نورالهديٰ شاهه جي ڪهاڻين ۾ باغي عورت جا ڪردار
(The Character of the rebel woman in the stories of Noor-ul-Huda Shah)

دُر ناز وَڌو

Abstract

Noor-ul-Huda shah is widely known as story writer, playwright and a poetess. She started her creative expression after getting inspired from English literature, but later on, she switched over toward Sindhi society and started writing stories in Sindhi.

She wrote very effectively on various topics of Sindhi society. In the 1970’s she emerged as such young writer. She hi-lighted the rebellion woman in her fiction. Her character, specially, the character of a woman in observed very eager to break the chains of rigid traditions.

Noor-ul-Huda shah has written on extra ordinary customs of Sindhi society. In her stories, there is resistance, rebellion, the quest for freedom from slavery and unique desire to break the fixtures, which caused making woman, such as a tool, not human!

In this article, writer has shown his best capability to prove the stories of Noor-ul-Huda Shah, as the voice of today’s woman, and he succeed obviously.

This article help the reader, to understand and justify the expected role of Sindhi woman, which is deprived since centuries!

Keywords: Noor-ul- Huda Shah, Woman character, Stories feminism, rebel characters.

سنڌ جي نامور ليکڪا نورالھديٰ شاھه 22 جولاءِ 1957ع تي حيدرآباد ۾ سيد عبدالھادي شاھه جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعلق ٽکڙ تعلقي ٽنڊي محمد خان جي علمي، ادبي ۽ سياسي گهراڻي سان آھي. سندس ننڍپڻ لاھور ۾ گذريو، لاھور ۾ رھڻ ڪري هن تي اردو ادب جو گهڻو اثر رھيو، هن لکڻ جي شروعات انگريزي ادب کان متاثر ٿي ڪئي. پر جڏھن ڪھاڻي لکڻ جي شروعات ڪيائين ته سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيائين ۽ خوب اثرائتو لکيائين. 1970ع واري ڏھاڪي ۾ هوءَ ھڪ اھڙي نوجوان ليکڪا ٿي اڀري آئي، جنھن جي افسانن ۾ اسان کي سماجي رواجن کان بغاوت نظر اچي ٿي. نورالھديٰ شاھه ڪھاڻيڪاره ھجڻ سان گڏوگڏ ھڪ ڊرامه نويس ۽ شاعره به آھي. سندس ڪھاڻين جي وڏي مقبوليت جو ڪارڻ ھڪ اھو به رھيو آھي ته ھن پنھنجين ڪھاڻين ۾ سماج جي اڍنگين رسمن ۽ اوچ نيچ جي تصورن جي عڪاسي ڪئي آهي. ھن جون ڪھاڻيون سنڌي سماج جو آئينو آھن.

ورھاڱي کانپوءِ سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪائن تمام گهڻو لکيو آھي جن نورالھديٰ شاھه اھا واحد ليکڪا آھي، جنھن جي ڪھاڻين سماج کي جنجهوڙيو آهي. نورالھديٰ شاھه سنڌي سماج جي ھر مسئلي تي قلم هلايو آھي. ھن جي ڪھاڻين ۾ مزاحمت آھي، بغاوت آھي، غلاميءَ کان آزاديءَ جي جستجو آھي .

نورالھديٰ شاھه جي ڪھاڻين جي پھرئين مجموعي ’جلاوطن‘ جي مھاڳ ۾ هوءَ لکي ٿي ته:

”ڪڏھن شدت سان چاھيندي آھيان ته سٽ ڏيئي اڇون پڳون لاھي ڪنين ڪسين ۾ اڇلائي ڇڏيان، ڪوٽن ۾ زمانن کان قيد شھزاديون ڀڄائي وڃان، چڪلن جون ڪسبياڻيون باعزت پڳدارن سان پرڻائي ڇڏيان“(1).

ھتي نورالھديٰ شاھه جي اُن باغي ڪيفيت کي محسوس ڪري سگهجي ٿو ٻئي هنڌ لکي ٿي ته:

”دراصل اسين سنڌي عورت کي چلهه جي آڳ ۾ دکندي ڏسڻ جا عادي آھيون. برقعو اوڍي ڪاري نقاب مان عشق ڪندو ڏسڻ جا ھيراڪ آھيون. عورتن کي محض انهيءَ ڪري جاھل رکندا پيا اچون، ته جيئن ھوءَ پنھنجو حق گهرڻ جي سگهه نه سارين، چلهه جي آڳ مان مڙس جي جنسي خواھشن جي تڪميل کان ٻار ڄڻڻ جي مشين بڻجڻ تائين ھنن جو وجود قابل قبول آھي، پر جيڪر ڪا سنڌي عورت چئن ديوارن مان نڪري ٿي اچي ته. . . ؟!“(2).

نورالھديٰ شاھه عورتن جي هر تڪليف، پيڙا، جنسي، ذھني مونجهارن، معاشي مسئلن ۽ عورت جي سماجي حيثيت مطلب ته ھر شيءِ تي لکيو آھي. ھن جي ڪھاڻين ۾ جنسي پھلو هئڻ سبب کيس سخت تنقيد پڻ برداشت ڪرڻي پئي آھي. نورالھديٰ شاھه جي ڪھاڻين جو موضوع خاص ڪري اھي عورتون آھن، جيڪي ميرن، پيرن، جي حويلين ۾ قيد آھن. جيڪي پنھنجي مرضيءَ سان ساھه کڻي نٿيون سگهن. پنھنجا جذبا ۽ خواھشون سيني ۾ دفن ڪري ميڻ بتيءَ وانگر پگهري، اجهامي وڃن ٿيون، پر ڪجهه چوڻ آکڻ ڪم ڪرڻ جي کين اجازت ناھي.

ڊاڪٽر غفور ميمڻ، نورالھديٰ شاھه جي ڪھاڻين بابت لکي ٿو ته:

”نورالھديٰ شاھه اھا ليکڪا آھي، جيڪا جديديت کان ترقي پسنديءَ ڏانھن وئي. سندس لکڻ جي شروعات داخليت، موضوعيت (Subjectivism) جي ڦاٽ کائڻ سان ٿئي ٿي. سندس شروعاتي ڪھاڻين ۾ ھوءَ سماج کان، ريتن رسمن کان ۽ اخلاقي قدرن کان مڪمل باغي نظر اچي ٿي. خاص طور سان جاگيرداري سماج ۾ عورت جي وجود ۽ سندس جذبن سان ھٿ چراند، اخلاق، مذھب، روايتن جي نالي ۾ عورتن تي پابنديون سندس موضوع رھيا آھن. نورالھديٰ شاھه انسان کي سندس سڀني ڀرمن ۾ لباس مان ڪڍي سندس فطري انداز ۾ پيش ڪيو آھي. وجود جي جيڪا به ڪوڙاڻ آھي، ان کي چونڊي سماج جي منھن تي ئي ٿوڪرايو آھي. نتيجي طور نورالھديٰ شاھه ھڪ منفرد ڪھاڻيڪار ٿي اڀري. فڪري طور نورالھديٰ شاھه وٽ وجودي وارداتن ۾ گهيريل عورت جا سڀ روپ ملن ٿا، جن ۾ جنسي گهٽ ٻوساٽ سبب پيدا ٿيندڙ اڪيلائي، سماجي پابندين منجهان جنم وٺندڙ مايوسي، موت جا پاڇا ۽ بغاوت سڀ ڪجهه موجود آھي“(3).

نورالھديٰ جي ڪھاڻين جا مجموعا سنڌي سماج جو آئينو آھن، جيڪي سماج جي اوڻائين کي وائکو ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ گڏوگڏ ٻوليءَ ۽ ادب ۾ هڪ ليکڪ جي موثر ڪردار کي پڻ ظاھر ڪن ٿا.

ڪوبه سٺو تخليقڪار يا ليکڪ پنھنجي تخليق يا تحرير جي پختگيءَ مان گهٽ مطمئن رهندو آهي. ائين ئي نورالھديٰ شاھه پنھنجي ڪھاڻين جي ٽئين مجموعي ’رڻ ۽ رڃ جو اتھاس‘ جي باري ۾ لکي ٿي ته:

”رڻ ۽ رڃ جو اتھاس ۾ ڏنل ڪھاڻيون مون پنھنجي لاشعور تي شعور جي سوڀ جي ڪوشش ۾ لکيون. ھڪ ساھيءَ ھڪ ٻي جي پٺيان ان ڪري ”رڻ ۽ رڃ جو اتھاس“ ۾ ڇپيل ڪھاڻيون منھنجي شعوري ڪوشش ھيون. منھنجو خيال ھو ته مون کي (Perfection) يا (Purity) جي ضرورت آھي. مان ڪھاڻيءَ جي فن کي پنھنجي گرفت ۾ آڻڻ چاھيان ٿي، پر ھن ڀيري به اھو ئي ٿيو. مون وري انهن ڪھاڻين ڏانھن اک کڻي نھاريو به ڪونه دل ۽ دماغ چيو ته، نه اڃا به ڪجهه ٻيو، اڃا به ڪجهه ٻيو، اڃا به ڪجهه ٻيو. اڄ مون کي ”رڻ ۽ رڃ جو اتھاس“ ۾ ڇپيل ڪھاڻين جا نه عنوان ياد آھن، نه اھو ته انهن ڪھاڻين منجهه ڪھڙيون ڪھاڻيون ھيون؟ انهن ڪھاڻين جا ٻين ٻولين ۾ ڪيل ترجما ڪڏھن منھنجي اڳيان آيا به ته مون حيرت مان انهن کي پڙھندي سوچيو ته واقعي ھي مون لکيو آھي؟؟“(4).

مٿين سوالن کي مدنظر رکي اسان اھو چئي سگهون ٿا ته نورالھديٰ شاھه سنڌي ڪھاڻيءَ کي فني بلندين تائين پھچايو. فڪر جي لطافت ۽ سماجي شعور سان سندس ڪھاڻيون سلھاڙيل آھن. انهن ۾ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ ۽ روح جي تڙپ به آھي، ته انسان جي لاچاري ۽ مجبوريءَ جو شديد احساس ۽ درد پڻ آھي. لاشعور ماڻهوءَ جي داخلي ڪيفيت آھي. نورالھديٰ شاھه کيس پاڻ کي ان ڪيفيت مان ڇڏائڻ جي ڪوشش به ڪئي ھن پنھنجو لاشعور پنھنجي پڙھندڙن سان ونڊڻ نه پئي چاھيو، ڇوته سندس جو خيال ھو ته اھا ماڻهوءَ جي پنھنجي ذاتي ملڪيت آھي. ڏٺو وڃي ته لاشعور نفسياتي طرح ماڻهوءَ جي اندر پاتال جيان آھي.

نورالھديٰ شاھه جي ڪھاڻين جي چئن مجموعن ۾ ڪل (43) ڪھاڻيون ڇپيل آھن. اهي مجموعا:

  1. جلاوطن ڪربلا  3.رڻ ۽ رڃ جو اتھاس  ۽ 4.ڪيڏارو، ڇپجڻ کانپوءِ شھرت ماڻي چڪا آهن.

نورالھديٰ شاھه جي پھرين ٻن ڪھاڻي ڪتابن: ’جلاوطن‘ ۽ ’ڪربلا‘ ۾ سماجي حقيقت نگاري جو عڪس آھي. ھنن ڪھاڻين ۾ عورت تذليل جي رڻن ۽ بيابانن سان اڪيلي سر سفر ڪري ٿي ۽ ڪير به سندس مدد لاءِ تيار ناھي. اھا عورت هر هنڌ پاڻ کي اڪيلو ۽ غير محفوظ سمجهي ٿي، سندس عزت جو ڪوئي محافظ ناھي ۽ نه وري احساسن جو. ھن معاشري ۾ عورت کي ڪھڙيءَ ريت ڏٺو وڃي ٿو، سماج جو اھو روپ نورالھديِٰ شاھه پنھنجي ڪھاڻين ۾ پيش ڪيو آھي. سندس پوئين ٻن مجموعن ”رڻ ۽ رڃ جو اتھاس“ ۽ ”ڪيڏارو“ ۾ ليکڪا جي ڪيفيت ڪجهه مختلف نظر اچي ٿي.

نورالھديٰ شاھه ھنن ڪھاڻين ذريعي سنڌي سماج کي ھڪ نئون روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ڪھاڻين جا موضوع نوان آھن، ترقي پسند سوچ رکندڙ آھن. ٻوليءَ جي حسناڪي ۽ جملن جي جوڙجڪ تمام سٺي آھي، جيڪا ھر خاص و عام سمجهي سگهي ٿو.

سندس ڪھاڻين ۾ عورت جا ڪجهه اھڙا روپ ملن ٿا، جن ۾ عورت منفرد ۽ باغي ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿي. نورالھديٰ شاھه جي ڪھاڻين مان ڪجهه ڪھاڻين ۾ بغاوت جو عنصر خوب نمايان آھي اھي ھي آھن.

ڪھاڻي، ’سنگسار‘ ۾ ھڪ ڌيءَ پنھنجي پيءُ ھٿان وڪجندي نظر اچي ٿي. ٻي ڪھاڻي ’ناگاساڪي‘ ۾ ھم جنس سان ناجائز رشتو ۽ ٻئي پاسي پنھنجي مڙس سان بغاوت ڪري سندس ئي پٽ سان غلط تعلقات رکڻ. ڪھاڻي ’پاروٿو گوشت‘عورت پنھنجي مڙس جي فرمانبرداري ڪندي ان جي اڳيان ئي تذليل جو شڪار بڻبي آھي. ڪھاڻي ’ديوارون‘ ۾ هڪ طوائف شريفن جي پاڙي ۾ رھڻ ڪري پنھنجو پاڻ کي شريف زادي چورائيندي آھي. . . !!!

پاروٿو گوشت: ھن ڪھاڻيءَ ۾ حويلين ۾ ٿيندڙ انهن رسمن رواجن جي عڪاسي ڪيل آھي، جيڪي صدين کان نسل درنسل ھلندا پيا اچن. ڪھڙيءَ ريت حويلين اندر مرشد پنھنجي ٻانهين کي حوس جو نشانو بڻائيندا آھن ۽ انهن ٻانهين مان ڪنھن ۾ به ايتري ھمٿ ناھي ھوندي ته کين جواب ڏيئي سگهي. ھيءَ ڪھاڻي به ھڪ اھڙي مرشد جي آھي، جنھن جي گهر ۾ ڪابه اھڙي ٻانهي نه ھوندي جنھن سان ھن جنسي ميلاپ نه رکيو ھجي. ڪجهه ڏينھن کان حويلي ۾ نئين ٻانيءَ آيل ھئي، اوچتو ھن جي نظر پئجيو وڃي، سندس جسم ۾ باھه ڀڙڪي پوي ٿي. ان ٻانھي جي سونھن کيس مدھوش ڪري ڇڏي ٿي، پوءِ ته ان نئين شڪار ڪرڻ جي جستجوءَ ۾ لڳي وڃي ٿو. ھر لمحي اھو سوچيندو رھي ٿو ته ڪنھن وقت ھوءَ اڪيلي نظر اچي وڃي. ھڪ دفعي هوءَ کيس اڪيلي نظر اچي وڃي ٿي، پر ٻي ٻانهي کيس ڀڄائي وڃي ٿي. ھڪ ڏينھن ماءُ جو پاسو وٺي پڇا ڪري ٿو ته: ’امان ھيءَ ڪير آھي؟‘، ماءُ کيس سمجهي وڃي ٿي ۽ ٻڌائي ٿي ته کدوءَ جي زال آھي. جيڪو ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل نوڪري نڀائي پيو.

نورالھديٰ شاھه لکي ٿي:

”حويلي ۾ ته ڪابه اھڙي پرڻيل ڪانه ھئي جنھن جي بدن جو افتتاح ڪنواري ھوندي ئي حويلي جي ڪنھن سائين يا مرشد نه ڪيو ھجي. اھا ريت وڏن کان ھلندي ٿي آئي“(6).

اُن مرشد جي دل بيقرار ٿي وڃي ٿي، ٻانهيءَ کي ھٿ ڪرڻ جي جستجو ۾ ننڊ ئي ڦٽي ٿي وڃيس. ان ڪيفيت کي ليکڪا ھن طرح بيان ڪيو آھي:

”ھڪ ڏينھن ننڍو سائين حويليءَ ۾ اندرئين پاسي کان آيو ماڻس جي ڪمري ۾ وڄ پئي وراڪا ڏنا. وڄ جا چمڪاٽ ڏسي ھو به ماڻس جي ڪمري ۾ ھليو آيو. ھن کي ڏسي ننڍي سائينءَ جي اکين ۾ بجليون ڀرجي آيون. عورت جي بدن تي پوتي ويڙھيل نه ھجي ته قيامت جا آثار ويجها ٿي ويندا آھن غاليچي تي برش ڏيندي ھن جي بدن انيڪ روپ ٿي مٽايا، ڀانءِ انڊلٺ جا ست رنگ ڌرتيءَ تي لھي آيا ھجن“(7).

مرشد هن جي تاڙ ۾ ھوندو آھي ته ڪيئن به ڪري ان ٻانهيءَ کي ھٿ ڪرڻو آھي. اھا ڳالهه جڏھن ڇوڪري پنھنجي مڙس (کدوءَ) سان ڪري ٿي ته:

”سوٽ! ھڪ ڳالهه چوانءِ،“ آواز به لڙڪ گُهٽجڻ ڪري ڀرجي آيو ھئس، ”ڇاھي روئين ڇو پئي؟“ کدوءَ جي روئڻ تي ھوءَ سچ مچ سڏڪي پئي.

”آءُ ھاڻي حويلي ڪانه ويندس“ ھن ڄڻ فيصلو ڪري ڇڏيو.

”ڇو؟“ کدوءَ کي سندس اھو فيصلو ناگوار محسوس ٿيو ھو. ھوءَ نئين ھئي، پر ان جو مطلب اھو ته ڪونه ھو ته ھوءَ ايڏي وڏي بغاوت ڪري.

زال سڄي حقيقت ڪري ٻڌائيس ٿي. پھرين کدُو خاموش ٿي وڃي ٿو، پوءِ زال کي چوي ٿو ته: ”تون ننڍي سائين سان ائين ڪري چڱو نه ڪيو.“ ڊگهيءَ ماٺ کانپوءِ کدوءَ ڳالهايو. ڇوڪريءَ تي ڄڻ ڇپ ڪري پئي.

”ھو اسان جا پير مرشد آھن، اسان جو سڀڪجهه ھنن لاءِ ئي ته آھي“ ڪيڏي نه وفاداري ھئي کدوءَ جي لھجي ۾!

”توکي ڪابه غيرت ڪانھي؟“ ھوءَ حيران رھجي وئي. ھن ٻڌو ھو ته مرد ته ڏاڍا غيرتمند ٿيندا آھن. ٻنيءَ ۾ ونيءَ لاءِ ته ڪنڌ ڪپائي ڇڏيندا آھن. ھن کي کدوءَ کان نفرت محسوس ٿيڻ لڳي. ڀانءِ ھو ڪنيءَ ڪسيءَ جو ڪيڙو ھجي. (8)

سندس زال صفا انڪار ڪري ٿي ته ڌمڪيون ڏيڻ لڳيس ٿو ته اگر جي تون ننڍي سائينءَ جو چيو نه مڃيو ته مان توکي طلاق ڏيئي ڇڏيندس. اھڙي ڌمڪيءَ کانپوءِ ھن ڪھاڻيءَ جي عورت ڊڄي وڃي ٿي ۽ سندس چوڻ مطابق ھر روز رات جو ننڍي سائينءَ جي ڪمري ۾ ويندي ھئي ۽ واپسي تي کيس ٻه سئو رپيا ڏيئي روانو ڪندو ھئس. ائين ڪجهه ڏينھن ھلندو رھيو، نيٺ ان مرشد جي شاديءَ جون تياريون ٿيڻ لڳيون. انهن ڏينھن ۾ ھن کي مرشد ھٿ نه لاھيندو ھو ۽ پئسا به نه ڏيندو ھئس. کائنس مڙس کدو گهر اچڻ تي پڇا ڪرڻ لڳو ته ٻڌاءِ ننڍي سائينءَ ڇا ڏنو ٻڌاءِ؟ ھن بس ايترو چيو ته ” ننڍي سائين چيو آھي، مون کي تومان پاروٿي گوشت جي ڌپ ٿي اچي!“

ڪھاڻيڪاره ھن ڪھاڻيءَ ۾ انهن قدامت پسند گهراڻن جي عڪاسي ڪئي آھي، جنھن ۾ مرشد پنھنجي گهر جي ٻانهين تي ميري نظر رکي اڍنگو ورتاءُ ڪن ٿا، ڪيئن انهن جي عزت سان کيڏن ٿا ۽ ڪھڙيءَ طرح انهن کي مجبور ڪيو وڃي ٿو ۽ اھي بيوس ٿي پنھنجو پاڻ مرشدن کي ارپي ڇڏين ٿيون ۽ مرشد ھنن جي عزتن کي نيلام ڪندا رھن ٿا. نورالھديٰ شاھه ھڪ اھڙي ڪھاڻيڪاره آھي، جنھن سيد گهراڻي سان وابسته هئڻ باوجود ڪيترن بي ڪردار سيدن جا راز فاش ڪيا آھن.

ھن ڪھاڻي ۾ ليکڪا اھو ٻڌائڻ چاھي ٿي ته ڇا عورت ھڪ رانديڪو آھي، جو جنھن مھل ھنن جي دل چوي ان سان کيڏن ٿا ۽ جنھن مھل دل ڀرجي وڃي ته ان کي ٽوڙي ڇڏين ٿا. اھڙي ئي مدي خارج رسمن کي ٽوڙڻ لاءِ نورلھديٰ شاھه ھڪ قدم کنيو آھي ته جيستائين اسان جي سماج ۾ عورت جي جسمن سان کيڏڻ وارا ويٺا آھن تيستائين ھي سماج انهن گندين رسمن مان نڪري نه سگهندو ۽ اھڙي قسم جون بغاوتون ھر شھر، ھر شھر جي ھر گهر، ھر گهٽيءَ ۾ ٿينديون رھنديون.

سنگسار: ھن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ موالي جيڪو ٽن نياڻين جو پيءُ آھي، پر کيس پنھنجي ئي ڌيئرن کان ھميشه چڙ وٺندي اٿس، هو زال کان به ھميشه نفرت ڪري ٿو. اھو ان سبب’ سان ته ٽي ڌيئر پيدا ڪرڻ بجاءِ ھڪ پٽ ڇو نه پيدا ڪيئي؟ سندس زال مڙس جي بيروزگاريءَ سبب ڏاڍي پريشان ھوندي آھي. پاڙيوارن جا ڪپڙا سلائي ڪري گهر جو خرچ ھلائيندي آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن پيسا ملندا ھيس ته اھي به مڙس کڻي وڃي نشي تي کپائيندو اٿس. ڪڏھن وري پيسا نه ڏيندي ھيس ته مار به ڏيندو ھوس. اھڙي رويي مان تنگ ٿي ڪري اُها زال مڙس جي غيرموجودگيءَ ۾ هڪ غير مرد سان تعلق رکندي آھي. موالي جي زال وٽ جڏھن غيرمرد ايندو ھو ته سندس ڌيئرن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ورتيون ايندو ھو جيئن: چُوڙيون، گُڏيون، واليون وغيره. اھي شيون ھنن معصوم نياڻين کي گهڻيون وڻنديون ھيون ان ڪري کيس اھو مرد وڻندو ھو ۽ پيءُ جي سامھون ڪڇنديون ڪين ھيون. مڙس جي اڍنگي رويي مان تنگ ٿي ڪري زيبو ان غير مرد سليم سان گهر مان ڀڄي وڃي ٿي. اھا خبر جڏھن ھن موالي کي پوي ٿي ته زال جي ڪاوڙ معصوم ڌيئرن مان ڪڍي ٿو. ڳوٺ جا ماڻهو کيس ۽ سندس ڌيئرن کي ھر روز طعنا ڏيندا ھئا. انهن روز روز جي طعنن مان ۽ پنھنجي نشي جي ٻاڙ مان اچي تنگ ٿي ڪري نشو وڪرو ڪندڙ مولوءَ وٽ وڃي ٿو.

”جڏھن نڙيءَ مان ڪنڊا ۽ مولوءَ آڏو وات مان گگ ڳڙي پيس، ”ھڪڙو راڪيٽ مولو. الله قسم سڄي عمر دعا ڪندوسانءِ“ ٻئي ھٿ کڻي مولوءَ آڏو ٻڌائين. مولو ٽھڪ ڏيئي کلي پيو، ”دعائن جو ٻوڙ رڌيندس ڇا؟“.

سچي مولا علي جو قسم ٽڪو به نه اٿم کيسي ۾“. روئڻ ھارڪو ٿي پيو.

”ڇو جوڻين ڀڄي وئي ڇا؟“ مولو کلڻ لڳو، ھئڊا ڏند ڪڍي.

”ھا يار ڀڄي وئي“ نشي جي لالچ ۾ ڪڻس غيرت به نه آئي.

”اڃا مال اٿئي کيسي ۾“. مولوءَ اک ڀڳي.

”ڪٿي يار، اھڙو نصيب ڪٿي؟“ ھن ٿڌو ساھه ڀريو. سندس ڳالهه تي مولو ڀوت جيان ڏيئي.

”آءُ ٻڌايانءِ“ کلندي کلندي چيائين.

”ٻڌاءِ“ سندس اکيون به اميد ۾ جرڪڻ لڳيون، جيتوڻيڪ نشي جي طلب سندس سنڌ ٽوڙي ڇڏيا ھئا.

”ٻڌو اٿم تو وارين ٽن ٻيرين مان ھڪ پچي وئي آھي“. مولوءَ جي اکين ۾ گندگي ڀرجي آئي. (9)

موالي گهر اچي ان مھل ئي ڌيءُ کي وٺي وڃي ٿو. بلقيس ماني جو ٻڌي اٿي کڙي ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ننڍيون ڀيڻيون ڪيترن ئي ڏينھن کان بکايل ھيون ماءُ به ڇڏي ھلي ويئي ھين. ان رات ھوءَ مولوءَ وٽ وئي، پنجاھه رپين جي عيوض ھڪ پيءُ ننڍڙي معصوم ڌيءَ کي ھڪ رات ۾ عورت بڻائي ڇڏيو. پيءُ آڏو آئي ته سامھون ٻارھن سالن جي ننڍڙي بلقيس نه پر زيبوءَ جھڙي عورت ويٺل ھئي. اھڙي عورت جنھن جو پيٽ ته ڀريل ھجي پر جسم جو ھڪ ھڪ عضوو لٽيل ھجي. بلقيس ھڪ رات ۾ چند ڪبابن جي حصول لاءِ معصوم ڇوڪري مان عورت بڻجڻ جو سفر ڪري چڪي ھئي. ھن معصوم ھڪ رات ۾ زندگي جا سمورا تجربا ڪرا ورتا ھئا. سندس گهر اچڻ تي ڀينرون اچن ٿيون.

”ادي تون ڪيڏانھن وئي ھئيئن؟“ ھڪ ڀيڻ پڇيس. ھوءَ ڄڻ ڌرتي جي پاتال مان نڪري آئي.

”ڪيڏانھن وئي ھئينءَ؟“ ٻيءَ پڇيو، پر سندس چپ نه کليا.

”تون رات ماني کاڌي ھئي ادي؟“ ڀيڻس ڄڻ ڦٽن تي مرچ ٻرڪي ڇڏيا. سندس اندر ۾ ڄڻ طوفان اچي ويو.

”تو رات ماني کاڌي ھئي؟“ ڀيڻس وري پڇيو. ھن ھائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيو، پر چپ رھي.

”ڇا کاڌو ھيئي ادي؟“ ھنن ٻنھي جي اکين ۾ رشڪ ۽ حسرت جا پاڇولا ليئا پائڻ لڳا.

”ڪباب“ ھن جي اندر مان سڏڪو اڀريو.

”ڪباب!!“ ھنن ٻنھي جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ”اسان ته ڪجهه نه کاڌو ھو ادي.“ ھنن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.

تون اڄ رات جو به ڪباب کائڻ ويندينءَ؟“ ھنن پڇيو. ھن ھائوڪار ۾
ڪنڌ ڌوڻيو.

اسان کي به وٺي ھلجانءِ ادي. اسين به ڪباب کائينديوسين. “ ھنن جي انهيءَ ڳالهه ھن جي اندر ۾ عذاب ڀري ڇڏيو. ھوءَ ڇرڪي پئي. اکيون کڻي ڏٺائين ڪڻس ائين لڳو ڄڻ سندس ٻئي ڀينرون عورتون بڻجي ويون ھجن. ھڪڙيءَ رات ۾ عورت بڻجڻ واريون عورتون. !(10)

ھيءَ ڪاوڙ ۾ اٿي ٿي کيس گاسليٽ وٺي اچي، اندران ڪمرو بند ڪري گاسليٽ ھاريو ڇڏي. ڀينرون پڇن ٿيون ته ”ادي ڇا ٿي ڪرين؟“ ۽ هوءَ تيلي ٻاري ٿي! پوءِ بند ڪمرو ھيو ۽ باھه ۾ سڙندڙ نياڻيون. . .

ھن ڪھاڻيءَ ۾ به ھڪ قسم جي بغاوت آھي. نورالھديٰ شاھه ھن ڪھاڻي ذريعي اڄ جي سماج جي منظرڪشي ڪئي آھي، جو جنھن جي ڏسڻ سان ھر مرد شرمنده ٿيندو ھوندو. مولوءَ جي روپ ۾ ھڪ مرد عورت کي لڄايو آھي. ليکڪا ھن ڪھاڻيءَ ۾ بلقيس جي ڪردار ۾ جيڪو ڏک، تڪليف ۽ پيڙا ڏيکاري آھي. جيڪا بغاوت ڏيکاري آھي، اھڙي قسم جا باغي خيال اسان کي ٻي ڪنھن ڪھاڻيڪار جي ڪھاڻين ۾ گهٽ نظر اچن ٿا. . .

نورلھديٰ شاھه اھو ٿي ڏيکاري ته بلقيس صدين جو سفر طئه ڪري جڏھن اچي ٿي ان کان بعد ھن معصوم جي دل ۾ ھڪ طوفان متل آھي. ھيءَ معصوم نياڻي بيوس آھي. ھن وٽ طاقت ناھي ۽ بيوس ماڻهو ٻئي کي نه بلڪه پاڻ کي نقصان پھچائيندو آھي. بلقيس پاڻ سميت پنھنجي ڀينرن کي ساڙي خاڪ ڪري ھن سماج کان انتقام ورتو آھي. جنھن ھن جي روح کي مروڙيو ھو ھن اھڙي دنيا ۾ رھڻ کان نابري واري جنھن ھن جي اندر کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيو. بلقيس اھڙي زندگيءَ کان احتجاجن بغاوت ڪري ٿي، ته مون ڪھڙو گناھه ڪيو جو منھنجي عزت نيلام ڪئي وئي، ڪير به نه ھو جيڪو منھنجا زخم ڀري ھا. . . !!!

اگر سماج ۾ اھي ئي حالتون رھيون ته اھڙي قسم جون بغاوتون ٿينديون رھنديون ۽ بيگناھه وحشي درندا معصوم نياڻين جي جسمن کي لٽيندا رھندا.

شريف زادي: ھيءَ ڪھاڻي ھڪ سيد گهراڻي جي عورت جي آھي. ھن ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار فردوس (بيبي سڳوري) جو آھي. جنھن جو مڱڻو ننڍپڻ کان وٺي پنھنجي سوٽ احمد سان ٿيل ھئي. جنھن مان کيس ٻار به ٿي ويو ھيس، پر پوءِ ھڪ ڏينھن اھڙو خط اچي پھتو، جنھن بيبي سانئڻ کي اداسين جي پاتال ڏانھن ڌڪي ڇڏيو. خط ۾ احمد لکيو ته مان ھتي پرڏيھه ۾ شادي ڪري ڇڏي آھي ۽ ھاڻي مان فردوس کي به آزاد ٿو ڪريان. اھو خط سندس پيءُ کي ڏيکاريو ويو ته ان کيس لکي موڪليو ته ڇا ٿيو جي احمد شادي ڪئي آھي ته مرد ته ٻه ٻه شاديون ڪندا آھن ۽ فردوس توھان جي نالي ٿيل آھي، جڏھن تون ھتي آئين ته ھي به شادي ڪجانءِ. ھيڏانھن فردوس زندگيءَ مان مايوس ٿي ڪمري ۾ روئندي رھي. ھڪ ڏينھن پنھنجي نوڪرياڻي زيبوءَ سان گڏجي مُنڊي وٺڻ لاءِ هڪ دڪان تي وئي ته اتي موجود نوجوان ھن کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار اڇلايو جنھن ۾ ھيءَ ڦاٿي، پوءِ ته سندس ملاقاتون دڪان جي لڪيل تھه خاني ۾ ۽ مختلف دوستن جي جاين تي ٿيڻ لڳيون. سليم تڏھن ھٿ ڪڍيس جڏھن فردوس شاديءَ لاءِ آڇ ڪيس.

ھڪ ڏينھن سليم جي ڪلھي تي مٿو رکندي چيائين، ”مون سان شادي ڪندين؟“ ۽ ھو ڇرڪي پيو.

”تنھنجا مائٽ وڏا ماڻهو آھن، فردوس. مون کي تنھنجو سڱ ڪڏھن به ڪونه ڏيندا“ بھانو ڪيائين.

”پاڻ لڪي شادي ڪنداسون.“ ھن جي ڳالهه ٻڌي سليم جو منھن ھئڊو پئجي ويو. ھن ڪنھن به ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ نه ٿي چاهي. ھن جي پنھنجي زال ھئي، بيحد خوبصورت ۽ بيحد پياري، سندس ٻه پٽ به ھئا. فردوس ۽ ٻيون انيڪ ھن جي زندگي ۾ آيون ۽ ھليون ويون. ھو تجربيڪار رانديگر ھو.

”پنھنجي شادي جائز ڪونهي. “

”ڪوڙ ڇوٿو چوين. “

”سچي، قرآن ۽ حديث کولي ڏس. “ ھن قرآن ۽ حديث جو ڪوڙو حوالو ڏنو. فردوس مان جان ڇڏائڻ لاءِ ۽ ھوءَ چپ ٿي وئي. موت جي تنھا احساس جيان اھا ماٺ ھن جي من ۾ دور دور تائين زھر جيئان پڪڙجي وئي. (11)

ڪھاڻيڪاره ھن ڪھاڻيءَ ۾ احمد جي اندر لڪل چور کي ظاھر ڪري ٿي. احمد ھن کي خوبصورت خواب ڏيکاري، شاديءَ جو آسرو ڏيئي سان جنسي تعلق رکندو ھو، پوءِ ھن سان ويساھه گهاتي ڪري ٿو ۽ ٻاهر وڃي ٻي شادي ڪري کيس نظرانداز ڪري ٿو. نورالھديٰ شاھه احمد جي ڪردار جي وسيلي ھن معاشري جي لاءِ ھڪ پيغام ڇڏيو آھي ته شاديءَ کان اڳ اھڙي ناٽڪي نوجوانن جي ڄار ۾ نه ڦاسجو جيڪي ڪم ڪڍي پوءِ ڦٽو ڪري ڇڏين. فردوس به احمد جي ڇڏڻ ڪري بغاوت ڪري ٿي ته جڏھن ھي مون کي ڇڏي ٻئي ڪنھن سان بغاوت ڪري سگهي ٿو ته پوءِ مان ڇو نه ٿي ڪري سگهان؟ احمد ڪري ته اھو ھڪ مرد آھي، ھڪ کان وڌيڪ عورتون رکي سگهي ٿو؟ اگر مان ڪيان ٿي ته سماج جي نظرن ۾ خراب آھيان؟

ڪھاڻيڪاره سماج ۾ رھندڙ اھڙن ڀائرن ۽ پيءُ کي وائکو ڪيو آھي جيڪي خود پنھنجي نياڻين جي فطري خواھشن جا قاتل ھوندا آھن. جيڪڏھن ھو پنھنجي ڀيڻ يا ڌيءَ جي جائز حقن جو خيال ڪن ھا ته فردوس جھڙي ھڪ عورت ائين ڀٽڪي رلي نه ھا. . . ھن ڪھاڻيءَ جي عورت پنھنجي مڱيندي، پيءُ ۽ ڀائرن سان بغاوت ڪري ٿي.

ديوارون: ھيءَ ڪھاڻي ان عورت جي آھي، جيڪا پنھنجي جسم جو سودو ڪري گذرسفر ڪندي آھي، جنھن کي اڄ جي سماج ۾ ”رنڊي“ چيو ويندو آھي. فرق صرف ايترو آھي ته ھن عورت جو گهر شريفن جي پاڙي جي وچ ۾ آھي. سندس گهر جي چؤطرف شريفن جا گهر آھن. انهن جو ڀتيون ھن (نسيمه) جي گهر کان وڏيون آھن، نسيمه جي گهر جو اڱڻ سڀني کي ڏسڻ ۾ ايندو آھي. هڪ دفعي نسيمه ڪنھن گراھڪ جي ٻانھُن ۾ ھوندي آھي ڇا ڏسي ته سامھون گهر مان ھڪ دري کلي ٿي، جنھن مان ھن کي ڪير بيھي ڏسندو آھي. ھڪ رات نسيمه جيئن ئي اڱڻ تي آئي ته سامھون واري گهر جي دري ۾ ڪو مرد وڃي رھيو ھو، نسيمه ڏٺو ته اھو عالم ھو، جيڪو ڪالهه رات ھن وٽ ھو. وري ٻئي ڏينھن عالم ھن وٽ آيو نسيمه کائنس پڇيو ته ”رات ڪٿي ھئين؟“ چيائين ته، ”ھوءَ شريف زادي آھي. “ ان تي نسيمه چوڻ لڳي ته، ”تڏھن رات جي اونداھي ۾ توسان ملي ٿي؟“ ان تي نسيمه وڏي آواز ۾ چوڻ لڳي ته ”ھوءَ به رنڊي آھي.“
اتي نسيمه جو آواز اُوچو ٿي وڃي ٿو ۽ سوچڻ لڳي ٿي ته آءُ به شريف زادي آھيان، شريفن جي پاڙي جي لڄ.

”ٻئي ڏينھن عالم سدائين جيان نوٽن جي دستي کڻي آيو نسيمه جي بدن ۾ باھه ٻرڻ لڳي، عالم ڏانھن گهور ڪري چيائين، ”رات گهڻي قيمت ڏنئي؟“

”ڪنھن کي؟“ عالم ڇرڪي پيو.

”جنھن ڏانھن ويو ھئين. “

عالم ڦڪي کل کلڻ لڳو، ڪجهه سوچي پوءِ چيائين، ”تو ڏسي ورتو!“

”رنڊيءَ جون نظرون تيز ھونديون آھن، عالم. “

”ھوءَ تمام شريف ڇوڪري آھي، نسيمه!!“

”قيمت گهڻي ڏنئي؟“ نسيمه حقارت سان چيو.

”چيم نه ته ھوءَ تمام شريف ڇوڪري آھي. “

”آئون رنڊي آھيان، انهيءَ ڪري منھنجو مُلهه آھي. ھوءَ شريف زادي آھي، ان ڪري املھه آھي!“(12)

ھڪ رات نسيمه ڏٺو ته اھا ئي شريف زادي گهر کان ڀڄي وڃي ٿي ۽ نسيمه سوچڻ لڳي ٿي ته ھاڻي ڇا ٿيندو؟ اھو ئي جيڪو شريفن جي پاڙي ۾ ٿيندو آھي. بس فرق ايترو آھي ته ھڪ چڪلو سڏائبو آھي، ته ٻيو شريفن جو پاڙو. ٻئي ڏينھن ان گهر ۾ گوڙ ھيو جتان ڇوڪري نڪري وئي.

ھن ڪھاڻيءَ ۾ نورالھديٰ شاھه ٻن قسمن جي عورتن جي زندگي ۽ ٻن قسمن جي گهرن جي رھڻي ڪھڻيءَ جو عڪس چٽيو آھي. ھڪ طرف نسيمه آھي، ٻئي طرف شريف زادي آھي. ھڪ طرف وڏين ديوارن وارو گهر آھي، ٻئي طرف نسيمه جو گهر آھي. جيڪو رنڊيءَ جو چڪلو سڏيو ويندو آھي. ٻنھي گهرن جي عورتن ۾ فرق صرف ايترو آھي جو شريف گهر جي ڇوڪري اھو ڪم لڪي ڇپي ڪري ٿي ۽ ٻئي طرف اھو ئي ساڳيو ڪم نسيمه الاعلان ڪري ٿي. ھن کي اھو ڪم ڪرڻ لاءِ رات جي اونداھيءَ جي ضرورت نٿي پوي ۽ نه ئي لڪي ڪرڻ جي. ڪھاڻيڪاره نسيمه جي ڪردار ۾ ٻڌائي ٿي ته ھڪ عورت جيڪا شريفن جي پاڙي ۾ رھڻ سان اھو سوچيندي رھندي ھئي ته مان غلط ڪري رھي آھيان، هُن کي پنھنجو ڌنڌو ڪندي خوف محسوس ٿيندو ھو ته شريفن جو پاڙو آھي، ڇا چوندا؟ پر جڏھن انهن جي گهرن جون عورتون رات جي انڌيري ۾ پراون مردن سان ملن ٿيون ته اتي ڪير ڪجهه نٿو چوي. اگر اھو ئي ڪم مان ڪنھن کان ڊڄڻ جي بنا ڪيان ٿي ته رنڊي سڏرائجان ٿي؟ ھڪ ئي مرد جيڪو ڏينھن جو مون وٽ اچي وري رات جي انڌيري ۾ اھو ساڳيو ئي مرد ان شريف زادي وٽ وڃي ٿو، اتي ڪوئي ڪجهه ڪونه ٿو چوي؟ نسيمه بغاوت مان چوي ٿي ته مان به ”شريف زادي آھيان!“

ھن ڪھاڻيءَ ۾ معاشري لاءِ ھڪ پيغام آھي ته گهرن جون ڀتيون وڏيون ڪرائڻ سان ڪوئي شريف ناھي ٿي ويندو، پر اصل ۾ انساني سوچ ئي ھوندي آھي، جيڪا ماڻهوءَ کي تبديل ڪندي آھي. پنھنجو اندر، پنھنجو من ميرو ٿيڻ نه ڏيو، ڀل پوءِ توھان جي گهرن جون ديوارون ننڍيون ئي ڇونه ھجن، پنھنجي اندر مان ذھني اگهاڙپ جي پاڙ پٽي اڇلايو . . .

نتيجو

مجموعي طور نورالھديٰ شاهه جي ڪھاڻين جا موضوع سماج جي ڪڌين رسمن رواجن سان بغاوت تي مبني آهن. خاص ڪري عورتن سان متڀيد وارا رويا جيڪي عورتن کي بغاوت تي مجبور ڪن ٿا، اهي پھلو سندس ڪھاڻين ۾ نمايان آهن. نورالھديٰ شاهه کي بيباڪ ڪھاڻيڪارا سڏيو وڃي ٿو، سندس ڪھاڻين جا ڊائلاگ پڻ چُڀندڙ ۽ بيباڪيءَ سان لکيل آهن.

 

 

حوالا

  1. شاھه، نورالھديٰ، ”جلاوطن“، (مھاڳ) نيوفيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد، سنڌ، ڇاپو ڇھون، جولاءِ 1998ع، ص (12).
  2. شاھه، نورالھديٰ، ”جلاوطن“، (مھاڳ) نيوفيلڊس پبليڪيشن ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد، سنڌ، ڇاپو ڇھون، جولاءِ 1998ع، ص (13).
  3. ميمڻ، عبدالغفور، ”سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر“، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ، چاپو ٻيو، اپريل 2017ع، ص (493).
  4. شاھه، نورالھديٰ، ”ڪيڏارو(ڪھاڻي ڪليات)“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ، ڇاپو ٻيو 2014ع، ص (460).
  5. ايضًا، ص (15).
  6. ايضًا، ص (14).
  7. ايضًا، ص (17).
  8. ايضًا، ص (26).
  9. ايضًا، ص (30).
  10. ايضًا، ص (45).
  11. ايضًا، ص (78).
250 ڀيرا پڙهيو ويو