ميين شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي فڪر جو تقابلي جائزو
(Comparative study of thought content between the Peotry of Shah Inayat & Shah Latif)
پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ / ڊاڪٽر ساجده پروين
Abstract
Shah Inayat and shahAbdul Latif were contemporary poets of Kalhora period. Shah Inayat was the founder of classical poetry. He was first poet who had a complete “Resalo”.
Shah latif was inspired by him to great extent. He used to meet him to share his views and sufferings and shah Inayat used to give him omen. Their meetings bear a great literary importance in sindhi literature which is quoted in the form of poetry by different scholars. Their poetic conversation had a great wisdom.
This research paper provides a brief comparative study and discussion the art and philosophy of both the poets, which results a lot of similarities and harmony in its content and thought.
Both the poets have Sindh’s original classical and mystical approach, beside this both are aesthetic poets; their poetry reflects natural phenomena of Sindh, its history, traditions, moral values, culture, humanistic approach and psychology. Research shows that mood and thought of their poetry is progressive and secular. Many couplets are given as reference for this purpose.
Their whole poetry consists on the “bait” and “waie” genre whereas Classification of poetry is consisted on different “surs”. In fact the names of surs keep resemblance.
Keywords: Mion Shah Inat, Shah Abdul Latif, Poetry, Bait, Philosophy, Resalo, Mystical Approach.
ميين شاهه عنات جي ولادت جو سال تصديق سان معلوم ناهي ٿي سگهيو، پر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق مطابق سندس ولادت 1030هه کان 1035 هه جڏهن ته سندس وفات 1120 هه کان 1125 هه قرار ڏيئي سگهجي ٿي.
شاهه لطيف جي ولادت 1102هه ٻڌائي وڃي ٿي. انهيءَ جو مطلب ته شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جي عمر ۾ 65 سالن جو فرق هو. شاهه عنات جي وفات وقت شاهه لطيف جي عمر شايد 18 کان 23 سال هئي. شاهه لطيف، شاهه عنات کان تمام گهڻو متاثر هو. هو سندس وڏو هم عصر پڻ هو ۽ ساڻس ملاقات ۽ روح رهاڻ لاءِ وٽس هلي ويندو هو. ٻنهي شاعرن جي ملاقات سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي مشھور آهي، اها ملاقات بيتن جي ڏي وٺ تي مبني آهي ۽ فڪري طور نھايت اهم نڪتن کي بحث هيٺ آڻي ٿي.
لفظ عنايت کي سنڌي ماڻهو پنھنجي ٻوليءَ جي مخصوص صوتياتي اثر جي ڪري عنات به چوندا آهن، تنھن ڪري شاهه عنايت ، ’شاهه عنات‘ نالي سان مشھور ٿيو. سندس شاعريءَ ۾ تخلص به ’عنات‘ هو. شاهه عنات جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ڪلاسيڪل فڪر جي فني ۽ فڪري عمارت جو بنياد ميين شاهه عنات جو ئي قائم ڪيل آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ باقائده پھريون رسالو شاهه عنات جو ئي موجود آهي. شاهه عنات جو ڪلام ڪل 469 بيتن ۽ 42 واين تي ٻڌل آهي. سندس ڪلام 22 سرن تي مشتمل آهي. سندس ڪيترائي بيت اهڙا آهن، جيڪي ٿوري تبديليءَ سان شاهه لطيف به چيا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو چوڻ آهي ته:
”هن وقت تائين سنڌ جي سدا حيات ۽ سرتاج شاعر بلڪ دنيا جي عظيم ترين شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شعر جو تاريخي پس منظر مبھم هو. ائين پئي لڳو ته ڄڻ سنڌي شاعري بنا ڪنھن ارتقا جي شاهه جي شعر ۾ اوچتو پنھنجي بلوغت کي پھتي، ميين شاهه عنات جو ڪلام سنڌي شاعري جي مسلسل ارتقائي اوج ۽ عروج تي شاهد آهي ۽ شاهه جي شعر جي تاريخي پس منظر جو چٽو آئينو آهي.“ (1)
ڪنھن به تحرير جي اهميت سندس فڪر مان لڳائي ويندي آهي. ڀلي جماليات سگهاري هجي، فن پورو پنو هجي، پر فڪر سگهارو ناهي ته اها تحرير پنھنجي رس چس ۾ به ڪمزور هوندي ته ان مان حظ به حاصل نه ٿيندو. اسان هميشه ڪلاسيڪل شاعريءَ جي فني رمزن کان وڌيڪ فڪري رنگن کي مٿڀرو ڀائيندا آهيون، پر ڪٿي فڪر ۽ فن جو سنگم به تخليق کي وڌيڪ سگهارو بنائيندو آهي. شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو اڀياس ڪرڻ کان اڳ اسان ڏسنداسين ته ان وقت سنڌ ۾ فڪري طور ڪھڙا رخ موجود هئا.
ميين شاهه عنات جي جنم وقت سنڌيءَ ۾ قاضي قادن، مخدوم نوح،
شاهه ڪريم ۽ هنديءَ ۾ ڪبير ڀڳت ۽ گرو نانڪ پنھنجي شاعريءَ ۾ صوفي مت جو پيغام، انساني قدرن ۽ الاهي اسرارن جو فڪر پيش ڪري چڪا هئا. چئي سگهجي ٿو ته شاهه عنات کي پيش منظر ۾ اهي فڪر ملي چڪا هوندا، جن جو ماحول ٺھيل هو، ته انسان ظاهري عبادتن کان وڌيڪ اندر اُجارڻ ۽ سماجي طور ماڻهن کي حقوق العباد جو درس ڏيندا هئا. سنڌ جي سرزمين ۾ صوفي مت جو بنياد سماع ۽ درويشيءَ سان ڳنڍيل هو.
ميون شاهه عنات خانداني روايتن مطابق سھروردي طريقي جو هو، شاهه نصيرالدين کي ملتان ۾ سجاده نشين بزرگن وٽان ارشاد ٿيو ته سنڌ ۾ شاهه خير الدين وٽ وڃو.
شاهه خير الدين ان وقت قادري طريقي جو وڏو عارف هو. ان وقت کان شاهه عنات به قادري طريقي جي پيروي ڪئي، روايتن مطابق شاهه عنات جو وڏو ڀاءَ سھروردي طريقي جي پيروي ڪندڙ هو. شاهه عنات جو راڳ رنگ ٻڌڻ ۽ مڱڻهارن جي صحبت کيس پسند نه هئي، پر ميون شاهه عنات موسيقيءَ سان چاهه سبب کانئن گڏجندو هو. انهن کان موسيقيءَ جي ڄاڻ وٺندو هو.
ميين شاهه عنات جا ڪيترا واقعا اهڙا آهن، جن مان سندس زندگيءَ جو وهنوار سمجهه ۾ اچي ٿو. ساڳئي وقت سندس شاعريءَ ۾ بنيادي فڪري نڪتا ٻڌائن ٿا، پاڻ ان وقت جي رواج مطابق مخلتف سرن ۾ ۽ مختلف داستانن ۾ شاعري ڳائي اٿس. ڪلاسيڪل دور جي اها روايت سڄي دنيا ۾ هئي ته شاعري مختلف عشقيه يا رزميه داستانن ۾ ڳائي ويندي هئي. داستانن جي ڪردارن ۽ ڪھاڻي مطابق فڪر جون مختلف ڌارائون ڦٽي نڪرنديون هيون. سندس شاعريءَ جي 22 سُرن ۾: ڪلياڻ، يمن، کنڀات، سريراڳ، رامڪلي، مارئي، پرڀات، ڌنا سري، جيتسري، پورب، ليلا، آسا، ڪاپائتي، ڏهر، مومل راڻو، بلاول، ديسي، سورٺ، سارنگ، توڏي، ڪاموڏ. ڪارائيڙو، شامل آهن. شاهه عنات وٽ سر سھڻي ’توڏي‘ نالي سان موجود آهي.
انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا مطابق ”سر سھڻيءَ جو اصل نالو ’توڏي‘ آهي، هندستاني گوين مطابق ’توڏي‘ هڪ راڳڻي جو نالو آهي جا ديپڪ راڳ جي پنجن زالن مان هڪ آهي. “ (3)
ڪجهه ليکڪن جو چوڻ آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جون ساڻس ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون هيون. اندازو آهي، ته ان وقت شاهه لطيف 20 کان 25 سالن جو هوندو، ڇو ته شاهه جو ڄم 1102هه آهي، ان جو مطلب ته شاهه جي ملاقات وقت ميون شاهه عنات 85 کان 90 سالن جو هوندو. ٿي سگهي ٿو مورخن کان شاهه عنات جي پيدائش جي تاريخ جي حوالي سان غلطي ٿي هجي، ڇو ته ان وقت ٻنهي جي شاعريءَ جي ڏي وٺ ايتري عمر ڪانه ٿي ڏيکاري.
هڪ دفعي جو واقعو لکيل آهي ته شاهه لطيف، ميين شاهه عنات جي در وڃي ٻانهي کي چيو ته اندر وڃي چئو ته ”در تي ڪري دانھن، در تي ڪري دانھن“ ميون شاهه عنات پيرسن هو ستو پيو هو، اهو نياپو ٻڌي اٿي در ڏي آيو ۽ شاهه لطيف کي ڳراٺڙي پائي چيائين: ”ڪلهي لائي ٻانھن، کڻي پرين ڪندس پانھنجو.“ (4)
انهيءَ جو مطلب ته شاهه لطيف پنھنجي جوانيءَ ۾ فڪري طور پختو ٿي مابعد الطبعياتي اسرارن کان وجودي درد محسوس ڪيو هو. شاهه لطيف جي مجازي عشق انهيءَ درد کان کيس واقف ڪرايو هو. اها درد جي دانھن شاهه سائين هر ڪنھن کي نٿي ڏيئي سگهيو، نه وري اها دانھن ڪير سمجهي پئي سگهيو. انهيءَ ڪري شاهه سائين وڏن بزرگن سان ملاقاتون پئي ڪيون. انهيءَ ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ميين شاهه عنات انهن اسرارن کي سمجهيو ٿي.
اهڙيءَ طرح ميين شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جون ڪيتريون ملاقاتون ٿيون آهن. ميون شاهه عنات پھريان سسئي کي ڪونه ڳائيندو هو، جو سندس خيال هو ته سسئي ستر ڇڏي جهنگ ۾ نڪتي، انهيءَ ڪري کيس نه ڳائڻ گهرجي، جنھن مان اندازو اهو آهي ته ان وقت ڪردار جي پختگي سندس فڪري اهميت ۽ الاهي عشق جي اسرارن مطابق علامت رکنديون هجن، پر شاهه لطيف، سسئيءَ کي وڌ کان وڌ ڳايو آهي.
هڪ دفعو شاهه لطيف پنھنجي مريد فقير تمر سان گڏ شاهه عنات وٽ ويو. کيس گمان هو ته شاهه عنات کيس سسئي ڳائڻ کان منع ڪندو ۽ احترام مان کيس سسئي ڳائڻ بند ڪرڻي پوندي. جڏهن ملاقات ڪرڻ لاءِ ويا ٿي ته تمر فقير کي سمجهايائين ته اتي هي بيت پڙهجو. اتي تمر فقير شاهه لطيف جو هي بيت پڙهيو:
ڪڙهي ۽ ڪڙي، پر ۾ پير پنهونءَ جو،
سڪ ٻڌائين سندرو، جانب لاءِ جڙي
لڪن سر لطيف چئي، منڌ جهڙي ۽ جڙي
پڻي تان نه پڻي ، جي عمر سڀ ائين ڪري.
* (8/20آبري)
تمر فقير شاهه سائينءَ جي بيت سان گڏ پنهنجو به هڪ بيت پڙهيو. اها خبر ناهي ته پنھنجو بيت ڪھڙو هئس. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪتاب ’مضمون ۽ مقالا ‘ جي هڪ مقالي ۾ لکيل آهي ته تمر فقير پنھنجو هي بيت پڙهيو.
ٿي پيادي پٽ ۾، جتن ڪارڻ جوءِ،
ڪي هلي ڪي هٿ کڻي، ڪي رڙهي ڪي روءِ،
طالب کي تمر چئي، ڏس ڏيرن جو پوءِ
ڪيچان اوري ڪوءِ، ڪجئين غور غريب جو. (5)
پر ميين شاهه عنات جي رسالي ۾ هن ريت بيت ڏنل آهن.
پرنديئي پنڌ ٿي، جيئن پٺيءَ
واڪا ڪيو ويڙهين ۾، ريھون ڪيو روءِ،
طالب کي تمر چئي، ور ڏس ڏيرن جو پوءِ،
ڪيچان وري ڪوءِ، من ٿئي غور غريب جو. (6)
انهن بيتن کي ٻڌي ميين شاهه عنات چيو، ”ابا عاشق الله جا، هيءَ ته سسئي ڪين هئي، پر سئن ۾ سئي چئبي، جنھن جا تو ههڙا بيت ڏنا آهن. اڄ کان پوءِ آئون پڻ سسئي جا بيت چوندس.“ ان کان پوءِ شاهه لطيف کيس چيو ته زمين ته توهان سڀ کيڙي ڇڏي آهي آئون ڇا کيڙيندس؟ تنھن تي ميين شاهه عنات چيو ته”تون وڃي سمنڊ کيڙ.“ شاهه لطيف سسئي جو سربستو قصي وارو احوال ڪري ٻڌايو. ۽ کيس فرمايو ته مھرباني ڪري مارئي جو سربستو احوال ٻڌايو.“ (7)
شاهه لطيف جو هي بيت مختلف ڪتابن ۾ مختلف طرح لکيل آهي، پر هن مقالي ۾ ٻانهي خان شيخ واري رسالي مان کنيو ويو آهي. هن بيت جي جڙاوٽ، جمالياتي حظ وجداني طور ماڻهوءَ کي ڇڪي ٿي، انهيءَ ڪري شاهه لطيف جي 20 سالن واري عمر جو هي بيت نٿو لڳي. روايتن ۾ ضرور ڪٿي ڪا ڀُل چُڪ ٿيل آهي. پر هي بيت پنھنجي ڪماليت کي پھتل آهي. جھڙيءَ طرح حرف تجنيس جو استعمال ڪيل آهي. لفظن جي معنويت جو انداز ۽ جماليات عروج تي پھتل آهي. ساڳي وقت هن بيت جو فڪر زندگي جي اهم فڪر کي ڇھي ٿو.
فلسفي ۾ اميد ۽ مايوسي ٻه اهم پھلو آهن، جيڪي جبلت مرگ ۽ جبلت حيات سان تعلق رکن ٿا. فرائيڊ چيو هو انسان جي هر سرگرمي جوش حيات جي سرگرمي آهي، جنھن کي هو جنس چوي ٿو. يعنيٰ انسان ۾ جدوجھد ڪرڻ جو عنصر اميد سان جڙيل آهي. جيڪو حيات جي جبلت جي ڪري آهي، ٻيو نڪته نظر هائيڊيگر جو آهي، جنھن جو مطلب آهي ته انسان جو اصل مسئلو جوش حيات ناهي بلڪ جبلت مرگ آهي. (8)
انسان وجود ۾ اچڻ نٿو چاهي بلڪ نابود ۾ وڃڻ ٿو چاهي. زندگيءَ جون سڀ سرگرميون پنھنجي لذت جي عروج تي پھچي فنا جو رستو وٺن ٿيون. اها جبلت مرگ جي تمنا آهي. اهو ئي سبب آهي جو لاحاصل جدوجھد جو ڪو به جوهر ناهي، پر آدرشي تصور جي پٺيان فنا ٿي وڃڻ جي خواهش ئي آهي جو ماڻهوءَ کي جبلن سان مٿو ٽڪرائڻ جو ساهس ڏئي ٿي.
هڪ ٻيو مثال ڏسو، ماڻهو زندگيءَ جي ٿڪ کي نشي سان مٽائي ٿو، يا درد جي شدت ۾ نشي جي گوري ڏني وڃي ٿي. يا تفريح ڪرڻ ۾ ماڻهو پنھنجي طاقت خرچ ڪري ٿو. ساڳئي وقت تازو توانو ٿيڻ لاءِ ننڊ جي ضرورت آهي. عمل حيات نه پر جبلت مرگ جي تابع آهن. اهو ئي سبب آهي جو لاحاصل جدوجھد ۽ جبلت مرگ جي دٻاءَ سبب آپگهات ڪري ماڻهو نجات حاصل ڪندو آهي. سنڌ جي اساسي شاعريءَ جو بنياد به اهڙو ئي آهي.
ميين شاهه عنات اهڙي فلسفي کي سمجهندي پاڻ به سسئيءَ کي ڳائڻ شروع ڪيو.
سڳر ملي ساٿ، ڪنڌين ٿئي قافلو،
اٺن تان عنات، چئي، اي مڙيائي معاف،
تِرڪي تان مَ تراف، توڏي جو تڙ ڀير ۾.
3/12) ديسي(
وري ٻئي موقعي تي بيتن جي ڏي وٺ ۾ فڪري بحث کي ڏسنداسين، هڪ موقعي تي ميين شاهه عنات بيت چيوته،
هوءِ جي رنڱ رڱين، سي کٽي کنڀ کڻي ويا،
اتاهون آڻين، ماڻهوءَ ميرا ڪپڙا.
جواب ۾ شاهه لطيف چيو ته:
جيڪي رڱ رڱين، سي ڪل جڳ تائين ڪاپڙي،
لالائي جو لطيف چئي، ٿا لاڳ چڱو لائين،
پوءِ نيت سان ٿا نين، ماڻهو ميرا ڪپڙا. (9)
هنن بيتن کي غور سان ڏسنداسين ته ٻنهي بيتن جو موضوع هڪڙو آهي، پر معنوي فرق گهڻو آهي. شاهه عنات معروضيت کي موضوعيت بنايو آهي، پر شاهه لطيف موضوعيت کي معروضيت بنايو آهي، جنھن ۾ حالتن مطابق سٺن ماڻهن جي اڻاٺ آهي، هڪ اهڙي سماج جي تصوير آهي، جنھن ۾ نظام پنھنجي گهربل نتيجن کان پري ٿي چڪو آهي. اها انفرادي صورتحال آهي. هن ۾ شاعر معيار کان مقدار ڏانھن آيو آهي.
هر دور جا پنھنجا الميا آهن. ڏاهپ، ساڃاهه، سمجهه، عقل، جينيس ماڻهو هر دور ۾ گهٽ پيدا ٿين ٿا. انھن جي اڻاٺ هر دور ۾ رهي آهي، جنھن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته شعور جي سفر ۾ انسان ساڳئي زمان مڪان ۾ نٿو جيئي. وجود جي خاصيت هڪ دور ۾ پيدا ٿئي ٿي، پر شعوري خاصيت الڳ الڳ آهي. شاهه لطيف انهيءَ بيت ۾ مقدار کان معيار ڏي وڃي ٿو. ماڻهوءَ جي موضوعي صورتحال کي اهم سمجهي ٿو. مقداري ڪيفيت کان معياري ڪيفيت ٺھندي آهي، جنھن ڪري فرد جي ذميداري اهم آهي، ماڻهو جي نيت ۾ منافقي نه هجي، ماڻهو نيت جو صاف هجي، ٻيائي من ۾ نه هجي، باقي جيڪي سٺا ماڻهو آهن اهي صدين تائين پيا زنده رهندا.
شاهه لطيف جي سڄي فلسفي ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن، هڪ جينئس جي اڪيلائي وارو درد ٻيو ٻيائيءَ کي نندڻ، منافقيءَ کي رد ڪرڻ، شاهه لطيف جي شاعريءَ جي سڄي مابعدالطبعاتي عمارت انهيءَ فلسفي تي بيٺل آهي ته ماڻهو منافقيءَ کان پري رهي. هن فلسفي ۾ ماڻهوءَ جو مثبت هئڻ نتيجن لاءِ اهم آهي.
مابعدالطبعاتي نظام جي ڪيترن سوالن ۾ صوفين جو نڪته نظر الڳ آهي. صوفين وٽ مذهب ۽ خدا جو تصور الڳ آهي، بلڪ خدا جو تصور هڪ عام ملان وارو ناهي. هنن بيتن ۾ ٻيئي شاعر ترقي پسند ۽ سڪيولر آهن.
ميين شاهه عنات انهيءَ ڳالهه کي نظر ۾ رکندي بيت چيو آهي ته :
ڪچو پڪو ڪرهو، ڪھه ٿينديائي ڪانه
هي آهن هتي جا هواڻ، هت ڪونھي اوکائي عنات چئي.
2/11)سر کنڀات)
شاهه لطيف به ساڳئي ڳالهه هن طرح سمجهائي آهي:
ڏاگها مَ ڏرو، اڃا آرياڻي اڳي ٿيو،
موڙي مڃر ٽاريون، اوهين چانگا سڀ چرو،
آن تان حرف حرو، موران ئي معاف ٿيو.
(¼ ديسي)
انهن ٻنهي بيتن جو فڪر ي جائزو وٺنداسين ته فلسفي جي دنيا ۾ هڪ ارادي جي آزادي (Freedom of Will) موجود آهي، ٻيو جبريت (Determinism) آهي. وحدت الوجود جي نڪته نظر مطابق ڪائنات جو بنيادي جوهر هڪ آهي، جيڪي ڪجهه آهي اهو هو پاڻ آهي، تنھن ڪري انسان جي ڪثرتي شڪل انهيءَ جوهر کان وڇڙيل مايا جو روپ ۾ ظاهر ٿيو آهي. انسان جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو اهو ڪائنات جي روپ جو هڪ ڏيک آهي، پر مادي لقاءُ اصل جوهر جو ڦھلاءُ آهي، تنھن ڪري اصل قوت هڪ آهي. جيڪڏهن آهي ئي هڪ قوت ته پوءِ ٻئي ڪنھن جو ارادو ڪٿي ڪارفرما ٿيندو، تنھن ڪري جيڪي ڪجهه ٿئي پيو اهو محض هڪ لقاءُ آهي. قدرت جي هن اسرار ۾ ڪو به جزو پنھنجي ڪُل کان آزاد ناهي.
تنھن ڪري ظاهري مذهب مابعد الطبعات کي به مادي طور ٻن دنيائن ۾ ورهائي ٿو. هڪ طرف جزا آهي ٻئي طرف سزا آهي، پر هتي ٻنهي بزرگن جا بيت اسان کي ڳوڙهو فلسفو سمجهائين ٿا، ته سزا ۽ جزا جي اپسٽيم جيڪا مذهب جو بنياد رهي آهي، پر صوفي انهيءَ ڳالهه کي سمجهن ٿا ته مادي خواهشن ۽ مادي طور عذاب جو محسوس ڪرڻ جو فڪر هن دنيا جو آهي.
ڪلاسيڪل فڪر ۾ مادي دنيا ۽ روحاني دنيا جو جوهر هڪ آهي، تنھن ڪري انسان کي سندس ڪرمن جو ڦل هن دنيا ۾ ئي ڀوڳڻو پوندو آهي. جديد وجودين جا ٻه گروپ جيتوڻيڪ لاديني وجودي انسان جي ارادي جي آزادي جي ڳالهه ڪن ٿا، پر پوءِ به انسان چونڊ جي مرحلي ۾ محض مجبور آهي.
جان پال سارتر چيو هو،
“Man has been born in void mud and he has freedom to remain in mud”(10)
جيڪڏهن چونڊ نٿو ڪري تڏهن به سندس اها چونڊ ئي آهي، جنھن ڪري هڪ پاسي ارادي جي آزادي خود جبريت جو شڪار ٿي وڃي ٿي. تنھن ڪري صوفيءَ جي ان فڪر جو هڪ پاسو ته اهو آهي ته انسان پنھنجي ارادي ۾ آزاد ناهي ته پوءِ عالم هڪ اسرار آهي. جنھن جو ڪو تعين ناهي، مارڪس جو فڪر دنيا کي اسرار نٿو سمجهي بلڪ دنيا مادي لقاءَ کان ٻاهر ڪجهه به ناهي، تنھن ڪري هنن وٽ مابعد الطبعات جھڙي ڪا پراسرار شيءِ آهي ئي ڪانه، بلڪ دنيا جا سڀئي مسئلا ڪارل مارڪس جي خيال ۾ صرف طبقاتي نظام جي پيداوار آهن.
ميين شاهه عنات جي دور ۾ سنڌي سماج زرعي سماج هو، فطرتي ماحول هو. مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ مقامي طور مزاحمت ٿيندي رهي. مذهبي نفرتون به پيدا ٿيون هيون، پر ڀڳتي تحريڪ، دين الاهي، صوفي مت انھن نفرتن کي ختم ڪرڻ لاءِ انسانيت جي فلسفن کي اھميت ڏيندا رهيا. ڪٿي مذهبي جنون کي گهٽائڻ لاءِ فڪري نڪتا ڏيندا هئا ته ڪڏهن دٻيل لفظن ۾ مذهب کي رد به ڪندا رهيا، پر پوءِ به پيري مريدي هن سماج جو اهم مڪتبه فڪر رهيو.
سيدن کي سنڌي ماڻهو اتم ۽ بالاتر سمجهندا هئا، جنھن ڪري اڪثر انهن جا مريد ٿيندا هئا. سنڌ جي خوشنصيبي اها رهي آهي ته هتان جا روحاني پيشوا صوفي مت جو درس ڏيئي. مذهبي جنون کي گهٽ ڪندا هئا. شاهه لطيف اهڙي سڄي سلسلي جي اهم ڪڙي رهيو آهي، جنھن عام پيري مريدي نه ڪئي. انسانيت جو درس ڏنو ۽ انساني قدرن کي اجاگر ڪيو.
ميين شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جي ڪيترن بيتن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪئي وڃي ته نتيجا ڪافي دلچسپ نڪرندا ته شاهه لطيف معمولي لفظن جي ڦيرگهير سان ساڳئي انداز ۾ گهڻا بيت چيا آهن، پر معنوي انداز ۾شاهه لطيف تبديلي ڪري ان بيت کي وڌيڪ فڪري بلنديءَ تي پھچائي ٿو. ميين شاهه عنات جي مارئي داستان ۾ هي بيت ڏسو:
پرت پڃارا ،جن جا ڪوري موچي پير،
اهکيءَ منجهه عنات چئي، سي ڪيئن لنگهندا سير . 11
شاهه لطيف جواب ۾ چوي ٿو.:
ذات ناهي ڏات، جو وهي سو لھي
آريون اٻوجهن جون، سپڙ ڄام سھي،
جو وٽس رات رهي ، سو مان لھي منڱتو. 12
هن بيت ۾ هڪ ڳالهه سامھون آئي ته ان وقت سيد کي ئي مان هو، ڪامل مرشد به سيد هوندو هو، سئين واٽ ڏيکاري منزل تائين رهبري سيد ئي ڪري سگهندو هو، بلڪل ائين جيئن هندو مت ۾ اهو درجو برهمڻ کي حاصل هو. طبقاتي نظام جي اها ڀيانڪ شڪل هئي ، جنھن ۾ حڪمران پنھنجون چالون اهڙي طرح هلندا هئا، جو پورهيت طبقو جيڪو رات ڏينھن محنت ڪري انهيءَ کي گهٽ سمجهيو ويندو هو. انهيءَ کي ڪمي، ڪاسبي ۽ بازاري جھڙا خطاب ملندا هئا. سنڌي ماڻهو اهڙي مونجهاري جو اڄ تائين شڪار آهي ته ذات جي بنياد تي چڱايون، بھادري، سياڻپ، روحاني مرشد کي طئي ڪندو آهي. پر ٽي سئو سال اڳ شاهه لطيف هن روايتي بيانيي کي بدلائي روحاني رهبري يا فيض لاءِ سيدن جي حد بندي ختم ڪري ڇڏي. شاهه لطيف صرف اوڇي ذات انهيءَ کي ٿو چوي جن جا ڪم لڇڻ اوڇا هجن، جن جا عمل ڪڌا هجن، باقي سٺائي کي، روحاني فيض کي، رهبري کي شاهه لطيف، سيدن جي هڪ هٽيءَ مان ٻاهر ڪڍي آيو.
ڇا ميون شاهه عنات ذات پرست هو؟. دراصل شاهه عنات ذات پرست نه هو ڇو ته سندس ناناڻا ئي دَل ذات جا هئا. مرشدي ، پيري مريديءَ ۾ شاهه عنات وٽ اهو کليو اظھار آهي ته ڪوري موچي جن جا پير هوندا، اهي روحاني رهبري ڪين ڪري سگهندا. ڪوري، موچي علامتي طور به ٿي سگهي ٿو. جيئن شاهه لطيف وٽ ٻگهه پکي ۽ هنج جو تصور آهي. شاهه لطيف به هڪ بيت ۾ ذات جو ذڪر ڪيو آهي.
موکي چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات
وٽيون ڏيئي وات، متارا جنهن ماريا.
(5/10 يمن ڪلياڻ)
پر بھرحال شاهه عنات جي فڪري اڏام ارتقائي طور ڏٺي وڃي ته ان فڪر جو خام مال پيدا ڪيو آهي، جنھن کي اڳتي پچي راس ٿيڻو آهي.
نااميدي ۽ اميد جي وچ تي هڪ آسرو آهي، شايد وارو آسرو جنھن کي آٿت يا PLACEBOبه چيو ويندو آهي، شاهه عنات چيو هو:
طمع رک مَ تن، آسر رک مَ ان ۾.
شاهه لطيف چيو هو ته :
طمع رک مَ تن، نه آسر لاهيج ان مان. (13)
زندگيءَ جو بنياد آسرو ۽ آٿٿ آهي، جنھن وقت ماڻهو آسرو ختم ڪيو، ان وقت هن موت کي قبول ڪيو. ٻي طرف فڪري طور اهو به نڪتو آهي ته سالڪ کي طمع کان پاڪ هئڻ گهرجي، جتي طمع نه هجي اتي آسرو ڪھڙو؟ جنھن کي منزل نه کپي اهو جدوجھد ڇو ڪري؟ پر زندگيءَ جو بنيادي فڪر ئي اهو آهي ته آسرو لاهڻو ناهي ۽ طمع به رکڻي ناهي. معنيٰ لاحاصل جدوجھد. ساڳئي وقت هنن بيتن ۾ ٻڌمت جي گونج به ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. جنھن چيو هو ته ”سروم دکم دکم“. پر ٻڌ وٽ ڏک خوشيءَ جو ضد ناهي پر هن جو خيال آهي ته اصل ۾ آهي ئي ڏک.
شاهه ڀٽائيءَ جي هن بيت کي ڏسو:
نااميدي آجڪو، اوڇڻ آديسين،
ڪڏهن تازي پٺ تي، ڪڏهن هيٺ هلن،
ساميئڙا سمونڊ ۾، تنبي جيئن ترن
جي واڳون وات وڃن، ته ڪسن ڪڇن ڪين ڪي.
7/19) رامڪلي)
شاهه لطيف جي هن بيت ۾ دنيا جي اسرار جو ڳوڙهو اڀياس آهي. اها ڳالهه شاهه عنات هن طرح سمجهائي آهي:
کامي کوري وچ ۾، پتنگ وئا پچي،
اُني وٽ آتش جي، سڀڪا سڌ سچي،
موٽئو ڪانه بچي، کامي سڀ خاڪ ٿئا.
12/2) سرجمن (
ٻنهي شاعرن وٽ جمالياتي سگهه:
صوفين جا ٽي طريقا سنڌ ۾ رائج آهن. هڪ جمالياتي، ٻيو جلالي، ٽيون ملامتي. شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جو طريقو ساڳيو آهي يعنيٰ جمالياتي طريقو. فني توڙي فڪري طور ٻنهي سنڌ جي داستانن جو سھارو ورتو آهي. ساڳئي وقت ٻنهي شاعرن جي روايت ۾ واقعاتي بيت موجود آهن. داستانن جا ڪردار ۽ انهن جي ڪھاڻيءَ منجهان فڪر کي اڀاريو آهي، جيڪو علامتي طور عرفاني به آهي، الاهي به آهي ته مجازي به آهي. ان کان اڳ شاعريءَ ۾ توحيد، تصوف، نصيحت، هدايت ۽ حقيقت جو بيان بيتن جو مکيه موضوع هو. ميين شاهه عنات انهن سڀني روايتن کي برقرار رکندي قصن ۽ داستانن جي ڪردارن جي سونھن ۽ سينگار کي به بيان ڪيو. اهڙيءَ طرح جو سنڌيءَ ۾ مجازي سونھن سينگار جي بيان جو به رواج شروع ٿيو. شاهه عنات چوي ٿو،
گلبدن جون گجريون، ارم اوڍيائون،
چوٽا تيل ڦليل سين، واسينگ ويڙهيائون،
مشڪ محبت پاڻ ۾ ،لڱين لايائون.
( 1/1 سر مومل راڻو)
وري چوي ٿو،
جھڙي سونھن سندياس، تھڙو ڪينجهر ۾ ڪين ٻيو
طول تنھين جي سين، راڻيون اچن نه راس
مور ڇل مٿان، اڀو تماچي هڻي.
1/3) سر ڪاموڏ)
اهڙيءَ طرح ٻنهي وٽ فني خيال جي بلندي جي جماليات به ڏاڍي سگهاري آهي.
سدا سور نه هون، گوندر وڃن گذريو،
اوکايون عنات چئي، ٿيون پرکا ڪارڻ پون،
چڱا ائين چون، ته در نه مٽجي دوست جو.
5/15)سر ديسي)
بيت جي اھڙي فني هيئت، مواد، فڪر ۽ تخيل جي اُڏام جي سگهه اسان کي وري شاهه لطيف وٽ ئي ملي سگهي ٿي.
جھڙا گل گلاب جا، تھڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا، ها ها هو هميش،
پسيو سونھن سيد چئي، نينھن اچن نيش،
لالڻ جي لبيس، آتڻ اکر نه اڄھي.
2/1)مومل راڻو (
يا وري ڪاموڏ ۾ چوي ٿو:
جھڙي سونھن سندياس، تھڙو ڪينجهر ۾ ڪين ٻيو،
ريس راڻين ڇڏي، وهي ڪانه وٽانس
مڏ مياڻيون، مڪڙا، مڙئي معاف ٿياس،
مور ڇل مٿانس، اڀو تماچي تي هڻي.
( 1/27ڪاموڏ)
هاڻي لفظن جي جڙاوٽ، حرف تجنيس، موسيقي، لئي، جھڙيءَ طرح جمالياتي انداز ۾ ٻنهي شاعرن پيش ڪئي آهي. اها ڪمال جي درجي تي پھتل آهي.
مثال ڏسو:
ڏاهي ڪ ڀوري، وڻي پنھنجي ور کي
سندي سانوڻ ڏينھڙين، جهڄڻ ۽ جهوري
هي تنھن گهوري، جو سياري سپجي.
(2/14سورٺ)
شاهه عنات جي ھيءَ لفظن جي جڙاوٽ ساڳي شاهه لطيف وٽ به موجود آهي.
آکون ڊاکون سرکنڊ شاخون، چوٽا چندن ڪوئنر،
ميي سي ئي ماڻيان، جت نه ڀرن ڀونئر
ڪنواريون ۽ ڪوئر، ڪاهه ته پسون ڪاڪ جا.
( 8/18مومل راڻو)
ميين شاهه عنات وٽ الاهي اسرار جو جمال به ڪمال جو آهي.
چنڊ چوڏس اڀري، سھسين ڪري سينگار،
پلڪ پريان جي نه پڄي، جي حيلا ڪري هزار،
جھڙو سڀ ڄمار، تھڙو دم دوس جو.
1/12) کنڀات)
يا
ڪتيون رتيون پاڻ ۾، منجهن ناهه کپت،
سکو سڀ سيد چئي، تني ڪنان مت
ڳوڙهيون ڳوڙهي ڀت، هميشه هيڪانديون.
1/14) کنڀات)
صوفيءَ وٽ ڪثرتي جمال وحدت ۾ پوئجي وڃي ٿو، جتي ڪائنات جي لقاءَ ۾ الاهي جمال جو جلوو نمايان آهي. شاهه لطيف جي به واٽ اها آهي،
عاجزي ، انڪساري ۽ دلداري:
ٻنهي شاعرن جي فڪري رخن ۾ عاجزي ۽ انڪساريءَ جھڙا گڻ موجود آهن.
شاهه عنات جو شاهه لطيف جي بيت سسئيءَ کان متاثر ٿيڻ ۽ خود سسئيءَ کي ڳائڻ ۽ شاهه لطيف جو مارئي جي داستان کان متاثر ٿي مارئي کي ڳائڻ ٻنھي شاعرن جو هڪ ٻئي جي عظمت کي تسليم ڪرڻ هڪ اهم ڳالهه ڏانھن به اشارو ڪري ٿو ته وٽن عاجزي ۽ انڪساري جھڙا گڻ موجود هئا. ان کان علاوه سندن بيتن ۾ اهڙا گڻ ملن ٿا.شاهه عنات جو بيت هن ريت آهي ته :
اوگڻ پائي پاند پرين! آيس تو مڻي،
تون پانھجي کاند، ڪر ڳڻ اسان سامُھان.
1/3) ڪلياڻ)
شاهه لطيف چوي ٿو:
اوڳڻ ڪري اپار، تو در آيس داسڙا!
جيئن تو رسڻ سنديون روح ۾، تيئن مون ڀيڻي ناهه ڀتار!،
سائينءَ لڳ ستار! ميٽ مدايون منھنجيون.
1/1) ليلا)
وري ٻئي طرف شاهه لطيف چوي ٿو:
ورسئا، ويڄ ويچارا! ڀلئا ويڄ ويچارا،
دل ۾ درد پرين جو، من ۾ مرض پرين جو
اٿيو ويڄا مَ وهو، وڃو ڊڀ کڻي،
ٻڪي ڏيندا ٻاجهه جي، آيا سور ڌڻي.
(وائي داستان پھريون يمن ڪلياڻ )
شاهه عنات ساڳي ڳالهه وري هن ريت ڪئي آهي:
دارون لاءِ ڪارون، آئون نه ڪندي ويڄ سين،
ٻڪي ڏيندا ٻاجهه جي، نهاري نارون،
جن جون سڄڻ لھن سارون، تن تان ڏکندو ڏور ٿئي.
(1/7جمن)
هنن بيتن جي خيالن ۾ عاجزي انڪساري سان گڏ پرين جي پچار موجود آهي، ساڳئي وقت صوفي فڪر جو اهم نڪتو موجود آهي، ته درد جو بنياد پرين جو وڇوڙو آهي. صوفي وٽ خدا محبوب آهي، خدا دوست آهي، صرف اهو ئي ٻڪي ٻاجهه جي ڏيئي سگهي ٿو.
اڪثر درد ۽ سوز واري حالت ۾ شاهه لطيف، ميين شاهه عنات وٽ ايندو هو، ساڻس اچي پنھنجو حال اوريندو هو. هن روايت مان اها ڳالهه به ظاهر ٿئي ٿي ته شاهه لطيف تي نوجواني واري دور ۾ محبت ۽ مجاز جو غلبو هو، پر شاهه عنات جي مٿس پدري شفقت جو هٿ هو، سندس تسلي لاءِ وٽس هر وقت ٻاجهه جي ٻڪي موجود هئي. ان ڪري شاهه لطيف ساڻس اچي ملاقات ڪندو هو. اها روايت آهي ته شاهه لطيف هڪ نه پر ڪيترا دفعا سوز ۽ درد واري حالت ۾ شاهه عنات سان ملڻ آيو. هڪ دفعو کيس دلداري ڏيندي هي بيت چيائين:
پسي ڏونگر ڏار، جم هلڻ ۾ هيڻي ٿيئن
مجازاڻيون موٽيون، سڻي پنڌ پچار،
تون پھرين پائج لئي، حقيقت جو هار،
سگهي لھندي سار، آرياڻي عنات چئي. (14)
انهيءَ موقعي تي شاهه لطيف وري جواب ۾ هي بيت چيو:
پسي ڏونگر ڏار، هلڻ هيڻي وهيڻي
لانچي لڪ لطيف چئي، پٺيءَ ڪيچين ڪاهه
پڇي پورج سسئي بلوچاڻي باهه
ان وڙائتي ور جو آسر هڏ مَ لاهه
جو اکيون اوڏو آهه، سو پرين پراهون مَ چئو.
2/1)آبري)
نتيجو:
مجموعي طور ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ ۾ فني عروج نظر اچي ٿو. ٻنهيءَ وٽ شاعراڻي اظھار جو ذريعو سنڌ جو ڪلاسيڪل ورثو بيت ۽ وائي ۽ سنڌ جا ڪلاسيڪل رومانوي داستان ۽ انهن تي مبني سرن وار شاعري ئي آهي، جن جي نالن ۾ پڻ هڪجھڙائي ملي ٿي .
ٻيئي شاعر صوفي مت جي جمالياتي انداز کي پنھنجائي شاعري ڪن ٿا.
شاهه عنات جا واقعاتي طرز جا بيت تمام گهڻا آهن، جيڪي مختلف واقعن يا شخصيتن جي ملاقاتن دوران چيا ويا آهن. ٻنهي جي شاعري ۾ وحدانيت جا نڪتا، سنڌي سماج جي ڪرت جا عڪس، ماڻهن جي نفسيات، اخلاقي پيغام ۽ انساني قدر موجود آهن.
شاهه عنات به پنھنجي تخلص طور ڪٿي سيد ته ڪٿي عنات لفظ استعمال ڪيو آهي. شاهه لطيف پنھنجي بيتن ۾ ساڳيءَ طرح سيد، لطيف، اديون عبداللطيف ۽ لالئون لال، لفظ استعمال ڪيا آهن.
ٻنهي شاعرن جو مسئلو وجودي سوالن جي اپٽار آهي. ٻيئي شاعر وقت جي حاڪمن جي ستايل ماڻهن کي دلداري ڏين ٿا. ٻنهي جو رستو هڪ آهي.
هن تحقيقي اڀياس مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ٻنهي شاعرن وٽ فني توڙي فڪري حوالي سان ڪيتريون ئي هڪ جھڙائيون ملن ٿيون. تنھن ڪري اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته شاهه لطيف جي شاعريءَ جي عمارت جي پيڙهه شاهه عنات رضويءَ جي ٻڌل آهي.
حوالا
- بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2010ع ڇاپو ٻيو صفحو 6 کان 19
- ساڳيو، صفحو 25.
- انسائڪلو پيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد . 2010ع
- بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش،”ميين شاهه عنات جو ڪلام“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2010ع ڇاپو ٻيو صفحو 67.
- هي بيت ميين شاهه عنات جي رسالي ۾ هن ريت لکيل آهي.
ڪڙي ۽ رڙي پر پٺ پير پنهون جا
سڪ ٻڌائين سندرو جانب ڪاڻ جڙي
لڪن ساڻ لطيف چوي، مر منڌ پاڻ مڙهي
عمر ائين ڪڙهي، ته به پلڪ پريان جي نه پري.
شاهه لطيف جو اهو بيت ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي ۾ سر سسئي آبري جي داستان ستين جو ڏهون بيت ٻيءَ طرح لکيل آهي جيڪو مٿي ڏنو ويو آهي. راقم جو خيال آهي ته ڪلياڻ آڏواڻي رسالي ۾ هي بيت صحيح طرح ڏنل آهي جو سندس ٻولي، رس چس، فڪر شاهه جي معيار جو لڳي ٿو.
- ليکڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ مرتب ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ”مضمون ۽ مقالا“
انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ سنڌ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ريسرچ فائوڊيشن حيدراباد سنڌ. ڇاپو پهريون 2020ع ،صفحو 422. - بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش (ليکڪ)”ميين شاهه عنات جو ڪلام“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2010ع ڇاپو ٻيو صفحو 69
- ليکڪ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ مرتب ڊاڪٽر عبدالرسول قادري ”مضمون ۽ مقالا“
انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ سنڌ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ريسرچ فائوڊيشن حيدراباد سنڌ. ڇاپو پھريون 2020ع صفحو 444. - Time 10. Am.com/watch?v=x4yV-LUu2Sw&t=481s 26-2-01-2023
- ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا تاريخ ٻولي ادب ۽ شخصيتون سھڙيندڙ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي پيڪاڪ پرنٽرس ڪراچي 2019. ص 84
- Acuddon , Dictionary of Literary term and literary
- مانجهي، محمد علي (مرتب)، ڊاڪٽر بلوچ جا مقالا تاريخ ٻولي ادب ۽ شخصيتون، پيڪاڪ پرنٽرنرس ڪراچي 2019. ص 84.
- ساڳيو ص 84.
- ساڳيو ص 85
- سميجو، ڊاڪٽر اسحاق (مرتب)، ميون شاهه عنات رضوي، حضرت ميون شاهه عنات رضوي فائونڊيشن 2019ع ص 115.
- The penguin third edition, 1992, page 317.
نوٽ: ميين شاهه عنات جا سڀئي بيت ”ميين شاهه عنات جو ڪلام“ تحقيق ۽ تصحيح ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپو ٻيو 2010 ۽ ’ميين شاهه عنات جو رسالو‘
سيد ضيا عباس شاهه ’ميون شاهه عنات رضوي فائونڊيشن‘ 2019ع تان ورتل آهن ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا سمورا بيت ”شاهه جو رسالو“ ٻانهي خان شيخ واري رسالي تان ورتل آهن، جيڪو شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر يونيورسٽي آف ڪراچيءَ ٽن جُلدن ۾ 2000ع کان 2003ع تائين ڇپائي پڌرا ڪيا .