،.”دل اندر درياءَ“،2008ع ،ڄامشورو:سنڌي ادبي بورڊ . ص 77
  7. ساڳيو ، ص 76
  8. ساڳيو، ص 172
  9. ساڳيو، ص 272
  10. ساجده پروين، ڊاڪٽر. ”جديد ادبي تنقيدي نظرين ۽ لاڙن جو سنڌي ادب تي اثر“، 2016ع، ڪراچي:سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي، ص 137
  11. سنڌي، مدد علي.”دل اندر درياءَ“،2008ع، ڄامشورو:سنڌي ادبي بورڊ . ص 70
  12. ساڳيو ، ص 78
  13. مهر، ممتاز، ”ويچار“2013ع ،ڪراچي :نئون نياپو اڪيڊمي، ص 136
  14. سنڌي، مدد علي.”دل اندر درياءَ“،2008ع، ڄامشورو:سنڌي ادبي بورڊ . ص 69
  15. عرساڻي،شمس الدين .”آزاديءَ کان پوءِ افسانوي ادب جي اوسر“،1984ع، ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. ص 337
218 ڀيرا پڙهيو ويو