آريا ۽ سنڌو سڀيتا
(The Aryans and the Indus Valley)

نور احمد جنجهي
Abstract:

Aryans Invasion Theory (AIT) appears to have lived it’s life and is being overruled both by Indian and non-Indian writers. On the contrary, it seems as if it was a clash between the rural and urban population. Rural people produced much more but got lesser portion in return. It might have resulted into a sort of mass exodus or some kind of huge excursion to the urban centers. Consequently, the urban people, having been a mercantile and peaceful community, vacated the city and settled in the other areas of the globe and returned again to the subcontinent and somewhere else. The review of the AIT raises many a question about the KING PRIEST and the DANCING GIRL too.
This period is an era of unparalleled openness and acceptance. Therefore, it is the most pertinent time to revisit the ‘concocted theory forged by the invaders’ and to research for better findings of the mystery of the history.

ننڍي کنڊ جو املهه لکتي ورثو ”رگ ويد“ کان شروع ٿئي ٿو. ٻين ويدن: يجرويد، سام ويد ۽ اٿرويد، ”پراڻن“ ۽ ”زمين“ مان ريج کڻندو، اڳتي هلي تاريخي صورت اختيار ڪري ٿو. انهيءَ سموري سفر کي تاريخي صورت ملڻ ۽ قلمبند ٿيڻ جو روپ انگريزن جي دور ۾ مليو. انگريزن سنسڪرت، هندي، گجراتي ۽ ٻيون مقامي ٻوليون سکي هتان جي سموري وڄا (وديا) کي پنهنجي زبان ۾ پلٽيو ۽ ان وقت جيترا قديم آثارن جا ڀڙا ۽ دڙا هئا، تن جي کوٽائي ڪئي. انهيءَ کوٽائيءَ مان مليل ٺڪراٺي، مُهرن، مورتين ۽ ٻين وٿن کي، لکتي شاهدين جي سهائتا سان سلهاڙي من پسند ۽ من گهڙت نظريا گهڙيا، جيڪي اڄ به اسان جي تاريخ تي حاوي آهن ۽ اکيون پوري، اسين اهڙن نظرين جي تقليد ڪندي پنهنجي تاريخ جي تاويل ۽ ترجماني ڪندا رهندا آهيون. اهو نه ڏسندا آهيون ته اهڙا نظريا اسان جي تاريخي حالتن جي حقيقي حال سان ٺهڪن به ٿا يا نه! اسين ڏاج ۾ مليل اهڙن نظرين کي ائين دهرائيندا رهندا آهيون جيئن اڄڪلهه هر هڪ پڙهيو لکيو سڏائيندڙ، مختلف ٽي وي اينڪرس جا حوالا ڏيئي جڳ جهان جي سياسي منظرنامي تي بنا سوچي سمجهي بحث ڪندو رهندو آهي. اهڙي انڌي پوئواريءَ جو شڪار اڪثريت ٿيندي رهي آهي. ’آريا‘، ’اڻ آريا‘ ۽ ’داس‘ جا اصطلاح گهڙي ماڻهن کي ورهايو ويو ۽ ويڙهايو ويو.
انهيءَ سموري ڪوڙ جو ڀرم تڏهن ڀڳو جڏهن ڪن هندستاني ۽ يورپي محققن اِن ڪوڙ جي ڪوٽ کي ڀــڃي ڀـــور ڪيو ۽ آرين جي ڪاهه ۽ فتح واري نـظـريئي (Aryan Invasion Theory) AIT کي رد ڪيو. وزندار دليل ڏيئي اها ڳالهه نروار ڪئي ته آريا نالي اهڙي ڪا مخلوق نه هئي جيڪا ٻاهران آئي هجي. انهيءَ سموري مام جي اوک ڊوک ڪرڻ لاءِ اچو ڏسون ته ’آريا‘ڪير آهن ۽ اُنهن کي اسان جي تاريخ ۾ ڪير وٺي آيو ۽ ڇو وٺي آيو؟
آريا ڪير هئا ڪٿان آيا هئا، تنهن لاءِ هيستائين جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي تنهنجو تَتُ هِن ريت آهي:
لفظ ’آريا‘ انگريزي زبان، سنسڪرت مان اڌارو کنيو، جنهن جو مطلب ’اُتم‘ يا ’نواب لوڪ‘ آهي ۽ انهن لوڪن سان منسوب ڪيو ويو جيڪي ويدڪ ديوتائن خصوصاً اندر ديوتا جي پوڄا ڪندا هئا. جهوني فارسيءَ ۾ آريا (پرستش جوڳو-سڳورو) ’آريانا‘ علائقي جي نالي تان ورتو ويو، اُهو علائقو قديم فارس جو اُڀرندو ڀاڱو هوندو هو.
آرمينيائي زبان ۾ لفظ ’اري‘ جي معنيٰ ’بهادر‘ ’اُتم‘ آهي.
وڪيپيڊيا پٽاندر 1950ع کان اڳ لفظ آريا جي، هن ريت ڀاڃ ڪئي ويندي هئي.(1)
Bopp (1830): ar- "to go, to move", read as "one who roams" (like a normad)
Muller (1862): ar- "to plough", read as "cultivator of the land"
Guntert (1924): ar- "to fit” read as "allied, friendly"
Thieme (1938): ar- "to give, allot, share", read as "hospitable"
1950ع کان پوءِ اها ڀاڃ وري هن ريت تبديل ڪئي وئي.
Laroche (1957): ara- : to fit", read as "fitting, proper"
Bailey (1959): ar- "to beget", read as "born, nurturing"
Benveniste (1969): ar- "to fit” read as "companionable"
ڪلاسيڪي سنسڪرت ادب ۾ اُتر هندستان لاءِ لفظ ’آريا ورت‘ (آرين جي رهڻ جو ماڳ) ڪتب آيو آهي، جنهن ۾ آريي جي معنيٰ آهي ”اُتم ماڻهو يا اُتم ڪم ڪندڙ“.
هن علائقي ۾ وسندڙ خدا جي خلق کي چئن ورڻن ۾ ورهائي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جو ٻج پوکيندڙ منوسمرتيءَ جي مصنف ’آريا ورت‘ جون حدون به لکيون آهن ته اُهو علائقو هماليا جابلو سلسلي ۽ ونڌيا ڏونگرن جي وچ ۾ هو ۽ اوڀر سمنڊ کان اولهه سمنڊ تائين پکڙيل هو. تنهن کان پوءِ انهن بنيادن تي ٻين ماڻهن اڳتي هلي مختلف بادشاهن کي آريا نسل جو قرار ڏنو اهڙيءَ ريت اهو لفظ مختلف دستاويز بندين دوران استعمال ڪيو ويو.
ايراني ادب ۾ آريا لفظ ايراني لاءِ استعمال ڪيو ويو.
لفظ آريا، رگ ويد جي 34 اشلوڪن ۾ 36 دفعا ڪتب آيو آهي.
لفظ آريو رامائڻ ۽ مهاڀارت ۾ پڻ استعمال ڪيو ويو آهي، ڪٿي اهو لفظ راڪشسن لاءِ ڪم آيو آهي ته ڪٿي راوڻ لاءِ.
اهڙيءَ ريت ٻوڌي ۽ جيني ادب ۾ پڻ ان جو استعمال ڪيو ويو. ان سڄي ڳالهه زور تڏهن ورتو جڏهن هندو يورپي ٻولين جي تعلق کي نروار ڪيو ويو ۽ هند آريائي تعلق کي يورپي نسلن سان جوڙيو ويو. اهو تعلق ڳنڍڻ وارا به انگريز مستشرقين هئــا. موهن جي دڙي جــي کوٽائي 20 صـــديءَ جــي شروعاتي چــوٿ (22-1921) ۾ مارٽيمر وهيلر به موهن جي دڙي جي ٺڪراٺي کي آرين جي نظريئي سان ڳنڍيندي نروار ڪيو ته هيءَ سموري تهذيب ’آرين‘ پاران فتح ڪئي ويئي هئي ۽ مقامي لوڪن (جن کي هو ’داس‘ سڏي ٿو) کان ڌرتي کسي قبضو ڪري ويهي رهيا هئا ۽ شهري تهذيب ’آرين‘ ٺاهي ۽ داس ڄٽ هئا ۽ پوءِ شهر تباهه ٿي ويو ۽ آريا ائين گم ٿي ويا جيئن اردو چوڻيءَ مطابق ”گڏهه جي مٿي تان سڱ“ گم ٿيل آهن.
يورپي تاريخدان جيڪي اونداهي دور کان پوءِ وري علم جي ميدان جا مهندار ٿي پيا هئا، تن 1920ع تائين ته اهو ليکيو ئي نه ٿي ته اُتي به ڪا تهذيب هئي، تان جو 1921ع ۾ ڏيارام ساهنيءَ هڙاپا جا کنڊرات ۽ 1922ع ۾ آر ڊي بئنرجيءَ مهين جي دڙي جو ماڳ کوٽي لڌو. انهيءَ لاڀ مستشرقين جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ ثابت ڪيو ته عراق ۽ مصر جي تهذيب کان به اهي تهذيبون جڳاندر جهونيون ۽ ڪُشاديون هيون ۽ سڌريل پڻ هيون ڇاڪاڻ ته انهن دڙن اُتان جي تهذيبن جي وسعت جهلڪي رهي هئي. انهن شهرن جي شهري رٿابندي، شهر پناهن، زير زمين نيڪال سرشتي جي موجودگي ان ڳالهه کي پڌرو ڪري رهي هئي ته اُهي گُڻ ٻين همعصر تهذيبن ۾ نه هئا. جان مارشل ۽ مئڪي ٻئي انهيءَ خيال جا هئا ته انهن تهذيبن جا خالق دراوڙ (ڌنار لوڪ) هئا. اهڙي طرح آرين جي نظريئي کي مارٽيمر وهيلر هٿي ڏيندي 1947ع ۾ فيصلو صادر ڪيو ته ”واقعاتي شاهدين مطابق ’اندر‘ ملزم آهي“ سندس فيصلي مطابق ’اندر‘ آرين جو ديوتا هو تنهن هڙاپا جو قلعو ڊاهي ڍير ڪيو هو. هُن اها ڳالهه ويدن ۾ ڪتب آيل لفظ ’پورمدر‘ لفظ مان ورتي جنهن جي معنيٰ آهي ”گڍ تباهه ڪندڙ“ ائين هن اهو به چٽايو ته موهن جي دڙي ۾ تباهي آرين مچائي هئي، پر موهن جي دڙي تي حملي جي ڳالهه ائين ڪوڙي ٿي وڃي ٿي جو اُتي ڪو به حملي گرديءَ جو نالو نشان به ناهي. انهيءَ بابت محقق بي بي لال هن ريت راءِ ڏئي ٿو:
The Theory was given a boost by Mortimer Wheeler in the middle of 40s. While reporting on his excavations at Harrapa (Wheeler 1947:82) he pronounced the verdict: `On circumstantial evidence Indra stands accused.` In his judgment, Indra standing for the Aryans whose cherished god he was, was held responsible for the destruction of the fort unearthed by Wheeler at Harrapa, Though there was no evidence of any wanton destruction of the fort at Harrapa, yet the temptation to hold Indra responsible for the supposed destruction came from a word, ‘puramadra~’, occurring in the Vedic texts, which means destroyer of forts. (2)
اهڙيءَ طرح هِن معاملي جا ڪيترائي پهلو آهن جن جي ڇنڊڇاڻ سان ڪا چٽائي نروار ٿي سگهي ٿي. پر هن معاملي کي قديم آثارن، علم البشريات، لسانيات، ادب ۽ ثقافتي تناظر ۾ پرکي ۽ پروڙي سگهجي ٿو. پهرين چئن بنيادن تي اهو AIT نظريو ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ پنجين بنياد تي ان لاءِ چئلينج وڌي رهيا آهن. انهي نڪتي تي محقق مائيڪل ڊينينو، انهي ڏس ۾ هن ريت لکي ٿو:
Unfortunately, much of the debate remains poorly informed, ploughing ever and ever again the divisive furrows cut by nineteenth century racial interpretations of the Veda, or by Sir Mortimer Wheeler’s flamboyant misinterpretations, and ignoring in the process advances of recent decades in many fields.
The issue has many angels, but principally it can be viewed and tested from archaeological, the anthropological, the linguistic, the literary and the cultural perspectives. The so called Aryan Invasion Theory (AIT, now often demoted to an "Aryan Migration Theory>) has emphatically failed on the first three fronts, remains ambiguous on the fourth, and has been meeting with a growing challenge on the fifth. (3)
انهيءَ بحث مباحثي مان اهو نُڪتو نروار ٿئي ٿو ته موهن جي دڙي جي آثارن ۽ ان جي سموري تاريخ تي اثرانداز ٿي رهيا آهن. مجموعي مطالعي مان پروڙ پوي ٿي ته:
 موهن جي دڙي تي ڪنهن به حملو نه ڪيو هو ڇاڪاڻ ته اُتي ڪو به اهڙو نشان ناهي، جنهن کي ڏسي چئي سگهجي ته هتي ڪنهن حملو ڪيو هوندو. ان سلسلي ۾ هڪ اندازو آهي ته ڪو به ٻاهريون حملو نه ٿيو آهي پر مقامي ماڻهن جو پاڻ ۾ ايڏو وڏو تضاد ۽ ٽڪراءُ پيدا ٿيو هوندو جنهن ڪري ماڻهن کي ٿوڪ ۾ لڏڻو پيو هوندو.
 ’آرين‘ ۽ ’داسن‘ جي تضاد کي شهري ۽ ٻهراڙيءَ جو تضاد چئي سگهجي ٿو جيڪو اڄ به اسان جي سماج ۾ موجود آهي. ’آريا‘ سڏجندڙ يا ’اُتم‘ ڪوٺجندڙ اُهي ماڻهو هئا جيڪي شهرن ۾ رهندڙ هئا ۽ سندن رهڻي ڪهڻي وڌيڪ سنوريل ۽ سُڌريل هئي جڏهن ته ’داس‘ ويچارا گهٽ ڄاڻ رکندڙ ۽ ڏورانهن علائقن ۾ رکندڙ فطرت واري رهڻي ڪهڻي وارا لوڪ هئا.
 شهري طبقن جي هونئن به اقتصادي وسيلن تي وڌيڪ دسترس هوندي آهي، تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن طاقت جو توازن بگڙي پوندو آهي، جيڪو احساس محرومي کي جنم ڏيندو آهي. ائين داس لوڪن ۽ آرين جي وچ ۾ ڪو تضاد اڀريو هوندو ته ڇڪتاڻ پيدا ٿي هوندي ۽ اُها ڇڪتاڻ حد کان وڌي ويئي هوندي ته هُنن شهري آبادين تي حملا ڪيا هوندا ۽ شهري لوڪ جان بچائي ڀڄي ويا هوندا. انهن مان ڪي ايران آباد ٿيا ته ڪن وڃي بابل ۽ نينوا کي آباد ڪيو، اهڙي طرح هتان جي تهذيب ڏورانهن علائقن تائين پکڙجي پهچي ويئي.
 اهو به گمان آهي ته ڪا اهڙي وڏي وبا اچي شهر ۾ ڪاهي پيئي هجي جنهن ۾ ڪي ماڻهو مري ويا هجن ۽ ٻيا ڀڄي ويا هجن جيئن پاڻ کي ان وبا کان محفوظ رکي سگهن.
 ان سان گڏ ٻه لفظ سنڌ جي تهذيب جي هر ذڪر ۾ ڪم آندا وڃن ٿا. ڪنگ پريسٽ ۽ سمبارا. اسان جي سنڌي سماج ۾ مذهبي جنون ڪڏهن رهيو ئي ناهي. بادشاهي ۽ مذهب الڳ الڳ رکيا ويا آهن. تنهن ڪري اسان جو ڪنگ يا ته ڪنگ هوندو يا پريسٽ هوندو. مطلب ته سنڌ نيتيءَ ۾ راڄنيتي هڪ روپي رهي آهي نه ئي ريڊ ائنڊ وائيت يا مڪس پليٽ. عورت جو جيڪو مجسمو مليو آهي ۽ اهو موٽائڻ لاءِ هندستان کي سنڌ حڪومت تازو خط لکي موٽائي ڏيڻ جي همت ڪئي آهي. دير آيد درست آيد. تمام سٺي ڳالهه آهي. اها عورت جنهن کي اسين مارٽيمر وهيلر جي چوڻ تي ’ناچڻي‘ سڏيون ٿا سا حقيقت ۾ نه پر هڪ اهڙي همت واري ۽ بهادر عورت ٿي ڏسجي جيڪا پنهنجي حوصلا هاريل مرد لوڪن کي همٿائيندي هجي ته توهان کي هيئن پنهنجي ڀونءِ ڀڙڀانگ نه ڪرڻ گهرجي، لوءِ مان لڏڻ نه گهرجي ڏکيا ڏينهن لنگهي ويندا. اسان جي سماج ۾ اهڙا ڪردار رهيا آهن، جن ڏکين، وقتن، جنگين، قحط سالين دوران جرئتمنديءَ جو مظاهرو ڪندي، سموري سماج جي همٿ کي همٿائي مٿڀرو ڪيو آهي. ٻاگهل سومري ان جو ڪلاسيڪي مثال آهي.
هي ڪجهه گذارشون آهن، ڪو حتمي حرف ناهي. سنڌو سڀيتا جي مڪمل مام توڙي آرين ۽ داسن جي اها پرولي موهن جي دڙي جي لکت پڙهڻ کان پوءِ ئي درست نموني نروار ٿيندي. اهڙي طرح اسان جي ٻوليءَ بابت جيڪي مفروضا ۽ من گهڙت ڳانڍاپا قائم ٿيل آهن، تن بابت به اڀياس جي ضرورت آهي. اسان کي تحقيق ڪرڻ وقت کليل اکين سان نه رڳو اڳتي وڌڻ گهرجي پر انهن نتيجن کي به کليل دل سان قبول ڪرڻ گهرجي جيڪي ڪنهن منظم سائنسي اڀياس جي اپت طور اسان کي مليا هجن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين تواريخ جي انهي ڪارتوسي ڄار مان نڪري اچون ۽ پنهنجي تاريخ جي بابن جي ترتيب درست ڪريون، گهڻائي ڏينهن ڌارين جي ٻولڙين ۽ حوارين جي ڪيرت کي ٻڌندا ۽ اکيون پوري آسماني لکتن جيئن مڃيندا رهياسون. تنهنڪري ڪا پنهنجي جوت جلائجي، پنهنجو ڏيئو روشن ڪجي جو ايندڙ نسل ان روشنيءَ جي لاٽ جي رهنمائيءَ وسيلي پنهنجي روشن مستقبل ڏانهن وڌنديون وکون ڀري سگهي.
جي تو اڃا نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي،
تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي،
آيو ويو سڪندر، سيوهڻ اڃا اتي آ،
ڏس کير ٿر کڙو آ، ويندا رهيا وناسي.
(شيخ اياز)

حوالا:

1. www.en.wikipedia.org
2. Lal, B.B: “The Myth of Aryans” P.249, published in “The Lost Saraswati Civilization complied by: Deo Parkash et: el. 2008
3. Danino, Muchael: “The Harrapan and the Aryan” P.99 published in “The Lost Saraswati Civilization, Complied by: Parkash et. el 2008
612 ڀيرا پڙهيو ويو