بيدل فقير جا همعصر ڪافي گو شاعر
(Contemporary Kafi Poets of Bedal Faqeer)

ڊاڪٽر مخمور بخاري
Abstract:

This paper looks at the technicalities of Kafi poetry of Faqeer Qadir Bux Bedal (1231 AH/1815–16th Zulqad 1289 AH/15 January 1873) and his four major contemporary Kafi poets: Faqeer Nanik Yousif (1208 AH/1792–9 Jamadiul Awal 1269 AH /1853), Daryah Khan Kandree Waro (1179 AH / 1765 – 1270 AH / 1853 AD), Khush Khair Muhammad Hesbani (1224 AH /1809 AD – 1294 AH / 1877 AD) and Peer Ali Gohar Shah Asghar (14 Rajabul Murjab 1231 AH / 1816 – 11 Jamadiul Awal 1263 AH/ 1845 AD). Sachal Sarmat is the torch bearer and Imam (Leader) of Sindhi and Seraiki Kafi, and he introduced new traditions. His followers in art and thought were: Faqeer Nanik and Faqeer Bedal and their contemporaries Daryah Khan Kandree Waroo, Khush Khair Muhammad Hesbani, and later on, Pir Ali Gohar Asghar adopted these traditions. Sachal Sarmat has devised and used 68 formats in his Sindhi and Seraiki Kafi, whereas Faqeer Bedal not only adopted 13 formats of Sachal but also devised 41 new formats. On the other hand, in the Kafis of his contemporaries Faqeer Nanik, Daryah Khan, Khush Khair Mohammad and Pir Asgar, we found not only these 109 formats but also some other ones, which are discussed in this paper. Meyoun Shah Inat was the first poet, who compiled his Risalo (compendium) on the basis of Surs (melodies). He has used 19 melody types. After him, Shah Abdul Latif added 7 more melodies; Sachal added 12, Nanik Yousif 14, Duryah Khan 05, Khush Khair Muhammad 01, Faqeer Bedal 04 new melodies. Pir Asghar did not introduce any new melody. This addition of melodies brought Sindhi Sufi poetry on the pinnacle of musical excellence.
Social, Economic, political and religious conditions of that period, along with usage of different musical compositions, concurrently gave momentum to popularity of Kafi. Poets under the study possess various merits including artistic usage of language. They all propound Sufi philosophy of Wahdatul Wijood (Oneness of being); and while speaking about place of human in universe, they remind him or her about his or her true position and stature. Like Sachal, they’ve also expressed their views fearlessly and they don’t appreciate concept of duality between Creator and creation.

سنڌي ماڻهوءَ جي مزاج ۾ حد کان وڌيڪ درگذر، برداشت، سهپ جهڙا عنصر موجود آهن ته ٻئي طرف وري مسئلن کان فراريت، پاڻ ۾ نااتفاقي، ساڙ ۽ حسد جهڙا رويا پڻ موجود آهن، تنهن ڪري سنڌي سماج ۾ ٻه مختلف ڪيفيتون گڏوگڏ هلن ٿيون. پهرين ڪيفيت هيٺ اسان جي هن خطي ۾ تصوف جو اثر وڌيو ڇاڪاڻ ته ٻين علائقن جيان اسان وٽ به حڪمران ۽ عوام جو ڪڏهن به ڪو گھرو تعلق نه جڙي سگھيو. سنڌ ۾ تصوف جي عام ٿيڻ جو هڪ سبب اهو به ڏسجي ٿو ته هتان جي ماڻهن گھڻو ڪري مسئلن جي حل جي بجاءِ ان کان فراريت اختيار ڪئي هن ڊگھي بحث کي اسان هتي نه ٿا ڇيڙيون فقط ايترو چونداسين ته اڄ جون حالتون اسان جي ڪالهه سان جڙيل آهن جيڪي يقينن سڀاڻ تي به اثر انداز ٿينديون.
تصوف جي اثر هيٺ رهندڙ ماڻهن صوفي مت سمجھائيندڙن کي پنهنجو اڳواڻ ڪري ڀانئيو ۽ انهن هتان جي ماڻهن جي ذهني، معاشي، علمي ۽ اخلاقي حالتن کي محسوس ڪندي انهن جي ذهني سطح تي لهي نه رڳو هنن جي ذهنن جي تربيت ڪئي پر منجھن اهو شعور به جاڳايو ته هڪ فرد ڪائنات جي اندر هڪ مڪمل حيثيت جو مالڪ آهي تنهن ڪري ان کي قدرت جي طرفان مليل پنهنجن بنيادي حقن جي گُھر ڪرڻ جو مڪمل اختيار آهي. سچل سائين چيو هو:
جي تو ڄاتو پاڻ، آئون ٻيو ڪي آهيان
ڪندءِ غرق گمان، ڳهلا انهيءَ ڳالهه ۾

۽ اڃا ٿورو اڳتي ائين به چئي ٿو:
ڇوڙ گمان گدائي والا، شملا چا ٻڌ شاهي دا

اسان جڏهن سنڌ جي اِن شعوري تاريخ جو مطالعو ڪريون ٿا ته اُن ۾ مخدوم نوحرحه کان وٺي شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، قاضي قادن، دادو ديال، شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنات، شاهه حبيب، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، خواجه صاحبڏنو، روحل فقير، مراد فقير، سچل سرمست، دريا خان، سامي، نانڪ يوسف، فقير قادربخش ’بيدل‘، محسن ’بيڪس‘، نوابشاهه ’سڪايل‘، پير علي گوهر شاهه ’اصغر‘، خوش خيرمحمد هيسباڻي، صوفي دلپت ۽ ٻيا به اڻ ڳڻيا نالا نظر اچن ٿا. هِنن سمورن صوفي مفڪرن عوام تائين پنهنجي ڳالهه پهچائڻ جا نرالا انداز به اختيار ڪيا، جنهن ۾ شاعري ۽ موسيقي خاص اهميت رکن ٿا. هنن پنهنجي فڪر کي مختلف شعري گھاڙيٽن ۾ آڻي مختلف راڳ، راڳڻين جي ذريعي ظاهر ڪيو جيڪو بنهه ڪامياب تجربو رهيو. شعري هيئت جي حوالي سان بيت ۽ ڪافيءَ کي اختيار ڪيو ويو ته ساڳئي وقت راڳ جون مقامي صورتون به اختيار ڪيو ويون ته گڏوگڏ هندستاني موسيقيءَ مان پڻ موقعي ۽ مناسبت سان فائدو ورتو ويو. اسان کي شعري هيئت جا نمونا قاضي قادن ۽ مخدوم نوح جي دؤر کان ملن ٿا جنهن ۾ بيت جون مختلف صورتون شامل آهن جن ۾ دوهو، سورٺو ۽ دوهو سورٺو ميل جهڙا نمونا به موجود آهن ته موسيقيءَ جي مڪمل ورڇ ميين شاهه عنات وٽ ملي ٿي. شاهه عنات جي ولادت جو سنه سنڌ جي وڏي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب 1030 هه کان 1035 هه / 1620ع کان 1625ع وچ ڌاري ۽ وفات 1120 هه کان 1125 هه / 1708ع کان 1713ع ڌاري ٿي آهي، (1) يعني ميين شاهه عنات ان دؤران پنهنجو رسالو ويهي جوڙيو جنهن کي هُن 22 سُرن ۾ ورڇيو آهي ۽ هي ئي بنياد آهي جنهن کي اڳيان رکي اسان جي شاهه عبدالطيف پنهنجي رسالي کي جوڙيو آهي. اڳتي هلي سچل سرمست راڳ واري پهلوءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ هُن پنهنجي ڪلام ۾ 23 سُر شامل ڪيا ساڳئي وقت سندس خاص طالب نانڪ يوسف وٽ سُرن جو هڪ نئون جهان آهي، هن مختلف سُرن جي آميزش سان پنهنجي شاعريءَ کي 30 سُرن ۾ اظهاريو آهي. ڪنڊڙيءَ جي دريا خان پڻ 24 سُرن ۾ پنهنجو خيال اظهاريو آهي. اهڙي ريت فقير قادربخش بيدل وٽ 19 سُر موجود آهن.
مٿي بيان ڪيل شاعرن وٽ موسيقيءَ جي سُرن کي سمجھڻ جي لاءِ هتي تفصيل پيش ڪجي ٿو، جنهن جي مدد سان اسان اڳتي اِهو سمجھي سگھنداسين ته ميين شاهه عنات کان بيدل فقير تائين شاعرن ڪهڙا راڳ، راڳڻيون پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيا آهن ۽ اڳتي اسان کي اهو به سمجھڻ ۾ آساني ٿيندي ته بيدل سائينءَ تائين سنڌ ۾ ڳايو ويندڙ راڳ ڪهڙي صورت ۾ موجود هو.
الف:
شاعر جو نالو موجود سُر اضافي / نوان سُر
ميـيون شاهه عنات سُر ڪلياڻ، جمن، کنڀات، سُر راڳ، رامڪلي، پرڀات، ڌناسري، چيتسري، پورب، ليلا، آسا، راڻو، بلاول، ديسي، سورٺ، سارنگ، توڏي، ڪاموڏ ۽ ڪارائيڙو (2). ابتدائي
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سُر ڪلياڻ، جمن، کنڀات، سُر راڳ، سامونڊي، سهڻي، سارنگ، ڪيڏارو، رامڪلي، رِپ، معذور، ديسي، حُسيني، سورٺ، بروو سنڌي، راڻو، بلاول، جوڳ، ليلا، جاجڪاڻي، پورب، آسا، ڪاموڏ، ڪارايل، ڪوهياري، ڌناسري (3). سُر سامونڊي، سهڻي، ڪوهياري، حسيني، ڪيڏارو، بروو سنڌي، ڪارايل، جاجڪاڻي، جوڳ.
سچل سرمست سُر آسا، گُجري، بلاولي، ڀيروي، ڌناسري، توڏي، پهاڙي، جھنگلو، سارنگ، پيلو، تلنگ، ڪسوري، پوربي، ڪوهياري، ديسي، راڻو، ڪلياڻ، کنڀات، ڪماچ، ويهاڳ، ڪوئنسيه، مالڪوس، جوڳ (4). سُر گجري، ڀيروي، جھنگلو، تلنگ، ڪسوري، پهاڙي، جوڳ، پِيلو، ڪماچ، ويهاڳ، ڪوئنسيه، مالڪوس.
نانڪ يوسف سُر تلنگ، ڪلياڻ يا درٻاري، نٽ، ڪوهياري، آسا، سورٺ، برهه يا بلاولي، بروو سنڌي، ڍوليه، مالڪوس، ڀيرو، بلاولي، گجري، ڪاريهر، سارنگ، پهاڙي، بلاولي کنڀات آميز، جين آميز جھنگلو، ڌناسري، جين، پِيلو، جوڳ، وهاڳڙو، ديسي، پهاڙي بطرز هوري، جھنگلو، بروو، مقامي، جين شڌ، آسا آميز گُجري (5). سُر ڪلياڻ يا درٻاري، نٽ، برهه يا بلاولي، ڍوليه، ڪاريهر، بلاولي کنڀات آميز، جين آميز جھنگلو، جين، ڀيرو، وهاڳڙو، پهاڙي بطرز هوري، مقامي، جين شڌ، آسا آميز گجري.
فقير دريا خان ڪنڊڙي وارو سُر سهڻي، ليلا، بلاول، بروو، پهاڙي، جوڳ، لوڙائو، ڪلياڻ، لوڙائو پهاڙي، شان، سارنگ، ڪوهياري، آسا، کنڀات، تلنگ، وهاڳ، ڌناسري، گُجري، ڀيرم، قصور، ڪسوري (6). سُر لوڙائو، لوڙائو پهاڙي، شان، ڀيرم، قصور.
فقير قادر بخش ’بيدل‘ سُر جھنگلو، بروو، بلاولي، سسئي، ديسي، سارنگ، پورب، جوڳ، نٽ ڪلياڻ، ڪامول، بهاڳ، سهڻي، بسنت، هوري، گنوري، آسا، سورٺ، ڌناسري، مالڪوس (7). سُر نٽ ڪلياڻ، بسنت، هوري، گنوري.
چارٽ الف موجب سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي هنن اهم شاعرن وٽ 63 راڳ / راڳڻيون استعمال هيٺ رهيون.
چارٽ ب ۾ انهن راڳن / راڳڻين کي عليحده ڪري ڏيکارجي ٿو جيڪي فقط هڪ ئي شاعر وٽ موجود آهن.
ب:
شاعر جو نالو انفراديت
مييون شاهه عنات سُر چيتسري، ڪارائڙو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سُر حسيني، ڪيڏارو، ڪارايل، جاجڪاڻي.
سچل سرمست سُر ڀيروي، ڪماچ، ڪوئنسيه.
نانڪ يوسف سُر نٽ، ڍوليه، بلاولي کنڀات آميز، جين آميز جھنگلو، جين، ڀيرو، وهاڳڙو، پهاڙي بطرز هوري، جين شڌ، مقامي، آسا آميز گجري.
دريا خان لوڙائو، لوڙائو پهاڙي، شان، ڀيرم، قصور.
بيدل فقير نٽ ڪلياڻ، بسنت، هوري، گنوري.
بنيادي طرح اسان جي هنن شاعرن جتي پنهنجي ڪلام ۾ راڳ، راڳڻين جا روپ ڏنا آهن اُتي هنن شعري گھاڙيٽن ۾ پڻ تبديليون آنديون آهن جيڪي انفراديت رکندي نت نراليون ٿي بيٺيون آهن. ميين شاهه عنات ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي وٽ بيت ۽ وائيءَ جي صورت موجود آهي جڏهن ته ان کان پوءِ جي شاعرن وٽ بيت ته ساڳيو رهيو پر وائي تبديل ٿي ڪافيءَ جي صورت اختيار ڪئي ڇاڪاڻ ته وائيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪافيءَ ۾ خيال، هيئت ۽ موسيقيت جي حوالي سان گھڻي وسعت آهي. اهڙي ريت پوءِ جي شاعرن سرائڪي شاعريءَ جو اثر قبوليندي سه حرفي/ٽيهه اکري کي به شعري ڍانچي طور استعمال ڪيو. سچل سائين اُن حوالي سان هڪ منفرد شاعر هو جنهن ڪجھه وڌيڪ شعري صنفون مثال طور گھڙولي، جھولڻو وغيره پيش ڪيو ته شاهه لطيف کان پوءِ ڪيڏاري جي روايت کي قائم رکندي ڪيڏاري جي بيتن چوڻ سان گڏ عروض موجب باقاعدي مرثيو به چيو. سرمست سائينءَ جو اهو فڪري ۽ شعري اثر سندس طالبن ۽ ٻالڪن کان ويندي سندن عقيدتمندن تائين به پهتو. بيدل فقير جي ڪلام ۾ پڻ اسان کي اهي ئي صنفون نظر اچن ٿيون.
ڪافي، خيال، هيئت ۽ موسيقيت جي حوالي سان هڪ وسيع صنف آهي ۽ ان کي اهوئي نڀائي سگھي ٿو جيڪو اُنهن ٽنهي بنيادن سان گڏ ٻوليءَ جو به ادراڪ رکي ٿو. سچل سائينءَ جي ڪافيءَ ۾ گھاڙيٽن جا 68 نمونا موجود آهن (8). جڏهن ته بيدل فقير وٽ ڪافيءَ جا 54 گھاڙيٽا موجود آهن جن مان 13 ساڳيا سچل سائينءَ جا آهن ۽ 41 نمونا فقير بيدل فقير جي پنهنجي تخليقي ايجاد آهن (9).
بيدل فقير (1231 هه / 1815ع - 16 ذوالقعد 1289 هه / 15 جنوري 1873ع) جا ڪافيءَ جي حوالي سان اتر سنڌ سان تعلق رکندڙ ٻه وڏا همعصر فقير نانڪ يوسف (1208 هه / 1792ع - 9 جمادالاول 1269 هه / 1853ع) ۽ دريا خان ڪنڊڙي وارو (1179 هه / 1765ع - 1270 هه / 1853ع) موجود هئا. جڏهن ته سندس هم عمر خوش خير محمد هيسباڻي (1224 هه / 1809ع - 1294 هه / 1877ع) ۽ پاڳارن جو گادي نشين پير علي گوهر شاهه ’اصغر‘ (14 رجب المرجب 1231 هه / 1816ع - 11 جمادالاول 1263 هه / 1845ع) ڪافيِءَ جو نرالو شاعر آهي. سندس رحلت جي تاريخ پڻ بيدل فقير چئي آهي. هت مختصر طور ڪافيءَ جي هنن چئن شاعرن جو بيدل فقير جي ڪافيءَ سان گڏيل مطالعو ڪنداسين.
تاريخي حوالن مان اها سُڌ پئي ٿي ته باقاعدي سنڌي ڪافيءَ جي شروعات سچل سائينءَ جي ڏاڏي خواجه صاحبڏني کان ٿي آهي، جيتوڻيڪ سندس ڪافيون تمام گھٽ مليون آهن پر اُن ۾ به يڪي ۽ ٻيڻي جا نمونا موجود آهن. (خواجه صاحبڏني جي ڪافيءَ بابت اڃا تائين ڪوبه تحقيقي ڪم نه ٿيو آهي.) خواجه صاحب کان پوءِ سندس پوٽي ۽ سنڌ جي فڪري وحدت جي علمبردار شاعر سچل سرمست ڪافيءَ کي فڪري ۽ فني ڀرپور اوج بخشيو. اڳ ذڪر ڪيو ويو آهي ته سرمست سائين يڪي، ڏيڍي، ٻيڻي، ٽيڻي، چئوڻي ۽ پنجوڻي ڪافيءَ ۾ قافين جي مٽ سٽ سان 68 نمونا جوڙيا. اها روايت سندس پوئلڳن به قائم رکي. سچل سائينءَ جي خاص طالب ۽ بيدل فقير جي وڏي همعصر فقير نانڪ يوسف ڪافيءَ ۾ وري فني حوالي سان سچل سائينءَ کان به ڪجھه اڳڀرو نظر اچي ٿو، هن جتي پنهنجي ڪافيءَ ۾ يڪي، ڏيڍي، ٻيڻي ۽ ٽيڻي جا نمونا اختيار ڪيا آهن اُتي هُن پنهنجي ڪافيءَ کي موسيقيءَ جو هڪ نئون جهان به ڏنو آهي. مختلف راڳ، راڳڻين کي پاڻ ۾ جوڙي هن هندستاني موسيقي اندر نوان راڳ جوڙڻ جي ڪوشش پڻ ورتي آهي ته گڏوگڏ هن موسيقيءَ جي هڪ نرالي انداز ’نرت - تال‘ کي به اختيار ڪيو آهي، يعني هِن جي شاعري ۾ بي انتها رواني ۽ رقص جي لفظي صورت موجود آهي. مثال طور:
ڌِنڪت ڌِنڪت سناوي، پريم موري بابو
ڌِنڪت سناوي، گيت گاوي، هينئڙو ڀاوي

برست برست لرجت لرجت گھن گھاري
جھنڪت جھنڪت ڌنڪت ڌنڪت ڦنڪت ڦن فنڪاري(10)
نانڪ فقير جو ڪلام موسيقي، رقص، والهانه رواني، ترنم ۽ لئه سان ڀرپور آهي جنهن کي بي ساختگيءَ سان ڳائي سگهجي ٿو سندس اها خصوصيت سندس دؤر جي شاعرن تي حاوي آهي جيتوڻيڪ سندس دؤر جي ٻين شاعرن وٽ به ڪيتريون ئي فني ۽ فڪري خوبصورتيون موجود آهن پر نانڪ فقير واري رواني، ترنم ۽ بي ساختگيءَ جي برابري نه ٿيون ڪن.
ڪنڊڙي سنڌ جي صوفياڻي تاريخ ۾ هڪ الڳ مقام رکي ٿو هي اُهو علائقو آهي جتان جي ڪلتارن: روحل فقير، مراد فقير ۽ دريا خان تصوف ۽ ويدانت کي ملائي پيش ڪيو. روحل فقير، خواجه صاحبڏني جو همعصر هو سندس گھڻي شاعري ته هنديءَ ۾ ملي ٿي پر سنڌي ۾ ملندڙ مختصر ڪلام ۾ بيت سان گڏ ڪافي به موجود آهي ساڳي طرح مراد فقير به بيت ۽ سه حرفيءَ سان گڏ ڪافي به چئي آهي جنهن ۾ عشق، بيقراري، تڙپ، هيڪڙائي، وحدت، توحيد ۽ سڀ ۾ پنهون پاڻ جهڙا موضوع ۽ مضمون سمايل آهن. اُن ئي روحل فقير جي گھر ۾ دريا خان جهڙو سنڌي، سرائڪي ڪافيءَ جو هڪ نرالو انداز رکندڙ شاعر به پيدا ٿيو، جنهن وٽ پڻ پنهنجي دؤر جي مروج شعري هيئتن ۽ تجربن جا انوکا مثال موجود آهن، سندس ڪافي پڻ راڳ تي ورڇيل آهي (جنهن جو ذڪر اڳ ڪري آيا آهيون) ته اهڙي ريت ڪافيءَ جا مختلف گھاڙيٽا ۽ منجھس ٻيون فني ۽ فڪري خوبصورتيون پڻ موجود آهن:
تنهنجي چشمن جا چهچڪار، اوٿر سڪ جا ٿا يار اٿارن
عشق لذت مؤن سوئي ڄاڻي، جيڪو هجي سدائي ساڻن
اهڙا جن جا اعتبار، ڳاٽ ڀريو ٿا ڳوڙها ڳاڙهن

ڀنڀا ڀرون، ڪنڍيون پنبڻيون، چين وڃن ٿيون ڇوهيون ڇني
چٽن ڏندن جا چمڪار، چوڪان ڏيئي جڏهن نهارن(11)

بيدل فقير جو همعصر ضلعي نوابشاهه سان تعلق رکندڙ خوش خير محمد هيسباڻي به سچل سائينءَ جي ڇڏيل شعري روايتن واري واٽ ورتي. هن تي فني توڙي فڪري طور درازي درويش جو گهرو اثر موجود آهي، وٽس ڪيترائي خيال اُن ئي اثر هيٺ نظر اچن ٿا ته گڏوگڏ هن وٽ پنهنجي انفراديت پڻ آهي. سندس هڪ خوبصورت ڪافيءَ جون سٽون آهن:
نينهن پڙهائي نماز
عشق ٿي آيو امام اسان جو

حضرت عشق اسان جو دائم
ڏينهن قيامت تائين قائم
نوڙي ڪيوسين نياز
سجدو ٿي آيو سلام اسان جو

خير محمد بيان چوان مان
اعليٰ عشق جو شان چوان مان
عرش ۾ آهي آواز
جلدي پهچايو پيغام اسان جو (12)

بيدل فقير جو همعمر پاڳارن جو گادي ڌڻي پير علي گوهر شاهه ’اصغر‘ سائين ڪافيءَ جو بي انتها نرالو ۽ خوبصورت شاعر آهي سندس جنم بيدل فقير کان هڪ سال پوءِ ٿيو ساڳئي علائقي ۾ رهيا، يقينن سندن ملاقاتون به ٿيون ۽ علمي ۽ شاعراڻي سطح تي هڪٻئي کان ڪجھ سکيو به هوندن. بيدل فقير سندس جوانيءَ ۾ وفات تي قطع تاريخ به لکي. ’اصغر‘ سائين بحيثيت درگاهه جي گادي نشين جي پنهنجي وقت ۾ درگاهه جي تعمير کان ويندي جماعت جي پرگھور لهڻ، پنهنجي خاندان جي بزرگن جي ملفوظات شريف کي گڏ ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي علمي، ادبي، روحاني معاملن ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو ته اُن سان گڏ پاڻ راڳ جو به وڏو ڄاڻو نظر اچي ٿو. سندس ڪافيون 22 راڳن ۾ ورڇيل آهن جنهن ۾ ڪيتريون ئي فني، فڪري ۽ ادبي خوبيون موجود آهن ته سندس ڪافين ۾ ٻوليءَ تي گرفت جو به نادر نمونو موجود آهي. تجنيس حرفي ته سندس ڪافيءَ جي سڃاڻپ آهي:
وسئون آءُ وياس، سرتيون ڏيو نه سُرت مون
پرت کان پنهونءَ جي، پهاڙين پياس
لڪن تي لعلڻ، ڏسان آئون ڏياس
ملڻ تنهن محبوب جي، ڪين اچي قياس
سُرت کؤن سنسار جي، ’اصغر‘ نينهن نياس (13)
فقير قادربخش بيدل بنيادي طرح سچل سرمست جي فڪر ۽ شعري روايتن کان گھڻو متاثر آهي راڳ کان ويندي شعري گھاڙيٽن تائين فني نواڻ کان ويندي فڪري اظهار تائين ڪيتريون ئي هيئتي ۽ ادبي خوبيون وٽس سچل سائينءَ جي معرفت آيون آهن ته ساڳي طرح هو اُتي بيٺل نه رهيو آهي روايتن کي برقرار رکندي نين روايتن ڏانهن به قدم وڌايا اٿس ته گڏوگڏ مٿي ذڪر ڪيل سندس دؤر جي چئن اهم شاعرن جي سٿ ۾ بيدل فقير نرالو ۽ منفرد آهي. هت هنن شاعرن جي ڪلام ۾ موجود ڪجھ فني هڪ جهڙاين ڏانهن توجھ ڪنداسين جنهن جو مقصد فقط اهو آهي ته اسان اتر سنڌ ۾ سچل کان پوءِ قائم رهندڙ ڪافيءَ جي روايت کي پرکي سگھون.(14)
بيدل فقير وٽ يڪي، ڏيڍي، ٻيڻي، اڍوڻي، ٽيڻي ۽ چئوڻي ڪافيءَ جا مکيه گھاڙيٽا موجود آهن جنهن ۾ وري هِن صاحب قافين جي مٽ سٽ سان 54 نمونا جوڙيا آهن. سندس ذڪر هيٺ آيل ڪافي گو شاعرن وٽ به ڪافيءَ جا ڪيترائي گھاڙيٽا موجود آهن. بيدل فقير جي يڪي ڪافيءَ جو هڪ نمونو آهي جنهن جو ٿلهه ۽ بند هڪ سٽو ۽ ٿلهه جي ٻئي ۽ هر بند جي ٻئي پد ۾ قافيو آيل آهي:
تون ته اهو ساڳي آهين، ذات مقدس پاڪ
مار نغارو وحدت وارو، بيدل ٿــي بيباڪ
(ب، ص 198)
نانڪ يوسف وٽ پڻ ساڳيو گھاڙيٽو موجود آهي. چئي ٿو:
ويک چُڪي سنسار ڪي بازي، اڳلي ويکو چل بازار
جنجل هي اس جڳت ۾ جيوڻ، قسم سهي سرور سردار
(ن، ص 220)
اصغر سائينءَ وٽ به هن قسم جو گھاڙيٽو موجود آهي. هن وٽ ڏکئي قافيي جي نباهه جو فن به ڪمال جو آهي. چئي ٿو:
عاشق انهيءَ عشق ۾، بلڪل نه تون عاجز ٿجانءِ
نازڪ سڳو ٿئي نينهن جو، سو نيٺ نباهي نجانءِ
(ا، ص)
ساڳئي گھاڙيٽي ۾ بيدل فقير قافيي کان پوءِ رديف به آندو آهي. هن قسم جون ڪجھ ڪافيون سندس شايع ٿيل رسالن ۾ موجود آهن. چئي ٿو:
راءِ پنهنجـي يـار پيـارو، آيو هن اسـرار ۾
معنيٰ ملڪ کؤن آيو سهڻو، صورت جي سنسار ۾
(ب، ص 219)
نانڪ فقير وٽ به ساڳيو ئي گھاڙيٽو موجود آهي:

پلڪون گذارڻ آيون، پرينءَ ريءَ پرڏيهه ۾
اهنجون سهنجون ساڻ محبوبن، دردن واري هن ڏيهه ۾
(ن، ص 92)
بيدل فقير وٽ يڪي ڪافيءَ ۾ هڪ اهڙو به نمونو آهي جنهن جو ٿلهه هڪ سٽ هڪ پد وارو آهي ۽ بند هڪ سٽو ٻه پد وارو آهي، قافيو ٻنهيءَ جي پڇاڙ ۾ آيل آهي ۽ رديف به شامل اٿس:
عشق دي لڳڙي تار مينون
باغ بسنت بهار بيرنگي، کليا گل گلزار مينون
(ب، ص 243)
اصغر سائينءَ وٽ به اهڙي ڪافي موجود آهي مثال طور:
دوست دلاسو ڏئي ڏکيءَ کي
پهريان پرت ۾ يار پيارا، جو راڻو تو ڏنو جکي کي
(1، ص 155)
يڪي ڪافيءَ ۾ فقير قادربخش وٽ هڪ ٻيو به گھاڙيٽو آهي جنهن جو ٿلهه ۽ بند ٻه پد هڪ سٽو آهي. ٿلهه جو پهريون ۽ بند جو ٻيو پد پاڻ هم قافيه آهن، ان گھاڙيٽي واريون ڪافيون بيدل فقير وٽ جام ملن ٿيون ته ساڳي وقت سچل سائينءَ وٽ به ڪافيءَ جو اهو نمونو موجود آهي. بيدل چئي ٿو:
آيو پهري ويس، صورت جو بيـــــرنگ نيـــارو
ذات ڇپاوت لوڪ ڀلاوت، لالن ڪيڙو لبيس
(ب، ص 227)
فقير نانڪ وٽ به اهو گھاڙيٽو موجود آهي:
سوئي تان گم ٿيوسين، جنهن ڀانئيو ٿي جوئي آهيان
عشق اناالحق ٻولي ٻولي، هينئڙي هُل پيوسين
(ن، ص 91)
ڪنڊڙيءَ جو ڪلتار چئي ٿو:
وسئون ٿيڙم ووئي، سانگين پاسي اڄ سانگ ٿيا
جنهن لئي جيءُ جلي ٿو هئي هئي، ڇڏيان ڪين اهوئي
(د، ص 52)

پير ڳوٺ جو پڳدار چئي ٿو:
ريٽي آيس راڄ، ساهڙ تنهنجي سڪ کؤن
وو سڪ وارن جي سير ۾، لعلڻ رکج تون لاڄ
(ا، ص 288)
يڪي ڪافيءَ ۾ ڏيڍي ٿلهه ۽ هڪ سٽي بند واريون ٻه ڪافيون روهڙيءَ جي هن رانجھڻ وٽ ملن ٿيون:
لڳي اساڏڙي ياري، جائي جادوگر نالي ماهي مسافر نالي
ڪهنون ڏَسان وت دل دي ويڌن، ديدان دي مين هان هاري
(ب، ص 284)
نانڪ فقير وٽ ان قافيي سان ٺهڪندڙ ڪافيون موجود آهن. مٿئين ڪافيءَ جي ٿلهه جو پهريون ۽ بند جو ٻيو پد هم قافيه آهي جڏهن ته ٿلهه جو ٻيو پد وراڻيءَ سان هم قافيه آهي جنهن ۾ ’نالي‘رديف طور آيل آهي. نانڪ فقير جي ڪافيءَ جي ٿلهه جو پهريون پد بند جي ٻئي پد سان هم قافيه آهي سندس هي ڪافي لفظي جڙت ۽ پيشڪش جي حوالي سان خوبصورت نظر اچي ٿي:
عشق الا بيرنگي، هو ڪيهي ڪيهي ڪم ڪريندا
رنگ رنگيلا واهه رسيلا
ڌڪڻ، طنبوري، سارنگيان، نالي هردي هيءُ نت سنگي
آپن چرچا مزگان مرچان، نين صلح خود جنگي
او اُڌر جانا او اِڌر هي، عشق ڳجھارت انگي
سمجھڻ مشڪل بات برهه ڪي، آپ ۾ پلڪي چنگي
نانڪ يوسف يار هادي دي، اسين موالي ڀنگي
(ن، ص 246)
اُن کان اڳتي نانڪ فقير جي هڪڙي ٻي ڪمال خوبصورت ڪافي به موجود آهي جنهن جو حُسن ڪافيءَ جي تصغيريت ۾ سمايل آهي لئي ۽ ترنم سان ڀرپور اُن ڪافيءَ جو سٽون آهن:
نينان ديان نوڪڙان، مارن ٻاڻ برهه بيرنگي
چوريءَ ڏيوڻ چوڪڻان
ٻاڻ اکين دي رنگ رس پيون، ڪيهي ڪل ٻاهان لوڪڻان
مل سيالي سڀو آڇن، ڪيا ڪرين ٻنهان ٿوڪڻان
سڀ سهيليان کٽيان هوڪر، لاهن ٽهڪان ٽوڪڙان
ايڏي اوڏي مول نه ڀاوين، رانجھه اکن دل جھوڪڙان
’نانڪ يوسف‘ يار دي محبت، ڏتا منهن موڪڻان
(ن، ص 247-246)
بيدل فقير وٽ يڪي ڪافيءَ جو هڪ ٻيو به نمونو موجود آهي جنهن موجب ٿلهه چار پد ٻه سٽو ۽ بند ٻه پد هڪ سٽو آهي. ٿلهه جو پهريون، ٽيون ۽ بند جو ٻيو پد هم قافيه آهن جڏهن ته ٿلهه جو ٻيو ۽ چوٿون پد هم قافيه آهن:
جسم دي ڀول نه ڀُلين، تونهين روح روحاني
جسم دي ڀول نه ڀُلين، تونهين نور نوراني
جسمئون ڌار تون ٻهون گذاريا، چول اڳي وانگين چلين
(ب، ص 333)
دريا خان وٽ ان سان مشابهت رکندڙ گھاڙيٽو موجود آهي فرق فقط اهو آهي ته هن جي ٿلهه جو ٻيو، چوٿون ۽ بند جو ٻيو پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن:
پهچن منهنجون ماروئڙن ڏي، دل درد جون دانهون
درد جون دانهون ٻڌي من، اچن اوڏانهون
ٿيس بندياڻي بند ۾، ٻيون سڀ ويون واهون
(د، ص 49)
بيدل فقير وٽ ڏيڍي ڪافيءَ جو نمونو به موجود آهي جنهن ۾ به هن قافين جي مٽ سٽ سان 14 نمونا جوڙيا آهن. هڪ نموني مطابق ٿلهه ۽ بند هڪ سٽو ٻه پد وارا آهن ۽ بند سان وراڻي به شامل آهي. ٿلهه جو پهريون ۽ بند جو ٻيو پد هم قافيه آهن جڏهن ته ٿلهه جو ٻيو پد بند جي وراڻيءَ سان هم قافيه آهي:

آءُ ڀلي يار آئين، وڳو ڍڪي انساني
آئي تنهنجي ٿيون سرهايون، سهسين رنگ سمائين
جوءِ وسائي جاني
(ب، ص 197)
فقير دريا خان وٽ ان گھاڙيٽي سان گھڻي هڪ جهڙائي رکندڙ ڪافي موجود آهي. جنهن موجب ٿلهه جو پهريون ۽ بند جو ٻيو پد هم قافيه آهن جڏهن ته ٿلهه جو ٻيو پد هڪ لفظ جي تبديليءَ سان بند جي وراڻيءَ طور بار بار اچي ٿو:
آءُ مارن ريءَ هت ماندي، اُهي ايندم شال ايندا
آءُ پنهنجي سنگھارن سان، هيڪر ٿيان هيڪاندي
اُهي نييندم شال نينئدا
(د، ص 50)
نانڪ فقير وٽ ٿوري تبديليءَ سان ساڳي قسم جو گھاڙيٽو موجود آهي جنهن جي ٿلهه جو پهريون ۽ بند جو ٻيو پد هم قافيه آهي جڏهن ته هر بند جي وراڻي پاڻ ۾ هم قافيه آهي:
اندر منجھه اليل، جيڏيون عشق مچايا
راهه سانول جي روز نهاريان، ايندم شال سويل
ويندا ڏک ڏولاوا
(ن، ص 96)
ڏيڍي ڪافيءَ جي مٿئين گھاڙيٽي جهڙو هڪ ٻيو نمونوبه موجود آهي جنهن ۾ فقط قافيي کان پوءِ رديف آيل آهي:
اچي پيا سي اسي يار، محبت جي مهرياڻ ۾
کيلي عشق اروپ جي بازي، لڪيون ڇپيون دل کسي يار
صورت جي سامان ۾
(ب، ص 213)
اصغر سائينءَ وٽ به هن قسم جو گھاڙيٽو ملي ٿو:
آريءَ اڙيون اکڙيون اڻيون، تون سان جاني منهنجون توڙ کؤن
ايندس ايڏانهين پٺي اوهان جي، جوڳن جاهه پائي جڻيون
ويهندس ڪين ووڙ ک‍ؤن
(ا، ص 311)
بيدل فقير جو هڪ ٻيو همعصر ۽ ڪافيءَ جي نرالي شاعر خوش خيرمحمد هيسباڻيءَ وٽ به هن قسم جي ڏيڍي ڪافيءَ جو نمونو ڪجھ ڦير گھير سان موجود آهي. سندس هڪ مشهور ڪافيءَ جو سٽون آهن:

پسي صورت جو سلطان، همئه حيران لڳي
جن ملائڪ حوران پريون، هر هڪ ٿي حيران
پڙهڻ سبحان لڳي
کليا حُسن چمن چؤ طرفين بلبل ٿي مستان
برهه بوستان لڳي
(خ، ص 65)
اُن سٽاءَ جهڙيون هِن وٽ ٻيون به ڪافيون موجود آهن.
ٻيڻي ڪافيءَ جا نمونا به بيدل فقير وٽ موجود آهن سندس ڪافيءَ جو هڪ نمونو آهي:
حُسن بسنت بهار بيرنگي، چمن کليا چوڌاري
نقش نگار عجائب بڻيا، هار سينگار هزاري
گلبدن گلزار مين آيا، هر جا ٿي هُٻڪاري
(ب، ص 238)
هن ڪافيءَ جي ٿلهه جو ٻيو ۽ هر بند جو ٻيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. پير علي گوهر شاهه وٽ اِن قسم جون ڪافيون موجود آهن:
دل درد کؤن ديوان ٿي، اکڙيون آريءَ سان اڙيون
محبت ۾ من مخمور ٿيو، جيءَ جان جانب سان جڙيون
لڪ ٿي پسان تنهن يار لئي، ليڙا ويس لڪ تان لڙيون
(ا، ص 58-157
بيدل فقير مٿئين گھاڙيٽي سان هڪ جهڙائي رکندڙ ڪن ٻين ڪافين ۾ قافيي کان پوءِ رديف به آندو آهي:
رانجھو نال مين تخت هزار ويسان، هڻ ڇٽيان جھنگ سيال ڪنون
جنهن دي شوق ڇڙايا روح ساڏا، اهين ڪثرت والي ڪشال ڪنون
تنهن دي نينهن دا نت نباهه منگان، دل چاتم ملڪ مال ڪنون
(ب، ص 311)
اصغر سائين جي رسالي ۾ به ڪافيءَ جو اهو نمونو ملي ٿو:
هينئڙو هاڃي ۾ عشق نيئو، چشمان چريو ديدار ڪيون
ڀڙڪا برهه جي باهه ڪيا، عاشق وڃن گلزار ڪيون
ترسيو نه ترسن تاب کؤن، ڪوپا وڃن ڪڏڪار ڪيون
(ا، ص 165)
روهڙيءَ جي رانجھڻ وٽ ٻيڻي ڪافيءَ ۾ هڪ ٻيو نمونو به موجود آهي جنهن جي ٿلهه جو پهريون ۽ بند جو ٽيون پد، ٿلهه جو ٻيو ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن جڏهن ته بند جو ٻيو ۽ ٽيو پد هم قافيه آهن:
عشق دا عالي شانُ مشڪل سگھندي سمجھه سياڻي
قاضي ملان پڙهندي ڪتابان، ٻيٺي تولن ڏوهه ثوابان،
نيهن ڪنون نادان، مام محبت دي ڪون پڇاڻي.
(ب، ص 335)
ڪنڊڙي جي دريا خان وٽ به اِن قسم جو گھاڙيٽو موجود آهي.چئي ٿو:
ڪر عشق الهه اختيار يار، تون ڪيئن غافل ڏينهن گذاريا
’و نحن اقرب‘ پاڻ چيائين، اهو هو ڪو حق ڏنائين
ٻڌ گوش ڏئي گفتار، موتو ٿيا سي ڪنهن نه ماريا
(د، ص 64)
خوش خيرمحمد وٽ به هن قسم جو گھاڙيٽو ٿوري تبديليءَ سان موجود آهي فرق صرف اهو آهي ته اُن جي بند جو پهريون، ٻيو ۽ ٽيون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن جڏهن ته چوٿون پد ٿلهه جي ٻئي پد سان هم قافيه آهي:
محبت ميدان ۾، عاشق کوڙين ٿا نينهن نيشانا
جوڙي جڻيا جنهن پاتا، نڀائج نينهن جا ناتا
حُسن شعلات حق ڄاتا، ٻڌن مر عشق ڳل ڳانا
(خ: ص 53)
هڪ ٻي ڪافيءَ جو ٿلهه ڏيڍو اٿس ۽ بند ٻيڻو، ٿلهه جو ٻيو ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. فقير قادربخش بيدل جي اِن قسم جي ڪافين مان هڪ مشهور ڪافيءَ جو سٽون آهن:
سُر حقيقت وارو، سالڪ ڪو سمجھي
راز رباني وارو
آهه ظهورو حسن جو هر جا، هر سو در هر شي
معنيٰ انهيءَ مام جي، پاڻ نه ڪو پرجھي
(ب، ص 192)

نانڪ فقير جي هيءَ ڪافي مٿئين نموني سان ڪجھه هڪ جهڙائي رکي ٿي:
واهه واهه سجن تيريان اکيان، ڪيسا اِنهان رنگ لايا هي
رنگ لايا هي جهڙ لايا هي
طرحو طرحين ڏيون ڏيکالي، ڪيفي قاتل ڪجلي ڪالي
دام زلف ڇٽڪايا هي، لٽڪايا هي لٽڪايا هي
(ن، ص 202)
هن ڪافيءَ جو حُسن قافين جي تڪرار ۾ سمايل آهي. فقير قادربخش بيدل جي دؤر ۾ جيتوڻيڪ سنڌي غزل جا چٽا پٽا آثار ظاهر ٿي چڪا هئا پر باوجود اُن جي هن غزل نما ڪافيون چيون آهن. ٻيڻي ڪافيءَ جي اهڙي نموني ۾ ٿلهه ۽ بند چار چار پد ۽ ٻه سٽو آهي، قافيو هر سٽ جي پڇاڙ ۾ آيل آهي سندس ڪلام ۾ اهڙيون 13 غزل نما ڪافيون موجود آهن:
جوشئون جلائي جسم کي، جيءَ ۾ ڪي پائج جھاتڙيون
ريءَ درد سڀ ڳالهيون ڦڪيون، وهه واهه برهه جون باتڙيون
جي تو طلب تڪرار آ، گوندر گذارج راتڙيون
تو سر سگھو ٿيندين ادا، بيشڪ برهه برساتڙيون
(ب، ص 190)
نانڪ فقير وٽ به اهڙو نمونو موجود آهي. سندس هڪ مشهور غزل نما ڪافيءَ جون سٽون آهن:

ڌو پڙ ۾ ڌڪو، سڄڻ ڌو پڙ ۾ ڌڪو
عشق جي آڙاهه ۾، ڏي ٽاهه ٽنگر ٽپو
بنا دوستيءَ دوست جي، ٻيو خان کپت کپو
هادي هر دم حاضر ناظر، امڙ نه ڪو ابو
(ن، ص 69)
خوش خيرمحمد وٽ ڪجھه اهڙيون ڪافيون به ملن ٿيون جيڪي هوبهو غزل ڀانئجن ٿيون اُن قسم جي ڪافين تي غزل هجڻ يا نه هجڻ بابت تحقيق ۽ تنقيد جي ضرورت آهي. سندس هڪ پد واريون ٻيڻين ڪافين جا هت ٻه مثال پيش ڪجن ٿا:
احمد کي اوهان احد سڃاڻو
ميم واري اٿو مام
ميم منجھان جي مست ٿيا
جُنگ ڀري پي جام

احد منجھان ٿي احمد آيو
پهري ميم سندي پوشاڪ

جنهن جو نور ظهور ڪيو
عرض و سما افلاڪ
(خ: ص56-55)
سندس ڇپيل ڪلام ۾ مٿئين سٽاءَ جهڙيون چئن پدن واريون ڪافيون پڻ ملن ٿيون.
بيدل فقير جي ڪلام ۾ هڪ اهڙي ڪافي به موجود آهي جيڪا مٿين ڪافيءَ جي هوبهو هوندي به ڪجھه منفرد آهي يعني فقير سائين اُن ۾ اِها تبديلي آندي آ ته بند جو پهريون، ٻيو ۽ ٽيو پد هم قافيه ڪيا اٿس. چئي ٿو:

محبت دي مام اوکي، سمجھن ڪڏان سياڻي
عشق دي چال الٽي، قاضي ملان ڪيا ڄاڻي

ملان پڙهن ڪتابان، مسئلا ڏسن شتابان
سڀ عمر وچ حجابان، غافل دي ڏينهن وهاڻي
(ب، ص 209)
سچل جو پيارو طالب نانڪ يوسف چئي ٿو:
هادي تنهنجي حُسن جا، ڪيها ڪهڙا نظارا
سينگار سؤ رنگن ۾، بي انت پُر پسارا
سڀ روپ ۾ نيارو، آهي سندءِ اوتارو
محبوب تون سچارو، سڻ شوق جا شوڪارا
(ن، ص 71)
فقير خوش خيرمحمد به انُ ڀران ڪافي چئي آهي:
رند روز شب آهن سدا، وحدت جي واديءَ ۾ غرق
ڪوڙين ڪتابن جو پڙهين، تب آهه هنَ هنَ ۾ فرق

تن کي نصيحت ڇا ڪندي، ڄاڻن ٿا هڪ نيڪي بدي
هيءَ ڪا رسم آهي رندي، اصلئون ملامت جن مرڪ
(خ: ص 50)
اصغر سائينءَ وٽ به اهو گھاڙيٽو موجود آهي:
آيو ڪانگ اديون ٿيو، ايمان منهنجو
مٺي ٻولي ٻولي ويو، ارمان منهنجو

سائي ٽاري ٽلي آيو ڪانگ ڪهي، خبرون کيانتي ڏنيون ساري سڀ سهي
پسي مام محبن پکي پاڻ ويهي، ڏسي هينئڙو ٿيو حيران منهنجو
(ا، ص 203)
روهڙيءَ جي رانجھڻ وٽ ٽيڻي ڪافيءَ جا به ٻه نمونا موجود آهن. اختر درگاهيءَ جي ترتيب ڏنل ’بيدل سائين جو رسالو‘ ۾ ڪافي نمبر 80، 100، 241 ۽ 242 به مٿين ڪافين جهڙيون آهن. فرق فقط اهو آهي ته هنن جو ٿلهه هڪ هڪ پد وارو ٻه سٽو آهي جيڪو بند جي ڇهين پد سان هم قافيه آهي ۽ بند جو ٻيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ هم قافيه آهن. مثال:
دم الله عشق ڪيتي مين چائي
دم الله نينهن دي مين ها نپائي

عشق آدم دي نال ڪيا ڪيتا، نيڻئون نير وهايا
ابراهيم نون زوران زوري، آتش وچ سٽايا
اسماعيل نون ذبح ڪريندا، بڻايا برهه ڪاسائي
(ب، ص 313)
ڪنڊڙيءَ جي ڪلتار وٽ ان قسم جي ڪافي سُر لوڙائو پهاڙي ۾ موجود آهي:
بنيان وس وري، ايندم لوءِ لڏي
پکا ساڻ پکن جي، اوڏاڪن اڏي

خواب خيال سدا، ماروئڙن من ۾
پل پل پور پون، طرحين طرحين تن ۾
آيم خبر کري، نيئندم سانگ سڏي
(د، ص 55)
خوش خيرمحمد وٽ به ٽيڻي ڪافيءَ جو نمونو هوبهو اڳين ڪافين جهڙو آهي:
ڪڍي قدم ڪايا کؤن ٻاهر ڪر
تڏهن هرجا ايندءِ حق نظر

شيش محل ۾ شاهه ٿو ٻولي
ڏس اندر جون اکيون کولي
خاڪ بنگلي جو اٿئي نام بشر
(خ: ص 56)
فقير نانڪ يوسف وٽ به ٽيڻي ڪافيءَ جا ڪجھ گھاڙيٽا موجود آهن جيڪي بيدل فقير جي ٽيڻي ڪافيءَ جي گھاڙيٽن کان عليحده آهن. ساڳي طرح بيدل فقير وٽ چئوڻي ڪافيءَ جا به ٻه نمونا موجود آهن، دريا خان به چئوڻي ڪافي چئي آهي جنهن جو گھاڙيٽو بيدل فقير کان عليحده آهي گھاڙيٽن جي حوالي سان هنن شاعرن وٽ به سچل سائين ۽ بيدل فقير جيان پنهنجو پنهنجو منفرد جهان آهي هتي فقط همعصر شاعرن جا ڪجھه مثال ڏنا ويا آهن جڏهن ته انهن شاعرن جي فن ۽ فڪر بابت عليحده عليحده تفصيلي مطالعي ۽ اڀياس جي ضرورت موجود آهي.
بيدل فقير جي ڪافيءَ جو ٻيو ڳڻ قافيو آهي، جيئن ته ڪافيءَ جو تعلق راڳ سان آهي ۽ راڳ ۾ لفظي رواني جو هجڻ به اهميت رکي ٿو ۽ قافيو ان روانيءَ کي قائم رکندڙ بنيادي جز آهي. بيدل فقير پنهنجي ڪافيءَ ۾ جيڪي نمونا جوڙيا آهن يا هيئتي تجربا ڪيا آهن اُن ۾ قافين جو اهم ڪردار آهي. شعر کي ڪٿي ڪٿي وڌيڪ وزندار بنائڻ لاءِ لفظي تڪرار به پيدا ڪيو ويندو آهي يعني ساڳئي قافيي يا رديف کي هڪ کان وڌيڪ بار اُچاريو وڃي ٿو جنهن سان شعر ۾ هڪ خاص قسم جي لئه پيدا ٿئي ٿي بيدل فقير وٽ اهڙن ٻٽن قافين جا مثال موجود آهن مثال طور:
صورت والي ويس ۾ رانجھن، پيچ ساڏي نال پايا پايا پايا
(ب، ص 253)
نانڪ فقير وٽ به اهڙو مثال موجود آهي:
جو جسم ڏسڻ ۾ آيو ٿي، آيو ٿي
هيئن تان آهي ڪونه ڪو

وجھه نگاهه نگهه ۾ ساري، ڏس اتاهون پاڻ بيزاري
ائين پير مغان فرمايو ٿي، فرمايو ٿي
(ن، ص 80)
فقير وٽ لفظي تڪرار جا ڪجھ اهڙا به نمونا موجود آهن جيڪي همعصر د‍ؤر وٽ نه ٿا ملن مثال طور هن ڪافيءَ ۾ هُن بند اندر اهڙو تجربو ڪيو آهي:
آهي سوز تنهين، ساٿيئڙا ساٿيئڙا ساٿيئڙا هيءَ هور ۾
ڪنهن سانگي درد ۾، سانگيئڙا سانگيئڙا سانگيئڙا دل ڏور ۾
(ن، ص )
ڪنڊڙيءَ جو دريا خان چئي ٿو:
تنهنجي فلڪ فراق ۾، ويندس يار مري مري
دلبر ’دريا خان‘ سان، ڪج وصال وري وري
(د، ص )
پير ڳوٺ جو اصغر سائين چئي ٿو:
باهه برهه دي ٻالي ٻالي، عشق تيڏي رانجھا سائين
روح رنجول دلڙي ديواني، چول ڪيتي چالي چالي
(ا، ص 220)
بيدل فقير ڪافيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي قافيي کان پوءِ رديف به استعمال ڪيو آهي:
آئون به هيڙس عقل واري، نينهن نيوڙي نيوڙي جيڏيون
اکيون اڙايم هوش وڃايم، من مستانو ٿيوڙي جيڏيون
(ب، ص 193)
نانڪ فقير، خوش خيرمحمد توڙي دريا خان ۽ اصغر سائين به پنهنجي ڪافين ۾ قافيي کان پوءِ رديف آندو آهي.
اهنجون سهنجون ساڻ محبوبن، دردن واري هن ڏيهه ۾
(ن، ص 92)
ڪيئن لهي ڪل ڪور شبير شمس واري شعاع جي
آهي مٿس دن رين جو اکين اڳيان اونداهه جي
(خ: ص 110)
ڪاٿي شاهه ته ڪاٿي ٿئين گداگر، جوڙ ڪيئي هڪجهڙا يار
(د، ص 82)
عاشق آهيان اصل جو، نينهن نه آ اڄڪلهه جو
(ا، ص 214)
بيدل فقير وٽ تصغيريت جو مثال به موجود آهي:
ديدان والڙي ڌاڙي، راهه مسافر ماري
لٽ نيتي دلڙي، ڇيريان دي ڇمڪار
(ب، ص 250-246)
نانڪ فقير وٽ به اهڙو مثال موجود آهي:
پيڙ پٽيون، آلڙيون آلڙيون آلڙيون
تنهنجي درد عجب، چالڙيون چالڙيون چالڙيون
(ن، ص 85)
خوش خيرمحمد جي هڪ ٽيڻي ڪافيءَ ۾ اهڙو مثال موجود آهي:
تون ته اچون اچون پيو آءُ
مٺي ٻول سٻاجھڙي لاتڙي

ڪانگل ڪري وڃ پنهنجي پر ۾
آزيون لڳ الله
مون کي ورهه وهامي راتڙي
(خ: ص 85)



نتيجا:
هنن صفحن ۾ فقير قادربخش بيدل ۽ سندس همعصر ڪافيءَ جي چئن وڏن شاعرن فقير نانڪ يوسف، دريا خان ڪنڊڙيءَ واري، خوش خير محمد هيسباڻي ۽ پير علي گوهر شاهه ’اصغر‘ جي ڪافيءَ جو فني حوالي سان گڏيل مطالعو ڪيو آهي جنهن بعد هيٺيان نتيجا سامهون اچن ٿا:
1. سچل سرمست سنڌي، سرائڪي ڪافيءَ جو امام آهي، هن شاعريءَ جو نئون جهان کوجيندي نئين روايتن جو به بنياد رکيو آهي. فني ۽ فڪري حوالي سان سندس پوئلڳ فقير نانڪ يوسف ۽ بيدل فقير توڙي سندس همعصر دريا خان ڪنڊڙيءَ واري، خوش خير محمد هيسباڻي ۽ بعد جي اصغر سائين انهن روايتن کي اختيار ڪيو.
2. سچل سائين سنڌي، سرائڪي زبان ۾ چيل پنهنجي يڪي، ڏيڍي، ٻيڻي، اڍوڻي، ٽيڻي، چئوڻي ۽ پنجوڻي ڪافيءَ جا 68 نمونا جوڙيا آهن، جڏهن ته فقير بيدل سائين ان مان 13 نمونا ساڳيا رکندي 41 نمونا نوان جوڙيا آهن ته ساڳئي وقت نانڪ، دريا خان ۽ اصغر سائينءَ وٽ به اڳ مروج 109 نمونن کان علاوه ڪجهه وڌيڪ نمونا به ملن ٿا جن جو جزوي ذڪر مٿي مثالن اندر ڏئي آيا آهيون.
3. سڀ کان اول راڳداريءَ جي بنياد تي رسالي جي ترتيب ميين شاه عنات ڪئي آهي، جنهن 19 سُر استعمال ڪيا، جنهن بعد شاهه عبدالطيف ڀٽائي وڌيڪ 7 سُر، سچل سائين وڌيڪ 12 سُر، نانڪ يوسف 14 سُر، دريا خان 5 سُر، بيدل فقير 4 سُر نوان استعمال هيٺ آڻي سنڌي صوفياڻي شاعريءَ کي موسيقيءَ جو نرالو اوج بخشيو. جڏهن ته اصغر سائين وٽ ڪوبه نئون سُر موجود نه آهي.
4. ڪافيءَ جي عام مقبول بڻجڻ جو سبب هڪ ته ان دؤر جون سياسي، سماجي، مذهبي توڙي معاشي حالتون هيون ته ٻئي طرف شاعرن طرفان مختلف راڳ، راڳڻين جو استعمال اُن کي مقبوليت ڏانهن وٺي ويو. ذڪر هيٺ آيل شاعرن وٽ اُهي سموريون خوبيون موجود آهن ته گڏوگڏ وٽن ٻوليءَ جو به خوبصورت استعمال ملي ٿو.
5. هي سمورا شاعر وحدت الوجود واري فلسفي سان لاڳاپيل آهن ۽ ڪائنات ۾ فرد جي بنيادي حيثيت جي ڳالهه ڪندي اُن کي پنهنجي رُتبي ۽ مرتبي جي سڃاڻپ جو شعور ڏين ٿا.
6. اسلوب جي حوالي سان هنن وٽ به سچل سائينءَ جيان بي ڊپائي ۽ بيباڪيءَ وارو انداز موجود آهي ۽ هو وڏي واڪي خدا ۽ فرد جي وچ واري وٿيءَ کي تسليم نه ٿا ڪن.
حوالا:

1. بلوچ، نـبي بـخش، ڊاڪٽـر، (مرتـب)، ميين شاهه عنات جو رسالو، ص 60-31، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1963ع.
2. ميين شاهه عنات جو رسالو، ص فهرست، (حوالو اڳ آيل آهي).
3. شيخ، ٻانهون خان، (مرتب)، شاهه جو رسالو، (ٽي جلد)، فهرست، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي، يونيورسٽي، ڪراچي، 2002ع- 2001ع- 2000ع.
4. بيگ، علي قلي، مرزا، ”رسالو ميان سچل فقير جو“، ص فهرست، ثقافت ۽ سياحت کاتو، ڇاپو ٻيو، 2008ع.
5. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، سنڌي موسيقي جي تاريخ، ص 263، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه / حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، 2003ع.
6. همايوني، نياز، (مرتب)، ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“، ص فهرست، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1992ع.
7. درگاهي، اختر، ”بيدل سائينءَ جو رسالو“، مختلف صفحا، بيدل يادگار ڪاميٽي روهڙي، 2011ع.
8. بخاري، مخمور، ڊاڪٽر، سچل سرمست ۽ ان جا همعصر شاعر، ص 109 کان 131، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2011ع.
9. بخاري، مخمور، ڊاڪٽر، بيدل سائينءَ جي ڪافيءَ جو فني جائزو، (مقالو)، بيدل 16، بيدل يادگار ڪاميٽي، 2016ع.
10. عباسي، تنوير، ڊاڪٽر، (مرتب)، نانڪ يوسف جو ڪلام، ص 359، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1983ع.
11. آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، ص 85، (حوالو اڳ آيل آهي).
12. عبـاسي، تنويـر، ڊاڪٽر، (مرتـب)، ڪــلام خـوش خير محمد هيسباڻي، ص 59، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1982ع.
13. اصغر سائين جو رسالو، ص 183، (حوالو اڳ آيل آهي).
14. هن مطالعي هيٺ مختلف شاعرن جا رسالا سامهون رکيا ويندا، جن لاءِ مخفف استعمال ڪيا ويندا.
i. بيدل سائينءَ جو رسالو. (ب)
ii. نانڪ يوسف جو ڪلام. (ن)
iii. آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه. (د)
iv. اصغر سائين جو رسالو. (ا)
v. ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي (مرتب)، ڊاڪٽر تنوير عباسي، (خ)
سنڌي ادبي بورڊ، 1982ع).
1500 ڀيرا پڙهيو ويو