سنڌي ٻوليءَ جي تدريسَ ۽ سِکيا
(Sindhi Language Teaching And Learning)

ڊاڪٽر عبدالوحيد ڪلوڙ

سنڌي ٻوليءَ جي تدريسَ ۽ سِکيا

(سکر شهر جي سرڪاري ۽ خانگي انگريزي ميڊيم اسڪولن جو جائزو)

Sindhi Language Teaching And Learning

A Case Study of Public & Private English medium schools in Sukkur City

Abstract

The people of Sindh have been maintaining a spoken and written language since the time of the ancient Indus civilization (3500 BC). Sindhi is probably the oldest written and taught language in Pakistan. Even in the historic period, it has been used formally since the Kalhora period (1690-1782), and especially during the British period (1843-1947) for teaching and learning at different levels in Sindh. Since 1947, Sindhi teaching has been declining, day by day due to the two-way migration (from Sindh to India and India to Sindh), and due to the government language policy. However, currently, in Sindh and Balochistan (Sibi, Lasbelo, etc.) Sindhi is taught as a first or second language at different levels. However, concerns are expressed about the quality of teaching and curriculum, especially in the private schools established in the urban areas of Sindh.

In this study, Sindhi language teaching in public and private English medium schools from primary to matric level of Sukkur has been examined. For this purpose, qualitative and quantitative analysis was done by collecting data from fourteen representative schools of the public and private schooling systems by adopting the methods of questionnaire, interview, observation, and content analysis.

Results of the study shows, that after the measures taken by the education department government of Sindh, Sindhi is being taught in almost all public and private English medium schools of Sukkur, despite some shortcomings. There is no proper provision of Sindhi teaching in the private sector, especially in Cambridge board schools. There, Sindhi is being taught as a non-mother tongue to all students from third to grade eighth. Even those, who have it, as their mother tongue! On the other hand, there is a provision for teaching Sindhi in government and semi-government English medium schools, but it is being conducted in a sub-standard manner. The performance of children in public schools is slightly better than the private schools.

In terms of linguistic ability, most of the students are not monolingual, but bi-lingual and multilingual. With learning the Sindhi language, the linguistic difficulties they face are phonemic and alphabetical, which are due to linguistic interference caused by the situation of mixed language contact and the poor teaching process. There was a clear linguistic interference in the form of vocabulary, phonology, and alphabetic influence from Urdu and English in the language of Sindhi students. There has also been witnessed linguistic interference from Sindhi to Urdu in a few schools.

Keywords: Sindhi Language teaching (SLT), Pedagogy, Language Skills, Curriculum, Linguistic difficulties, Language testing, School culture, Language prestige, Linguistic Interference, Linguistic Accommodation, etc.

 

  1. موضوع جو تعارف (Introduction)

سنڌي پاڪستان جي قديم ترين لکيل ۽ تدريسي زبان آهي. سنڌي سماج قديم سنڌو تھذيب ( 3500 ق. م ) جي وقت کان هڪ ڳالهايل توڙي لکيل ٻولي/ٻوليون رکندو آيو آهي. عيسوي تاريخي دور  ۾ اها سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور (1690ع-1782ع) کان وٺي غير رسمي طور ۽ انگريز دور (1843ع-1947ع) ۾ رسمي طور مختلف سطحن تي درس ۽ تدريس لاءِ استعمال ٿيندي پئي آئي آهي. انگريز دور ۾ رياستي سنڌي اسڪولن جو سڄيءَ سنڌ ۾ وسيع ڄار قائم هو. نوڪرين جي حصول لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي سکيا لازمي قرار ڏنل هئي. پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌ ۾ ٻه-طرفي لڏپلاڻ ۽ حڪومتي ’ٻولي پاليسيءَ‘ جو نتيجو سنڌيءَ جي تعليمي ۽ سماجي اهميت گهٽجڻ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو ۽ سنڌي تدريسَ مختلف ڏکين دورن کان گذرندي ڏينھون ڏينھن پَست ٿيندي وئي آهي.

پاڪستان جي 1973ع واري آئين ۾ جتي اردوءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو آهي، اُتي صوبائي اسيمبلين کي پڻ بااختيار بڻايو ويو آهي ته ڀَل اُهي ديسي ٻولين جي ترقيءَ ۽ تدريس لاءِ قدم کڻن. آرٽيڪل 3-251 موجب ”قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي ڪابه صوبائي اسيمبلي قومي ٻوليءَ سان گڏ صوبائي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال لاءِ قانوني اُپاءَ وٺي سگهي ٿي.“ (1) انهيءَ شِقَ جي روشنيءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ ستَ جولاءِ 1972ع تي سنڌ (سنڌيءَ ٻوليءَ جي تدريس، ترقي ۽ استعمال) بِل منظور ڪيو. ان موجب:

”اهڙن سڀني ادارن، جن ۾ چوٿين کان ٻارهين ڪلاس تائين تعليم ڏني پئي وڃي، سنڌي ۽ اردوءَ کي لازمي مضمون جي حيثيت حاصل هوندي. لازمي مضمون جي حيثيت ۾ سنڌيءَ جي شروعات هيٺين سطح يعني، چوٿين ڪلاس کان عمل ۾ آندي ويندي ۽ درجي به درجي جيئن مقرر ڪيو وڃي مٿين درجن ۾ ٻارهين ڪلاس تائين رائج ڪئي وڃي.”حڪومت بِل جي فقرن جي دائري اندر رهندي آفيسن ۽ سرڪاري کاتن، جن ۾ عدالتون ۽ اسيمبلي شامل آهن. سنڌي ٻوليءَ جي درجي به درجي استعمال لاءِ انتظام ڪري سگهي ٿي“ (2).

ائين پاڪستان جي آئين جي روشنيءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي منظور ڪيل بِلَ تحت سنڌ ۾ سنڌيءَ جي تدريسَ قانوني گهُرج آهي. هن وقت سنڌ ۽ بلوچستان (سبي، لسٻيلي وغيره ) ۾ مختلف سطحن تي پھرين يا ٻين زبان جي حيثيت ۾ سنڌي لازمي يا اختياري مضمون طور پڙهائي وڃي ٿي. سنڌ جي خاص ڪري ننڍن شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ هيٺينءَ سطح تي سنڌي مکيه تعليمي زبان آهي، پر خاص ڪري سنڌ جي شھري علائقن ۾ قائم خانگي اسڪولن ۾ ان جي تدريسَ ۽ نصابَ بابت ڳڻتيءَ جو اظھار ٿيندو رهي ٿو . 

هِنَ اڀياسَ ۾ سکر جي پرائمري کان ميٽرڪ سطح جي سرڪاري ۽ خانگي انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تدريسَ، سِکيا ۽ نصاب جي بندوبست ۽ معيار جي حوالي کان جانچ ڪئي وئي آهي.

  (Related literature review)2.   لاڳاپيل ڪم جو مختصر جائزو     

سکر سنڌ جو ٽيون وڏو شھر آهي. ان جي پنجن تعلقن؛ سکر سِٽي، نيو سکر، روهڙي، پَنوعاقِل ۽ صالح پَٽ سميت پوري ضلعي جي آبادي 1487903 آهي. (3 ) ”ضلعي جو لِٽريسي ريٽ 56 سيڪڙو آهي. ڪُل آباديءَ جو 30 سيڪڙو ٻار 5-16 سالن جي عمر جي گروهه جا آهن. انهن مان 67 سيڪڙو ٻار اسڪولن ۾ داخل آهن. (41 سيڪڙو ڇوڪريون ۽ 60 سيڪڙو ڇوڪرا). ان تناسب مان وري 81 سيڪڙو ٻار سرڪاري ۽19 سيڪڙو خانگي اسڪولن ۾ داخل آهن. سکر سِٽي تعلقي جي 64  اسڪولن سميت ڪُل سرڪاري اسڪولن (1373) جو 80 سيڪڙو ٻھراڙي ۽ 19 سيڪڙو شھري علائقن ۾ قائم آهي. (4 ) ڊائريڪٽوريٽ پرائيويٽ اسڪولس سکر کان مليل معلومات مطابق، ”سکر ۾ ڪُل 235 خانگي اسڪول آهن جيڪي سڀ انگريزي ميڊيم ۽ 99 سيڪڙو ڪوايجوڪيشن آهن. انهن ۾ 60 سيڪڙو پرائمري ۽ ايليمينٽري، 35 سيڪڙو  هاءِ ۽5 سيڪڙو  هائير سيڪنڊري سطح جا آهن“. ( 5 )                                                                                                                                     

سرڪاري سنڌي ميڊيم اسڪولن جي صورتحال ۽ ڪارڪردگيءَ بابت مختلف ادارن جھڙوڪ؛ يوُ اَيس اَي آءِ ڊِي، پِي آر پِي (پاڪستان ريڊنگ پراجيڪٽ، ايس آر پي (سنڌ ريڊنگ پراجيڪٽ)، اَي اَيس  اِي آر  ( اثر ) وغيره جون تحقيقي رپورٽون اڳ موجود آهن. ايس آر پي جي رپورٽ ۾ سنڌ جي اٺن ضلعن جي رڳو سرڪاري اسڪولن جو اڀياس ڪيل آهي ( 6 ). جڏهن ته ”اثر“ جي جائزي رپورٽ ۾ سنڌ ٻھراڙيءَ بابت ٻڌايو ويو آهي، پر شھري جائزو شامل نه آهي (7 ).  ائين اڳ  سنڌي يا اردو ميڊيم سرڪاري اسڪولن تي ته ڪم ٿيو آهي، پر  انگريزي ميديم سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن کي جانچيو نه ويو آهي.  خاص سنڌي تدريسَ جي حوالي کان ته بلڪل به  نه . هن اڀياس ۾ سکر شھر جي پرائمري کان ميٽرڪ سطح جي سرڪاري ۽ خانگي انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تدريسَ، سکيا ۽ نصاب جي بندوبست ۽ معيار جي حوالي کان جانچ ڪري ٻنهي قسمن جي اسڪولن جو تقابلي جائزو ورتو ويو آهي .

معلومات ورتل اسڪولَ ۽ انهن ۾ سنڌي ۽ غير سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن جو تعداد

غيرسنڌي ڳالهائيندڙ شاگرد

سنڌي ڳالهائيندڙ شاگرد

شاگردن جو تعداد

اسڪولن جو تعداد

اسڪول

1632 / 37.78%

2688 / 62.22%

4320

06

خانگي

4219 / 38.49%

7035 / 62.51%

11254

08

سرڪاري

5851

9723

15574

14

ٽوٽل

  1. تحقيقَ جو طريقه ڪار   (Research Methodology)

هن  اڀياس لاءِ سکر جي ٻن شھري تعلقن (سکر سِٽي، نيو سکر سِٽي) جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولي نظام جي نمائنده چوڏنهن انگريزي ميڊيم اسڪولن جي چونڊ ڪري سوال نامي، انٽرويو، مشاهدي ۽ موادي تجزيي جي طريقن سان معلومات هٿ ڪئي وئي. اسڪولن جي انتظاميه کان معلومات هٿ ڪرڻ لاءِ سوالنامي جو استعمال ڪيو ويو، ۽ سنڌي پڙهائيندڙ ڪُل (122) استادن مان هر اسڪول جي هڪ سينيئر  استاد يعني، ڪل 14 استادن کان انٽرويو  ڪيو ويو. ڪلاس مشاهدي ۾ چيڪ لِسٽ  ذريعي تدريسي عمل جي طريقه ڪار کي لِساني مھارتن جي حوالي کان جانچيو ويو، ۽ هڪ عِلمي رُوُبـرِڪ  ذريعي مادري زبان جي ٻين درجي ۽ غير مادري زبان جي پنجين درجي ۾ ”پڙهڻ جي مھارت“ جو، جڏهن ته ”لکڻ  جي مھارت“  جو مادري زبان جي ڇھين درجي ۽ غير مادري زبان ۾ اٺين درجي جو جائزو ورتو ويو. حاصل ڪيل معلوماتي مواد جو ايڪسِل ذريعي خاصيتي ۽ عددي تجزيو ڪري نتيجا حاصل ڪيا ويا.   

تحقيقي سوالَ :

  1. ڇا سنڌي ٻوليءَ جي تدريسَ سرڪاري توڙي خانگي انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ مادري (پھرين) يا غير مادري (ٻين) زبان طور عملي طرح رائج آهي؟  اها ڪھڙي سطح تائين پڙهائي پئي وڃي؟
  2. سنڌيءَ جي جاري تدريسي عمل جو (تدريسي طريقن، نصاب ۽ امتحاني حوالي کان ) معيار ڪھڙو آهي؟
  3. ڇا سنڌيءَ جي تدريسَ (تدريسي طريقن، نصاب ۽ امتحاني حوالي کان ) لساني مھارتن جي آڌار ٿئي پئي يا رڳو مضمون طور ادبي ۽ معلوماتي مواد پڙهايو ٿو وڃي؟ 
  4. ڇا سنڌي ٻولي سنڌي مضمون کان سواءِ  به امتحاني ذريعه اظھار آهي؟
  5. سنڌي لساني مھارتن جي حوالي کان شاگردن ۾ مکيه خاميون ڪھڙيون آهن ۽ کين ڪھڙيون ڏکايون درپيش آهن؟
  6. سنڌي پڙهائيندڙ استادن جي تعليمي قابليت ڪيتري آهي؟ ڇا اُهي اهلِ زبانَ، سنڌيءَ ۾ سند يافته ۽ سکيا ورتل آهن؟
  7. ٻارن جي ٻوليءَ ۾ لسانياتي مداخلت جا ڪھڙا لاڙا موجود آهن؟
  8. سنڌي تعليم و تدريسَ ۽ عام گفتگوءَ  بابت نفسياتي لاڙن جي حوالي کان اسڪول جو ماحول ڪيئن آهي؟   
  9. تجزياتي حقيقتون

اڀياس جي تجزياتي نتيجن کي مکيه ضمني عنوانن؛ تدريسَ، نصاب، جائزو ۽ اسڪول ڪلچر وغيره ۾ ورهائي هيٺ پيش ڪجي ٿو.

 4.1  تدريسَ:

تحقيقي نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته تعليم کاتي سنڌ جي ڪاوشن کان پوءِ سکر جي لڳ ڀڳ سڀني سرڪاري توڙي خانگي انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ مادري ۽ غير مادري زبان جي اوُڻاين ۽ ٻين ڪن خامين سان بھرحال سنڌي پڙهائي پئي وڃي. خانگي شعبي جي خاص ڪري ڪيمبرج بورڊ وارن اسڪولن ۾ ٽئين کان اٺين درجي تائين سڀني شاگردن کي غير مادري زبان طور پڙهائي پئي وڃي. اهڙن شاگردن کي به جن جي اها مادري زبان آهي! غير سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن سان گڏ سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن کي به آسان سنڌي ۽ اردو (گلزار) پڙهائي پئي وڃي. او ۽ اَي ليوِل جي ڪلاسن ۾ سنڌي رائج  ئي نه آهي .

معلوماتي مواد جي عددي تجزيي مان هيءَ حقيقت به سامھون آئي ته خانگي اسڪولن ۾ لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو شاگرد سنڌي غيرمادري زبان طور پڙهن ٿا. جڏهن ته انهن اسڪولن ۾ داخل غيرسنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن جو عددي تناسب 38 سيڪڙو آهي. يعني، 32 سيڪڙو اهڙا شاگرد به سنڌي مضمون غيرمادري زبان طور پڙهن ٿا جن جي مادري ٻولي سنڌي آهي.

سنڌي مادري يا غير مادري زبان طور پڙهندڙ شاگردَن جو تناسب

غير مادري زبان طور پڙهندڙ

مادري زبان طور پڙهندڙ

اسڪولن جو تعداد

اسڪولي قِسم

39.77%

60.23%

08

سرڪاري

31.02%

68.98%

06

خانگي

37.93%

62.07%

14

ٽوٽل

سرڪاري ۽ نيم سرڪاري اسڪولن ۾ خانگي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ سنڌي پڙهائڻ جو جيتوڻيڪ جوڳو بندوبست ٿيل آهي، پر اهو غير معياري نموني هلندڙ آهي. مادري يا غير مادري زبان طور  سنڌي مضمون جي چونڊ جي حوالي کان  انگريزي ميديم اسڪولن ۾ ٻن طرحن جي پاليسي رائج آهي؛ هڪڙن خانگي اسڪولن ۾ سڀني شاگردن کي سنڌي غير مادري زبان طور پڙهائڻ ۽ ٻين سرڪاري ۽ ڪجهه خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن کي مادري زبان طور ۽ غير سنڌي ڳالهائيندڙن کي غير مادري زبان طور پڙهائڻ . اُتي اسڪول انتظاميه جي پاليسيءَ  يا فيصلي کي حتمي حيثيت حاصل آهي. شاگرد اهڙي چونڊ ۾ بااختيار نه آهن.

تدريسي طريقن جي حوالي کان انگريزي ميڊيم سرڪاري اسڪولن جي اسان جي جائزي مان، پي آر پي 2019 جي رپورٽ ۾ تدريسي مشقن بابت مشاهدي جي تصديق ٿي، جنھن موجب ”سڀني کان گهڻي مشقَ ابتدائي ڪلاسن ۾ شاگردن پاران بليڪ بورڊ تان لکيل مواد نقل ڪرڻ، استاد يا ڪنھن شاگرد سان گڏ وڏي آواز سان سبق دُهرائڻ ۽ ڪي نوان لفظَ سکڻ هو، جيڪي شاگرد اهڙي مشق دهرائي رهيا هئا، تن جي رواني انهن ٻارن کان بھتر هئي، جيڪي اهڙي مشق گهٽ پيا ڪن“ (8). ان کان علاوه استادن پڙهڻ جي مواد/متن لاءِ جيڪي مشقون پئي ڪرايون تن ۾ خاموش پڙهڻي، وڏي آواز ۾ پڙهڻي ۽ گهروُ ڪم شامل هو. گهڻ درجاتي تدريسَ عملي طور نظر نه آئي. سڀني سطحن جا ڪلاسَ ڌارَ پئي هليا. اسان ڏٺو ته عملي طور تدريسَ روايتي پين پني واري طريقي سان ٿئي پئي. سنڌي تدريسي عمل ۾ ڊِجيٽل سکيا ڪٿي به نظر نه آئي.

استادن جي عددي تجزيي مطابق، ڄاڻايل اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ  ڪُل 678 استادن مان 278 لِساني استادَ يعني، انگريزي، اردو ۽ سنڌي پڙهائيندڙ آهن. انهن ۾ 121 استاد سنڌي پڙهائن ٿا، جن ۾ ٽيون حصو عورتن جو آهي. سرڪاري اسڪولن جي ڀيٽ ۾ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن جو تعداد وٽن داخل شاگردن جي گهرج کان گهڻو گهٽ آهي.

سنڌي پڙهائيندڙ استادَن جو تعداد

سنڌي پڙهائيندڙ

لِساني استادَ

ڪُل استادَ

تعداد

اسڪولي قِسم

98

172

445

08

سرڪاري

23

77

233

06

خانگي

121

249

678

14

ٽوٽل

 استادن جي تعليمي اهليت ۽ سِکيا :  معلومات ورتل اسڪولن ۾ لڳ ڀڳ سڀني استادن جي تعليم بيچلر ۽ ماسٽرس تائين آهي. اهي بيچلر تائين سنڌي پڻ پڙهيا آهن، پر گهڻائيءَ جي سنڌي پڙهائڻ لاءِ تريبيت ٿيل نه آهي. خاص ڪري خانگي اسڪولن جا اڪثر استاد سکيا ورتل نه آهن. رڳو 42 سيڪڙو جي بي ايڊ ٿيل آهي. جڏهن ته ايس آر پي جي رپورٽ مطابق ”سرڪاري اسڪولن جي 83 سيڪڙو استادن وٽ بي ايڊ ۽ ايم ايڊ  وغيره جون ڊگريون آهن ۽ انهن سنڌ ۾ 15000 کان مٿي استادن کي سنڌي ۽ اردو پڙهائڻ جي تربيت ڏني آهي “ (9).  

4.2  سنڌي نصاب : 

معلومات ورتل سڀني اسڪولن ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جا نصابي ڪتاب پڙهايا پيا وڃن، جيڪي لساني مھارتن آڌار نه پر گهڻي ڀاڱي معلوماتي ادبي مواد سان ترتيب ڏنل آهن، انهن مان به ڪجهه درجن جي ڪلاسن جا ڪتاب دستياب ئي نه آهن. سکر جي لڳ ڀڳ سمورن سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ مختلف ڪلاسن جا نصابي ڪتاب دستياب نه آهن، نه ئي مارڪيٽ ۾ ملن ٿا. سکر شھر،  يُو ايس اي آءِ ڊي ريڊنگ پروگرام ۾ شامل هئڻ باوجود اتان جي  اڪثر اسڪولن ۾  ايس آر پِي. ۽ پِي آر پي.  جو جوڙيل معاون تدريسي مواد دستياب نه آهي.  ايس آر پي اسڪولن ۾ ڪجهه مواد موجود آهي ته اهو استعمال نه پيو ٿئي. جڏهن ته انگريزي ميديم سرڪاري اسڪولن ۾ اهو بلڪل دستياب نه آهي. اڪثر خانگي اسڪولن وارا ته ان کان واقف به نه آهن.

امتحاني ذريعه اظھار بابت سرڪاري انگريزي ميڊيم اسڪولن مان گڏيل قسم جي معلومات ملي آهي. اٺن مان ٽن اسڪولن ۾ سڀني مضمونن  جا سنڌيءَ ۾ پڻ پيپر ڏيڻ جي اجازت آهي. جڏهن ته مڙني ڇھن خانگي انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ رڳو انگريزي ئي امتحاني ذريعو آهي. يعني، سواءِ چند سرڪاري اسڪولن جي ٻين ۾ سنڌي ٻولي سنڌي مضمون کان سواءِ ذريعه اظھار نه آهي. خانگيءَ جي ڀيٽ ۾ گهڻن سرڪاري انگريزي ميڊيم اسڪولن جي ڪلاسن ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جو پڻ استعمال مشاهدي ۾ آيو .

4.3  جائزو :

معلومات ورتل اسڪولن ۾ سنڌي تدريسَ جيان امتحان جو عمل به گهڻي ڀاڱي لساني مھارتن آڌار نه پيو ٿئي.  سرڪاري اسڪولن ۾ گهڻي ڀاڱي ”لکڻ“ جي مھارت جو امتحان ورتو وڃي ٿو. ”پڙهڻ“ ۽ ”ڳالهائڻ“ جي مھارتن جي  چڪاس تشڪيلي جائزي جو حصو نه آهي.

لِساني ڪارڪردگي ۽ قابليت

ڄاڻايل اسڪولن جي استادن کان ورتل ڄاڻ مطابق ايليمينٽري سطح تي شاگردن جي سنڌيءَ ۾ مجموعي ڪارڪردگي حاصل ڪيل مارڪُن جي اعتبار کان، غير مادري زبان طور 35 کان 65 سيڪڙو ۽ مادري زبان طور 45 کان 90 سيڪڙو رپورٽ ڪئي وئي. اسان جي ورتل تشڪيلي جائزي مطابق سنڌيءَ ۾ خانگي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ سرڪاري اسڪولن جي ٻارن ٿوري بھتر ڪارڪردگي ڏيکاري. سرڪاري اسڪولن ۾ پنجين درجي ۾ داخل شاگردَن مان مادري زبان طور پڙهندڙ 54 سيڪڙو ۽ غير مادري زبان طور پرهندڙ 48 سيڪڙو ٻارَ، جڏهن ته خانگي اسڪولن ۾ (سواءِ ڪيمبرج بورڊ وارن اسڪولن جي ) مادري زبان طور 52 سيڪڙو ۽ غير مادري زبان طور 45 سيڪڙو ٻارَ گهٽ ۾گهٽ ڪھاڻي وغيره پڙهي ٿي سگهيا. معلومات ورتل 8 انگريزي ميڊيم سرڪاري اسڪولن مان ٽن اسڪولن جي شاگردن جي گهڻائي ٻه ٻوليائي يعني، سنڌي ۽ اردو ڳالهائي سگهندڙ آهي، ۽ 5 اسڪولن جي شاگردن جي اڪثريت گهڻ ٻوليائي آهي. يعني، اهي سنڌي اردو ۽ انگريزي وغيره ڳالهائن ٿا. جڏهن ته معلومات ورتل خانگي اسڪولن جي شاگردن جي اڪثريت گهڻ ٻوليائي آهي.

لساني چُڪون ۽ ڏکيائيون

ورتل تشڪيلي جائزي ۽ ڪلاس مشاهدي ۾ شاگردن جون سنڌي لِساني مھارتن (خاص ڪري پڙهڻ، لکڻ ) جي حوالي کان ٻن قسم جون چُڪون سامهون آيون:1. صوتي چُڪون 2. بصري چُڪون.

  1. صوتي چُڪون؛  اهي ٻن قسمن جون آهن:  ( الف )  هم صوتيا اُچارَ ۽ اکرَ  (ب) مخصوص سنڌي آوازَ / اُچارَ

   (الف) سنڌيءَ جي هم صوتيا يا هم آواز  اُچارن مان گهڻا شاگردَ سندن پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ اڪثر /خ/ ۽ /غ/ آوازن بجاءِ انهن جي متبادل/ک/ ۽ /گ/ اُچارن کي استعمال ڪن ٿا. اهڙي غلطي سنڌي غير مادري زبان وارن ٻارن کان سواءِ ٿورن سنڌي مادري زبان وارن شاگردن ۾ به نوٽ ڪئي وئي. لکڻ ۾ لفظن جي دُرست صورتخطيءَ جي اڻڄاڻائيءَ جي ڪري اصل اکر جي جاءِ تي ان سان ملندڙ  آواز  واري ٻئي اکـرَ  جو غلط اندازي سان استعمال ڪيو وڃي ٿو. هيٺ اهڙن هم آواز اکرن جي فھرستَ ڏجي ٿي.

غلط نمونو

درست نمونو

هم آواز اکر

بڪري

ٻڪري

ب ٻ ڀ

1

سلتنت

سلطنت

ت ط

2

سَمَر

ثَمَر

ث س ص

3

هجم، هازر

حجم، حاضر

ح  هه  ه

4

ڊاڊو، ڍگهو

ڏاڍو،  ڊگهو

ڏ  ڍ  ڊ

5

زمير،  ذالم

ضَمير ،ظالم

ذ ز ض ظ

6

ماڙي، اڳوڙون

ماري، اڳوڻون

ر  ڙ  ڻ

7

فيٿو

فرق، ڦيٿو

ف ڦ

8

چڪمڪ

چقمق

ق ڪ

9

گئون، گوٺ

ڳئون، ڳوٺُ

ڳ گ

10

کَراب، کَير

خَراب خَير

خ ک

11

گور

غور

غ گ

12

 (ب) مخصوص سنڌي آوازَ:  مخصوص سنڌي اُچارَ  (/ٻ/، /ڄ/، /ڃ/، /ڏ/، /ڱ/، /ڳ/ )جيڪي اردو-هندي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪونهن تن کي سڀئي غير سنڌي ڳالهائيندڙَ  ۽ ڪجهه سنڌي ڳالهائيندڙَ ٻارَ به دُرست اُچارن يا لکن ڪونه ٿا ۽ انهن جي متبادل باالترتيب /ب/، /ج/، /نج/، /ڊ/، /گ/، /گ/  جو استعمال ڪن ٿا. مثال طور؛

ڳالهه

سِنڱَ

ڏاڍو

سُنڃَ

اڄُ

اوٻر

درست نمونو

گالهه

سِنگَ

ڊاڊو

سُنجَ

اَج

اوبر

غلط نمونو

  1. بصري چُڪون: سنڌي الف-ب جي پوريءَ طرح ڄاڻ نه هئڻ ڪري شاگردن جي لکڻ ۾ هم صورت اکرن جون غلطيون نوٽ ڪيون ويون.

هم صورت اکر:

نمونو

تعداد

هم شڪل گروهه

بنيادي شڪل

ما ئِٽُ- مائث

9

ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ

ب

1

ڄَڃَ  - جنجَ

7

ج، چ، ح، خ، ڇ، ڃ، ڄ

ح

2

ڌنڌو – دندو

6

د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ

د

3

ماڙي – ماري

3

ر، ڙ،  ز

ر

4

ٻاڦَ – بافَ

2

ف، ڦ

ف

5

ڳيرو – گيرو

4

ک، گ، ڳ، ڱ

ک

6

ظُلم – طلم

2

ط، ظ

ط

7

غازي – عازي

2

ع، غ

ع

8

وڻ – ون

2

ن، ڻ

ن

9

(ذريعو:  ڀٽي ذيشان ۽ ٻيا (10) )

ان کان سواءِ /ٽ/ ۽ /ڊ/ جي معياري / نصابي صورت بجاءِ انهن جي اترادي سنڌيءَ ۾ عيوضي آوازن /ٽر/ ۽ /ڊر/ جو لکڻ ۾ استعمال نوٽ ڪيو ويو. مثال طور؛ سوٽي – سوٽري، ڊيل – ڊريل، ڊگهو – ڊرگهو وغيره.

نوٽ ڪيو ويو ته ايليمنٽري سطح جا ٻارَ سندن لکڻ ۾ گرامري چُڪون پڻ ڪن ٿا. سندن لفظي ذخيرو گهٽ هئڻ ڪري انهن جي پڙهڻ ۾ رواني نه آهي. سندن پڙهڻ جي مھارت جو نتيجو لکڻ جي مھارت کان بھتر آهي.

4.4   اسڪول ڪلچر ۽ لِسانياتي مداخلت

عام سماجي ڪلچر سان گڏ اسڪول ڪلچر جو پڻ ٻولي سکيا تي گھرو اثر ٿيندو آهي. سکر جي سڀني خانگي انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ ڪو ايجوڪيشن آهي ۽ اتي عام ڳالهه ٻولهه جون ٻوليون گهڻي ڀاڱي سنڌي ۽ اردو آهن. ڪيمبرج بورڊ وارن اسڪولن ۾ انگريزي به انهن سان گڏ استعمال ٿئي پئي. معلومات ورتل سرڪاري انگريزي ميڊيم اسڪولن مان گڏيل آباديءَ وارن چئن اسڪولن ۾ سنڌي ۽ اردو جڏهن ته سنڌي اڪثريتي آباديءَ واري هڪ اسڪول ۾ سنڌي ۽ ٽن ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي استعمال ٿين پيون. غير نصابي سرگرمين جھڙوڪ: تحريري ۽ تقريري ۽ ڪوئِز مقابلن وغيره ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ڪيمبرج بورڊ وارن اسڪولن ۾ ڪونه ٿو ٿئي، انهن کي ڇڏي باقي سڀني سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ ٿئي پيو. اهڙي گهڻ ٻوليائي ماحول ۾ شاگردن تي اردو ۽ انگريزي ٻولين جا اثر نوٽ ڪيا ويا.        

غير نصابي سرگرمين جھڙوڪ؛ تحريري ۽ تقريري مقابلا، ڪوئِز وغيره ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ڪيمبرج بورڊ وارن اسڪولن ۾ ڪونه ٿو ٿئي، انهن کي ڇڏي باقي سڀني سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ ٿئي پيو.

سرڪاري اسڪولن ۾ پِي ٽي ايم (پيرينٽ ٽيچر ميٽِنگ)  رڳو بجٽ سان لاڳاپيل مامرن لاءِ غير رسمي طور ٿئي ٿي، اها ٻارن جي تعليمي بھتريءَ لاءِ صلاح مشوري جي مقصد سان ڪونه ٿي ڪوٺائي وڃي. اميرن جا ٻار سنڌي ميڊيم ۾ داخلا ڪونه ٿا وٺن. گهڻي ڀاڱي معاشي سببن ڪارڻ غريبن جا ٻار اتي پڙهندڙ آهن، تنھن ڪري انهن جا والدين پي ٽي ايم ۾ شرڪت يا سندن ٻارن جي تعليم يا سنڌي تدريس بابت ڪا دلچسپي ظاهر ڪونه ٿا ڪن. 

لسانياتي مداخلت :   

مشاهدي ۾ آيو ته انگريزي ميڊيم ۾ پڙهندڙ ٻارن جي ٻوليءَ تي انگريزي ۽ اردوءَ جو اثر سنڌي ميڊيم ۾ پڙهندڙن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پڌرو آهي.  انهن اثرن ۾ الفابيٽ، صوتي، لغوي ۽ گرامري اثر شامل آهن. ابتدائي ڪلاسن جي ٻارن جي  ”لکڻ “ تي اردو الف – ب جو اثر نوٽ ڪيو ويو. اُهي هيٺين سنڌي اکرن جي جاءِ تي متبادل اردو اکر استعمال ڪن ٿا.

اردو الف-ب جي اثر جا نمونا

نمونو

متبادل اردو

سنڌي اکر

غلط نمونو

متبادل اردو اکر

سنڌي اکر

ڈگھو

ڈ

ڊ

ٹوپی

ٹ

ٽ

ماڑی

ڑ

ڙ

ساتھ

تھ

ٿ

کلام

ک

ڪ

بهولو

بھ

ڀ

کهليل

کھ

ک

کاٹھ

ٹھ

ٺ

چوا ں

ں

ن

چهوکرو

چھ

ڇ

‌اچے

‌ے

ي

سندهی

دھ

ڌ

سچی

ی

ي

واڈھو

ڈھ

ڍ

مين

ميں

۾

ٻاپھ

پھ

ڦ

اردو-هندي ۽ انگريزي ساڪن الآخر ٻوليون آهن، جڏهن ته سنڌي حرڪت الآخر زبان آهي. ڄاڻايل اسڪولن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ شاگرد انهن ٻولين سان گھري رابطي ۾ رهن ٿا، ان اثر  ۾ غير سنڌي توڙي سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارن جي سنڌي ڳالهائڻ ۾ حرڪت الآخر خاصيت تمام گهٽ ٻڌڻ ۾ آئي. اُهي کَٽَ، دُڪانُ، ڪِلاسُ، پينِ ۽ ٻيا ڪيئي  اسمَ بغير آخري سُرن جي ادا ڪن ٿا. جيئن؛  کَٽ، دُڪان، ڪِلاس، پين.

جنس مُنتقلي: اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪجهه فارسي-عربي ۽ انگريزي ذخيري جا مشترڪ اڌاريل لفظ جهڙوڪ: ڪتاب، ڪلاس وغيره  لفظَ سنڌي ٻارَ سنڌيءَ  بجاءِ  اردو جنس سان استعمال ڪن ٿا. جيئن؛ منھنجي ڪتاب، اسان جِي ڪلاس. وغيره .

لفظي اڌارڻ جو استعمال: مشاهدو ٿيو ته خانگي اسڪولن سنڌي ڳالهائيندڙ شاگردن جي عام گفتگوءَ ۾ اردو-هندي ۽ انگريزي اڌاريل لفظن جو استعمال سرڪاري اسڪولن جي شاگردن جي ڀيٽ ۾ وڌيل آهي. انگريزيءَ جا اسڪول ڪلچر سان لاڳاپيل لفظَ، انگَ، عددي صفتون، ڏينھن، مھينا، ميوا ۽ ٻين روزاني استعمال جي شين جو لفظي ذخيرو  جام ڪتب آندو ٿو وڃي. رومن الفابيٽ سان اردو ۾ ميسيجنگ ۽ چيٽنگ عام آهي.  اهڙي طرح اردو-هنديءَ  جا گرامري لفظَ جھڙوڪ؛ که (ته)، کل (سڀاڻي)، اچها (چڱو)، اچانڪ (اوچتو)، اور (۽) وغيره ۽ ٻيا ڪجهه سندن عام استعمال ۾ آهن.        

گڏيل آباديءَ واري گهڻ ٻولئي شھر جي ٿورن اسڪولن ۾ ڪي لسانياتي هم آهنگيءَ ڪارڻ سنڌيءَ کان اردوءَ ڏانھن لساني مداخلت جا مثالَ به سامھون آيا . ڪجهه ڪيسن ۾ اردو ڳالهائيندڙ استادن ۽ پڻ شاگردن جي گفتگوءَ ۾ سنڌي اڌاريل لفظن جو استعمال نوٽ ڪيو ويو. جھڙوڪ: تَڪَڙ، پارت، پاڙو، هروُ ڀروُ، سنگت، ڪچھري وغيره.  اتي ڪي اردو ڳالهائيندڙ استاد سنڌي به پڙهائن پيا.

 سنڌي تعليم ۽ تدريس بابت نفسياتي رجحان :

اَثَر (اَي ايس اِي آر) 2012ع جي سروي ۾ ظاهر ڪيو ويو ته 90 سيڪڙو والدين پنھنجي ٻارن جي تعليم لاءِ اردو ۽ انگريزيءَ جي ڀيٽ ۾ سنڌيءَ کي بھتر سمجهن ٿا. (11) پر اسان جي مشاهدي مطابق مٿين ڪلاس جي امير والدين جو اهڙو رويو نه آهي، جو گهڻائيءَ جا ٻار انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهن ٿا. خانگي اسڪولن ۾ غير سنڌي ڳالهائيندڙ شاگرد ۽ سندن والدين سنڌي پڙهڻ کي رد ڏين ٿا. جڏهن ته مٿين سطح تي نوڪرين جي حاصلات جو ذريعو سنڌي نه هئڻ ۽ سماج ۾ انگريزي ۽ اردوءَ ڏانھن لساني معتبرائپ جو لاڙو موجود هئڻ ڪري سنڌي ڳالهائيندڙ مٿين ڪلاس جا امير والدين سندن ٻارن جي تعليم لاءِ سنڌيءَ جي ڀيٽ ۾ انگريزيءَ کي بھتر سمجهن ٿا. اهڙن معروضي سببن جي ڪري ڊاڪٽر طارق رحمان جھڙو پاڪستاني لِساني ماهر سنڌي تدريسَ کي سنڌين لاءِ نسلي ۽ شناختي علامت بڻجي وڃڻ قرار ڏئي ٿو.(12)

سکر جي ڪُل 235 خانگي اسڪولن مان هڪ به سنڌي ميڊيم نه آهي. جيتوڻيڪ سرڪار جا اڪثر اسڪول سنڌي ميڊيم آهن، پر انهن مان خاص ڪري ايليمينٽري اسڪولن جا پڙهيل ٻار اڳتي تعليم جاري رکڻ لاءِ ويجهن سنڌي ميڊيم هاءِ اسڪولن ۾ داخلا ڪونه ٿا وٺن. اهڙي رجحان ڪارڻ سکر جي پراڻي هاءِ اسڪول نمبر ون، جيڪو هاڻ سکر آءِ بي اي جي انتظام هيٺ هلندڙ  آهي، تنھن جي انتظاميه اسڪول ۾ گهٽجندڙ داخلا کي روڪڻ لاءِ نائين ۽ ڏهين ڪلاسن کي سنڌيءَ مان انگريزي ميڊيم ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي رجحان کي ڏسي چئي سگهجي ٿو،  ته (مٿين سطح جا ) سنڌي ميڊيم اسڪول پنھنجي ميڊيم جي بقا لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن ۽ شايد مستقبل ۾ جٽاءُ نه ڪري سگهن.

  1. حاصل مطلب ۽ سفارشون

سکر شھر جي سرڪاري ۽ انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تدريسَ، سکيا ۽ نصاب جي حوالي کان ڪيل هن اڀياس جا نتيجا مجموعي طور اطمنان جوڳا نه ٿا چئي سگهجن. انهن موجب جيتوڻيڪ تعليم کاتي سنڌ جي ڪوششن کان پوءِ سکر جي لڳ ڀڳ سڀني سرڪاري توڙي خانگي انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ بھرحال سنڌي پڙهائي پئي وڃي، پر خانگي شعبي، خاص ڪري ڪيمبرج بورڊ وارن  اسڪولن ۾ سنڌي تدريسَ جو جوڳو بندوبست نه هئڻ واضح طرح رپورٽ ٿيو.  اُتي سنڌي رڳو ٽئين کان اٺين درجي تائين مادري زبان وارن شاگردن کي به غير مادري زبان طور گهربل تعداد کان گهڻو گهٽ ۽ غير تربيت يافته استادن کان پڙهائڻ جو عمل سندن غير سنجيدگي ۽ سرڪاري دٻاءَ کي ٽارڻ لاءِ کنيل قدم ظاهر ڪري ٿو.  ٻئي پاسي اميد ۽ عام تاثر جي برخلاف سرڪاري ۽ نيم سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ جو بندوبست ۽ شاگردن جي ڪارڪردگي خانگي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ بھتر نظر آئي پر اتي به گهڻي بھتري آڻڻ جي ضرورت آهي .

سڀني اسڪولن ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا نصابي ڪتاب پڙهايا پيا وڃن، جيڪي لساني مھارتن آڌار نه پر گهڻي ڀاڱي معلوماتي ادبي مواد سان ترتيب ڏنل آهن. تدريسَ ۽ امتحان جو عمل به گهڻي ڀاڱي لساني مھارتن آڌار نه پيو ٿئي. سواءِ ٽن سرڪاري اسڪولن جي ٻين ۾ سنڌي ٻولي سنڌي مضمون کان سواءِ ذريعه اظھار نه آهي. تدريسَ عملي طور روايتي پين پيپر طريقي سان ٿئي پئي. سنڌي تدريس يا سکيا جي حوالي کان کين درپيش لساني مونجهارا ناقص تدريسي عمل ۽ مخلوط لساني رابطي جي صورتحال جي ڪارڻ ٿيندڙ لسانياتي مداخلت  جي سبب آهن. ٻارن جي سالياني امتحان ۾ حاصل ڪيل مارڪن ۽ حقيقي قابليت ۾ گهڻو فرق نظر آيو. رڳو 45 کان 52 سيڪڙو شاگردن ۾ پڙهڻ جي سگهه هئڻ  ٻولي سکيا جي مقصد جو پورائو ڪونه ٿي ڪري .

لساني اهليت جي حوالي کان سڀني اسڪولن جا شاگرد يڪ ٻوليا نه پر ٻه-ٻوليا آهن ۽ وڏي انگ ۾ گهڻ-ٻوليا  به آهن. يعني، اهي سنڌي، اردو ۽ انگريزي وغيره ڳالهائن ٿا. شاگردن جي گهڻ-ٻوليو هئڻ جي قابليت علائقي ۾ گهڻ ٻوليائي لساني رابطي جي صورتحال ڏانھن اشارو ڪري ٿي

سکر جا خانگي اسڪول جيڪي لڳ ڀڳ سڀئي انگريزي ميڊيم ۽  گڏيل تعليمي سرشتي تحت هلن ٿا، تن ۾ اڪثر سنڌي ۽ اردو عام ڳالهه ٻولهه جون ٻوليون آهن. گڏيل آباديءَ واري  گهڻ ٻولئي شھر جي انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن جي ٻوليءَ ۾ جيڪا اردو، انگريزي تان واضح لسانياتي مداخلت نوٽ ڪئي وئي ۽ اڀياس ۾ ڄاڻايل تعليمي ادارن جي اسڪول ڪلچر  ۾ گهڻ ٻوليائي لساني رابطي ڪارڻ ٿيندڙ اثرن کي ڏسندي مٿين ڪلاس جي مخصوص سنڌي طبقي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تبديليءَ جي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي. اهڙي تبديليءَ ۾؛ سنڌي ڳالهائڻ ۾ حرڪت الآ خر  خاصيت جو گهٽجڻ، ڪن فارسي-عربي اڌاريل لفظن جي (اردوءَ مان) جنس منتقلي، اردو-هنديءَ ۽ انگريزيءَ مان نئين اڌاريل لفظي ذخيري جو عام استعمال ۽ غير رسمي لکڻ يا ميسيجنگ ۾ رومن الفابيٽ جو استعمال نمايان طور ڳڻائي سگهجن ٿا.

اڀياس جي نتيجن جي مدِ نظر  هيٺيون ڪجهه سفارشون تجويز  ڪجن ٿيون.

سفارش: سکر جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي شاگردن کي سنڌي مضمون ’غير مادري زبان‘ طور پڙهائڻ جي  بجاءِ ’مادري زبان‘ طور پڙهائڻ لاءِ تعليم کاتي سنڌ کي قدم کڻڻ گھرجن.

سفارش: ڪيمبرج بورڊ وارن اسڪولن ۾او ۽ اي ليول ۾ پڻ سنڌي پڙهائڻ لاءِ تعليم کاتي سنڌ کي اپاءَ وٺڻ گهرجن. گڏوگڏ اهي هدايتون پڻ جاري ڪيو وڃن ته اهي غير نصابي سرگرمين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جي اجازت ڏين.

سفارش: خانگي اسڪولن جي انتظاميه کي سرڪاري هدايتون جاري ڪيون وڃن، ته اهي سندن ادارن ۾ سنڌي پڙهائيندڙ استادن جو گهرج مطابق عددي پورائو ڪري کين سنڌي تدريسَ جي سِکيا ڏيارن .

سفارش: سڀني اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ جي حوالي کان رائج  قديم تدريسي طريقه ڪار جديد تقاضائن جو پورائو ڪندڙ نه آهي ان ۾ ’ڊجيٽل لرننگ‘خاص ڪري ابتدائي درجن ۾ عملي طرح لازمي لاڳو ٿيڻ گهرجي.

سفارش: شاگردن کي درپيش لساني ڏکيائين جي مدِنظر سنڌي الفابيٽ تي نظرثاني  پڻ تجويز  ڪجي ٿي .

سفارش: سنڌي نصاب کي لساني مھارتن آڌار جوڙيو وڃي ته جيئن تدريسَ ۽ امتحاني عمل پڻ ان آڌار ٿي سگهي.

سفارش: ڪجهه درجن جي نصابي ڪتابن جي عدم دستيابيءَ جو تدارڪ ٿيڻ گهرجي.

سفارش: تعليم کاتي سنڌ کي گهرجي ته سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ ايس آر پي ۽ پي آر پي جي جوڙيل معاون نصابي مواد جي رسائي ۽ استعمال لاءِ عملي قدم کڻي ۽ خانگي اسڪولن ۾ پڻ اهڙي مواد جي استعمال ۽ ان جي نگرانيءَ جون هدايتون جاري ڪري .

 

 

حوالا

  1. Constitution of Pakistan 1973.
  2. Sindh bill.1972. Government of Sindh.
  3. The Census Report of Pakistan (2017-2018).
  4. District Education Plane District Sukkur 2015-2020. Institute of Social and Policy Science (1-SAPS).
  5. Chachar, nazir Ahmed. Interview. Conducted by Abdul waheed, 12 October 2022.
  6. USAID Sindh Reading Program. Early Grade Reading Assessment. Middle cohort report 2017.
  7. ASER. 2011. Govt. of Pakistan / Sindh/ District report card- Education Sukkur.
  8. Sindh Reading Program. 2019.
  9. Sindh Reading Program. Final report.
  10. Bhatti Zeeshan and others. “Spelling Error Trends and Patterns in Sindhi” Journal of Emerging Trends in Computing and Information Sciences. Vol.03 No. 10 Oct. 2012.
  11. ASER. 2011-12
  12. Rehman Tariq. (1999). Language Politics and Power in Pakistan: The Case of Sindh and Sindhi. Ethnic Studies report. Vol. xvii, No1. Jan.1999. P.21-34.

 

306 ڀيرا پڙهيو ويو