سنڌي لوڪ ادب جي تاريخ نويسيءَ جو تنقيدي جائزو
(Critical Review of Printed History Book of Sindhi Literature)

عزيز ڪنگراڻي

Abstract

The paper is an attempt to discuss and analyze the historiography of Sindhi folk literature. It has been observed that most historians haven't given proper attention to Sindhi folk literature. Only a few historians have written formally about folk literature. Some historians have only collected the material; some have elaborated Sindhi folk literature material; while some have solely explained concerning genres of the folk literature. The paper endeavors to review, in a critical method, the published history of Sindhi folk literature is in the light of the folk literature historiography.

The article aims to probe the histories of Sindhi folk literature analytically, that haven't examined the literary factors of the legends, fables, and folklore concerning the styles, plots, techniques, elements, themes, conflicts, and actual backgrounds. Similarly, the styles of genres of folk poetry have also not been adequately discussed in the said history. An attempt has been made to clarify that love legends like Sassi Punhoon and others are not semi-historical. These are pure traditional legends that are most probably rooted in the matriarchal society.

Meanwhile, the paper also focuses on the social backgrounds and central ideas of some folk poems, especially "Jamalo" which are misinterpreted by historians. On the other hand, it has been tried to examine the new aspects of folk literature ignored by historians & researchers.

Keywords: Sindhi Folk Literature, History, Folk Tales, Folk Poetry, Jamalo, Historiography, Criticism.

دنيا جي لوڪ ادب وانگر سنڌي لوڪ ادب جو پاڙُون به قديم زماني ۾ کُتل آھن، پر سنڌي ادب ۾ خاص طور لوڪ ادب جي مورخن ان سلسلي ۾ کوج يا تحقيق جي ضرورت ئي محسوس نه ڪئي آھي. سنڌي شعري لوڪ ادب ھجي يا نثري لوڪ ادب، ان جي تاريخ نويسيءَ تي ڪم تمام گهٽ ٿيو آھي. مؤرخن لوڪ ادب جي تاريخ جي ڪَٿ ڪرڻ جي ڪوشش ادبي تاريخ جي مؤرخن گهٽ ڪئي آھي ۽ ان کي ادب جي تاريخ ۾ خاص جاءِ به نالي ماتر ڏني وئي آھي. جيڪڏھن ڪنھن مؤرخ لوڪ ادب ۽ ان جي تاريخ نويسي بحث ھيٺ آندي به آھي ته اھا ڪنھن به طرح سائنسي تحقيق جي معيار تي پورو لھندڙ نه ٿي چئي سگهجي. ادبي تاريخن ۾ لوڪ ادب ۽ ان جي صنفن يا نمونن جو اُڇاترو تعارف ملي ٿو. ان سلسلي ۾ سِي اي ڪنڪِيڊ جي ڪتاب ۾ ڄاڻايل آھي ته:

”سنڌ ۾ لوڪ آکاڻين بابت پسنديدگي ۽ موهه اڄ نه پر ھزارين سالن جو پسمنظر رکي ٿو“ ( 1)

حالانڪ پسمنظر وارو اھو پھلو تقابلي جائزي سان لکيل ادبي تاريخن ۾ ھجڻ گهرجي ھا ته سنڌي لوڪ ادب سنڌي سماج ۾ سماجي، سياسي، ثقافتي ۽ مذھبي تبديلين ۽ اثرن ھيٺ ڪھڙن ممڪن دورن ۾ اُسرڻ شروع ٿيو ھوندو. سنڌي لوڪ ادب ٻين ٻولين جي لوڪ ادب جي اثر ھيٺ اُسريو يا پاڻمرادو ارتقائي مرحلا طئي ڪيائين. هڪ مطالعي مطابق لوڪ ادب قديم زماني کان اُسريو ۽ نسريو. عوام جي دلچسپيءَ سبب آڳاٽي زماني کان وٺي 1970ع واري ڏھاڪي تائين لوڪ ادب جي عوام وٽ وڏي اھميت رھندي آئي ۽ سنڌ ۾ اوطاقون لوڪ ادب جو مرڪز رھيون، جن جو راقم پڻ مشاھدو ماڻيو. لوڪ ادب جي اوسر، ارتقا ۽ امڪاني عرصي بابت هن مقالي ۾ بحث ڪيو ويو آھي.

سنڌي ادب جي تاريخن ۾ صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ نثري ۽ شعري ادب جي ممڪن قدامت تي بحث ملي ٿو. ادبي تاريخن ۾ ذڪر ڪيو ويو آھي ته:

”اٺين صدي عيسوي ۾ ھڪ سياح عالم آچاريه ’اويدتن‘ سوراشٽر جي درٻار مان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي کوجنا لاءِ سنڌ ۾ آيو. 778ع ۾ موٽي وڃي پنھنجي کوجنا جي آڌار تي ڪتاب ’ڪوليه مالھا ڪھا‘
لکيائين. ان ۾ سنڌي ٻولي بابت لکي ٿو ته، ”اسان اُھي سنڌي شاعر ڏٺا، جن کي پنھنجي ملڪ تي ناز ۽ سريلي نغمگي جو ذوق ھو. ھنن پنھنجي نغمگي کي نزاڪت ۽ ميٺاڄ سان ڍلي پد ۽ ڍار سان نھايت ئي سُريلي انداز ۾ ڳاتو ٿي“ (2).

ساڳي ڳالهه ھرجاڻي پڻ هن ريت لکي آھي ته:

”اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنڌي باوقار، پيار ۾ مٿانھان، نرم ۽ ڌيرج ڀريا سگهارا آھن. اھي گيتن، موسيقي ۽ ناچ جا شوقين آھن. اھي پنھنجي وطن سان پيار ڪن ٿا.“ (3)

انهن حوالن ڏيڻ جو مطلب اھو ھو ته، انهن ۾ شعر بابت جيڪو چيو ويو آھي، اھو لوڪ شعر به ٿي سگهي ٿو، پر ادبي مؤرخن صرف شعر جي قدامت لاءِ درج ڪيو آھي، لوڪ شعر جو انومان به ظاھر نه ڪيو آھي. سنڌي شعر جي قدامت بابت جيڪو ذڪر آھي، سو بيان ممڪن آھي ته لوڪ موسيقي، لوڪ راڳداري ۽ لوڪ شاعريءَ سان گڏ دودي چنيسر جھڙن ٻين منظوم سنڌي لوڪ داستانن جو شاعري ۾ بيان ٻُڌو ۽ ڪيو ويو ھجي، ڇاڪاڻ ته جياپالن لکيو آھي ته:

”ڏکڻ ايشيا خاص طور ھندستان ۾ منظوم ڪھاڻين (Epics) جو دور 1000 ق. م کان 600 ق. م ڄاڻائن ٿا“ (4)

غالب گمان آھي ته سنڌي لوڪ ادب جي تاريخ جون جڙُون پڻ اھڙين منظوم لوڪ يا ڏند ڪٿائي ڪھاڻين ۽ لوڪ شعر وانگر قبل مسيح ۾ ھجن. اوسر ۽ ارتقا جا مرحلا طئي ڪندي سنڌي لوڪ ادب اُسريو ۽ نسريو ۽ سيني به سيني سفر ڪندو آيو، پر ادبي تاريخن ۾ ان بابت ڪا معلومات شامل ناھي.

سنڌ جي ادبي مورخن پنھنجي لکيل تاريخن ۾ لوڪ ادب جي ان رُخ کي ورلي ڇھيو آهي. انهن محض سنڌي شعري، ادب ۽ نثري ادب کي ادب سمجهيو ۽ انهن سنڌ جي لوڪ ادب کي ادبي اھميت نه ڏني ۽ نڪي ان جي اوسر کي موضوع بڻايو. انهن لوڪ ادب ۽ ان جي تاريخ کي بلڪل نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي. انهن مورخن ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (سنڌي ادب جي مختصر تاريخ)، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو (سنڌي ادب جي تاريخ)، خان بھادر محمد صديق مسافر (سنڌ جي ادبي تاريخ)، اڪبر لغاري (سنڌي ادب جو مختصر جائزو)، منگهارام ملڪاڻي (سنڌي نثر جي تاريخ)، مختيار ملاح (سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو) ۽ ٻيا ڪجهه شامل آھن.

جن ادبي مؤرخن لوڪ ادب تي لکيو آھي، انهن منجهان ھڪ اڌ کان سواءِ سنڌي لوڪ ادب جي تاريخ جي ڪنھن به مورخ پيرائتي ڇنڊڇاڻ نه ڪئي آھي. سنڌي لوڪ ادب جي صنفن يا قسمن کي يا ته صرف سھيڙيو ويو آھي يا انهن بابت سطحي بحث ڪيو ويو آھي. لوڪ ادب بابت جن تاريخ نويسن لکيو آھي، تن ۾ گهڻائي انهن جي آھي، جن صرف شعري لوڪ ادب کي ئي لوڪ ادب سمجهيو. انهن لوڪ ادب جي ممڪن قدامت تي بحث بجاءِ ان کي وڌ ۾ وڌ اسلامي دور جي شروعات تائين محدود رکيو آھي. انهن ادبي تاريخن ۾ لوڪ ادب جي سرجڻ واري ممڪن قدامت يا تاريخ تي گهٽ محققن جو ڪم نظر اچي ٿو. سائنسي تحقيق جي روشني ۾ ڪنھن به ادبي مورخ سنڌي لوڪ ادب جي ممڪن تاريخ بابت انومان واري نگاھ به نه وِڌِي آھي. جن محققن جي ڪم ۾ ان حوالي سان بھتر انداز اپنايل ملي ٿو، انهن ۾ سرفھرست ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آھي، جنھن سنڌي ادبي بورڊ جي سھڪار سان لوڪ ادب جو اڻمَيو ذخيرو گڏ ڪري ڇپايو. ٻيو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو آھي، جنھن جو لوڪ ادب بابت ضخيم ڪتاب، ’لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو‘ آھي، جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو گهڻو تڻو موضوع شعري لوڪ ادب آھي، جنھن سان ھن خوب نڀايو آھي. ٽيون ڊاڪٽر قاضي خادم جو ڪتاب ’سنڌيءَ جا نثري داستان‘ به اھميت لائق آھي، جنھن ۾ ھن نثري لوڪ ادب جي داستانن، لوڪ ڪھاڻين جي قدامت، ارتقا، فن ۽ ڪردارن تي ڪجهه بھتر نموني روشني وڌي آھي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جو ڪتاب، ’سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ‘ پڻ آھي، جنھن ۾ به لوڪ ادب جي صنفن بابت صرف روايتي بحث ڪيل آھي.

سنڌي لوڪ ادب جي تاريخن ۾ سنڌي شعري يا نثري لوڪ ادب جي ڪنھن به صنف يا قسم جي فني لوازمات تي بحث غائب آھي. شعري لوڪ ادب جي ڪنھن صنف جي گهاڙيٽي، ساخت يا موسيقي ۽ نثري صنفن ۾ ان جي عنصرن ۽ فن جھڙوڪ: ترتيب، ٽڪراءُ، عروج، اسلوب، پلاٽ، مرڪزي خيال، ڪردار نگاري، واقعه نگاري ۽ نتيجي بابت مفصل بحث لوڪ ادب جي ڪنھن به ادبي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. وڌيڪ نه ته ڪنھن ھڪ لوڪ ڪھاڻي يا رومانوي داستان يا لوڪ شعر جي فني پھلوئن ۽ ساخت تي بحث ٿيل ھئڻ گهرجي ھا. قاضي خادم اھا ڳالهه تسليم ڪندي لکي ٿو ته:

”صرف لوڪ ادب اسڪيم ھيٺ لوڪ ڪھاڻين سان گڏ سنڌ جي نيم تاريخي قصن جي روايتن کي محفوظ ڪيو ويو آھي.“ (5)

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لوڪ گيت ’جمالو‘ جو پسمنظر بيان ڪندي لکي ٿو ته:

”چون ٿا ته ’جمالو‘ نالي ھڪڙو شخص ھو، جيڪو پنھنجي ساٿين کان وڇڙي ويو ۽ ڪي سال ھيٺ لاڙ ڏي جتن سان گذاريائين. ڪجهه عرصي بعد جڏھن وري موٽي آيو ته سندس ساٿين توڙي سڪ وارن خوشيون ڪيون، ناچ ڪيائون ۽ پڻ سندس نالي گيت ڳايائون. جمالو گيت جا اصل مضمون ٻه آھن: ھڪ وڇڙڻ ۽ ٻيو موٽي اچڻ ۽ خوشي ڪرڻ.“ (6(

تحقيقي اک سان ڏٺو وڃي ته لوڪ گيت ’جمالو‘ جو اعليٰ ۽ اجتماعي پسمنظر ۽ مرڪزي خيال اھو نه هوندو، پر ڪجهه محقق وڌيڪ تحقيق ڪرڻ بدران اڪثر هڪ ئي راءِ تي رهيا. بلوچ صاحب وارو بيان ڪيل پسمنظر ممڪن آ ته ھجي. لوڪ گيت ’جمالو‘ جو جيڪو پسمنظر يا مرڪزي خيال معلوم ٿئي ٿو، سو اجتماعي سنڌي سماج يا لوڪ يا ماڻهن جي گڏيل ترجماني آھي. جمالو گيت ۾ ’جتن‘ واري سٽ پوءِ شامل ٿيل لڳي ٿي. سمجهه ۾ ايئن اچي ٿو ته جمالو نالي شخص ڪا ويڙهه وڙھي سرخرو ٿيو ھوندو يا ھن ڪو معرڪو سر ڪيو ھوندو. کيپ کٽي اچڻ يا ڪامياب ٿيڻ بعد موٽيو ھوندو ۽ سندس مداحن ساراهه ۾ ڳيچ ڳاتو. لوڪ گيت ’جمالو‘ ۾ جمالو ھڪ سگهاري ماڻهو يا اجتماعي عوامي ويڙهه ۾ نمائندگي ڪندڙ ۽ سرخرو ٿيندڙ ھڪ شخص جو علامتي روپ لڳي ٿو، جنھن جي معرڪي ۾ ڪاميابيءَ جو هن لوڪ گيت جو پسمنظر ۽ مرڪزي خيال سمايل آھي. گيت جي ٻن بندن تي غور ڪبو ته واضح ٿي وڃي ٿو. ھڪ ’منھنجو کٽي آيو خير سان‘ مطلب ته ڪو ميدان ماري يا کٽي موٽيو ۽ ٻيو ’جنھن جا پير پنج سير لا‘. مطلب سگهارو، طاقتور ۽ اجتماعي سنڌي سماج جي سگهه جي علامت ھو، ڇاڪاڻ ته لوڪ گيت ڪنھن مخصوص گروهه، نه پر اجتماعي عوامي اُمنگن جا ترجمان ھوندا آھن. اڄ به منعقد ڪامياب محفلن جي پڄاڻيءَ تي آخر ۾ لوڪ گيت ’جمالو‘ ڳائڻ به ڪاميابيءَ جو مرڪزي خيال رکي ٿو.

لوڪ گيت ’جمالو‘ جو شاعري جي حوالي سان فني گهاڙيٽو ڪھڙو آھي ۽ ان جي موسيقي ڇا تي آڌاريل آھي؟ ان بابت ڪنھن به ادبي مؤرخ اپٽار نه ڪئي آھي. راقم کي مليل ڄاڻ موجب لوڪ گيت ’جمالو‘ جي ساخت توڙي گهاڙيٽو وائيءَ جي صنف وانگر آھي ۽ ان جي ھر مصرع ۾ موسيقي ڇند وديا جي اصولن تي آڌاريل آھي. ان جي ٿلهه ۽ مصرع ۾ 13 ماترائون ۽ وراڻي ’ھو جمالو‘ 8 ماترائن تي آڌاريل آھي ’جمالو‘ ۾ ’م‘
مشدد ھجڻ ڪري ٻه پد وڌن ٿا تڏھن 8 ماترائون بيھن ٿيون.

سنڌي نثري لوڪ ادب جي صنفن جو پڻ ڪنھن به ادبي مورخ جائزو نه ورتو آھي. جڏھن چڱيءَ طرح غور ڪجي ٿو ته، اڪثر رومانوي لوڪ ڪھاڻين يا داستانن جو لڳ ڀڳ ساڳو سٽاءُ آھي، پر واقعا، جڳھه، ڪردار، مرڪزي خيال يا ٿيم ۽ انهن سان پيش ايندڙ مسئلا مختلف آھن. ھت رومانوي لوڪ ڪھاڻي يا داستان
’سھڻي ميھار‘ تي غور ڪجي ٿو ته سھڻي ميھار جو مرڪزي خيال سنڌي سماج ۾ عورت جي ”راءِ جي آزادي يا پسند“ تي سماجي پابندي خلاف بغاوت آھي. ھن ۾ الميا تي واقعه نگاري ۽ ڪردار نگاري پڻ آھي ته پلاٽ جي تاڃو پيٽو ۾ ٻيا ضمني ڪردار به چُرپُر ڪندي نظر اچن ٿا. المياتي ڪلائميڪس ۽ المياتي پڄاڻي به آھي. مطلب ته اھڙي ريت لوڪ ادب جي تاريخن ۾ ڪنھن به ھڪ صنف جي فني اپٽار ئي شامل ھئڻ گهرجي ھا ته چئي سگهجي ھا ته لوڪ ادب جي مورخن ڪجهه انصاف ڪيو آھي، پر ڪنھن به ھڪ تاريخي ماخذ ۾ ڪنھن به ھڪ لوڪ ڪھاڻي يا داستان جو فني جائزو پيش ڪيل ناھي.

رومانوي لوڪ ڪھاڻين يا روايتي داستانن سسئي پنهون، نوري ڄام تماچي ۽ ٻين کي نيم تاريخي لکيو ويو آھي، جنھن سان ڪنھن ٻئي محقق جو متفق هئڻ لازمي نه آهي. لوڪ ادب جي هڙني مورخن ھنن رومانوي داستانن يا ڪجهه ٻين خالص سماجي يا سياسي پسمنظر تي مبني لوڪ ڪھاڻين کي نيم تاريخي داستان لکيو آھي!

ڊاڪٽر سنديلو لکي ٿو:

”اسان وٽ عمر ماروي، سسئي پنھون، ليلا چنيسر، مومل راڻو وغيره روايتي يا نيم تاريخي قصا آھن. انهن قصن ۾ گهڻي قدر حقيقت به آھي، پر تڏھن به تاريخ جي روشني ۾ اول کان آخر تائين سڌا ٿي نه ٿا بيھي سگهن.“ (7).

سنديلو صاحب خود اعتراف ڪري ٿو ته:

”اھي تاريخ جي روشنيءَ ۾ اول کان آخر تائين سڌا ٿي بيھي نه ٿا سگهن. سندس ھيءُ بيان ان ڳالهه جي تائيد ڪري ٿو ته اھي رومانوي داستان نيم تاريخي نه آھن. ڇاڪاڻ ته عمر سومرو کي امر سومرو به لکيو ويو آھي. مارئي ڀالوا ۾ ستل آھي ۽ ملير ڪراچي وٽ ڦھليل آھي. عمر سومري جي تاريخ ئي متضاد آھي ته قصو ڪھڙي آڌار تي نيم تاريخي چئي سگهجي ٿو؟ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي موجب راڻو راجپوت شھزادو (سوڍو، مينڌرو) ھو.“(8)

 تنھن جي مستند تاريخ ڪھڙي مستند تاريخي ماخذ ۾ آھي؟ مومل جي ماڙي ميرپورماٿيلي ۾ به آھي ته مومل جو ماڳ عمرڪوٽ شھر جي ڏکڻ ۾ ڪُنري روڊ ويجهو پڻ آھي؟ راڻي مينڌري سان ڪٿان جي رھندڙ مومل جو پيچ پيو؟ جيڪڏھن راڻو سومرن جي دور جو ھو ته ان جي تاريخي طور تصديق ڪھڙي تاريخي ماخذ ۾ موجود آھي. خود سومرن جو دور تاريخ جي آئيني ۾ سڌو نظر نه ٿو اچي. صرف روايتي ۽ منجهيل بيان شامل آھن.

بلوچ صاحب ڪتاب ’سھڻي ميھار ۽ نوري ڄام تماچي‘ ۾ سھڻي ۽ ميھار بابت جيڪو طويل بحث ڪيو آھي، سو تاريخ توڙي قصي سان لاڳاپيل نه ٿو لڳي (9). ڄام تماچيءَ بابت تاريخ بيان ڪندي لکي ٿو ته، ”ھيڪر رڪن الدين شاھ تماچي“ جي نالي ۽ لقب سان پھريائين 1366ع کان 1375ع تائين خيرالدين ڄام توڳاچيءَ سان گڏ حڪومت ڪيائين. بعد ۾ غالبن 1388ع کان 1392ع تائين ٻيھر ”سلطان رڪن الدين شاھ تماچي“ لقب سان خود مختيار ٿي سنڌ تي حڪومت ڪيائين. (10). ھت ڄام تماچيءَ سان ٻه نالا ۽ ٻه دور منسوب ڪيا ويا آھن، جيڪي لفظ غالباً ڪم آڻڻ سان خود تاريخ جي صحت کي ڪمزور ظاھر ڪن ٿا. ھڪ تماچي مختلف دورن ۾ مختلف نالن سان حڪمراني ڪري ٿو، سو بيان تاريخي صداقت تي شڪ ظاھر ڪري ٿو. بلوچ صاحب ان سلسلي ۾ واضح به نه ٿو ڪري ته ھڪ ڄام تماچي جا ٻه لقب ڪنھن ۽ ڇو رکيا؟ جڏھن ڄام تماچي جي ڪردار جي تاريخ ۾ مغالطا موجود آھن ته پوءِ نوري ڄام تماچي نيم تاريخي داستان ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟

ساڳيءَ طرح ڪتاب ”سسئي پنهون“ ۾ بلوچ صاحب لکي ٿو:

”سنڌ جي آڳاٽي روايت موجب ھيءُ دلو راءِ جي دور جو داستان آھي.“ ھن ڪتاب ۾ وڌيڪ بحث ڪندي بلوچ صاحب داستان کي نيم تاريخي ثابت ڪرڻ لاءِ، بلوچ قبيلن جي سنڌ ۽ گجرات ڏانھن لڏپلاڻ ۽ آري ڄام جو ذڪر ڪندي ڀنڀور جو ذڪر ڪري ٿو ۽ خود ئي لکي ٿو ته اھو ديبل آھي. ساڳي وقت ھن ڪتاب ۾ سسئي کي سيوھڻ جو به ڄاڻائي ٿو. (11)

بلوچ صاحب جي مٿئين بيان جي سلسلي ۾ اھو صاف چئي سگهجي ٿو ته، نه آري ڄام جي مصدق تاريخ ۽ دور موجود آھي، نه دلو راءِ جي مستند تاريخ ۽ دور ملي ٿو. وڏي ڳالهه ته آري ڄام بلوچ نه، پر سمو ھو. دلو راءِ کي اروڙ، برھمڻ آباد ۽ سيوھڻ جو ڄاڻايو ويو آھي. اھا ڳالهه ئي سندس تاريخي حيثيت کي تاريڪيءَ ۾ اڇلي ٿي ته دلو راءِ به ڪو ھو (انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، ويب). ٻئي پاسي بلوچ صاحب تاريخ ظاھري ۽ ’تحفته الڪرام‘ جي روايتن کي بحث ھيٺ آڻيندي دلو راءِ جي تاريخي حيثيت نه ھجڻ جي جھڙوڪر تصديق ڪري ٿو ته:

”تاريخي طور دلوراء جو دور ھن وقت تائين روشن ٿيل ناھي، پر اسان جي راءِ ۾ عرب دور جي پڄاڻي بعد دلوراء پھريون مشھور حڪمران ٿيو، جو ھڪ مدبر ۽ داناءُ ھو ۽ جنھن دور ۾ وڏا ڪارناما ٿي گذريا. دلوراء جي حڪمراني غالبن ستين صدي ھجري (11 صدي عيسوي) ۾ ھئي.“ (12)

بلوچ صاحب سسئيءَ کي سيوھڻ جو ڄاڻايو آھي. سسئيءَ کي ننڍپڻ ۾ سيوھڻ مان درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو ويو ۽ سڌي ڀنڀور وٽ پھتي؟ ھيڏي مفاصلي ھوندي درياھ ۾ پيتي کي رنڊ روڪ نه ٿي؟ بلوچ صاحب ڀنڀور کي ديبل به ڪوٺي ٿو. جنھن رومانوي داستان سان لاڳاپيل تاريخي ڪردارن يا ماڳن جي تاريخ ٻُڏتر ۾ آھي ته داستان نيم تاريخي ڪيئن ٿيو؟ البت روايتي ڪوٺڻ ڪنھن قدر درست آھي.

بغير تاريخي ڇنڊڇاڻ جي ساڳي راءِ جي پيروي ڪندڙ ڪجهه مورخن ٻين داستانن لاءِ به لکيو آھي ته:

”سنڌي ادب (لوڪ) ۾ سورٺ راءِ ڏياچ، دودو چنيسر، عمر مارئي، مورڙو مير بحر نيم تاريخي داستان آھن“ (13).

مورڙو مير بحر ڪھڙي دور جو قصو آھي يا مورڙي جي تاريخ ڪھڙي تاريخي ماخذ ۾ ملي ٿي، جو قصو نيم تاريخي سمجهجي؟ انهن سڀني داستانن جي تاريخي صحت تي بحث طويل ٿي ويندو. مختصر چئجي ته جنھن به داستان ۽ قصي کي ھڪ ڪردار جي نسبت سان نيم تاريخي سمجهيو وڃي ٿو، ان ڪردار جي خود تاريخي حيثيت چٽي ناھي.

ايم ايڇ پنھور واضح لکي ٿو ته:

”ڪابه مارئي ڪانه ھئي. عمر- ((سومرو) جي گادي جو ھنڌ ٿري (ٺري؟) ۽ عمر-II  (سومرو) جي گادي جو ھنڌ ٺٽو ھو. عمر ڪوٽ ڪونه ھو. شھر (امرڪوٽ) راجپوت سردار امر جي نالي پٺيان سڏيو ويو. رومانوي ڪھاڻيون عمر مارئي، سسئي پنھون، مومل راڻو، ليلا چنيسر، عمر گنگا ۽ ايستائين جو نوري ڄام تماچي افسانوي آھن. اُھي سومرن جي دور کان به اڳ جون آھن، جيڪي منظوم چيون ويون. انهن ۾ دراصل سماج ۾ عورت جي ڪردار جي اھم ھجڻ جي جهلڪ آھي“ (14).

ايم ايڇ پنھور صاحب جي راءِ وزندار آھي. جيئن مٿي ذڪر آيو ته لوڪ ادب جو دور قديم آھي، جيڪو قبل مسيح دور ٿي سگهي ٿو. ايم ايڇ پنھور جي راءِ منھنجي ان قياس آرائيءَ جي پٺڀرائي ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته شعري توڙي نثري لوڪ ادب جي تاريخ جون جَڙُون قبل مسيح دور ۾ آھن. ڪنڪِيڊ جي ڪتاب ’ٽيلس آف سنڌ اينڊ گزرات‘ جي مھاڳ ۾ اھو اشارو ملي ٿو ته:

”جيتوڻيڪ اھو ممڪن نه آھي، پر موجوده سنڌ جي تھذيب ۽ سنڌ جي لوڪ داستانن جا نشان يا پيرا مُھين جي تھذيب تائيڻ وڃي سگهن ٿا، پر شرط اھو آھي ته انهي تھذيب جي لکت پڙھي سگهجي.“ (15)

جڏھن دنيا جي رومانوي داستانن تي غور ڪجي ٿو ته انهن ۾ اول نالو عورت جو آھي. عربستان جو رومانوي داستان ’ليلي مجنون‘، ايران جا داستان ’شيرين فرھاد‘ ۽ ’عذره وامق‘، پنجاب جو ’ھير رانجهو‘، ھندُو ڏند ڪٿائي ڪھاڻي ’سيتا رام‘، ’راڌا ڪرشن‘ توڙي سنڌ جي اڪثر رومانوي داستانن ۾ به اڳ ۾ عورت جو نالو آھي. دنيا جي رومانوي توڙي ڏند ڪٿائي داستانن ۾ عورت جي اھميت ۽ عورت جي سماجي برتريءَ جي افسانوي نشاندھي ٿئي ٿي. ھندُو سماج ۾ انهن عورتن کي ديويءَ جو رُتبو مليو ۽ سنڌي سماج ۾ کين شاھ لطيف جي شاعري جي روشني ۾ سُورمين جو درجو ڏنو ويو.

رومانوي داستانن ۾ عورت جو نالو اول ھجڻ سندس سماجي اڳواڻي ڪرڻ ڏانھن به اشارو آھي، جنھن آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته انهن داستانن جي مادر شاھي دور کان ارتقا ۽ اوسر ٿي. مادر شاھي (ايڊيٽر: برٽينيڪا ويب) جي ڏند ڪٿائي دور بابت ماھر اندازو لڳائن ٿا ته:

”انساني سماج ۾ مادر شاھي وارو دور رھيو آھي. سماج ۾ عورت جي مرڪزيت ۽ عورت جي خدا (godess) طور پوڄا وارو قديم دور پٿر جي پئلوليٿڪ دور، گهٽ ۾ گهٽ 1. 5 ملين سال يا 2 ملين سال اڳ کان لڳ ڀڳ 3000 سال قبل مسيح تائين رھيو“ (16).

ان بابت ماھرن يقيني دور جي ڪٿ نه ڪئي آھي، پر سندن اشارو يقيني طور زرعي سماج واري دور ڏانھن آھي. ان کانپوءِ پِدر شاھي دور جي شروعات ٿي ۽ دنيا توڙي سنڌي لوڪ ادب ۾ لوڪ ڪھاڻين ۾ اول مرد ڪردار جو نالو شامل ٿيو. سنڌي لوڪ ادب ۾ عمر مارئي، عمر گنگا جا مثال موجود آھن. مرد ڪردارن جي ساراهه مان پِدر شاھي سماج جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.

نچوڙ:

ھن مقالي ذريعي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي ته، سنڌي لوڪ ادب کي ڪنھن به مورخ، لکيل ادبي تاريخ ۾ اھميت نه ڏني آھي! تنھنڪري لوڪ ادب جي تاريخ نويسيءَ جي اھميت ذھن ۾ رکي، ان کي سنڌي ادب جي تاريخن ۾ شامل ڪري، نئين سر بحث ھيٺ آڻڻ گهرجي. سنڌي لوڪ ادب جي لکيل تاريخن ۾ شامل غير منطقي رايَن ۽ مغالطن جي مدلل طريقي سان ڇنڊڇاڻ ڪري، ڪيل ڪم کي اڳتي وڌائيندي ٻيھر درست پيرائي ۾ سنڌي لوڪ ادب جي مستند تاريخ ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. گڏوگڏ لوڪ ادب جي صنفن يا قسمن جو ٻيھر منطقي انداز ۾ تحقيقي طور جائزو پيش ڪرڻ گهرجي. سنڌي لوڪ ادب جي صنفن جو فني جائزو ۽ صنف جي ممڪن سماجي، ثقافتي پسمنظرن ۽ مرڪزي خيالن جي روشني ۾ لوڪ ادب جي تاريخ لکي وڃي.

 

حوالا

  1. ڪنڪِيڊ، سِي اي، سنڌ جون لوڪ آکاڻيون، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2004ع
  2. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، عجائب اسٽورز، فريئر روڊ سکر، 1982ع، ص:7
  3. Harijani N Dayal, Sindhi roots & rituals- Par 1 Nation press, 1642492892, 9781642492897, 2018.
  4. Jayapalan N, Economic History of India, Atlantic Publishers & Distributors, 2008.
  5. قاضي خادم، سنڌيءَ جا نثري داستان، انڊس بليڪيشن ڪراچي، 1992ع
  6. بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، لوڪ گيت، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006ع
  7. سنديلو ڊاڪٽر عبدالڪريم، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، ڄامشورو، 1986ع، ص:364
  8. عرساڻي ڊاڪٽر شمس الدين، سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ، اوسر پيڙھڪا اشائتاڻو حيدرآباد، 2009ع، ص:59
  9. بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، سھڻي ميھار ۽ نوري ڄام تماچي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1961ع
  10. بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، سسئي پنھون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1976ع
  11. ساڳيو.
  12. بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش، سومرن جو دور، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006ع
  13. خادم مھر، سرتيون مئگزين، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1994ع
  14. Panhwar M H, An Illustrated Atlas Of Soomra Kingdom, Soomra National Council Pakistan, 2000, P-155.
  15. C. A, Kankaid, Folk Tales of Snd and Guzrat daly Gazette press Ltd, Karachi, 1925. P-IV
  16. Eller, Cynthia, The Myth of Matriarchal Prehistory, Publisher Beacon Press, 2000.
303 ڀيرا پڙهيو ويو