دنيا ۾ ٻارن جي ادب جا موضوع، رجحان ۽ صورتون
(New themes, trends and forms of children’s Literature in the world)

ڊاڪٽر تھمينھ مفتي

Abstract

The tradition of children’s stories is more cultural than entertainment. The concept of children’s Literature is full Significant and unique ideas.

It is seen in different cultures of the world, the literature for children deals in moral values, Social responsibilities, difference between good and wrong doings.

Same time, the said Literature is found beyond the boundaries of various countries, their culture, traditions and social/moral values and Language barriers. Even in the classical main stories are the same by their central ideas. These stories and such other pieces of art are same by their theme and trend.

Here, a question arises, that the children’s Literature have new themes, forms, trends, ideas, concepts are not?

Before clarifying this question, we must look at the source of such stories, related to Indus civilization. Here the stories, based on good sayings and moral values have had been told by grandmothers, in a home, village or town respectively.

Partly the subjects are different, but when we conclude the result, it seems likely same. The difference of geography, language and the time what have been left behind.

Keywords: Traditions of Children Literature, Folklore, Civilization, Grimm’s Fairy Tales, Aesops Tales, Metamorphism.

ٻارن لاءِ آکاڻين جي روايت نصيحت ۽ وندرائڻ واري ڪارج کان وڌيڪ تھذيب، ثقافت (civilization) جي اوک ڊوک سيکارڻ ۽ انوکن خيالن، تصورن جي نشانبري ڪرڻ آهي. دنيا جي ڌارڌار ثقافتن ۾ ڏسجي ٿو ته اهڙا اهڃاڻ انفرادي طور (Independently) پاڻ مرادو، خود مختار، دنيا جي ثقافت ۽ تھذيب ۾ موجود هوندا آهن. آکاڻين جي روايت ٻارن کي اخلاقي، سماجي، ذميوارين کي سڃاڻڻ ۽ سمجهائڻ آکاڻيءَ جو ٻيو وڏو ڪارج آهي. ٻارن جي آکاڻين جو جڏهن مطالعو ڪجي ٿو. رجحان، لاڙا، موضوع ۽ هييتون (forms) بنا ڪنھن تفريق جي، زميني حدن کان پري ٻولين جي رڪاوٽن کي پار ڪري، فني توڙي، آڳاٽي ثقافتن مٿي بيان ڪيل حاصلات کي اهميت پئي ڏني آهي. ڪلاسيڪل اساسي آکاڻين جو اڀياس ڪجي ٿو ته دنيا ۾ ٻارن جي ادب جا موضوع، رجحان ۽ صورتون هڪ جھڙيون (Emerge) هڪ ٻئي سان جڙيل ۽ ڳنڍيل نظر اچن ٿيون. هتي هڪ سوال اُڀري ٿو ته سنڌي ٻاراڻو ادب يعني آکاڻين جا موضوع ڇا، انوکا خيال، تصور ۽ هييتون ۽ صورتون رکي ٿو؟ هتي ان سوال کي واضح ڪرڻ کان پھرئين، سنڌو وادي
(Indus Valley) جي تھذيب ۽ ثقافت، آڳاٽي ورثي کي ڏسجي، جڏهن آکاڻيون ۽ جن ۾ سريليون سٽون، جن جي تخليق ماءُ، ڏاڏي، ناني، ماسي ۽ پڦيءَ ڪئي، جيڪا سماجي مڃيل حقيقت آهي. ماءُ جي رشتي ۽ ٻين ناتن ٻار جي شخصيت تي اثر وجهندي سندن روحاني ۽ من جي خوشين جي حاصلات ۾ سندن وڏو ڪردار ۽ هٿ رهيو آهي. سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافت ۾ عورت جو ڪردار ۽ مڃتا هئي. کيتي سرسيتي، درياهي ۽ سامونڊي وهنوار ۾ هن جي وڏي حصيدار هئي. اهم سماجي ذميواريون هيون، جنھن کي خوب نڀايو ويو، هتي ڏنل ننڍڙين سريلي سٽن ۾ ڏسو، ڪيئن نه هڪ مختصر آکاڻي بيان ٿيل آهي.

ٽنڊڙي ڙي ٽنڊڙي!

اسين تنھنجا ماڻهو

چٻينداسين ڏاڙهون.

هيءَ ککر ڪھڙي

ستن ڀائرن جھڙي

چٽي منھنجي پوتي

ٻيڙين وارا آيا

ڇِٻا ڇٻيندا آيا

ڇٻنِ ۾ موتي

چٽي منھنجي پوتي

بابل کي چئجان

ادل کي چئجان

گڏو گڏي آڻجان

سون ۾ تورائجان

چانديءَ ۾ مڙهائجان!

ڪاڪي ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جو نظم ’واه ڙي تارا گول تارا‘، انگريزي نظم ’ٽوئنڪل ٽوئنڪل لٽل اسٽار‘ (Twinkle Twinkle little star) تان ورتل نه آهي. واه ڙي تارا جو مرڪزي خيال مختلف آهي. تارن جي ضرورت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو ويو آهي. انگريزي نظم ۾ حيرت ۽ عجب آهي. ’واه ڙي تارا‘ ۾ سونھن ۽ فطرت طرف ڌيان ڇڪايو ويو آهي. ”چنڊ ماما پائي ڏي، تو ۾ برڪت، تو ۾ شرڪت، اندر ٻاهر سوجهرو، هڻ ٻليءَ کي موچڙو!“جھڙيون سٽون فطرت سان پيار ڪرڻ ۽ انهن ۾ رشتن ناتن کي اظھاريو ويو آهي. دلچسپي پيدا ڪرڻ، تصور اُڀارڻ سان گڏ ناتن رشتن جي خوبصورتيءَ کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي.

اونداهو دور (Dark age)

منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته: ”ڏاڏي جي ڏند ڪٿائن جي چٽي سانڀر آهي، مثلاً الڙ بلڙ، هيٿلي کيتلي، جهرڪ ۽ جهرڪي وندر ۽ ريجهه جون ڪھاڻيون، جي نھايت دکدائڪ يا نھايت کلائيندڙ هيون، جن جو اثر وڏي ڄمار تائين دل تي ڇانيو پيو آهي. وندر جنھن کي ڪاسائڻ سس ڪھي گم ڪري ڇڏيو هو.“ (1) انهن آکاڻين مان اونداهي دور Dark ageجي هڪ جهلڪ ڏسجي ٿي. سھڻين عورتن تي غلبو، کين ڪھڻ، غائب ڪرڻ، ٻارن کي گُندين ۾ بند ڪرڻ، ماءُ جي پيٽ مان نوريئڙي جو پيدا ٿيڻ وارو عمل ڏسجي ٿو. راڪاس طاقت جي زور تي سونل جا وار ٿنڀ سان ٻڌي اکيون سئيءَ سان سبي ڇڏي ٿو. اهڙي ريت انگريزي آکاڻي ۾ ڏائنڻ سھڻي ڇوڪريءَ کي چوي ٿي ته:

“Repunzel, Repunzel Let down your hair so that I may climb the golden stair” (2)

هن آکاڻيءَ ۾ رپنزل جا وار ڊگها ۽ سونھري آهن. انڪار تي ڏائنڻ سندس وار ڪٽي ڇڏي ٿي. اهڙيءَ طرح سونل کي به سندس ڀاءُ در کولڻ لاءِ چوي ٿو.

سونل سونل! در لاهه ڏيو ٻار.

سونل سڏ سڃاتو ۽ جواب ڏنائين:

ادا ڙي ادا اکيون سئيءَ سبيون.

ڇو تو ٿنڀ ٻڌو، راڪاس گوڏڙي ستو.

هڪ آکاڻيءَ ۾ عورتون لاباري تي وڃڻ کان پھرين ٻٻر نالي مرد کي ٻارن جي سنڀال لاءِ گهر تي ڇڏيو هو. ٻٻر ٻارن کي گُندين ۾ بند ڪري ڇڏيو هو. اتان هي چوڻي به مشھور ٿي ”جھڙي ٻرڙي ڪئي ٻارن سان!“ هي آکاڻيون اونداهي دور جي پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجن. پيش منظر ۾ پدرشاهي سماج جا پيرا ڏسجن ٿا. هن مختصر تعارف مان اونداهو دور ڏسجي ٿو. ٻيو ان سوال جو جواب به معلوم ٿيو ته سنڌي ٻاراڻو ادب، دنيا جي ٻين ٻولين جي ادب وانگي ڏند ڪٿا جي روايتن سان جڙيل نظر اچي ٿو.

ٻارن جو ڪلاسڪ/اساسي ادب

هي ادب واقعن تي ٻڌل آکاڻين کان وٺي، بادشاهن اميرن وزيرن جي ڪردارن سان سھيڙيل آکاڻين تي ٻڌل آهي. سندن زندگي جي وهنوار سان گڏ، بھادري ۽ محبتن جا افسانا آهن. اهڙي مواد جي موضوعاتي، ڪلاسيفڪيشن ڪندي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”عام اصطلاح ۾ ڪھاڻيءَ ۽ ڳالهه ۾ ڪو فرق ڪونھي، مگر محض علمي نظريي خاطر ڪلاسيڪي يا ڪنھن قالب وارين حڪايتن کي ڪھاڻيون سڏيو ويو.“ (بلوچ، مقدمو، 214)

  1. آکاڻي: آکاڻيءَ کي تخليق ڪرڻ ۾ سماج جي هر فرد جو حصو پئي رهيو آهي. انسانن سان گڏ رهندڙ ساهه وارا پکي ۽ جانور به ڪردارن جي صورت ۾ نظر اچن ٿا.
  2. ڪھاڻي: ڪلاسيڪي يا ڪھني قالب واريون حڪايتون، جن کي ڪھاڻي سڏيو ويو، تن ۾ جِن، پَريون، ديو، جادو ۽ ڏائنڻ جا ڪردار نمايان آهن.
  3. ڳالهه: ويجهڙائيءَ واري انساني سماج ۾ اسريل، بادشاهن، وزيرن، شھزادن، شهزادين، سوداگرن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. جن ۾ مھم جوئي، نيڪي ۽ بدي، ست سمنڊ پار وغيره جو تصور ملي ٿو. ان ۾ شڪ نه آهي ته ڏند ڪٿائن انساني سماج جي پرورش، اوسر، ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ڏند ڪٿائن جي روايت سڄي دنيا کي هڪ ٻئي سان جوڙي رکيو آهي. ڳالهه ۾ بادشاهن وزيرن، شھزادين، راڻين ۽ شھر جي سوداگرن وغيره جي ڪردارن جي ڳالهه هوندي آهي.

ترجمي جي روايت:

عجب جھڙي ڳالهه آهي ته ادب ئي دنيا جي مختلف تھذيبن ۽ ثقافتن کي هڪ ٻئي سان جوڙي رکيو آهي. سڀ کان پھرين ٻن جرمن ڀائرن پنھنجي ملڪ جي لوڪ ڪھاڻين کي سھيڙيو. جيڪي A Grimm’s fairy tales جي نالي سان مشھور آهن. سڀ کان پھرين گرم جي ڪھاڻين کي سنڌي ۾ بولچند ڪوڏومل ترجمو ڪيو. انهن مان هڪ Cinderella ۽ ٻي Snow drop هئي. سنڌيءَ ۾ ٻارن جون اصلوڪيون آکاڻيون ديوان ڪوڙيمل چندن مل ”ٻاراڻيون آکاڻيون“ (1891) جي عنوان سان لکيون. ٻيون مرزا قليچ بيگ ٻارن لاءِ ”ٻاراڻا گل ڦل“ 1918ع ۾ گيتن نظمن جو ڪتاب لکيو. سنسڪرت، انگريزي، فارسي، بنگالي، هنديءَ تان به آکاڻيون ترجمو ٿيون، جن جو موضوع وندر ۽ سکيا هو. اهڙو مواد سنڌي ادب جي تاريخ ۾ موجود آهي.

”سنڌي ۾ سڀ کان پھرين گرم جي ڪھاڻين مان ٻن ڪھاڻين جو ترجمو بولچند ڪوڏومل ڪيو، تن کي سرسوتي ميگزين ۾ هُن ڇپرايو.“ (4)

ٻين به ڪيترين ڪھاڻين جا ترجما ڪيا. ديوان ڪوڙيمل پڻ ڪيترين ئي ڪھاڻين جا ترجما ڪيا.

ٻارن جي ادبي ارتقا (Evolution) جو بنيادي مقصد، ريجهائڻ، وندرائڻ هو. آکاڻين کي ٻڌائڻ واري روايت قديم تھذيب ۽ ثقافت سان جڙيل آهي. سڄيءَ دنيا ۾ اها روايت (Arisen independently) پنھنجي طور اڀري آئي. اول ’ايسپ جون آکاڻيون‘ 1484ع ۾ انگريزيءَ ۾ شايع ٿيون. سنڌي ۾ پھريون ڀيرو 1854ع ۾ تڏهوڪي اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس ۽ منشي ننديرام ميراڻي جي مدد سان انگريزي تان ترجمو ڪيون. اهو پھريون نسخو ٻوليءَ ۾ رائج پراڻي اسلوب، رواج ۽ صورتخطيءَ ۾ هٿ سان لکيل هو، جنھن کي پوءِ منشي اڌارام ٿانورداس مروج سنڌيءَ ۾ شايع ڪرايو، جيڪو هن وقت ناياب آهي. سنڌي ادبي بورڊ ٻنهي نسخن کي ڀيٽي ضروري درستگيءَ کانپوءِ شايع ڪيو. پھريون ڇاپو 1953ع، ٻيو ڇاپو 1996ع ۾ پڌرو ٿيو. ٻاراڻو ادب انساني سماج لاءِ سکيا ۽ وندر جو وسيلو آهي. هي آڳاٽي ڪھني، يوناني روايت ترجمي ٿيڻ سان سنڌي ادب ۾ شامل ٿي.

ٻاراڻي ادب جا موضوع، رجحان ۽ هيئتون

ان نسبت سان ادب جا موضوع رجحان، هييتيون ڌار ڌار هوندي به بنا ڪنھن فرق جي، جاگرافيائي ۽ ٻوليائي بندشن ۽ وقت کي سدائين پوئتي ڇڏيوآهي. ان ڪري عام طرح سان اهڙي ادب جا تاڃي پيٽا themes ٽي آهن، جن کي اوهان ۽ اسان پنھنجي ننڍپڻ جي يادگيرين مان پرکي سگهون ٿا.

مثال:

  1. آکاڻين ۾ انساني عمل کي (Antheropomorphism) کي سولن لفظن ۾ لکجي جيڪو شين جو انساني عمل يا اداڪاري آهي.
  2. جيڪڏهن اهي تحرير ٿيل آکاڻيون روايت سان لاڳاپيل نه آهن ته ڏندڪٿا ۾ شامل نه ٿينديون. جيڪڏهن ڏندڪٿا ڦيرڦار سان لکت ۾ آهي ته اها ڏند ڪٿا ۾ شمار ٿيندي. اگر آکاڻي روايت سان لاڳاپيل ناهي ته اها روايتي ڪھاڻين ۾ شمار نه ٿيندي. اسان انھن ڪھاڻين بابت ڄاڻ رکون ٿا، جن کي ڪنھن ليکڪ لکيو آهي. تحرير ٿيل آکاڻين جي روايت ڏند ڪٿا سان جڙيل ناهي، اهي ڏند ڪٿائون نئين ڦيرڦار سان لکت ۾ آيون آهن ته انهيءَ کي به ڏند ڪٿا چئي سگهجي ٿو.
  3. ڪھاڻين جا ٻڌندڙ يا پڙهندڙ ڌار ڌار آهن. آکاڻيون مختلف قومن جي ثقافتن جي سڃاڻپ آهن، ان ڪري آکاڻين جا (elements) تبديل ٿيا آهن. ان جو سبب ٻڌندڙ يا پڙهندڙن جو ڌار ڌار هجڻ آهي.

انٿروفومورازم (Antheropomorphism) هن دور ۾ هڪ مقبول رجحان آهي، جنھن جو بنياد ان جون پاڙون ٻارن جي زباني روايتي ڏند ڪٿا جي روايت ۾ آهن.

Anthropomorphism is just in fancy word for things acting like humans typically animals attributing humans characteristics to animals speech rational thinking intelligence emotions has always strucka chord with childrens” (5)

ويھين صديءَ جي  انگريزي ادب جي روايت ڏند ڪٿا جو اڀياس ڪندي،
معلوم ٿيو ته اڄ به ٻارن لاءِ گهڻي تعداد ۾ جانورن جي ڪردارن تي مشتمل ٻارن جون آکاڻيون آن لائن Online موجود آهن. ان جو مثال 2019ع ۾ لکيل بھترين ڪتاب
 The way home for wolf آهي. ان ۾ بيان ڪيل آکاڻي جنھن جون پاڙون زباني روايت سان ڳنڍيل آهن، اها هڪ ڪهني روايت تان ورتل آهي.

آکاڻين ۾ جانورن ڪردارن ۾ انساني عمل، يعني Anthropomorphism اڄ مقبوليت ماڻي چڪو آهي. ٻارن جون آکاڻيون جن جي پاڙ يا بنياد (Deep Roots) گھرائي ۾ زباني روايت سان ڳنڍيل آهي. اهي ٻاراڻي انگريزي ادب ۾ مستقل رائج آهن ۽ سندن دلچسپي اڄ تائين برقرار آهي. اهڙو مواد شايع ٿيڻ جي حوالي سان انگريزي ٻارن جو ادب اڳڀرو آهي. ٻاراڻو سنڌي ادب، سنڌي ادب جيان حقيقت نگاري، ترقي پسند نظرين جي گھري اثر هيٺ آيو ۽ ائين پنھنجي قديم روايتن کان ڌار ٿي ويو ۽ ٻاراڻي ادب ۾ سماجي حقيقتن کي پيش ڪندي ٻارن جي سمجهه شعور کي وساري ڪھاڻيءَ کي سڌو سنئون بيان ڪيو ويو، منھنجي خيال ۾ ان ڪري ٻارن جي دلچسپي کي ڌڪ رسيو ۽ ٻارن جو ادب مڃتا نه ماڻي سگهيو آهي.

حضرت عيسيٰ عليھ السلام جي پيدائش کان پھرين Aesops feables 500 B.c جنھن جو ترجمو (ماڪوڙي ۽ تڏ) جيڪا ايسپ جون آکاڻيون ڪتاب ۾ شامل آهي. قديم يوناني روايت مان ورتل اِها آکاڻي مغربي دنيا ۾ گهڻي مشھور ۽ ٻارن جي پسنديده آکاڻي آهي. انگريزيءَ ۾ هيءَ آکاڻي ماڪوڙي ۽ تڏ The Ant and the gross hopper واري ڪھاڻي، جڏهن مطالعي ۾ آئي، تڏهن ڪھاڻي جو اسلوب ۽ فن پرڪشش هو. آکاڻي پراڻي پر ان کي موجوده مغربي تھذيب تمدن جي پس منظر ۾ منظرنگاري جي ذريعي دلچسپ ڪري پيش ڪيو ويو آهي، انهيءَ ترجمي مان مثال ڏجي ٿو، جنھن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ننديرام جي ڪيل ترجمي مان هي مثال ڏسو:

”هڪ تڏ جا بک سان ٿي مئي، تنھن ليلائي چيس ته مون کي ٻه ٽي ڪڻا اَنَ جا ڏي ته منھنجو ساهه بچي ۽ کائي توکي دعا ڪريان، ان ۾ توکي وڏو ثواب ملندو. ماڪوڙي ورندي ۾ پڇيس ته اونھاري ۾ ڇا ڪندي هئينءَ؟ چيائين ته ڪھڙيون ڳالهيون ٿي پڇين؟ سڄي اونھاري ۾ آءٌ نچندي ۽ ڳائيندي ۽ خوشيون ڪندي هيس. تنھن تي کلي وراڻي ڏنيس ته جيڪي انهيءَ طرح ڳائيندا، نچندا ۽ موجون ماڻيندا آهن، سي نيٺ بک مرندا آهن، تنھن ۾ ٻين جو ڇا؟“ (6)

هن ڪھاڻي بابت هي راءِ ڏني وئي.

“West’s most popular stories such as, The Ant and the Gross hopper similarly ancient india’s the Panchatantra. 200bc” (7)

پنجتنتر جون آکاڻيون جانورن جي ڪردارنگاريءَ تي مشتمل آهن. هي
جانورن (Animals fables) تي مشتمل آهي. ٽيون اهم ڪتاب الف ليليٰ هڪ هزار راتيون (1000 Nights) ٻارن جي ادب جي حوالي سان دنيا جي ادب ۾ نشانبر آهي. هي ڪتاب عباسي خلافت جي دور ۾ 1258 AC، 7500 لکيو ويو. هن مجموعي ۾ فن ۽ هنر اهڙو تخليق ڪيو ويو، جنھن جي اڄ به اهميت آهي. ڪھاڻيءَ جو فريم يعني Themes جنھن کي ائين کڻي سمجهجي ته اهو بنيادي رنگ جنھن جي بنياد تي آکاڻي بيھاريل هجي يا ان کي تاڃي پيٽو چئي سگهجي ٿو. هن ڪتاب ۾ تصويرن جو هجڻ ان جي اهميت کي وڌائي ٿو. ڪھاڻين جي بنيادي اڻت لوڪ ادب، عشق آهي. جادوئي غاليچو، وڏا پکي ۽ جبل، پريون، جادو، بلائون ۽ سمنڊ ۾ رهندڙ Mermaid نوجوان عورت، جنھن جو اڌ بدن مڇيءَ جھڙو آهي. هن مجموعي ۾ جنسيت Sex ۽ پرتشدد عمل Violent جھڙا حوالا ملن ٿا. جيتوڻيڪ هيءُ ٻارن لاءِ ناهي. هن ڪتاب سڄي دنيا ۾ مقبوليت حاصل ڪئي آهي. ٻارن جي ادب ۾ فينٽسي fantasy element جي وسيلي پرين جي سمنڊ ۾ رهندڙ مخلوق ۽ ٻين ڪردارن وسيلي سبق ۽ نصيحت هر ڪھاڻي جو پيغام آهي. هن ڪتاب ۾ عشق، اڏامندڙ غاليچو، وڏن پکين ۽ جبلن سان گڏ پرين جو سمنڊ ۾ رهڻ هڪ ٻي مخلوق کي پڻ متعارف ڪرايو آهي. ڪردارن وسيلي سبق ۽ نصيحت هر ڪھاڻيءَ جو پيغام آهي. هي ڪتاب نه صرف وچ اوڀر ۾ پر سڄيءَ دنيا ۾ پڙهيو وڃي ٿو، ان ڪري هن کي ٻاراڻي ادب توڙي ادبيات ڪلاسڪ/اساسي ڀاڱي ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. الف ليليٰ جي مختلف ڪردارن کي ٻارن جي ادب ۾ تخليقي ورجاءُ Anthropomorthism جي گڻ وسيلي نواڻ سان پيش ڪيو ويو. هن ڪتاب سڄي دنيا ۾ مقبوليت حاصل ڪئي آهي. ٻارن جي ادب ۽ آڳاٽي ادب ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جي مقبوليت ’ايسپ جي آکاڻين‘ برابر تسليم ڪئي وڃي ٿي. هن جو مواد به قديم روايتي ڏند ڪٿائن Oral tradition تي مشتمل آهي.

آکاڻين ۾ اخلاقي سبق

آکاڻين ۾ اخلاقي سبق ته ڏيڻو ئي هو، پر مسئلو تڏهن سامهون آيو جڏهن ثقافتي قدر تبديل ٿيندا ويا ۽ آکاڻين جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته آکاڻين ۾ ٻڌايل اخلاقيات جو لاڳو ٿيڻ مدي خارج ٿي چڪا هئا. ان اثر هيٺ پرائمري ابتدائي مثال Blue beard ۾ هڪ شخص مسلسل زالن کي قتل ڪندو رهيو. ان ڪھاڻيءَ مان ٻين جي حياتين ۾ مداخلت حد کان وڌي وئي. ٽي رڇ گولڊي لاڪس ۾ ننڍڙي نينگري بغير اجازت جي گهريلو شيون هيٺ مٿي ڪري ٿي ۽ رستو ڳوليندي واپس ٿي، پنھنجو قصو ڏاڏي کي ٻڌائي ٿي. کيس جيڪو جواب ڏئي ٿي، اهو جواب هي هو ’what a wild imagination‘
ترجمو: ”تنهنجو ڪيڏو نه جهنگلي ڇڙواڳ خيال آهي.“ آکاڻين ۾ اخلاقي قدر ۽ نصيحت Moral values موجود آهن، جي هن دور جي حالتن تي به ٺھڪن ٿيون. انگريزي ٻاراڻي ادب ۾ Gold Locks an three bears جي آکاڻي جي پراڻي نسخي ۾ گولڊ لاسڪ هڪ ڪراڙي عورت جو ڪردار هو، پر پوءِ ان ڪراڙي عورت جي جاءِ تي سنھري وارن واري نينگريءَ جو ڪردار آندو ويو. اهڙي طرح آڳاٽو ٻاراڻو ادب نئين صورت ۾ پيش ڪري ٻاراڻي ادب کي هٿي ڏني وئي.

فطرت ۽ آکاڻي (Natural Phenomenon)

اڪثر آکاڻين ۾ علمي ۽ سائنسي بنياد نظر نه ٿو اچي. مثال: چنڊ ۾ جيڪو نقش آهي، اهو سيھڙ آهي، جنھن جي هٿ ۾ پستول ۽ گولو Mortar آهي! اولھه ۽ اوڀر جي ملڪن ۾ اهڙيون ڪيئي آکاڻيون ملن ٿيون. دنيا جي ٻين حصن ۾ ٿوري فرق سان موجود آهن. چين، ڪوريا ۽ جپان جي آکاڻين ۾ مٿي بيان ڪيل مواد سان، مشابھت رکي ٿو، جنھن ۾ مارٽر گولو ۽ پستول سيھڙ جي هٿن ۾ آهي، ان ڪري چنڊ جي صورت ائين نظر اچي ٿي. هي ڪھاڻيون ان خيال جي به پٺڀرائي ڪن ٿيون ته ماءُ ٻارن جي سوالن کان بيزار ٿي چنڊ کي غير سائنسي مشابھت ڏني. نظرين جي لاڳو ٿيڻ ۽ طويل جنگين آکاڻين تي اثر وڌو، ٻيو ته هٿيار فطري سونھن کي برباد ۽ تباهه ڪن ٿا. Antheropomorshism جي ذريعي آکاڻين ۾ هڪ هنڌ اهو به ٻڌايل آهي ته زيبرا zebra کي ڪارن پٽن جھڙا نشان ڪيئن ٿيا آهن.

مثال:

“This is often combined with antheropomorphism to show how animals become the way are, A good example is the nomibion story of how zebras got their stripes_spoileradert. A zebra and aboon fight over water learning the zebra with burn mark and baboon with a red butt”. (8)

ٻاراڻي ادب ۾ ميٽامورفز (Metamorphose)

ٻاراڻي ادب ۾ Metamorphose جي ذريعي انساني ڪردارن جو تبديل ٿيڻ، ساهوارن وجودن ۽ ٻين شين ۾ تبديل ٿيڻ (روحاني يا جادوءَ سان) ان کي ميٽامورفوز چئجي ٿو. سنڌي ٻاراڻين روايتن ۾ ميٽامورفوز جو عڪس ڏسجي ٿو، جيئن هڪ آکاڻي جڳ وي ڪاٺ جا مٺو ڍڳ، اهڙين ڪھاڻين جا مثال ملن ٿا. ٻيو مثال سونن وارن واري شھزادي جي ڪھاڻي جو آهي، جنھن ۾ مڇي شھزادي جي وار کي ڳھي ٿي ته سڄي سون ٿي وڃي ٿي. (9)

  1. To change in to differentform physical born especially by supperntural means
  2. To change strikingly appearance or character transform. (Marriam dictoinarry).

مصرين جي Matt’at ۽ يوناني ڏندڪٿا ۾ Arachne Myth ۾ اهڙا ڪردار موجود آهن، جيئن يوناني مھا ڪھاڻين ۾ انساني ڪردار کي سندس غرور جي ڪري ڪوريئڙي ۾ تبديل ٿيڻ ملي ٿو، جيڪا يوناني Greek myth of Arachne (Evil) جي نالي سان مشھور آهي. مصرين جي ماٽ Matt’at ڦڏو سچ ۽ انصاف جي سمجهاڻيءَ تي مشتمل آهن. آڳاٽي (ancient) دنيا پنھنجا عقيدا ۽ قدر ڏندڪٿا جي وسيلي منتقل ڪيا، جن جا اثر اڄ به آهن، جن ڀوائتيون (horror) فلمون ڏٺيون هونديون ۽ پراسرار ناول پڙهيا هوندا، تن کي پڪ سان ڄاڻ هوندي. ڀوائتا ڪردار ادا ڪندڙ (metamorphose) جي وسيلي مڪمل بدلاءُ اختيار ڪري سنسني پيدا ڪن ٿا.

وڪٽوريا دور ٻاراڻي ادب جو سنھري دور

(Victorian Era The Golden age of children literature)

هن دور ۾ ’A lice in wonderland‘ ۽ ’pinnocchio‘ اهم تحريرون آهن.
Tom swyer ٽام سويئر ۽ گرم ڀائرن ۽ هينس ڪرسچن اينڊريسن، هن دور جا اهم ليکڪ آهن، جن ٻاراڻي ادب کي هٿي ڏني. گرم جي آکاڻين ۾ Snow white, Ropunzal Cindrella, Sleeping beauty دنيا جي ادبي حلقن ۾ مقبول ۽ مشھور آهن ۽ ڪيترائي دفعا نئين رنگ ڍنگ سان شايع ٿيون. اهڙيءَ طرح اينڊريسن Andersen آکاڻين کي Fairy Tales ڪتابي صورت ڏني. هي ٻاراڻو مواد ڪلاسڪ ۾ شمار ٿئي ٿو.

The little mermaid

The snow white

The Princess and the pea

The ugly ducking T

he Emperor`s new clothes

آکاڻين ۾ روشن خيالي (The Enlightenment in Stories)

سترهين صديءَ ۾ نئين جاڳرتا Renaissance جي تحريڪ ٻارن جي ادب تي گھري ڇاپ ڇڏي ۽ اڄ ادب کي مڃتا ۽ سڃاڻپ ملي آهي، اها روشن خيال فلسفي جان لاڪ John lock جي ڪري ملي آهي. هن مذهبي رواداري، تعليم ۽ لبرل سرڪار جا نظريا ڏنا، سندس مشھور تحريرون هي آهن:

Letter concerning Toleration

Essay Concerning Human Understanding

اڄوڪي ٻاراڻي ادب ۾ تبديلي روشن خياليءَ جو ڪرڻو آهي، جنھن ٻاراڻي ادب کي نئون رستو ڏيکاريو، مختصر ڪھاڻيون وڏي نمايان عنوان سان 1744ع ۾ شايع ٿيون. جيئن 1751 Little master Tommy and pretty miss Polly جاري ڪيو. هن جي مشھور ڪتاب little Goody and two shoes 1765 کي پھريون ٻارن جو ناول شمار ڪيو وڃي ٿو. هن ڪھاڻيءَ ۾ جادو، پرين شھزادين کان سواءِ ڪھاڻي سنڊريلا مان تخليق ڪيو. ماضيءَ جي ڪن حوالن کي آندو، جيئن پير جي جتيءَ جو هڪ هجڻ، ٻئي پير جو جوتو هڪ امير ماڻهو کيس سينڊل وٺي ٿو ڏئي. ان کان پوءِ هن جي زندگي بدلجي وڃي ٿي. هوءَ محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ جي ڪري پنھنجي زندگيءَ کي بھتر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي. فرانس جي هڪ ليکڪ چارلس پيراليٽ Charles Perrault جان لاڪ جي نظرين کان متاثر ٿي ڪلاسڪ ڪھاڻين ۾ سکيا، وندر کي جامع نموني ۾ بيان ڪندي نئون رنگ ڏنو. 1697ع ۾ Tales of mother goose جي نالي سان مرتب ڪيو آهي. آکاڻيون روايتي ڏند ڪٿائن مان آهن، جن کي ٻار صدين کان Fairytale جي نالي سان ٻڌندا پئي آيا.

“Sleeping beauty

Little red riding

Puss in boots and

Original Cinderella

چارلس پيراليٽ ٻارن جي ادب ۾ روشن خياليءَ جي ابتدا جو بنياد رکيو ۽ مقبوليت ماڻي. تنقيدي جائزو وٺندي هن خيال جو اظھار ڪيو ويو ته جان لاڪ جي فڪر جو اثر وٺندڙ پھريون ليکڪ چارلس پيراليٽ Charles Perrault هو. ان جي ڀيٽ ۾ جان نيوبري John Newbery کي ٻاراڻي ادب جو ابو ڪري مڃيو ويو.

جديديت ۽ مابعدالجديديت ۽ فن (Modern ism and post modern art)

 مھاڀارين جنگين کان پوءِ مابعدالجديديت post modern ara هن رجحان لاڙي زندگي جي مثبت پھلو کي پيش ڪيو. عام طرح آکاڻين ۾ ٿوريءَ تبديلي سان مواد ملي ٿو. اهڙي مواد تي تنقيدي نظر وجهڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي. اهڙي ادب کي سچو مابعدالجديديت True postmodern وارو لاڙو رکندڙ ادب ۾ شمار ڪجي ٿو. هن لاڙي فينٽسي کي هٿي ڏني، جيئن Odyssey. ڪھاڻيءَ جو طويل سفر ٻڌائي ٿو ته ڪھاڻين ۾ هميشه کان اڳتي ترقي ٿي آهي. ٻارن جو ادب ۽ ادب ان جو مثال آهن. شعور مان سنجيدگي پرائڻ لاءِ ماءُ پيءُ ۽ ٻار ان جا اهل ۽ لائق آهن. جديد Modern لاڙو مابعدالجديديت Postmodern era کان وڌيڪ اثرائتو آهي. ان جي باوجود جو ٻارن جي ادب ۾ ارتقا ٿيندي پئي اچي. آکاڻين جا روايتي جزن مان Anthropomorphism ۽ Metamorphose اڄ به انتھائي مقبول آهن. آکاڻين جي ارتقا ۾ جديد ڪلاسڪ جو در کليو، جنھن ۾ J.K.Rowling جي مشھور ”هيري پوٽر“ سيريز اجاگر ٿيون. هيءُ ڪھاڻيون موجوده دور ۾ ڪلاسڪ ڪھاڻين جي ابتدا آهي. 20 صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ 26 جون 1997ع ۾ برطانوي ليکڪا harry patter and the philosopher k Rowling جي پھرين ناول سڄي دنيا ۾ هڪ ڌُم مچائي ڇڏي. ناول جي مقبوليت جي پيش نظر هن ناول کي فلمايو ويو. 2016ع ۾ اٺن حصن تي مشتمل فلم سيريز ٺاهي وئي، جنھن پڻ مقبوليت حاصل ڪئي. هي ناول وڌيڪ ستن جلدن تي مشتمل آهي.

سندن ناول جي سيريز هي آهي:

Philosopher's stone.

The chamber of secrets.

The prisoner Azkaban

The Goblet of fire

The order of the phoenix

The half blood Prince.

The deathly hallows.

هن ناول جي ڪھاڻي برطانيه جي هڪ بورڊنگ اسڪول جي ڪھاڻي آهي. ناول هيري پوٽر جي ڪھاڻي جا اجزا عنصر ڳجهه/تجسس mystery پُرخطر مھم جوئي thriller، خوفناڪ ماحول ۽ رومانس تي ٻڌل آهي. هن قسم جي تحرير جو شمار
Genre of fantasy literature ۾ ٿئي ٿو. هن ۾ black humar محبت جو الميو، موت، تعصب (prejudice) ايندڙ وقت، معصوميت جو زخمي ٿيڻ ناول جي ڪھاڻي جو تاڃي پيٽو thems آهن. ڏائنڻيون wizard جادو ۽ تصوراتي دنيا جو ميلو آهي، جنھن جي رنگارنگي ٻارن ۽ نوجوانن کان وٺي چوڏهن سالن جي عمر وارن ڇوڪراٽن ۾ مقبول ٿيو. هن ناول ۾ ڏسڻ Visual تصويرن وارو لاڙو نمايان آهي، جيڪو آڳاٽي ادبي روايت سان جڙيل آهي. ناول هيري پوٽر کان پوءِ جيڪي تحريرون سامھون آيون آهن. ان ناول جي اثر هيٺ ٽاريلاجي لکڻ جو سلسلو نظر اچي ٿو The hunger games نالي ٽاريلاجي ناول مشھوري ماڻي. Triology کي فلمايو ويو. هن وقت ناول لکڻ جو رجحان مقبول پيو ٿئي.

خاڪائي ادب (Graphic literature)

آڳاٽي ٻاراڻي ادب جو جائزو وٺندي معلوم ٿيو ته پھرين پھرين آکاڻيون
جڏهن ڇپيون ته انھن ۾ تصويرون ۽ ڪردارن جا خاڪا شامل هئا. آکاڻي جي بيان سان گڏ ڏسڻ Visual کي پسند ڪيو ويو. ان اثر هيٺ هيري پوٽر کي فلمائڻ ۽ ڪتابن جي سيريز ۾ تصويرن جو هجڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ٻاراڻي ادب تي Visual cultre جي اثر هيٺ تصور اڀارڻ تي توجھه آهي. ٻاراڻو ادب به اهو مقبول ۽ پسند ڪيو ٿو وڃي، جنھن ۾ تصور اڀارڻ جي صلاحيت موجود هجي. انگريزي اخبار ڊان ۾ خاڪا به هفتيوار چند مڪالمن، نالي ماتر سٽن جي آڌار، مزاح تنقيد تي مشتمل هوندا آهن، جيئن ته انهن ۾ واقعي کي بيان ڪرڻ ڏسڻ Visual سان آهي، ان ڪري Kathy.G لکي ٿو ۽ تجويز ڏئي ٿو ته:

“since visual narratives do not have words, they require a different approach to read aloud and discussions around these narrative terminology about visual images”. (9)

خاڪي Graphic مان مراد اهي ناول، جن کي هر ڪوئي پڙهي سگهي. اهڙن ناولن ۾ ٻولين کي سکندڙ لاءِ آساني آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ خاڪا Visual images مڪالمن dialogue جي هجڻ ڪري اهڙن ناولن جي پڙهندڙن ۾ واڌارو ٿيو آهي. اهڙن ناولن جي ادبي اهميت گهٽ آهي، پر انهن مان ڪجهه اهي ناول جن ۾ سماجي قدرن ۽ مسئلن کي پيش ڪيو ويو آهي ته اهي پنھنجي اهميت مڃائي رهيا آهن. مختصر ڪھاڻيءَ ۾ Visual naretives as story worlds بيانيه انداز ۾ تصويري خاڪا اهڙن ناولن ۾ چند مڪالمن يا ڪن سٽن جي ذريعي ڪھاڻيءَ کي بيان ڪيو وڃي ٿو. تصويرن ۽ خاڪن جي ذريعي ڪھاڻيءَ کي بيان ڪيو وڃي ٿو.

“Publication of visual narratives world less book in which the story is told completely through images. Some do have a few worlds”. (Ev of stories 2022)

هيري پورٽر کان پوءِ جيڪي تحريرون سامھون آيون، انهن ۾ ٽاريلاجي triology ناول لکڻ جو سلسلو نظر اچي ٿو. The Hunger games نالي ناول مشھوري ماڻي. ٽاريلاجي trilogy کي فلمايو ويو. هن وقت ناول لکڻ جو رجحان مقبول پيو ٿئي. هن طريقيڪار ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائيندڙ ٻارن کي visual narrative تصويري بيانيي جي ذريعي سکيا ڏيئي سگهجي ٿي. هڪ سوال اهو به آهي ته ٻارن جي ادب ۾ تنقيدي رجحان ۽ لاڙي طرف ڪيئن توجھه ڏيارجي. ڪتابن جو روپ the influence of book design ڪتابن جي ڊيزائن، مناسب مواد جي جزن، ضرورتن سائيز وارو رجحان به اهميت رکي ٿو. فن ۽ فني ترقيءَ جي اهميت اجاگر ٿي رهي آهي. تصويري ڪلچر visual culture وڏي پئماني تي Art فن جي سمجهڻ لاءِ ٻاراڻي ادب هڪ وسيع پليٽ فارم ميسر ڪيو آهي. (ليمبرٽ) ان جي نشاندهي ڪئي. يورپي پبلشر مختلف سائيز جا ڪتاب شايع ڪرڻ ۾ اڳڀرا رهيا آهن. مثال:
The adventures of mouse to the moon هي جرمن ٻوليءَ مان ترجمو ڪيو ويو، جنھن جي سائيز 11x15 هئي ۽ هڪ ٻيو ترجمو فرانسسي ٻوليءَ مان ڪيو ويو، جنھن جو Visitors from outer space ۽ ٻيو A lion in Paris آهي، جنھن جي سائيز ڏهن فٽن تي مشتمل آهي.

ٻاراڻو ادب مختلف ثقافتن ۾ (Literature for a diverse society)

مختلف ثقافتون قومن جي سڃاڻپ آهن. ان ڪري رنگ ۽ نسل جا منفي اثر ڏسجن ٿا. The cooperative childrens book center (CCBC) پنھنجي سالياني رپورٽ ۾ (statistics) شماريات ڪتابن جي اشاعت ڏي اشارو ڪري ٿي ته اهي ڪھاڻيون جن ۾ نسلي ڪردار نمايان بيان ڪيل آهن، انهن ۾ واڌارو ٿي رهيوآ هي. انڊو-امريڪن جا تجربا توجهه ڇڪائن ٿا. جيئن contemporary thunder boy J. Alexie 2016 ۾ تاريخي ۽ روايتي آکاڻيون بيان ڪيل آهن. روسي امريڪن انڊين امريڪن جون ڪھاڻين جو تعداد گهٽ آهي. ان ڪري کين CCBC جي ڊيٽا ۾ شامل نه ڪيو ويو. خيال اهو ڪيو ويو ته اهڙيون آکاڻيون جيڪي ثقافت جي ڌار ڌار آراڌاين تي مشتمل آهن. اهي پڙهيون نه وينديون. ڪينيڊين پبلشر مختلف ڪلچر رکندڙ ڪھاڻين کي شايع ڪيو آهي. هن ۾ جنس جي بنياد تي سڃاڻپ Gender indenty لاءِ به اولڙ ملي ٿو. جذباتي، ذهني ورتاءُ، جسماني جذباتي حالت کي بيان ڪندي سوال ڪن ٿا ته هو
ڪير آهن. جيتوڻيڪ اهو پلاٽ جو بنيادي ليڪو يا لائين نه آهي. ڪشيرا شيتن
Kashira shetn يوجين يل چن، پنھنجي وطن کي ترڪ ڪرڻ واري مسئلي تي لکيو: ڪي اهڙا به ليکڪ آهن، جي ڄاوا ته آمريڪا ۾ پر انهن پنھنجي خاندان ۽ ورثي تي لکڻ پسند ڪيو.

ويجهڙائيءَ ۾ (2012 کان 2016) وارن سالن ۾ ڪي ناول مقبول ٿيا. جيئن wonder polacio 2012 ناول مقبوليت ماڻي. هن جو مواد حقيقي افسانوي ڇھاءَ سان هو، جنھن جو تاڃي پيٽو theme رحمدلي، درگذر ۽ اختلافن کي قبول ڪرڻ آهي ۽ ڪردار ارادي جي پختگي، همت سان عمل Act ڪن ٿا. هن وقت ناولن جي ڪھاڻي جو انجام روايتي ڪھاڻين کان مختلف آهي، جيئن wo found the hat جيڪو 2016ع ۾ ڇپيو، جنھن جي حيرت انگيز انجام ۽ کل ڀوڳ وارن واقعن ساڻ آهي. ٻين ڪھاڻين ۾ فئنٽسي Fantsy سان لاڳاپيل، جادوئي حقيقت نگاري realism مھم جوئي، تاريخي حقيقتن کي فئنٽسيءَ سان بيان ڪرڻ ملي ٿو. هي اهي موضوع هييتون ۽ رجحان آهن، جن جي بنياد تي ادبي دنيا بيٺل آهي. شين جو Anthropormarphism تي عمل يا اداڪاري ڪرڻ Methamorphose ساهوارن وجودن ۽ شين ۾ تبديل ٿيڻ وارو دلچسپ ڊرامائي انداز ڇانيل آهي.

سنڌي ادب جديد نظرين جي اثر هيٺ اچي ماضيءَ جي خوبصورت روايتن کي وساري ڇڏيو. ان ڪري سنڌي ٻاراڻو ادب دلچسپي ۽ نواڻ کان اڃا پري آهي. انگريزي ادب اڃا به روايت سان جڙيل آهي. دنيا جي ٻاراڻي ادب جو جائزو وٺندي آخر ۾ هيءُ اهم نڪتا نروار ٿين ٿا ته تصويري ڪلچر Visual curlture ۽ مختلف ثقافتن جا جداگانه رنگن lack of culture diversity جي لاڙن تي نمايان بيٺل آهن. سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ تصويري ڪلچر Vicual Culture جي اڻاٺ آهي. ٻيو سھڻين روايتن ۽ حڪايتن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، کڻي ائين چئجي ته وساري ڇڏيو ويو آهي. آکاڻين کي نواڻ سان تخليق جو رجحان، هييت يا موضوع ۾ جدت واري لاڙي جو گهٽجڻ آهي. روايتي آکاڻي/ڪھاڻيءَ جو خزانو هوندي به اڄوڪو سنڌي ٻاراڻو ادب ان کان اڻڄاڻ آهي.

 

حوالا

  1. ملڪاڻي منگهارام، سنڌي نثر جي تاريخ، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 1993ع، ص 37
  2. Evolution of children stories. Strokes.www.my kabook.com 2022.
  3. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، لوڪ ڪھاڻيون، جلد 5، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 2014ع، ص1 (مقدمو)
  4. ملڪاڻي منگهارام، سنڌي نثر جي تاريخ، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سال 1993ع، ص 42
  5. Evolution of children stories. Strokes.www.my kabook.com 2022.
  6. ديوان، ننديرام ميراڻي، سيوهاڻي، ايسپ جون آکاڻيون، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سال 1995ع، ص 7،8
  7. Evolution of children stories. Strokes.www.my kabook.com 2022.
  8. Ibid
  9. 9. بلوچ، ڊاڪٽر، نبي بخش خان، لوڪ ڪھاڻيون جلد پھريون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سال 2005ع، ص 122
  10. What's Trending in children's Literature and why it matter .Kathy G.vo,95,218.
  11. Evolution of children stories. Stock.www.my kabook.com 2022.
195 ڀيرا پڙهيو ويو