علي بابا جي ڪھاڻين جو اڀياس
(A Study of Ali Baba’s Stories)

يسرا عباسي

Abstract

Ali Baba has a distinguishable literary status and place in the world of fiction in Sindhi language. This research paper focuses on the stories of Ali Baba in the Sindhi language and literature. It aims to highlight Ali Baba's significant role in the world of fiction. The paper discusses how Ali Baba, through novels, stories, and dramas, has contributed to the preservation of the history and civilization of Sindh. Specifically, in the novel 'Mohen Jo Daro,' Ali Baba has played a crucial role in preserving and transmitting ancient lexicons and linguistic qualities of the Sindhi language. Most of the stories produced by Ali Baba reveal subjective, abstract, imaginary, and historical patterns and aspects. The paper emphasizes that Ali Baba's portrayal of the glorious identity of Sindh brings to the forefront its historical significance, epics, narratives, and magnificent traditions. Furthermore, by doing so, he seems to introduce it to readers. In the same breath, the paper discusses the characterization presented in different stories of Ali Baba.

Keywords: Ali Baba, fiction, Sindhi short stories, characterization.

 

علي بابا افسانوي دنيا ۾ ھڪ انفرادي ۽ امتيازي حيثيت رکندڙ ڪھاڻيڪارآھي. علي بابا پنھنجي ناول، افسانن ۽ ڊرامن وسيلي سنڌ جِي تاريخَ ۽ تمدن کي زندھ ڪيو آھي، خاص طور ’موھن جي دڙي‘ ناول وسيلي هُن سنڌي ٻوليءَ قديم لفظن ۽ لساني خوبين کي محفوظ ۽ منتقل ڪيو آھي. سنڌ ڌرتي، سنڌو درياھ، نج نبار ۽ عوامي ٻولي ۽ سنڌ جي اصلوڪن رهواسين جي زندگين کي افسانن ۾ کڻي اچڻ ئي علي بابا ۽ سندس افسانن کي ھمعصر دور جي ڪھاڻيڪارن ۾ نمايان سڃاڻپ ڏيارين ٿا.

”ھو پنھنجي ڪھاڻين لاءِ جيڪي ڪردار چونڊي ٿو، اھي سڀ اصل ڌرتيءَ ڌڻي ۽ قديم دراوڙي نسلن جا شھزادا، شھزاديون، سندن الميا ۽ آکاڻيون آھن. ايئن ئي ھن جي افساني جي سرشت ۾ دراوڙي دل ۽ دراوڙي درد ڌڙڪندي محسوس ڪري سگهجن ٿا. ھن جا ڪردار ٺرو پيئندڙ ڪولهي، ٻاليشاھي، گُرگلا، چمار ’ھيٺين ذاتين جا‘ سڏجندڙ اصل وڏين ۽ معتبر ذاتين وارا، پنھنجن زمانن جا مالڪ ۽ خالق پر اڄ جا ڌڪاريل، دٻايل، ھيسايل، لتاڙيل ۽ چيڀاٽيل ڪردار آھن، جيڪي يُگن جا يُگ غلامي، محڪومي ۽ استحصال جي گهڻ مُنھين بلا ھٿان ڏنگجي رھيا آھن. “ (1)

علي بابا ان طبقي جي ماڻهن جو ليکڪ آھي، جن کي سندس ئي افسانن وانگر ماني اڌ ۽ چنڊ پورو نصيب ٿيندو آھي. اهڙي پيڙيل ۽ نظرانداز طبقي جي زندگين بابت ڀرپور ڪھاڻيون لکي، علي بابا سنڌي ادب تي ھڪ اڻ مِٽ ڇاپ ڇڏي آھي. علي بابا پنھنجي تاريخي ناول ”موھن جو دڙو“،  ڪھاڻين؛ ”ڪارونجهر جو قيدي“ ۽ ”رني ڪوٽ جا رکوال“ ۾ مھاويد آتم تارا، راجا سھيرس ۽ روپلي ڪولهيءَ جي ڪردارن توڙي تاريخي واقعن جي حقيقيت نگاريءَ سان  گڏ ’شيوادجي‘،
’ساڙڌرو‘  ۽ ’رنيڪا‘ جو رومانس تخليق  ڪري، تاريخ ۽ اڄ جي دور جي حقيقتن کي گڏائي، هڪ نئون اسلوب تخليق ڪيو آھي. علي بابا جا خلقيل ڪردار ۽ چونڊيل موضوع ديوارتي چٽيل ڪنھن اهڙي تصوير جيان محسوس ٿيندا، جن کي ڏسندي ئي ڏسندي پڙهندڙ  ان جي رنگن ۾ محو ٿي وڃي ٿو. عليءَ جا اھي ڪردار پنھنجي ارد گرد  ڦرندا ۽ تصور جي منظرنامي ۾ رونما ٿيندي محسوس ٿيندا. علي بابا جي اھڙين ڪھاڻين ۽ ڪردارن ۾ پڙھندڙ ڪٿي نه ڪٿي پاڻ کي جيئندو محسوس ڪري ٿو.

”علي بابا جو پنھنجو ھڪ اھڙو انفرادي ڊڪشن آھي، جنھن کي علي بابائي ڊڪشن سڏيو وڃي ٿو. ھن پنھنجي ڪھاڻين ۾ ٻوليءَ ۽ بيانيه جا فني تجربا پڻ ڪيا آھن. “ (2)

علي بابا جو اصل نالو علي محمد رند بلوچ آهي. هن جو جنم 1940ع  ڌاري ڪوٽڙيءَ ۾ ٿيو  ۽ 1965ع ڌاري لکڻ جي شروعات ڪري، علي بابا جي نالي سان ادبي سڃاڻپ قائم ڪيائين. علي بابا شاندار ناول،  ڊراما ۽ ’اسين ماڻهو لاڙ جا‘ جھڙو  ڪلاسيڪل لوڪ گيت لکڻ سان گڏ و گڏ سنڌي ادب کي لڳ ڀڳ ھڪ سئو افسانا ڏنا آھن. 1981ع  ۾ علي بابا جي ڪلاسيڪل ڊرامي ”دنگيءَ منجهه درياھ“، کي جرمنيءَ جي ميونخ شھر ۾ منعقد ٿيندڙ  ڊراما فيسٽول ۾ شامل 92 ملڪن جي ڊرامن مان ٽيون نمبر ايوارڊ ڏنو ويو. ”ڌرتي ڌڪاڻا“ (1982)  ”آيل ڙي اولاڻا“ (1984) ۽ ”منھنجون ڪھاڻيون“
(1994) علي بابا جي ڪھاڻين جا مجموعا آهن. ڪھاڻين جو مجموعو ”جنم ڀومي شمشان ڀومي“ علي بابا جي وفات کانپوءِ سندس ٽڙيل پکڙيل ڪھاڻين جي ڳولا ڪري، 2017 ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجي شايع ڪرايو.

”علي بابا جي ڪھاڻين جي خاص خوبي ان جا Indigenous ڪردار، اصلوڪن ۽ خانه بدوش قبيلن جو محاورو، ڏند ڪٿائي ۽ تصوراتي موضوع ۽ انهن جي اندر ھمعصر دور جي سچاين ۽ تلخ حقيقيتن جو دل ڀڄائيندڙ  ۽ گهائيندڙ اظھارآھي، “ (3)

 علي بابا جي ڪھاڻين جو ڪليات ”منھنجون ڪھاڻيون“ (مرتب: ڊاڪٽر اسحاق سميجو) جي عنوان سان 2017 ۾ شايع ٿيو. علي بابا 8 آگسٽ 2016ع ۾ وفات ڪئي.

علي بابا جون اڪثر ڪھاڻيون داخلي، تجريدي، تصوراتي ۽ تاريخي نوعيت جون آھن. ھڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ علي بابا تي فئنٽسي غالب آهي. علي بابا پنھنجي دل دنيا ۽ لکڻين ۾ ماضيءَ جي حوالن واري _سندس تصور ۾ سمايل زند جاويد ۽ عظيم سنڌ کي ان جي تاريخي حيثيت، رزميه واقعن، قصن ۽ عاليشان روايتن مطابق نه فقط پاڻ سان گڏ کڻي ٿو ھلي، پر پڙھندڙن کي به وقت بوقت ان سان روشناس ڪرائيندو ٿو اچي. تنھن ھوندي به جتي جتي علي بابا فئنٽسي مان ٻاهر نڪري ٿو، سندس لکڻيون جاڳندي ستل سماج کان ڇرڪَ ڪڍايو ڇڏين ۽ سندن ئي ستم ظريفيءَ سان کين روبرو ڪرائين ٿيون. علي بابا پنھنجي ڪھاڻين وسيلي کلي عام بغاوت ڪري ٿو. مصلحت پسندي هن جي مزاج جو حصو ئي نه آهي. علي بابا پنھنجي ڪھاڻين بابت ويچار ڪجهه ھن ريت ونڊيا آھن  

”ڪھاڻي مون وٽ فلسفي، ناصحاڻي نُڪتي، اصلاح عامه يا پروپيگنڊا وغيره جھڙن لفظن کان بلڪل جدا ۽ مٿانهين شيءَ آھي. ڪھاڻي فقط ڪھاڻي آھي ۽ ان کي ڪھاڻي ئي رھڻ کپي. “ (4) 

ھتي علي بابا جي ڪجهه افسانن جو ترقي پسند افسانن طور جائزو وٺجي ٿو.

ڪارونجهر جو قيدي

ڪارونجهر جو قيدي علي بابا جو  اتھاسڪ افسانو آھي. ھن افساني ۾ ڪارونجهر جبل جي وارثي ۽ ڪارونجهر جبل تي قبضي لاءِ ڪارونجهر جي رھواسين ۽  انگريزن جي وچ ۾ ٿيندڙ ويڙھ جو نقشو ڪارونجهر جي فطري حسناڪيءَ  سان چٽيل آھي. ”جيڪڏھن ڌرتيءَ تي ڪا جنت آھي ته اھو فقط ڪارونجهر پھاڙ آھي ۽ جي ڪٿي ڪا دوزخ آھي ته اھو به فقط ڪارونجهر پھاڙ تي آھي. “ (5) ڪارونجهر جو قيدي ”انڊلٺ“ مئگزين ذريعي سامهون آيو.  ھن افساني جا مک ڪردار روپلو ڪولهي ۽ ان جي وني آھن، جيڪي ڪارونجهر جي مالڪي ڪرڻ لاءِ پنھنجي حوصلي جي زور تي ڏاڍن سان مھاڏو اٽڪائن ٿا. ھن ويڙھ ۾ ڪارونجهر جو سورمو روپا، انگريزن جي قيد ۾ ھوندي به انهن جي سامهون ارڏي ۽ اونچي ڪارونجهر پھاڙ جيان اٽل ٿي ٿو بيھي. افساني ۾ روپلي ڪولهي ۽ ان جي زال جا مڪالما افساني کي سگهارو  ۽ علي بابا کي ابناسي بڻائي ٿا ڇڏين. ھن جوڙي کي جڏھن آخري ملاقات جو موقعو ٿو ملي، ته روپلي جي وني پنھنجي ور جي ھمت کي برقرار رکڻ لاءِ ھڪ جملو  مھڻي طور ادا ڪري  ٿي ته،

”متان مون تان ڪارونجهر جون ڪولهياڻيون کلائين. “(6) ھيءَ جملو ھڪ مثال رقم ٿو ڪري ته جيئن روپلو ثابت قدم رھي سگهي. ھن افساني جي مرڪزي ڪردار روپلي سان گڏ ان جي نٻل، گرڀ وتي، ۽ نازڪ حالتن مان گذرندڙ  ونيءَ جي بردباري ۽  بي باڪيءَ جا نقش جنھن ريت علي بابا چٽي ٿو، تنھن ۾ ھوءَ به سنڌ ۽ لطيف جي ڪنھن سورمي مثل ٿي لڳي، جيڪا ”سڄڻ ۽ ساڻيھه ڪنھن اڻاسيءَ وسري“  مان ساڻيھه تي، سڄڻ کي گهور وڃڻ جو چتاءُ ڏئي، نئين ’مارئي‘ جو روپ ڌاريندي نظر اچي ٿي. هن لاءِ  وطن ھر جذبي کان  ھر مادي رشتي ۽ شيءَ کان مٿانھون آھي. اھڙن غير رواجي مثالن سان سنڌ جي سڄي تاريخ ڀري پئي آھي، جن ۾  ٻاگهل ٻائي ۽ مائي بختاور شھيد جي پوئواري ڪندڙ  انيڪ عورتون ملنديون.

روپلي جو ڪردار پنھنجي ڌرتيءَ جي آئيندي کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙجڻ کان بچائڻ ٿو چاھي. روپلو پنھنجي ٻار جي جنم جي خوشي ملھائڻ لاءِ آزادي حاصل ڪرڻ بدران آزاد ڌرتيءَ لاءِ موت کي پسند ٿو ڪري ته جيئن سندس ديس جا ايندڙ نسل غلاميءَ ۾ ساھ کڻڻ بجاءِ ڪارونجهر جي کلي فضا ۾ ساھ کڻن ۽ روپلو انهن اڳيان سرخرو رھي. ڪيپٽن ٽروٽ جي ناڪام ٿيندڙ  ھر ڪوشش کان پوءِ ھو روپلي کي پنھنجي سنتان جي ياد ڏياري جهڪائڻ ٿو چاھي ته کيس ورندي ھن ريت ملي ٿي: ”غلام ٻار کي ڏسي ڇا ڪندس، ڪھڙي خوشي ٿيندي. “ (7) قبضه گير پنھنجي ھر ڪوشش جي بدلي روپلي جي وڌنڌڙ حوصلي کي ڏسي پاڻ کي ڪمزور  محسوس ٿو ڪري. ھيءَ ڪھاڻي پنھنجي حقن، ورثي ۽ سرزمين جي مالڪاڻي اختيارن خاطر ھيڻي ۽ ڏاڍي جي وچ ۾ ھڪ زورآور جنگ جي ذريعي انساني شعور کي اجاگر ڪري ٿي. روپلي ڪولهيءَ کي قيد ۾ ايذائيندي، سامراجي قوت به ان دور انديشيءَ کي قبولي ٿي ته ھو گهڻو وقت ھتي قابض رھي نه سگهندا. ”پر ڪارونجهر شايد کين ٻارھن سالن کان به اڳ خالي ڪرڻو پوي. “ (8)

علي بابا جي ھن افساني ۾ ترقي پسند تحريڪ جي زير اثر ڪيترا ئي باغي ۽ مزاحمت ڪندڙ  ڪردار نظر ايندا جيڪي ڌارين ۽ قبضه گيرن آڏو جهڪي پنھنجي ڌرتيءَ جا انعامي وارث بڻجڻ کان شديد انڪاري آھن. اھا ڌرتي جيڪا ھنن جي جنم ۽ شمشان ڀومي آھي_ روپا به انهن ڪردارن مان ھڪ آھي، جيڪي ڪارونجهر تي انگريزن جي غلاميءَ وسيلي ملڻ واري جاگير جي لالچ تي رد عمل ڏيندي چوي ٿو:

”ھيءَ سڄي ڌرتي منھنجي آھي. تون ڪير ٿيندو آھين مونکي جاگير ڏيڻ وارو. “ (9) ھن افساني وسيلي علي بابا تاريخ ۽ نين پيڙھين جي وچ ۾ ھڪ تسلسل قائم ڪيو آھي، جيڪو رھندي دنيا تائين قائم رھڻو آھي. ”ھن ۾ ڪھاڻيءَ جي ڪلاسيڪل روايت ۽ جديديت جي حقيقي صورت پنھنجي سمورن خد و خالن سان چٽي نموني ڏسي سگهجي ٿي. ھڪ لحاظ کان، علي بابا جو افسانو سماجي حقيقت نگاريءَ ۽ جديديت کي ڳنڍيندڙ  پل آھي. “  (10) مٽيءَ سان بي حد عشق ۽ ان عشق ۾ وطن جي حفاظت لاءِ بغاوت ۽ مزاحمت ھن افساني جو ترقي پسند رخ آھي. ھن افساني ۾ علي بابا تاريخ جي امر ڪردار روپلي کي ڀيٽا ڏيندي، نين پيڙھين کي اھو سبق ڏنو آھي ته وطن خاطر جان ڏيندڙ ڪردار مرندا نه آھن.

رني ڪوٽ جا رکوال

ھيءَ، سون ورني سنڌ جو اڻ مَيو اوج کڻي ايندڙ راجا سھيرس چوٿين جو افسانو آھي، جنھن لاءِ سنڌ ڏاڍي قيمتي ۽ ڀلاري آھي. افساني موجب راجا سھيرس، رني ڪوٽ جو قلعو جوڙائي، سنڌ جي حفاطت کي يقيني بنائيندڙ  اھو حڪمران آھي، جنھن کي ويساھ آھي ته ھن جي  پرجا سندس حاڪميت ۾ امن و آشتي سان آھي. ھي افسانو سرھي سنڌ جي سکر ڏينھن جو يادداشت نامو آھي، جيڪو سوڀياوان راجا ۽ غيرتمند رعايا جي نيمروز سان جوٽيل جنگ  ۾  پرٿويءَ  جي نگھباني سان گڏ سنڌ جي ثقافتي گڻن کي پڻ آشڪار ٿو ڪري. ھن شاندار ڳالهه ٻولهه مان ان جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو:

”نيمروز! بھادر راجا ھار جيت جو فيصلو پنھنجي ڪلهن تي کڻندا آھن، ٻڌاءِ ماءُ ڪيتري ٿڃ پياري اٿئي. سِر سھسائڻ آيو آھين يا لشڪر ڪھائڻ آيو آھين؟“

نيمروز سھيرس جي ڀلن گهوڙن واري رَٿ ۽ سندس ھڏ ڪاٺ ڏانهن نھاريو، سندس ھمٿ جواب ڏيئي ويئي.

”آئون توکي، تنھنجي لشڪر سان  گڏ تباھ ڪرڻ آيو آھيان. “

سھيرس ھَڪل ڪري چيس: ”اسين ھتي جنگ  کٽڻ لاءِ نه، مرڻ لاءِ ايندا آھيون. کٽيون ڪِي ھارايون، اسان لاءِ جنگ جي ميدان مان جيئرو موٽڻ مھڻو آھي، تون اسان جي تڏي تي آيو آھين. ھاڻ ٻڌاءِ،  جنگ لاءِ ڪھڙيون سھولتون ٿو گهرين؟“

”اسان وٽ پاڻيءَ جي کوٽ آھي. اسان کي پاڻي جي ضرورت پوندي. “

”ڊڄ نه. اسين پنھنجي دشمن کي پاڻي پياري ماريندا آھيون. ٻي ڪھڙي سھولت کپئي؟“ (11)

آڌرڀاءُ ڪندي روزاني جي بنياد تي پاڻيءَ جون پخالون تڏي تي لنگهي آيل سنڌ ڌرتيءَ تي ڪاھ  ڪرڻ وارن مخالفن کي ڏنيون ٿي ويون ۽ نيٺ جنگ جي ميدان ۾ کين  شڪست ڏئي درَ تان ڀڄائي ڪڍيو ويو. راجا سھيرس پنھنجي وچن تي پورو لھندي اٺاويھه راتيون ھلڻ واري  جنگ ۾ ويرين جو پيڇو ڪندي ٻليدان ڏنو، جنھن کان پوءِ  ھڪ باوقار راڄ ماتا، راجا جي موت تي صدمي بجاءِ تاريخي جملا ادا ڪري، حريف آڏو  پنھنجو ۽ سنڌ جو فخر بلند رکيو:

”پنھنجي آزاديءَ لاءِ، امن ۽ اھنسا لاءِ، ڪي قربانيون ڏيڻيون ئي پونديون آھن. ڌرتيءَ جو سَت رڳو  رت آھي ۽ جن ماڻهن وٽ ڌرتيءَ کي ڏيڻ لاءِ رت ڪونهي، اھي ماڻهو ڌرتيءَ تان ميسارجي ويندا آھن. “ (12) پوءِ سنڌ جي فتح جي جشن جو اعلان ڪري آلين اکين سان رنيڪا نديءَ ۾ سوڀ جا ڏيئا تاريا ويا.

علي بابا جي ھن سدا حيات افساني لاءِ اسحاق سميجي جا ھي لفظ بلڪل ٺھڪي اچن ٿا ته !

”ھو پنھنجي ڪھاڻين ۾ تاريخي واقعن، قديم نسلن جي تھذيبي ورثي ۽ پنھنجي خوابن جي گڏيل مٽيءَ سان نئين سنڌ جي تعمير ڪري رھيو آھي. ھن جو افسانو تخيل ۽ حقيقت جو دل پذير وصال آھي. ھن جھڙي فئنٽسي سنڌيءَ ۾ ته ورلي ملي سگهي ٿي. البته ھن وٽ اھا فئنٽسي تاريخي سچائين جي پاڻيءَ ۾ ڳوھيل ملندي.“ (13) ھن افساني وسيلي علي بابا سنڌ جي شاندار روايتن جي مختلف پاسن تان پردو کڻندي، انساني برتري جي اعليٰ مثال وسيلي سنڌ جي قدامت ۾ رچيل ترقي پسند فڪر جي  نشاندھي ڪئي آھي.

ڀچان ته ڀيچي مَ ٿيان

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شعر جي سِٽ جو عنوان ڏنل، علي بابا جو ھيءَ افسانو ھڪ اديب، با اصول ليکڪ  يا ايئن کڻي چئجي ته علي بابا جي زندگيءَ جي داخلي مونجهارن ۽ خارجي مسئلن جي ور چڙھيل نجي ۽ سماجي زندگيءَ جو ھڪ پھلو آھي. جتي سندس ڊرامي جي ڪاميابي لاءِ  آرٽس ڪائونسل جو ادارو ساڻس شام ملھائي ھڪ وڏي بجيٽ کي ادبي عياشي طور انجواءِ ڪرڻ ٿو گهري ته ٻئي طرف ليکڪ جي فرسٽريشن آھي، جنھن وٽ آرٽس ڪائونسل سان ملھائڻ لاءِ ھڪ شام ۽ کيسي ۾ پيل لاھور جي ٽڪيٽ آھي. ليکڪ بيزاريءَ ۾ مدعو ڪندڙ نمائندي کي صلاحي ٿو:

”اجايا فنڪشن تي پئسا وڃائڻ کان سٺو ته  ايئن آھي جو اھي پئسا جيل ۾ پيل اديبن جي مائرن، زالن ۽ ٻارڙن کي وڃي ڏيو. “ (14)

ھي افسانو ھفتيوار ’برسات‘ رسالي جي پنجين جلد ۾  آيو ۽ ھن افساني ذريعي معاشري ۾ مروج کوکلي نظام، عورت جي نفسيات، بدلجندڙ فيشني روايتن، آمد و رفت جي نظام، روزمره جي روڊ حادثن، ماضي ۽ حال جي وٿي، رواداري، اھو وقت جڏھن سنڌ مذھبي متڀيد کان مٿانهين ھئي، شاھ جا ھيرو، اديبن بابت ڪرپٽ آفيسرن جا رايا ۽ قلم جي قسمت بابت تلخ حقيقيتن کي نروار ڪرڻ سان گڏ ھڪ لوئر ڪلاس طبقي جي اديب جي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو بيان ڪيل آھي، جيڪو آھي آسٽر مِلڪ ! ”ھن کي ڪھڙي خبر ته منھنجو پرابلم شراب نه، آسٽر ملڪ آھي. دنيا جو سڀ کان گهٽيا ۽ دير ھضم پاڪستاني کير. “ (15) ھن افساني م اجائي ڏيکاءَ کان چڙ ۽ ان طرف باغيانه رد عمل ڏيکاريل آھي. سوسائٽي جي ٻٽن معيارن کان حقارت، عورت جي نفسياتي سڀاءَ تي حيرانگي، فرسوده سماجي نظام کان بغاوت، بک، بيروزگاري، بدحالي ۽ اقتصادي طور سگهارو نه ھوندي به ھڪ ليکڪ جو پنھنجي ڏات، فڪر ۽ قلم جي وڪري کان انڪار ھن ڪھاڻيءَ جا مکيه پھلو آھن. ان ڪشيدگي دوران ئي ليکڪ سوچيندو ٿو رھي: ”سڄا ڇهه مھينا آئون لاھور ۾ رھي سگهندس، لکي سگهندس فرمائشي ڪھاڻيون؟ مان ته ڪجهه. . . مان ته ڪجهه ٻيو لکڻ ٿو چاھيان. “ (16) ھيءَ افسانو دراصل عليءَ جي زندگيءَ ۾ ھن جي اھڙين تقريبن ڏانهن روش کي ظاھر ٿو ڪري، جن کان ھو ھرصورت پري رھڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. علي بابا جي نظر ۾ فن کي ساراھڻ ڪو غلط عمل نه ھو، پررھاڻ يا ورسيءَ جي نالي صرف ھڪ ڏينھن جي روايتي سرگرميءَ کان پوءِ  اديبن کي منڍ کان ئي وساري ويھڻ کيس ھرگز  پسند نه ھو. علي بابا دل جو شاھڪار پر انتھائي غربت  ۾ گذاريندڙ  نرالو اديب ھو، جنھن ان سموري ڪشٽَ کي خود ڀوڳيو ھو، جڏھن وٽس ويلو کائڻ لاءِ نه ھو  يا پنھنجي سڪيلڌي عليل پٽ  جي علاج لاءِ  سھائتا نه ھئي. ڏکين وقتن ۾ به علي بابا سنڌ سان پنھنجي وابستگي ۽ وفا کي قائم رکيو، پر ڪنھن ايوارڊ، شام، واھ واھ ۽ شغل خاطر پنھنجي ڏات جي وڪري کي نه قبوليو، نه ئي وقتي گهرجن خاطر ڪنھن دوست، ساٿي يا خيرخواھ اڳيان سِر نوايو. اھي ئي ڳالهيون علي کي علي بابا بڻائين ٿيون. ھيءَ ڪھاڻي غريب ۽ بي پھچ اديبن کي خود مختيار لکڻين جو  حق وٺي ڏيڻ جو آدرش رکي ٿي.

اسين ماڻهو

علي بابا جو ھيءَ افسانو 1964ع ۾ ٽماھي ”مھراڻ“ ۾ ڇپيو. هيءَ افسانو، ھيٺين سطح تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جو، زندگيءَ سان زندگيءَ لاءِ جنگ جوٽڻ جو افسانو آھي. ھڪ سيلز مئن جي زندگي جيڪو پنھنجو ڪٽنب پالي ٿو ان لاءِ پنھنجي سک، آرام کي داءَ تي لڳائي، پنھنجي ضرورتن ۽ خواھشن کي نظرانداز ڪندو رھي ٿو. صبح اٺ کان رات ڏھ تائين ھو ڊيوٽي ڪري ٿو. کيس ڪو اوور ٽائيم ته نه ٿو ملي، پر اڻپوري پگهار نصيب ٿئيس ٿي، جنھن مان به ھر مھيني ڪا ڪٽوتي ضرور ڪئي وڃي ٿي ۽  نيٺ ان کي نوڪريءَ مان فارغ ئي ڪيو ٿو وڃي. جيئن ئي سندس جاءِ نئون ملازم وٺي ٿو ته ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ ساٿي ان بابت ڊاڙون ھڻندا ٿا رھن، ته ھو اضافي ڪمائي مان کانئن وڌيڪ امير ٿي چڪو آھي. کيس ان ملازمت جي گهرج ڪانه ھئي. هيٺئين طبقي جي المين ۽ حالتن کي علي ڳوڙهائيءَ سان محسوس ٿو ڪري، ان ڪري هو انهن جي عڪاسيءَ ۾ بيحد سچيت آهي.

”علي پنھنجي ڪھاڻين سان بيحد کُليل ۽ عوامي انداز ۾ پيش اچي ٿو، ۽ زندگي جيئن آھي، ان جي اھڙي ئي تصوير ڪشي ٿو ڪري_ جتي جتي اھا ڦلواڙي آھي، اتي اتي ھو ان کي ڇَھن ئي حواسن سان محسوس ٿو ڪرائي، ۽ جتي جتي اھا گندگي ۽ بدبوءِ سان ڀريل آھي، اتي ھو نَڪ تي ھٿ ڏئي گذري نه ٿو وڃي، بلڪه ان کي پنھنجين سمورين غلاظتن ۽ ڪوجهائپ سميت پيش ٿو ڪري. “ (16)

ھن افساني ۾ به علي بابا ھڪ بي وس فرد سان مقابل ٿيندڙ  مڪروھ ڪردارن کي بي نقاب ڪيو آھي. ھن افساني جو اھم موڙ ان سيلز مئن لاءِ لکيل سندس والده جو خط آھي. انت ۾ جيڪو عيان ٿو ڪري، ته ست ڀاتين جو ڪٽنب ڪيئن ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ گذارو ڪري رھيو آھي، پئسي جي تنگيءَ جي ڪارڻ کين ڪھڙي صورتحال کي منھن ڏيڻو ٿو پوي. خط ۾ سندس والده پريشانين جو ذڪر ڪجهھ ھن ريت ڪري ٿي: ”ڪيئن به ڪري، اڌارا سڌارا ويھه رپيا موڪل. بيماري جدا، ته گهر جو وري ھي حال آھي، جو شام لاءِ اٽو به ڪونهي. دڪان واري اڌار ڏيڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيو آھي. ٻيو ته ھن واري مڙئي ڪفايت سان ھٿ ھلائجانءِ. رڳو دڪان واري جا ئي پنجيتاليھه رپيا ٿي ويا آھن، تنھن کان سواءِ ٻي گهڻئي ڏيڻي وٺڻي آھي. تنھنجي وڏيءَ ڀيڻ جو چولو صفا ڦاٽي ليڙون ٿي ويو آھي. ھن کي ڏسي ته منھنجو اندر ٿو کامي، تنھنجي چاچي به مون سان مائٽي ڇني وڃي ڌارين سان ناتو ڳنڍيو آھي.“ (17) خط جي پڄاڻي ڏاڍي دکدائڪ طريقي سان ٿئي ٿي، جنھن ۾ ماءُ، پٽ کي ڏسڻ جي خواھش به پئسي جي تنگيءَ جي ڪري حالتن جي آڌار تي ٿي ڇڏي. ھي افسانو اھڙن فردن جي ٻين سان روين کي وائکو ٿو ڪري، جيڪي خود پرستيءَ ۾ ھر حد ٽپي وڃن ٿا. معاشي تڪليفن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي انهن حالتن مان ڪڍڻ  لاءِ مدد فراھم ڪرڻ يا جوڳو حل ڏيڻ جي بجاءِ ٻيڻو انهن کي پنھنجي غير ضروري تجزين وسيلي ايذاءُ رسائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ھن افساني ۾ ٽن مختلف ڪردارن  جي سوچڻ جي انداز تي روشني وڌي وئي آھي. ھڪ جيڪو انهن حالتن مان گذري رھيو آھي، ٻيا جيڪي ان بابت نقطه چيني ٿا ڪن ۽ ٽيون اھو ڪردار جيڪو ان سيلز مئن جي نجي حالتن ۽ اصليت کان واقف ھوندي به اھڙي طنز تي نه رڳو خاموشي اختيار ڪري ٿو، پر الزام تراشيءَ کي روڪي به نه ٿو. ”جھڙي طرح ترقي پسند اديبن معاشي مسئلي کي بنيادي اھميت ڏني ۽ انهن طبقاتي مسئلي جي بنياد تي مواد جي چونڊ ڪئي، اھڙيءَ طرح علي بابا به اھڙن موضوعن جي چونڊ ڪئي، جن مان ڪردارن جي طبقاتي صورتحال چغلي کائي ٿي. “ (18)

علي بابا انساني اهنجن جو جراح آهي. هو انساني تڪليفن کي ذاتي تڪليفن وانگي محسوس ٿو ڪري. اسان جو معاشرو، جيڪو کوکلائپ ۽ احساسن کان خالي پڻي جو شڪار آهي، سو سفيد پوش ماڻهن لاءِ جيئڻ جا سمورا رستا بند ڪندو ٿو وڃي. ھي افسانو اھڙن روين کي رد ڪندي، زندگيءَ جي هر هڪ رستا روڪ جو جواب آهي.

چنڊ ۽ ماني

چنڊ ۽ ماني علي بابا جي شاھڪار افسانن ۾ شمار، عالمي مقبوليت ماڻيندڙ  بھترين افسانو آھي  جيڪو  1966ع جي ”سھڻي“ مخزن ۾ شايع ٿيو. ھيءَ افسانو ھڪ ماءُ ۽ پٽ جي ھڪ ڏينھن جي پريشاني کي وائکوڪري ٿو  پٽ جيڪو بک جي شدت سبب ماءُ کان ماني جي گهر ٿو ڪري ۽ لاچار ماءُ جِي، ٻچي جي بک کي اُجهائڻ لاءِ ورتل ھر ڪوشش ناڪام ٿي وڃي ٿي. ٻئي سڄو گهر ڳولي ٿڪجي ٿا پون ته کين فقط ھڪ ڪوڙي پائولي ملي ٿي. جنھن کي دوکي سان ھلائڻ تان ماءُ، ٻار کي روڪي ٿي ”ھشت ڪنا ڇوڪرا. “ امان ڪاوڙ مان چيو. ”اسڪولي ٻار ٿي اھو نيچ خيال تنھنجي دل ۾ ڪيئن آيو. ڇا توکي خبر نه آھي ته ڪنھن کي دوکو ڏيڻ گناھ آھي.“ مان ڦڪو ٿي ويس. امان ٻانهن جي پوري طاقت سان اھا پائلي ٻاھر اڇلائي ڇڏي.“ (19)  ھڪ آدرش ماءُ پنھنجي اولاد جِي لنگهڻ کان وڌنڌڙ  تڪليف کي ته سھي ٿي پر پنھنجي تربيت ۽ اصولن تي سمجهوتو نه ڪندي کيس ھڪ نابينا عورت سان ٺڳي ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي. آخرڪارھو پنھنجي گهر جو ھڪ ٿانءُ وڪڻي اٺ آنا حاصل ٿا ڪن جن سان سندن اميد جاڳي ٿي پئي پر جيئن ئي دوڪاندارآڏو ٻار خوشيءَ ۾ غلط بياني ڪري ٿو ڇڏي ته اھي پئسا به کانئس ڦرجي وڃن ٿا. ماءُ اھو چئي ٻار کي دلداري ڏئي ٿي ته دوڪاندار جي اڳ ئي مٿن کڻت رھيل آھي، ھوءَ پاڙي مان آيل بوندي ٻڪريءَ جي کير سان ٻار کي ڏي ٿي پر اھا خوراڪ سندس لاءِ ناڪافي آھي.

ھي افسانو ھن سماج ۾ مفلسي يا مجبوري ڪارڻ پنھنجي گُهرجن جي پورائي نه ڪري سگهندڙ فردن کي اڪيلو ڪري ڇڏڻ جو درد بيان ٿو ڪري، سماج ۾ وڌنڌڙ بي حسي انساني قدرن کي لتاڙي اڳتي وڌنڌي ٿي رھي پنھنجائپ، رحمدلي ھمدردي جھڙا جذبا پنھنجو وجود وڃائيندا ٿا وڃن ھڪ ويلي جي خوراڪ لاءِ انسان ماندو ٿيندو ٿو رھي، پرانسانيت کي ڪا پشيماني ناھي. ”ھن ڪھاڻيءَ ۾ غربت جي انتھا ڏيکاريل آھي جنھن ۾ ھڪ ماءُ ۽ پٽ بک جي جنگ وڙھي رھيا آھن، ماءُ سوين حيلا ۽ وسيلا ڪرڻ کان پوءِ به پنھنجي پٽ لاءِ کاڌو ھٿ ڪرڻ ۾ ناڪام رھي ٿي. “ (20) ھن افساني ۾ ماءُ بکايل پٽ جو دلاسن سان پيٽ ڀرڻ لاءِ چنڊ کي مثال بڻائي کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته غريبن جي ماني جو حساب چنڊ وانگرھوندو آھي اھو لقاءُ ھن ڪھاڻي وسيلي ھيٺانهين طبقي جي مفلس ماڻهن جي روزمره  جي گهريلو ۽ سماجي زندگين جي پڌرائي ڪري ٿو جن جي صورتحال ھڪٻئي کان گهڻي مختلف ناھي ھوندي صرف فاقن جو انداز الڳ آھي. تنھن ڪري ئي سنڌي ادب ۾ سرجندڙ ترقي پسند افساني ۾ گهڻي ڀاڱي ھڪجھڙا موضوع  بحث ھيٺ آيل آھن. ھن افساني وسيلي علي بابا ٻارن جي پرورش ڪندي کين حالات جي سختي سان مقابلي لاءِ تيار ڪرڻ جواشارو پڻ ڏئي ٿو ته جيئن ڪٺن وقتن ۾ سچائي، عزت نفس ۽ اصولن تي پختگي ۽ استقلال سان قائم رھي سگهن. ھن افساني ۾ مثبت قدرن کي ھر صورت منتقل ڪرڻ جو جذبو قابل فڪر آھي.

جانورن جي دنيا

ھڪ تمثيلي افسانو آھي جنھن ۾ ناني ۽ ڏوھٽي جو ڪردار آھي ھڪ ٻار جنھن ڪڏھن به جانور ناھن ڏٺا اھو جڏھن ڪراچيءَ وڃي ٿو ته ھڪ چڙيا گهر جو سير ڪري ٿو جتي ھر قسم جا جهنگلي جانور پــڃرن ۾ قيد آھن جنھن ڪري اھي ھڪ ٻئي کي يا  visitors کي ڪو نقصان نه ٿا پھچائي سگهن جن جي خصلتن بابت نانو کيس خبردار ڪندي ڄاڻ  ڏئي ٿوته  ڪھڙا جانور امن پسند آھن ڪھڙا خونخوار۽ جهنگ جا حڪمران، ڪھڙا چاپلوس، چالاڪ ۽ خوفناڪ آھن، ارڙ نانگ جيڪي خزاني جي تلاش ۾ سدائين سرگردان ھوندا آھن ۽ اسانجي مٺڙي ملڪ ۾ گهڻي کان گهڻا ملن ٿا، ھڪڙا جانور جيڪي شرارتي آھن ۽ ٻيا وري نماڻا ھيڻا جن جي داد فرياد ٻڌڻ وارو ڪو ناھي ھوندو سدائين اڌ بک اڌ ڍو تي پيا سر بچائيندا. ۽ پوءِ جوشيلي شاعرن جي واري آئي جيڪي دنيا جا ناياب  حسين پکي آھن جهنگ ۾ جڏھن انياءِ وڌي ويندو آھي ته ھي انڊلٺي پر پکيڙي احتجاج ڪندا آھن پراسانجي ملڪ ۾  ھنن جو شڪار ڪري سندن نسل ڪشي ڪئي ويندي آھي. ڪجهه سالن کان پوءِ جڏھن اھو ٻار پختي عمر کي پھچي ٿو ته کيس اھو خوفناڪ جهنگ پنھنجي چوڌاري ڏسجي ٿو،

”ھاڻ مان ھڪ وڏي  اونداھي گهاٽي جهنگ ۾ رھندو آھيان، جو سڄو خوفناڪ جانورن سان ڀريو پيو آھي. منھنجي سانڀر ۾ ئي ان جهنگ  جا جيتامڙا جانور اڃا ھن سان ايترو ھريا مريا ڪونھن. خوفناڪ جانور سدائين جهنگ ۾ ڇتن ڪتن وانگي لوھون پيا پائيندا آھن. “ (21) اھي سڀ گڻ اوگڻ انسانن جي جهنگ ۾ آباد جانورن ۾ پڻ ھوبھو موجود آھن جن سان جيئڻ لاءِ ساڻن مقابلي جا گر ضرور سکڻ گهرجن. ’جانورن جي دنيا‘،  روح رھاڻ جي 1966ع واري  پرچي منظر عام تي آندو. ھن  افساني ۾ علي بابا علامتي انداز  اختيار ڪندي سماجي بگهڙن جو وحشي پڻو ڏيکاري  انهن جي مقابلي  پر امن معاشري لاءِ حڪمت عملي جي حمايت مور ۽ ھاٿي جھڙن عمده علت وارن جانورن جي مثال وسيلي ڪئي آھي.

آيل ڙي اولاڻا

ھي افسانو پڻ ھفتيوار ”برسات“ جي ڇھين جلد ۾ ڇپيو ۽ سنڌي سماج ۾ موجود مردن جي سڀاءَ کي نروار ڪري ٿو علي بابا ھن افساني سان سماج ۾ مردن جي مثبت ڪردار  کي اڀاريندي  کين ٻن درجن ۾ ونڊ ڪيو آھي. ھڪ اھي آھن جيڪي ڪنھن به سبب ڪري ھڪ عورت کي ڪاري ڪري مارڻ گهرن ٿا ۽ ٻيو اھو مرد آھي جيڪو اڻڄاڻ  ۽ قابل رحم حالت ۾ موجود عورت کي بچائڻ لاءِ انت تائين ھر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو اونداھي رات، ڪاري جهنگ ۾ ڊوڙندي نيٺ درياھ تائين پھچي ٿو  ۽ پاڻ سان خود ڪلامي ڪندي چوي ٿو،

”ڇا مُھاين کان مدد وٺان؟ يا چپ چپات سان مُھاين جي ٻيڙي ھاڪاري، عورت کي ٻيڙيءَ ۾ وجهي نڪري وڃان. ڇا مھاين کان مدد وٺڻ، عورت کي موت جي منھن ۾ ڏيڻ ساڳي ڳالهه ناھي؟ اسان جي ملڪ ۾ اھڙي ٻانهن لاءِ ته وڏيون وڙولون ھلنديون آھن. مجال آ جو ڪاريءَ عورت کي ڪو سڄيءَ سنڌ ۾ پناھ ڏئي. سُنھن ساک ڏئي وٺي ويندا، باقي سنڌ ۾ قرآن آھي ڇا لاءِ. بس جي ٿوري مڙسي ڪريان ته پتڻ تان ٻيڙي ڪِيري مان ڪڍي، عورت کي ٻيڙي  ۾ وجهي، درياھ جي پورَ تي پاڻ کي ڇڏي ڏيان.“ (22)  پر جيئن ئي عورت کي ترسائي ٻيڙي طرف وڌي ٿو ته پيرا کڻندڙ مرد مرڻينگ حالت ۾ موجود عورت کي ڪھاڙين جي تيز وار سان ماري وجهن ٿا. ”عليءَ جون ڪھاڻيون پنھنجي نوع  ۽ انداز  ۾ ان ڪري به مختلف ۽ منفرد آھن، جو انهن ۾ ھُو پنھنجا درد، محسوسات ۽ جذبا اوتڻ جو ڪم ٿو ڪري، ھو اڪثر مونولاگ ۾ لکي ٿو، پاڻ ئي ڳالھائي ٿو، پاڻ ئي منظر بيان ڪري ٿو، پاڻ ئي پڇي ٿو، پاڻ ئي جواب ڏئي ٿو_خود ڪلامي ھن جي ڪھاڻيءَ ۾ اظھار جو پسنديده انداز آھي. “ (23) ھيءَ افسانو مرد جي مثبت ڪردار کي پيش ڪري ٿو جتي ھو محافظ آھي سندس لاءِ ھڪ انساني جان ھڪ ساھواري بيش بھا قيمتي آھي جنھن کي بچائڻ گهري ٿو ھي افسانو مردن جي ترقي پسند سوچ ۽ ھاڪاري روين کي اظھاري  ٿو، جنھن سان سماج کي ھڪ وڏو اتساهه ملي ٿو جيڪو صرف اوڻاين ۽ خرابين جا راڳ نه ٿو ڳائي پر جاڳرتا به پيدا ڪري ٿو سماج ۾ سٺائي کي فروغ  ڏيڻ جي عمل کي ھمٿائي به ٿو. ”علي بابا انهن ليکڪن مان آھي جيڪي موجوده سماجي ڍانچي ۾ زندگيءَ کي عذاب محسوس ڪن ٿا ۽ ھڪ نئين سماجي نظام جي اڏاوت  جي کوج ۾ رھن ٿا. “ (23) ھن افساني وسيلي علي بابا ھڪ الڳ انداز سان سامھون اچي ٿو بلڪ دڳ ڏيکاري ٿو ته سکڻي بغاوت جي نعريبازي ڪرڻ سان سماج ۾ سڌارو آڻي نه ٿو سگهجي پرلازم آھي ته برائيءَ جي مقابلي ۾ سٺائي کي وڌاءُ ڏجي ته فڪري وسعت پيدا ٿئي مظلوم کي مظلوم ڪوٺجي ئي نه پر سندس پاسداري ۽ پٺڀرائي ڪندڙ  لاڙن کي به رواج ۾ آڻجي.

ورھاڱو،  علي بابا لاءِ نت ايذائيندڙ موضوع رھيو آھي، جيتري قدر علي بابا سنڌ جي اتھاس کي روشناس ڪيو آھي، اوترو ئي سندس افسانن مان ورھاڱي جو درد جوالا مکيءَ  جيئان  ڀڙڪي ٿو ان موضوع تي عليءَ جون ڪھاڻيون ’ڌرتي ڌڪاڻا‘، ’مٽي‘،
’آخري مراد‘ ۽ ’ايڊٽ ٿيل سپنا‘ دل ۾ دٻيل چيخ کي ’آھ ‘ جي صورت پيش ڪن ٿيون علي بابا لاءِ ورھاڱو به وجود جو ناسور بڻجي ٿو پوي سندس زندگيءَ جو ھر پھلو، گهر جا سڀ نقش، دَر و ديوار ايستائين جو سندس ريڪ ۾ رکيل ورجائي ورجائي پڙھيل ڪتاب، ۽ ماءُ جو رڌل پلي ۾ پساءُ به ان نه ڇٽندڙ  ڦٽ کي رھڙيندا  ٿا رھن، اجرڪ کي ڏسڻ به علي کي انهن بد نصيب اڻاسين جي تانگهه ٿو ڏياري ته سندن بي جان وجود کي سنڌين لاءِ مقدس سمجهيل ان چادر جو آخري ڇھاءُ به ملي سگهيو ھوندو يا نه ۽ ان درد ۾ ئي کيس ’موھن‘ جي مٽي ٿي ملي جيڪا سنڌوءَ  جي جل ۾ تحليل ٿيڻ آئي آھي.

”ان ورھاڱي رڳو پنجاب ۽ بنگال جي ڌرتين کي ڇني ٻه اڌ نه ڪيو ھو، سنڌ کي به ھندو آبادي ۽ مسلم آباديءَ ۾ ورھائي ڇڏيو ھو، ۽ سنڌ جا 10 لک کان وڌيڪ سکيا ستابا اصلوڪا سنڌي مذھب جي بنياد تي ڌرتيءَ ڌڪاڻا بڻائي، ھندوستان جي رفيوجي ڪئمپن ۾ سالن تائين دربدرين  جي منھن ۾ ڏنا ويا ھئا. انهن ماڻهن ۾ ڪيترن ماڻهن جون محبتون به رفيوجي ٿي ويون ھيون، ڪيترين اکين جا خواب به وطن بدر ڪيا ويا ھئا، ۽ ڪيترن ماڻهن جا دلبر دوست ڌڪي ڌار ڌار ڪيا ويا ھئا.“ (24) 

درد جا اھي منظر علي بابا جي افسانن ۾ جا بجا ڌرتيءَ تي وکريل موتين مثل لڳندا جيڪي مالها مان ڇڄڻ کان پوءِ  ڌارو  ڌار ٿي ويندا آھن اھڙي ئي بي آبرُوئِي سنڌ ڄاين کي به سرحد جي آر پار پيش آئي.

ڌرتيءَ ڌڪاڻا:

’ڌرتيءَ ڌڪاڻا‘ ورھاڱي جي ڪجهه عرصي کان پوءِ  ”اڳتي قدم“  پبليڪيشن ڇپايو. ھن افساني جي عنوان مان ان جو متن عيان آھي جيڪو ورھاڱي کان پوءِ سنڌ کان وڇوڙي جو درد کڻي اڳتي وڌي ٿو علي بابا سنڌ ڄائو آھي سنڌ جو رھاڪو سندس سچائپ سنڌي آھي سنڌ ئي سندس اولين ترجيح آھي سندس پور پور  ۾ سنڌ سمايل آھي، سنڌ کان ڪير کانئس ڌار نه ٿو ڪري سگهي،  پر ٻئي پاسي ساوتري هن افساني جو ھڪ اھڙو ڪردار آھي، جنھن جو جنم سنڌ ۾ ٿيو آھي، جنھن پنھنجي ٻاروتڻ ۽ جوڀن جا انمول ڏينھن سنڌ ۾ گهاريا آھن جنھن پنھنجي وجود جو تخليقي سفر سنڌ ۾ شروع  ڪيو، کيس به سنڌ سان اٿاھ پيارآھي. ساوتري جي وجود ۾ به سنڌ تحليل ٿيل آھي. علي بابا ۽ ساوتري، سنڌ کي جنون جي حد تائين ساراهن ٿا، پر ھڪ ھاڃو سندن ھڪڙيءَ سنڌ کي ڌار ڪريو ڇڏي1947ع جو ورھاڱو سنڌ کي ڪيئن ورھائي ويو کين سمڪ ئي نه ٿي پئي

 “Ali Baba traveled the entire province and depicted the essence of   Sindhi culture in his dramas. His short story, titled  Dharti  Dhikana (Expelled from the soil), which narrates the plight of the mass  migration (of  Muslims  and  Hindus) after  partition of the Subcontinent in 1947,is one of  the most  popular  works  in Sindhi literature, along with his novel, Mohenjo Daro. (25).

اھا پيڙا بيان ٿو ڪري ھيءَ افسانو. علي بابا مذھبي طور مسلمان آھي کيس حق آھي پاڪستاني سنڌ ۾ رھڻ جو، ساوتري ڌرمي طرح ھندو آھي، کيس رڳ رڳ ۾ سمايل سنڌ کان جبري جدا ڪيو ٿو وڃي. علي بابا سنڌ ۾ رھندي قديم سنڌ جو تخيل دل ۾ سمائي جيئندو ٿو رھي پر اھا پيڙا سھي نه ٿو سگهي، جنھن مان موجوده سنڌ گذري پئي، ساوتري سنڌ جي مٽي کي وري چمي نه ٿي سگهي مٿس بندش پئجي وئي آھي  ھوءَ  به سنڌ جو تصور ساھ سان سانڍيندي ٿي وتي بي خبر ته سنڌ ڇا ھئي ڇا بڻجندي وڃي.

”ھن جي ڪھاڻين جو ٻيو وڏو موضوع آھي پاڪستان کان پوءِ جي سنڌ، جنھن مان سنڌي ھندو ڀارت لڏي ويا ۽ اتان مھاجر سڏائيندڙ سي. پي  ۽  يو. پي جا اردو ڳالهائيندڙ ٽرينون ڀري، ڪليمن ۾ سنڌ جي شھرن تي قابض ٿيڻ لڳا. ان موضوع تي ڳالهائيندي، ھو ڪھاڻيءَ جي فني نزاڪتن جو ڪو به خيال نه ٿو ڪري ۽ پنھنجي غصي، ڪاوڙ، ردعمل ۽ پيڙا کي ھر قسم جي تلخ کُھري ۽ جذباتي انداز ۾ بيان ڪرڻ ٿو لڳي. “ (26) ھن ڪھاڻيءَ ۾ ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ويل سنڌي ھندن جو غم آھي. ورھين پڄاڻان جڏھن ساوتريءَ جي پٽ رام  کي ھڪ ڪنيڪٽنگ فلائٽ ڪراچي ايئر پورٽ تي آڻي ٿي کيس ايئر پورٽ کان ٻاھر وڃڻ جي اجازت ته ناھي پرھو سنڌ ڌرتيءَ تي، ماءُ جي مٽي تي اچڻ لاءِ خوش آھي، جتي ھن دنيا ۾ اچڻ وارو اھو شروعاتي وقت گذاريو جڏھن ھو ماءُ جي گرڀ ۾ ھو تنھن کان پوءِ سنڌ جون ڳالھيون ماءُ کان ٻڌي، سنڌ کان وڇوڙي جي غم ۾ ڀريل سندس سڏڪن کي ڏسي رام جي دل  ۾  به سنڌ سان والھانا محبت پيدا ٿئي ٿي، پر ڪراچي جي ھوائي اڏي تي پھچي رنج  وڪوڙي ٿو وڃيس، جڏھن کيس ساوتري جي ٻڌايل سنڌ جو ڪو به اھڃاڻ نه ٿو ملي. “ھو  گهٻرائجي ڪوچ تان اٿي کڙو  ٿيو، ۽ ڳورا ڳورا قدم کڻندو  بڪ اسٽال ڏانهن وڌي ويو.

”شاھ جو رسالو آھي؟“

”شاھ ڪيا؟“

”شاھ عبداللطيف ڀٽائي ڪا رساله؟“

”جي نھين. “

”ڀونر ڀري آڪاس!“

”جي نھين. “

”روح رھاڻ!“

”جي نھين. “

”اور ڪوئي سنڌي رساله يا اخبار؟“

”جي نھين، ھماري پاس سنڌي ڪي ڪوئي ڪتاب نھين ملتي. “

”مگر ھندوستان مين تو يه ڪتابين مل جاتي ھين. “

”ھندوستان مين ملتي ھونگي، يه پاڪستان ھئي  يھان ڪي قومي زبان اردو  ھي‘“ (27) ورهاڱي جي نالي تي رڳو ھند کي سنڌ کان جدا ڪونه ڪيو ويو بلڪه سنڌ جي وجود کي ٻه قومي نظرئي جي آڙ  ۾  ٻه حصا ڪري، سنڌ جي وحدانيت کي ٽوڙي سنڌ جي وجود، سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ سنڌين جي انفراديت کان نابري واري سنڌين جي نسل ڪشي جو سعيو ڪري ڪاپاري  ڌڪَ ھنيا ويا. ون يونٽ، ايم. آر. ڊي تحريڪ، مارشل لا ۽ ٽوڙھي ڦاٽڪ وارن واقعن بعد اھي ڪنھن به سنڌيءَ کان وسري ناھن سگهيا. ھن افساني ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌ جي صورتحال ڏيکاري آھي، جتي پناھگيرن ڪراچي ۽ سنڌ جو نعرو ھڻي ٽٽل ديس جا وڌيڪ ٽڪرا ڪرڻ کي پسند ڪيو،  ان  رٿ  ۾ وڏي ۾ وڏو ڌڪ ھڪ لشڪري زبان کي قومي زبان جي حيثيت ڏئي اصلوڪي، موروثي ۽ بڻائتي ٻوليءَ (سنڌي) کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. علي بابا پنھنجي ويجهن کي ورھاڱي دوران ورڇندي ڏٺو.  حدن جي ٻنهيءَ ڀر سنڌين تي گذرندڙ درد ڪٿا کي ’ڌرتيءَ ڌڪاڻا‘ ۾ پيش ڪيو اٿس.

سئو رپيا نوٽ ماڻھو

سو رپين جي عيوض ماڻھوءَ جو سرآھي، پو اھو معصوم ٻار جو ھجي يا حوس جي انڌ ۾ گم ٿيل وڏيرن جي ھڪٻئي تي قمار. ھي افسانو ن ڪردارن ڀرام ۽ چڱي خان جي وچ ۾ سوديبازي لاءِ ٿيندڙ ڊائلاگ تي مبني آھي، چڱو خان تر جي وڏيري عارب جي ’قلندر  شھباز‘ کان مرادن سان ورتل سڪيلڌي پٽ کي ماءُ جي ھنج ۾ مارائڻ ٿو گهري ڇو جو ماءُ سندس ناجائز خواھش پوري نه ڪئي ان جي سزا ھو ٻار کي ڏئي مِٽن کي تڙپائڻ ٿو چاھي. اڄ واري ٻوليءَ ۾ ان کي سوپاري ڏيڻ_وٺڻ چوندا آھن، ڪھاڻيءَ جو مُک ڪردار ’ڀرام‘ سئو رپيا نوٽ جو قائل ٿو ڏسجي. سئو جو نوٽ وٺي ماڻهو ماريو ڇڏي. . . . ڪھاڻيءَ ۾ چست، تازا توانا، نوان ڊائلاگ، اُھو به انهن جي ٻوليءَ ۾. سنڌ ۾ بدلي جي پاروٿي روايت اڃان ھلندي اچي. ٿڃ پياڪ ٻار کي وات ۾ پستول جي گوليءَ سان مارائي چڱي خان کي پنھنجو اندر ٺارڻو آھي. چڱي ردو  بدل کان پوءِ سئو رپين جو نوٽ ۽ پستول سيلنسر سوڌو چڱي خان کي وٺي، لوڊ ڪري، ڀرام کيس ٻڌائي ٿو ته وڏيري رمضان کان مون سئو رپيا ورتا آھن_ چڱي خان جي ڀڀ ۾ سندس ئي پستول جي گولي ھڻڻ لاءِ. ۽ لفٽ جو بٽڻ خوني کي ڳڙڪائي وڃي ٿو. “ (جوکيو ) انسانيت کان خالي انسانن جي کوکلائپ تي ملال آھي ھن افساني ۾ جنھن ۾ ھڪ ٻئي جي ننگن ۽ دنگن تي اک وجهي انتھا جي حد تائين رسي وڃجي. عليءَ اھڙي بي حسي جي مذمت ڪئي آھي.

سَتُر جو پاڻي

ھي افسانو معصوم سمي جي گرد ڦري ٿو. جنھن کي جسمن وسيلي عورتن جي زندگين سان کيڏندڙ ڪندڙ ھڪ ھيراڪ شخص خودڪشي تائين پھچائي ٿو. ٻاڙ  ۽ وقت جو ڦيرو کيس وري سمي جي ياد تائين واپس آڻي ٿو، اتي کيس سمي جي ڇيلڙي ۽ سَرتي مکڻ گڏجي ٿي، جنھن کان ھو سمي بابت سوال ڪري ٿو. ”تو جي سميءَ جو سَتُر نه رکيو ته ڇا. سمنڊ ته ڪونه سڪي ويو آھي. پري ھن ڪاري پھاڙ ڏانهن وڃي ڏس ته سمنڊ ڪيئن پيو اڀامي. . . سميءَ کي اتي وڃي ڳول. ھتي ڪٿان آئي. اسان جڏھن ننڍڙيون ھونديون آھيون ته اسان جون مائرون ويچاريون اسان کي چونديون آھن ته پٽ! انهن بنگلن ڏانهن ڪڏھن نه وڃجو. اھي گهر پَورن وڻن وانگي جهَٽ ڪِريو پون. اھي خالي خالي گهر آھن. انهن ۾ ڪنھن جا به خواب پورا نه ٿا ٿين. پر تڏھن به اسين انهن ڪاڪ محلاتن جا خواب لھنديون آھيون. اسان موڳيون آھيون نه. “ (28) اھا ورندي ٻڌي شخص ششدر رھجي ٿو وڃي.  علي بابا جي ھن ڪھاڻي ۾ ھڪ عورت جي سماجي حيثيت تي پشيماني جو اظھار آھي، عورت جي بھادريءَ تي، مظلوميت تي، بي پرواھي، بي فڪري ۽ بي خوفي تي سنڌ جي تقريباً ھر ليکڪ ئي لکيو ضرورو آھي، ڪن ان جي حمايت ۾ لکيو ته ڪن مخالفت ۾، ڪن کي عورت ۾ اتساھ نظر آيو ته ڪن کي جسم ۽ شرمندگي، ڪن عورت کي ھيرو ڪري پيش ڪيو ته ڪن مٿس جبر ڪندي پر عورت ھر ڪھاڻيڪار، شاعر، محقق، نقاد سڀني جو بروقت پسنديده موضوع  ضرور رھي! ھجي به ڪيئن نه؟ عورت جھڙي نرڀئه، پُرتجسس، ڇرڪائيندڙ، بيڪس، مرد جي رحم و ڪرم ۽ نظرداري ھيٺ پلجندڙ، سندس جذباتي لڳاءُ ۾  ڪڏھن آزاد ته ڪڏھن قيد، ھٿ چراند لاءِ ھن سڄي مانڊاڻ ۾ اھڙي ٻي ڪا مخلوق ئي ڪٿي آھي. علي بابا خود ئي سوال ٿو ڪري !

”مون ڪھاڻين ۾ عورت کي نيچ ڪيو آھي؟  منھنجي ته خيال ۾،  منھنجي ڪھاڻين جو  مرڪز  ئي عورت آھي. ڪڏھن ڪڏھن ان سان ڏاڍي اڍنگي ۽ اڻوڻندڙ  نموني پيش ايندو آھيان، ان کي مان پنھنجي ڪھاڻين جي خوبصورتي ٿو چوان، جنھن کي شايد فقط آئون پاڻ ئي محسوس ڪندو ھجان. عورت ته منھنجي ڪھاڻين جو مرڪز ھوندي آھي. بلڪه منھنجي ڪھاڻين جي ڪل ڪائنات جو مرڪز عورت، ڪيڏو اونچي، ڪيڏي مضبوط، ڪيڏي نازڪ ۽ ڪيڏي خوبصورت ھوندي آھي. مان ان کي جيئن جو تيئن پنھنجي ڪھاڻيءَ جي ڪينواس ۾ اتارڻ چاھيندو آھيان. مان وري ڪالرج جو سھارو ٿو وٺان :

The Woman is  ray of God))

۽ شاھ  ٿو چوي :

کڻ اکيون، کل يار، وڃن سور سَنڌا ڪيون.

ته پوءِ  ڀلا  مان  عورت سان اھڙو  ڪھڙو ناحق ڪندس؟ مان عورت جي خلاف نه پر عوررت جي نيلام جي خلاف لکندو آھيان. “ (29)

ھن افساني ۾ به ھڪ اھڙي معصوم عورت جو درد آھي جيڪا گهڻي نٽائڻ ۽ سوچ ويچار بعد مرد جي حيلن وسيلن معرفت سندس محبت جي دعويٰ تي اعتبار آڻي پنھنجو پاڻ کيس ارپي ٿي ۽ مرد پنھنجو روايتي ڪردار ادا ڪندي جنسي تسڪين حاصل ڪري کيس ڀنور ۾ ڦاسائي رمندو ٿو رھي. ھي افسانو مردن لاءِ ھڪ تنبيهه جي صورت آھي جنھن ۾ علي بابا ان مرد جي نفسيات تي ڦٽڪاريو آھي، جيڪو عورت کي فقط  استعمال جي  بي جان شين جيان ڪتب آڻڻ کي پنھنجو شيوو ٿو سمجهي.

ھن دور ۾ به عورت جو مرد ھٿان استعمال ٿي ٻي ڪا راھ نه ڏسي خودڪشي ڪرڻ ھن افساني جو باغياڻو پھلو آھي، ڇو جو اڄ به اسانجي جديد تھذيبن جي پوئواري ڪندڙ معاشري ۾ مرد جي فعل کي نظر انداز ڪري عورت جي ڪردار تي سوال اٿاريا ويندا آھن.

نتيجو

علي بابا جون ڪھاڻيون انساني وارتائن، المين ۽ سانحن جي سچي عڪاسي ڪن ٿيون. هو طبقاتي فرق ۽ پيڙيل ماڻهن جي استحصال کي هڪ آدرشي ليکڪ طور ڏسي ٿو. هن جي ڪھاڻين ۾ قديم نسلن جي زندگيءَ جي ٻولي، لھجي ۽ حالتن جو مشاھدو گھريءَ نظر سان ٿيل ملندو. علي بابا سڌو سنئون ڪنھن به ھڪ تحريڪ، فلسفي، نظرئي، ڌر، گروھ  يا سياسي جماعت سان ڳنڍيل ھئڻ بجاءِ وطن سان ڳنڍيل ليکڪ هو. ھُو  فقط سنڌ سان، سنڌي ماڻهن سان، عورت جي درد سان  ۽  معاشري سان ڀيٽ نه کائيندڙ ھڪ بي پھچ لکاري (يعني: پاڻ) سان گھري نموني جڙيل ھو. علي بابا جا افسانا نئين ٻولي ۽ اسلوب کڻي سامهون آيا، جن مقاميت نگاريءَ ۽ اصلوڪن ڪردارن ۽ موضوعن کي اوليت ڏني. علي بابا جا افسانا خارجي ۽ داخلي موضوعن جو ميلاپ آهن، جن ۾ بيان جي جدت سان گڏ ترقي پسنديءَ واري بغاوت ۽ سماج کي بدلائڻ جو خواب ڏسي سگهجي ٿو. هن جون ڪھاڻيون موضوعاتي ڪھاڻين جي زمري ۾ اچن ٿيون، جن مان ڪن جا موضوع  تاريخ ۽ ورثي سان واسطو رکن ٿا. هو روزمرھ جي زندگيءَ سان واسطو رکندڙ، نھايت غير رواجي ۽ نظرانداز ٿيل ماڻهن ۽ معاملن کي ڪھاڻيءَ ۾ کڻي ٿو اچي. ڪيترا ئي موضوع علي بابا جي لکڻ کان پوءِ  ئي  ٻين ليکڪن لاءِ اتساھ جو سبب بڻيا ۽  اھڙا موضوع باقاعده طور سنڌي ادب جو حصو بڻجي ويا. علي بابا جو افسانوي ادب ۽ خاص طور ڪھاڻيون نئين سنڌي افسانوي ادب جو تخليقي تعارف آهن.

 

حوالا

1ـ    سميجو، اسحاق، (مھاڳ):2017، جنم ڀومي شمشان ڀومي (تحقيق ۽ ترتيب)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ.

2ـ    شورو، شوڪت، حسين:2017، سءو سالن جون چونڊ سنڌي ڪھاڻيون (مرتب)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو.

3ـ    سميجو، اسحاق، (علي بابا جو افسانو):2017، جنم ڀومي شمشان ڀومي (تحقيقي ۽ ترتيب)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ.

4ـ    بابا، علي (مان ۽ ڪھاڻي):1994، منھنجون ڪھاڻيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ.

5ـ    بابا، علي:1994، منھنجون ڪھاڻيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو. سنڌ، پاڪستان.

6ـ    ساڳيو، ص:18.

7ـ    ساڳيو، ص: 20.

8ـ    ساڳيو، ص:20.

9ـ    ساڳيو، ص:16.

10ـ سميجو، اسحاق:2017، جنم ڀومي شمشان ڀومي (تحقيق ۽ ترتيب)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ.

11ـ بابا، علي، رني ڪوٽ جا رکوال (ڪھاڻي)، سميجو، اسحاق:2017، جنم ڀومي شمشان ڀومي (تحقيق ۽ ترتيب)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ.

12ـ ساڳيو، ص:109.

13ـ سميجو، اسحاق:2017، جنم ڀومي شمشان ڀومي (تحقيق ۽ ترتيب)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ.

14ـ بابا، علي، ڀچان ته ڀيچي مَ ٿيان (ڪھاڻي)، سميجو، اسحاق:2017، جنم ڀومي شمشان ڀومي (مرتب)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ، پاڪستان.

15ـ ساڳيو، ص:51.

16ـ ساڳيو، ص:52.

17ـ سميجو، اسحاق:2017، جنم ڀومي شمشان ڀومي (تحقيق ۽ ترتيب)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ.

18ـ      بابا، علي:1994، منھنجون ڪھاڻيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ، پاڪستان. .

19ـ ميمڻ، عبدالغفور:2017، سنڌي ادب جو فڪري پسمنطر، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ، پاڪستان.

20ـ بابا، علي:1994، منھنجون ڪھاڻيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ، پاڪستان.

21ـ ميمڻ، عبدالغفور:2017، سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.

22ـ      بابا، علي:1994، منھنجون ڪھاڻيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ، پاڪستان.

23ـ ساڳيو، ص:133ـ132.

24ـ سميجو، اسحاق:2017، جنم ڀومي شمشان ڀومي (تحقيق ۽ ترتيب)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ.

25ـ ميمڻ، عبدالغفور:2017، سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.

26ـ سميجو، اسحاق:2017، جنم ڀومي شمشان ڀومي (تحقيق ۽ ترتيب)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ.

27ـ      تنيو، حفيظ:2016، سنڌي شخصيتون (آن لائين).

28ـ سميجو، اسحاق:2017، جنم ڀومي شمشان ڀومي ( تحقيق ۽ ترتيب)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ.

29ـ بابا، علي:1994، منھنجون ڪھاڻيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ، پاڪستان.

30ـ جوکيو، الطاف، سنڌي شخصيتون (آن لائين).

31ـ بابا، علي، سَتُر جو پاڻي (ڪھاڻي)، سميجو، اسحاق:2017، جنم ڀومي شمشان ڀومي (تحقيق ۽ ترتيب)، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ.

32ـ بابا، علي (مان ۽ ڪھاڻي):1994، منھنجون ڪھاڻيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ.

 

265 ڀيرا پڙهيو ويو