ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جا ڳوليل ڪي نوان سُر/آواز
(Some exceptional vowels,discovered by Dr. Muhabbat Buriro)

دين محمد ڪلهوڙو

Abstract

In Sindhi Phonetics,those Scholars & Experts who have Worked in Consonants & Vowels,Prof. Ali Nawaz Jatoi, Prof. Dr. G. A Allana, Dr. Murlidhar Jateli, Sirajul haque Memon & Muhabbat Buriro are featured on top. These Scholars & Experts have given results in their research work in Sindhi Phonetics, including qualities of Sindhi Linguistics, Muhabbat Buriro has discovered the hidden sides of Sindhi Phonetics particularly Vowels & Consonants. It has literally astonished the senior Scholars & Experts of Sindhi Language. In this research paper the author discussed the four exceptional Vowels are discovered by Muhabbat Buriro.

* A lot of work has been done on the system of vowels and consonant sounds, but Dr. Mhabat Buriro did this job in very modern way. His work help schollars to move ahead in different manners. Dr. Muhabad provide absolutely new path, for up-coming schollars and researchers.

Keywords: Dr. Muhabbat Buriro, Sindhi Linguistics, Sindhi Phonology, Vowels, Orthography, Alphabet.

سنڌي زبان جي سُر ۽ وينجن آوازن جي نظام تي گهڻو ئي ڪم ٿيو آهي، پر ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سنڌي سُر آوازن تي، جنھن انداز سان تحقيق ڪئي آهي، اها بنهه نئين، جديد ۽ اڻ کوجيل آهي. ان کي هيئن به کڻي چئجي ته: ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي اها کوجنا، سنڌي زبان جي سينيئر عالمن جي ڪيل ڪم کي اڳتي کڻي هلي ٿي. هن وقت تائين سنڌي صوتيات ۾ عام طور تي 10 سر آواز –’اَ، آ، اِ، اِي، اُ، اي، اَي، اَو، او ۽  اُو‘ پڙهيا ويا آهن.(1)

سراج الحق ميمڻ مٿين ڏهن سُرن ۾ هڪ وڌيڪ سُر-’آئُو‘ ملائي 11 سُر-'اَ، اِ، اُ، آ، اِي، اي، اَي، اَو، او، اُو، آئُو‘ ڄاڻايا آهن.(2)، پر ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنھنجي تحقيق ۾ مٿين ڏهن سرن ۾ وڌيڪ چئن سُرن-’اَء، اُء، اوء، اِء‘ جو واڌارو ڪري ڪل 14 سُر-اَ، اِ، اُ، آ، اَو، او، اُو، اَي، اي، اِي، اَء، اُء، اوء، ۽ اِء‘ متعارف ڪيا آهن.(3)

”سُر هڪ ڳرو آواز آهي، جنھن جي اچار مھل ڦڦڙن کان ڌُوڪي ايندڙ هوا، نڙيءَ مان لنگهي مٿي اچي، وات واري کوپي مان، روان لھر (بنا وقفي) جي صورت ۾ لنگهندي آهي. وات واري کوپي مان لنگهڻ مھل اُن کي ڪٿي به نه روڪي سگهبو آهي ۽ نه ئي وري مخرج وٽ، اچار ڪرڻ دوران هوا جي لنگهه ۾، ڪا سوڙه يا گُهٽ پيدا ڪبي آهي. انهيءَ ڪري هوا جي لنگهڻ مھل مخرج وٽ، ڪا به سوڙه يا گُهٽ نه ٿيڻ ڪري، ڪنھن به قسم جو ڪو گَهڪو به نه ٿي سگهندو آهي.“(4)

سر آواز لاءِ انگريزي ۾ مستعمل اصطلاح ‘vowel’اصل لاطيني ٻوليءَ جي لفظ ’vox‘ مان نڪتو آهي، جنھن جي معنيٰ آهي-آواز. سنڌي ڪَڪ پٽيءَ ۾ ٽن سُر آوازن لاءِ- ا، و ۽ ي جون تحريري صورتون موجود آهن، جن کي عام طور تي ’حروف علت‘ چيو وڃي ٿو. ٻين لفظن ۾ هيئن چئجي ته: انگريزي لفظ  ’vowel‘ جي لکيت واري صورت کي حروف علت ۽ سندس آواز واري حالت کي سُر آواز چئجي. يعني سر جو تعلق آواز سان ۽ حروف علت جو لاڳاپو صورتخطيءَ (orthography) سان ٿئي ٿو. عربيءَ ۾ سر آواز لاءِ ’مصوت‘ اصطلاح ڪم اچي ٿو. ’مصوت‘ لفظ صوت مان نڪتل آهي ۽ معنيٰ اٿس-آواز وارو. ’سر‘ چوڻ سان فقط آواز جي نمائندگي ٿئي ٿي، پر جڏهن حروف علت چئجي ٿو ته حرف جي لکيل صورت جي نمائندگي ٿئي ٿي. انڪري سر ۽ حروف علت هڪ شيءِ هوندي به ڌار ڌار صوتياتي ڪارج رکن ٿا.

هاڻي اچجي ٿو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي تحقيق ڪيل نيارن سُر آوازن طرف، جن جو تحقيقي اڀياس هيٺ پيش ڪجي ٿو:

(1) اَء

انگريزيءَ جا لفظ : /Bat، Fan، Man، Tan/ سنڌيءَ ۾ لکڻ دوران صورتخطيءَ جو معاملو پيدا ٿئي ٿو. انهن لفظن کي سنڌيءَ ۾ ڪٿي ’بَئٽ‘، ’فَئن‘، ’مَئن‘ ۽ ’ٽَئن‘ لکجي ٿو، ته ڪٿي ’بَيٽ‘، ’فَين‘، ’مَين‘ ۽ ’ٽَين‘ لکيو وڃي ٿو، پر عام طرح انهن جون صورتون ’مَئن‘، ’بَئٽ‘، ’فَئن‘ ۽ ’ٽَئن‘ لکيون وڃن ٿيون.

’دَئت‘ يا ’دَئيت‘ – هنن لفظن جي صحيح ۽ معياري صورت ڪھڙي آهي؟

ان طرح ’اَئٽ‘ ۽ ’اَيٽ‘، ’اَئٿ‘ ۽ ’ايٿ‘ ۽ ’اَئٺ‘ ۽ ’اَيٺ‘ وغيره مان صحيح ۽ معياري صورتون ڪھڙيون آهن؟

[اَء] ۽ [اَي]، ڇا اهي ٻئي هڪ جھڙا آواز آهن ۽ ’اَء‘ ۽ ’اَي‘ هڪ جھڙيون صورتون آهن يا انهن ٻنھي جي وچ ۾ فرق آهي؟

ان کانپوءِ هاڻي ’مَئڻ‘، ’ميڻ‘ ۽ ’مَيدان‘ لفظن جي پھرئين سُر آواز تي غور ڪجي.

/ميڻ/ جو اچار ’/مي/ + /ڻ/‘ ۽ آوازَ [م + اي] + [ڻ] آهن.

/مَيدان/ جو اچار ‘/مَي/ + /دا/ + /ن/ ۽ آواز [م + اَي] + [د + آ] + [ن] آهن.

/مَئڻ/ جو اچار ‘/مَ/ + /اِ/ + /ڻ/ نه آهي.

/مَئڻ/ جو اچار ‘/مَئه/ + /ڻ/’ آهي ۽ ان جا سر آواز ٿيندا [م + اَء] + [ڻ].

/مئڻ/، /ميڻ/ ۽ /مَيدان/ جي پھرين سُر آوازن ۾ فرق موجود آهي ۽ اچارڻ ۾ توجهه ڏبو ته انهن ۾ فرق محسوس ڪري سگهبو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي نظر ۾ [اي] ۽ [اَي] ۽ [اَء] جي وچ ۾ فرق موجود آهي.

[اَء] هڪ سُر آواز آهي، اهو هڪ – سُرو آهي.

[اَء] اچاريندي [اَ] جي آوازي لھر مٿي چڙهي، چڙهندي ختم نٿي ٿئي، جي ختم ٿي ويندي ته آواز [ا] ئي رهندو. نه ئي وري (ڊاڪٽر الانا جي لفظن جي پوئواري ڪندي) [اَ] چوندي يڪدم موڙ يا گسڪو کائي [اي] ڏانھن وڌي ٿي (– جي ائين ٿيندو ته آواز [اَي] ٿيندو) پر چڙهندي هلڪو موڙ کائي ٿي ۽ ختم ٿي/ لھي وڃي ٿي. اهو هڪ يڪپدو آواز آهي. /اَءُ/، (جيئن: ڀَئُه، ڍَءُ) اچارڻ مھل [اَ] چئي ختم ٿيندڙ/ لھندڙ لھر هڪ ڀيرو وري [ا] چوڻ لاءِ اُڀري ٿي ۽ ٻئي پد کي جنم ڏئي ٿي، تنھنڪري /اَءُ/ جا ٻه پد ٿيندا. [اَء] ٻن پدن کي جنم نٿو ڏئي ۽ نه ئي وري [اَء] چوڻ مھل ڄڀ کي يڪدم ”موڙ کائڻ“ يا ”گسڪڻ“ جي ايڏي ڪا گهرج به محسوس ٿئي ٿي. [اَء] چوندي [اَ] اچاريندي ڄڀ پنھنجي وچ وٽ هلڪو اُڀار کائي [ا] جي جاري آواز کي هلڪو وڌاءُ يا وهڪو ڏئي ٿي (جنھن لاءِ وڌ ۾ وڌي ائين چئي سگهجي ٿو ته [اُ] يا [اِ] ڏانھن وڌي ٿي پر [اُ] يا [اِ] جي بيھڪ تي پھچڻ کان اڳيئي ختم ٿي وڃي ٿي).

]اَي[ ۽ ]اَء[ جي آوازي لھر ۾ فرق کي چٽيءَ طرح محسوس ڪري سگهجي ٿو. ]اَي[ لسانياتي تجربيگاهه ۾ جيڪڏهن يڪسرو آهي ته ]اَء[ ان کان وڌيڪ بھتر نموني يڪسرو ثابت ٿيندو پر ]اَي[ کي جيڪڏهن ٻه-سرو مڃيو وڃي تڏهن به ]اَء[ يڪسرو ئي آهي. ]اَء[ هڪ اهڙو آواز آهي، جنھن کي ]اي[ ۽ ]اَي[ جي وچ تي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ]اَء[ جي پوئين جز کي ڊاڪٽر محبت ٻرڙو، ’جهيڻو وائل‘ سمجهي ٿو.

/مَئڻ/ جو امر واحد /مَئِه/ آهي ۽ ڌاتو /مَئه/ ] =م+ اَء[

/ڍَئڻ/ جو امر واحد  /ڍءِ/  آهي ۽ ڌاتو /ڍَء/ ] =ڍ+ اَء[

/رَئڻ/ جو امر واحد  /رَءِ/ آهي ۽ ڌاتو /رَء/ ] =ر+ اَء[

جيئن /مَرڻ، سڙڻ، ٻرڻ، مَکڻ/ وغيره جو امر واحد واريسر /مَــرُ، سَــڙُ، ٻَــرُ ۽ مَکِ/ آهي ۽ ڌاتو واريسر /مرۡ، سَڙۡ، ٻَرۡ ۽ مَکۡ/. انهن ۽ اهڙن ٻولن جو ڌاتو جيڪڏهن /مَ، سَ، ٻَ ۽ مَ/ مڃيو وڃي ها يا هجي ها ته پوءِ انهن کي آڏو رکندي /مَئڻ، ڍَئڻ ۽ رَئڻ/ جھڙن ٻولن جو ڌاتو /مَ، ڍَ ۽ رَ/ مڃيو وڃي ها پر حقيقت ۾ دليل انهيءَ ڳالهه کي رد ڪن ٿا، ۽ اها ئي حقيقت ۽ اهو ئي دليل ان راءِ کي اڃا وڌيڪ پختو ۽ وزنائتو بنائي ٿو ته /کائڻ، ڳائڻ، ڌائڻ/ جھڙن ٻولن جو ڌاتو به /کا، ڳا، ڌا/ سمجهڻ بلڪل ئي غلط ٿيندو.

’هَئو مَئو ٽرڻ‘ - ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب، اُن جو اتر ڏي اچار ’هَئه مَئه ٽرڻ‘ آهي. (5)

/هَئه/  ] =هه + اَء[ ۽ /مَئه/ ] =م+ اَء[

/وڍڻ/ جو امر واحد /وَڍِ/ آهي ۽ ڌاتو /وَڍۡ/. سنڌي ٻولي اهڙن ڪجهه ڌاتن جي پويان /اُ/ ۽ /اَ/ (يعني }اُ{ ۽ }اَ{) آڻي معنوي فرق پيدا ڪندي ڪي نوان ٻول ٺاهي ٿي:

/وَڍۡ/ + /اُ/ = وَڍُ (اسم، مذڪر، واحد)

/وَڍۡ/ + /اَ/ = وَڍَ (اسم، مذڪر، جمع)

مختلف ڪاڄن ۾ ميزبان پاران ”ادا، کائي ڍَءُ ڪجو“ ۽ مھمانن پاران ”بس ڀاؤ، کائي ڏاڍا ڍَوَ ڪيا آهن“ جھڙا جملا ضرور ٻڌبا آهن. انهن ’ڍَءُ‘ ۽ ’ڍَوَ‘ ٻولن جو ڌاتو ڇا آهي؟ /وَڍُ/ ۽ /وَڍَ/ کي نظر ۾ رکندي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته /’ڍَءُ‘ ۽ ’ڍَوَ‘/ جو ڌاتو /ڍَء/ آهي.

/ڍَء/ + /اُ/ = ڍءُ (اسم، مذڪر، واحد)

/ڍَء/ + /اَ/ = ڍَءَ < ڍَوَ (اسم، مذڪر، جمع)

اهڙو هڪ ٻيو مثال/ڀَـئُه ۽ ڀَـــوَ/ جو آهي:

/ڀَئه/ + /اُ/ = ڀَـئُه

/ڀَئه/ + / اَ/ = ڀَــئَه < ڀــوَ

/ڍَء/ = ]ڍ + اَء[

/ڀَئه/ = ]ڀ + اَء[

واحد بخش شيخ ’فعل‘ جي سري هيٺ ’فعل لازمي‘ ۽ ’فعل متعدي‘ جي مَٽ سٽ تي بحث ڪندي ڪجهه فعلن جي تبديليءَ کي ڪنھن به اصول جو پابند نه سمجهندي ڪجهه ”بيقاعدي تبديل ٿيندڙ“ لفظن جا مثال ڏنا آهن، جڏهن ته اهو پڻ ٻڌايو اٿئون ته ڪي لازمي صيغا متعدي ٿيندي هڪ مخصوص سٽاءَ جي پابندي ڪن ٿا.(6) اها ڳالهه پڙهڻ کان پوءِ لازمي طرح سوال ٿو اُڀري ته ڪي فعل لازمي مان متعدي ٿيندي ڪنھن اصول جي پابندي ڪندي نظر ڇو اچن ٿا ۽ ڪي ٻول ائين ڇو نٿا تبديل ٿين؟ انهيءَ سوال جو جواب توڙي جو سندس ئي ڪتاب ۾ مختلف هنڌن تي بحث دوران ظاهر ٿئي ٿو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هڪ ڀيرو وري انهيءَ پاسي ڏي ڌيان ڇڪائڻ چاهي ٿو ته اسان جي الفابيٽ ۽ صورتخطي ڪن ٻولن کي درست صورت ۾ لکڻ کان عاجز نظر اچي ٿي. اهو به نظر ۾ رکيو وڃي ته ڪي ٻول وقت گذرندي ڪي قدر يا پوريءَ طرح تبديل ٿين ٿا ۽ اهو پڻ ته ڪن ٻولن جي ڌاتو سان ڪي آواز ملي، ان ۾ معنوي فرق پيدا ڪن ٿا ۽ جڏهن ائين ٿئي ٿو تڏهن پڻ ٻول جي اچار ۾ فرق اچي وڃي ٿو جيئن /ڍَء/ سان }اَ{ ملڻ کان پوءِ ٺھندڙ ٻول /ڍَءَ/ بدران /ڍَوَ/ آهي. /ڀَـوَ، تَـوَ، چَـوَ، ڪَـوَ/ ۽ اهڙا ٻيا به ڪيئي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. اهو پڻ ياد رکيو وڃي ته ڪي ٻول گم پڻ ٿي وڃن ٿا.

/کائڻ/ انهن ٻولن ۾ شامل ڪيو ويو آهي جن بابت سمجهيو ٿو وڃي ته تبديل ٿيندي ڪنھن اصول جي پابندي نٿا ڪن. واحد بخش شيخ ان جو لازمي /کاڄڻ/ قرار ڏنو آهي ۽ اهو ئي ٻول عام طرح سمجهيو به وڃي ٿو. ’جامع سنڌي لغات‘ /کاڄڻ/ جو سنسڪرت بنياد ’کاڌ‘ ۽ /کائڻ/ جو سنسڪرت بنياد ’کاد‘ ڄاڻايو آهي پر اهو ٻول جڏهن اسم (۽ مذڪر واحد) ٿي ڪم اچي ٿو تڏهن ان جو هڪ متبادل /کيڻ/ به ڏنو آهي. ’کيڻ‘ تي لاڙي اثر نمايان نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ان جو صحيح اچار /کَئڻ/ سمجهي ٿو، جنھن جو امر واحد /کئُه/ ۽ ڌاتو /کَئه/ (]=ک + اَء[) ٿيندو.

’جامع سنڌي لغات‘ /کِيَڻ/ به ڏنو آهي جنھن جو سنسڪرت بنياد ’کاد‘ ڏيندي، ان جي معنيٰ ۾ ’کاڄ‘، ’کاڌو‘ ۽ ’کانو‘ به ڄاڻايو آهي. اهڙا ڪي ٻيا ٻول ’کِئَڻ‘، ’کِئاءُ‘، ’کِئو‘، ’کِئائي‘ وغيره به ڏنل آهن. (7)

’کاء‘ جي صورت، مضارع ۽ حال طور ضمير متڪلم واحد جي حالت ۾، ’کاوان‘۽ ’کاوان ٿو‘ ٻئي آهن.

مٿي آيل ٻولن ۾ ’کَئه‘ ۽ ’کاء‘ کي ڌاتو قرار ڏيندي ٻول ۾ ]ي[ ۽ ]و[ جي اُڀرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي گهرج محسوس ٿئي ٿي.

’ڍَء‘ ۽ ’ڀَئه‘ جھڙن ٻولن جو جمع (مذڪر، اسم) آهي ’ڍَوَ‘ ۽ ’ڀَـوَ‘ (نه ڪي ’ڍَءَ‘ ۽ ’ڀَـئَه‘، جيڪي اچارڻ ۾ ڏکيا محسوس ٿين ٿا). ’ڀئه‘ ڌاتو رکندڙ ڪي ٻول آهن: ڀَوائتو، ڀَوارو، ڀَــوَ ڀريو وغيره (ڏسو ’جامع سنڌي لغات‘)، جن ۾ پڻ ]اَ[ بدران]و[ اچي ٿو.

هيٺ ڏنل لفظن جي صورتخطيءَ، ٻولن جي آواز ۽ خاص طرح پھرئين رتل وائڄڻ کان پوءِ ايندڙ آواز (۽ ان جي نمائندگي ڪندڙ اکر) تي ڌيان ڏيڻ جي گهرج آهي.

’چَوَڻُ‘، ’چيو مڃڻ‘، ’چئي وان‘، ’چَوڻِي‘، ’چَوۡ وَٽ‘، ’چَوچاءُ‘، ’چَو چواءُ‘، ’چَوَڻ چائڻ‘ (ڏسو ’جامع سنڌي لغات‘). ’چوندو‘، ’چيو‘ ۽ ’چَئو‘ کي به ذهن ۾ رکڻ گهرجي. انهن ٻولن جو ڌاتو ڇا آهي؟

’چَوَڻُ‘ اسم مصدر سڏيو وڃي ٿو.

’چَئُه‘ امر واحد آهي.

’چَئه‘ ڌاتو ٿيندو.

/چَئه/ ] =چ + اَء[

ساڳيءَ طرح ’ڀوائتو‘، ’ڀوارو‘، ’ڀَوَ ڀريو‘ وغيره جو ڌاتو ٿيندو /ڀَئه/ ] =ڀ + اَء[.

هاڻي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته ’چَوچاءُ‘ ۽ ’چَو چواءُ‘ ۾ ’چاءُ‘ ۽ ’چواءُ‘ تي ڌيان ڏجي. ٻن طريقن سان بحث ڪري سگهجي ٿو:

(1) اندريون جوڙ /آ/ اچي ’چَئه‘ کي ’چاء‘ يا ’چواء‘ ڪري ٿو يا

(2) ]اَء[ جو ]اَ[ وڌي ]آ[ ٿئي ٿو. ٻين لفظن ۾، ]اَ[ وڌائي ]آ[ ڪجي ٿو ۽ ٻول ۾ معنوي فرق پيدا ڪيو وڃي ٿو.

هاڻي ’چَوَڻ چائڻ‘ ۾ /چائڻ/ تي ڌيان ڏيو ۽ سوچيو ته ’چائڻ‘ ۽ ’چوائڻ‘ جي وچ ۾ معنيٰ ۽ مفھوم جي حوالي سان ڪو اصولي فرق به موجود آهي ڇا؟ ۽ انهن ٻنهي جو ڌاتو ڇا آهي؟

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي نظر ۾ ’چائڻ‘ ۽ ’چوائڻ‘ هم معنيٰ ٻول آهن ۽ ٻنهي جو (ترت) ڌاتو /چاء/ (=/چواء/) آهي ۽ اصولي ڌاتو يا پاڙ-ٻول /چَئه/.

/چَئه/ + (اندريون جوڙ) /آ/ = چاء (چواء)

/چاء/ (چواء) + /اِ/ = چاءِ (چواءِ) ..... امر واحد

’چائڻ‘ ۽ ’کائڻ‘ جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪريو.

/کائڻ/ جو امر واحد آهي /کاءُ/ ۽ (ترت) ڌاتو /کاء/ = ]ک + آء[ ۽ اندريون جوڙ هٽائڻ کان پوءِ اصولي ڌاتو يا پاڙ-ٻول ٿيندو /کئه/ = ]ک + اَء[.

مٿي ڏنل ’چئه‘ ۽ ’ڀئه‘ ڌاتو رکندڙ ۽ ڄاڻايل ٻولن تي ڌيان ڏيو. /چَئه/ جي ڪڍ جيڪو به سر آواز آيو آهي، انهيءَ اتي يا پاڻُ برقرار رکيو آهي يا وري ]و[ يا ]ي[ کي اپائڻ جو ڪارڻ بڻيو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته هڪ سر آواز (يا وائل آواز جي جهيڻي وائل) جي ڪڍ جڏهن ٻيو سر آواز اچي ٿو تڏهن اتي اهو سر آواز پاڻ برقرار رهي ٿو (رهي سگهي ٿو) يا وري ]و[ يا ]ي[ اُپجي (سگهي) ٿو ─ ٻولي اتي، اهڙيءَ حالت ۾ اچار-سھنج جو خيال رکي ٿي. ان نموني جڙندڙ ڪن ٻولن ۾ اڀرندڙ آواز ]و[ ۽ ]ي[ ڪٿي اڌ-سر آواز ٿين ٿا ته ڪٿي وينجڻ. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڌ-سر آواز ]و[ ۽ ]ي[ جي پيدا ٿيڻ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي انهيءَ راءِ کي مڪمل درست نه ٿو سمجهي ته صرف ]آ، او يا اُو[ کان صرف ]اَ يا آ[ ڏانھن مڙندڙ ۽ گسڪو ڪندڙ ڪوشش سبب مشروط طور اڌ-سر آواز ۽ صرف ]اِ ۽ اِي[ کان صرف ]آ۽ اَ[ ڏانھن مڙندڙ ۽ گسڪو ڪندڙ ڪوشش سبب مشروط طور اڌ-سر آواز ]ي[ پيدا ٿئي ٿو. ’چئه‘ ڌاتو رکندڙ ۽ مٿي ڏنل ڪجهه ٻول اهڙو هڪ مثال آهن. ’ٿڌون‘ ۽ ’ٿڌيون‘، ’ڳنڍون‘ ۽ ’ڳنڍيون‘، ’برساتون‘ ۽ ’برساتيون‘، ’لھرون‘ ۽ ’لھريون‘ ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي سنڌي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ ايندڙ لفظ ۽ ’کاوان‘ ۽ ’چوان‘ جھڙا ٻول انهيءَ موضوع تي وڌيڪ گھرائي سان سوچڻ جي دعوت ڏين ٿا.

/ساڙڻ، مارڻ، ڊاهڻ، ٺاهڻ، کارڻ، ڳارڻ/ جھڙن، متعدي فعل ٻولن جي فعل لازمي واري صورت /سڙڻ، مرڻ، ڊهڻ، ٺھڻ، کرڻ، ڳرڻ/ چئي وڃي ٿي (۽ آهي) ۽ /’چائڻ‘/ (چوائڻ) جي صورت /چئڻ/ (چوڻ) ته ’کائڻ‘ جي لازمي صورت /کئڻ/ هجڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح /لائڻ، ڀائڻ، ڳائڻ، ڌائڻ/ وغيره جھڙين متعدي صورتن جي لازمي صورت /لئڻ، ڀئڻ، ڳئڻ، ڌئڻ/ هجڻ گهرجي ۽ جي ايئن هجي ته، انهن جو واريسِر ڌاتو ٿيندو: /لَئه، ڀَئه، ڳئه، ڌَء/ = (...+ اَء).

’جامع سنڌي لغات‘ ۾ /ڍَئڻ/ مان /ڍائڻ/ ۽ /رَئڻ/ مان /رائڻ/ موجود آهن پر /مَئڻ/ مان /مائڻ/ موجود ناهي (توڙي جو ڪي جهونيون عورتون اڄ به ائين اچارينديون آهن) البته /مئراڻڻ ۽ مائرائڻ/ موجود آهن.(8)

/ڍَئڻ/ جو امر واحد آهي /ڍَءِ/ ۽ ان جو ڌاتو /ڍَء/ ] =ڍ + اَء[.

/رَئڻ/ جو امر واحد آهي /رَءِ/ ۽ ان جو ڌاتو /رَء/ ] =ر + اَء[.

’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ’ڀَــوَڻُ‘ لفظ به نظر اچي ٿو، جنهن جو تفصيل هن طرح ڏنل آهي:

  • ڀَـوَڻُ: مصدر (سن. ڀـۡـرَمۡ= ڦرڻ) ڦرڻي- گِرڻي.

+     ڇا ڀَواٽي‘ (’ڀانئٽي‘، ’ڀَنواٽي‘) ۽ ’ڀَنوَر‘ جھڙن ٻولن جو ڌاتو پڻ اتان ئي اچي ٿو؟

+    ’چوڻ‘ کي ذهن ۾ رکندي ’ڀوڻ‘ جو امر واحد ٿيندو /ڀَئُه/ (= رُلُ) ۽ ڌاتو /ڀَئه/ (=] ڀ + اَء[).

+    ’ڪائو‘ (= لاٿِ) ۽ ڪَئُه‘ (= لَههَ، لھپَ) جو ڌاتو ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي نظر ۾ /ڪَئه/ (]=ڪ + اَء[) آهي.

+    ]اَ[، ]اي[، ]اَي[، ۽ ]اَء[ جي وچ ۾ فرق آهي ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو انهيءَ کي قائم رکڻ چاهي ٿو.

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪيل انهيءَ بحث مان خبر پوي ٿي ته: سُر آواز ۾ آواز جي ابتدائي چاڙهه ۽ انتھائي لاهه واري آواز تي غور ڪجي.[اَء] سُر آواز هڪ سرو آواز ته آهي پر ان جي اچار دوران آواز جي ابتدائي لھر وڌندي هڪ پد ٺاهي، وڌيڪ نئون پد ٺاهي نه ٿي، پر هڪ اڻلَکو وڌاء آڻيندي ختم ٿي وڃي ٿي. ان سر آواز جي آخري حصي کي سمجهڻ لاءِ [ء ] جي نشاني ڪم آندي ويئي آهي. يعني اهو سر آواز [اَ] سر آواز کي هڪ اڻلکو وڌاء ڏيئي ماٺو ٿي ويو آهي.

(2) اُء

]اُء[ هڪ سُر آواز آهي. اهو هڪ يڪسُرو آهي. ]اُء[ اچاريندي ]اُ[ جي آوازي لھر مٿي چڙهي، چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي (جي ختم ٿي ويندي ته آواز ]اُ[ ئي رهندو) پر چڙهندي هَلڪو موڙ کائي ٿي ۽ ختم ٿي/لھي وڃي ٿي. اهو هڪ يڪپدو آواز آهي. /اُءِ/ (جيئن: /آيُئِه/ = ’تو وٽ آيو‘ ۽ /لکندُءِ/ = ’تو ڏي لکندو‘، جا آخري ٻه آواز) اچارڻ مھل ]اُ[ چئي ختم ٿيندڙ/لھندڙ لھر هڪ ڀيرو وري /اِ/ (= ]اِ[) چوڻ لاءِ اڀري ٿي ۽ ٻئي پد کي جنم ڏئي ٿي، تنھنڪري /اُءِ/ جا ٻه پد ٿيندا. ]اُء[ ٻن پدن کي جنم نٿو ڏئي ۽ نه ئي وري ]اُء[ چوندي ڄڀ کي يڪدم ”موڙ کائڻ“ يا ”گسڪڻ“ جي ايڏي ڪا گهرج به محسوس ٿئي ٿي. ]اُء[ اچاريندي ]اُ[ اوريندڙ ڄڀ پنھنجي وچ وٽ هلڪو اڀار کائِي ]اُ[ جي جاري آواز کي هلڪو وڌاءُ يا وهڪو ڏئي ٿي (جنھن لاءِ وڌ ۾ وڌ ائين چئي سگهجي ٿو ته ]اِ[ ڏانھن وڌي ٿي پر ان بيھڪ تي پھچڻ کان اڳ ختم ٿي وڃي ٿي).

/هُئڻ/ جو امر واحد /هُئُه/ آهي ۽ ڌاتو /هُئه/ = (هه + اُء)

/لُئڻ/ جو امر واحد /لُئُه/ آهي ۽ ڌاتو /لُئه/ = (ل + اُء)

/رُئڻ/ جو امر واحد /رُءُ/ آهي ۽ ڌاتو /رُء/ = (ر + اُء)

توڙي جو ’لُئڻ‘ ۽ ’لوئڻ‘، ’لُڏڻ‘ ۽ ’لوڏڻ‘ ۽ ’جُڙڻ‘ ۽ ’جوڙڻ‘ لفظن جي جوڙن جي وچ ۾ معنوي فرق قائم رکيو ويندو آهي، پر عام طرح، اهڙيءَ ئي فرق کي ’ڌُئڻ‘ ۽ ’ڌوئڻ‘ ۽ ’رُئڻ‘ ۽ ’روئڻ‘ جھڙن ٻولن جي جوڙن جي وچ ۾ محسوس نٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته اهي به ساڳئي اصول ۽ ترتيب هيٺ تبديل ٿين ٿا ─ ڇو؟ ۽ ڇو ’ڌوئڻ‘ جي حقيقي مفھوم کي ’ڌوئارڻ‘ يا ’ڌوئرائڻ‘ ۽ ’روئڻ‘ جي حقيقي مفھوم کي ’روئارڻ‘ جھڙن ٻولن وسيلي ظاهر ڪيو وڃي ٿو؟ ساڳيءَ طرح ’ڍوئڻ‘ ۽ ’ڍُئڻ‘ جي وچ ۾ موجود فرق کي به نروار هجڻ گهرجي.

’جامع سنڌي لغات‘ تان ورتل ۽ هيٺ ڄاڻايل لفظن جو ڌاتو ڌيان لهڻي ٿو:

’ڀُـئـاٽ‘ (=ڀُـئـه+آٽ)، ’ڀُـئـو‘ (=ڀُـئـه+او) ۽ ’ڀُـئيڪارو‘ (=ڀُئه+اِي+ڪار+او) جو ڌاتو ’ڀُئه‘ (]=ڀ+اُء[)، ’پُئائڻ‘ جو لازمي ’حاصل مصدر‘ ’پُئڻ‘ (=پُئه+اَڻ) آهي ۽ ان جو ڌاتو ’پُئه‘(]=پ+اُء[)، ’ڏُئاءُ‘ (=ڏُء+آ+اُ)، ’ڏُئو‘ (= ڏُء+او) ۽ ’ڏُئيڙ‘ (=ڏُء+ايڙ) جو ڌاتو ’ڏُء‘ (]=ڏ+اُء[)، ’ڊُئي‘ (=ڊُء+اِي) جو ڌاتو ’ڊُء‘ (]=ڊ+اُء[)، ’ڍُئڻ‘ (=ڍُء+اَڻ) جو ڌاتو ’ڍُء‘  (]=ڍ+اُء[)، ’ڪُئو‘ (ڪُوئو)، ’ڪُئي‘، ’ڪُئا‘ (ڪُوئا) ۽ ’ڪُيون‘ (ڪُئيون) جو ڌاتو  ’ڪُئه‘ (]=ڪ+اُء[)، ’گُئاٿ‘ (=گُئه+آٿ)، ’گُئار‘ (=گُئه+آر) ۽ گُئاري‘ (گُئه+آر+اِي) جو ڌاتو ’گُئه‘ (]=گ+اُء[)،’لُئارو‘ (=لُئه+آر+او)، ’لُئارِي‘ (=لُئه+آر+اِي) ۽ ’لُئانڊو‘  (=لُئه+آنڊ+او) جو ڌاتو ’لُئه‘ (]=ل+اُء[)، اهو ساڳيو ڌاتو ’لُئو‘ (=لُئه+او) ۽ ’لُئا لائڻ‘ جي ’لُئا‘ (=لُئه+آ) ۾ پڻ نظر اچي ٿو.

’مُئا‘، سنڌ جي هڪ ذات جو نالو، درحقيقت ’مُئا‘ ئي آهي يا ڪو ٻيو ٻول ڦري ’مئا‘ ٿيو آهي، ڄاتل ناهي پر ’مُئا‘ جو ڌاتو ’مُئه‘ (] =م+اُء[) ئي ٿيندو.

/چُئڻ/ جو امر واحد /چُئُه/ ۽ ڌاتو /چُئه/ ] =چ + اُء[ آهي.

]اُء[ هڪ نيارو ۽ سنڌي ٻولن ۾ اڳ اڻ-کوجيل وائل آواز آهي.

هن ۾ به [اَء] سر آواز وارو ساڳيو معاملو درپيش آهي.هنن ۾ فرق رڳو صوتين جو آهي.

(3) اوء

]اوء[ هڪ سُر آواز آهي ۽ اهو هڪ ٻه-سُرو آهي.

/رُئڻ، ڌئڻ/ وغيره مان /روئڻ، ڌوئڻ/ ’روئڻ‘ جي معنى ۾ ’رُئڻ‘ ۽ ’ڌُوَڻ‘ جي معنى ’ڌوئڻ‘ ڏئي ٿي، جنھنڪري اهو سمجهڻو پوي ٿو ته ’رُئڻ‘ ۽ ’روئڻ‘ ۽ ’ڌُئڻ‘ (ڌُوَڻ) ۽ ’ڌوئڻ‘ جي معنائن ۽ مفھومن ۾ اهڙو ڪو به فرق موجود نه ٿو سمجيو وڃي جو لازمي ۽ متعدي جھڙي تفريق ڪري سگهجي. جڏهن ته هڪ طرف ’لُئڻ‘ ۽ ’ڍُئڻ‘ ۽ ٻئي طرف ’لوئڻ‘ ۽ ’ڍوئڻ‘ جي معنوي فرق کي محسوس ڪندي ۽ مٿي ڄاڻايل ٻولن کي ڏسي ۽ سمجهي مڃڻو پوي ٿو ته ’ڌُئڻ‘ ۽ ’رُئڻ‘ فعل لازمي ۽ ’ڌوئڻ‘ ۽ ’روئڻ‘ فعل متعدي هجڻ گهرجن.

/روئڻ/ جو امر واحد /روءُ/ آهي ۽ ڌاتو /روء/ = (ر + اوء)

/ڌوئڻ/ جو امر واحد /ڌوءُ/ آهي ۽ ڌاتو /ڌوء/ = (ڌ + اوء)

/لوئڻ/ جو امر واحد /لوءِ/ آهي ۽ ڌاتو /لوء/ = (ل + اوء)

]اوء[ هڪ سُر آواز آهي ۽ ]اُ[، ]او[ ۽ ]اُو[ کان فرق رکي ٿو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو [اوء] سر آواز جي وضاحت ڪندي ’ٻول جو بڻ‘ ۾ لکي ٿو ته:

]اوء[ اچاريندي ]او[ جي آوازي لھر مٿي چڙِهي، چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي (جي ختم ٿي ويندي ته آواز ]او[ ئي رهندو) پر چڙهندي هلڪو موڙ کائي ٿي ۽ ختم ٿي/لھي وڃي ٿي. اهو هڪ يڪپدو آواز آهي. /اوءِ/ چوندي ]او[ چئي ختم ٿيندڙ/لھندڙ لھر هڪ ڀيرو وري ]اِ[ چوڻ لاءِ اڀري ٿي ۽ ٻئي پد کي جنم ڏئي ٿي، تنھنڪري /اوءِ/ جا ٻه پد ٿيندا. ]اوء[ ٻن پدن کي جنم نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي وري ]اوء[ اچاريندي ڄڀ کي ”موڙ کائڻ“ يا ”گسڪڻ“ جي ايڏي ڪا گهرج به محسوس ٿئي ٿي. ]اوء[ اچاريندي ]او[ اوريندڙ ڄڀ پنھنجي وچ وٽ هلڪو اڀار کائي ٿي ۽ ]او[ جي جاري آواز کي هلڪو وڌاءُ يا وهڪو ڏئي ٿي (جنھن لاءِ وڌ ۾ وڌ ايئن چئي سگهجي ٿو ته ]اُ[، ]اِ[ يا ]اَ[ ڏانھن وڌي ٿي پر انهن مان ڪنھن جي به بيھڪ تي پھچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي وڃي ٿي).

’ٽوئڪي‘ (=ٽوء+اِڪ+اِي)، ’ٽويو‘ (=ٽوء+او)، ’ٽوئِي‘ (=ٽوء+اِي)، ’ٽوئڻ‘ (=ٽوء+اِڻ) ۽ ٽوئيلي (ٽوء+ايل+اِي) جي ڌاتو /ٽوء/ = ]ٽ+اوء[، ’پوئڻ‘ (=پوء+اڻ)، پوئر (=پوء+اِر) ۽ ’پويَر‘ (=پوء+اَر) جي ڌاتو /پوء/ = ]پ+اوء[، ’جھوئڻ‘ (=جهوء+اڻ) جي ڌاتو /جهوء/ = ]جھ+اوء[، ’سوئڻ‘ (=سوء+اڻ) جي ڌاتو /سوء/ = ]س+اوء[، ’ڪوئڻ‘ (=ڪوء+اڻ) جي ڌاتو /ڪوء/ = ]ڪ+اوء[، ’موئڻ‘ (=موء+اڻ) جي ڌاتو /موء/= ]م+اوء[ ۽ ’ووئڻ‘ جي ڌاتو /ووء/ = ]و+اوء[ ۾ اهو وائل آواز چٽيءَ طرح پرکي سگھجي ٿو.“ (9)

ووء ووء ڪندي وت، متان ووء وساريين. (شاهه)

(4) اِء

]اِء[ هڪ سُر آواز آهي. اهو هڪ يڪسرو آهي. [اِء[ اچاريندي ]اِ[ جي آوازي لھر مٿي چڙِهي، چڙهندي ختم نه ٿي ٿئي (جي ختم ٿي ويندي ته آواز [اِ] ئي رهندو) پر چڙهندي هلڪو موڙ کائي ٿي ۽ ختم ٿي/لھي وڃي ٿي. اهو هڪ يڪپدو آواز آهي. /اِءَ/ يا /اِءُ/ چوندي ]اِ[ چئي ختم ٿيندڙ/لھندڙ لھر هڪ ڀيرو وري ]اَ[ يا ]اُ[ چوڻ لاءِ اڀري ٿي ۽ ٻئي پد کي جنم ڏئي ٿي، تنھنڪري /اِءَ/ يا /اِءُ/ جا ٻه پد ٿيندا. [اِء] ٻن پدن کي جنم نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي وري [اِء] اچاريندي ڄڀ کي ”موڙ کائڻ“ يا ”گسڪڻ“ جي ايڏي ڪا گهرج به محسوس ٿئي ٿي. [اِء] اچاريندي [اِ] اوريندڙ ڄڀ پنھنجي وچ ڏانھن هلڪو اُڀار کائي ٿي ۽ ]اِ[ جي جاري آواز کي هلڪو وڌاءُ يا وهڪو (اڃا به ائين چئجي ته ڌوڏو) ڏئي ٿي.

/نِئڻ/  جو امر واحد /نِئُه/ آهي ۽ ڌاتو /نِئه/ ] =ن+اِء[

/جِئڻ/ جو امر واحد /جِئُه/ آهي ۽ ڌاتو /جِئه/ ] =ج+اِء[

/ٿِئڻ/  جو امر واحد /ٿِئُه/ آهي ۽ ڌاتو /ٿِئه/ ] =ٿ+اِء[

’جامع سنڌي لغات‘ تان ورتل ۽ هيٺ ڏنل ٻولن جو ڌاتو ڌيان لهڻي ٿو:

’پِئڻ‘ (پيئڻ) (=پئه+اڻ)، ’پياس‘ (=پئه+آس)، ’پياسو‘ = (پئه+آس+او)، ’پياسي‘ (= پئه+آس+اِي)، ’پياڪ‘ (=پئه+آڪ)، ’پيالو‘ = (پئه+آل+او)، پيالي (=پئه+آل+اِي)، ’پيائين‘ (=پئه+آئين)، ’پيڄ‘ (=پئه+ايڄ)، ’پيڄِي‘ (=پئه+ايڄ+اِي)، ’پِيچ‘ (=پِئه+ايچ)،  ’پِيچڻ‘ (=پِئه+ايچ+اڻ)، ’پيڻ‘ (=پِئه‎+ايڻ)، ’پِيَڻ‘ (=پِئه+اڻ)، ’پِيَڻِ‘ (=پِئه+اڻ+اِ)، ’پِيَڻِي‘(=پئه+اڻ+اِي)، ’پِئَڻ‘ (=پِئه+اڻ)، ’جِئڏ‘ (جِيئڏ) (=جِئه+اڏ)، ’جِئندڙو‘ (=جِئه+اند+ڙ+او)، ’جيڏو‘ (=جِئه+ايڏ+او)، ’جيڏِي‘ (=جِئه+ايڏ+اِي)، ’جِئَڻ‘ (جِيئڻ) (=جِئه+اَڻ)، ’جِئاڪ‘ (جِيئاڪ) (=جِئه+آڪ)، ’ڏيَڻ‘ (ڏئڻ) (=ڏِء+اَڻ)، ’ڏيج‘ (=ڏِء+ايج)، ’ڏئڻيات‘ (=ڏء+اَڻ+آت)، ’ڏيات‘ (=ڏِء+آت)، ’ڏيب‘ (=ڏِء+ايب)، ’کِئڻ‘ (=کِئه+اڻ)، ’کِئام‘ (=کِئه+آم)، ’کِئو‘ (=کِئه+او)، ’کِئائي‘ (=کِئه+آئي)، ’کِياءُ‘ (=کِئه+آءُ)،’گِيات‘ (=گِئه+آت)، ’گِيان‘ (=گِئه+آن؟)، ’گِياني‘ (=گِئه+آن+اِي)، ’لِيار‘ (=لِئه+آر)، ’لِئاري‘ (=لِئه+آر+اِي)، ’لِياڪو‘ (لِيئاڪو) (=لِئه+آڪ+او)، ’لِئڙ‘ (=لِئه+اَڙ)، ’لِئو‘ (=لِئه+او)، ’لِيَّ‘ (سن. لِيهَ. پرا. لِئه = چنبڙڻ)، ’ليار‘، ’ليارو‘، ’ليارِي‘، ’ليپ‘ (=لِئه+ايپ)، ’ليپڻ‘ (=لِئه+ايپ+اڻ)، ’ليس‘ (=لِئه+ايس)، ’ليسر‘ (=لِئه+ايس+ار)، ’ليسوڙو‘ (=لِئه+ايس+او+ڙ+او)، ’ليسوڙِي‘، ’نِئات‘ (=نِئه+آت)، ’نِياتِي‘، ’نِياپو‘ (=نِئه+آپ+او)، ’نئارو‘ (=نِئه+آر+او)، ’نياتي‘ (=نِئه+آت+اِي)،’نياڻي‘ (=نِئه+آڻ+اِي)، ’نياڻو‘، ’نِئڙت‘ (نِوِڙت، نِيئڙت) (=نِئه+ڙ+ت)، ’نينڍ‘ (نِيئنڍ)(=نِئه+انڍ+اَ)، ’وِياٽو‘ (=وِئه+آٽ+او)، ’وِيَم‘ (=وِء+ام)، ’ويڙهو‘  (=وِء+ايڙهه+او)، ’هِئون‘ (=هِئه+اون)، ’هيانءُ‘ (=هِئه+آن+اُ)، ’هيانتو‘ (=هِئه+آن+ت+او) وغيره.

نتيجو:

سنڌي سُر آوازن جي حوالي سان ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي هڪ نئين کوجنا آهي. سنڌي زبان ۾ اَء، اُء، اوء ۽ اِء اهڙا اڻ کوجيل ۽ اڻ نبريل سر آواز آهن، جن جي وڌيڪ لڪيل گوشن ۽ زاوين کان ڏسڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي. مذڪوره چار ئي سر آواز روز مره جي ڳالهه ٻولهه ۽ لکيت ۾ استعمال ته ٿين ٿا پر انهن جي لساني ۽ صوتياتي ڪارج کان واقفيت نه هئڻ جي برابر آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي هيءَ کوجنا موجوده ۽ نئين نسل/ ٽھيءَ جي ٻولي ماهرن ۽ اسڪالرن کي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي دعوت ڏيئي ٿي ۽ گڏوگڏ انهيءَ موضوع جا نوان  در پڻ کولي ٿي.

 

حوالا

  1. جتوئي، علي نواز، پروفيسر، علم لسان ۽ سنڌي زبان(ڇاپو ٻيون)، ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي. 1983ع، ص 52
  2. ميمڻ، سراج الحق، سنڌي ٻولي(ڇاپو ٻيون)، حيدرآباد:سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2009ع، ص 82.
  3. ٻرڙو، محبت، ڊاڪٽر، ٻوليءَ جو بڻ(ڇاپو پھريون)، قنبر:ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، 2007ع، ص 92، 83، 40
  4. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، سنڌي صوتيات(ڇاپو ٻيون)، حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي. 2009ع، ص 22، 23
  5. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، جامع سنڌي لغات (5-جلد) ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ. 2007ع، ص 602
  6. شيخ، واحد بخش، سنڌي ٻولي جو صرف ۽ نحوَ(گڏيل ڀاڱا)، ڄام شورو:سنڌي ادبي بورڊ. 2006ع، ص 33-340
  7. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، جامع سنڌي لغات (5-جلد) ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ. 2007ع، ص 8، 7، 6
  8. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، جامع سنڌي لغات (5-جلد) ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ. 2007ع، ص 310، 292
  9. ٻرڙو، محبت، ڊاڪٽر، ٻوليءَ جو بڻ(ڇاپو پھريون)، قنبر:ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، 2007ع، ص 92، 91
296 ڀيرا پڙهيو ويو