سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ شاعري-مختصر جائزو (1926ع __ 2022ع)
(A Brief Review of Sindhi Poetry for children)

اياز گل

Abstract

IN every society of the world, along with the physical upbringing of children, their mental training is also taken special care. In order to consider children’s mental development and training, special attention is paid to creation of literature in each Language and special efforts are taken for it’s promotion and improvement.

All nations in the world, who have realized the importance of children’s Literature have paid attention to its development. The Literature of other Language have also become rich and wide. Although children’s Literature seems simple in terms of it’s content, but its importance is never less than other Literature, because children’s Literature plays a big role in developing their personality.

The beginning of children’s Literature in Sindhi was from the period of British. The Series of children’s books and writings in Sindhi are found sufficiently, and it continues even today in different ways, including text books, translations and creation.

Sindhi poets also played an important role in meeting the lack of children’s literature. In this respect daily newspapers, monthly magazines, such institutions along with social organizations also played their role, particularly in poetry. In this overview, the literary work, specially in Children’s poetry is focussed in this article.

Keywords: Sindhi Children, Poetry, Literary Institutes & orgnanizations, Children’s Literature, Fables, Fairy Tales.

عام چَوڻي آهي ته ’ٻارُ آئيندي جو اَبو آهي!‘ ٻين لفظن ۾ ٻارُ نه رُڳو خوشحال آئيندي جي علامت آهي، پر هُو انسان ۽ ڪائنات جي بقاءَ جي علامت پڻ آهي. هاڻي جي انسان پاڻ کي ۽ پنھنجي چوڌاري ڦھليل رنگن ۽ رُوپن کي سلامت رکڻ جو خواهشمند آهي ته کيس ’ٻارَ‘ جي سُکَ ۽ سلامتيءَ لاءِ هر قسم جا جتن ڪرڻا پوندا. ٻارُ جيئن ته اسان جو آئيندو آهي، ان لاءِ سندس جيونَ جي جهولَ ۾ اسان جيڪي وجهنداسين، اڳتي هلي اُهوئي اسان کي موٽي مِلندو، پوءِ اُهي گُلَ هجن يا ڪنڊا، مُرڪَ هجي يا لُڙڪ، ساوَڪ هجي يا سوڪَھڙو!

مشھور انگريزي اديبُ ۽ شاعرُ ورڊس وَرٿ (wordsworth) چيو آهي ته:

”ٻارُ انسان جو ابو آهي! ٻار، سڌو جنت مان اچي ٿو، هُو پاڻ سان گڏ سُڪون، خوشي، ايمانداري، نيڪي ۽ پيارُ کڻي اَچي ٿو. ٻارَ جي دل، ماڪَ ڦُڙي وانگر شفاف ۽ پاڪ آهي.“ (1)

ان ڪري، اسان کي پنھنجي ٻارن جي شفاف ۽ پاڪ دِليُن ۽ ذهنن تي صحيح تربيت ۽ تعليم وسيلي اهڙا نقش چِٽڻ گُهرجن، جيئن اڳتي هلي اُهي پنھنجي ۽ انسان جي آئيندي سنوارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. مستقبل جي نئين، ڪارائتي ۽ صحتمند انسان پئدا ڪرڻ لاءِ ٻارن کي بھتر تربيت، تعليم، وِندُر ۽ ادب پئدا ڪري ڏيڻ جي وڏي ضرورت آهي. ٻارن جي جسماني ۽ ذهني تربيت ۽ واڌاري لاءِ گهر، اسڪول، رانديُن جا ميدانَ ۽ لائبريريون اهم ادارا آهن. گهرَ ۾ ٻارَ، ماءُ ۽ پيءُ جي تربيت هيٺ رهي، اُٿي ويٺي جا آداب سِکندا آهن، اسڪول ۾ علم ۽ ذهانتَ حاصل ڪندا آهن، رانديُن جي ميدانَ ۾ جسماني سگهَه ۽ تازگي حاصل ڪرڻ سان گڏُ تنظيمي گُڻ به سِکندا آهن. هڪ جيڏن سان لاڳاپا ۽ دوستيون وڌائيندا آهن، پر ادب جو مطالعو ۽ لائبريريُن جو اڀياس، ٻارَ ۾ آزاد سوچون ۽ خيال پيدا ڪندو آهي.

دنيا جي هر معاشري ۾ ٻارن جي جسماني پرورش سان گڏ، سندن ذهني تربيت جو به خاص خيال رکيو ويندو آهي. ٻارن جي حوالي سان سندن ذهني اوسر ۽ تربيت کي نظر ۾ رکندي، هر ٻوليءَ جي ادب جي تخليق ڏي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو ۽ اُن جي واڌاري ۽ سُڌاري لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ٿيون. دنيا ۾ جن به قومن ’ٻاراڻي ادب‘ جي اهميت محسوس ڪري، اُن جي ترقيءَ طرف ڌيان ڏنو آهي، اُتان جي ٻوليُن جو ٻيو ادب به شاهوڪار ۽ وسيع بڻجي ويو آهي. ٻاراڻو ادب جيتوڻيڪ پنھنجي مواد جي حوالي سان سادو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر سندس اهميت، ٻئي ادب کان ڪنھن به صورت ۾ گهٽ نه هوندي آهي، ڇو ته ٻاراڻو ادب، مستقبل جي نئين ۽ آزاد انسان پئدا ڪرڻ ۾ وڏو مددگار ثابت ٿيندو آهي. اها حقيقت آهي ته قومن جي تھذيبي ۽ اخلاقي ترقيءَ ۾ ادب جو وڏو ڪردار هوندو آهي. ٻاراڻي ادب جو ان لحاظ کان به وڏو مقام جُڙي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻارن جي تھذيبي ۽ اخلاقي ترقي مان ڪنھن قوم جي اخلاق ۽ مھذب هئڻ جو پَتو لڳائي سگهجي ٿو، ان ڪري ترقي يافته يا ترقي پذير قومن جي ادب ۾، ٻاراڻي ادب کي پيڙهه واري حيثيت حاصل آهي، ڇو ته ٻارن کي جيڪڏهن ننڍپڻ ۾ ئي ادب سان دلچسپي هوندي ته، اُها وڏي هوندي به برقرار رهندي.

ٻاراڻي ادب بابت هڪ غلط تاثر عام آهي، ته ٻارن جا ليکڪ يا ٻاراڻو ادب تخليق ڪندڙ اديبَ، وڏا اديب شمار ٿي نه ٿا سگهن، جيڪا ڳالهه سراسر غلط آهي. دنيا جي تمام گهڻن ناموَر اديبن ٻارن لاءِ ادب تخليق ڪيو آهي، جنھن سان نه سندن حيثيت گهٽي آهي، نه ئي سندن وقارَ ۽ شھرت کي ڪو ڇِيهو رَسو آهي. ورڊس ورٿ، ٽئگور، شرت چندر چئٽرجي، مرزا قليچ بيگ، ڪشنچند بيوس ۽ گجراتي ٻوليءَ جي عظيم اديب گجو ڀائيءَ ۽ ٻين ڪيترن ناميارن اديبن ۽ شاعرن ٻارن لاءِ تمام گهڻو ادب سَرجيو آهي. سُڌريل ملڪن ۾ ٻاراڻي ادب جي واڌاري تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو.

انسائيڪلوپيڊيا برٽينڪا ٻارن جي ادب جي تشريح هن ريت ڪئي آهي:

children’s literature, Body of written works produced to entertain or instruct young people. The genre encompasses a wide range of works, including acknowledged classics of world literature, picture books and easy-to-read stories, and fairy tales, lullabies, fables, folk songs, and other, primarily orally transmitted, materials. It emerged as a distinct and independent form only in the second half of the 18th century and blossomed in the 19th century. In the 20th century, with the attainment of near-universal literacy in most developed nations, the diversity in children’s books came almost to rival that of adult popular literature.(2)

سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب جي شروعات، انگريزن جي دؤر کان ٿي. ان سلسلي ۾ پھريون ڪتاب ننديرام ميرچنداڻيءَ جو ٻارن لاءِ لکيل، درسي ڪتاب ’بابنامو‘ هيو، جيڪو 1853ع ۾ ڇپيو، جيتوڻيڪ هيءُ هڪ درسي ڪتاب هيو، پر تڏهن به ٻاراڻي ادب ۾ سندس اَهميت پيڙهه جي پٿرَ واري آهي. ان کان به اڳ 1849ع ڇپيل منشي اُڌارام ٿانورداس جي ’آکاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي‘ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ’سنڌي گرامر‘ جي ضميمي ۾ شامل ڪئي هئي.

1953ع ۾ سر بارٽل فريئر جي ڪمشنريءَ واري دؤر ۾ جڏهن سنڌي صورتخطي تيار ٿي ته، سنڌي ادب ۾ ٻاراڻن ڪتابن ۽ ٻارن لاءِ لکڻين جو سلسلو به هلي پيو، جن ۾ درسي ڪتابَ، ترجما ۽ تخليقون شامل آهن. انهن ڪتابن ۾ 1954ع ۾ ننديرام ۽ ايلس جون ترجمو ڪيل ”ايسپ جون آکاڻيون“، 1955ع ۾ ميران محمد شاهه اول جو،
’سڌا تُورو ۽ ڪڌا تُورو‘ (جنھن جو خيال ورتل آهي) پوءِ مرزا قليچ بيگ جا ٻارن لاءِ ترجمو ڪيل ۽ لکيل بيشمار ڪتابَ، خاص اهميت رکن ٿا. انگريزن جي دؤر ۾ جيتوڻيڪ ٻارن لاءِ نثري ڪتابن ۾ لکڻين جو ڳاڻيٽو جَجهو رهيو، پر نظم جي ڪتابن جي شديد کوٽ رهي، جو اها مڃيل حقيقت آهي ته نثر کان نظم وڌيڪ اَثرائتو ٿئي ٿو. خاص طور تي ننڍڙن ٻارن کي ته بيتَ ۽ گيتَ ڏاڍا وڻندا آهن. منجهن آيل حقيقتون ۽ نصيحتون ٻارن جي دل ۽ دماغ تي گَھرو اثر ڇڏينديون آهن ۽ اُهي ٻارن کي پڙهڻ، جهونگارڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ سؤلا ٿيندا آهن. ورهاڱي کان اڳ واري دؤر ۾، اسان کي ٻارن جي درسي ڪتابن ۾، جن شاعرن جا گيتَ، نظمَ ۽ بيتَ ملن ٿا، تن ۾ مرزا قليچ بيگ، محمد صديق مسافر، ڪشنچند بيوس، ليکراج عزيز، ڀيرومل مھرچند، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، جُمع خان غريب، هُوندراج دُکايل، پَرسرام ضياء ۽ هري دلگير جا نالا بي حد اهم آهن. درسي ڪتابن جي اَهميت کي آڏو رکي، انهن ذڪر ڪيل سُجاڳ ذهن شاعرن جا لکيل بيتَ، گيتَ ۽ نظمَ ٻارن ۾ بي حد مقبول ٿيا ۽ اڄ تائين رهندا پيا اچن. ان ڏِس ۾ ڪشنچند بيوس جو نالو خاص طور تي ذڪر لائق آهي، جنھن جديد سنڌي شاعريءَ کي نئون موڙ ڏِنو. ان ڪارنامي ۾ سندس ٻاراڻي شاعريءَ جو وڏو ڪردار آهي، هُن ٻارن جي درسي ضرورت لاءِ، محمد صديق مسافر سان گڏُ ٻه ڪتابَ ترتيب ڏنا. (1) ڦُولداني، ۽ (2) سِپون، انهن ڪتابن ۾ ٻارن جي مطالعي لاءِ ٻارن جي مِزاجَ مطابق ٻاراڻا شعرَ ڏنا آهن. ڪشنچند بيوس جو مجموعو، ’شيرين شعر‘ 1929ع ۾ شايع ٿيو، جنھن ۾ 43 ٻاراڻا گيتَ ۽ نظمَ موجود آهن، ان کان سواءِ ڪشنچند بيوس ۽ هري دلگير جو ڪتابُ ’مؤجي گيتَ‘ (ٻاراڻن گيتن ۽ نظمن جو مجموعو) 1935ع ۾ شايع ٿيو، جنھن ۾ بيوس جا 15 ۽ هري دلگيرَ جا 4 گيتَ ۽ نظم شامل آهن.

ورهاڱي کان پوءِ واري دؤر ۾ به، درسي ڪتابن، ڪجهه ٻاراڻن رسالن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ ڪجهه شاعرن جا، ٻارن لاءِ لکيل نظم، گيت ۽ ٻولَ شايع ٿيندا رهيا، پر اُهي هڪ جاءِ تي ڪتابي صورت ۾ سھيڙجي نه سگهيا، (ڪجهه شاعرن جا هاڻي ويجهڙائيءَ واري دؤر ۾ شايع ٿيا آهن.) انهن شاعرن ۾ مرزا قليچ بيگ، ڪشنچند بيوس، ڪاڪي ڀيرو مل، سليم ڳاڙهوي، الطاف عباسي، استاد بخاري، نثار بزمي، نادم بچل شاهي، بردي سنڌي، رشيد احمد لاشاري، احمد خان، آصف مصراڻي، تنوير عباسي، امداد حسيني ۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا. حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته، 1947ع کان 1974ع تائينءَ واري 27 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ هتي سنڌُ ۾ ٻارن لاءِ ٻولن ۽ گيتن جو ڪوبه ڪتاب شايع نه ٿيو آهي.

73-1974ع کان پوءِ واري دؤر ۾ بھرحال، ان ماٺ ۾ چُرپُر پئدا ٿي ۽ ٻارن لاءِ گيتن ۽ نظمن تي مشتمل ڪتابن ڇپجڻ جي شروعات ٿي، پر اها رفتارَ به اطمينان جوڳي نه هئي. سنڌُ ۾ ٻاراڻي ادب ۽ شاعريءَ کي اَڻھوند واري حالت مان ڪڍڻ ۾ روزاني اخبارن، ادارن ۽ تنظيمن اهم ڪردار ادا ڪيو.  ورهاڱي کانپوءِ 1951ع ڌاري ’بزم گلستان‘ جو قيام ٿيو.

”سنڌ ۾ ٻارن جي پھرين علمي ادبي تنطيم ’ٻالڪن جي ٻاري‘ هئي، جنھن جو قيام ددا شيوڪ ڀوڄراج 1923ع ۾ عمل آندو. ان کي باقاعدي تنظيمي شڪل آڪٽوبر 1926ع ۾ ڏني وئي. پھريون ڀيرو سنڌ جي ٻارن کي هڪ مضبوط علمي ۽ ادبي پليٽفارم مھيا ٿيو.“ هن تنظيم جي مرڪزي آفيس هن وقت ويسٽ ممبئي ۾ آهي. (3)

’بزم گلستان‘ نالي ٻارن جي هن تنظيم جو قيام حيدرآباد ۾ 1951ع ڌاري ٿيو ۽ غلام مرتضيٰ ڀٽي ۽ مقبولڀ ٽي هن تنظيم جو روح روان هئا. هن تنظيم جي قيام جو مقصد ٻالڪن جي ٻاري، جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ٻاراڻي ادب کي سهارو ڏيڻ هو. (4)

مقبول ڀٽيءَ حيدرآباد مان ’گُلستان‘ رسالو جاري ڪيو. جنھن ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو. ڪجهه سالن کان پوءِ اهو رسالو بند ٿي ويو. ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ اياز پاٽوليءَ جي ’گلشنِ ادب‘ (ٽنڊو محمد خان) جون خدمتون پڻ ياد رکڻ جھڙيون آهن. انهن کان سواءِ سنڌُ جي مختلف شھرن مان ٻاراڻي ادب جا ڪتابي سلسلا جاري ٿيا، جيڪي گهڻو وقت جاري رهي نه سگهيا ۽ بند ٿي ويا. جن ۾ علمي ۽ ادبي ادارن ان سلسلي ۾ پاڻُ ملھايو، تن ۾ ”ادره گلستان- حيدرآباد“، ”ٻارن جي ٻاري- بدين“، ”سنڌي ادبي بورڊ-ڄام شورو“، ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي-ڄام شورو“، ”امين ڪتاب گهر-حيدرآباد“ جا نالا اَهم آهن. انهن ادارن وڏي تعداد ۾ ٻارن لاءِ ڪھاڻين، گيتن، نظمن ۽ ٻين موضوعن تي مشتمل ڪتابَ ڇپرايا، جڏهن ته روزاني ’عبرت-حيدرآباد“ (ٻارن جي ٻاري) ”روزاني هلالِ پاڪستان“ (گُلن جهڙا ٻارڙا)، ”چڻنگ پبليڪيشن-دادو“ (چڻنگ-سنگت)، ”گلشنِ ادب-ٽنڊو محمد خان“ (گلشن سنگت)، ”پوپٽ پبليڪيشن-خيرپور“ (سنڌي ٻالڪ سنگت)، ”سجاڳ ٻار پبليڪيشن-حيدرآباد“ (سجاڳ ٻار تحريڪ) ۽ ”ساٿي پبليڪيشن-گهوٽڪي“ (ساٿي ٻارڙا سنگت) جي نالن سان ٻارن جي تنظيمن جو بنياد وڌو ۽ ٻارن لاءِ رسالن ۽ ڪتابن جو سلسلو جاري ڪيو. انهن تنظيمن ۽ ادارن، ٻارن جي ادب جي واڌاري لاءِ ساراهڻ جھڙو ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻاراڻي ادب جا اَهم ليکڪ پئدا ڪيا، پر اڳتي هلي اهي ادارا به روايتي سُستيءَ ۽ مالي مونجهارن جو شڪار ٿي ويا. بند ٿي ويل ڪتابي سلسلن/رسالن  ۾ ’جوت‘ جو پھريون شمارو خيرپور مان مختيار ملڪ 1976ع ۾ پڌرو ڪيو، ۽ ان جو ٻيون ۽ ٽيون شمارو حيدرآباد مان غفران عاقلاڻيءَ ، حڪيم ميمڻ ۽ مختيار ملڪ گڏجي شايع ڪيا. ان  کان علاوه حيدرآباد مان ’گلستان‘، ’لالي‘، ’گونج‘ ، ’ٻالڪ‘،’گل‘، ’ارچڪ مرچڪ‘’نئين  جوت‘’سنڌي ٻارڙا‘، ’ساٿي‘ ؛ ٽنڊي ڄام مان ’گلڙا‘؛ لاڙڪاڻي مان
’ڏياٽي‘، ’رابيل‘ ۽ ’گلڙا‘وغيره پڻ جاري ٿيا. ماهوار ’مُرڪ‘ ڪراچي، ماهوار ’گُلڙا‘
نالي سان هڪ رسالو شڪارپور مان به ايندو هو، اڳتي هلي’ارچڪ مرچڪ‘ سميت ٻيا رسالا بند ٿي ويا. هِن وقت ٻارن جو رُڳو هڪ ئي رسالو ’گُل ڦل‘ آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري پاران، 1959ع کان مسلسل شايع ٿيندو رهي ٿو.  ان کان علاوه ’مٺڙا ٻار‘ نالي رسالو به ڪڏهن ڪڏهن حيدرآباد مان سايع ٿئي ٿو.

1947ع کان 1974ع تائين 27 سالن جي هڪ ڊگهي ماٺِ کانپوءِ، هتي سنڌُ ۾ ٻارن لاءِ گيتن ۽ نظمن تي مشتمل پھريون ڪتاب، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران ’ٻاراڻا ٻول‘ جي نالي سان، جون 1975ع ۾ شايع ٿيو، هي ڪتاب تنوير عباسيءَ جو ترتيب ڏنل آهي. هِن ڪتابَ ۾ مختلف شاعرن جا 25 چونڊ گيت ۽ نظمَ شامل آهن، جن جي ٻولي سليس، سادي ۽ روان آهي. ’ڪتابَ ۾ شامل گيتَ وِندُر ۽ معلومات سان ٽِمٽار آهن ۽ ننڍڙي بَحر ۾ چيل آهن.‘ (5)

هِن ڪتابَ جي شايع ٿيڻ کانپوءِ، پنھنجي ذميداريُن کي محسوس ڪندي، پنھنجي ٻالپڻ جو قرضُ لاهڻ لاءِ، نئين ٽھيءَ جي ڪيترن شاعرن (جيڪي هاڻي وڏي عمر وارا ناميارا شاعرَ آهن) پاڻ کان اڳ وارن شاعرن سان گڏجي، ٻارن سان پنھنجي پيارَ جو ثبوت، ٻارن لاءِ گيتَ لِکي ڏنو. شاعرن پنھنجن گيتَن ۽ نظمن وسيلي ٻارن کي علم، سِکيا ۽ وِندُر جو سامان مھيا ڪري ڏنو ته جيئن هُو آزاد فضائن ۾، انساني ڀائيچاري، اَمن، اخلاق، سچائيءَ ۽ دوستيءَ جي علامت ٿي گُذاري سگهن.

1974ع کان پوءِ خاص طور تي ٻارن جي ملهايل عالمي سال 1979ع کان وٺي هيل تائين، نثر جي مقابلي ۾، ٻارن لاءِ گيتن، نظمن ۽ ٻولن جا مجموعا وڌيڪ تعداد ۾ شايع ٿيا آهن. هِن وقت تائين هند ۽ سنڌُ ۾، سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي شاعريءَ جا جيڪي ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن، انهن جو وچور هن ريت آهي:

سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن جو سال- وار وچور

نوبھار

ڀيرومل مھرچند

1926ع

شيرين شعر

ڪشنچند بيوس

1935ع

مؤجي گيت

ڪشنچند بيوس/هري دلگير

1935ع

گُلِ نوبھار

جمع خان غريب

1935ع

ٻال چندرما

ٽئگور/ارجن ايسراڻي (ترجمو)

1940ع

لاتيون

گوورڌن محبوباڻي

1958ع

ممتا جون لھرون

ڪلا پرڪاش

1963ع

باغ بھار

پرسرام ضياء

1936ع

ٽِمڪندڙ تارا

ڪمل پياسي

1965ع

بينسري

هوندراج بلواڻي

1967ع

هيرا موتي

هوندراج بلواڻي

1967ع

ٻاراڻيون ٻوليون

ڍولڻ راهي

1967ع

ڪانوَ ۽ بالو

نينوَندرام روچاڻي ’اُپٽي‘

1969ع

ٻَھڳڻ ٻولُ

ڪشنچند بيوس/ليکراج عزيز

1970ع

ٻار ته اهڙا (منھنجا ديش ڀاتي)

گنگو شيوارام آهوجا

1970ع

اُٿ ڀارت جي سنتان

منگها رام ديوانو

1972ع

مَھڪندڙ مُکڙيون

ديال آشا

1974ع

روشن منارَ

ڪنھيا لال ڪرپالاڻي ’هان‘

1975ع

گُلڙن جا گيت

موتي پرڪاش

1975ع

ٻاراڻا ٻول

تنوير عباسي (ترتيب)

1975ع

روز ٽِڙن رابيل

ادل سومرو

1977ع

سُڀان جا ٻِيجلَ

سُوسن مرزا

1977ع

کٽمٺڙا

هوندراج بلواڻي

1977ع

ڪَليون ۽ گُل

سندر جڳواڻي ’مجبور‘

1977ع

مامي جون مُڇون

هوندراج بلواڻي (ترتيب)

1977ع

گُل ۽ تارا

اياز گل

1979ع

ڌرتيءَ جا تارا

نصير مرزا

1979ع

مُکڙين مالها

ذوالفقار سيال

1979ع

چنڊُ پشم گولو

ادل سومرو

1979ع

ڌرتيءَ جا گُل

منظور ظفر

1980ع

گُل گلابي

روپ ڪمار گهايل

1980ع

هي گيت گُلابي ٻارن جا (ٻه ڇاپا)

استاد بخاري

  2015ع ۽ 1980ع

ٽِم ٽِم ٽانڊاڻا

مختيار ملڪ

1980ع

ٽِم ٽِم ٽانڊاڻا

بيوس/دلگير/عزيز

1980ع

ٻاراڻا گيتَ

اُستاد بخاري (ترتيب)

1981ع

ڪوڏَ ۽ سِپون

نياز پنھور

1981ع

رنگُ برنگي ڦوڪڻا

ڀڳوان نردوش

1981ع

پُتلين جو تماشو

ادل سومرو

1982ع

منھنجي ديسَ جا ٻارَ

ذوالفقار سيال

1982ع

ڦولَ چمن جا

گهنشام ساگر

1982ع

ٻاراڻا گيتَ

سترام داس سائل

1982ع

هندو جيون

هاسارام شرما ’پِيئا‘

1982ع

مزيدار گيتَ

هري دلگير

1983ع

گيتَ کيڏوڻا

رئيس فرخ/ذوالفقار سيال (ترجمو)

1983ع

دنيا آهي گول

مختيار مڱڻھار

1983ع

پنکڙيون گلابَ جون

ڪمل پياسي

1984ع

ڪِرڻا ڪِرڻا

مقصود گُل

1985ع

بھارَ آئي

ايس.ايس. ناٿاڻي

1985ع

گُلن جھڙا گيتَ

ذوالفقار سيال

1986ع

پوپٽ جھڙا گيتَ

ادل سومرو

1986ع

جھڙا گل گلابَ جا

اقبال شينو

1986ع

جهومر

منوهر بيدي

1986ع

ٻارن جا لوڪ گيتَ

هوندراج بلواڻي

1986ع

گيت گلابي

هري دلگير

1987ع

گل گلاب جا

سوڀراج رامچنداڻي ’عيش‘

1987ع

آءُ، وري آءُ

بسنت ڪمار تياڳي

1987ع

چندا ماما

روچو ’خوابي‘

1988ع

جيجل تُنھنجي جهولَ ۾

اهد شيخ

1988ع

گُل ۽ مُکڙيون (ٻه ڇاپا)

اختر درگاهي

2021ع ۽ 1989ع

لفظن جا رانديڪا

ذوالفقار سيال

1989ع

ڌرتي روشن ٿيندي

مختار مڱڻهار

1989ع

ارچڪ مرچڪ

هوندراج بلواڻي

1989ع

اُڏر اُڏر ڙي پوپٽڙا

کيمن. يو مولاڻي

1989ع

ٻارو اچو ته ڳايون

ديال آشا

1990ع

رم جهم رم جهم

ڀڳوان نردوش

1990ع

سُھڻا ٻال گيت

لڇمڻ ڪڪريجا

1990ع

گيتن جي گُلزاري

ڊاڪٽر نواز علي شوق

1990ع

وڏي اَمان

ٽيڪم آفتاب

1991ع

هڪ سؤ پروليون

هري دلگير

1991ع

سُرها گل ساڻيھه جا

سھندر سرواڻ

1992ع

ٻارُ گُلن جا هارَ

غلام محمد غازي

1992ع

ٻاراڻا گيت

رحيم بخش ’قمر‘

1993ع

روشن تارا گيت

محمد ابراهيم جويو، اعجاز قريشي ۽ ادل سومرو (ترتيب)

1993ع

ٻالڪ پيارا ٻولي پياري

غلام محمد ڀٽي

1993ع

ٻولَ اسان جي ٻارن جا

آصف مٺياڻوي

1994ع

ڌمڪ ڌم

ڪملا ڀيسن/تنوير جوڻيجو

1994ع

گُلابي گُلَ

گوهر دائودپوٽو

1994ع

مھڪارَ

خليل عارف سومرو

1995ع

رنگ بَرنگي ڦوڪڻا

ادل سومرو (ترتيب)

1995ع

ٻوليون لوليون ٻارن جون

بيخود بلوچ

1995ع

ٻاراڻا ٻول (ڇھه واليوم)

احمد خان آصف مصراڻي (ترتيب)

1997ع

مُرڪندڙ مُکڙيون

غلام محمد غازي

1997ع

پيارا پيارا پوپٽڙا

منظور ابڙو

1997ع

گيتن جھڙا ٻار

مشتاق بخاري

1998ع

ٻوليءَ جو اسڪول

وِمي سدارنگاڻي

1998ع

سائنس بخشي سونھن

غلام محمد غازي

1999ع

سُھڻا ٻالڪ سنڌُ جا

عبدالحئي ڀٽو

2000ع

اَچو ته الفابيٽ سِکون

وفا منظور چوهاڻ

2000ع

ٻارڙا موچارڙا

حاجي محمد ماهم ٽالپور

2001ع

پنھنجي ديسَ جا ٻارَ پيارا

وفا منظور چوهاڻ

2001ع

چنڊُ ستارا جهوليءَ ۾

مختيار گُهمرو

2001ع

سونھن سنسارَ جي

مشتاق بخاري

2001ع

ڇَھه ڇَھه پئسا ٻه ٻه پايون

ڪشنچند بيوس/نصير مرزا (ترتيب)

2001ع

هندورو

نارائڻ شيام/هوندراج بلواڻي (ترتيب)

2001ع

اکر اکر سُرهاڻ

ذوالفقار سيال

2002ع

جھڙا تارا جَرڪڻا

علي دوست عاجز

2002ع

گُلابي گُل

آزاد قاضي

2002ع

وطن گُل آ مون لئه

غلام محمد غازي

2002ع

خوشبوءَ سان کيڏو

منظور منگي

2002ع

گول مٽول

هوندراج بلواڻي

 2002ع ۽ 2003ع

جيجل جهوليءَ موتيا

ممتاز عباسي

2003ع

ڌرتيءَ جا ٻارَ

محمد علي ماجد

2003ع

اکٻوٽَ

مھر خادم

2003ع

رانديڪو (ٻيو ڇاپو)

ملھار سنڌي

2003ع

رانديڪن سان راند

غلام محمد غازي

2003ع

سائنس پئي سمجهائي

غلام محمد غازي

2003ع

گيتن جا رانديڪا

ماڻڪ ملاح

2003ع

گيتَ پنھنجي ديسَ جا

غلام محمد غازي

2004ع

رنگ بَرنگي گيتَ

غلام محمد ڀٽي

2004ع

ٻالڪ چنڊ ستارا

ملھار سنڌي

2004ع

ٻارَ گُلن جا هارَ

علي محمد ’درد‘ سولنگي

2005ع

سُرها گُل

اظھر گيلاني

2005ع

سُٺي ترتيب ٻالڪ سنواري

آغا تاج محمد/وفا منظور چوهاڻ (ترتيب)

2005ع

گُل ۽ مکڙيون

ذوالفقار سيال

2006ع

مٽيءَ جا رانديڪا

اَدل سومرو

2006ع

رنگارنگي گيتَ

غلام محمد غازي

2006ع

آءٌ به جيڪر پڙهڻ وڃان ها

منٺار سولنگي

2006ع

رنگ بَرنگي گُل

روشن گولاڻي

2007ع

لفظن جا پوپٽَ

سميع سجاد جوڻيجو

2007ع

ٻارَ اکين جا ٺارَ

رحمت الله ’شوق‘ شڪارپوري/ عبدالجبار عبد (ترتيب)

2007ع

ٻاتا جنين ٻول

پريل دايو

2007ع

ٻِت ٻِت تنهنجا ٻولَ

نثار بزمي/عبدالجبار عبد (ترتيب)

2007ع

گُل خُوشبو ٻارُ

آزاد بخاري

2008ع

مٺڙي مٺڙي لاتِ

روشن گولاڻي

2008ع

ڀنڀوري

غلام محمد غازي

2008ع

ڌرتيءَ جا تارا

نثار بزمي/غلام محمد غازي (ترتيب)

2008ع

مُرڪون

غلام محمد غازي

2009ع

سُرها گُل رابيل جا

اقبال شينو

2009ع

دُعائون

ذوالفقار سيال

2010ع

جاڳو ٻارو

بيخود بلوچ

2010ع

دٻلي ٿي ڇڻڪي (ريڊيائي گيت)

نصير مرزا (ترتيب)

2010ع

موتي ۽ مُکڙيون

خليل عارف سومرو

2010ع

اسيمبليءَ جو راڳ

محمد صديق مسافر

2010ع

ماڻڪ موتي

سَتي کِلناڻي

2010ع

لنوُن پکيئڙا لاتيون (ديوناگري لپي)

ميرا هنڱوراڻي

2011ع

نَچڻا کيڏڻا کِلڻا ٻارَ

آزاد بخاري

2011ع

پيارَ منجهان ڏيان پِنگهو لوڏي

دليپ ڪوٺاري (ترتيب)

2011ع

اچو ته پنھنجو ڳوٺ سُڌاريون

دليپ ڪوٺاري

2011ع

ٻيڙيءَ ۾ چنڊُ

ياسر قاضي

2012ع

علم جي دولت

مرزا قليچ بيگ/مخمور بخاري (ترتيب)

2012ع

روشن تارا

روشن گولاڻي

2012ع

روشن تارا

شمشير الحيدري

2012ع

سُھڻا ٻارَ

علي محمد ’درد‘ سولنگي

2012ع

گُل ستارا ٻارَ

غلام محمد ڀٽي

2012ع

پنھنجي ٻولي پياري ٻولي

ذوالفقار سيال

2013ع

ڌرتيءَ جا چنڊَ

مختيار گهمرو

2013ع

ٻولَ انمول

عاجز ميرواهي

2013ع

پوپٽَ رنگَ رنگيلا

وفا مولا بخش

2013ع

هلو هلون اسڪول

زيب نظاماڻي

2013ع

اَٺ ماما گوگڙو (ٽي پاڇا)

ياسر قاضي (3 ڇاپا)

 2014ع، 2016ع ۽ 2018ع

پوپٽُ ڏاڍا پيارا آهن

هوش محمد ڀٽي

2014ع

جاڳُ او ٻالڪ جاڳ

گوهر سنڌي

2014ع

سُونھن وطن جي

محمد قاسم ڪلوڙ

2014ع

گيت ۽ نظم-معصم مُکڙيون

ڪرم ٽالپور

2014ع

ٻارَ اکين جا ٺارَ

پريل دايو

2014ع

گُل ڦل گيتَ

جوهر بروهي

2014ع

ڌرتيءَ جا ٽانڊاڻا

ملھار سنڌي

2014ع

سائنس ڏِنو سوجهرو

آزاد بخاري

2015ع

گُلن جھڙي شاعري پوپٽ جھڙا ٻارَ

مختيار سمون

2015ع

روشن ٻاراڻا ٻولَ

روشن گولاڻي

2015ع

پنھنجا گيتَ پيارا

عاجز ميرواهي

2015ع

پئسو لَڌم پٽَ تان

غلام مصطفيٰ سولنگي

2015ع

نئين دؤر جا ٻارَ

غلام محمد ڀٽي

2015ع

رَنگا رنگي گيتَ

غلام محمد غازي

2016ع

لولو ڏنم ڪانوَ کي

ياسر قاضي

2017ع

سھڻا سھڻا پيارا ٻار

ناز نصرالله

2017ع

ٻال گلشن

روشن گولاڻي

2017ع

موتين داڻا

علي محمد ”درد“ سولنگي

2017ع

گُلڙا گُلڙا گيتَ

محمد جواڻ ”جانب“ سومرو

2017ع

ٻالڪَ ڌرتيءَ ٽانڊاڻا

وحيد محسن

2017ع

مِٺڙا ٻارَ

زخمي چانڊيو

2017ع

سُھڻا ٻارَ سمورا

ارباب علي عادل چوهاڻ

2017ع

خلقڻھار

اياز گُل

2017ع

پنھنجو هي اسڪول

اياز گُل

2017ع

راندِ روند

اياز گُل

2017ع

لاڏو لاڏي آڻيندو

گوورڌن ڀارتي

2017ع

ننڍڙا جيو

قمرالنساء جوکيو

2018ع

مور نَچي ٿو

روشن گولاڻي

2018ع

ٽانڊاڻا ٽانڊا راتِ

علي دوست عاجز

2018ع

ٻارن جي وِندُر، چيستانا ۽ پروليون

مرزا قليچ بيگ

2018ع

منھنجي گُڏي

سنڌيا چندر ڪُندناڻي

2018ع

ننڍڙا ننڍڙا فرشتا پيارَ پَريون

ذوالفقار سيال

2019ع

حقُ سُڃاڻ اي ٻارَ

آزاد بخاري

2019ع

قلم ٻارن جي هٿَ ۾

عبدالحئي ڀٽو

2019ع

واڱڻ مل جي شادي

ڍولڻ راهي

2019ع

چنڊُ به منھنجو رانديڪو

ذوالفقار سيال

2020ع

گيتن جي مھڪارُ

غلام محمد غازي

2020ع

بابا مون کي ڪر نه ڌنار

مور مغيري

2020ع

ڦِر ڦِر سونٽو

غلام محمد ڀٽي

2020ع

واهَه ڙي تارا گول تارا

غلام مصطفيٰ سولنگي

2020ع

مسافر جون مثنويون

محمد صديق مسافر/

مصطفيٰ سولنگي (ترتيب)

2020ع

ٻار بنا ڪھڙو سنسار

غلام محمد غازي

2022ع

منھنجو گُڏڙو منھنجي گُڏڙي

ذوالفقار سيال

2021ع

ننڊَ پري

اياز گُل

2021ع

ڌرتيءَ جا تارا

شيخ نديم تصور

2021ع

آسماني پري

هينا اگناڻي ’هير‘

2022ع

پنھنجي دُنيا ڌارَ

ذوالفقار سيال

2022ع

مامو چنڊُ

شھمير سومرو

2022ع

هن مقالي ۾ هند ۽ سنڌُ ۾ شاعريءَ جي (ٻارن لاءِ شاعري) سمورن ڪتابن کي شامل ڪيو ويو آهي، پوءِ به ممڪن آهي ته، ڪو هڪ اَڌ ڪتاب رهجي ويو هجي، جنھن بابت ڄاڻَ جو انتظار رهندو. يو. ايس. اي آئي ڊي پاران سنڌ ريڊنگ پراجيڪٽ ۽ پاڪستان ريڊنگ پراجيڪٽ تحت، ڪجهه اسڪولن ۾ اضافي ڪورس طور پڙهائڻ لاءِ، ٻارن جي ادب جا ڪافي ڪتاب ڇپايا ويا آهن، جن ۾ ڪجهه ڪتابَ ٻارن لاءِ نظمن تي مشتمل آهن.

هيڏي ڊگهي عرصي ۾ سنڌي ادب ۽ ٻارن لاءِ شاعريءَ جي ڪتابن جي حوالي سان، توڙي جي مٿيون ڄاڻايل تفصيل ڪو گهڻو ڪونهي، پر تنھن هوندي به سنڌي ڪتابن جو هي تعداد ”نه هجڻ کان ڪجهه هجڻ“ واري خيال کي ٽيڪ ڏئي ٿو. نئين ٽھيءَ جا ڪيترائي ليکڪ/شاعرَ ۽ ڪجهه سينئر اديبَ/شاعرَ ان ڏِس ۾ پنھنجي ڪوششن ۾ رُڌل آهن، جن کي ڏِسي ٻارن لاءِ شاعريءَ جي سلسلي ۾ گهڻيون اُميدون رکي سگهجن ٿيون.

مٿين ڄاڻايل شاعرن کان سواءِ به، ڪيترائي شاعرَ اهڙا به آهن، جن ٻارن لاءِ سٺي شاعري ته رَچي آهي، پر سندن ڪتابَ شايع نه ٿيا آهن، تن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. انهن ۾ گهڻا نوجوان آهن ۽ اڄُ به لِکي رهيا آهن-ڪجهه وڏا شاعرَ هاڻي اسان ۾ نه رهيا آهن، پر سندن تخليقي حصو تاريخ جو اهم باب آهي.

شيخ اياز، تنوير عباسي، نياز همايوني، امداد حسيني، لڇمڻ ڪومل، ليکراج هنس، جيوت گوگيا، ڪوڙو مل کِلناڻي، دادا شيوڪ ڀوڄراج، ڪانجي لعل قاصد، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سائل آزاد، مظفر حسين جوش، بلاول پرديسي، حافظ محمد احسن چنا، بردو سنڌي، الطاف عباسي، علي محمد مجروح، اياز پاٽولي، سندر جڳتياڻي، روچي خوابي، ڊاڪٽر الھداد ٻوهيو، شمس الدين عرساڻي، وسيم سومرو، ڪوثر ٻُرڙو، امر اقبال، ماڻڪ ملاح، عبدالحميد آس ٻٻر، ظفر عباسي، سجاڳ سنڌي، وزير علي شاد، عبدالعزيز رنگريز، آذر عطا، عاشق هالائي، مير عبدالرسول، قربان منگي، جاويد سوز هالائي، گل بھار باغائي، قربان جهتيال، خاور قبولائي، ڪمال ڄامڙو، منور ابڙو، انجم قاضي، آفتاب نثار جوڻيجو، نواز رُڪڻاڻي، مھر فقير، آغا سعيد، قيوم لالي، عبد مگسي، ناز ميراڻي، طاهر سنڌي، شفن مڱريو، شبنم موتي، مرتضيٰ سيال، عابد مظھر، سراج مصطفيٰ جوکيو، عنايت ميمڻ، عاجز جمالي، اختر ٽانوري، اياز لطيف دايو، منظور بيدار، عبدالباري ابڙو، ضمير کرل، سڪندر عباسي، خدا بخش ابڙو، احسان لغاري، اشوٿاما، اشوڪ ڪمار شرما، انور جوکيو، ياسمين عمر، بدرالنساءِ جوڻيجو، عيسيٰ ڪوڏ، رضيه ناياب چانڊيو، سُندر، خديجه سمون، اياز سومرو، سرور سميجو، شبير بيدار، بدر قريشي، قاضي منظر حيات، زاهد عباسي، مختيار اُنڙ، پنھل پياسي، زبيده ميتلو، روشن جويو، رخسانا سومرو، رام ساگر، ابنِ حيات پنهور، اشرف آصف مصراڻي، اديب الرحمان چانڊيو، آزاد محمد صديق دل، ميمڻ غلام مصطفيٰ مشتاق، درگاهي ميراڻي، انور ابڙو، سائل وسطڙو، صابر نظاماڻي، سيد منظور نقوي، شبير سومرو، اصغر برفت، ناگور سنڌو، اُداس ٿري، بلال بروهي، شجاع سنڌي، شفيع چانڊيو، محمد علي پٺاڻ، سرور سيف، خالد ٻانڀڻ، سجاد سرور، مير حاجن مير، سميع سجاد، جميل سومرو، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، احسان دانش، سڪندر مگسي، سجاد ميراڻي، شيخ ارشاد، علي حسن سرڪي، علي عابد سومرو، رضوان گُل، شوڪت چاچڙ ۽ احسان راهوجو ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر جن ٻارن لاءِ مختلف مرحلن تي شاعري سرجي آهي.

 

حوالا ۽  مَددي ڪتابَ

  1. enotes.com
  2. https://www.britannica.com/summary/childrens-literature#
  3. آزاد، خالد ’سنڌي ٻاراڻي ادب جي تاريخ‘ (جلد ٽيون)، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 2016ع، ص 17
  4. ساڳيو ڪتاب: ص 19
  5. عباسي، تنوير، ”ٻاراڻا ٻول“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1975ع
  6. ملاح، مختيار احمد ’سنڌي ادب تي هڪ نظر‘ مڪتبه فريدي ، ڪراچي 2021ع
  7. ماهوار ”گُل ڦُل“- (مختلف مھينن جا رسالا): سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سنڌُ.

 

 

265 ڀيرا پڙهيو ويو