ايم ڪمل جو نئون غزل
(A study of M.Kamal’s Nao Ghazal)

مشتاق گبول

Abstract

When Sheikh Ayaz was busy in writing modern and very popular lyrics here in Sindh, and Naraen Shiyam there in India. M. Kamal found his new path in poetry writing with different diction and expression.

At that time, none of any poet was free in order to come out from the poetic impact of Ayaz and Shiyam but M.Kamal did so.

In his second book of poetry named “Roshan Rahoon, Dundhla Maag” he recognized himself very new voice of modern poetry, through that book he foundation of his own way and style in poetry writing.

In the end of that book, he wrote a note on new lyrics, what he chosen for self. In that note he discussed comprehensively and made clear the features of new ”غزل“ lyrics.

More ever, he wrote in that note, that, “the feeling of today’s age is material, machnical and full with fear, and people are facing uncertainty, loneliness, alienation and sense of helplessness.

He brought new sprit of life. His “ghazal” changed the atmosphere of poetry.

In this article, the scholar tried to draw an image of M.Kamal, as the poet, along with his new and un-touched thoughts, he introduces in his poetry.

Keywords: M. Kamal, Ghazal, Nao Ghazal, Poetry, Lyrics, Shaikh Ayaz, Narayan Shyam, Wasdev Mohi.

جنھن وقت سنڌ ۾ اياز جو ’گيڙو ويس غزل‘ ۽ ھند ۾ نارائڻ شيام جو تخليقي ۽ جمالياتي غزل جي عروج جو دور ھو ۽ سنڌ ۽ ھند جي شاعريءَ تي انهن ٻنھي شاعرن جي ڇاپ ھئي. ان دور ۾ ايم ڪمل پنھنجي غزل جي لاءِ الڳ رستي جي چونڊ ڪئي. ھن پنھنجي غزلن جي ٻئي مجموعي ’روشن راھون ڌنڌلا ماڳ‘ ۾ پنھنجي فني، فڪري ۽ ذھني لاڙن جو بنياد وڌو. ھن پنھنجي اندر جي بيوسي، خوف، تنھائي ۽ ڪاوڙ کي غزل ۾ ڀري ’نئين غزل‘ جا بنياد قائم ڪيا. ھن اُٿندي ئي روايت سان بغاوت ڪئي. ھن پنھنجي غزلن جي ٻئي مجموعي جي آخر ۾ ”نئين غزل تي ھڪ نوٽ“ لکي پنھنجي ’نئين غزل‘ جا خدوخال واضع ڪيا.

”نئين ڪويتا وانگر اڄ جي دور جو احساس، يعني مادي خوشحالي، ذھني ڪنگالپُڻو، مشيني ۽ ميڪنيڪل زندگي، خوف، بي يقيني، تنھائي. اجنبيت، بي چارگيءَ جو احساس وغيره جا اشارا نئين غزل جو روح آھن. يعني پُراڻي ۽ نئين غزل ۾ بنيادي فرق بدليل فضاجو آھي.“ (1)

ڪمل جي مٿين راءِ منجهان اھا ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته ان دور ۾ ھن شعوري طور تي پنھنجي لاءِ نئين پيچري جي چُونڊ ڪري ورتي ھئي. ’نئين غزل‘ لاءِ ھن وٽ ھڪ مڪمل ۽ واضع خاڪو ٺھي چُڪو ھو. ڪمل به غزل جي روايتي تصور جو رنگ ڍنگ، اسلوب، ٻولي، موضوع، ڪردار، تشبيھون، استعارا، ڪنايا ۽ علامتون ئي تبديل ڪري ڇڏيون. ھن غزل جي روايتي فضا کي ڇڏي اُن کي نئين فضا ڏني.

”نئين غزل ۾ انسان تي پيل ديو اڀرن ٿا. انهن جي شعري ردعمل ۾ نوان اشارا، نيون علامتون وجود ۾ اچن ٿيون. طنزي اندازِ بيان، غصي ۽ بي چارگيءَ جو انوکي ڍنگ سان اظھار اھو تخليقي عمل، غزل ۾ نئين فضا کي جنمائي ٿو. “ (2)

 شھريت، شھري سماج جون ذلتون, مجبوريون ۽ الميا، نيون علامتون، نوان اشارا ۽ ڪنايا، نئون ماحول، طنز، ڪاوڙ، گهر جي ٽُٽڻ جو احساس، ڌارائپ ۽ لاتعلقي، خوف ۽ غير سلامتي ۽ بيوسيءَ جو انوکي ڍنگ سان اظھار، تضاديه جوڙا ۽ خيال جو ٽڪراوَ، ڪمل جي نئين غزل جا اھم بنيادي عنصر آھن.

ڪمل جو اھم ترين ڪارنامو غزل جي موضوع ۽ مزاج ۾ ڦير ۽ بدلاوَ آڻڻ آھي. ھن غزل کي حسن ۽ عشق جي محدود فضا مان ڪڍي، اُن کي نون موضوعن سان آشنا ڪيو. ھن غزل کي ھر قسم جي خيالن، جذبن ۽ محاڪات جي اظھار جو ذريعو بڻايو. سائنسي ترقي سبب مصروفيت، بي اطميناني ۽ انتشار جي فضا، غزل ۾ آندي. جيڪا فضا خود ھڪ نئين روايت بڻجي وئي آھي.

ايم ڪمل پنھنجي غزل جو رشتو شھري زندگيءَ ۽ ان سان وابسته مسئلن سان ڳنڍيو. ھن اُن ۾ نئين دور، مشيني ۽ ميڪنيڪل زندگيءَ جا احساساتي رنگ ڀريا. جنھن کي ھن ’نئون غزل‘ جو نالو ڏنو ۽ اھو ئي ’نئون غزل‘ ھن جي خاص سُڃاڻپ بڻيو. ھن پنھنجي ’نئين غزل‘ کي سنڌي غزليه شاعريءَ ۾ نئين روايت طور پيش ڪيو. سندس ’نئون غزل‘ شھر جي تھذيبي، تمدني، سياسي، سماجي ڪلچر ۽ ان جي نفسيات سان تعلق رکي ٿو. لفظن جي چُونڊ به شھري سماج مان ڪئي وئي آھي.

گند، بوءِ تي ھري ويندين آخر.

اڄ ڀلي نڪ تي تون رومال رکين.

(ڪمل، 39:1981)

 

ڏاڍو گند ۽ بانس آ ڦاٽل گٽر جي ھت مگر،

ڇا ڪجي گهر ڏي وڃڻ جو ھڪ اھو ئي رستو آ.

(ڪمل، 65:1981)

 

شھر جو گوڙ رڳُن ۾ ٿو ڊُڪي،

گوڙ جو شھر ٿي ويو جسم سڄو.

 

آ فسادن جو اڏو شھر جو چونڪ،

 اِن تي ليڊر جو ڪوئي نانءُ رکو.

(ڪمل، 29:1981)

ڪوئي افواھه ڪامياب ويو،

لٺ کڻي سڀڪو گهر مان نڪتو آ.

(ڪمل، 62:1981)

شھريت جو عنصر، ڪمل جي غزل جي روح وانگر آھي. ڪمل سنڌي غزل کي موضوع، ٻولي، مواد، پيشڪش مطابق ھڪ نئين دل لُڀائيندڙ صورت ڏني. مٿيان شعر غزل جي اڳوڻي روايت تي ڀاري آھن. ڇو ته سندس غزل شھري مزاج ۽ ماحول مان پچي راس ٿيل آھي. ھن جو غزل غير رواجي ٻولي ۽ لفظ-سٽاءَ تي بيٺل آھي. ان ۾ تمثيلي انداز موجود آھي.

ڪمل جو اھو وڏو ۽ اھم ڪارنامو آھي، جو ھن نئين فضا، نئين مواد، نون موضوعن ۽ شھري زندگيءَ جي مختلف پھلوئن کي آرٽ ۽ ڪاريگري ۽ فنڪاراڻي رنگ روپ سان نئين غزل ۾ آندو. ھن جي نئين غزل جي نشاني نئين ٻولي، نيون علامتون، نوان اشارا، نوان موضوع، نوان احساس ۽ نئون ذھني رويو آھي. ھن غزل ۾ اڻ ڏٺل منظر، غير رواجي خيال ۽ تصور آندا. ان لاءِ ڪمل جي نئين غزل، نئين ۽ تازي فضا کي جنم ڏنو. ھن ڳرن ۽ غير شاعراڻن لفظن کي نئين علامت ۽ نئين معنويت ڏني. سندس غزل ۾ معنيٰ ۽ تصور جو الڳ جھان آھي. ڪمل شھري ۽ مشيني زندگيءَ جي ھر روپ کي اُگهاڙيو آھي. شھري ۽ مشيني زندگيءَ ۾ رت جا رشتا به دولت، لالچ، ھٻڇ، ۽ حرص جي بنياد تي ھڪٻئي جا ويري ٿي پوندا آھن. رت جي رشتن جي ويري ھجڻ ۽ انهن جي ويڙھه، لڙائيءَ ۽ گهر ٽُٽڻ جي احساس کي ڪمل نون اشارن ۽ نين علامتن ذريعي تخليقي انداز ۾ فنڪاراڻي حسن سان اظھاريو آھي.

ھر ڀت تي الڳ نعرو لکيل آ،

ھي گهر ته ڪِرڻ جھڙو لڳي ٿو.

(ڪمل، 47:1981)

*

گهر جي ڀتيُن مان شاڪ اچي ٿو،

ڳنڍ تار جو ٽُٽي پيو آ.

(ڪمل، 49:1981)

*

اکيون، ڪن، شھر جا گروي ھئا، ٽئنڪر جي رستن وٽ،

گهڻو ئي بُلبُليُن چيخيو: بھار آيو، بھار آيو.

مھانڊا پنھنجا ديوارون ڪري، نڪتا گهٽيُن ۾ دوست،

خوشيءَ جو چھري تي چُنبڙائي ھر ڪو اشتھار آيو.

(ڪمل، 14:1981)

’ھر ڀت تي الڳ نعرو‘، ’ڪِرڻ جھڙو گهر‘، ’ڀِتيُن مان شاڪ اچڻ‘ ۽ ’ڳنڍ تار جو ٽُٽڻ‘، نئين دور ۽ نئين غزل جون نيون علامتون ۽ نوان اشارا آھن. رت جي رشتن جي وچ ۾ لڳل سرد جنگ کي جديد نوع ۾ نئين دور سان وابسته لفظن ۽ نين علامتن سان پيش ڪرڻ ڪمل جي نئين غزل جو دين آھي.

شھريت، تمدني زندگي يا اربنائيزيشن کي ان کان وڌ ٻيو ڪيئن ٿو بيان ڪري سگهجي! شھر جون اکيون ۽ ڪن گروي ٿيل ھجن ته بھار جي رُت اچڻ جو احساس ڪيئن ٿيندو. شھري زندگيءَ ۾ ته خوشيءَ ۽ غميءَ جا احساس به ذري گهٽ ختم ٿي چڪا آھن. حقيقي غم ۽ خوشي نظر ئي نٿي اچي. اشتھارن وانگي ماڻهو به اشتھارن جو ڏيک ڏيڻ لڳا آھن. اڄ جو ماڻهو احساسن کان عاري مشيني ۽ ميڪنيڪل زندگي جيئي ٿو.

غزل کي شھري ۽ مشيني سُڀاءُ ۽ مزاج عطا ڪرڻ لاءِ، موضوع، ماحول ۽ ٻوليءَ جي سطح تي ھن اڪيلي سَر اھو ڪم سرانجام ڏنو. ھن پنھنجي غزل ۾ جديد دور جي آڌار تي شھري زندگيءَ جي گهرجن، پھلوئن ۽ مسئلن کي شعرن ۾ سمائي ان ۾ پنھنجي تخليق جا رنگ ڀريا.

ٽي. وي ٽاور ڊھي پيو آ،

وقت شھر جو وڌي پيو آ.

گاڏي ليٽ آ، اڄ پڻ بيبو،

ممي ممي ڪري سُمھي پيو آ.

(ڪمل، 49:1981)

ايم ڪمل غزل جو مزاج ئي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ نئين دور جو ترجمان صنف بڻائي ڇڏيو. سندس غزل شھري ۽ صنعتي تھذيب ۾ رچيل آھن. ھن جي غزل جون پاڙون ان سماج ۾ کُتل آھن. سندس غزل ۾ گهرائي ۽ نئين دور جو شعور آھي. ھن شھري تھذيب جي گُهٽ، ٻُوسٽ ۽ گندگيءَ کي به پنھنجي اظھارِ بيان جو وسيلو بڻايو. ھن پنھنجي غزلن جي ٻئي مجموعي ’روشن راھون ڌنڌلا ماڳ‘ ۾ ئي غزل ۾ نئين فضا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.

”چند رومانوي غزلن سان گڏوگڏ، گهڻن غزلن جي فضا، روايتي غزل جي فضا کان اور طرح جي آھي. “ (3)

’اور طرح جي فضا‘ قائم ڪرڻ جي لاءِ ھن غزل جي روايتي پنڌ پيچرن کي ڇڏي، ان ۾ نوان شاھراھه ٺاھيا. ان ۾ داخلي ۽ خارجي حالتن کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو. جديد دور جي مناسبت سان ان ۾ نيون علامتون، استعارا، تشبيھون ۽ ترڪيبون آنديون. ان ۾ نئين شھري زندگيءَ جا الميا، مسئلا ۽ ان جا مختلف پھلو آندا. ان ۾ نئون شعري مزاج ۽ نئون شعري رويو آندو. ان لحاظ کان ڏسجي ته ڪمل جو غزل شھري ۽ مشيني زندگيءَ جي واقعن ۽ حالتن، خوف ۽ غير سلامتي، اجنبيت، خوف، دھشت ۽ بيوسيءَ جو ’نوٽ بڪ‘ آھي.

ھن پنھنجي نئين غزل ۾ ھر لحاظ کان غزل جي روايتي تصور جا بنياد ئي لوڏي ڇڏيا. ھن اياز ۽ شيام جھڙن شاعرن جي موجودگيءَ ۾ سنڌي غزليه شاعريءَ جو مزاج بدلائي ڇڏيو. فڪري سطح تي شيام جي تخيلاتي ۽ جمالياتي پھلوءَ بجاءِ، ھن اياز جي فڪري تقليد به ڪئي ۽ ان ۾ نوان اضافا ۽ واڌارا به ڪيا. اياز جي غزل وانگر، ڪمل جو غزل به سماج ۽ معاشري سان سلھاڙيل آھي. ان جي برعڪس شيام جو غزل فردِ واحد جي تخيلاتي دنيا سان تعلق رکي ٿو. ڪمل فڪري سطح تي اياز جي اسڪول آف ٿاٽ سان واسطو رکندو ھو. ان لاءِ ھن جي غزل جو تعلق شھري سماج ۽ جديد زندگيءَ سان آھي.

شھر ۾ گولي ھلي، پوءِ الائي ڇا ٿيو،

خلق ھڪ پاسي ڊُڪي، پوءِ الائي ڇا ٿيو.

ھڪ ڌماڪي سان سڄي روشني ميري ٿي وئي،

اوچتو ڌُوڙ اُڏي، پوءِ الائي ڇا ٿيو.

(ڪمل، 65:1986)

*

تون ٿو ھر حادثي تي بِھجي وڃين،

شھر ۾ ڪھڙي چريائپ ٿو ڪرين!

(ڪمل، 39:1981)

*

رزق جي ڇانوَ ۾ ٻه ويلا ڏئي،

شھر، گُهٽ گندگيءَ سان ماريو آ.

(ڪمل، 25:1981)

*

ھر مڪان ھت وڏيءَ عمارت جو،

ڪنھن نه ڪنھن ڌنڌي جو اَڏو آھي.

(ڪمل، 63:1986)

*

ھڪٻئي کان ھتي ھر ڪو لِڪل آ،

ھي شھر گُهمڻ جھڙو لڳي ٿو.

(ڪمل، 47:1981)

ھو شھر کي ھر حالت ۾ قبولڻ ۽ شھري رويو اختيار ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو.

گوڙ، گُهٽ، گند تي ھرو جلدي،

دوستو شھر جا ٿِيو جلدي.

(ڪمل، 41:1981)

*

شھر ۾ آن ته ماڻهن سان،

رستو ڀي شھر وارو رک.

(ڪمل، 69:1986)

مٿين شعرن ۾ ڪمل پنھنجي انفرادي تجربي ۽ مشاھدي جي وسيلي خيالن جي اُڻت ڪئي آھي. ان سان گڏوگڏ شھري سماج جي گڏيل تجربي ۽ ماڻهن جي گڏيل احساسن کي به پنھنجي غزل ۾ سمايو آھي. ھو پنھنجي فڪر ۽ خيال سان انسان جي احساسن کي ڌونڌاڙي ڇڏي ٿو. ڪمل جا غزل شھري سماج جي نفسياتي صداقتن، فڪر، سوچ ۽ حقيقتن جي لحاظ کان مختلف ۽ منفرد آھن. جيڪي شھر جي سماجي ڌارا ۽ ان جي سچائيِءَ جو اھم حصو آھن. سندس غزل شھر واسين جي اجتماعي اھنجن ۽ تڪليفن ۽ انهن جي اندر جي آواز جا عڪس آھن. ڪمل جي غزل جي مواد ۽ موضوع جو عام تاڃي پيٽو رواجي ۽ روايتي ناھي. سندس غزل علامتي، تمثيلي ۽ غير روايتي آھن. جيڪي انيڪ معنوي ۽ فڪري خوبين سان سينگاريل آھن.

ڪمل، ان دور ۾ ذھني ڪنگالپُڻي جي ڳالهه ڪئي ھئي، جڏھن اڃان ميڊيا جي يلغار نه آئي ھئي. ھڪ سرڪاري ٽي. وي چئنل ھوندو ھو، جيڪو اسان جي ذھنن کي قابُو ڪرڻ ۾ محو ھوندو ھو ۽ اسين روز سرڪاري سچ ٻُڌڻ جا عادي ٿي پيا ھئاسين. وڏا شاعر وقت کان اڳي سوچيندا آھن. ڪمل به ميڊيا جي يلغار جو ھن اڳواٽ ئي اندازو لڳايو ھو.

روشن آ منھنجو سُڀاڻو،

ٽي. وي ريڊيو جي خبر آ.

(ڪمل، 38:1986)

*

افسوس ڪجي يا کِلجي اُن تي،

جو کوھه جي ڀت مٿان سُتو آ.

(ڪمل، 16:1981)

ان شعر جي روشنيءَ ۾ موجوده دور جي ٽي وي چئنلز کي ڏسجي ۽ اھو به ڏسجي ته اھي اسان کي اصل سچ ڏيکارڻ

بجاءِ سرڪاري سچ ڏيکاري رھيا آھن ۽ اسان وقت ۽ حالتُن کان بي خبر آھيون.

وقت ۽ حالتن کان بي خبر ماڻهو، ڪمل جي غزل جو اھم موضوع آھي. ھن ذھني ڪنگالپُڻي کي پنھنجي مخصوص انداز ۾ شعري حسن سان بيان ڪيو آھي.

ذھني ڪنگالپُڻي کان علاوھ ”بيوسي“ به ڪمل جي غزل جو اھم عنصر آھي. ھن انسان جي بيوسيءَ کي تخليقي انداز ۾ نون اصطلاحن ۽ نين علامتن سان پيش ڪيو آھي.

بي مُھانڊي ٿا ڦِرون،

زندگيءَ مُنھن نه ڏنو.

(ڪمل، 20:1981)

’بي مُھانڊي ڦِرڻ‘، نئين معنوي حسن سان ڪتب آيل آھي. ڪمل جي غزل جي شعري شبداولي يا لُغت الڳ آھي. جنھن ۾ نيون علامتون، نيون ترڪيبون ۽ لفظن جون نيون معنائون ملن ٿيون. ان شعر ۾ ’بي مُھانڊي ڦِرڻ‘ جو اصطلاح، انسان جي اصل سُڃاڻپ وڃائڻ ڏانھن اشارو آھي. جديديت پُڄاڻان دور جو عڪاسي ڪندڙ شعر آھي. جنھن ۾ ٻُڌايل آھي ته انسان جي سُڃاڻپ وڃائجي وئي آھي. ڪمل جي ان شعر جو رنگ گهڻو نرالو ۽ تخليقي حسن رکندڙ آھي.

ڪمل، جي غزل ۾ ڌارائپ ۽ لاتعلقي جو عنصر به نمايان آھي.

شھر سارو سُڃاڻي ٿو ھن کي،

ڪنھن کان ڀي پُڇ، ھو اجنبي آھي.

(ڪمل، 10:1981)

*

شھر ۾ ڪنھن کي ڪو سُڃاڻي نٿو،

پنھنجو ڏَس پاڙي ۾ پُڇائي ڏِس.

(ڪمل، 50:1986)

*

پيپر مان پئي سُڌ جنھن جي موت جي اڄ مون کي،

تنھن شخص سڄڻ جو منھنجي پاڙي ۾ ئي گهر آ.

(ڪمل، 64:1981)

غزل جي ھر شعر ۾ موجود خيال ڌارائپ ۽ لاتعلقيءَ جي عنصر کي ظاھر ڪندڙ آھي. اھو موضوع ۽ خيال ڪمل جي نئين غزل جي نئين روايت جو بنياد محسوس ٿين ٿا. روايتي غزل وانگر ڪمل جي نئين غزل ۾ موسيقي ۽ تغزل ڳولڻ بيسود آھي. ڪمل جي غزل جي ٻولي ڳوري، رُکي ۽ کھري آھي. ھن انهيءَ ڳوري، رُکي ۽ کھري ٻوليءَ مان پنھنجي ’نئين غزل‘ جو مجسمو تراشيو آھي ھن غزليه ٻوليءَ جي روايتي تصور جا بخيا اُڊيڙي ڇڏيا. شعري مزاج ۽ موضوعن جي فطري اظھار مطابق ھن ٻولي ڪتب آندي آھي. ھن جي ٻوليءَ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪرختگي به آھي. ھن جو غزل موسيقي ۽ تغزل جي بيساکين تي بيٺل ناھي.

”ھن غزل کي فڪر ڏنو ۽ غزل جي ملائميت واري فطرت کي ھٽائي، اُن کي کُردرو ۽ سختگير (رف ۽ ٽف) بڻايو آھي ۽ اھڙي نموني غزل جو مُول (basic) سُڀاءُ ڦيرايو آھي.“ (4)

ڪمل جي غزل ۾ ڪي به لفظ غير شاعراڻا ناھن. ھن غزل جي لاءِ ممنوع ٿيل ڪيترن ئي لفظن ۽ موضوعن کي پنھنجي فڪر ۽ احساس جي شدت سان پيش ڪيو آھي.

لکن جا خواب ٿا رپئي ۾ ملن،

اڃا چئو ٿا مھانگائي آ.

(ڪمل، 28:1986)

 

ڪير ڪنھن کي، ڪڏھن، ڪٿي ٿو ڪکي،

ھر بشر جي نھار زھري آ.

(ڪمل، 41:1981)

دوست ماھر مليم ۽ ھاڻي مان پڻ.

وار پويان ڪرڻ سِکيو آھيان.

(ڪمل، 63:1981)

 

بس عيب اٿس ھڪڙو، منھن وقت تي ڦيرڻ جو،

نه ته ھو ٻيءَ طرح مڙس آ منصور ۽ دلبر آ.

(ڪمل، 64:1981)

 

ٺاھه جي راھه ڀي ويا بند ڪري،

جي ھئا ڳالهه کي ٺاھڻ آيا.

(ڪمل، 44:1986)

انهن شعرن ۾ شاعر طنز ڪئي آھي. اھي طنز ڀريا (ironical) شعر آھن. اِھي شعر پنھنجي جوھر ۾ چھنڊڙيون آھن. رمز ڀريا اشارا آھن. شاعريءَ ۾ طعنه زني(irony) اثر ڇڏيندي آھي. ڪمل جي غزل جي اھم عنصرن ۾ طعنه زني به ھڪ اھم عنصر آھي. جنھن ذريعي ھن سماج جي مُنھن تي چماٽ وھائي ڪڍي آھي. ڪمل (ironical) طنزيه شعرن ۾ ڪيترن ئي لفظن کي نيون معنائون ڏئي ٻوليءَ کي وسعت ۽ تازگي بخشي ڳڀدار بڻائي ڇڏيو آھي. ان لحاظ کان ڪمل جو ”نئون غزل“ ھڪ نئين غزليه لُغت سان شناسائي ڪرائي ٿو.

 ھن اڪيلي سَر ’نئين غزل‘ جي رھبري ڪئي آھي. ھن غزل ۾ جيڪي نيون روايتون قائم ڪيون ان جا ڪي ٿورا عڪس ھند جي سنڌي غزل گو شاعرن وٽ ملن ٿا. شھري زندگي ۽ جديد مشيني سماج جا موضوع، واقعا، حالتون ۽ مسئلا غزل جي روايتي موضوع سان ڀيٽي نٿا سگهجن. ھن پنھنجي ’نئين غزل‘ ۾ روايتي موضوع، روايتي فضا، روايتي ڪردار، روايتي ماڳ ۽ ٽاڻا، روايتي علامتون ۽ اشارا بدلايا. موضوعن جي انفراديت، شھري ۽ ميڪنيڪل زندگيءَ جا مختلف پھلو، نئين فضا آڻڻ واري تجربي ۽ انفرادي رنگ کيس پنھنجي دور جو نمائنده ۽ جديد غزل گو شاعر جي سُڃاڻپ عطا ڪئي.

ڪمل شھري زندگيءَ کي انتھائي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ۽ ان جو مشاھدو ڪيو. ھن جي لفظ لفظ مان شھري مزاج ۽ شھري رويو بَکي ٿو. شھري مزاج ھئڻ جي ڪري ھن جا غزل رُکا ۽ مشڪل پسند آھن. ڪمل غزل ۾ پنھنجي ماحول جي عڪاسيءَ لاءِ شھر جي ڪلچر، شھري مزاج، شھري پس منظر ۽ شھر جي تمدن کي اظھارِ بيان جو ذريعو بڻايو.

پنھنجي پاڇي ڀي ٿي ڇرڪايو ڪمل،

شھر اونداھين گهٽيءَ جھڙو ھو.

(ڪمل، 25:1986)

 

ڏينھن جو وچ شھر ۾ ٿي ڦُرَ ٿئي،

۽ تون گُهگهه ۾ ٿو سُڃو رستو وڃين!

(ڪمل، 23:1986)

 

سڄي گهٽي ئي چيخون ٻُڌي ٿي،

اسين ئي پنھنجو در ڇو کوليون.

(ڪمل، 24:1995)

 

ڀونڪ ڀي ناھي ڪُتي جي،

ڪڇ نه ڪڇ ٿيندو گهٽيءَ ۾.

(ڪمل، 11:1981)

مٿين شعرن ۾ خوف جو عنصر ڏسي سگهجي ٿو. جيڪو عنصر ڪمل جي غزل جو ھڪ اھم عنصر آھي. خوف جو تعلق نفسيات سان آھي ۽ شھري ماڻهو جي نفسيات جو ڪمل جراح شاعر آھي.

آخري شعر کي ئي ڏسجي ته ڪُتي جي ڀونڪ نه ھئڻ مان مُراد حالتون ٺيڪ ناھن. اڄاتي ماٺ مان ڪجهه ٿيڻ جي انديشي کي صرف نئون غزل ئي ظاھر ڪري پئي سگهيو. ھن شعر ۾ ڪمل، ڪُتي جي ڀونڪ کي ھڪ نئين علامت طور ڪتب آندو آھي، ھن مٿين شعرن ۾ خوف جا مختلف رنگ ۽ منظر سمايا آھن.

ڪمل جي غزل جي سڀ کان اھم خوبي غزل ۾ تضاديه جوڙا يا تضاديه خيال آڻڻ آھي. جيڪا خوبي ھن جي غزل جي اسلوب جو اھم فني خوبي آھي. ھن جي ان خوبيءَ بابت واسديو موھي جو چوڻ آھي ته:

”(1999) تائين منھنجي اندازي مطابق توھان جا 720 غزل مجموعن ۾ شايع ٿيا آھن. . . . . . . . . . . ھا، ته 720 غزلن مان شايد توھان ڇرڪ ڀريو، صرف 44 اھڙا غزل آھن، جيڪي تضاديه خيال کان آجا آھن، باقي سڀ غزل اظھار جي ساڳين گهوڙين تي آھن. پوءِ ڀلي ڪن غزلن ۾ صرف ھڪ شعر تضاديه ھجي يا ڪي غزل سڄي جا سڄا تضاديه ھجن. “ (5)

تضاديه جوڙا ۽ تضاديه خيال ڪمل جي اظھار ۽ ھن جي غزل جي رنگ ڍنگ جو ھڪ اھم حوالو آھي، جنھن سان سندس غزل سُڃاتو وڃي ٿو. ڪمل جو غزل ان لحاظ کان اسلوب جو نئون ۽ انفرادي تجربو محسوس ٿئي ٿو. تضاديه اظھار جو رنگ ڪمل جي شعوري ڪوشش ھوندي به پنھنجي جوھر ۾ اصل ۽ فطري محسوس ٿين ٿا، جنھن ۾ ھن جو شاعراڻو رنگ پوري طرح نکري نروار ٿي ڪمال تي پھتل نظر اچي ٿو.

ھاءِ اسان جي آزادي،

سنڌر مليو ۽ سينڌ وئي.

(موھي، 38:2007)

سنڌر جو ملڻ ۽ سينڌ جو وڃڻ، خيال جي ٽڪراوَ تي آڌاريل خوبصورت شعر آھي. تضاديه خيال يا خيال جي ٽڪراوَ تي بيٺل ڪجهه ٻيا شعر به پڙھندا ھلون؛

حيرت ۾ سڄو ئي شھر آ اڄ،

ٿيو ڪجهه نه ٿيڻ جو حادثو آ.

(ڪمل، 12:1981)

 

پنھنجون خواھشون ننڍيون ٿي ويون،

ٻار ھاڻي وڏا ٿيا آھن.

(ڪمل، 18:1981)

 تضاديه لفظن مان ڪي شعر ڏجن ٿا:

چنڊ تي ڪائي باھه دُکي ھي،

ڏينھن ٿڌي جي رات تپي ھي.

(ڪمل، 59:1986)

 

رڙ نه جهٽيندا، سُس پُس ٻُڌندا،

ڇا دوريءَ جي آ ويجهائي.

(ڪمل، 43:2007)

 

شريف ھو، جيسين غريب ھو،

ھاڻي ھفتا ٿو کارائي.

(ڪمل، 30:1986)

”سبحان الله، امير-غريب ۽ شريف-بدمعاش جو ٽڪراوَ، بنا امير ۽ بدمعاش چوڻ جي، واھه. “ (6)

ڪمل جي غزلن جا ڪيترائي شعر ھن جي مخصوص غزليه انداز ۽ ھن جي مخصوص شعري اسلوب کان گهڻو مختلف ۽ منفرد آھن، جن کي پنھنجو الڳ شعري رنگ ۽ الڳ شعري حسن آھي. جيڪي غزليه شعر، ھن جي ٻين شعرن کان گهڻو نئون ۽ نرالو ۽ تخليقي حسن جو حسين نمونو آھن.

ڪڏھن ته پنھنجي تصور به روشني بخشي،

ڪڏھن ته دل به جلائڻ سان سوجهرو نه ٿيو.

(ڪمل، 28:1981)

 

صرف آواز کي ئي صورت ناھه،

ماٺ کي ڀي ڪو پنھنجو چھرو آ.

(ڪمل، 45:1981)

 

پُٺيءَ پُٺيءَ تي لکيل آ، فسانو گهاوَن جو،

ڇُريءَ ڇُريءَ تي ڇپيل آ، ڪوئي وفا نه ڪري.

(ڪمل، 24:1986)

 

داغ پھريندڙ جا سُڪندي سَڙندي ساريندا رھيا،

تازا ڌوتل ڪپڙا اُس ۾ لُڙڪ ھاريندا رھيا.

(ڪمل، 31:1986)

 

رستي تي اُگهاڙن پيرن لئه،

اُس اکيون وڇائي ويٺي آ.

(ڪمل، 54:1986)

 

ساھه ئي مون کي کڻن ٿا،

مان ڪٿي ساھه کڻان ٿو.

(ڪمل، 62:1986)

 

پويون پھر آ ڳورھاري رات جو،

ڪير ڄاڻي صبح ڪھڙو ٿي ڄڻي.

دل ته زخمن جو ڳُتيل ھڪ جهنگ آ،

ھاڻي ويھي ڪير ھن جا وڻ ڳڻي.

(ڪمل، 23:1995)

 

مٿيان شعر ھن جي ’نئين غزل‘ ۽ اُن جي خاص قسم جي اسلوب (diction) کان گهڻا منفرد ۽ نرالا ۽ تخليقي بُلنديءَ جو حسين نمونو آھن. مٿين شعرن ۾ ڪمل جي غزل جو ھڪ نئون روپ سامھون اچي بيٺو آھي. اھڙا تخليقي ۽ تصوراتي حسن رکندڙ حسين شعر، ڪمل جي سُڃاڻپ بڻيل ’نئين غزل‘ جي فضا مان ٻاھر ڪڍي اچن ٿا ۽ ھڪڙي نئين خوشبوءَ ۽ ھڪ نئين رنگ سان آشنا ڪن ٿا، پر ڪمل جي غزل جو مجموعي رنگ، ھن جي نئين غزل ۾ پَسي سگهجي ٿو. ڪمل جي نئين دور جي ڀرپور عڪاسي ملي ٿي. نئين دور جي زندگيءَ سان جُڙيل ڪيترائي اھم پھلو آڻي، ان کي شاھوڪار بڻايو آھي. مجموعي طور تي: ”ايم ڪمل جي شعر ۾ ڪردار ٿڪل، اندران ٽُٽل، خوف زده، ماضي ۽ مستقبل جي تباھه ڪن انديشن، حادثن، اتفاقن کان ھيسايل، اڄ جي زندگيءَ جي گُهٽ ٻوساٽ کان آزادي، خود پاڻ سان به ٻن وکن ملڻ کان وانجهيل آھي. جا حقيقت اڄ اسين محسوس ڪري سگهون ٿا. (7)

ڪمل جي غزل ۾ نئين ماحول ۽ نون موضوعن ۽ نين علامتن سبب انوکائپ ۽ انفراديت آھي. ھن پنھنجي غزل کي وڌ کان وڌ نئين ۽ بدليل دور جي ماحول مطابق موضوعن ۽ احساسن جي وسعت ۽ گهرائي بخشي آھي. ھن غزل کي جدت، انوکائپ، انفراديت، احساسن جي نئين اُڻت، نئين ۽ بدليل دور جي رنگ وسيلي تخليقي ۽ فنڪارانه ڪمال عطا ڪيو آھي. انهن خوبين سبب ڪمل جو غزل، سنڌي غزل ۾نئين روايت آھي. جيڪا روايت ’نئين غزل‘ جي تحريڪ وانگر لڳي ٿي، جنھن جو ڪمل اڪيلو شھسوار ھو.

 

حوالا

  1. ڪمل، ايم، روشن راھون ڌنڌلا ماڳ، ڪمل ڪتاب گهر اُلھاس نگر، 1981ع، ص 68
  2. ڪمل، ايم، روشن راھون ڌنڌلا ماڳ، ڪمل ڪتاب گهر اُلھاس نگر، 1981ع، ص 69
  3. ڪمل، ايم، روشن راھون ڌنڌلا ماڳ، ڪمل ڪتاب گهر اُلھاس نگر، 1981ع، ص 4
  4. موھي، واسديو، ورھاڱي کانپوءِ سنڌي غزل جو ھئنڊ بڪ، سنڌي ساھتيه اڪادمي گانڌي نگر، 2008، ص 276
  5. موھي، واسديو، ڳالهه شاعريءَ جي، ٽائيمس پبليڪيشن اُلھاس نگر، 2007ع، ص 46
  6. موھي، واسديو، ڳالهه شاعريءَ جي، ٽائيمس پبليڪيشن اُلھاس نگر، 2007ع، ص 42
  7. سولنگي، حُبدار، سنڌي غزل جو اڀياس (فن، فڪر، ھيئت، ابتدا، اوسر ۽ لاڙا) سمبارا پبليڪيشن، 2017ع، ص 162

 

300 ڀيرا پڙهيو ويو