سنڌي ادبي تاريخ بابت مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقالن ۽ مضمونن جو جائزو
(Review of Articles and Essays of Dr. N.A Baloch on Sindhi Literary History Published in Quarterly Magazine Mehran)
ميرزا دبير
Abstract:
Dr. N. A. Baloch [1917 - 2011] was a renowned scholar of Sindhi literature. He wrote many research articles on origin and structure of Sindhi language and literature. These research papers were published in various journals. From these journals, the quarterly “Mehran” stands out as the most prominent literary and cultural journal of Sindhi language. In this paper I have made an effort toward tracing out facts on his research work, based on articles published in the quarterly ‘Mehran’.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 20هين صديءَ جو اُهو نامور اسڪالر آهي، جيڪو ادب، تاريخ، لسانيات، علم الغات ۽ علم التعليم جو ڄاڻو ۽ سنڌي لوڪ ادب، لطيف شناسي ۽ سنڌ جي ثقافت ۽ تاريخ تي وڏي دسترس رکندڙ محقق، مؤرخ ۽ شارح هو. جنهن پنهنجي 94 ورهين جي زندگيءَ ۾ ڪيئي تاريخي، تحقيقي ۽ معلوماتي ڪتاب سنڌ جي علم و ادب کي ارپيندي ٻوليءَ جي جھولي انمول جواهرن سان ڀري مالا مال ڪري ڇڏي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ جيڪي خدمتون ۽ ڪارناما سرانجام ڏنا، تن کي وساري نه ٿو سگهجي. سندس ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ هڪ تحقيقي دستاويز آهي، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، بڻ بنياد ۽ ادبي تاريخ متعلق تحقيقي معلومات ۽ نوان نظريا ملن ٿا. هِن ڪتاب متعلق ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو لکي ٿو:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ جي نالي سان شايع ٿيل ڪتاب به سنڌ جي ٻوليءَ جي قدامت ۽ ادبي تاريخ تي منفرد ۽ اهم ڪتاب آهي.(1)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مختلف اسڪيمن تحت سنڌي ٻولي ۽ ادب جو ٽِڙيل پکڙيل خزانو ميڙي سڌاريو ۽ سنواريو آهي. جن مان جامع سنڌي لغات (05 جلدن ۾) ۽ سنڌي لوڪ ادب (42 جلدن ۾) مرتب ڪري انهن تي مهاڳَ ۽ تحقيقي مقدما لکي منظرعام تي آندو ۽ پڻ سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام کي سهيڙي، انهن تحقيقي مقدما لکيا ۽ انهن کي شايع ڪرائي نه فقط هڪ دؤر جي ادبي تاريخ کي محفوظ ڪيو آهي، پر عالمي ادب آڏو سنڌي ادب کي متعارف ڪرايو آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تصنيف ۽ تاليف سان گڏ سنڌي ادبي تاريخ جي سلسلي ۾ وقت بَوقت تحقيقي مقالا ۽ مضمون به لکندو رهيو، جيڪي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا. جن مان ٽماهي ”مهراڻ“ ۽ ماهوار ”نئين زندگي“ رسالن جا نالا سرفهرست آهن. هِتي فقط ڊاڪٽر صاحب جي ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي ۾ شايع ٿيل ادبي مقالن ۽ مضمونن جو موضوع وار تحقيقي جائزو پيش ڪجي ٿو.
سنڌي ادبي بورڊ جو ٽماهي ”مهراڻ“ رسالو سنڌي ادب جو هڪ بهترين علمي، ادبي ۽ ثقافتي رسالو آهي، اوائل ۾ شايع ٿيل ماهوار ”سنڌو“ رسالي کان پوءِ سنڌي ٻولي، ادب، لوڪ ادب، لطيفيات ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جي سلسلي ۾ ’مهراڻ‘ مخزن هڪ علمي دستاويز جي حيثيت ماڻي آهي. هيءُ رسالو سنڌ جي برک ۽ مايه ناز عالم، مفڪر، محقق، مؤرخ ۽ تاريخدان ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي ڀرپور ڪوششن سان ”سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ (موجوده سنڌي ادبي بورڊ) طرفان جنوري 1946ع ۾ شايع ٿيڻ لڳو،(2) جنهن ۾ سنڌ جي ناميارن ليکڪن جا مقالا، مضمون، ڪهاڻيون، ڊراما ۽ شعر شايع ٿيندا هئا. جن مان ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، عثمان علي انصاري، مولوي دين محمد وفائي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، جھامنداس ڀاٽيا، ڄيٺمل پرسرام، آسانند مامتوراءِ، شيوارام ڀاڳچند، روچيرام گنگارام، چيتن ماڙيوالا، عطا حسين موسوي، آغا تاج محمد، لطف الله بدوي، مرزا گل حسن احسن، نبي بخش بلوچ، عبدالڪريم سنديلو ۽ شيخ اياز جا نالا سر فهرست آهن.
’مهراڻ‘ جي هِن ابتدائي دور (1946ع-1948ع) ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا مختلف موضوعن تي مضمون ۽ ادبي خط وغيره شايع ٿيندا رهندا هئا، سندس هڪ تحقيقي مضمون ”سنڌ جا گمنام دهقاني شاعر“ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي حوالي سان اهميت رکي ٿو، جيڪو اپريل 1946ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر بلوچ هِن مضمون ۾ سنڌ جي گمنام شاعرن ۽ سگهڙن جي ڇڏيل قلمي اثاثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ، سهيڙي منظرعام تي آڻڻ جي هڪ رٿا ڏني. جنهن ڏَس ۾ پاڻ مضمون جي ابتدا ۾ لکي ٿو:
”ڀانئجي ٿو ته ڪنهن وقت اهل سنڌ جون دليون جيئريون هيون. ڳوٺ ڳوٺ ۾ شاعر ۽ سگهڙ موجود هئا. ۽ چپي چپي، شاعريءَ جي پلٽ، ملڪ ۾ موڪون لائي ڇڏيون هيون“.(3)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هِن مضمون ۾ سنڌ جي انهن سگهڙ شاعرن جو تذڪرو ڏنو آهي، جيڪي پنهنجي ڏات ۾ ته اعليٰ مقام جا حامل هئا، پر انهن کي اُها پذيرائي نه ملي سگھي، جن جا هو حقدار هئا. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:
”هي شاعر سنڌ جا موتي ۽ ماڻڪ آهن. مگر سندن مشهوريءَ تي، ڪن سببن ڪري، لٽ پئجي ويئي آهي. اسانجو فرض آهي ته اسين سنڌ جي زرخيز مٽيء ۾ لٽيل ۽ گهري عناد ۾ ڍڪيل، اهي ماڻڪ ۽ موتي، جواهر ۽ هيرا ڪڍي نروار ڪريون“.(4)
سنڌ جي آڳاٽن سگهڙن ۽ شاعرن جي ڇڏيل اثاثي جي سنڀار لهڻ ۽ اُن کي منظرعام تي آڻڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جي ڏنل رٿا کي مانُ ڏيندي اُن وقت جي ڪنهن ادب دوست صاحب پڻ هِن موضوع تي هڪ تحقيقي مضمون ”سنڌ جا دهقاني شاعر“ لکي مهراڻ رسالي کي موڪليو، جيڪو مهراڻ آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 1946ع ۾ ڇپيو.
”مهراڻ“ رسالي جي هِن شروعاتي دور ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ٻيو ليک ”بلوچستان جا نظارا- لس ٻيلي جو سفر“ مهراڻ مئي، جون ۽ جولاءِ ۾ ڇيپو. جنهن ۾ پاڻ سنڌ جي الهندي طرف وارا لڪ پسڻ ۽ سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جي لڪل سرمايه جي ڳولا ۾ 23 جون 1946ع/23 رجب 1365هه تي لس ٻيلي جي ڪيل سفر جو احوال قلمبند ڪيو آهي. هيءُ ليک سنڌي ٻولي، لوڪ ادب ۽ سنڌ جي ثقافتي تاريخ جي سلسلي ۾ اهم معلوماتي دستاويز آهي.
”مهراڻ“ رسالي جو ٻيو دور 1955ع کان شروع ٿئي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هِن ٻئي دور ۾ به سنڌي ادبي تاريخ جي حوالي سان ڀرپور نموني ۾ حصو وٺڻ لڳو ۽ مهراڻ لاءِ ٻولي، ادب، لوڪ ادب، ڪلاسيڪي شاعري ۽ لطيفيات تي تحقيقي مقالا لکيا، جن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
سنڌي لوڪ ادب سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جو اهڃاڻ آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو لکي ٿي:
”سنڌي لوڪ ادب ۾ سنڌ جي سموري تاريخ، جاگرافي، ثقافت ۽ تهذيب سمايل آهي. اسان کي سنڌ جي قديم تاريخ ڀٽن، چارڻن، سگھڙن، سالڪن ۽ شاعرن جي انهن گفتن ڳاهن، ڏورن، بيتن، ڳجھارتن، ڏٺن، لولين، مورن، ڏهسن، ڪافين، واين ۽ ڏوهيڙن ۾ ملي ٿي، جيڪي هتان جي عوامي محفلن، مجلسن ۽ ڪچهرين ۾ موضوع رهيون ته هن ڌرتي جي هر ننڍي ۽ وڏي تائين پهتيون“.(5)
اِهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي تاريخ جي ڪڙي کي ڪڙي سان ملائڻ لاءِ لوڪ ادب تي قلم کنيو ۽ سنڌ جا جهر جهنگ جهاڳي لوڪ ادب جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت کي نروار ڪيو ۽ اسان کي لوڪ ادب جو وسيع ذخيرو فراهم ڪري ڏنو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ ڪهاڻيءَ جي فني ۽ لغوي، تهذيبي ۽ معاشرتي، سماجي ۽اصلاحي، اخلاقي ۽ ادبي حيثيت تي هڪ تحقيقي مقالو ”لوڪ ڪهاڻين جي علمي اهميت“ لکيو، جيڪو مهراڻ 1/1963ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هِن مقالي ۾ لوڪ ڪهاڻي جي ابتدا، اوسر، تاريخي پس منظر، فني سٽاءُ ۽ ڪردارن تي سير حاصل بحث ڪري لوڪ ڪهاڻي جي علمي اهميت تي روشني وڌي آهي.
سنڌ جي سگھڙن ۽ شاعرن جو ڇڏيل منظوم ذخيرو سنڌ جو قلمي اثاثو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪ مقالو ”آڳاٽن سنڌي بيتن جو ناياب ذخيرو“ جي عنوان سان مهراڻ 1/2010ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ هُن جامي شاعر جي فارسي مثنوي ”يوسف زليخا“ جي حاشيي تي لکيل معياري سنڌي بيتن جو ناياب ذخيرو فراهم ڪيو آهي. هِن ذخيري ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح، مخدوم غلام محمد بگائي، مڱريو، حفيظ، رکيل، هادي، تنيو ۽ ڪجهه بنا نالي جي شاعرن جا بيت ڏنل آهن، جن ۾ سينگار شاعريءَ جو اعليٰ نمونو نمايان نظر اچي ٿو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جتي سنڌي لوڪ ادب جي اهميت ۽ افاديت کي نروار ڪيو، اُتي پاڻ شاعريءَ جي فني اڀياس تي پڻ قلم کنيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب هڪ تحقيقي مقالو ”سنڌي ۽ هندي شاعري جو لاڳاپو“ لکيو، جيڪو ٽن قسطن ۾ ”مهراڻ“ 1/1955ع، 2/1955ع ۽ 3/1955ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هِن طويل مقالي ۾ سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جي لاڳاپي جو ارتقائي ۽ فني جائزو بيان ڪري سنڌي ۽ هندي شاعرن جي شاعريءَ لفظن، اصطلاحن ۽ فڪري اثرن تي محققاڻي انداز ۾ جائزو پيش ڪيو آهي.
سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام سنڌ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ جو اهڃاڻ آهي. اِهوئي سبب آهي جو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان قلمي اثاثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اساسي شاعرن جي ڪلام کي سهيڙي سندن ڪلام کي موجوده صورتخطي ۾ آندو ۽ انهن تي تحقيقي مقدما لکي ڪلام جو فڪري اڀياس ڪري ان جي اهميت کي نروار ڪيو آهي.
قاضي قادن سنڌ ۾ سما دور جو وڏي ۾ وڏو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام جا ابتدا ۾ فقط ست بيت شاهه ڪريم جي ملفوظات ”بيان العارفين“ مان مليا، جن ۾ فڪر ۽ ڳوڙهن نُڪتن جي جهلڪ سمايل آهي. انهن ستن بيتن کي ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم ”سنڌي ساهت جا ست چمڪندڙ تارا“ سڏيو آهي(6). پر سنڌ جي هِن آڳاٽي اساسي شاعر جا سؤ کان به وڌيڪ بيتن جو ذخيري کي راجا رام شاستري هند جي صوبي هرياڻا جي هڪ ڳوٺ ”راٽيلا“ مان دادوپنٿي ڀڳتن جي هڪ ’مَٺ‘ (مَڙهِي) ۾ رکيل هڪ قلمي ڪتاب مان ڳولي هٿ ڪيا، جن کي هيري ڄيٺا لال ٺڪر ”قاضي قادن جو ڪلام“ جي نالي سان مرتب ڪري پوڄا پبليڪيشن، لارينس روڊ دهلي مان 1978ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو(7).
ڊاڪٽر بلوچ هن ڪتاب جو تحقيقي جائزو وٺندي هن ڪتاب تي هڪ طويل تحقيقي مقالو ”قاضي قادن جا بيت نئين تحقيق جي روشني ۾“ لکيو، جيڪو مهراڻ ۾ قسطوار، پهرين قسط 4/1978ع ۽ ٻي قسط 1/1979ع، ڇپيو. جنهن ۾ پاڻ سنڌ جي هن عظيم ڪلاسيڪي شاعر جي ڪلام تي نئين تحقيق جي روشني ۾ سندس ڪلام ۾ شامل ڌاري ڪلام تي بحث ڪيو آهي ۽ سندس شاعري جي فڪري بلندي ۽ شاعراڻي عظمت کي چٽي نموني نروار ڪيو آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لطيفيات جو وڏو ماهر هو. پاڻ لطيفيات جي حوالي سان مهراڻ ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا، جن مان هڪ مقالو ”شاهه جي بيتن ۽ وايُن ۾ وزن ۽ قافيي جا معيار“ جي عنوان سان مهراڻ 3/1986ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ سنڌ جي سرموڙ شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جي بيتن ۽ واين ۾ وزن ۽ قافيي جي استعمال جو فني جائزو پيش ڪيو آهي ۽ نج سنڌي شعر جي وزن ۽ قافيي کي سمجھائڻ لاءِ سنڌي لفظن جي ”صوتياتي نظام“ کي انتهائي باريڪ بينيءَ سان مثال ڏئي سمجهايو آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ”شاهه جو رسالو ۽ رسالي جو ڪلام“ تي تحقيق ڪرڻ دوران هڪ مقالو ”رسالي جي جامع مستند متن لاءِ صورتخطي“ لکيو، جيڪو مهراڻ 4/1986ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر صاحب هِن مقالي ۾ مختلف قلمي رسالن ۾ جدا جدا آيل لفظن جي اچارن مطابق صورتخطي تي تفصيلي جائزو مثالن سان پيش ڪيو آهي.
سندس هڪ ٻيو مقالو ”شاهه جي رسالي ۾ ٻين سالڪن ۽ شاعرن جو ڪلام، نئين تحقيق جي روشني ۾“ مهراڻ 1/1997ع ۾ ڇپيو. هِن مقالي ۾ پاڻ شاهه جي رسالي ۾ شامل ٻين شاعرن جي ڪلام جي تعداد تي غور ويچار ڪري، ڏهن جلدن واري تحقيقي رٿا هيٺ، هن مسئلي کي نبيريو آهي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:
موجوده تحقيق دوران، اعليٰ ادبي تنقيدي معيارن جي ڀيٽ ۽ پرکا سان اها تصديق ٿي چڪي آهي ته شاهه جي رسالي جي جملي مکيه ۽ معتبر قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾، ڪم از ڪم اٺهٺ (68) سالڪن ۽ شاعرن جا چيل اندازً 2180 بيت ۽ 140 وايون شامل آهن(8).
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ علمِ لسانيات تي به وڏي دسترس رکندڙ ماهر هو. 9- اپريل 1956ع تي پاڻ 16هين سنڌي ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ صدارتي خطبو ”سنڌي ٻولي - ان جو ماضي، حال ۽ مستقبل“پڙهيو، جيڪو مهراڻ 2/1956ع ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هن تاريخي خطبي ۾ ٻولين جي اُسرڻ ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ارتقا ۽ قدامت تي بحث ڪيو آهي ۽ پڻ عربن جي قديم تاريخن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي ٿيل ذڪر تي روشني وڌي آهي ۽ ٻولي جو حال ۽ مستقبل تي بحث ڪيو آهي.
ان کان علاوه سندن هڪ ٻيو تحقيقي مقالو ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ جي عنوان سان مهراڻ 1/1959ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ پاڻ قديم دور جو لساني پس منظر، سنڌ جي اوائلي ٻوليءَ جي تاريخ، بڻ بنياد ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ساخت ۾ ٻين ٻولين جي اثر تي بحث ڪندي سنڌيءَ کي سامي نسل مان نڪتل ڄاڻايو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي هِن نظريي تي ٻوليءَ جي ڪجهه ٻين ماهرن اعتراض ڪندي سندن راءِ کي رد ڪيو. جنهن جي وضاحت ڊاڪٽر صاحب مهراڻ 4-3/1959ع ۾ ڪندي لکي ٿو:
”انهن صاحبن کي اها غلط فهمي شايد مضمون جي پهرئين حصي پڙهڻ سان ٿي آهي، جنهن ۾ ”قديم دور“ جي لساني پس منظر کي بيان ڪيو ويو آهي. مضمون جي انهيءَ ڀاڱي کي غور سان پڙهبو ته معلوم ٿيندو ته اسان قديم دور واري ٻوليءَ کي ”سنڌ جي ٻولي“ سڏيو آهي ۽ انهيءَ کي موجوده ”سنڌي ٻولي“ کان جدا طور بحث هيٺ آندو آهي“.(9)
ڊاڪٽر صاحب جي هِن مقالي تي سراج الحق ميمڻ ”هڪ تنقيدي جائزو“ جي عنوان سان تنقيدي مقالو لکيو، جيڪو مهراڻ 4/1959ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر بلوچ هِن تنقيد جو جواب ”سنڌي ٻولي جي مختصر تاريخ (’تنقيدي جائزي‘ بابت وضاحت)“ مهراڻ 2-1/1960ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ پاڻ سراج الحق جي ڪيل تنقيد جي وضاحت تاريخ جي روشني ۾ تفصيل سان بيان ڪئي آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪ ٻيو مقالو ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي“ جي عنوان سان مهراڻ 2-1/1999ع ۾ ڇپيو. هيءُ دراصل ڊاڪٽر صاحب جي ساڳئي نالي واري ڪتاب جو مقدمو آهي، جنهن ۾ پاڻ سنڌي ٻولي، سنڌي الف- بي، سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي جي ابتدا ۽ اوسر تي روشني وڌي آهي.
ميون ابوالحسن ٺٽي جو مشهور عالم، فاضل ۽ استاد ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مقالو ”سنڌي صورتخطي جي تڪميل لاءِ وڏي عالم ميين ابوالحسن جو ڪامياب قدم“ مهراڻ 2-1/2008ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ پاڻ سنڌ جي هِن عالم جي سنڌي صورتخطي جي تڪميل لاءِ ڪيل ادبي خدمتن جو جائزو بيان ڪيو آهي.
سنڌ ۾ فارسي زبان ۾ تذڪره نويسيءَ جو آغاز 10هين صدي هجري مطابق16هين صدي عيسوي ۾ ٿيو(10). جنهن دوران ڪيترن ئي اعليٰ پايي جي عالمن ۽ محقق سنڌ جي اولياءِ ڪرام ۽ صوفياءِ عظام جي تذڪرن تي مشتمل ڪتابَ تحرير ڪيا. جن مان عبدالغفور بن حيدر جو لکيل سيوهڻ جي صوفي بزرگن جو تذڪرو ”تذڪره مشائخ سيوستان“ ادبي حوالي سان هڪ اهم تذڪرو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هِن تذڪري جو تحقيقي جائزو وٺندي هڪ جامع تحقيقي مقالو ”تذڪره مشائخ سيوستان“ لکيو، جيڪو مهراڻ 1/1972ع ۾ ڇپيو. ڊاڪٽر صاحب هِن مقالي ۾ هِن تذڪري جي مصنف جو احوال، تصنيف جو سبب، تاليف جو سن، تذڪري جي ماخذن ۽ اُن مواد ۽ فائدن تي محققاڻي انداز ۾ بحث ڪيو آهي ۽ تاريخي حقائق جي روشنيءَ ۾ تذڪري جي تاليف جو سن 1043ع مطابق 1653ع قرار ڏئي اُن جي اهميت ۾ اضافو ڪيو آهي.
ڪتاب ”فتحنامو عرف چچنامو“ سنڌ جي تاريخ جو اوائلي ماخذ آهي. هن تاريخي ڪتاب ۽ اُن جي مصنف جي احوال تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مهراڻ 3/1978ع ۾ هڪ مقالو ”فتحنامو (چچنامو) ۽ ان جو مترجم علي ڪوفي“ ڇپيو. جنهن ۾ ستين صدي هجري (تيرهين صدي عيسوي) دوران دهلي ۽ اُچ جو سياسي ۽ ادبي پس منظر بيان ڪري ڪتاب جي مصنف علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي جو احوال ۽ ستين صدي هجري (تيرهين صدي عيسوي) دوران لکيل تاريخ جي ڪتابن سان هِن ڪتاب ”فتحنامو عرف چچنامو“ جو تاريخي حقائق جي روشنيءَ ۾ تجزيو ڪيو آهي، جنهن سان هن بنيادي ماخذ جي اهميت ۽ افاديت جي پروڙ پوي ٿي.
سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي عالمن، محققن، مفڪرن، مؤرخن، اديبن، شاعرن ۽ سگهڙن جنم وٺي پنهنجي پنهنجي مقام تي علم ادب جي خدمت ڪري پاڻ مَلهايو آهي. اهڙن ڏات ڌڻين جي علمي، ادبي ڪاوشن کي منظرعام تي آڻڻ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ آخري دم تائين جاکوڙيندو رهيو ۽ پاڻ ڪيترن ئي عظيم شخصيتن جي سوانحي احوال تي تحقيق ڪري سندن شخصيت ۽ فن کي چٽي نموني اجاگر ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر بلوچ جا مهراڻ رسالي ۾ تحقيقي مقالا ڇپيل آهن، جن ۾ هِن پوِتر ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ عالمن، محققن، اديبن، شاعرن ۽ سگهڙن جي سوانح حيات ۽ علمي ادبي خدمتن تي روشني وڌي وئي آهي. انهن مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مولوي بهاؤالدين ”بهائي“، مولوي عبدالله لغاري، ڇَتو فقير سانگي، درويش راضي شاهه لڪياري، راضي فقير لاشاري، قاضي عبدالرؤف مرحوم مورائي، مخدوم امير احمد، مولوي حڪيم محمد صادق راڻيپوري، مولوي عطا محمد مهسراڻي، آخوند فيض محمد روهڙوي، قاضي سچيڏنو، لعلڻ خان لغاري ۽ محمد اسماعيل نُون جا نالا سرفهرست آهن.
سنڌ جي مانائتي شخصيتن، بزرگن، عالمن، مفڪرن، سياسي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن ۽ سگهڙن جي سوانح حيات تي مشتمل مهراڻ جو سوانح نمبر (4-3/1957ع) به ڊاڪٽر بلوچ جي خاص توجهه ۽ محنت جو نتيجو آهي، جنهن ”مهراڻ سوانح نمبر“ کي نهايت خوش اسلوبي سان معياري بنائي 130 شخصيتن جي سوانح عمري يڪجا ڪري تقريباً 700 صفحن تي مشتمل هڪ ضخيم رسالو ترتيب ڏئي منظرعام تي آندو، جنهن مان هر دور جو تاريخدان، محقق ۽ شاگرد لاڀ حاصل ڪري سگهي ٿو.
حوالا
1) هَڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر: ”هڪ ئي راڻو راڄ ۾ هو، جنهن کي ساري سرت هئي“
مهراڻ (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص نمبر) 2/2012ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص:311
2) آزاد قاضي: ”رسالي ”مهراڻ“ جو پهريون دور (هڪ اڀياس)“ مهراڻ 1/2005ع، ايضاً، ص:31
3) بلوچ، نبي بخش، پروفيسر: ”سنڌ جا گمنام دهقاني شاعر“ مهراڻ اپريل 1946ع، ڪراچي، ص:21
4) بلوچ، نبي بخش: ”سنڌ جا گمنام دهقاني شاعر“ مهراڻ سيپٽمبر 1947ع، ڪراچي، ص:04
5) کهڙو، حميده، ڊاڪٽر: ”سنڌ ماضي، حال ۽ مستقبل“ سهيڙيندڙ: منصور قادر جوڻيجو، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچي، سنڌ، ڇاپو پهريون 2007ع، ص:171
6) بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: ”قاضي قادن جا بيت نئين تحقيق جي روشني ۾“ مهراڻ 4/1978ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص:112۽ 113
7) بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: ”شاهه جي رسالي ۾ ٻين سالڪن ۽ شاعرن جو ڪلام، نئين تحقيق جي روشني ۾“، مهراڻ 1/1997ع، ايضاً: ص:26
8) بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: ”وضاحتي نوٽ“، مهراڻ 4-3/1959ع ، ايضاً: ص:151
9) بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: ”تذڪره مشائخ سيوستان“ مهراڻ 1/1972ع، ايضاً: ص:115