ڇپيل سنڌي ادبي تاريخن جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو
(Critical review and research on published Sindhi Literature in order to identify its time/Era)

الاهي بخش اُڄڻ

Abstract

Literature and history have a close relationship. Whatever is written in Literature, it is related to history.

When ever some one starts studying history, he must keep in his mind all the incidents, happenings and such social shuffling, occurs in the time, Literature was created. Here the researcher also keeps turning the pages of history.

Some time the true dates are found, and some time the researcher speculates on the basis of his research. Historians, researchers, and writers have tried their best in writing the history of Sindhi Literature, through which the importance and tradition of Sindhi Literature can be estimated today.

 No doubt, Literature, itself is a history, because it deals with the emotions of people, and emotions comes from the happenings of daily life, which offenly is focused by historian or writer in different ways.

Here in this article, researcher tried his best to present his critical review on behalf of his research, that how it could be possible for reader to find the historical events and happenings from the literature, he is reading.

Keywords: Sindhi Literature, History, A comparative critical study, Criticism, Abdul Jabar Junejo, Memon Abdul Majeed, Mukhtiar Mallah

ادب ڇاکي چئجي ٿو ۽ ادب ڇا آهي، ان موضوع تي ڪيترن ئي نقادن ۽ محققن پنھنجا پنھنجا رايا پيش ڪيا  آهن، ادب اسان جي سماج جو اولڙو آهي. انهيءَ سماج ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري ٿو، تنھن جو سِڌو سئنون لاڳاپو اسان جي زندگيءَ ۽ سماج سان آهي.

ادب ۽ تاريخ جو پاڻ ۾ گھرو سُٻنڌ آهي، ادب ۾ جيڪو به ڪجهه لکيو ويندو آهي، انهيءَ  جو تاريخ سان واسطو هوندو آهي، انهيءَ تحرير مان ئي پروڙ پوندي آهي ته اِهو ادب ڪھڙي دور ۾ سِرجِيو ويو آهي!

ادب جي وصف پيش ڪندي نامور عالم ۽ اسڪالر علامه آءِ آءِ قاضي لکي ٿو ته:

”ادب جي معنيٰ آهي ريڙهيون ڏيندڙ ٻار کي  پنڌ سيکارڻ“،  يا پنھنجي سِڌي اصطلاح موجب ڄڻ ”اڻگهڙيل ڪاٺ کي رندو هڻي سِڌو ڪرڻ“  جڏهن ته ساڳئي  مضمون ۾ اڳتي لکي ٿو ته: ”اها تحرير جا ادب، لطافت طبع، زيب ۽ زينت واري عمل ڏانھن اشارو ڪري ۽ انهن خوبين جي حاصل  ۾ مدد ڪري“  (1)

علامه  آءِ آءِ قاضي ان تقرير ۾ جيڪا ادب جي وصف پيش ڪري هڪ نئين راهه هموار ڪئي ۽ سوچ جو نئون ٻِج ڇٽيو ۽ سِلو انگورجيو، ڇاڪاڻ ته  ادب ۾ واڌارو ۽ سڌارو يا ترقي هڪدم نه پر وقت جي وهڪري سان گڏ پئي ٿيندي آهي.

ادب جون پاڙون تاريخ ۽ تاريخي حوالن سان پختيون ٿينديون آهن، جيڪڏهن لوڪ ادب کي به اسان  مثال  جي  طور تي پيش ڪيون ٿا ته ان مان  به اسان کي  تاريخ جو اولڙو ملي ٿو. انساني شعور ڪھڙي دور ۾ ڪيتري ترقي ڪئي آهي، داستان، قصا، واقعا، اسان جي تاريخ جي ارتقا جا سرچشما آهن، جيئن  جيئن وقت گُذرندو رهيو آهي، تيئن تيئن ادب ۾ تاريخ جي اهميت وڌندي رهندي آهي، انهن واقعن، قصن ۽ داستانن  مان  اسان کي نه رڳو انساني ذهن جي اوسر ملي ٿي، بلڪه تاريخي واقعن ۾ اسان جي  سماجي ۽ ثقافتي تاريخ  سمايل هوندي آهي.

سنڌي ادب جي تاريخ سھيڙڻ ۾ ڪيترن ئي  تاريخدانن، محققن ۽ اديبن پنھنجي وِتَ ۽ وَس آهر ڪوششون پئي ڪيون آهن، جن وسيلي اڄ اسان پنھنجي ادب جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهون ٿا. جڏهن به ڪنھن تاريخ کي سھيڙڻ شروع ڪيو آهي ته سڀ کان  اول ان سماج جو تاريخي جائزو ورتو ويندو آهي ته سماج ۾ ڪھڙي تاريخي اُٿل پُٿل ٿي آهي، ڪھڙا ڪھڙا واقعا پيش آيا آهن، انهيءَ لاءِ محقق تاريخ جي ورقن کي اُٿلائيندو رهي ٿو. ڪڏهن سچيون تاريخون ملنديون آهن ته ڪڏهن محقق، پنھنجي تحقيق جي  بنياد تي قياس آرائي به ڪندو آهي.

تاريخ عام طور ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪڙي سياسي تاريخ، جيڪا حڪمران پنھنجي منشا مطابق لکرائيندو آهي، ۽ ٻي سماجي تاريخ، جيڪا اديب پنھنجي شاعري، ڪھاڻيءَ ۽  ناول يا ڪنھن صنف ۾ لکندو آهي، دراصل  اها ئي حقيقي تاريخ هوندي  آهي، جنھن ۾ اديب بنا ڪنھن فرق جي ٻنهي پاسن کي برابر کڻي هلندو آهي، وڪيپيڊيا تي ڄاڻايل آهي ته:

“History is the study of the past Events occurring before the invention of writing systems are considered prehistory. “History” is an umbrella term that relates  to past events as well the memory discovery, collection, organization, presentation and dates pretation of information about these events”

”تاريخ ماضيءَ جو مطالعو آهي، واقعن کي  لکڻ جي نظام جي ايجاد کان اڳ ظاهر ٿيل آهي، ”تاريخ“ هڪ ڇٽيءَ مثل آهي، جيڪا ماضيءَ جي واقعن سان گڏوگڏ ياد رکڻ، دريافت ڪرڻ،  گڏ ڪرڻ، ترتيب  ڏيڻ، پيش ڪرڻ ۽ انهن واقعن بابت باهمي تعلق جي وضاحت، ڄاڻ مھيا ڪرڻ آهي“.

تاريخ بابت ساڳي ويبسائيٽ تي ٻئي هنڌ لکيل آهي ته:

“History (from Greekio topic, historia, meaning inquiry knowledge acquired by investigation in the study of  the past: Events occurring  before the invention of writing system are  coincided prehistory”

تاريخ  (يوناني iotopia، تاريخي، تحقيق؛ يعني تحقيق مان حاصل ڪيل علم) ماضيءَ  جو مطالعو آهي. واقعن جي  لکڻ واري سرشتي کي متعارف ڪرڻ  اڳ جي واقعن کي ايئن سمجهيو ويندو آهي.

تاريخ  ٻن قسمن جي هوندي آهي، ان حوالي  سان نامور اديب قاضي خادم لکي ٿو ته:

”تاريخ لکڻ جا جيڪي مروج  طريقا رهيا آهن، تن  مان هڪ ته اِهو  آهي ته وقت جا  باشاهه يا  حاڪم تاريخون مرتب ڪرائيندا، اهي تاريخون صرف بادشاهن جي تعريفن، ڪارنامن ۽ سڌارن  سان  ڀريل هونديون آهن“.

ساڳئي مضمون ۾ اڳتي لکي ٿو ته:

”ٻئي قسم  جون تاريخون  اهي آهن، جيڪي  مورخ پنھنجي ماضيءَ جي باري ۾ کوجنا ڪري لکندا آهن، ۽ ماضيءَ جي ڪيترن ئي  واقعن تان پردو کڻندا آهن، اهي مورخ عوام ۽ عوامي ڳالهين کي پنھنجي تاريخي مواد ۾ شامل ڪندا آهن، هنن جي کوجنا جو بنياد ڪنھن مخصوص دور جي سماج، اقتصاديات ۽ عوامي زندگي ۽ ردعمل جي واقعن تي  هوندو آهي.“ (2)

تاريخي واقعن کي اسان جي فاضل محققن ۽ تاريخدانن پنھنجي علمي قابليت جي بنياد تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، جيڪو اڄ اسان کي بنيادي ماخذن طور ڪم ايندو آهي، انهن ۾ سنڌي ادب ۾ بنيادي تاريخ جا لڳ ڀڳ 36 وڏا ماخذ آهن، جن ۾ پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نواز علي شوق غلام محمد لاکي ۽ ٻين ڪيترن ئي علمي ميدان ۾ تحقيق ڪري تاريخي واقعن کي نروار ڪيو آهي، جيڪو هڪ پُر مغز ڪم آهي، جنھن تي عالمن پنھنجو نُور نچوڙيو آهي، سنڌي ادب ۾، ادبي تاريخ کي سھيڙڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي، پر انهيءَ باوجود ڪيترن ئي محققن انهيءَ ڪم کي به سرانجام ڏنو آهي.

سنڌ جي ادبي تاريخ جُڳن جي تاريخ آهي، ان ۾ ڪيترائي واقعا آهن، ڪيتريون ئي  شخصيتون آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه هڙان وجهندا رهيا آهن. اسان وٽ تاريخي لحاظ کان ڪجهه تاريخي ڪتاب ملن ٿا.  جھڙوڪه: ”تاريخِ معصومي“، ”تذڪره شعراءِ سنڌ“، ”تحفته  الڪرام“ وغيره جيڪي بنيادي ماخذ آهن، انهن ڪتابن مان اسان کي ڪيترن ئي بزگن، شاعرن ۽ ولين جي زندگيءَ جي احوال سان گڏ سندن پيدائش ۽ وفات جون تاريخون به ملن ٿيون، هن مقالي ۾ صرف ان تاريخ تي بحث ڪيو ويو آهي، جن ۾ عالمن ۽ بزرگن جي پيدائش يا وفات جي سالن ۽ سنن  ۾ مونجهارو آهي.

سنڌي ادب ۾ تاريخ لکڻ جو باقاعده رواج خانبھادر محمد صديق ميمڻ وڌو، ان کان اڳ اسان کي لکت ۾ سنڌي ادب جي ڪابه تاريخ ڪونه ٿي ملي، البته اسان کي تذڪره ضرور ملن ٿا، جيڪي ڪنھن به مخصوص علائقي يا خاندان سان وابسطه  رهيا آهن، انهن تذڪرن ۽ تاريخي ڪتابن جي بنياد تي خانبھادر  محمد  صديق ميمڻ هڪ وک اڳتي وڌائي ۽ سنڌي ادب جي پھرين ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ لکي، جيڪا ٻن جُلدن تي مشتمل آهي، ان جو پھريون جُلد 1937ع ۽ ٻيو جُلد 1951ع ۾ شايع ٿيو، سندس ڪتاب اهم ۽  بنيادي  ادب جي تاريخ جو ڪتاب آهي، ڇاڪاڻ  ته ان کان اڳ ڪنھن به عالم ان تي ڪم نه ڪيو ۽ هن صاحب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ لکي پيڙهه جو پٿر رکيو. جيئن ته اهو سنڌ جي ادبي تاريخ تي پھريون محقق آهي، جنھن وڏيءَ محنت سان سنڌ جي ادبي تاريخ کي سھيڙيو آهي. ان ڪتاب ۾ مجموعي طور 65 ادبي شخصيتن جي ادبي ڪم جو تجزياتي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ ڪتاب ۾ ڪجهه مونجهارا ۽ غلطيون پڻ آهن، پر اسان ان ماخذ ۾ ننڍين غلطين کي نظرانداز ڪري صرف مکيه اسمن جي نشاندهي ڪجي ٿي. اهي مونجهارا يا غلطيون ڪھڙيون آهن.

اسان اڳ ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون ته اهو بنيادي ماخذ آهي، انهيءَ کان اڳ ڪابه ڇپيل ادبي تاريخ اسان کي نه ٿي ملي، جو سندس ڪم تي تنقيد ڪجي، پر جيڪي مونجهارا آهن، انهن کي ضرور واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيئن ان ڪتاب کي ڪنھن مستند عالم کان ايڊٽ ڪرائي نئين  سِر سنواري، سڌاري پيش ڪيو وڃي.

ان ادبي تاريخ ۾ جيڪي به مونجهارا نظر آيا آهن، انهن کي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ”سنڌي ادب جي تاريخ“ سان ڀيٽي نشاندهي ڪئي وئي آهي. (ڪٿي ڪٿي ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب ۾ پڻ ڪي مونجهارا رهجي ويا آهن)

’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ ۾ ڪي مونجهارا:

قاضي قادن کي سنڌي اساسي شاعريءَ جو ابو سمجهيو ويندو آهي، جيستائين سندس مڪمل ڪلام هٿ ڪونه آيو هيو، تيستائين اُن جي 7 شعرن، بيتن کي اهميت ۽ بنيادي حيثيت حاصل هئي، جيڪي شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪتاب ”بيان العارفين و تنبيهه الغافلين“ مان مليا  هئا، خانبھادر محمد صديق ميمڻ جي ادبي تاريخ ۾ اسان کي اُن بابت ٻه الڳ الڳ داخلائون ملن ٿيون، ڪتاب جي 27 هين صفحي تي خانبھادر لکي ٿو ته:

”ڪڏهن ڪڏهن سنڌيءَ ۾ بيت چوندو هو، انهن مان رڳو ست بيت شاهه ڪريم جي رسالي ۾ موجود آهن“ (3)

ساڳئي ڪتاب ۾ 33 هين صفحي تي لکيل آهي ته:

”تن مان ڇهه بيت قاضي قادن جا آهن“

هڪ ئي ڪتاب ۾ ٻه رايا منجهائيندڙ هوندا آهن،  ان ڪري انهيءَ مونجهاري کي ختم ڪرڻ گهرجي، جيڪا تصحيح سان ممڪن آهي.اها ساڳئي  غلطي ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ صاحب به پنھنجي ڪتاب ۾ ڪئي آهي، جيڪا کيس ڪرڻ نه گهربي هئي، ڇوته انهيءَ کان اڳ تحقيق ٿي چُڪي هئي ته قاضي قادن جا اسان کي بيان العارفين ۾ اسان کي ست بيت مليا آهن، نه ڪي اٺ، ان حوالي سان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته:

”سندس اٺ بيت شاهه ڪريم جي ملفوظات بيان العارفين مان مليا آهن“ (3)

انهيءَ جو درست ۽ تحقيقي جواب اسان کي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي  ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (جُلد پھريون) ۾  ملي ٿو. هُو لکي ٿو ته:

”پھرين پھرين شاهه ڪريم (1632ع_1538ع) قاضي قادن جا ست بيت مريدن ۾ معتقدن جي اڳيان  پڙهيا، هي بيت شاهه ڪريم جي رسالي ۾ قاضي قادن جي نالي سان محفوظ  رهيا“. (4)

قاضي قادن جا ڪل ”ست “ بيت بيان العارفين ۾ شامل آهن، انهيءَ تي اڪثر محقق متفق آهن.

قاضي قادن  بابت هڪ  ٻيو مونجهارو، جيڪو پڻ  خانبھادر  محمد صديق ميمڻ وٽ آهي، اُهو ته: 

”قاضي  قادن 1581ع ۾ قاضي مقرر ٿيو“.  (ص: 27)

ممڪن آهي ته اِها پروف جي  غلطي هجي ۽  1518ع بجاءِ 1581ع لکجي ويو هجي، جو  انهن ڏينھن ۾ بکر جو قاضي مقرر ٿيو هجي، درست  انگ اکر نه هجڻ سبب ڪي به تاريخون اسان کي نه مليون آهن،  جنهن جي آڌار  تي حتمي راءِ پيش ڪري  سگهجي.

خانبھادر  محمد صديق ميمڻ جيڪي به سن ۽ سال ڄاڻايا آهن، اهي سڀ آڳاٽا احوال، تذڪرن ۽ ملفوظات جي بنياد تي ڏنا آهن، جيڪي سندس والد وٽ موجود هئا، انهن ڪتابن ۾ آيل سن ۽ سالن جي مطابق اوائلي سنڌي ادب جي تاريخ جوڙي راس ڪيائين، انهيءَ ۾ جيڪڏهن ڪا گنجائش رهجي وئي آهي يا سال، سن غلط يا مونجهاري وارو آيو آهي ته انهيءَ کي تحقيق جي دائري ۾  آڻي، اهي سن ۽ سال درست ڪري سگهجن ٿا.

تاريخ جيڪڏهن وقت سر لکي وڃي ته ان جو درست رڪارڊ ايندڙ نسلن وٽ رهندو ۽ انهيءَ کي درست مڃي، تحقيق کي اڳتي وڌايو ويندو، پر سنڌي ادب ۾ جيڪي به تاريخون لکيون ويون آهن، اُهي  سڀ ذاتي ڪوششن جو نتيجو آهن،  ادارن يا حڪومتي ڌرين ماضيءَ ۾ سندن ڪابه مدد نه ڪئي. جڏهن ته ڪنھن به قوم جي ادبي تاريخ مرتب ڪرڻ لاءِ ادارا ۽ منظم حڪمت عملي جو هجڻ لازمي هوندو آهي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ صورتحال بھتر آهي، جتي مفڪرن، تاريخدانن ۽ ليکڪن کان سندن صلاحيتن آڌار موضوع وار ڪم ورتو ويندو آهي.

سن ۽ سالن جي آڌار تي اسان ڪنھن به شاعر ۽ اديب جي درست عمر جو اندازو لڳائي سگهبو آهي، اهڙن ئي مونجهارن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو به  ذڪر آهي، مختلف محققن سندن پيدائش جا مختلف سال ڄاڻايا آهن، جيڪو تاريخي مونجهارو آهي، شاهه عبداللطيف جي پيدائش ۽ وفات سان ئي اسان ان دور جي حالتن جو تعين ڪري سگهندا آهيون. جيڪڏهن اهو منجهيل سُٽ سلجهي ويندو  ته ان سان لاڳاپيل ٻيا  ڪيترائي مونجهارا پڻ حل ٿي ويندا آهن.

’سنڌ جي  ادبي تاريخ‘ ۾، خانبھادر محمد صديق ميمڻ، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي جنم جو سال 1689ع ۽ وفات جو سال 1752ع ڄاڻايو آهي، جيڪو ان کان پوءِ ڪيترن ئي ڪتابن ۾ جيئن جو تيئن رهيو آهي، پر انهيءَ کان علاوه ڪجهه  محققن شاهه لطيف جي زندگيءَ تي جامع تحقيق ڪئي ۽ پيرا کنيا ۽ درست پيدائش جي سال جي نشاندهي ڪئي آهي، جنھن تي اڪثر متفق آهن، اهو سال  1690ع آهي، پر نامياري محقق بدر ابڙي پنھنجي  ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي جنم جو سال 31 مارچ 1691ع ڄاڻايو آهي. ان حوالي سان بدر ابڙو لکي  ٿو  ته:

”شاهه عبداللطيف جي سوانح حيات جا سڀ ماهر ان راءِ تي متفق آهن ته لطيف سرڪار 14 صفر مطابق 1165 هجري ۾ وفات ڪئي، هجري سن موجب اها پھرين جنوري 1752ع ۽ ڇنڇر جو ڏينھن هيو. پر عام روايت آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وفات جمعي جي ڏينھن ٿي هئي. چنڊ ۽ سج تي ٻڌل تاريخن ۾ هڪ ڏينھن جي فرق جو سدائين امڪان رهندو آهي، ان ڪري ممڪن آهي ته ڀٽائي صاحب جي وفات جي تاريخ 31 ڊسمبر 1751ع هجي. جيڪو جمعي جو ڏينھن هو. ڪن محققن مطابق شاهه سائينءَ جي عمر اسلامي ڪئلينڊر جي حساب سان 63 سال هئي، ۽ سندس جنم جي تاريخ ساڳئي يعني 14 صفر 1102هجري هئي، پر ڀٽائي پيرن جو چوڻ آهي ته اها تاريخ درست نه آهي، اصل تاريخ  پھرين رجب 1102هجري آهي. ان ڪري آئون ان راءِ کي وڌيڪ اعتبار جوڳو سمجهان ٿو. عيسوي جي سن جي ڪئلينڊر موجب اها تاريخ 31 مارچ 1691ع، ڏينھن ڇنڇر بيھي ٿو يعني عيسوي  سن مطابق ڀٽائي جي عمر 60 سال ۽ نو مهينا بيهي ٿي“. (5)

 جيتوڻيڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب پنھنجي تحقيق جي بنياد تي 1690ع ئي درست ڄاڻايو آهي، پر بدر ابڙي جيڪا وضاحت پيش ڪئي آهي، اُها وڌيڪ وزنائتي ۽ اسلامي ڪئلينڊر مطابق آهي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب هجري سال ته واضح ڪيا آهن، ان مطابق شاهه لطيف جي عمر 63 ورهيه بيھي ٿي، جڏهن ته عيسوي سال ۾ فرق آهي، ان فرق کي سمجهڻ لاءِ اسان کي بدر ابڙي جي وضاحت کي آڏو رکڻ گهرجي.

سنڌي ادب  جي تاريخن ۾ انهيءَ کان علاوه به ڪيترائي سن ۽ سالن جا مونجهارا آهن، جن ۾ سچل سرمست جي سوانح بابت مختلف محققن مختلف رايا پيش ڪيا آهن، سندس پيدائش جي سال تي تمام  گهڻو بحث ٿيو آهي. مختيار احمد ملاح پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ۾ لکي ٿو ته:

”سندس شروعاتي تعليم  سندس ڏاڏي ميان صاحب ڏني جي اثر هيٺ ٿي. ڏاڏي جي وفات کان پوءِ سندس والد ميان صلاح الدين به  هن جھان مان برقعو مٽائي ويو. اهڙيءَ طرح هن جي سار سنڀال جو بار سندس چاچي عبدالحق تي آيو“. (6)

ان حوالي سان ڊاڪٽر مخمور بخاري لکي ٿو ته:

”سچل سرمست جي ولادت کان 6 سال بعد 1158هجري 1745ع ۾ صغير سني ۾ سندس مٿي تان والد صاحب ميان صلاح الدين جي شفقت جو هٿ کڄي ويو“. (7)

مختيار احمد ملاح جو آهي، ايس ايس، پي سي ايس ۽ يونيورسٽي جا ڪيترائي شاگرد پڙهن ٿا، جيڪڏهن گهڻو پڙهيو ويندڙ ڪتاب ۾ ايڏي وڏي غلطي هوندي ته اسان ڪيئن پنھنجي تاريخ ۽ تاريخي واقعن کي ياد ڪري سگهنداسين. اهو هڪ تمام وڏو مونجهارو آهي، جيڪو ٻين ڪتابن ۾ هن ريت آهي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:

”ميان صلاح الدين پنھنجي والد جي زندگيءَ ۾ بلڪه ان جي وفات کان 16 سال (سچل جي 1170هه جي ولادت جي سال موجب) ۽ (1152هه سچل جي ولادت جي سال موجب) 34 سال اڳي وفات ڪري چڪو هو، ڇو جو ميان صلاح الدين پنھنجي والد کان گهڻو اڳ وفات ڪري چڪو هو“ (8).

ڊاڪٽر مخمور بخاري پنھنجي ڪتاب ”سچل  سرمست  ۽ ان جا همعصرشاعر“ ۾  لکي ٿو ته:

”خواجا محمد  حافظ صاحب کي ٻه پٽ ٿيا، ميان صلاح الدين، والد جي حياتيءَ ۾ وفات ڪئي، حضرت سچل سرمست جو والد ميان صلاح الدين هو....... خواجا صاحب (ميان صاحب ڏنو) جي رحلت وقت  سچل  سرمست  چاليھه ورهين جو  هو“. (9)

ڌيان طلب ڳالهه اها آهي ته تحقيق جي دوران اسان تاريخن ۽ سنن کي الائجي ڇو نظرانداز ڪيو آهي، ڊاڪٽر صاحب جي ڪتاب ۾ ڏنل تاريخن ۽ سالن  موجب سچل سرمست جي سندس ڏاڏي جي وفات وقت عمر 49 سال بيھي ٿي، 1788ع  مان 1739ع کي ڪاٽو ڪيو وڃي ته جواب 49 سال بيھي ٿو، پر ڊاڪٽر صاحب پنھنجي تحقيقي ڪتاب ۾ چاليھه ورهيه لکيو آهي.

سچل سرمست تي جيتري به تحقيق ٿي آهي، ان تي نظر وجهجي ته سچل سرمست جي پيءُ ۽ ڏاڏي جي وفات کان پوءِ لفظ استمعال ڪيو ويو آهي (سار سنڀال) ڇا 49 سالن  جي عمر واري کي سار سنڀال جي ضرورت آهي؟ روحاني ۽ تدريسي تعليم بابت ڊاڪٽر  عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:

”سچل سرمست جو چاچو ۽ روحاني رهبر ميان عبدالحق سندس رهنما بڻيو. عربي، فارسي ۽ تصوف جي رمزن کان واقف ڪيائين، ايئن روحاني تعليم کان واقف ٿيڻ سان گڏ پورو پورو تعليم يافته حافظ بڻيو“. (10)

دراصل اسان وٽ بھتر نموني سان تحقيق ڪونه ٿي آهي، اِهي سڀ تاريخون ۽ سن محققن جي نظر مان ضرور گذريا هوندا، پر جيئن ته سنڌي ادب جي تاريخ ضخميم آهي، اها ڪنھن به هڪ محقق جي  وس جي ڳالهه ناهي، جو مڪمل ٿي سگهي، پوءِ به جن محققن پنھنجو نور نچويو انهن کي جس آهي.

تحقيق جو ميدان وسيع آهي، ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ هاڻي وڌيڪ تحقيقي سھوليتون ميسر آهن، ڌار ڌار ادبي شخصيتن تي تحقيق ٿي رهي آهي، انهيءَ ڏس ۾ ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ جي ٿيسز ۾ ميان صاحب ڏني فاروقيءَ جو جنم سال 1689ع ڄاڻايل آهي. هو پنھنجي ٿيسز ”سچل سرمست ۽ ان جا همعصر  شاعر“ ۾ ڊاڪٽر عطا محمد  حامي  جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته:

”خواجا محمد حافظ  ولد ميان عبدالوهاب 1101هه مطابق  1689ع ۾ تولد ٿيو“ (11)

جڏهن ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ”سنڌي ادب جي تاريخ“ جي جلد پھرين ۾ لکي ٿو ته:

”ميان صاحب ڏني جي ولادت 1101هه مطابق 1697ع ۾ ٿي“. (12)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ان لکت جي ٻين محققن به پيروي ڪئي آهي ۽ ساڳيون تاريخون ۽ سن ڄاڻايا آهن، انهن ۾ مختيار احمد ملاح به شامل آهي، جنھن پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ۾ ميان صاحب ڏني فاروقيءَ جي  پيدائش جو سال ساڳيو 1697ع ڄاڻايو آهي.

غالب گمان آهي ته ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو کان لاشعوريءَ طور يا پروف جي غلطي رهجي وئي هوندي، جو 1101هجري مطابق سال 1689ع بيھي ٿو، ۽ ڊاڪٽر صاحب 1697ع ڄاڻايو آهي، ڊاڪٽر صاحب عيسوي سال سان گڏ هجري سال پڻ ڏنو آهي، جيڪو نشاهدي ڪري ٿو ته اها پروف جي چُڪ رهجي وئي هوندي. پر  ان کان پوءِ جن محققن ۽ مرتبن جيڪي به سنڌي ادب جي تاريخ تي ڪتاب سھيڙيا آهن، انهن کي ضرور هجري ۽ عيسوي سال کي ڀيٽڻ گهرجي ها پر  ايئن ٿيو ناهي، بنا ڪنھن ڇنڊ ڇاڻ جي جيڪي اسان کان تاريخ ۽ سن، سال جون غلطيون رهجي ويون آهن،  انهن کي ٻين ڪتابن ۾ جيئن جو تيئن رکيو ويو آهي، مختيار احمد ملاح جي ڪتاب ۾ به ساڳيو ئي سال 1697ع ڄاڻايل آهي، جيڪو ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي، جڏهن ته ان کي هجري سال سان ڀيٽي درست ڪري سگهجي پيو. ڪلاسيڪل شاعرن جي ٽمورتي (شاهه، سچل، سامي) جو آخري رتن سامي آهي، ساميءَ جي داخلا ۾ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته: ”شڪارپور  جو ويٺل هو ۽  100  سالن  جي عمر ۾ 1850ع ۾ چالاڻو ڪيائين“

جڏهن ته پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي مطابق ساميءَ جي ڪُل عمر 107 سال بيھي ٿي، سندس پيدائش 1743ع  ۾ ٿي وفات جو سال 1850ع آهي. (13)

انهيءَ کان علاوه ٻين ڪيترن ئي شاعرن، اديبن جي تاريخن، سالن ۽ سنن ۾ مونجهارا آهن، انهن ۾ ڪن  اهم شخصيتن جو ذڪر ڪجي ٿو، جن ۾: خواجا محمد زمان لنواريءَ واري جي درست پيدائش جو سال 1713ع ۽ وفات جو سال 1774ع آهي، جيڪو 1697ع ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ادبي تاريخ ۾ واضح آهي، جڏهن ته ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ۾ لکي ٿو ته:

”هي سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جو وڏو بزرگ هو ۽ لنواري درگاهه جو باني هو. 1780ع ۾ سندس  ولادت ٿي ۽  1874ع ۾ وصال ڪيائين“. (14)

هي ته وڏو مونجهارڳ آهي جو ميمڻ صاحب سندس پيدائش جو سال ئي 1780ع ڄاڻائي ٿو، جيڪو به خواجا محمد زمان جي وفات کان 6 سال پوءِ جو آهي، ايئن ڪرڻ سان ئي تاريخي حوالا، تاريخي قصا ۽ تاريخي ملاقاتون ميسارجي وينديون، شاهه عبداللطيف جو خواجا محمد زمان سان ڪيل ان ملاقات کان پوءِ جيڪو بيت پڙهندو رهندو هيو:

مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،

تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي   (شاهه)

انهيءَ بيت جو پسمنظر ئي ختم! اهي تمام وڏيون غلطيون آهن، جن کي هاڻي دهرائڻ نه گهرجي.گهٽ ۾ گهٽ پبلشر تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اُن کي اپڊيٽ ڪرائي شايع ڪيو وڃي، ساڳئي ڪتاب جي صفحي نمبر 77 تي لکيل آهي ته:

”1639ع ۾ نادر شاهه حملو ڪيو ۽ شڪارپور واري حصي کي قنڌار سان ملائي ڇڏيو.“ (15)

ٽالپر دور سان واسطو رکندڙ حڪمران ۽ شاعر مير مراد علي خان جي وفات جو سال 1833ع آهي، جڏهن ته ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ۾ صفحي نمبر 108 تي 1933ع ڄاڻايل آهي.

ديوان ليلام وطڻ مل جي اصل پيدائش ۽ وفات جو سال  1941ع_1867ع آهي، جڏهن ته مختيار احمد ملاح جي  ڪتاب ۾ صفحي نمبر 310  تي 1918ع_1867ع لکيل آهي!

مرزا قليچ بيگ جي پيدائش ۽ وفات جي سال تي ڪنھن کي به ڪو شڪ ڪونهي، پر ان باوجود سنڌ جي ادبي تاريخن مان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي جُلد ٻئي ۾ 1929ع_1855ع ۽ مختيار احمد ملاح جي ڪتاب ۾ مختلف جڳهن تي الڳ الڳ سن ڄاڻايل آهن. ساڳئي ئي ڪتاب ۾ 1855ع ته ڪٿي 1853ع جنم جو سال لکيل آهي، پرمانند ميوارام (فيلڪس) جي پيدائش ۽ وفات جي سال بابت مونجهارا آهن، هڪڙين ادبي تاريخن ۾ هڪڙِي ته ٻين تاريخن ۾ ٻئي تاريخ ڄاڻايل آهي، جڏهن ته انعام شيخ جي مرتب ڪيل ڪتاب ”پرمانند ميوارام“ ۾هن ريت ڄاڻايل آهي:

”پرمانند جو ڄم سال 1866ع تي ٿيو ۽ ديھانت سال 1938ع ۾ ٿيو.“(16)

جڏهن ته ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ ۾ لکيو آهي ته:

”ديوان پرمانند ميوارام 1856ع ۾ هڪ عامل گهر ۾، حيدرآباد ۾ ڄائو هو.“ (17)

ٻئي پاسي مختيار احمد ملاح’سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو‘ جنم جو سال  1865 ڄاڻايو آهي!

مختيار احمد ملاح، ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ  جي پيدائش جا پنهنجي هڪ ئي ڪتاب ۾ ٻه مختلف سن ڄاڻايا آهن، صفحي نمبر 312 تي 1875ع ۽ صفحي نمبر 340 تي وري 1876ع لکيل آهي، جن مان تضاد نظر اچي ٿو، مختيار احمد ملاح ڪتاب
”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ۾ محمد بخش واصف جي وفات جو سال صفحي نمبر 845 تي 1950ع ڄاڻايو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر جبار جوڻيجي صاحب 1952ع لکيو آهي، مختيار احمد ملاح پنھنجي هڪ ٻئي ڪتاب ”سنڌي ادب تي هڪ نظر“ ۾ 1952ع ڄاڻايو آهي.

سنڌي ادب ۾ اهم ۽ ڪنھن قدر مستند ادبي تاريخ جيڪا چئي وڃي ٿي، سا ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي  آهي، جيڪا ٽن جُلدن تي مشتمل آهي، پھريون جُلد اوائلي دور ۽  ڪلاسيڪل ادب، ٻيو  جُلد عروضي ۽ جديد شاعري تي، جڏهن ته ٽيون ۽ آخري جُلد ناول، ڪھاڻي، مضمون، سفرنامو، خطن وغيره تي آهي. (تازو هي ڪتاب هڪ ئي جلد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ڇاپيو آهي، جنھن ۾ سنن جون ڪجهه غلطيون درست ڪيون ويون آهن) جوڻيجي صاحب (مرحوم) ڪيترن ئي اهم ۽ مستند تذڪرن ۽ ادبي تاريخن جي حوالن جي آڌار تي اها ادبي تاريخ لکي، پر ڪٿي ڪٿي مونجهارو پيش اچي ٿو، جھڙوڪ جُلد پھرين جي صفحي نمبر 134 تي لکيل آهي ته”اهڙي ريت 1887ع ۾ مرزا قليچ بيگ، شاهه لطيف بابت انگريزيءَ ۾ ڪتاب شايع ڪيو ۽ 1897ع ان جو سنڌي ترجمو ڇپيو.“ اهو ته ڊاڪٽر صاحب جي ادبي تاريخ ۾ آهي، ۽ ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب بنا ڪنھن شڪ جي هڪ بھترين ۽ پُر علم تحقيق آهي، جڏهن ته مرزا قليچ بيگ چيئر پاران تحقيق ڪري ڇپايل ببليوگرافيءَ ۾ ڪجهه هن ريت لکيل آهي ته: ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌيءَ ۾ 1885ع انگريزيءَ ۾ ڪتاب Life of Shah Abdul Latif Bhittai,1910  ڄاڻايل آهي، ساڳي  ببليوگرافيءَ جي صفحي  نمبر 35 تي انگريزيءَ 1887ع ۽ سنڌيءَ ۾ پڻ ساڳيو سال 1887ع ڄاڻايل آهي، ان حوالي سان ببليو گرافيءَ ۾ لکيل  آهي ته:

Originally the first ever complete biography of Shah Abdul  Latif Bhittai was authored by Mirza Kaleech beg on 1st September 1887 in English, letter on the insistence of some  friends Mirza Kaleech  beg translated it in  to sindhi, possibly in the same year. (page:85)

هاڻي هتي مونجهارو ٻنهي طرفن کان آهي، ببليوگرافي توڙي ادبي تاريخ،
ڊاڪٽر عبدالجبار لکيو آهي ته انگريزيءَ ۾ 1887ع ۽ ان جو ترجمو 1897ع ۾
ڪيائين، جڏهن ته ببليوگرافيءَ ۾ شاهه لطيف بابت ٽي داخلائون ڏنل آهن، جيڪي مٿي ڄاڻايل آهن، جڏهن ته ببليوگرافي جي صفحي  نمبر 85 تي واضع لکيل آهي ته “first ever complete biography of shah ab latif” جيڪڏهن اسان ان کي پھريون مڪمل شاهه لطيف جو احوال مڃئون ٿا ته 1885ع وارو احوال شاهه لطيف ڀٽائي سنڌيءَ ۾ ڪٿان آيو؟جڏهن ته صفحي نمبر 11 ۽ 35 تي ان ڪتاب جي قليچ چيئر پاران انگريزيءَ ۾ ڇپجڻ جي وضاحت ساڳي آهي.  اهو هڪ تمام وڏو مونجهارو آهي، جيڪو پڻ هاڻي حل ٿيڻ گهرجي.

مرزا قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ”پيدائش جو سال 1270هجري مطابق 1853ع“ ڏنو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر جوڻيجي صاحب ٻئي جُلد ۾ صفحي نمبر 369 تي 1855ع لکيو آهي. ان روايت کي اڳتي وڌائيندي مختيار احمد ملاح  جيئن جو  تيئن ڄاڻائي آهي، انهيءَ ۾ واڌاري ۽ سڌاري جي ڪابه جسارت ڪانه ڪئي، صفحي  نمبر 259 تي 1855ع ته ساڳئي ڪتاب  صفحي نمبر 280 تي وري 1853ع ڄاڻائي آهي.

اسان کي خاص ڪري اهڙين شخصيتن جي داخلائن ۾ احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي، جن پنھنجي آتم ڪٿا لکي آهي ۽ انهيءَ ۾ پاڻ درست سن ڄاڻايا آهن، تحقيق ۽ تنقيد ڪري نئين شيءَ تخليق ڪرڻ هڪ اهڙو فن آهي، جنهن سان نيون راهون نيون ڳالهيون سامهون اچن ٿيون، ان لاءِ ڊاڪٽر  اسحاق سميجو لکي ٿو ته:

”تنقيد دراصل ڳولها ۽ دريافت جو عمل آهي“ (16)

جڏهن به ڪا نئين تخليق لکبي آهي ان جو پهريون نقاد ليکڪ پاڻ هوندو آهي، ادب جي تاريخ تي ڪتاب لکڻ دوران اسان کي جيڪي تاريخون ملن ٿيون، انهن جي اڳ موجود ڪتابن مطابق ضرور ڇنڊڇاڻ ڪجي، انهيءَ سان  اسان جي ادبي تاريخ بهتر کان بھتري ٿي سگهي ٿي. مختيار احمد ملاح هر هڪ موضوع تي الڳ الڳ ڪتاب سھيڙيا آهن، جهڙوڪ:  سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ، سنڌي ناول جي تاريخ، سنڌي ڊرامي جي تاريخ وغيره، انهن ڪتابن مان ڪيترائي شاگرد توڙي عام پڙهندڙ فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، پر مرزا قليچ بيگ جي داخلا ۾ غلطي  آهي، جيڪا سڀني ڪتابن ۾ ساڳئي آهي، سندس ڪتاب ۾ لکيل آهي ته:

”سندس ادبي خدمتن جو قدر ڪندي انگريز سرڪار کيس  قيصرِ هند جو تمغو ۽ 1905ع ۾ شمس العلماءَ جو لقب ڏنو، بعد ۾ کيس خانبهادر جو لقب به مليو.“

مرزا قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ واضع لکيو آهي ته:

”قيصرِ هند جو ٻِلو ملڻ 1906ع“ (17)

شمس العلماءَ جو لقب  مرزا صاحب کي 1924ع ۾ مليو، انهيءَ بابت سندس آتم ڪٿا ۾ ڪيترائي مبارڪن جا خط پڻ شامل آهن، مرزا صاحب لکي ٿو ته:

”02 جنوري نئين سال جي لقبن جي ياداشت ۾ مون کي شمس العلماءَ جو لقب مليو ۽  وائسراءِ هند جي سيڪريٽري ۽ گورنر بمبئيءَ جي سيڪريٽري ۽ ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن ۽ ٻين يورپي صاحبن ۽ مسلمانن ۽  هندن ۽ پارسي دوستن وٽان مبارڪباديءَ جا  خط ۽ تارون پھتيون“. (18)

مختيار احمد ملاح جو تحقيقي ڪم ساراهه جوڳو آهي، پر قليچ جي داخلا ۾ سن ۽ سال جيڪي ڄاڻايا آهن، اُهي ڪجهه غلط آهن، انهيءَ جا درست سن ۽ سال اسان کي مرزا قليچ بيگ جي  آتم ڪٿا ۾ ملن ٿا.

تاريخي سن ۽ سالن جا ڪيترائي مونجهارا آهن، ”سنڌي ادب تي هڪ نظر“ ۽ ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ۾ محترم مختيار احمد ملاح پرسرام ضيا جي داخلا ۾ پيدائش ۽ وفات 1958ع_1911ع ڄاڻايو آهي ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ ۾ 1959_1892ع ڄاڻائي آهي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب پرسرام ضياءَ بابت لکي ٿو ته:

”1958ع_1911ع پرسرام اصل ٽنڊي آدم جو هو، پوءِ لڏي نوابشاهه هليو ويو“ (19)

ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پنھنجي ڪتاب جي صفحي نمبر 117 تي حمل فقير لغاري جو جنم سال 1810ع ڄاڻائي ٿو ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار  جوڻيجو 1809ع ڄاڻائي ٿو، جڏهن  ته مختيار احمد ملاح 1815ع ڄاڻائي آهي، هاڻي انهن سڀني مان ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ڄاڻايل تاريخ ۽ سال اعتبار جوڳو آهي.

پرمانند ميورام ”جوت اخبار“ 1896ع ۾ جاري ڪئي، جڏھن ته مختيار احمد ملاح جي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“جي صفحي نمبر322 تي
”1894ع“ ڄاڻايل آھي. جوت اخبار جي لاءِ ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ منگهام رام ملڪاڻي صاحب لکي ٿو ته:

” مشھور دو ھفتي اخبار ”جوت“، جا 1896ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ان پختي ڄاڻوءَ ۽ خذمتگار چالو ڪئي ھئي جنھن کي ٻوليءَ جي ٻئي سچي پارکو استاد ڀيرومل ”سنڌ جو ايڊيسن“، جو خطاب ڏنوھو. (20)

ليکراج ڪشنچند عزيز جي پيدائش ۽ وفات، مختيار احمد ملاح وٽ صفحي نمبر264 تي 1898ع کان 1977ع آھي، جڏھن ته محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي وٽ سنڌي ادب جي تاريخ جلد ٻئي ۾ صفحي نمبر474 تي 1897ع کان 1971ع ڄاڻايل آھي.

عثمان علي انصاريءَ جي جنم ۽ وفات مختيار احمد ملاح وٽ صفحي نمبر300 تي 1901ع کان 1966ع ڄاڻايل آھي، جڏھن ته محترم غلام محمد گرامي صاحب
”وياسي وينجهار“ ۾ لکي ٿو ته:

” سنڌي ادب جو ھڪ اديب، عالم، مخلص ۽ محقق جناب عثمان علي انصاري 2 سيٽمبر 1962ع تي، ڪراچي ۾ داعيءَ اجل کي لبيڪ چئي، ھن دار فانيءَ کان موڪلائي، عالم جاودانيءَ ڏانھن واھي ٿيو. (21)

نتيجو:

سنڌي ادب جي تاريخ جيئن ته هڪ وسيع موضوع آهي. جن به محقق پنھنجو
نُور نچوئي سنڌي ادب جي شائقن ۽ پڙهندڙن کي تاريخ لکي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، انهن سڀني کي جس هجي، پر اڪثر سنڌي ادب جي تاريخ وارن ڪتابن ۾ مختلف اسمن بابت انگ اکر خاص ڪري ڄمڻ ۽ وفات جا سن يا ڪن ٻين واقعن جا سَن متضاد آهن، جن سان سنڌي ادب جي شاگردن کي ڪافي مونجهارا درپيش آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن جديد دور ۾ تحقيق جا طريقا ۽ سھوليتون استعمال ڪندي، مختلف عالمن ۽ ماهرن جي نظرثانيءَ ۽ سھڪار سان اهي غلطيون ۽ مونجهارا درست ڪري هڪ جامع ادبي تاريخ مرتب ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ جو سنڌي ادب ۾ ماسٽرس کان پي ايڇ ڊي سطح جا شاگرد توڙي سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي تياري ڪندڙ اميدوار مختلف ڪتابن ۾ موجود غلطين سبب سُٺين مارڪن کان محروم ٿي سگهن ٿا. گڏوگڏ سنڌي ادب تي تحقيق جو ڪم پڻ متاثر ٿي سگهي ٿو، ان ڪري سنڌي ادب جي هڪ مستند تاريخ ايندڙ نسلن تائين محفوظ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي علمي ۽ اشاعتي ادارن کي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو.

 

 

حوالا

  1. قاضي، آءِ آءِ، علامه ”او ڪو ٻيو فھم“ سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي،حيدرآباد، 1989ع، ص 105
  2. قاضي، خادم، ڊاڪٽر ”ادب ۽ روايتون“ سنڌي ساھت گهر، حيدرآباد، 1992ع، ص 34 ۽ 35
  3. ميمڻ، محمد صديق، خانبھادر ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، ص 27 ۽ 33
  4. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (جلد پھريون ۽ ٻيو) سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 2004ع، ص 53
  5. ابڙو، بدر، ”سنڌ جو شاھ“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2014ع، ص 15
  6. ملاح، مختيار احمد ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“ ڪاٺياواڙ اسٽور، ڪراچي، 2014ع، ص 196
  7. بخاري، مخمور، ڊاڪٽر، ”سچل سرمست ۽ ان جا ھمعصر شاعر“ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2011ع، ص 27
  8. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر ”سنڌي ادب جي تاريخ“ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 2004ع، ص 278
  9. بخاري، مخمور، ڊاڪٽر، ”سچل سرمست ۽ ان جا ھمعصر شاعر“ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2011ع، ص 20
  10. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر ”سنڌي ادب جي تاريخ“ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 2004ع، ص 278
  11. بخاري، مخمور، ڊاڪٽر، ”سچل سرمست ۽ ان جا ھمعصر شاعر“ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2011ع، ص 14
  12. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر ”سنڌي ادب جي تاريخ“ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 2004ع، ص 206
  13. ھڪڙو، انور ”فگار“ ڊاڪٽر ”ادب، زندگي ۽ سماج“ مھراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2009ع، ص 118
  14. ميمڻ، عبدالمجيد، سنڌي ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2017ع، ص 92
  15. ساڳيو، ص 77
  16. شيخ، انعام ”پرمانند ميوارام“سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد 2007ع. ص41
  17. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر ”سنڌي نثر جي تاريخ“ سنڌي ساهت گهر 1999ع،ص 135
  18. سميجو، اسحاق ”شاعريءَ سان دشمني“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2005ع، ص 10
  19. مرزا قليچ بيگ ”سائو پن يا ڪارو پنو“ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2004ع، ص 197
  20. ساڳيو، ص 232
  21. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر ”سنڌي ادب جي تاريخ“ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 2004ع، ص 442
  22. ملڪاڻي، منگھارام ”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993ع، ص 202
  23. گرامي، غلام محمد ”ويا سي وينجهار“ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1995ع، 129
381 ڀيرا پڙهيو ويو