سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ تي ڀڳتي تحريڪ جا اثر
(Impact of Bhagti movement on Sindhi Classical Poetry)
فضل الله انڍڙ
Abstract
The Bhagti movement, which originated in medieval India, had a profound impact on Sindhi poetry. The movement emphasized devotion and a personal connection with God, which inspired many Sindhi poets to create works that reflected this new religious spirit.
One of the most significant influences of the Bhagti movement on Sindhi poetry was the emphasis on the use of the Sindhi language. Before the movement, most of the poetry in the region was written in Persian or Arabic. However, with the Bhagti movement, poets began to compose works in the local Sindhi language, which made their poems more accessible to the common people.
The Bhagti movement also inspired Sindhi poets to create works that reflected their own experiences and emotions. They wrote about their love for God, their struggles, and their daily lives. This new emphasis on personal expression and emotions gave birth to a new genre of poetry in Sindhi literature, which is known as "Sufi poetry. "
Sufi poets such as Qazi Qadan, Shah Kareem, Lutfullah Qadri, Shah Inayat Rizvi, Shah Abdul Latif Bhitai, Sahab dino Farooqi, Roohal Faqeer, Murad Faqeer, Sachal Sarmast, Bedil and Sami, were instrumental in the development of Sindhi poetry during the Bhagti movement. They composed works that reflected the teachings of the movement and encouraged people to live a life of love, compassion, and devotion.
Bhagti movement had a profound impact on Sindhi poetry. It inspired poets to write in the local language, encouraged them to express their personal experiences and emotions, and gave birth to a new genre of poetry that reflected the teachings of the movement. The legacy of the Bhagti movement continues to influence Sindhi poetry to this day.
Keywords: Bhagti Movement, Sindhi Classical Poetry, Sufi Poetry, Sufi Poetrys, Inspiration Poetry, Pantheism.
سنڌي ڪلاسيڪي يا اساسي شاعريءَ تي مختلف ادبي لاڙن ۽ تحريڪن جو اثر ته پيو، پر گڏوگڏ تصوف جھڙي اھم فڪر به ان کي متاثر ڪيو. جنھن جو بنياد فقط روحاني يا مذھبي نه، پر ان جي پويان سياسي ۽ سماجي محرڪ به شامل ھئا. دراصل اھي مذھبي اجاراداري ۽ تنگ نظريءَ سان گڏ درٻار، قاضيءَ ۽ سمورين جابر ۽ استحصالي قوتن جي ڳٺجوڙ جي خلاف بغاوتون به ھيون. ھندستان جي ڀڳتي تحريڪ به اھڙي سماجي اڻبرابريءَ جي نتيجي ۾ اڀري. ھندو مذھب ۾ ذات پات جي فرق سبب زمانن کان مذھبي اڳواڻن نفرت جي ديوار کڙي ڪري ڇڏي ھئي، ان ناانصافيءَ خلاف بغاوت جو اعلان اڻٽر ھو. ان ڪري ”ستين صديءَ ۾ ڏکڻ (ھندستان) ۾ آڊواڙ سنتن، عوام کي پريم سان ڀريل پَدَ ٻڌائي موھت ڪري ڇڏيو. آڊواڙ اکر جي تامل ڀاشا ۾ معنٰي آھي ’اڌياتم گيان روپي سمنڊ‘ ۾اونھو غوطو لڳائڻ وارو، اھي آڊواڙ سنت گهڻي ڀاڱي ھيٺين جاتين سان واسطو رکندڙ ھئا. ڏکڻ هند ۾ ذات پات، طبقن وغيره جو ڀيدڀاو گهڻو ھو، تنھن ڪري ذات پات جو سڀني کان پھريون احتجاج اتان شروع ٿيو. آڊاواڙ سنت احتجاجي شاعر ھئا.“ (1)
مذھبي اجاراداريءَ خلاف اھڙا احتجاج ڪٿي ظاھري ته ڪٿي خاموش ۽ منفرد انداز ۾ ٿيا. يورپ جي سجاڳيءَ وارو زمانو به دراصل پوپ ۽ پرنس جي شڪنجي مان آزاديءَ جو احتجاجي زمانو ھو، جنھن مان پروٽيسٽنٽ فرقو پيدا ٿيو. اسلامي دنيا ۾ به قتل و غارت، جنگين جي جنون ۽ خلافت جي مقابلي ۾ ملوڪيت اچڻ بعد خليفن جو مسجدن مان نڪري محلن ۾ منتقل ٿيڻ، اھڙا بنيادي سبب ھئا، جنھن ڪري صوفين، خانقاھن ۾ مذھبي تنگ نظريءَ جي مقابلي ۾ انسان دوستي، ڀائيچاري، امن، اتحاد، اخلاق، وحدت ۽ محبت جو ماحول پيدا ڪيو ۽ بادشاھت جي دٻدٻي جي مقابلي ۾ شرعي سادگي اختيار ڪئي. انهن نفساني خواھشن تي ضابطي جي ڳالهه ڪئي ۽ دنيا تي قبضي ڪرڻ بجاءِ دلين تي راڄ ڪرڻ جو رستو اختيار ڪيو. ان ڪري ھندستان جي ذات پات واري مذھبي فرق ۽ نفرت تي اسلامي اخوت، محبت ۽ ھڪجھڙائيءَ واري فڪر جو زبردست اثر ٿيو. ڪيترائي ھيٺين ذاتين جا ماڻهو جلدي اسلام جي دائري ۾ اچي ويا. ان ۾ صوفين جي محبت ۽ انسان دوستيءَ وارو ڪردار اھم ھو. ان ماحول جو ھندو مذھب تي به اثر ٿيو ۽ ان ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي.
”جڏھن ھند ۽ سنڌ ۾ اسلامي تصوف مقبول ٿيو ته ھندو ڌرم ۾ به ھڪ انقلاب آيو، ان ۾ نئين سوچ ۽ نئون فڪر پيدا ٿيو. مثلاً سڀني انسانن سان محبت ڪرڻ، ذات پات واري غير انساني رسم ۽ رواج کان نفرت ۽ بيزاري ۽ انساني ڀائيچاري واري نظريي کي پسند ڪرڻ وغيره. ھوريان ھوريان سڄاڻ ھندن، اسلامي عقيدن جا ٻيا عناصر ھندو مذھب ۾ سمائي ڇڏيا. جيڪي ڀڳتي تحريڪ جا معتقد ھئا، تن کي صوفيت يا اسلامي تصوف ۾ ڪيتريون ئي سٺيون ڳالھيون نظر آيون.“ (2)
تصوف ۽ ڀڳتي تحريڪ جا محرڪ لڳ ڀڳ ھڪ جھڙا ھئا ۽ اھي تحريڪون گڏگڏ ھلنديون رھيون، بلڪه جيڪڏھن ايئن چئجي ته ملي ھڪ ٿي ويون ته غلط نه ٿيندو. مذھب خود پنھنجن دؤرن جي ظلم، بربريت ۽ اسٽيٽسڪو خلاف انقلابي صورت ۾ ظھور پذير ٿيندا پئي رھيا آھن. پر اڳتي ھلي استحصالي قوتن انهن مقدس مذھبن جي اصلي فلاحي ۽ ڀلائيءَ وارن عنصرن کي مسخ ڪري، ان جي جاءِ تي ظلم، ستم ۽ اجاراداريءَ کي مسلط ڪيو، جنھن جو نتيجو وقت گذرڻ سان اھو نڪتو، جو عام ماڻهن، مذھبي ماڻهن جي اجاراداري خلاف بغاوتون ڪيون. دراصل اھي بغاوتون ۽ مزاحمتون ئي انهن تحريڪن جو بنيادي محرڪ ھيون، جن جو زوردار اظھار، ادب ۽ شاعريءَ وسيلي ٿيندو رھيو. ان ڪري، اھي تحريڪون روحانيت، وحدانيت، انسان دوستيءَ ۽ وطن دوستيءَ سان گڏ مزاحمتي، رومانوي ۽ باغيانه پھلو رکندڙ ھيون. ’اناالحق‘ ۽ ’وحدت الوجود‘ جا صوفياڻا نُڪتا، نفسياتي طور تي دنيا جي ستم ظريفي ۽ ڏکايل انسانن لاءِ ھڪ ڏڍ، سھارو ۽ دلي آسرو بڻجي پيا ھئا، انهن نُڪتن وسيلي ماڻهن مالڪ جي ذات کي پنھنجي اندر ۾ ويجهو محسوس ڪيو. ان جو نتيجو اھو نڪتو ته ماڻهن مان مذھب جي بنياد تي فرق ختم ٿيڻ لڳا ۽ ماڻهو آسودگي محسوس ڪرڻ لڳا.
”ھيءَ ھڪ اتفاقي ڳالھه آھي ته ھندن ۾ ڀڳتي تحريڪ پھريون ڀيرو ھندستان ۾ ان وقت پيدا ٿي، جڏھن وحدت الوجود جا حامي اھو عقيدو مسلمانن ۾ مقبول ڪرڻ ۾ مصروف ھئا، اھڙيءَ ريت ٻئي تحريڪون رلي ملي ھڪ ٿي ويون ۽ انهن جي نتيجي ۾ اھو سمجهيو ويو ته جيڪڏھن ظاھري طور نه سھي، پر اندروني طور سمورا مذھب ھڪ آھن. “(3)
انهن آڊاواڙ سنتن جي باغياڻا نغمن جي گونج انقلابي سوچ جي ابتدا ڪئي، انهن جي تبديليءَ واري فڪر مان ويدانتي فڪر جي اوسر ۽ ارتقا ٿي، جنھن اڳتي ھلي ھندو مذھب ۾ نواڻ آندي.
”آڊواڙ سنتن جو آندولن، نارائڻ جي ڀڳتيءَ تي آڌارت ھو. پٺيان ڪجهه ٻيا به آچاريه آيا، جن عوامي احتجاج کي قبول ڪندي، ڀڳتيءَ جي جهوني وصف ٻڌائي. انهن آچارين مان پرمک ھو: رامانج آچاريه (1037 – 1137ع) رامانج ڌرم کي آسان بڻائيندي، سڀني لاءِ ممڪن بڻايو، پر ڏکڻ ۾ ايترو ڀيد ڀاو وڌيل ھو، جو کيس وڌيڪ آزادي ڏيڻ مشڪل ھو، اتي شودرن کي ڀڳتيءَ جو اڌڪار ته ڏنو ويو، پر کين شاسترن پڙھڻ جي اگيا نه ڏني وئي. “ (4)
ڀڳتي تحريڪ جو مکيه نُڪتو مذھبي تنگ نظري، ڀيدڀاءَ خلاف بغاوت ۽ انسانيت سان پيار ڪرڻ ھو. ڀڳتي تحريڪ جون مکيه ٽي شاخون ھيون. سگڻ ڌارا، نرگڻ ڌارا ۽ پريم مارڳي ڌارا.
”’ڀڳتي‘ جي معنٰي آھي محبت، پوڄا ۽ بندگي، اسلام جي ھمه گير اثرن سبب ’ ھٽ يوڳي ‘ فقيرن ’ توحيد ‘ کي بنيادي عقيدو تسليم ڪري، پنھنجي طريقي جي تحريڪ شروع ڪئي. ھندو برھمڻن ۾ وري سوامي شنڪر آچاريه ’ادويت‘ ( بغير + دوئي ) جي نالي سان ڄڻ ھڪ قسم جي فلسفه توحيد جي پرچار شروع ڪئي، مگر اھو خواص تائين محدود رھيو. ان بعد رامانج ھن فلسفي جي اصولن تي ’رام ڀڳتي‘ يعني ’رام جي پوڄا ‘ جوبنياد وڌو ۽ ولڀ آچاريه وري ڪرشن ڀڳتيءَ جو بنياد وڌو. اھڙيءَ طرح سنه 1400- 1500ع جي وچ ڌاري ’ ڀڳتي تحريڪ ‘ ٽن گروھن ۾ ورھائجي وئي. “(5)
ھيءَ تحريڪ ھڪ تمام وسيع تحريڪ ھئي، جنھن جا اثر پوري ھندستان جي سڀني ملڪن جي سڀني معاشرن، ادب، سياسي ۽ سماجي حالتن تي پيا.
”برصغیر کے ادبیات کو بھگتی تحریک نے بڑی خوبی سے متاثر کیا اور فارسی، عربی اور سنسکرت کے مقابلے میں دیسی بولیوں کو اہمیت دی۔ بھگت چونکہ عوام کے دلوں اترنا چاہتے تھے اس لیے ان کی شاعری میں نرمی، لچک، خلوص اور محبت کی فراوانی ہے۔ اس شاعری کی ایک اور خوبی اس کا آہنگ اور ترنم ہے۔“(6)
ڀڳتي تحريڪ جو ھڪ وڏو ۽ باڪمال شاعر ڀڳت ڪبير به ھو، جنھن جي ڪلام کي سنڌ ۾ وڏي مقبوليت ملي. سندس فڪر جا اثر سنڌي شاعريءَ تي پيا. ڀڳت ڪبير جو تعلق ڀڳتي تحريڪ جي ’نرگڻ واد‘ شاخ سان ھو.
”نرگڻ ڪوين جو وري وشواس ھو ته برھم کي ڪو به روپ يا آڪار، شڪل شبيهه نه آھي. ھو ھر روپ ۾ ھر جاءِ تي سمايل (Omni present) آھي، جنھن ۾ ملڪ محمد جائِسي ۽ ٻين شاعرن جون رچنائون ۽ ڪبير، دادو ديال وغيره جي ڪاويه اچي ٿي. “(7)
ان کان علاوه ’پريم مارڳي ڌارا ‘ جي فڪر جي صوفي مت ۽ اسلامي تصوف جي قدرن سان گهڻي مشابھت ھئي، ان ڪري سنڌ ۾ ڀڳت ڪبير کي گهڻو پسند ڪيو ويو. ڀڳتي تحريڪ جا اثر ته ڀڳت ڪبير کان اڳ ئي پھچي چڪا ھئا، پر ان جيتري مقبوليت ڪنھن ٻئي کي نه ملي سگهي.
”اتر ڀارت ۾، جنھن اندر سنڌ به اچي پئي ويئي، ڀڳتي ھلچل کي جنم ڏنو. سنڌ ۾ سڌنو ڀڳت، قاضي قادن، شاھ لطيف، سامي، اتر پرديش ۾ رئيداس، ڪبير، سورداس، تلسيداس، بنگال ۾ جئه ديو، چيتنيه، راجستان ۾ دادو ديال، ميران، سندرداس؛ گجرات ۾ نرسي ڀڳت ۽ پنجاب ۾ شيخ فريد، گرو نانڪ، اگد ۽ ٻيا انيڪ سنت ڪوي پيدا ٿيا، جن عوام جي ٻڏندڙ دلين کي سھارو ڏيڻ لاءِ ڀڳتي ڀاونا جو ڦھلاءُ ڪيو. آھستي آھستي ان لاڙي ھڪ وشال ھلچل جو روپ ورتو، جا اڳ ڀارت ۾ ڪڏھن به نه ھلي ھئي. “ (8)
ڀڳتي شاعري، ھندي ٻوليءَ جي مختلف محاورن ۽ ٻولين ۾ چيل آھي، پر اھو فقط ھندو شاعرن جو ڪمال ئي نه آھي. ھندي ٻولي ۽ ڀڳتي تحريڪ کي ڪيترن ئي مسلمان صوفي شاعرن به پنھنجايو ۽ ان فڪر کي اڳتي وڌايو.
”ھنديءَ ۾ شعر چوڻ وارا وڏا صوفي بزرگ ۽ شريعت جا صاحب عالم ھئا. سندن وڏي عزت ھئي ۽ ڪنھن به مسلمان سندن ڀڳتي شاعريءَ تي اعتراض نه ڪيو. ان کان علاوه ھڪ وڏو صوفي شاعر حضرت عبدالقدوس گنگوئي (1461 – 1537ع ) هو، جيڪو مشھور ديني عالم ھو. ھُو ھنديءَ جو وڏو شاعر ھو. سندس تخلص ’الکداس‘ ھو. سندس ھندي دوھن جو ڪتاب ’ الک ٻاڻي‘ جي نالي سان مشھور آھي، جنھن کي ’رشد نامو‘ پڻ سڏيو ويندو آھي. “(9)
ڀڳتي تحريڪ جا ھندو شاعر به احتجاجي ۽ تنقيدي ھئا. خاص ڪري انهن جو ھيٺين ذاتين سان تعلق ھو. ھنن خراب رسمن ۽ مذھبي اجاراداريءَ تي تنقيد ڪئي. ڀڳتي شاعرن نجات، خدا، عبادت، انسانيت ۽ زندگيءَ جي ھر پھلوءَ تي ھڪ الڳ
نقطئه نظر ڏنو. سندن خيال انقلابي مذھبي ھئا. اھڙن شاعرن تي اسلامي تھذيب جو گھرو اثر ھو. جالبي صاحب لکي ٿو ته ؛
”مسلمانوں کے ساتھ آنے والے اور پھیلنے والے نئے تہذیبی اثرات اس بر عظیم میں بت پرستی اور ذات پات کے خلاف ایک ایسا شعور بیدار کیا کہ عوام بھی یہ سمجھنے لگے کہ نروان اور نجات کا راستہ برہمنوں کے ہی قبضے میں نہیں بلکہ جو بھی چاہے اسے حاصل کر سکتا ہے ۔ اس لیے ایسی تحریکیں بہت مقبول ہوئیں اور ان کے رہنماء اور نمائندے بھی عوام سے پیدا ہوئے۔ کبیر جولاہے تھے، نام دیو ذات کے دھوبی تھے، سادھنا سندھ کے قصائی تھے، روی داس ذات کے چمار تھے ۔ دھرم داس بنییے تھے اور ستا ذات کے ڈوم تھے ۔ ان کا کلام گرو گرنتھ میں ملتا ہے ۔ (10)
سنڌ ۾ ڀڳتي تحريڪ
ڀڳتي تحريڪ جو زوردار اثر ڀڳت ڪبير جي معرفت سنڌ ۾ پيو. سندس دوھا، ٻاڻيون، ڀڄن ۽ ڪيرت سنڌ ۾ مقبول ھئا. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي فني اعتبار کان به ھندي شاعريءَ جو وڏو اثر آھي. سنڌي شاعريءَ جي قديم صنف دوھيڙو يا دوھو ھنديءَ جي اثر سبب آيو، جنھن مان سنڌي شاعريءَ جي اھم صنفن بيت ۽ وائيءَ جي ارتقا جو سفر شروع ٿيو. سنڌ جي شاعرن قاضي قادن، شاھ ڪريم، لطف الله قادري، شاھ عنايت رضوي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي، صاحبڏني فاروقي، روحل فقير، مراد فقير کان وٺي سچل سرمست، ساميءَ ۽ بيدل تائين سڀني شاعرن تي ھندي شاعري ۽ ڀڳت ڪبير جو وڏو اثر آھي، ڇو ته سندن فڪر توحيد، عشق الٰھي، مذھبي ھم آھنگي ۽ انسان دوستيءَ سان سرشار آھي. ڀڳتي تحريڪ ۾ ڀڳت ڪبير جي حيثيت بيان ڪندي جالبي صاحب لکي ٿو ته ؛
” بھگتی تحریک کا سب سے بڑا شاعر کبیر ہے ۔ کبیر ( 1518 ) بنارس کے رہنے والے اور ذات کے جلاہے تھے ۔ وه مذہب و ملت اور ذات پات کی تفریک کو برا سمجھتے تھے ۔ توحید کی تلقین ان کا شیوه اور بت پرستی و شرق کی مخالفت ان کا ایمان تھا ۔ کبیر نے اپنے کلام کے ذریعے انہی خیالات کو طرح طرح سے پیش کیا ہے ۔اور اس بات پر زور دیا کہ عشق ہی عرفان کا ذریعہ ہے ۔ اسی سے آتما کو شانتی ملتی ہے ۔ رام اور رحیم ایک ہے ۔ یہ وه رام نہیں ہے جو سیتا کا شوہر اور راجہ دشرتہ کا بیٹا ہے ۔ بلکہ ' رام ' 'رحیم ' کا ہندوی نام ہے ۔ یہ ہی الله ہے جو ہمہ صفات ہے ۔ ماورا بھی ہے اور سریانی بھی، جس کی کوئی شکل نہیں ہے ۔ جو ہر جگہ موجود ہے ۔ انسان کا دل خدا کا گھر ہے ۔ عشق کے ذریعے خدا تک پہنچا جا سکتا ہے ۔ کبیر دنیا کو مایا جال کہتےہیں ۔ خدا منزل ہے ۔ جسے خدا مل گیا اسے سب کچھ مل گیا ۔ بے ثباتی دہر ان کا محبوب موضوع ہے ۔ انہیں ھندو اور مسلمان دونوں کا ایک ہی راستہ دکھائی دیتا ہے ۔ ایک وید پڑھتا ہے اور دوسرا قرآن ۔ ایک نماز پڑھتا ہے اور دوسرا پوجا کرتا ہے ۔ دل کی صفائی اور من کا پریم ہی اصل چیز ہے۔ “ (11)
ڀڳتي تحريڪ جا سنڌ ۾ ٻيا شاعر روحل فقير، مراد فقير، سامي ۽ آسو رام آسو به آھن. توڙي جو ڀڳتي تحريڪ ٻارھين صدي عيسويءَ کان زور ورتو ۽ پندرھين صدي ان جي عروج جو دؤر ھو، پر پوءِ به ان جا اثر دير تائين نظر ايندا رھيا آھن. اردو ادب جي تاريخ ۾ ڀڳتي تحريڪ جو مطالعو ھڪ خاص مقام رکي ٿو. اڪثر اردو ادب جي تاريخن ڀڳتي تحريڪ کي اردو ادب جي ابتدائي تحريڪ طور پيش ڪيو آھي. ڀڳتي تحريڪ وارو زمانو توڙي جو اردو جي دؤر ھندوي ۽ ان جي مختلف محاورن وارو دؤر ھو. ان ڪري انهن سڀني محاورن جا ادبي مطالعا ھندي ادب جا مطالعا سمجهيا ويندا آھن. سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دؤر جو روحل فقير ۽ مراد فقير ھندي شاعريءَ جي ڀڳتي تحريڪ جا نمائندا شاعر ھئا. روحل فقير جي ھندي شاعريءَ تي ويدانت مت، ڀڳتي مارڳ ۽ صوفي مت جا گڏيل اثر آھن. ھو ڀڳت ڪبير جو معتقد ھو ۽ پاڻ کي ڀڳت ڪبير جو روپ سمجهندو ھو، کيس ڪيترن ئي ھنڌن تي خراج تحسين پيش ڪيو اٿائين ؛
”ہوں میں سکل شکل سوں نیارا، میں داس کبیر کہایا
ہمارے دیس نهیں ماتر بھومی، نهیں آکاشا، نهیں ہے دنتارا
ہمارے دیس نهیں ہے چندر، نهیں ہے سورج، نهیں ہے نولکھ تارا
ہمارے دیس نهیں ہے برھما ، نهیں وشنو، نهیں شو شکتی سارا
کہت روحل ہم روحل بھی ناہیں ، کبیر روپ ہمارا ۔
( ترجمو : مان سڀ ڪجهه آھيان، جنھن کي ڪابه شڪل نه آھي، مان ڪبير جو پاڻ کي ٻانھون چوايان ٿو. منھنجي ديس ۾ نه زمين آھي نه آسمان، نه وري اونداھي آھي. منھنجي ديس ۾ نه چنڊ آھي، نه سج آھي نه وري اڻڳڻيا تارا ئي آھن. منھنجي ديس ۾ نه برھما آھي نه وشنو ۽ نه وري شو آھي. روحل چوي ٿو مان روحل به نه آھيان، اسان جي صورت ڪبير جي صورت آھي. “(12)
ڊاڪٽر تنوير عباسي پنھنجي ڪتاب ’ شاھ لطيف جي شاعري ‘ ۾ سنڌي شاعري تي جن ادبي روايتن ۽ لاڙن جي اثرن جو ذڪر ڪيو آھي، انهن ۾ ھندي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر جي اثر ۽ خاص ڪري ڀڳتي تحريڪ جو ذڪر آھي. لکي ٿو ته؛
”عربن کان اڳ سنڌ تي ٻوڌين ۽ برھمڻن جي حڪومت رھي آھي. ڪرشن ڀڳتي، رام ڀڳتي، ناٿ پنٿي ۽ نرگن واد، ھندي ادب ۽ خاص ڪري شاعريءَ جون اھم تحريڪون رھيون آھن. اھي شاعراڻيون تحريڪون سنڌ ۾ به پھتيون. “(13)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ قديم سنڌي شاعرن، جن ۾ قاضي قادن، شاھ ڪريم، لطف الله قادري، شاھ عنايت رضوي ۽ شاھ لطيف جي ڪلام کي جاچي اھو ظاھر ڪيو آھي ته انهن تي ڀڳت ڪبير ذريعي ڀڳتي تحريڪ جا اثر پيا. اھي اثر نه صرف فڪر جي حوالي سان ھئا، پر فن جي حوالي سان به ھئا.
”درويش ڪبير ۽ سندس پيدا ڪيل گروهه جو زمانو 15 ۽ 16 صدي عيسويءَ وارو آھي؛ سنڌ ۾ قاضي قادن ۽ شاھ ڪريم به ساڳئي دؤر جا آھن. اسان جي خيال ۾ ھنن بزرگن جي ٻه تڪن دوھن جي سٽاء ۽ سلوڪ جو سرچشمو درويش ڪبير جا عارفانه ھندي دوھا ھئا، جي ان وقت سنڌ ۾ يقيني طور عام مروج ھئا. “(14)
ان سان گڏ ھندستان ۾ جوڳين واري گُرو گورکناٿ واري تحريڪ به ان ئي سلسلي جي ڪڙي ھئي، جنھن جا محرڪ به مذھبي ھئا. قديم سنڌي شاعريءَ تي اڳ ۾ ان جو اثر ھو. اھي گوتم ٻڌ جا سَڌَ ھئا.
”ان مان ٻٽيھون سڌ ھو گرو گورکناٿ. انهيءَ گورکناٿ اچي، اھا ناٿ پنٿي تحريڪ شروع ڪئي. انهيءَ ناٿ پنٿي تحريڪ ۾ ھن اھا ڳالهه چئي ته بابا! گوتم ٻڌ جن ڳالهين کي پاڻ نه مڃيندو ھو يا اعتبار به ڪندو ھو، اھي ساڳيون ڪيون ٿا پيا مورتي پوڄا جون، انهيءَ ڪري ان کي نه مڃو. انهيءَ ناٿ پنٿ جا جوڳي جيڪي ھئا، سي سڄي ھندستان ۾ ڦھلجي ويا. “(15)
سنڌي ٻوليءَ جي اوئلي شاعر قاضي قادن جي ڪلام ۾ انهن جوڳين جي فڪر جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. ” فڪري طور تي قاضي قادن سنڌ جي وجودي فڪر سان سلھاڙيل آھي. مٿس جوڳ، ويدانت ۽ تصوف جو گھرو اثر آھي. “(16) جوڳين ۽ سنياسين جو فڪر تپسيا، مجاھدن ۽ ڏيھان ڏيھه گهمڻ ڦرڻ سان تعلق رکي ٿو، ان کي به اساسي سنڌي شاعري ۾ خاص مقام حاصل آھي، ۽ ان جا بنيادي نُڪتا به اھي ئي عشق، فنا، نفس مارڻ ۽ نرواڻ حاصل ڪرڻ آھن، ان ڪري اھو ’پورب پار‘ جو فڪر به ڀڳتي تحريڪ ۽ صوفي مت سان گڏ ھلندو رھيو. انهن جوڳين جي فڪر کي سنڌي اساسي شاعرن باقاعدي ’ سر رام ڪليءَ ‘ ۾ جاءِ ڏني. جوڳين ۽ سنياسين جو فڪر سڀ کان پھريان شاھ لطف الله قادري جي رسالي ۾ ملي ٿو، جن کي زھد ۽ تقوٰي جي صاحبن طور تمثيلي انداز ۾ بيان ڪيائين. جيڪو پوءِ شاھ لطيف تائين الڳ سر ’رام ڪلي‘
طور ظاھر ٿيو. ان کان پوءِ جن ٻين شاعرن جي رسالن ۾ جوڳين ۽ سامين يا سر رامڪلي ملي ٿو، انهن ۾مخدوم عبدالرحيم گروھڙي ۽ خليفو نبي بخش لغاري، سچل سرمست، بيدل وغيره اچي وڃن ٿا.
ڀڳتي شاعري ۽ صوفيانه شاعريءَ جا جيڪي بنيادي ۽ مکيه فڪري موضوع آھن، انهن ۾؛
- توحيد يا وحدت جي وائي
- وحدت الوجود ۽ ادويت
- مذھبي ھم آھنگي ۽ رواداري.
اھي نڪتا ۽ موضوع سڀني شاعرن جي ڪلام ۾ ملندا. ان دؤر ۾ انهن موضوعن جي سخت ضرورت سمجهي پئي وئي. ڪيترائي نُڪتا ان دؤر جي مذھبي روايتن تي تنقيد ڪندڙ به آھن. سنڌ ۾ ڀڳتي تحريڪ ۽ باغياڻي روايتن جو امين ڀڳت ڪبير ھو ۽ کانئس ٻين متاثر ٿي انهن موضوعن تي ٻين شاعرن به لکيو.
”پندرھين صدي عيسويءَ جي ثقافتي ۽ روحاني تاريخ ۾ ڀڳت ڪبير کي خاص درجو حاصل ھو. ھن جي اتاھين سوچ عصبيت جي صورت پسندي ۽ روحاني آمريت خلاف شديد قسم جي احتجاج جي حيثيت رکي ٿي. ھن سمورن ثقافتي ۽ مذھبي قدرن خلاف بغاوت ڪندي صداقت سان رابطي رکڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس تعلق جيئن ته سماج جي ھيٺين طبقي سان ھو ۽ ھن جي سوچ تي اجتماعيت پسندي غالب ھئي، ان ڪري پاڻ پنھنجي پيشروئن مھاوير ۽ مھاتما ٻڌ کان به وڌيڪ سماجي طبقي پسنديءَ جي مخالفت ڪيائين. ھن کي پنھنجي ڪوشش وسيلي انسانن اندر ھڪجھڙائي پيدا ڪرڻ جي پوري پڪ ھئي. اھو يقين سندس فڪر جو بنياد بنجي پيو. انسانن لاءِ خارجي رھنمائيءَ کان زياده باطني رھبريءَ تي زور ڏيندي ڀڳت ڪبير سڀني ظاھردارين جي ( جيڪي مذھبن ۾ داخل ٿيل ھيون ) سخت مخالفت ڪندو رھيو. اھائي ڳالهه ھن کي مسلمانن صوفين ڏانهن مائل ٿيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي. “(17)
سندس فڪر جي ابتدا ان سوچ جي بغاوت کان شروع ٿئي ٿي، جتان تفرقو، نفرت ۽ ڀيد ڀاو شروع ٿئي ٿو، ھو اھڙن سمورن علمن کي نندي ٿو، جيڪي انسانن کي ورھائن ٿا. مذھبي اجاراداريءَ جي سخت مخالفت ڪري ٿو ۽ انسانن ۾ ھيڪڙائي ڏيکاري ٿو. سندس دوھن ۾ اھڙو فڪر سمايل آھي. چئي ٿو ؛
” بيد، پران، قرآن، ڪتيبا، نانا ڀانت بکھاني،
ھندو، ترڪ، جين اور جوگي، ايڪل ڪاھو نه جاني.
( ويد، پراڻ، قرآن – اھي سڀ ڪتاب مختلف طور پڙھيا وڃن ٿا، ھڪڙا ھندو يا مسلمان ۽ ٽيان جوڳي – پر ھڪ ( مولا ) ڪوبه نه ٿو ڄاڻي. “(18)
ان ساڳي نُڪتي کي روحل فقير بيان ڪيو آھي، چئي ٿو؛
” پرھيا بيد، ڪتيب جا، ٿا ڏين ڏورانھان ڏس،
سي سچ سڄاڻن ڪينڪي، موھيا پسي مس،
راتيان ڏينھان روحل چئي، رڙھي تنھن کي رس،
پير پريان جو پس، نائي ڪنڌ قلوب ۾“ (19)
ان فڪرجي اپٽار قاضي قادن ھيئن ڪئي آھي؛
” ڪنز، قدوري، ڪافيا، جي پڙھي پروڙئين سڀ،
ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوھ ۾، پيئي ڪڇي اڀ “ (20)
ڀڳت ڪبير وحدت جو شاعر ھو ان فڪر جو سنڌي شاعرن تي گھرو اثر آھي.
”درويش ڪبير جي ’رام ڀڳتي‘ واري موحدانه نظريي کي سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ٿي. ڀٽائي صاحب پھريون دفعو ’ سر رام ڪلي ‘ ۾ ھن نظريي کي ورجايو ۽ کائنس پوءِ ھن نظريي سنڌ جي ھر صوفي شاعر جي ڪلام جو ورد وظيفو بڻجي ويو. سچل، روحل، نانڪ يوسف ۽ ٻين متعدد ڪافي گو شاعرن، ’ رام ‘ بمعنٰي ھڪ ڌڻيءَ واري تخيل کي پنھنجي ڪلام ۾ باربار پيش ڪيو آھي. “(21)
شاھ لطيف سر رام ڪلي ۾ ’ رام ‘ کي ان صورت ۾ پيش ڪيو آھي ؛
” رام رھين روح، ٻھر ٻولين ڪو ٻيو،
سدائين سفر ۾ مٿا ٿين موءِ
سامين جا صبوح، ساريان گهڻو سيد چئي. “(22)
ڀڳت ڪبير وحدت جو علمبردار ھو، سندس ھي دوھو ڏسو؛
”صاحب میرا ایک ہے دوجا کہانہ جائے
دوجا صاحب جہ کہوں صاحب کھرا رسائے۔
( میرا صاحب یعنی مالک ایک ہی ہے کسی دوسرے کو مالک نهیں کہ سکتا ۔ اگر میں کسی دوسرے کو مالک کہوں گا تو میرا مالک سخت ناخوش ہوگا ۔ ) “(23)
وحدت جو بيان شاھ ڪريم وٽ ھن طرح آھي ؛
” تون چؤُ الله ھيڪڙو، وائي ٻي مَ سک،
سچو اکر من ۾ سو ئي لکئو لک.“ (24)
مطلب سڀني صوفين ۽ ڀڳتي شاعرن وٽ وحدت جو وھانءُ آھي ۽ دوئيءَ کان دوري آھي، ھو ٻئي جي ٻانھپ جا منڪر آھن، خود اسلامي فڪر جو بنياد ان نڪتي تي آھي، جنھن کي شاھ لطيف ھيئن بيان ڪيو آھي؛
” وحده لاشريڪ لھ ھيءُ ھيڪڙائي حق،
ٻيائيءَ کي ٻک، جنھن وڌو سي ورسيا.“ (25)
مذھب جي بنياد تي نفرت ڀڳتي تحريڪ جو ٻيو اھم نڪتو آھي. ان نڪتي کي ڪبير خاص اھميت ڏني ۽ ماڻهن کي مذھب جي بنياد تي ويڇا پيدا ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو، ھو ھر ھنڌ ھيڪڙائيءَ جو ھوڪو ڏئي ٿو؛
”ایک نرجن الکھ میرا۔ ہندو ترک نهوں نهیں میرا
راکھوں برپت نامحرم جانا۔تت ہی سمروں جو رہے ندانا
پوجا کروں نہ نماز گزاروں۔ایک نراکار ہردے نام سکاروں
نا حج جاؤں نہ تیرتہ پوجا ۔ ایک پچھانا تو کیا دوجا
کہے کبیر بھرم سب بھاگا ۔ ایک نرجن سوں من لاگا ۔“(26)
سنڌ ۾ مسلمان ۽ ھندو مذھب جي بنياد تي ويڇا رکن ٿا، جھڙو رويو دلتن سان ھندستان ۾ رکيو وڃي ٿو اھو سنڌ ۾ ماڙيچن سان رکيو وڃي ٿو، خاص ڪري انهن کي مسلمانن جي ٿانون کي جدا ڪرڻ جو تصور آھي. اھڙن نفرتن کي صوفي شاعرن ننديو آھي. ان سلسلي ۾ روحل فقير جو ھي بيت چٽو ثبوت آھي ؛
”ڪفر ۽ اسلام ۾ ٿا ڀرن ابتا پير،
ھڪ ھندو ٻيو مسلمان ٽيون وچ وڌائون وير،
انڌن اوندهه نه لھي، تن کي سچ چوندو ڪير،
پر روحل راھ پرينءَ جي، جان گهڙي ڏٺوسين گهير،
ته رب مڙني ۾ ھڪڙو، جنھن ۾ ڦند نه ڦير،
سا ڪاڏي ڪندي پير، جا ستي ڪعبت الله ۾.“ (27)
صوفين ان نڪتي کي واضح ڪيو ته سڀ مخلوق الله سائينءَ جي آھي ۽ مخلوق الله سائينءَ کي پياري آھي. مسجدون ۽ مندر فقط عبادتن لاءِ آھن. الله سائين ھرھنڌ موجود آھي، ان ڪري مذھبن جي بنياد تي اعلٰي ۽ ادنٰي جو فرق نه آھي. بخشش ۽ نجات الله سائينءَ جي ھٿ ۾ آھي، ان ڪري نفرتون نه ڪيو پر محبتون ڪيو. ان ئي موضوع تي صوفي دلپت جو بيت آھي؛
” ڇاکي وڌو پاڻ ۾، ترڪن واڻين وير،
جي پپر ۾ پاڻ ڌڻي، ته ڪرڙ ۾ ڪير،
ڪک پن ۾پڌرو آھي، پريان سندو پير،
انڌا، ڪاڻا ڪينڪي، لھن ھن ڀونءِ جو ڀير،
ڪو سڄو پسي سير، دلپت چوي دوست جو.“ (28)
ان سان گڏ ھڪ ٻيو اھم نُڪتو، جيڪو تصوف ۽ ڀڳتي تحريڪ جو آھي، اھو آھي وحدت الوجود يا ادويت واد Pantheism. وجودن جي وحدت وارو فلسفو محققن جو خيال آھي ته ابو علي سنڌي ويدانتي فلسفي جي ادويتوادي فڪر کان حضرت بايزيد بسطاميءَ کي آگاھه ڪيو ھوندو. ويدانتي مقولا ’اھم برھم اسمي‘ ۽ ’تت توم اسي‘
وحدت الوجود جي فلسفي ’انا الحق‘ يا ’سبحاني ما اعظم شاني‘ سان مشابھت رکن ٿا. حقيقت ۾ محقق ان راءِ جا به آھن ته اسلامي تصوف يا وحدت الوجود واري فڪر تي ھندي ويدانتي فڪر جو اثر موجود آھي.
ھر شيءِ ۾ مالڪ جي ھستيءَ جو ھجڻ جا ڪيترائي مثال صوفين ڏنا آھن. اسلامي تصوف جي صاحبن مان مولانا رومي، جامي، شيرازي ۽ ٻين شاعرن ان نڪتي کي بيان ڪيو آھي. ڀڳتي شاعريءَ ۾ به ان فڪر جا چٽا عڪس موجود آھن. ڀڳت ڪبير ڪيترين ئي تشبيھن ذريعي ھر شيءِ ۾ مالڪ جي جلوي کي بيان ڪيو آھي؛
”تیرا سائیں تجھ میں جیوں پہنپن میں باس
کستوری کا مرگ جیوں پھر پھر ڈھونڈے گھاس۔
( تیرا مالک تجھ میں اس طرح سمایا ہے جیسے پھولوں میں خوشبو۔ تو کیوں کستوری کے ہرن کی طرح گھوم گھوم کر گھاس میں خوشبو تلاش کرتا ہے ۔ )
جیون تل مانهیں تیل ہے جیو چقمق میں آگ
تیرا سائیں تجھ میں جاگ سکے تو جاگ ۔
( جس طرح تل کے اندر تیل اور چقماق کے اندر آگ رہتی ہےاس طرح تیرا مالک تجھ میں ہے۔اگر تو جاگ سکے تو جاگ یعنی یہ سمجھ لے ۔ “(29)
ھي فڪر سنڌي شاعري جو اساس آھي. ھر صوفي شاعر وحدةالوجود جو بيباڪ اظھار ڪيو آھي.
حوالا
- راموڻي، وندنا اشوڪ. ” سچا سامين پنڌ “. ڪنڌ ڪوٽ : روشن راھ، 2010ع. ص:97.
- شوق، علي نواز. (مرتب) ”ڪنڊڙيءَ جو ڪلتار صوفي روحل فقير“ سکر: ھسٽاريڪل سوسائٽي 2001ع. ص:20.
- ساڳيو، ص:21.
- راموڻي، وندنا اشوڪ. ”سچا سامين پنڌ “. ڪنڌ ڪوٽ : روشن راھ، 2010ع. ص:99.
- بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش. مرتب: ھڪڙو انور فگار. ” سنڌي ۽ ھندي شاعري جو لاڳاپو“. حڪومت سنڌ: ثقافت کاتو، 2014ع. ص:37، 36.
- سدید، ڈاکٹر انور سعید۔ '' اردو ادب کی تحریکیں '' کراچی : انجمن ترقئ اردو پاکستان، 2021ع. ص:135، 134.
- راموڻي، وندنا اشوڪ. ”سچا سامين پنڌ“. ڪنڌ ڪوٽ: روشن راھ، 2010ع. ص:112.
- ساڳيو، ص:112.
- شوق، علي نواز. (مرتب) ”ڪنڊڙيءَ جو ڪلتار صوفي روحل فقير“ سکر: ھسٽاريڪل سوسائٽي 2001ع. ص:23، 22.
- جالبی، جمیل ۔"تاریخ اردو ادب " ( جلد اول ) ۔ لاہور : مجلس ترقی ادب 2007ع. ص:42.
- ساڳيو، ص:43.
- بدوي، لطف الله. ” ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام“. حيدرآباد : سنڌي ادبي بورڊ، 1964ع. ص:21.
- عباسي، تنوير. ” شاھ لطيف جي شاعري “. ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن، 2015ع. ص:39.
- بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش. مرتب: ھڪڙو انور فگار. ”سنڌي ۽ ھندي شاعري جو لاڳاپو“.
حڪومت سنڌ: ثقافت کاتو، 2014ع. ص:44، 43. - جويو، تاج. ( چونڊ ۽ سھيڙ ) ”ساميءَ تي ھڪ نئين نظر“. ڪراچي: پريم ساگر پبليڪيشن، 2002ع. ص:34.
- ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالغفور. ”سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر“. حيدرآباد : سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، 2017ع. ص:83.
- ھمايوني، نياز. ” آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه “. حيدرآباد : سنڌي ادبي بورڊ، 2007ع. ص:37، 36.
- بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش. مرتب: ھڪڙو انور فگار. ” سنڌي ۽ ھندي شاعري جو لاڳاپو “. حڪومت سنڌ: ثقافت کاتو، 2014ع. ص:45.
- بدوي، لطف الله. ”ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام“. حيدرآباد : سنڌي ادبي بورڊ، 1964ع. ص:62.
- بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش. مرتب: ھڪڙو انور فگار. ”سنڌي ۽ ھندي شاعري جو لاڳاپو“.
حڪومت سنڌ: ثقافت کاتو، 2014ع. ص:45. - ساڳيو، ص:49، 48.
- ساڳيو، ص:48.
- اودھ، ھری۔ ( تالیف)'' بھگت کبیر۔ فلسفہ شاعری ''لاہور: فکشن ہاؤس، 2006ع. ص:25.
- سنڌي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد. ”شاھ ڪريم جو ڪلام “ ڪنڊيارو: روشني پبليڪيشن، 2007ع. ص:87.
- آڏواڻي، ڪلياڻ، مرتب ” شاھ جورسالو“ ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي: 2014ع. ص:10.
- اودھ، ھری۔ ( تالیف)'' بھگت کبیر۔ فلسفہ شاعری ''لاہور: فکشن ہاؤس، 2006ع. ص:18.
- شوق، علي نواز. ( مرتب ) ” ڪنڊڙيءَ جو ڪلتار صوفي روحل فقير “ سکر: ھسٽاريڪل سوسائٽي 2001ع. ص:45.
- ساڳيو، ص:13.
- اودھ، ھری۔ ( تالیف)'' بھگت کبیر۔ فلسفہ شاعری ''لاہور: فکشن ہاؤس، 2006ع. ص:29، 28.