رشيد ڀٽيءَ جي ڪهاڻين جو اڀياس
(A Study of Rasheed Bhatti’s stories)
ڊاڪٽر عائشه سريوال
Abstract
Rasheed Bhatti was a critic, columnist, humorist and story writer. He has had been known as progressive writer. He was also an editor of “Al-minnar” newspaper and “Prih Phutti” magazine and sub editor of “Naee,an Sindh” Karachi. He was much interested in journalism also.
Rasheed Bhatti one of the pioneers of “Sindhi Adabi Sangat” a literary organization, spread in whole Sindh.
In 1972, he participated in Language movement known as “Sindhi boli Qoumi boly”, his role in that moment was un-forgettable. He had been the secretary general of “Sindhi Adabi Sangat”.
He, also was known as a best story writer. His first story “Chori” was published in weekly “Roshni” Sukkur, which caused his popularity.
By reading his stories, it comes in our knowledge, that he started writing on such topics and characters, which were strictly prohibited. He wrote bravely through his life.
If we analyses his stories, and pay a critic glimpse upon his pen work, it appears clear, that Rasheed Bhatti was one of the story writers, who started writing something new and much connected to society.
In this article, a brief review is presented, which helps to understand his stories.
Keywords: Rasheed Bhatti, Stories, Sindhi Literature, Characters, Sindhi Adabi Sangat, fiction.
رشيد ڀٽي سنڌي ادب جو اهم نقاد، مترجم، ڪالم نگار، ڊرامه نويس ۽ ڪھاڻيڪار آهي. رشيد ڀٽيءَ جو تعلق ترقي پسند اديبن جي لڏي سان رهيو. هن پنھنجي محنت ۽ قابليت سان ٻولي، ادب ۽ صحافت ۾ پاڻ ملهايو آهي. هو ’المنار‘ اخبار ۽ ’پرهه ڦٽي‘ مئگزين جو ايڊيٽر ۽ نئين سنڌ ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. رشيد ڀٽي سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هو. پاڻ تنوير عباسيءَ کان پوءِ يارهن سالن تائين سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل به رهيو آهي. رشيد ڀٽي نه صرف ادبي پر سياسي حوالي سان پڻ ڪافي سرگرم رهيو آهي. ڪيترين ئي پارٽين ۾ شموليت ڪيائين، جن ۾ عوامي ليگ، نيشنل عوامي ليگ، سنڌ هاري ڪميٽي وغيره شامل آهن. سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ حيدر بخش جتوئيءَ سان گڏ ڪم ڪندو رهيو. هن 1987ع ۾ سنڌ انٽليڪچوئل فورم جو بنياد وڌو، جنھن جو خاص مقصد سنڌ جي نوجوانن ۾ انقلاب جو شعور پيدا ڪرڻ هو. 1972ع ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. افسانه نويس طور به شھرت جو مالڪ رهيو. بنيادي طور هو ترقي پسند ۽ روشن خيال ليکڪ هو. سماج جي هر اوچ نيچ تي سندس گھري نظر هئي. هن زماني جو ڏاڍايون سٺيون هيون، جنھن جو اولڙو سندس تحريرن ۾ به ملي ٿو. سندس پھرين ڪھاڻي ’چوري‘ هئي، جيڪا 1951ع جي هفتيوار ’روشني‘ سکر ۾ ڇپي هئي. هن پنھنجي ادب ۽ ادبي نظرين سبب زندگيءَ جو ڪافي عرصو جيل ۾ گذاريو.
تنوير عباسيءَ موجب:
”رشيد ڀٽي نه رڳو ايماندار ۽ بي ڊپو ليکڪ آهي، پر اڻ موٽ، بھادر، خلوص ۽ قرباني جي جذبن سان ڀرپور قومي ڪارڪن پڻ آهي. سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي دور جي تنظيم جيڪا 1956ع ۾ ٿي، هن جو اهم حصو آهي. ون يونٽ خلاف تحريڪ هجي، سنڌي ٻولي جي بچاءَ جي هلچل هجي، رشيد سدائين پھرين قطار ۾ رهيو آهي. پنھنجي قلم توڙي عمل سان سنڌ ۽ ان جي مظلوم طبقن جي بھبود لاءِ وڙهيو آهي. ان ڏوهه جي سزا طور ڪيئي ڀيرا جيل جون صعوبتون به سَٺيون اٿائين.“ ( 1)
هن پنھنجي زندگيءَ جي مشاهدن توڙي معوروضي تجربن، سماجي اٿل پٿل ۽ خاص طور سنڌ جي سماجي حالتن جو گھرو مشاهدو ڪري، ان کي پنھنجي تحريرن جو بنياد بڻايو آهي. رشيد ڀٽي اهو ليکڪ هو، جنھن انتھائي سنجيده، تلخ ۽ ڳنڀير معاملا به طنز مزاح جي انداز ۾ پيش ڪري، انهن جي گھرائي ۽ دائرو وڌائي ڇڏيو آهي. رشيد جا ڪيترا ئي افسانا سنجيده پڻ آهن، ڇو ته هر افسانو پنھنجو موضوع ۽ انداز کڻي ظاهر ٿيندو آهي، ان ڪري جن موضوعن ۾ مزاح جي گنجائش آهي، اتي هو کل ڀوڳ ۾ ڳالهه چئي ٿو. پر جتي به هو سمجهي ٿو ته مزاح سان ڳالهه جو اثر گهٽجڻ جو انديشو آهي ته هو سنجيدگيءَ وسيلي اظھار ڪري ٿو. هو افساني ۾ موضوع مطابق تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
پاڻ هڪ هنڌ لکي ٿو:
”مون فڪشن ۾ شروعات طنز ۽ مزاح سان ڪئي آهي. ان طرز ۾ ڪڙي ۾ ڪڙي ۽ سخت ۾ سخت ڳالهه به آسانيءَ ۽ اشاري ۾، بنا ڪنھن جوکم جي، دلچسپ انداز سان پيش ڪري سگهجي ٿي. اصل نانگ به مَري ۽ لٺ به ڀڄي ! ماڻهو ڳالهه جي ڳالهه به ڪري وڃي ۽ ائين به چئي ته چغلي ڪم چورن جو ! ان ڪري ئي مون سماجي، اقتصادي ۽ مذهبي معاملن ۽ واقعن کي مزاحيه ۽ طنزيه مضمونن ۽ افسانن ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سياسي ۽ سماجي مسئلن کي پيش ڪرڻ لاءِ ان صنف کي ڪالم نويس طور واپرايو اٿم. منھنجا اوائلي دور جا افسانا ۽ ’صبح سنڌ‘، ’هلال پاڪستان‘ ۽ ’برسات‘ جا ڪالم ان جو ثبوت آهن. پر هڪ فنڪار يا ڪلاڪار ڪي ڪي ڪردار ۽ واقعا اهڙا به ڏسي ۽ مشاهدي هيٺ آڻي ٿو، جن کي طنزيه يا مزاحيه رنگ ۾ پيش نٿو ڪري سگهي. ائين ڪرڻ سان جامع تاثر ۽ موضوع نه رڳو پنھنجي ڇاپ پڙهندڙ جي ذهن تي ٿا ڇڏين، پر اهميت به وڃائي ٿا ويھن. انهن ڪردارن ۽ واقعن کي سنجيدگيءَ سان ئي موثر نموني پيش ڪري سگهجي ٿو. ان ضرورت هيٺ مون سنجيده افسانا به لکيا. (2)
رشيد ڀٽي کي ڪھاڻيڪار جي حيثيت سان پَرکجي ته هو سماج جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ وارن ڪھاڻيڪارن مان هڪ هو. ورهاڱي کان پوِءِ جن ڪھاڻيڪارن پاڻ ملهايو ۽ مڃرايو آهي، رشيد ڀٽي انهن جي صف ۾ بيٺل بھترين ڪھاڻيڪار نظر ايندو. هي بيباڪ ۽ بي خوف ليکڪ آهي. جمال ابڙي کان پوءِ اڀريل اديبن جي سٿ ۾ رشيد ڀٽي به پنھنجي سڃاڻپ ٺاهي. جنھن وقت شيخ حفيظ، اياز قادري ۽ رباني آگرو پنھنجي لکڻين ۾ سماج جي دردن ۽ پيڙائن کي چٽيو پئي، ان ئي دور ۾ رشيد ڀٽي به ساڳين موضوعن تي انتھائي بيباڪيءَ سان لکي رهيو هو.
خالد سنڌيءَ جي لکڻ موجب:
”رشيد فن جي دنيا ۾ هڪ پريڪٽيڪل انسان آهي، جنھن فقط ڪھاڻين جي ذريعي ئي پنھنجي شعور ۽ جذبن جو اظھار نه ڪيو آهي بلڪه هو پنھنجن هم وطنن سان ٿيندڙ معاشي ۽ سياسي ناانصافين، ڦرلٽ ۽ ظلمن خلاف فقط پنھنجي اندر جي ڪڙهڻ جو ئي اظھار نٿو ڪري. بلڪه اڳتي وڌي عملي ميدان ۾ مقابلو ڪري ٿو. پوءِ اها ٻوليءَ واري تحريڪ هجي يا سنڌي ادبي سنگت جو رجعت پسندن سان مقابلو هجي، ون يونٽ خلاف جدوجھد هجي يا ايم آر ڊي جي تحريڪ هجي. هي مانجهي مڙس عملي ميدان ۾ ڪٿي به مفاهمت ڪندي نظر نه ٿو اچي. انهي سلسلي ۾ جيل جون سزائون به ان کي جُهڪائي نه سگهيون.“( 3 )
رشيد ڀٽيءَ جا شروعاتي افسانا پڙهڻ سان اندازو ٿئي ٿو ته هن لکڻ جي شرعات ئي سماج جي اهڙن موضوعن، مسئلن ۽ ڪردارن وسيلي ڪئي هئي، جيڪي عام طور ممنوع ٿيل هئا ۽ جن کي ڇيڙڻ سان طاقتور طبقن سان ويڙهه ٿيڻي هئي. هن جي اوائلي دور جي بھترين ڪھاڻي مان هڪ ڪھاڻي ’بُڻ‘ آهي، جنھن ۾ جاگيرداري نظام جي تصوير چٽيل ملي ٿي. هي ڪھاڻي ان دور جي عڪاسي ڪري ٿي جڏهن جاگيردار، سرمائيدار، ۽ ڪامورا وڌيڪ طاقتور هئا. ان جي ڀيٽ ۾ مزدور، هاري يا پورهيت طبقو انتھائي ڪمزور هو. هي ڪھاڻي هڪ بي گناهه هاري جي موت جي پيڙا کي بيان ڪري ٿي، جنھن ۾ وڏيرو ڪتيءَ جي نسل بچائڻ جي ڪري غريب هاريءَ جو پٽ مارائي ٿو ڇڏي. جنھن جانور سان وڏيري جي ڪتن جي فوج پڄي نه سگهي. وڏيري جي ماڻهن جون گوليون پڄي نه سگهيون، ان خطرناڪ جانور سان مقابلي لاءِ مينهي نالي هڪ نوڪر کي وڙهڻ لاءِ موڪليو وڃي ٿو. مينهو اڳ ئي انهن ڪمن مان بيزار هو. پر هو ڪري به ڇا پئي سگهيو. جنھن وڏيرڪي نظام مان هن جي ابن ڏاڏن به جان نه ڇڏائي،ته هي ڪيئن انڪار ڪري ها. وڏيري اڳيان انڪار به موت برابر هو. نيٺ هو سوئر سان جهيڙڻ لاءِ پوک ۾ لهي وڃي ٿو. ۽ سوئر سان وڙهندي وڙهندي مري وڃي ٿو. پر وڏيري جي نسلي ڪتيءَ کي مرڻ کان بچائي ٿو وٺي. ڪھاڻيءَ ۾ وڏيري جي غير انساني سلوڪ ۽ حيواني روين جو عڪس پيش ڪيل آهي. جنھن ۾ هڪ طرف تڙپندڙ انساني جان هئي ۽ ٻي طرف جانور ، وڏيري انساني جان کي مرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ۽ جانور جي جان بچائڻ کي ترجيع ڏني.
’بڻ‘ ڪھاڻيءَ ۾ لکيل آهي ته:
”مينھون پاڻ نه جهلي ڪري پيو. واهه ڙي واهه مينھان ! مينھل سائين مڙس ماڻهو اٿوَ! مڙس جا پٽ به مڙس ئي ٿيندا آهن!‘ چوندو وڏيرو کٽ تان هيٺ لٿو. پر مينھون پنھنجي آقا جو اهو تاريخي جملو ٻڌي نه سگهيو. هو ان کان اڳ ئي پنهنجي ماءَ جي حسرتن سوڌو هن دنيا کان دور وڃي چڪو هو. وڏيري کي مينھي جو ڪو به خيال ڪونه هو.... وڏيري ڊڪي اچي پنھنجي راڻيءَ کي ڀاڪر ۾ کنيو. ’سوئر به ڏاڍو ڦٽيو اٿس. ويچاري گگدام معصومڙي !‘ هن، ڪتي رسُولي کي ڏني، ۽ پاڻ ٽانگي تي چڙهندي ڪمدار کي چيائين، ”اڙي ڪمو! سوئر کي ڪاواٽي تي ڳوٺ کڻائي هل ۽ راڻي ملم پَٽي لاءِ شھر کڻائي وڃ. چاڪ ٿي اچي ته وڏيري خيري واري ڪتي سان بيھاري اچجانس. ڪتو به بڻيادو آهي. سٺو بُڻ پيدا ڪندا. بڻيادي ڪتي آهي، گلر به پاڻ جھڙا ڄڻيندي.“ ( 4 )
وڏيري کي پنھنجي ڪتيءَ کي بچائڻ جي ڳڻتي هئي، جيڪا سوئر اڳيان زخمي حالت ۾ پئي هئي. گوليءَ جو حڪم به ان ڪري نٿي ڏنائين ته ڪٿي ڪتيءَ کي نه لڳي پوي، جيڪا ڀلي نسل جي هئي. سو بس مينھي کي زبردستي سوئر جي مقابلي لاءِ موڪليو ويو ۽ هن ويڙهه ۾ سوئر سان گڏ مينھون به ڪيترن خوابن ۽ خواهشن سميت مارجي ٿو وڃي. هي ڪھاڻي پڙهندي وڏيري جي ظالمانه ۽ سفاڪ ڪردار سان نفرت جو جذبو جاڳڻ لڳي ٿو. هي جاگيردارانه نظام خلاف ڀرپو ر تاثر پيدا ڪندڙ ڪھاڻي آهي.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي لکت موجب ته:
”رشيد ڀٽي هر پرت جو مشاهدو ڪري ٿو. جتي هو غريب ماڻهو جي زندگيءَ جي مسئلن کي موضوع بڻائي ٿو، اتي هو وڏيرڪي سماج جي روايتن ۽ وڏيري جي غير انساني ڪردار کي واضع ڪري ٿو جيئن سندس مشھور ڪھاڻي ’بڻ‘ آهي.“(5)
وڏيرڪي سماج جي هڪ ٻي ڪھاڻي ’اوسيئڙو‘ ۾ هڪ وڏيري جي ذاتي زندگيءَ کي چٽيو ويو آهي. وڏيري جي ڪردار کي بلڪل ننگو ڪري سماج آڏو آندو ويو آهي، ته حويلين اندر هو ڪھڙيون راس ليلائون رچايو ويٺا آهن ۽ سندن جنسي حوس بي ڊپائيءَ جي ڪھڙي سطح کي ڇُھي ٿي. هڪ طرف ان حوس جي پورائي لاءِ ٽي ٽي شاديون ڪن ٿا، ٻئي طرف سُريتون به رکن ٿا. اهڙي بيمار حوس وڌڻ تي نوڪرن سان به زيادتيون ڪندا آهن. هيءَ ڪھاڻي هم جنس پرستيءَ جھڙي تڪراري موضوع کي ظاهر ڪري ٿي. ٻئي طرف حويليءَ جي لڪل لقائن تان به پردو کنيو ويو آهي. وڏيري جي زال مڙس جي اهڙي فعل کي ڄاڻندي به ان تي ڪاوڙ يا ڪروڌ ان ڪري نٿي ڪري، ڇو ته ساڳئي ئي نوڪر سان هوءَ پاڻ به ملندي رهي ٿي. وري نوڪر جي زال وڏيري جي سريت بڻجي وڃي ٿي. اها خبر هوندي، مڙس (نوڪر) به ان تي ڪو اعتراض نه ٿو ڪري. ڇو ته وڏيرو کين پئسي ڏوڪڙ ۾ نوازڻ سميت سندن سڀ ضرورتون پوريون ڪرڻ لڳي ٿو. ٻيو ڪارڻ اهو هيو ته ساڳئي نوڪر سان ننڍي سائڻ به سيٽ هئي، جنھن سبب سڀني جا وات بند هئا. ڪھاڻيءَ ۾ آهي:
”وڏيرڪي ماني، آرام،آسائش ۽ حويليءَ جي عيش هن جي رت کي بلڪل برف جھڙو ٿڌو ڪري ڇڏيو هو. ان ڏينھن کان پوءِ جنا سوڍي جو وارو وٺرائيندي رهي. وڏيرو جيئن پوءِ تيئن جنس ڏي وڌيڪ مرغوب ٿيڻ لڳو. ائين به نه هو جو وڏيري ڪجهه ڏٺو ئي نه هو. ڳوٺ ۾ ٻه سُريتون اڳ ئي هيون ۽ زالون به ٻه ٽي هيس. پر جَنا کي هو سڀ کان وڌيڪ ڀائڻ لڳو هو. پنھنجي ننڍي وڏيري ڀانا کان به وڌيڪ ! ڀانا هو تازو تازو پرڻيو هيو. مٿس هن جو ڏاڍو راضپو هيو. هو به مٿس ڏاڍو مھربان هئي ۽ سندس هر مرضي رکندي هئي. جڏهن حويليءَ ۾ سندس ۽ سوڍي جي تعلقات جي خبر پئي هئي ته وڏين ٻنهي بيگمن ڪجهه مُنهن گهنجايو هيو، پر ڀانا وڏيري اڳيان ناراضگيءَ جو ڪو به اظھار نه ڪيو هيو. پر ٻي رات کيس ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو ته کيس انهن حرڪتن جو اتي جاري رکڻ تي ڪو به اعتراض نه هيو.“ (6)
ان معاملي کي اڃا به وائکو ڪندي، ڪجهه تلخ رُخ هن ريت پيش ڪري ٿو:
”ڪوٺي جو در ٻيڪڙيل هو. هوريان، پير پير ۾ وجهي، بنگلي جي ٻاهرين در ڏانھن وڌيو- ڄڻ هن جنا ۽ وڏيري جي صحبت ۾ خلل وجهڻ نه پئي چاهيو. بنگلي جو ٻاهريون در ٻيڪڙي جڏهن هو اڳتي وڌيو ته کيس اندران وڏيري ۽ جنا جا گاڏڙ ٽھڪ ٻڌڻ ۾ آيا، پر سوڊو انهن ٽھڪن ٻڌڻ جو عادي ٿي چڪو هيو. سو هن انهن ٽھڪن تي ڪو ڌيان نه ڏنو، پر دل ئي دل ۾ هڪ وڏو ٽھڪ ڏيئي، بغير ترسڻ ۽ پوئتي نهارڻ جي ڳوٺ واري پيچري تي لڳي پيو. سينڌ تي هٿ گهمائي سينڍون هڻندو هو وڏين وکن سان ڳوٺ طرف وڌڻ لڳو. ڇو جو هن ڄاتو پئي ته اڄ هن جي ننڍي سانئڻ ڀانا، حويليءَ جو پويون در کوليون، هن جي اوسيئڙي ۾ ويٺي هوندي.“(7)
هن ڪھاڻيءَ ۾ حويليءَ جي زندگيءَ جي ڳجهن رازن تان پردو کڻڻ سان گڏ سماجي اخلاقي قدر جي زوال کي به چٽيو ويو آهي. وڏيري جي حويلي کان وٺي غريب جي جهوپڙيءَ تائين ماڻهپي ۽ قدرن جي دردناڪ موت جو نوحو آهي.
رشيدڀٽيءَ جي ڪھاڻي ’خداداد‘ هندو مسلم فسادن ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تي لکيل آهي. خداداد هڪ ڳوٺاڻو نوجوان ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو انسانن جو هڏ ڏوکي ۽ احساس رکندڙ ڪردار آهي. هن کي ناانصافي بلڪل نه وڻندي هئي. جتي نا انصافي ڏسندو هيو، اتي آواز اٿاريندو هو. نتيجي ۾ اڪثر هنڌن تان کيس ڪڍيو ويندو هو يا پاڻ ئي ڇڏي ڏيندو هيو، هندن سان به گهاٽي ياري هئس. هندو مسلم فساد ۾ بي ڏوهي جيل ڪاٽي ٿو. ان جي باوجود هندو ڀائرن جي ملڪ ڇڏڻ ۽ لڏپلاڻ جو ڏک محسوس ڪري ٿو. هن کي ورهاڱي جو صدمو پھتو، جنھن جي موٽ ۾ هن کي سڀ چريو سمجهڻ لڳا هئا. ڇو ته هو سرڪار ڏانھن عجيب خظ لکڻ لڳو، جنھن ڪري هن کي چريو ڄاڻائي گدوءَ ۾ داخل ڪرايو ويو هو. جيئن ڪھاڻي ۾ آهي:
”خدن چريو ٿي پيو هيو، ۽ سرڪار ڏانھن خط لکي گهُر ڪندو هو ته جڏهن مھاتما گانڌيءَ جي ماڻهن کي هندستان ٿو موڪليو وڃي ۽ قائد اعظم جي ماڻهن کي پاڪستان ٿو اماڻيو وڃي ته خدا جي ماڻهن کي خدا جي ملڪ ڏانھن موڪليو وڃي. مٿان ڪاغذ اتي جي اختيارن ڏانھن آيا، جن خدن کي ڊاڪٽر ڏانھن موڪليو ۽ آخر سڀني گڏجي فيصلو ڪيو ته خدن لاءِ بھترين جاءِ رڳو گدو بندر ئي هئي ! کيس سندس گهر مطابق اوڏانھن اماڻيو ويو.“ ( 8)
رشيد ڀٽيءَ جي ڪھاڻي ’ديس ستو دل وارا جاڳيا‘ جنگ جي خوفناڪ پس منظر ۾ لکيل آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد جڏهن هندستان ۽ پاڪستان الڳ الڳ شناختن سان آزاد ٿيا، ته انهن وچ ۾ هڪ نفسياتي جنگ ته شروع ٿي، پر عملي طور به جنگيون لڳنديون رهيون. ان جنگ ۾ هڪ ٻئي جون عورتون کڻڻ، هڪ ٻئي جا ماڻهو مارڻ ته جنگ جي عام ڪھاڻي هوندي آهي، پر هن ڪھاڻيءَ ۾ همدرديءَ جا جذبا به ڏيکاريل آهن. دلي محبت جاڳائيندڙ ڪردارن وسيلي هڪ ٻئي کي معاف ڪندي به ڏيکاريو ويو آهي. ڪھاڻيءَ ۾ هڪ ڪردار مانجهي نالي سان آهي، جنھن جي ڪنوار جنگ ۾ ماري وڃي ٿي. مانجهيءَ جا دوست هڪ هندو عورت کي کنڀي کڻي اچن ٿا ۽ ڪنوار جو بدلو وٺڻ لاءِ ان کي مانجهيءَ جي حوالي ڪن ٿا. پھرين مانجهيءَ جي دل ۾ به بدلي خاطر ساڻس نڪاح جو خيال اچي ٿو، پر پوءِ هڪدم منجهس انسانيت جو جذبو جاڳي ٿو. هو ان کي پنھنجي ڀيڻ چئي، عزت سان چادر اوڍائي ٿو. ائين ئي دشمني محبت ۽ انسانيت تي ختم ٿئي ٿي. هن ڪھاڻيءَ ۾ سنڌين جي روايت ۽ قدرن جي به عڪاسي ٿيل آهي. گڏوگڏ سماجي حقيقت نگارن وانگر جنگ کان نفرت جو احساس به ڏياريل آهي.
ڊاڪٽر نواب ڪاڪا جي لکت موجب :
”رشيد ڀٽي روشن ضمير ۽ آدرشي ليکڪ آهي، ڪھاڻي ۾ نه هو صرف انسانن جي وجود ۾ ڀريل بدبودار پونءُ کي ظاهر ڪري ٿو، بلڪه باضمير، غيرت مند تازي تواني انساني هڪجھڙي ڳاڙهي رت کي به ظاهر ڪري ٿو.مانجهي وٽ جڏهن پلئه ڪرڻ لاءِ دشمن جي ذات واري ڪنواري عورت پيش ڪئي وئي ته هن بدلي واري باهه ۽ وحشي پڻي تي ضابطو آندو. هن انسانيت جي لڄ رکندي. مظلوم عورت کي پنھنجي ڀيڻ بڻايو. ڪھاڻيڪار دل وارن جي سجاڳي واري پيغام کي ٻنهي طرف پھچائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.“(9)
رشيد ڀٽيءَ جي ڪھاڻي ’جيئي سنڌ‘ هڪ متضاد ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ هڪ طرف ملائيت آهي ته ٻئي طرف ترقي پسند قوتون آهن. هيءَ ڪھاڻي مذهب ۽ قومي تضاد جي وچ ۾ ڊوڙي ٿي. جهيڙو حق موجود، ۽ صدا موجود جي سلام تان ٿئي ٿو. يا ’جيئي سنڌ‘ چوڻ تان. ملن جو خيال هو ته ترقي پسند اسلام جي شڪل ئي بگاڙي رهيا آهن ۽ ترقي پسندن جو موقف هو ته هو سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندن مقصد اسلامي احڪامن جي خلاف ورزي نه، پر اسلام غلط تشريح ڪندڙن کي روايتن بابت سمجهائڻ آهي. هي ڪھاڻي ان چٽا ڀيٽيءَ جو خوبصورت بيان پيش ٿي ڪري.
”هنن ترقي پسندن تصوف جي آڙ ۾ اسلام جو حليو ئي بڳاڙي ڇڏيو آهي. نالو تصوف جو، ڳالهيون ڪفر جون ! هاڻي ته وري هنن صوفين کان وڌيڪ هڪ ٻيو اسلام ايجاد ڪيو آهي.“ ايترو چئي، هن اخبار کڻي کولي مون آڏو ڪئي ۽ هڪ خبر طرف اشارو ڪيو. ترقي پسند اديبن جي مخالفت ۾ اڳري مشھور پير جي اخبار ڪنھن نامعلوم اديب جي نالي ۾ پريس بيان شايع ڪيو هو، جنھن ۾ ترقي پسندن تي ڇوهه ڇنڊيا هئا ته هنن شرعي ۽ اسلامي نموني جو سلام ڇڏي، نئون سلام ’جيئي سنڌ، سدا جيئي‘ جو شروع ڪيو هو. ترقي پسندن ۽ ملحدن جي ان حرڪت ڪري، اسلام پسند حلقن ۾ سخت تشويش ۽ غصو پيدا ٿيو آهي.(10)
اها صورتحال ۽ ٽڪراءُ سنڌي سماج اندر اڄ به موجود آهي. اڄ به مذهبي تنگ نظرن ۽ ترقي پسندن وچ ۾ علمي ڪشمڪش مختلف شڪلين ۾ موجود آهي.رشيد ڀٽي جي ڪھاڻي ’واڻيا ڙي واڻيا‘ هڪ بھترين ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ ورهاڱي کان اڳ واڻين جو سنڌ ۾ رهڻ وياج وٺڻ يا اوڌر ڏيڻ ته عام هو، پر انهن ۾ عزت ۽ مان ڏيڻ جو جذبو به شامل هو. انهن جي اندر ۾ محبت ۽ احساس به هو. انهن جڏهن سنڌ ڇڏي ته وڃڻ مھل قرض ۽ وياج به معاف ڪندا ويا هئا، پر انهن جو غلظ فائدو اتان ايندڙ مھاجر مسلمانن کنيو هو. هي سکر ۾ رهندڙ ڪردار مائي ڀانا جي ڪھاڻي آهي. ان ڪھاڻيءَ لاءِ تنوير عباسي چوي ٿو :
”’واڻيا ڙي واڻيا‘ هڪ دردناڪ حقيقت آهي. رشيد ڀٽي جا افسانا ۽ ڪردار هوائي نه پر جيئرا جاڳندا هوندا آهن. مان ان حقيقت جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. هن جا افسانا ان ڪري به اهم آهن، جو انهن ۾ اسان جي دور جي سنڌ جي ڪردارن، انهن جي نفسيات ۽ مختلف طبقن جي لاڙن ۽ سياسي ۽ سماجي ماحول جي چٽسالي ڪيل آهي. مائي ڀانا به هڪ اهڙو ڪردا ر آهي، جيڪا هڪ پرمار مان نجات ته حاصل ڪري ٿي، پر ٻئي ۽ ان کان بدتر پرمار جي ظلم جو شڪار ٿي، پنھنجو ذهني توازن وڃائي ٿي ويھي. ورهاڱو ان جي سورن ۾ گهٽتائي آڻڻ بجاءِ انهن ۾ اضافو ٿو ڪري.“ (11)
مائي ڀانا ورهاڱي کان اڳ خوشحال زندگي گذاري رهي هئي. جڏهن ته ڪنھن واڻئي جي قرضي به هئي. پوءِ به ان واڻئي سندس زندگي زهر نه ڪئي هئي. قرضي به بيواهه ٿيڻ کان پوءِ سندس مڙس جي ڪنھن مائٽ جي چالاڪي سان ٿي هئي، جنھن هن کان ڪوڙا آڱوٺن جا نشان وٺي، جاءِ گروي رکرائي هئي ۽ پئسا کڻي ويو هليو هو. ورهاڱي کان اڳ وياج ڏيندي هئي، پر وڃڻ مھل ڪاڪي وياج به معاف ڪندي چيو ته:
”ماتا! هان وٺ پنھنجي ملڪيت جي خلاصي!“ هن دستاويز مائي ڀانا کي ڏيندي چيو، ”مون پنھنجو حق توکي بخشيو ۽ جي توسان ڪا گهٽ وڌائي ٿي وئي هجيم ته بخشي ڇڏجانءِ.!“ (12)
واڻيو ته گهر ڏيئي ويو، پر ڪنھن پاڪستان جي مسلم نواب مائي ڀانا جو گهر دوکي سان قبضي ۾ ڪري، ان کي بي گهر ڪري چريو ڪري ڇڏيو هو. نتيجي ۾ هوءَ رستن جي رولاڪ بڻجي وئي. ورهاڱي ان جي سکن جو به ورهاڱو ڪري ڇڏيو هو. مائي ڀانا پنھنجي مسلمان ڀاءُ کي منٿون ڪندي رهي، پر ان نه ٻڌي.
”ڪراڙو جند ڇڏي ويو باقي تون ڪلمي گو مسلمين ڀاءُ وٺي ڇو ناحق تي چڙهيو آهين! ڪجهه ته ترس کاءُ. مُور ۽ وياج جا سڀ پئسا وٺ، پر خدا جي واسطي مون کي بي گهر نه ڪر!“ هن کيس آخر ۾ ايلاز ڪيا هئا. ”مون جاءِ پنجن هزارن ۾ ورتي آهي پوڙهي! مٿو ڦريو اٿئي ڇا؟” نواب نوابي اسٽائيل ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو هوس.“ (13 )
رشيد ڀٽيءَ جي ڪھاڻي ’ڀرم‘ ۾ وڏيرن جي حويلين جو عڪس چٽيل آهي. هن ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪنھن غير مرد لاءِ ڪوٽن جون ديوارون ٽپي حويلين ۾ داخل ٿيڻ ۽ انهن جي عزتن سان تعلق رکڻ ته جائز لڳي ٿو، پر ڪنھن ٻاهرئين ۽ ڌاريئي ماڻهو سان رشتو ڪرڻ سندس غيرت جي خلاف ٿيو پوي. هي ڪھاڻي موضوعاتي حوالي سان جاگيردارانه نظام تي تنقيد آهي،
ڊاڪٽر غفور ميمڻ موجب:
”هن ڪھاڻيءَ ۾ وڏيري جي حويلي جي راز کي وائکو ڪيو ويو آهي.ته بظاهرته هي ماڻهو شرافت، اخلاق، عزت ۽ روايتن جا پاسدار هوندا آهن، پر ڪوڙي ڀرم خاطر هو عزت يا غيرت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيندا آهن. هن ڪھاڻي ۾ حويلي جي ڇوڪري جي جنسي ڇڙواڳي جو ته ڀرم رکيو وڃي ٿو. پر ڪيس پنھنجي پسند جي شادي ڪرڻ جي آزادي نٿي ملي، ڇو ته سندس پسند سندس طبقي ۾ ناهي.(14)
رشيد ڀٽيءَ جي ڪھاڻي ’وطن دوستي‘ ۾ سنڌي آفيسرن ۽ ڪامورن کي وڪڻجندي ڏيکاريو ويو آهي. حڪومت جيترو نوازي ٿي، اوترو هو دولت خاطر سنڌ دشمن ٿي بيھن ٿا. هيءَ ڪھاڻي اهڙن ڪردارن تان پردو کڻي ٿي، ته ڪي ماڻهو پنھنجي وطن سان ڪيتري سچائي رکن ٿا.
تنوير عباسي موجب:
”وطن دوستيءَ جو مرڪزي ڪردار اسان جي نوڪر شاهي طبقي جو نمائنده ڪردار آهي. رشيد ۽ اسان جي ٻين سڀني دوستن جو ويجهو واسطو رهيو آهي.“ ( 15 )
رشيد ڀٽيءَ جي تحريرن ۾ مزاح ۽ سنجيدگي جي گڏيل تصوير ملي ٿي. جنھن انداز ان جي ڪھاڻي جي لفظن ۾ انوکا رنگ ڀريا آهن. لڙڪ ۽ مرڪ گڏجي سندس تحرير جي سونھن بڻجي بيٺا آهن.هو ٿڌي طبيعت جو مالڪ هو. جنھن پنھنجي لکڻين ۾ جذبات جي بجاءِ نرم احساس رکيا آهن. جنھن فن پڙهندڙ جي دلين کي ڇھي ورتو آهي. ان جي فڪر ۾ سماج جي ڪڙي ۾ ڪڙي حقيقت شامل آهي. ان جي فن ۾ طنز نه پر پيار شامل آهي.هو نانگ ته مارڻ ٿو چاهي پر گڏ لٺ بچائڻ جي به ڪوشش ڪري ٿو.
جمال ابڙي جي لکت موجب:
”رشيد ڀٽي هڪ اهڙو اديب آهي، سندس ماٺيڻي طبيعت جي تحت مئي متي مھراڻ جون ڇوليون لڙ ۽ لھرون آهن، سندس طنز ۾ پيار ۽ سندس لڙڪ ۾ مرڪ آهن. هن اکرن ۾ جان ڀري آهي، جن ۾ ساهه آهي، جن ۾ رنگ آهي منجهن سندس احساس ۽ ڪومل دل جو نچوڙ آهي.“ (16)
سندس ڪھاڻي ’ڀيلو گهوڙو‘ به به هڪ اهڙي ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو، جيڪو دنيا جي مسئلن کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي ۽ فرار جو رستو اختيار ڪري ٿو. هن ڪھاڻيءَ جو ڪردار پنھنجي ٻارن جي خواهشن کي پورو نه ٿو ڪري سگهي. ان ڪري هو ڀڄي وڃي ٿو. حالتن کان فرار جو خاص طريقو هو تبليغ کي بڻائي ٿو ۽ تبليغي ملن سان گڏجي، ڏورانهن علائقن ڏانھن تبليغ بھاني نڪري وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت ماڻهن کي مذهبي درس سيکاريندڙ شخص پنھنجي ڪٽنب کان لاتعلقي اختيار ٿو ڪري، جنھن سان ڪردار جي ٻٽي شخصيت ظاهر ٿئي ٿي. رشيد جي ڪھاڻي ’تاريخ جو آواز‘ به هڪ بھترين ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ ماضيءَ کان وٺي حال تائين جي زبردست عڪاسي ٿيل آهي. تاريخي ڪردارن جي پيڙائن جو هيءَ ڪھاڻي ڀرپور آواز آهي. هي سڄو افسانو تاريخي ڪردارن ۽ ماڳن جو داستان بيان ٿي ڪري. ان ريت رشيد ڀٽيءَ جي ڪھاڻين ۾ سماج، ان جا مختلف پرت، پھلو ۽ ڪردار ملن ٿا. هن وٽ سماج جا اجتماعي توڙي فردن جا ڏک سور چٽيل آهن. جابجا سماج جا مسئلا ڪر کنيو بيٺا آهن.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو ته:
”انهي مان ثابت ٿيو ته رشيد ڀٽي عام ماڻهو جي هر مسئلي کي اهميت ڏئي ٿو. چاهي اهو معاشي، نفسياتي يا سماجي هجي.“( 17)
سندس بھترين ڪھاڻين ۾ ميرل، هڪ رپئي جو نوٽ، ڍوَ بنا ڍوليا، هر تمنا زندگي کان انتقام، سڙيل نوڙي وغيره شامل آهن. سندس ڪھاڻي ڪتابن ۾ گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ، ديس ستا دل وارا جاڳيا، مزاحيه ڪھاڻيون ۾ ناري جي رات، ناٽڪ عاشق زهر پياڪ، مزاحيه ڪالم، اوڀاريون لھواريون (مزاحيه تقريرين جو ڪتاب)، سوشلزم تي ڪتاب، سچ جو فلسفو، رياست ۽ آزادي، ڪميونسٽ پڌرنامي سان گڏ پاڪستان جا پراڻا شھر، جڏهن جهوڪ جهريو وغيره لکيا اٿس، ان کان علاوه دنيا جا عظيم افسانه، ناول، چتر لکڻي، قومي شاعريءَ جو ڪتاب آڏي ڍال ۾ ڍار، انگلينڊ جا اڍائي سال، تضادن جو فلسفو، ويٽنامي ناول ’ويرين جي وسندي‘ جو ترجمو پڻ ڪيو اٿس.
نتيجو:
رشيد ڀٽي بنيادي طور هو ترقي پسند ۽ روشن خيال ليکڪ هو. سماج جي هر اوچ نيچ تي سندس گھري نظر هئي. هن زماني جو سختيون به سَٺيون هيون، جنھن جو اولڙو سندس تحريرن ۾ به ملي ٿو. سندس اڪثر ڪھاڻين ۾ سنجيده هئڻ سان گڏ مزاحيه عنصر به شامل آهي. سندس ڪھاڻين ۾ سماجي ۽ تاريخي شعور سان گڏ فني ۽ فڪري پختگي به ملي ٿي. هن جي ڪھاڻين ۾ موضوع جي حوالي سان ڪردارن جي نمائندگي به بھترين نموني ڪيل آهي. سندس ڪھاڻين جا موضوع تلخ حقيقتن تي ٻڌل آهن. هر ڪھاڻي موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان معياري ڪھاڻي آهي. هو هڪ سماجي ليکڪ هئڻ جي ناتي سماج جي هر مسئلي جي عڪاسي سھڻيءَ ريت ڪري ٿو. جيڪو پڙهندڙ جي دل ڪافي اثرائتو ثابت ٿئي ٿو. سندس ڪافي ڪھاڻيون مقبوليت ماڻي چڪيون آهن، جنھن ۾ جيئي سنڌ، بڻ، ديس ستو دل وارا جاڳيا قابل ذڪر آهن.
حوالا
- ڀٽي رشيد، ( تنويرعباسي)ديس ستو دل وارا جاڳيا، سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد، 1985ع، ص 12،11
- ايضا ، ص 7
- ڀٽي رشيد، (خالد سنڌي) ديس ستو دل وارا جاڳيا، سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد، 1985ع، ص 6
- ڀٽي رشيد، گهڙي گهڙي هڪ گهاءُ، پاڪستان رائٽرز گلڊ،سکر، 1963، ص 30
- ميمڻ ڊاڪٽرغفور، سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي،2002ع ص، 393
- ايضا، ص 52
- 7. ايضا ، ص 55
- 8. ايضا ،ص 81
- 9. ڪاڪا،ڊاڪٽر نواب،رشيد ڀٽي جو افسانو (مضمون )، ڪلاچي شمارو 2، شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي، 2022ص، 158
- ڀٽي رشيد، ديس ستو دل وارا جاڳيا، اڪيڊمي،1985 ع،ص 33
- ايضا، ص 16
- ايضا، ص 50
- ايضا،ص 53
- ميمڻ ڊاڪٽرغفور، سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 2002ع،ص، 393
- ڀٽي رشيد، ( تنويرعباسي) ديس ستو دل وارا جاڳيا، سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد، 1985ع
- رشيد ڀٽي، (خالد سنڌي) ديس ستو دل وارا جاڳيا، سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد، 1985ع ص،30
- ميمڻ ڊاڪٽرغفور، سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 2002ع ص، 392