شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ وجدانيت جو فلسفو
(the Poetry of Shah Latif The Philosophy of Intuition in)
پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ
ڊاڪٽر غفور ميمڻ
]چيئرمئن، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو[
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ وجدانيت جو فلسفو
the Poetry of Shah Latif The Philosophy of Intuition in
Abstract:
Intuition is thought to be the capacity of human mind to grasp something less vivid or relatively distant without knocking the doors of rational or cognitive faculties of brain. It has, so far, been taken as something mysterious. However, modern day science has been successfully able to crack the code of such myths by studying various subjects with the help of latest cutting edge methods, e.g. FMRI and different types of brain scans.
Intuition is one of the three, traditionally agreed, sources of knowledge to understand the reality in renaissance. The other two are: Rationalism & Empiricism.
Despite sincere scientific contributions; there, still, is something beyond networks of neurons; something seriously sublime & subtle to be settled.
In this paper, I have discussed Intuition in the poetry of Shah Latif Bhitai. Shah is the most prominent Sindhi mystical poet and hence the most obvious choice to help understand the mystical element(s) is the intuition. Shah Latif defined the intuition as a subtle form of understanding ‘beloved’.
The quality of the shah’s poetry is that art and thought both are off-shoots of intuition. Reading or listening to his poetry creates a mystical environment which keeps us in an intuitive mood.
سچ ڇا آهي؟ هڪ اهم سوال رهيو آهي، جيڪو انساني سوچ جي تاريخ ۾ سدائين موجود رهيو آهي. ڇا واقعي ڪو سچ ڪائنات ۾ موجود به آهي ؟ يا صداقت اسان جي ذهن جو اختراح آهي، پر حقيقت اها آهي ته هن ڪائنات کي هڪ جامع نظام ۽ ڪل جي صورت ۾ اسان ضرور ڏسڻ چاهيندا آهيون. ساڳئي وقت اسان هر انفرادي ۽ اجتماعي ڪائنات ۾ ڪو جوهر ، جواز يا سبب ٻنهي دنيائن کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. فلسفي صداقت کي ڄاڻڻ جا مختلف طريقا نروار ڪيا پر ساڳئي وقت صداقت کي هڪ معروض سمجهي انهيءَ جي تلاش ڪرڻ جا طريقا پيدا ڪيا. جديد فلسفي پهريون دفعو صداقت کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. هڪ طرف مادي دنيا ٻي طرف روحاني دنيا. يورپ مادي دنيا کي پنهنجي سڄي تحقيق ۽ جستجو جو محور بنائي ڇڏيو، ٻئي طرف فلسفين صداقت جي ڳولا جاري رکي .
صداقت جي ڳولا جا ڪيترائي ذريعا جديد فلسفين پيش ڪيا جن ۾ عقل، تجربو ۽ وجدان اهم ذريعا هئا. عقل کي وري ٽن حصن ۾ ورهايو ويو.
• خيالي يا تصوراتي عقل 2. رياضتي عقل ،3، صورتي عقل
خيالي يا تصوراتي عقل جو بنياد رکندڙ افلاطون هو هن جي خيال ۾ حواسن جي ذريعن حاصل ڪيل دنيا جو تصور ناهي. بلڪ تصورن جي الڳ دنيا آهي جيڪا اسان جي زمان و مڪان ٻاهر آزاد آهي، تصورن جي هن دنيا ۾ روح هڪ آزاد حقيقت آهي. اسان جو عقل زمان و مڪان جي حدن ۾ حقيقت کي ڄاڻڻ کان قاصر آهي. افلاطون جو خيال هو ته ادب الهامي طور وجدان جي صورت ۾ پيدا ٿئي ٿو، جيڪو ماڻهو تي به وجداني اثر ڪري ٿو. جديد فلسفي ۾ هيگل به انهيءَ دائري ۾ اچي ٿو. پر هيگل جو طريقي ڪار مختلف هو هن وٽ ڪائنات تصورن جي ضد جي ڪثرتي شڪل کان وحدت ڏانهن وڃي ٿي ۽ آخر ۾ هڪ مطلق(Absolute) تصور بغير ضد جي حقيقت مطلق بنجي ٿو. يعنيٰ ڪائنات جو سفر ۽ حرڪت تصوراتي طور روان دوان ٿي حقيقت مطلق ۾ ضم ٿي وڃي ٿي.
رياضي عقليت:
هن جو بنياد رکندڙ رين ڊيڪارٽ هو. هن جو طريقي ڪار شڪ کان شروع ٿئي ٿو. هن جو خيال هو ته هر شيءَ جو علم يقيني ناهي پر جوهر جو علم وجداني آهي. عقلي ناهي. ڊيڪارٽ وٽ وجدان مان مراد جبلي هدايت يا خود ڪار عمل آهي. يعنيٰ سوچ کان بغير ڄاڻ ملڻ جو عمل يا صداقت خود به خود اسان تي آشڪار ٿئي ٿي. هتي ڊيڪارٽ جي مراد اها آهي ته وجدان جبلي طور خود به خود فطرت جو عمل آهي مثال ٻڪري جي ٻچي کي ڄمڻ وقت ڪير ڪونه ٻڌائيندو آهي ته توکي ماءُ جي ٿڃ ڌائڻي آهي. ٻلي کي ڪير ڪونه ٻڌائيندو ته تون رڳو گوشت کاءُ. اهڙيءَ طرح ماڻهؤَ ۾ به اهو جبلي وجدان موجود آهي.
صورتي عقليت:
هن نظريي جو موجد ڪانٽ هو. جنهن جو خيال هو ته اسان جي مشاهدي دوران هيءَ ڪائنات خود اسان جي ڄاڻ جي پيدا ڪيل آهي يعنيٰ حواسن ذريعي دنيا جي ڪثرتي شين کي هڪ وحدتي تصور بنائي اسان تائين پهچي ٿي. مطلب ڪانٽ جو خيال هو ته عقل صرف ڪائنات جي صورتي شڪلين کي علم جي دائري ۾ آڻي سگهي ٿو.
تجربيت (Empiricism ):
تجربيت، علم جو اهو ذريعو آهي جنهن جو بنياد حواسن تي رکيل آهي. جديد فلسفي ۾ بيڪن ۽ جان لاڪ تجربيت جا حامي هئا. جان لاڪ جي خيال ۾ ذهن سادي سليٽ آهي. جنهن تي اسان ذاتي ۽ خارجي علمن مان گذرندي علم حاصل ڪندا آهيون. تجربيت پرست، وجدان کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن هنن جي خيال ۾ جيڪڏهن وجدان اسان کي علم ڏئي ها ته پوءِ سڀني کي يڪسان طور هڪ جيترو علم ملي ها. انهيءَ بنياد تي برڪلي پنهنجي فلسفي جو بنياد رکيو جنهن جي خيال ۾ دنيا اسان جي حواسن جو دوکو آهي بلڪه شيون اسان جي داخليت ۾ آهن انهن ڪري ڏسون ٿا. معروضي طور شين جو وجود ناهي ڪنهن ماڪوڙيءَ لاءِ هڪ ننڍڙو پٿر وڏي جبل جي برابر آهي پر ماڻهو لاءِ پتڪڙو پٿر آهي.
وجدان (Intuition):
ان جو اصطلاح پر اسراريت جي دنيا ۾ وٺي وڃي ٿو. ڇو ته اهو صداقت جي ڄاڻ عقل ۽ تجربي سان نٿو ڏي. برگسان جو خيال هو ته وجدان هڪ قسم جي عقلي همدردي آهي. جنهن جي ذريعي ڪو شخص سڌو سنئون ڪنهن سچائيءَ جو عرفان حاصل ڪري ٿو، جنهن کي ڪوشش جي باوجود به بيان نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته حقيقت هڪ وهندڙ پاڻي وانــگر آهي. جنهن کي بــرگسان Flux Reality چوي ٿو. جنهن ۾ نه ختم ٿيندڙ تبديلي جو تسلسل ملي ٿو. هر لمحي جي حقيقت نئين تخليق بڻجي سامهون اچي ٿي. (1) جيئن علامه اقبال چيو هو ته:
فریب نظر ہے سکوں و ثبات
تڑپتا ہے ہر ذرہ کائنات
ٹھرتا ہی نہیں کارواں وجود
ہر لحظہ ہے تازہ شان وجود
سمجھتا ہے تو راز ہے زندگی
فقط ذوق پرواز ہے زندگی
سفر زندگی کی لیئے برگ و ساز
سفر ہے حقیقت حضر ہے حجاز (2)
ڇو ته عقل جو ڪم تجربو ۽ تحليل ڪرڻ آهي پر حقيقت هر لمحي تخريب ۽ تعمير جو سلسو آهي. جيڪا عقل جي گرفت ۾ نٿي اچي سگهي.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته پراسراريت جي پٺيان به سبب آهي، جنهن کي نه ڄاڻي سگهڻ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته عالم آشڪار پراسرار آهي، سائنس اهڙي ڪيترين حقيقتن تان پردو کڻي چڪي آهي. اهڙيءَ طرح وجدان به اهڙي طرز آهي جنهن وسيلي ماڻهو کي جبلي طور ڄاڻ ملي ٿي. پر هڪ نُڪتي نظر اهو به آهي ته انسان زمان و مڪان ۾ چوکنڀو ٻڌو پيو آهي، زمان و مڪان کان ٻاهر ڏسڻ جي کيس طاقت ناهي نه وري سائنس انهيءَ قابل آهي جو هو زمان و مڪان کان ٻاهر نڪري سگهي. انسان هڪ مخصوص وقت جي وهڪري ۾ وهندو وڃي ٿو. پر حقيقت ته هڪ ڪل جي حيثيت ۾ اسان جي رهنمائي ڪري ٿي جنهن جو عرفان مادي علمن وسيلي نٿو ٿي سگهي بلڪ وجدان انهيءَ کي گرفت ۾ وٺي ٿو.
زندگي ڇا آهي؟ ڪائنات جو جوهر ڪهڙو آهي؟ ازل ڇا آهي؟ ابد ڇا آهي؟ ڪير آهي جيڪو مطلق آهي هن ڪائنات جي پٺيان ڇا اهو آخر ۽ اول آهي. هن ڪائنات جي رمزن ۾ گهٽ ۾ گهٽ زندگي هڪ سلسله عمل (Becoming)آهي جنهن جو ڇيهه يا ڇيڙو ڪوبه هٿ نٿو اچي. انهيءَ رمز ۾ سڪون و ثبات جو تصور شايد آخري صداقت آهي جيڪا مادي دنيا جي روپ ۾ گرفت ۾ نٿي اچي. معنيٰ مادي کان بالاتر روح جي حقيقت صرف وجدان سان تجلو ڏي ٿي. پر گرفت ۾ نٿي اچي. ڇو ته انسان جو عقل ۽ حواس مادي دنيا جو سرچشمو آهي انهيءَ ڪري روحانيت جي دنيا پراسرار آهي.
ماديت پرستن روحانيت جي دنيا کي سري کان رد ڪري ڇڏيو. جنهن جو لازمي نتيجو جديد وجوديت جي فلسفي ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ سندس آخري نتيجو جديديت پڄاڻان جي شڪل ۾ نڪري ٿو. جديديت پڄاڻان جو بنياد ساختيات پڄاڻان تي رکيل آهي. جنهن جو بنيادي مقصد آهي.ڪنهن به لفظ يا شيءَ کي معنيٰ ناهي دراصل معنيٰ مرڪزي جوهر ڏانهن وٺي وڃي ٿي ، جنهن مان اسان وري روحانيت جي دنيا ۾ داخل ٿي وينداسين. تنهن ڪري جوهر کان انڪار آهي. ماديت اهڙي طرح انتشار ۽ انارڪي جي دنيا بنجي وڃي ٿي. پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته انتشاري مادي جو حصو ئي زندگي آهي ته پوءِ انسان بي ثمر، لاحاصل، بي نتيجه ۽ زوال کان علاوه واهيات (Absurd) آهي. جنهن جي منزل چريائپ جي آخري حد آهي.
ڇا ڪو شريفاڻو زندگي جو انداز موجود ڪونهي؟ خود ڪارل مارڪس ماديت جي دنيا ۾ معاشي ورڇ ذريعي حيات کي مهذب نظام عطا ڪيو. پر انسان جي زندگي پيٽ ڀريي کان پوءِ ئي شروع ٿئي ٿي. مابعد الطبعاتي سوالن جي هورا کورا شروع ٿئي ٿي. جنهن جو ماديت پرستن وٽ ڪو به جواب ناهي.
هاڻي اسان موٽي اچون ٿا ڊيڪارٽ جي فلسفي تي جنهن ٻن دنيائن جي ڳالهه ڪئي هئي هڪ جسم جي دنيا ٻيو ذهن جي دنيا. ذهن جي دنيا کي ڄاڻڻ لاءِ مادي ذريعا بيڪار آهن. ذهن جي دنيا روح جي وحدتي دنيا جو ڪثرتي روپ آهي. جنهن کي ڄاڻڻ لاءِ اسان کي ذهن جي دنيا ۾ ئي وڃڻو پوندو. ٺيڪ اتان صوفي مت شروع ٿئي ٿو. جيئن سچل چيو هو:
مين تان ايڪ خيال هان
مِـلسان نــــال خـيال دي (3)
صوفيءَ وٽ علم جي حصول جو ذريعو صرف وجدان آهي ،جيڪو عرفانيت جي اعليٰ منزل تي پهچي ٿئي ٿو.
هتي اسان واضح ڪندا هلون ته ڪانٽ ۽ هيوم کان پوءِ مارڪس روحانيت کي مڪمل رد ڪيو هو. تنهن ڪري مغرب ۾ روحانيت جي دنيا کي سمجهڻ لاءِ علم نفسيات متعارف ٿيو هو. هنن روحانيت جي دنيا کي پراسرار بنائڻ جي بجاءِ سائنسي انداز سان ذهن جي تشريح ڪئي.
فن ۽ وجدان:
فن ۽ وجدان جو تعلق جماليات سان آهي. جمال روح کي وحدت ۾ جوڙڻ جو نالو آهي. جنهن ۾ روح ٿانيڪو ٿي پنهنجي ڪثرتي درد کان آجو ٿئي ٿو. جماليات کي اظهار ڪرڻ جو رستو فن آهي. انهيءَ جو مطلب ته ڪائنات پنهنجي صورتي شڪل ۾ فن جو هڪ نمونو آهي. هر شيءَ فني طور پنهنجو تجلو ڏي ٿي. ڇو ته گهڻا فلسفي ڪائنات کي صرف مايا جو روپ سمجهن ٿا انهيءَ ڪري Paul Kalee چيو هو ته؛ ”فن اهو ڪوڙ آهي، جنهن سان سچائيءَ کي محسوس ڪري سگهجي ٿو“. پر ڪروشي (Benedetho Croce) فن کي وجدان سان جوڙي ٿو. هن جو خيال هو ته فن ڪا ساختياتي شڪل ناهي بلڪ بنيادي وجدان آهي، فن علم جي اعليٰ شڪل آهي، يعنيٰ ڪروشي جو خيال آهي ته جيترو علم وڌيڪ هوندو اوترو وجدان سگهارو هوندو. لانجائينس جو خيال هو ته ”ادب وجد جي مان ئي جنم وٺي ٿو، پر سٺو ادب به اهو ئي آهي جيڪو پڙهندڙ تي به وجداني ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي.“ (4)
ڀٽائيءَ وٽ علم جو ذريعو صرف وجدان آهي. ڀٽائيءَ جي نظريي ۾ فن وجداني طور ماڻهو کي وحدت سان ڳنڍي ٿو. يعنيٰ فن اها ٽيڪنڪ آهي جيڪو جز کي وحدت سان جوڙي ٿو.
”تند ڪٽارو ڪنڌ ، ٽيئي پرتا پاڻ ۾“
ٻيجل جو اهو فن جيڪو راٰءِ ڏياچ کي وجداني طور وحدت سان جوڙي ٿو جنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي.
فن اهو جيڪو وجدان طاري ڪري ۽ انهيءَ جو تاثر تمام ڪوشش جي باوجود به اظهاري نه سگهجي. خود فن وجداني طور پاڻ کي اظهاري ٿو ۽ سندس تاثير دير تائين ماڻهو کي هڪ عجيب احساس ۾ وٺي وڃي جنهن جو اظهار نه ڪري سگهجي.
برگسان چيو هو ته:
“Intuition is eye of soul the organ of perfect knowledge must be turned around from the world of physical appearance together with the entire soul until the soul is able to endure the contemplation in brightest region of being and the intelligible world.” (5)
ڀٽائي ۽ وجدان:
سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جو فڪري محور ئي وجدان آهي. نه صرف هو شاعريءَ کي الهامي سمجهن ٿا بلڪ هنن جي شاعري ۾ وجدان طاري ٿيندڙ ڪيفيت به موجود آهي. پر اها ڪيفيت علم ۽ شعور سان نه پر عشق سان طاري ٿيندي آهي.
پاڻهياري سڀڪا، جا سر گهڙو ڌري،
ڪا لئي سندي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.(6)
وجداني ڪيفيت اهو فن پيدا ڪندو آهي، جيڪو پورهئي ڪارڻ پيدا نه ڪيو وڃي. شاهه جي هن بيت کي ڏسو:
سپڪ جو سيد چئي، پڇي نه پرياڻ،
عشق واريون عبدالطيف، چئي سنڊ نه کڻن ساڻ،
جنين پاسي پاڻ، سي اوتڙان ئي اُکتيون.
هن بيت ۾ صرف هڪ سٽ تي غور ڪيو وڃي ”عشق واريون عبدالطيف چئي سڌ نه کڻن ساڻ“ سڌ پنهنجي ذات سان وابسته آهي انفرادي اندر جي کوٽ جي نشاندهي ڪري ٿي. معنيٰ جتي جز آهي اتي نامڪمل ۽ اڌورو پن موجود آهي. اتي انا ۽ پاڻ پڏائڻ به آهي، اتي ساڙ ۽ حسد به آهي. پر عشق جي ڪيفيت پاڻ کان پاڻ جدا ڪري ڇڏي ٿي، انهيءَ جز کي وحدت سان ملائي ڇڏي ٿي. اتي نه انا آهي نه وري وحشت آهي.
”نڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ.“
جڏهن ڪنهن به صورتحال جو وجدان ٿئي ٿو ته ماڻهو پاڻ انهيءَ جو حصو بنجي وڃي ٿو. جتي حواس آهن اتي زمان و مڪان جي پابندي آهي جتي عقل آهي اتي انا آهي پر جتي وجدان آهي اتي خاموشي آهي.
”ڪو جو قهر ڪلاچ، جو گهڙي سو نئي“
يا
”اُنينءَ سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي“
وجدان، صوفيءَ جي نظر ۾ عرفانيت جي اعليٰ منزل آهي. جتي زمان و مڪان جا پردا کڄن ٿا. پر ڇا هڪ عام ماڻهو کي وجدان ٿئي ٿو؟ جديد فلسفين جڏهن وجدان کي جبلي طور عقلي همدردي ڄاڻايو اتي ته وجدان هر ماڻهو کي ٿيڻ گهرجي. پر صوفين وٽ وجدان لاءِ رياضت جي ضرورت آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته وجد ۾ اچڻ وحدت سان جڙڻ جو عمل آهي. پر ڀٽائيءَ وٽ وجدان فن ذريعي به طاري ٿئي ٿو. هن بيت کي غور سان پڙهو:
”اديون سڀ اندام، چڙن منهنجا چوريا،
لارن جي لنئون لائي، سا ڪيئن آڇيان عام،
لڳي جنهن جي لام، سو دلاسا دوس مُنجي“.
سڀ عضوا چڙن جي آواز سان چري پيا آهن. بلڪ هڪ لهر سان بدن ۽ ٽلين جي آواز ۾ يڪسانيت ٿي پئي آهي. ساز سان گڏ جسم جو ذرو ذرو وڄي پيو. هڪ تند سان جسم ۽ روح جي لئه هڪ ٿي ويئي آهي. جيڪا عام ماڻهو کي ٻڌائي نٿي سگهجي.
”سڄڻ جي سارين، سي رُون نه چُون ڪن“
هڪ عجيب صورتحال آهي، هڪ عجيب ڪيفيت آهي، جنهن جو اظهار مادي طور نٿو ڪري سگهجي. ”ڇو ته شاعر پاڻ اهي سٽون وجداني ڪيفيت مان حاصل ڪيون آهن تنهن ڪري انهيءَ جي تهه تائين وڃڻ لاءِ پڙهندڙ يا ٻڌندڙ کي اهڙي ڪنهن وجداني ڪيفيت جي ضرورت پوندي.(7)
سياري سِهَه رات جو، جا گهڙي وسندي مينهن،
هلو ته پُڇون سوهِڻي، جا ڪرِ ڄاڻي نينهن،
جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.
ڪنهن کي ڪهڙي وقت ڪهڙي ڳالهه ۾ رمز نظر اچي کيس وجداني طور محو ڪري ڇڏي اهو ٻڌائي نٿو سگهجي. مون کي هڪ عالم ٻڌايو ته کيس شاهه جي هڪ بيت معنويٰ طور وجدان طاري ڪري ڇڏيو جو هو ٽي راتيون سمهي نه سگهيو. اونهي اسرار ۾ گم رهيس.اهو بيت هو:
”جي ليلائي مَ لهين تان پڻ ليلائج
آسر م لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.“
شاهه لطيف انهيءَ جو جواب سر سورٺ ۾ ڏنو آهي.
چارڻ تنهنجي چنگ جو، عجب آهم ايءُ،
هڻي اُڀو هٿن سين، جيئرو رکي جيءُ،
رات منهنجو ريءُ، ڪاٽيو تو ڪماچ سين.
چارڻ جي چنگ جو وجداني اثر راءِ ڏياچ تي ايترو ٿيو جو سر وڍي ڏئي ٿو. پر خود ٻيجل وڄائي رهيو آهي ان تي ڪو به اثر نٿو ٿئي. وري هي بيت ڏسو:
ڪر موڙيندي ڪاڪ تڙ، مومل ڏٺي مون،
اٿليس آهون ڀري، ڀريءَ مٿي ڀون،
سا جي ڏسين تون، ته موٽين ڪين مينڌرا.
جمال ابڙي جو خيال هو ته ”شاهه جو فن ڪمال جي حدن کي ڇهي ٿو، جيڪو وجد جي ڪيفيت مان پيدا ٿئي ٿو ۽ پڙهندڙ تي به وجد طاري ڪري ڇڏي ٿو“. سندس رڳو هڪ سٽ ”الوڙڻ نه ڏي، وڌائين ور ونجهه کي“ هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي. حقيقت اها ئي آهي ته شاهه جي هر سٽ هڪ ڪهاڻي آهي. هڪ مڪمل دنيا آهي.(8) جنهن کي هڪ جهلڪ ۾ سمجهي وڃجي ٿو جنهن لاءِ وڏا ڪتاب پڙهڻ جي ضرورت نٿي پوي.
جديد نفسيات ۾ لاشعور، شخصيت جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. لاشعوري محرڪ خانداني، تاريخي، ۽ شعوري ٿيندا آهن. تنهنڪري شخصيت تي اثر پذيري به الڳ الڳ ٿيندي آهي. ٻيو بصيرت جي اک جو تعلق صرف حواسن سان ناهي. سڌو سنئون شعور به محسوس ڪري سگهي ٿو، جنهن کي سائنسي طور ڄاڻي سگهجي ٿو.
اتي اسان صرف نارمل شخصيت جي ڪٿ ڪندي انهيءَ جي سماجي پهلؤَ جي ڳالهه ڪريون ٿا. سماجي طور نارمل رويو شخصيت جي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. پر شاهه لطيف چوي ٿو:
” چريو جنين چِتُ، ڏونگر سي ڏورينديون“
نارمل شخصيت ٿانيڪي هوندي آهي، جنهن ۾ لوچ پوچ ناهي هوندي. ان جي ڪرت ۾ صرف مايا جو موهه آهي. پر شعور جي انتها ۾ هورا کورا ۽ من اندر بي انتها لوچ پوچ پيدا ٿيندي آهي. جنهن جي ڪابه انتها يا سرحد ناهي.
”جي سمنڊ منهن ڪريان ته سرڪيائي نه ٿئي،“
اها هورا کورا ماڻهؤَ کي وجداني طور لامحدوديت Infinity)) ڏانهن وٺي ويندي آهي. پر عملي طور ماڻهو محدود زمان ومڪان ۾ قيد هوندو آهي، جنهن ڪري بي چيني وڌندي رهي ٿي. ازل جي بي چيني جو ڪو انت ناهي. جيئن شعور وڌندو پنهنجي اڌوري پڻ جو احساس وڌندو اندر جي کوٽ اڃا گهري ٿيندي. ڇا مڪمل آدرش جو وجدان ٿي سگهي ٿو. يا وحدت جو وجدان ماڻهو کي ٿانيڪو ڪري سگهي ٿو.
ڀٽائيءَ جي بيتن ۾ اسان ڏسون ٿا ته سسئيءَ کي هڪ جڳهه تي احساس ٿيو ته پنهون آئون پاڻ آهيان. بلڪ اندر ۾ ئي اهو سڀ ڪجهه موجود آهي جنهن جي جستجؤَ ۾ سسئي ڀٽڪي رهي هئي.
”پنهون آئون پاڻ، سَسئي تان سور هئا“
يا سر مومل ۾ وري هي بيت ڏسو:
ڪيڏنهن ڪاهيان، ڪَرهو چوڏس چٽاڻو،
منجهه ئي ڪاڪ ڪڪوري، منجهه ئي لُڊاڻو
راڻو ئي راڻو، راڻي ريءَ ناهه ڪِي.
پر ڪهاڻي اتي ختم نٿي ٿئي نه سسئي واپس موٽي نه وري مومل ماٺ ٿي ويئي. ڳولا جاري رهي. يعني وجدان جي ڪيفيت تجلو ڏئي ويئي، پر زندگيءَ جو اڳيون لمحو وري شعور جو آهي، حيات جو آهي، جنهن ڪري ڳولا ختم نه ٿي ، پر منزل ڪهڙي آهي؟ پنهون، يا راڻو اهو ته تنهنجي اندر ۾ آهي؟ پوءِ اساٽ ڇا جي؟ سسئيءَ کي ته واپس موٽي اچڻ گهرجي ها . پر منزل شايد ناهي آدرش شايد آهي ئي ڪونه .
”الله اورانهون ڇڏي، پري پنڌ پيا،
بنا نالي سپرين، اڃا ڪي ٻيا،
واڪيندا ويا، صادق ٻَڌيو سَندرا“
(صادق فقير)
جيئن ڀٽائيءَ چيو هو ته :
”جي قيام مڙن ته ڪر اوڏا سپرين،
تهان پوءِ سڄن، واڌايون وصال جون.“
ڀٽائي جو فن ۽ وجدان:
فن ۽ فڪر جو ڳانڍاپو ائين آهي، جيئن جسم ۽ جان جو. ٻنهيءَ کي ڌار نٿو ڪري سگهجي، فن ۽ فڪر جيستائين جمالياتي تاثر نٿا ڏين تيستائين وجداني ڪيفيت پيدا نٿي ٿئي. ڀٽائي جي بيتن ۾ ڪٿي اهڙي تاثراتي صورتحال پيدا ٿئي ٿي جو اڳيان ڇائنجي وڃي ٿي.
سورائتي سَڏُ، ڪري سڏُ سورن کي،
سورن ڀڳس هڏ، سي پڻ سيڪي سور سين.
سور ۽ درد جي پنهنجي جماليات آهي ، جيڪي ماڻهؤَ جي ڪيفت کي هڪ نئون رنگ ڏين ٿا. هي بيت ڏسو:
ڏيکاريُس ڏُکَنِ گوندر گسُ پرينءَ جو،
سُونهائي سورن، ڪئي هيڪاندي هوتَ سين،
اهي بيت وجداني طور فڪر جي گهرائي کي ڇهن ٿا. نفسياتدان چون ٿا ته ماڻهؤَ جي اندر ۾ لاشعوري دٻاءَ ۽ مونجهارا ماڻهو کي پريشان ڪن ٿا، ماڻهو ۾ هڪ عجيب بي چيني جي ڪيفت پيدا ڪن ٿا، جي ماڻهو انهن مونجهارن کي تخليقي قوت ۾ تبديل ڪري سگهيو. ته ٿانيڪو ٿي سگهي ٿو. پر جي انهن مو نجهارن مان نڪري نه سگهيو يا انهن کي ڪو ٻيو رخ نه ڏئي سگهيو ته ڊپريشن جو شڪار ٿي سگهي ٿو، ڀٽائي جو تخليقي نظريو صرف ايستائين ناهي، ڇو ته ڀٽائي هن مايا جي سفر ۾ جز جي اڌوري پڻ جو، اڪيلائي جو، درد ڀوڳيو تنهن ڪري ڀٽائي ان درد جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪو ذات جي اڌوري پڻ کان شروع ٿئي ٿو. ڀٽائي اوجداني طور انهيءَ ڪيفيت کي محسوس ڪري.
جي من ماهِه سي ناهِه، جي ناهِه سي ڏسن گهڻا
مـُـــوڙهو مــنجهه وڳــا، هينئڙو نَولي ڍور جيئن (حسيني 9/12)
هيءَ ڪيفيت اهو محسوس ڪري سگهي ٿو جنهن اهو منظر ڏٺو هوندو. ته وڳ ۾ ايندڙ نولو ڍور ڪيئن نه وائڙو، بي چين ٿي ڦيرا ڏيندو آهي نه کاڌو وڻيس نه صبر اچيس.
هي بيت ڏسو:
ڪُنڍي ڪلين وچ ۾، جڏهن هنيائون،
موت نه ماريائون، ڏور وجهي ويا ڏک جي.
هي اهي ڪيفيتون آهن جيڪي پنهنجي انتها جو وجداني اثر رکن ٿيون.
ساختيات پڄاڻان جي نظريي جي مبلغ جيڪ دريدا جو چوڻ آهي ته ٻولي اظهار جو ذريعو ضرور آهي پر ٻولي مڪمل اظهاري نٿي سگهجي. ڇو ته ڪيفيت کي لفظن ۾ سمجهائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.ٻيو ته جيڪي لفظ اسان ڳالهايون ٿا انهن کان وڌيڪ لفظ جيڪي نٿا ڳالهايون انهن جي معنيٰ اسان تي حاوي ٿي وڃي ٿي. مثال انور ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي . جنهن جو مطلب ته باقي ٻيا ماڻهو سٺا ناهن صرف انور سٺو آهي! اهڙيءَ طرح رابطي لاءِ لفظن کان وڌيڪ سندن ضدن جي بنياد تي نه ڳالهايل لفظ اهم آهن.
وجدان جو بنياد در اصل اهو ئي آهي ته اڻ ٻڌل، اڻ سمجهيل ۽ اڻ چيل پيغام جيڪو جنهن جو ڪو به ضد ناهي ڇو ته لفظ عقل ۽ شعور جي تابع آهن منجهن ضد جو فلسفو موجود آهي. پر وجدان بغير لفظي اظهار ڪرڻ جي ماڻهو کي سڀ ڪجهه ٻڌائي وڃي ٿو. ڪيٽس واري ڳالهه ته گيت اهو ئي سٺو آهي جيڪو اسان اڃا ٻڌو ناهي، يا وري شاعراڻي ڳالهه ته ڪوئي اڻ ڄاڻ گيت، ڪو اڌورو سپنو، ڪو عدم ۾ گم ٿيل آدرش هميشه ماڻهو کي پاڻ ڏانهن سڏيندو آهي.
شاهه جي بيتن پڙهڻ کان پوءِ اهومحسوس ٿئي ٿو ته شاهه نه صرف معنيٰ کي اظهاريو آهي بلڪ روح جو، روح تائين اظهار وجداني طور ڪيو آهي. وري هنن بيتن جي سٽن کي ڏسو:
”ڪَرهه هئي ڪانه، هئو نظارو نينهن جو“
__
”پرينم تنهنجا پار ، ڪهڙا چئي ڪهڙا چُئان“
__
”اندر ايءَ اهنج، سانڍجُ سکائون ڪري“
”ستين ڪهڙي سار، وڄ کوندئي ويسرا،
تو جيڏا تو يار، لهرن لهوارا ڪيا.“
معنوي انداز سان اظهار ڪرڻ ۽ وجداني اظهار ٿيڻ ۾ وڏو فرق آهي. معنوي انداز ۾ بحث آهي ، تنقيد آهي، عقلي ونڊ ورڇ آهي، پر وجدان جي اڳيان حيراني ۽ خاموشي آهي جيڪا عرفان کي ڇهي ٿي.
صوفي حقيقت تائين رسائيءَ لاءِ بي چين هوندو آهي، جيڪو شعور جي انتها تي پهچي مابعد الطبعات جي اڻ تڻ ۾ پريشان ۽ حيران ٿئي ٿو . حيراني کان شروع ٿي حيرانيءَ تي پهچڻ ئي صوفيءَ جو رستو آهي.پهرين حيراني سان علم شروع ٿئي ٿو، ٻي حيراني وجدان کان ٿانيڪي ٿئي ٿي.
لطيف پنهنجي جز واري بي پناهه بي چينيءَ کي ٿانيڪو ڪرڻ لاءِ موسيقيءَ ۾ پناهه ورتي، ڇو ته سماع جي محفل هجي ڌمال هجي يا مراقبو سڀني ۾ بي چين وجود جي اڇل کي ٿانيڪو ڪرڻ ۽ وحدت سان جوڙڻ جو ذريعو موجود آهي. جڏهن بي خودي جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ، پاڻ وساري ڇڏجي ۽ صرف هو رهجي وڃي.
”ميهار مرڻ سين، نيئر پاتم نينهن جا“
حوالا:
1. قاضي، نذر السلام ”فلسفي ڪي بنيادي مسائل“
2. ساڳيو
3. سنڌي، حميد، ’پٺي ڄڃ ۾ ڄل‘، ڪتاب ”سچل سارو سچ“ سهڙيندڙ: ڊاڪٽر نواز علي شوق، صفحو 76 سنڌ گريجوئيٽ اسوسيئشن ڪراچي 1989ع
4. فهميده حسين ڊاڪٽر، ”ادب تنقيد، فن ۽ تاريخ“ سنڌي ا دبي اڪيڊمي ڪراچي 1997 ع صفحو 50 کان 53
5. Henry Bergson “Intuition and its role in Strategy thinking” Translated by Gisle Henden Publisher BI Norwegian School of Management Po B580 Sandvika. Department of strategy and logistics 2004.
6. ميمڻ، عبد المجيد سنڌي، ”شاهه ڪريم جو ڪلام“ روشني پبليڪيشن ڪراچي.1995ع صفحو 42
7. ميمڻ، محمد سليم، پروفيسر، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ وجدان“ ڪلاچي ريسرچ جرنل صفحو 07 -14 شاهه عبد الطيف ڀٽائي چيئر ، يونيورسٽي آف ڪراچي جلد 12 شمارو 01 جون 2009ع
8. ابڙو، جمال، مهاڳ: ”هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون“ ڊاڪٽر فهميده حسين صفحو 8 -سنگم پبليڪيشن ڪراچي، 2013ع
9. لغاري، حيدر علي ”اندر ملهه اَمُلهه“ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1998ع صفحو 15
10. شيخ، ٻانهون، خان ”شاهه جو رسالو“ شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي 2002ع.