سنڌي افسانوي ادب ۾ جديديت پڄاڻان جو اڀياس
(A study of Post Modernism in Sindhi Fiction)
ڊاڪٽر ساجده پروين
Abstract:
Post modernism (PM) is one of the most popular intellectual concepts and movements of the contemporary literary world which kicked off in the late 20th century around 1980s.Although PM has been precisely defined, but has left significant footprint on a wide range of disciplines of knowledge including art, philosophy, architecture, fiction, and cultural and literary criticism. Naturally, Sindhi literature is no exception. PM has influenced Sindhi literature quite a bit. In this research paper, I have tried to integrate several apparently-not-very-connected fields of study and concepts, e.g. Quantum Physics especially quality of entities to choose randomly or naturally, Evolutionary Psychology, Meta Fiction, and Hyper reality. In addition, Science Fiction has also been added in the equation. All this has been brought in connection with study of Sindhi literature – both prose and poetry. To this end, I have thoroughly discussed Sindhi Short stories of various writers. Research shows that Sindhi literature is yet to encompass complete features and elements modernism of PM, but we can spot ‘naturally selected’ traits. These include: decentralization, anarchy, and localization in Sindhi literature. Based on this, it is necessary that Sindhi literature should be analyzed in new literary critical theories that would help understand the mood of literature and problems of society. Why problems of society? Simply because one of the inherent attribute of the literature is that it is ‘son of the soil and spring of society’.
جديديت پڄاڻان، جديد ادبي تنقيدي نظريو آهي. جنهن جي شروعات يورپ ۾ تقريباً ويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ٿي آهي. جديديت پڄاڻان جي وصف اهڙو متضاد مظهر آهي، جنهن بابت ڪابه قطعي راءِ ڏيڻ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته جديديت پڄاڻان بابت ڪن مفڪرن جو رايو آهي ته، اهو هڪ نظريو آهي ، ڪي چون ٿا ته جديديت پڄاڻان لاڙو آهي، ڪن جو خيال آهي، ته اهو جديديت جو تسلسل آهي. ڪي وري اِها دعوى ڪن ٿا ته ،اهو جديديت جي خلاف ردِعمل جو اظهار آهي ۽ هڪ گروهه اهڙو به آهي، جنهن جو مڃڻ آهي ته، جديديت پڄاڻان، فقط معروضي صورتحال جو نالو آهي.
خود جديديت پڄاڻان سوچ جي جوهر جي پاڙن ۾ هر شيءِ خلاف شَڪَ (Skepticism) جو ٻج پوکيل آهي، ڇاڪاڻ ته جديديت پڄاڻان جي سڀ کان وڏي دعوى ئي اِها آهي، ته دنيا اندر ڪنهن حقيقت تائين رسائيءَ لاءِ ڪا به شيءِ علم يا فلسفو آخري، حتمي، قطعي ۽ معنى خيز بلڪل ناهي.
جديديت پڄاڻان (Post modernism) جي ناليواري ليکڪا ۽ تنقيدنگار لِنڊا هُچئن (Linda Hutchon) جو چوڻ آهي:
“Post-Modernism is a contradictory phenomenon, one that uses and abuses, installs and then subverts, the very concepts it challenges be it in architecture, literature, painting, sculpture, film, video, dance, T.V, music, philosophy, aesthetic theory, psychoanalysis, linguistics or historiography.” (1)
جديديت پڄاڻان تضادن وارو مظهر آهي، جنهن جا پنهنجا فائدا ۽ نقصان، تعمير ۽ تخريب جا پهلو آهن. جديديت پڄاڻان جا بنيادي تصور فن تعمير، ادب، مصوري وغيره ۾ ڏسي سگهجن ٿا.
جڏهن ته اينڊريئز جو خيال آهي:
“Post-Modernism challenges some aspects of modernist dogma; its view of the autonomy of art and its deliberate separation from life; its expression of individual subjectivity; its adversarial status vis-a-vis make culture and bourgeois life.” (2)
جديديت پڄاڻان، جديديت جي عقيدي جي ڪجهه رُخن کي چئلينج ڪري ٿي. اها فن جو گهرو منظر آهي، شعوري طور زندگيءَ کان عليحدگي ۽ انفرادي داخليت جو اظهار آهي.
چارلس رسل جديديت پڄاڻان بابت لکي ٿو :
“It is art of criticism, with no message other than the need for continuous questioning. It is an art of unrest, with no clearly defined audience other than those predisposed to doubt and to search.” (3)
جديديت پڄاڻان تنقيد جو فن آهي، جنهن جو ڪم ڪوبه پيغام پهچائڻ ناهي، بلڪ هي مسلسل سوال پيدا ڪري ٿو. هي ٻين مائل کان شڪ ڪرڻ ۽ ڳولها ڪرڻ وارن نظرين وانگر ناهي بلڪ هي اهو ڦٽل فن آهي، جيڪو پنهنجي حاضرين کي واضح طور ڪجهه به نٿو سمجهائي.
مجموعي طور جديديت پڄاڻان جي مختلف وصفن مان اهو نتيجو اخذ ٿئي ٿو ته هي هڪ متضاد مظهر رکندڙ فڪر آهي، جنهن بابت ڪابه قطعي دعويٰ ڪيل ناهي ۽ نه ئي ان جا پوئلڳ چاهين ٿا ته جديديت پڄاڻان کي ڪنهن مخصوص دائري هيٺ آڻجي، ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سندس ئي جوهر جي خلاف پڻ آهي.
ٿلهي ليکي جديديت پڄاڻان، جديديت کان پوءِ جو مظهر آهي جيڪو جديديت سان فقط ڪجهه نڪتن تي سهمت آهي. ان سان گڏوگڏ جديديت پڄاڻان تحريڪ سرمائيداراڻا نظام کي سهارو (Support) ڏئي ٿي، جنهن سبب جديديت پڄاڻان خاص طبقي جي ڀيٽ ۾ عام ماڻهوءَ کي نظرانداز ڪري ٿي.
جديديت پڄاڻان نظريي جو سڀ کان اهم نُڪتو رينڊم (Random) اسٽائيل آهي. هن تحت ڪابه شيءِ فارمولائيز ناهي. جديديت پڄاڻان ۾ تمام گهڻو انتشار،لامرڪزيت ۽ انارڪي ملي ٿي. جديديت پڄاڻان نظريو طئي ٿيل اصولن، قاعدن، قانونن کي نٿومڃي سندس فطرت ۾ بي ڍنگائپ، بي قاعدگي، ۽ بي ترتيبي موجود آهي، اهوئي سبب آهي جو جديديت پڄاڻان ڪيترن ئي مونجهارن جو شڪار پڻ آهي. کيس هزارين رنگ روپ آهن، جيڪي ان کي ڪنهن مخصوص ڇاپ هيٺ نٿا رهڻ ڏين. تنهن کان سواءِ جديديت پڄاڻان تحريڪ جو دائرو فقط ادب تائين محدود ناهي، پر اِها تقريباً زندگيءَ جي سمورن شعبن ۽ علمن کي پنهنجي دائري هيٺ آڻي ٿي.
جديديت پڄاڻان جا اهم فلسفي(Prominent Philosophers of Post-Modernism) جين فرانسس ليوٽارڊ: (Jean Francois Lyotard):
ليوٽارڊ (1998-1924) جو تعلق فرانس سان هو. هو هڪ فلسفي، سوشيالاجسٽ ۽ ادبي نظريي ساز هو. جديديت پڄاڻان جي حوالي کان سندس راين، بحث مباحثن ۽ نظريي جو تفصيل سندس ڪتاب (The Post-Modern Condition: A Report on Knowledge) ۾ موجود آهي، جيڪو انگريزي زبان ۾ 1984ع ۾ ترجمو ٿيو.
ليوٽارڊ ٻي جنگ عظيم کان پوءِ معاشري ۾ جديد ٽيڪنالوجي، مواصلاتي نظام ۽ جديد ميڊيا جي حوالي کان تيزيءَ سان ايندڙ تبديلي، انهن جي اثرن ۽ انقلاب کي هن ڪتاب ۾ تفصيل سان بحث هيٺ آندو آهي. ليوٽارڊ جو چوڻ آهي ته موجوده دور ڄاڻ (Knowledge) جي بجاءِ معلومات (Information) جو آهي.
گلوبل وليج ۽ ڪمپيوٽر ايج سبب علم ذاتي شخصيت جو حصو هئڻ جي بجاءِ ڪمرشل دنيا جو وکر بڻجي ويو آهي، جنهن کي وڪڻي ۽ خريد ڪري سگهجي ٿو.
“As Lyotard sees it, in the most highly developed contemporary societies, knowledge has become a commodity, bought and sold on the market.” (4)
ليوٽارڊ جو ٻيو اهم تنقيدي تصور عظيم بيانن (Meta-Narratives) بابت آهي. هي اصطلاح سندس ئي جوڙيل آهي.
سندس خيال آهي ته سمورا عظيم بيان (Meta-Narratives) جهڙوڪ ڏندڪٿائون، ديومالائي قصا، فلسفياڻا روايتون يا سمورا عالمي فڪر جيڪي ڊگهي عرصي تائين انساني زندگيءَ جو مرڪز ۽ ابدي سچ ۽ صداقت تائين پهچ جو فڪري تسلسل رهيا آهن، اهي سڀ هاڻ رد ٿي چڪا آهن. جديديت پڄاڻان ڪنهن به عظيم بيان، پوءِ اهو وجوديت هجي يا مارڪسزم، رومانويت هجي يا ڪلاسڪ ازم، تجربيت هجي يا وري عقليت، ڪنهن تي به يقين نٿي رکي، تنهن ڪري ليوٽارڊ جو مڃڻ آهي ته ڪابه حقيقت آخري ناهي .
ليوٽارڊ جو چوڻ آهي ته جديديت پڄاڻان سماج ۾ وحدانيت، يڪسانيت ۽ ابدي صداقت جو تصور ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته ان سماج جي خاصيت ئي ڪثرت، رنگيني ۽ غيرمرڪزيت تي رکيل آهي .اهوئي سبب آهي جو جديديت پڄاڻان مفڪر جديديت جي برعڪس اجتماعيت جي بجاءِ انفراديت جي ڳالهه ڪن ٿا، عالميت جي بجاءِ مقاميت کي اهميت ڏين ٿا ۽ ڪُل جي بجاءِ جُز جي تصور کي بنيادي سجهن ٿا. انهن جو سمورو زور عظيم بيانن (Meta-Narratives) جي بجاءِ ننڍين ننڍين ڪهاڻين ۽ بيانن ڏانهن وڌيڪ آهي.
جين بوڊريلارڊ: (Jean Baudrillard)
جديديت پڄاڻان جي حوالي کان ٻيو اهم نالوفرانس جو، جين بوڊريلارڊ (2007-1929) آهي. سندس مشهور نظريو حقيقت کان مٿانهين حقيقت (Hyper Reality) وارو آهي. سندس اهم ڪتاب (Simulacra and Simulation) آهي، جيڪو انگريزي زبان ۾ 1994ع ۾ ترجمو ٿيو. بوڊريلارڊ جو چوڻ آهي، ته جديديت پڄاڻان دور ۾ جديد ميڊيا، ڪنزيومر سوسائٽي، سرمائيداراڻا نظام ۽ سائنسي ترقيءَ سبب شين جي حقيقت (Reality) وارو تصور بلڪل وڃائجي ويو آهي ۽ ان جي جاءِ اصل شين جي نقل (Simulacra) والاري ڇڏي آهي. اهو سڀ نشانن واري نظام (Sign System) سبب ممڪن ٿي سگهيو آهي. جديد ميڊيا انهن ذريعي اهڙن نون نشانن، عڪسن ۽ ڪوڊن جو ڪلچر تخليق ڪري ٿي، جن جي ڪري اصل ۽ نقل جي وچ وارو سنڌو ختم ٿي وڃي ٿو بلڪ پوءِ اصل ان مخصوص شيءِ جي نقل ذريعي ئي سڃاتو وڃي ٿو.
بوڊريلارڊ انهيءَ اصل جي نقل واري عمل کي (Simulation) سڏيو آهي.
“Baudrillard chooses the term “Simulacrum” a word that denotes representation but also carries the sense of a counterfeit, shame or fake simulacra seem to have referents, but they are merely pretend representations that mark the absence not the existence of the objects they purport to represent.” (5)
بوڊريلارڊ (Simulation) جا چار مختلف مرحلا ٻڌائي ٿو.آخري مرحلي کي بوڊريلارڊ حقيقت کان مٿانهين حقيقت (Hyper Reality) سڏيو آهي، جنهن ۾ حقيقت جو ڪوبه تصور ناهي هوندو. اهڙي ريت جديديت جي برعڪس جديديت پڄاڻان ۾ حقيقت منطق کان بالاتر ٿي Hyper Reality ذريعي هڪ نئين شڪل اختيار ڪري ٿي.
فريڊرڪ جيمس : (Fredric James)
فريڊرڪ جيمس، جديديت پڄاڻان جو ادبي ۽ مارڪسي نظريي جو سياسي تنقيدنگار آهي. سندس تعلق آمريڪا سان آهي، ادبي لحاظ کان سندس ٻه مشهور تصنيفون آهن:
Postmodernism: The Cultural Logic of Late Capitalism & the Political Unconscious
جديديت پڄاڻان تي سندس هڪ ڪتاب1991ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ جديديت پڄاڻان تي مارڪسي نطقئه نظر سان ڀرپور تنقيد ٿيل آهي. فريڊرڪ جيمس جي سڃاڻپ جو هڪ اهم حوالو مختلف همعصر ثقافتي لاڙن جو تجزيو پڻ آهي.
جيمس، عظيم بيانن (Meta Narratives) جي ختم ٿيڻ تي شڪ جو اظهار ڪندي چوي ٿو ته عظيم بيانن جو مڪمل طور سان ختم ٿي وڃڻ ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته جيڪا شيءِ اسان جي اجتماعي زندگيءَ جي ساخت آهي، اها پاڙن کان پٽي جدا ڪري نٿي سگهجي. درحقيقت اهي سمورا عظيم بيان (Meta Narratives) اسان جي اجتماعي لاشعور جو حصو بڻجي چڪا آهن ۽ مختلف حوالن ذريعي اهي اسان جي عمل کي متاثر ڪندا رهندا آهن.
جيمس، معاشيات جي ماهر ارنيسٽ مينڊل جي ماڊل کي بنياد بڻائيندي جديديت پڄاڻان جو تجزيو پيش ڪيو آهي. سندس خيال آهي ته جديديت پڄاڻان سائنسي ۽ ائٽمي انقلاب سان گڏوگڏ سرمائيداريءَ سان پڻ لاڳاپيل آهي، جنهن ڪري سماج جي اندر معاشياتي رشتن جي شڪل ۽ نوعيت ئي تبديل ٿي چڪي آهي. سرمائيداري، صارفيت جو ڪلچر، ميڊيا ۽ ڪمرشلائيزيشن اسان جي اجتماعي لاشعور کي مسلسل متاثر ڪري رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪالونيل ازم کي وڌڻ ويجهڻ جو ڀرپور موقعو مليو آهي.
“Jameson claims that ‘there have been three fundamental moments in capitalism, each one marking a dialectical expansion over the previous stage. These are marked capitalism the monopoly stage or the stage of imperialism and our own, wrongly called postindustrial, but what might better be termed multinational capital.’ (6)
جديديت پڄاڻان جي ٻين اهم فلسفين ۾ رچرڊ رورٽي (Richard Rorty)، ڊوگلس ڪيلنر (Douglas Kellner)، لنڊا هچئن (Linda Hutcheon) ۽ احاب حسن (Ahab Hassan) وغيره جا نالا سرفهرست آهن.
افسانوي ادب ۾ جديديت پڄاڻان جو اڀياس: (Postmodern study of Fiction)
سنڌي ادب ۾ جديديت پڄاڻان تحريڪ جي عڪاسي فقط تاثراتي حوالي کان ملي ٿي. ان جو سبب اهو آهي ته پاڪستان جھڙن ترقي پذير ملڪن ۾ ڪرپشن، رشوت خوري، بيروزگاري ۽ دهشتگردي جھڙن مسئلن سماج ۾ لامرڪزيت، انارڪي ۽ ڇڙواڳي ڦهلائي ڇڏي آهي، جنهن ڪري جديديت پڄاڻان جي معروضي صورتحال ترقي يافته ملڪن جي بجاءِ ترقي پذير ملڪن ۾ وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان جو سنڌي اديب جديديت پڄاڻان تحريڪ کان چڱي نموني واقف آهي. منهنجي خيال موجب آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اسڪالر جديديت پڄاڻان بابت آگاهي/واقفيت رکن ٿا.
درحقيقت سنڌ جو اديب اڃان تائين ترقي پسندي ۽ وجوديت واري دائري کان ئي ٻاهر ناهي نڪري سگھيو. سنڌي ڪهاڻيءَ جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته ان ۾ اڄ به رومانويت، وطن پرستي، تصوف، ڪلاسيڪيت، مزاحمتي فڪر ۽ روشن خياليءَ جا رنگ ته ملندا، پر سائينٽفڪ ۽ فلاسافيڪل لحاظ کان جديديت پڄاڻان جو صحيح معنيٰ ۾ مطالعو فقط يورپي ادب ۾ ملي ٿو. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ جديديت پڄاڻان جي عڪاسي نه هئڻ جي برابر آهي فقط ڪجهه ليکڪن وٽ جديديت پڄاڻان جا سماجي عڪس ملن ٿا.
1. منور سراج: منور سراج جي ڪهاڻي ”جوڳيءَ جو جنم“ جديديت پڄاڻان جو مثال پيش ڪري ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ انساني زندگي، سماج ۽ ثقافت سان لاڳاپيل مختلف ديومالائي قصن، وهمن ۽ وسوسن جو عنصر ملي ٿو. هڪ جوڳيءَ جي ذات جي روحانيت ۽ پراسراريت جي عڪاسي ٿيل آهي جنهن جي دعا ۽ پيشن گوئيءَ سان عورت کي اهڙو پٽ پيدا ٿئي ٿو جنهن جي هٿ جي پٺيءَ تي فقير جي آڱوٺي جو نشان هجي ٿو. مثال طور:
ڏهين مهيني هٿ پير لڌائين، پٽ ڄائس. سج جي تڙڪي ۾ ٻار کي تيل سان آڍيندي ڏاڏيءَ جي نظر ٻار جي کاٻي هٿ جي پٺيءَ تي پئي ته حيرت مان رڙ نڪري ويس....
”مائي!، جوڳيءَ جي ڳالهه سچي نڪتي، هي ڏس ننڍڙي جي هٿ جي پٺي...“ (7)
جديديت پڄاڻان عالمي ثقافت سان گڏوگڏ مقامي توڙي انفرادي تهذيب، ثقافت، لوڪ ڪٿائن توڙي ڏند ڪٿائن کي هڪ جيتري اهميت ڏئي ٿي ۽ اهي حقيقتون هر سماج ۽ ڪلچر ۾ هڪ ٻئي کان مختلف ٿين ٿيون. ضروري ناهي ته هڪ سماج يا قوم جون صداقتون ٻئي لاءِ به اوتريون ئي ڪارگر ۽ درست هجن. منور سراج جي هيءَ ڪهاڻي جديديت پڄاڻان جي اهڙي ئي خيال کي اڀاري ٿي.
سندس ٻي اهم ڪهاڻي ”سج لهڻ کان اڳ ۾“ آهي. هيءَ ڪهاڻي جديديت پڄاڻان جي فني ٽيڪنڪ ماورائي افسانوي ادب(Meta fiction) تحت لکيل آهي.
ماورائي افسانوي ادب (Meta fiction)، افسانوي ادب جو هڪ قسم ۽ جديديت پڄاڻان لکڻين جو هڪ خاص نمونو آهي. هي اصطلاح افسانوي لکڻين جهڙوڪ افساني، ڊرامي، ناول ۽ فلم وغيره لاءِ مخصوص ڪيل آهي، جنهن مان مراد اها آهي ته اهڙو افسانوي ادب تخليق ڪجي، جنهن جي عنصرن ۽ جزن ۾ پڻ افسانوي رنگ موجود هجي.
مثال طور: ڪنهن افساني، ناول يا ڊرامي ۾ اهڙو ڪردار پيش ڪرڻ جيڪوپاڻ به تخليقڪار يا ليکڪ هجي ۽ ڪهاڻيءَ ۾ پڻ ڪهاڻي لکي رهيو هجي يا ڪهاڻي پڙ هي رهيو هجي يا پاڻ ڪا ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هجي.
هن ڪهاڻيءَ ”سج لهڻ کان اڳ ۾“ جو مرڪزي ڪردار ، ڪهاڻيءَ ۾ پڻ هڪ رومانوي ۽ المياتي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو جيڪا هن پاڻ لکي آهي. بنيادي طرح سان هيءَ ڪهاڻي فني طور جديديت پڄاڻان جي وڌيڪ ويجهو آهي .
” هن سج لهڻ کان اڳ ۾ ۽ رات پوڻ کان پهرين گهر پهچڻ ٿي گهريو.
سندس مٺ ۾ چاڪليٽ ۽ سفري بيگ ۾ هڪ ڪهاڻي هئي.
هڪ اداس ڇوڪريءَ جي آکاڻي ،
جيڪا هڪ شام گم ٿي وئي هئي.
ڪنهن پئي چيو“ خود ڪشي ڪري ڇڏي هوندائين ، ازل جي اداسي هئس اکين ۾ ....! موت جي محبوبا هئي. (8)
2. منظور ڪوهيار: منظور ڪوهيار جي مختصر ڪهاڻين جو مجموعو ”ڀؤنرن جي انتظار ۾“ فني حوالي کان جديديت پڄاڻان جي ڀرپور عڪاسيءَ ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته جديديت پڄاڻان عظيم بيانن (Meta-narratives) جي بجاءِ مختصر ڪهاڻين کي وڌيڪ اهميت ڏئي ٿي. هن مجموعي ۾ ڪا به ڪهاڻي ڏهن کان وڌيڪ جملن تي مشتمل ناهي. منظور ڪوهيار جون ڪهاڻيون پڻ جديديت پڄاڻان جي سماجي صورتحال بابت آگاهي ڏين ٿيون. سندس ڪهاڻيون نهايت خوبصورت احساساتي تاثر پيدا ڪن ٿيون، جن مان هرهڪ ڪهاڻيءَ تي الڳ سان هڪ پورو ناول لکي سگهجي ٿو. مثال طور سندس ڪهاڻي ”اڳٺ نڪتل سٿڻيون ۽ عوام“ کي جائزي لاءِ پيش ڪجي ٿو.
هڪ وزير، پنهنجي داناءَ مشير کان پڇيو:
”اڄڪلهه عوام ڏاڍو تنگ ٿو ڪري. جتان لنگھئون ٿا، اسان کي ڏسي، ٻئي هٿ مٿي ڪري اسان جي خلاف نعرا ٿو هڻي. ان جو ڪوحل ٻڌاءِ“؟ مشير وراڻيو، سائين، عوام جي سٿـڻين ۾ اڳٺ وجهڻ تي پابندي هڻائي ڇڏيو. وزير کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي. هن اهڙي قسم جو بل اسيمبليءَ مان منظور ڪرائي ڇڏيو، ان ڏينهن کان وٺي عوام جا ٻئي هٿ سٿـڻن ۾ آهن.“ (9)
هيءَ ڪهاڻي جديديت پڄاڻان جي سماجي صورتحال تي ڀرپور طنز آهي. جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته موجوده دؤر مڪمل طور سان مصنوعي، جڙتو مسئلا پيدا ڪيل، ٺڳي، ڪوڙ، سماجي توڙي سياسي طور انتشار جو شڪار آهي. جتي ميڊيا ذريعي مختلف پروپيگنڊائن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ماڻهن کي گمراھ ڪيو وڃي ٿو. ايترا مسئلا پيدا ڪيا وڃن ٿا، جو ماڻهو مونجهاري جو شڪار ٿي اصل موضوع ۽ مسئلن تي سوچڻ ئي ڇڏي ڏين ٿا ۽ Hyper reality واري دنيا کي ئي سچ سمجهڻ لڳن ٿا.
هن ڪهاڻيءَ ۾ علامتي طور عوام جا هٿ سٿـڻن ۾ وجهرائڻ جو مطلب به اهوئي آهي ته موجوده سياسي ڍانچو پنهنجن مفادن جي پورائي لاءِ ميڊيا کان اهڙو ڪردار ادا ڪرائي ٿو. جنهن ۾ جديد ميڊيا هٿ ٺوڪين مسئلن ذريعي ماڻهوءَ کي ايترو قابو ڪري ڇڏي ٿي، جو انسان جو عقل منجهي پوي ٿو ۽ منجهس سوچڻ، سمجهڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي.
3. ڊاڪٽر غفور ميمڻ: ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي ڪهاڻي ”جتي نينهن اڇل“ سائنس فڪشن تحت لکيل ڪهاڻي آهي. هي پڻ جديديت پڄاڻان ادب جي هڪ اهم خاصيت آهي.
هن ڪهاڻيءَ ۾ مادي ترقيءَ جي انتها ڏيکاريل آهي. مستقبل ۾ انساني زندگيءَ جي ترقيءَ جي تصور جي نهايت خوبصورت تصوير چٽيل آهي، جتي انساني زندگي ايتري ته ترقي ڪري چڪي آهي، جو ماڻهو غائب به ٿي سگهي ٿو، سندس دماغي ڪيفيتون مشين ذريعي جاچي به سگهجن ٿيون، ته ٻار به ليبارٽرين ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ انسان جي پهچ ڪيترن ئي سَيّارن تائين ممڪن ٿي سگهي آهي. هڪ سَيّاري تي ماڻهو تفريح ڪرڻ پيا وڃن، ته ٻئي تي رهڻ، ٽئين تي آفيسون آهن، ته چوٿين تي اسپتالون ۽ انهن جو سفر پڻ منٽن تي مشتمل ٿي پيو آهي.
جيتـوڻيڪ هن ڪهاڻيءَ جا ڪجهه تــصور جادوئي حقيقت نگاريءَ (Magic Realism) جو اڀياس ڪرائين ٿا. هي پڻ جديديت پڄاڻان لکڻين جي هڪ اهم ٽيڪنڪ آهي پر ان جي باوجود مجموعي طور هن ڪهاڻي تي سائنس فڪشن جو رنگ وڌيڪ نمايان آهي.
”شيام، سنڌوءَ تي هڪ نظر وڌي ۽ خودڪار ڪمپيوٽر روم ۾ بيهي ڪجھه بٽڻ دٻائڻ لڳو. ٿوري دير ۾ ڪجهه لهرون ڏسڻ ۾ آيون ۽ شيام جو جسم غائب ٿي ويو.“ (10)
يا هڪ ٻيو مثال ڏسو:
”اڄ توهان 2299ع ۾ جِي رهيا آهيو. سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي، جو اهڙن واقعن تي سوچڻ به خواب ٿو لڳي. هن وقت ڌرتي هڪ ملڪ آهي ۽ دنيا وسيع ٿي چڪي آهي.“ (11)
ان کان علاوه طارق قريشيءَ جي ڪهاڻي ”صديءَ جو سفر“ پڻ سائينٽيفڪ پسمنظر تحت لکيل ڪٿا آهي، جنهن ۾ سائنسي ترقيءَ جو سربستو احوال ڏنل آهي.
4. ڊاڪٽر منظور قادر: تنهن کان پوءِ ڊاڪٽر منظور قادر جي ڪهاڻي ’فيس بڪ‘ پڻ جديديت پڄاڻان جي مختلف عنصرن مان حقيقت کان مٿانهين حقيقت (Hyper Reality) تي مبني آهي.
هن ڪهاڻيءَ ۾ سوشل ميڊيا ذريعي ٿيندڙ ڪوڙ جي ڪاروباري دنيا، سماجي انارڪي، رشتن ناتن ۾ وڌندڙ کوکلائپ ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي. هيءَ ڪهاڻي جديد سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽس جي ٻهروپ تان پردو کڻي ٿي جنهن جو بنياد ڪوڙ تي رکيل آهي، جتي قدرن، ڪلچر ۽ رشتن ناتن جو تقدس پائمال ٿيندو رهي ٿو. جتي ماڻهن جو پيج اپ ڊيٽ ڪرڻ جو مقصد هڪ ٻئي سان حقيقتون شيئر ڪرڻ يا سماجي ، سياسي ۽ معاشي تبديليون آڻڻ نه بلڪ ڪوڙ دوکي ۽ فريب ذريعي ڇوڪريون ڦاسائڻ آهي.
هن ڪهاڻيءَ ۾ پڻ اهڙو ڪردار ڏيکاريل آهي، جيڪو فيس بڪ چيٽنگ ذريعي هڪ اڻ ڏٺل ڇوڪري شهلا کي ڦاسائي ساڻس دوستي ۽ پوءِ محبت جو ڊرامو ڪري ٿو.
”هي پنهنجي منهن سوچيندي جيئن ئي لابيءَ طرف مڙيو ته سندس نظر سامهون صوفي تي ويٺل سندس زال تي پئجي وئي .... هي گهڙي پل لاءِ ته سراپجي ويو، پر پوءِ پاڻ سنڀاليندي زال جي ويجهو اچي چوڻ لـڳو ”تون...؟“
”يس آءِ ايم شهلا، ويٽنگ فار يو....!“ جوڻس مسڪرائيندي اُٿي ۽ هن ڏانهن هٿ وڌايو. هٿ ملائيندي هن کي چڪر اچي ويو ۽ ڦان ڪري پاسي واري صوفي تي ڪِري پيو! (12)
5. محمد صديق منڱيو: محمد صديق منڱيي جي ڪهاڻي ”ڏُکي ٿي ڏڌُور...“ جديديت پڄاڻان جي حوالي کان سياسي، سماجي ۽ معاشي لامرڪزيت (Decentralization) جي ڀرپورتصوير چٽي ٿي. جنهن ۾ موجوده سماج جي بدانتظامين ۽ انتشار کي وائکو ڪندي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته بنيادي طرح سان سڄو سماج ٽٽي چڪوآهي، ڪٿي به ڪو قانون، انصاف، اصول، سماجي برابري ۽ قدر ناهن رهيا، جنهن سبب سڄي رياست انتشار جو شڪار بڻيل آهي.
رياست ۾ عام ماڻهو تذليل جو نشانو بڻجي ٿو. عدل، انصاف، سک آرام ۽ سهنجائي عام لاءِ نه، پر خاص طبقي لاءِ مخصوص آهي. هن ڪهاڻي ۾ اهڙ ي پوڙهي عورت ڏيکاريل آهي جيڪا هاسيڪاري آندل ٻوڏ جي تباهي سبب سرڪاري امداد حاصل ڪرڻ لا ڌڪا ٿاٻا کائيندي رهي ٿي پر کيس وري ڪجهه ڪو نه ٿو.
”رات جي بيگاھد واري بچاءَ بند کي ٽُڪو ڇا هنيائون، ڄڻ ڳوٺ ۽ گامُ سڀ ٻُڏي ويا ... نه سمر ساٿ هئس، نه ئي ساٿُ سلامتُ مٿي ڇانءَ لاءِ سرڪاري ڪئمپ جي ڇت ڇانءَ، پيٽ ڀرڻ لاءِ اڻپوري خيراتي ماني ۽ ڳنڍ ٻڌل هئس، وزيرن، مشيرن ۽ ڪامورن جا سڻڀا بيان ۽ اعلان ... سکڻن اعلانن مان به ڪنهن جي واهر ٿي آهي؟ اُهي وَس وارن جي وات جا ٻوڙ پلاءُ ئي ته هوندا آهن ... جن جا سياسي پيرَ زور هئا، تن جا ته قطار ۾ بيٺي ئي ٻيڙ ا پار پئي ٿيا، پر هن جا سڏ پيران پير تائين نه رسيا هئا.“ (13)
6. جمن احمداڻي: جمن احمداڻيءَ جي ڪهاڻي “انڌن جي جهوپڙيءَ ۾ ٽمڪندڙ روشني” جديديت پڄاڻان جي هڪ اهم نڪتي گلوبل وليج جي اندر جديد سڌ سماءَ جي ذريعن مان ميڊيا جي ڪردار ۽ حقيقت کان مٿانهين حقيقت ((Hyper Reality تي مشتمل آهي.
اڳ ۾ ميڊيا، ماڻهن کي باخبر رکڻ لاءِ خبرون نشر ڪندي هئي، پر جديديت پڄاڻان تحريڪ سبب هاڻ ميڊيا جو ڪردار پڻ جڙتو بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري اڄ خبرن جو تصور بريڪنگ نيوز وارو بڻجي ويو آهي. هاڻ ميڊيا خبرون نشر ڪرڻ بجاءِ خبرن جا اشوز ٺاهيندي آهي. واقعن کي ڄاڻي واڻي ٽوڙي مروڙي اهڙ يءَ ريت پيش ڪيو ويندو آهي، جيئن ماڻهن ۾ حيراني، تعجب، تجسس ۽ سنسني ڦهلجي ۽ ڪروڙين روپين جي ڪمائي پڻ ٿئي. اهڙ ي ريت جديد ميڊياهن وقت حقيقت کان مٿانهين حقيقت (Hyper reality) جو تصور پيش ڪري ٿي جيڪو سچ کان ڪٽيل ۽ جڙتو هجي ٿو.
جمن احمداڻيءَ جي هن ڪهاڻيءَ ۾ به هڪ اهڙو ئي ڪردار ڏيکاريل آهي جيڪو غربت جو ڍونگ ڪري پنهنجن ٻارن کي وڪڻڻ لا شهر ۾اچي ٿو ۽ ميڊيا جي ڪوريج سبب ان ڏينهن جو ز بردست اشو بڻجي وڃي ٿو.
”ٻارڙن جو پيءُ، روئـڻهارڪي شڪل سان ميڊيا آڏو پنهنجي اولاد کي وڪڻڻ جو سبب وڏي طمطراق سان ٻڌائي رهيو هو ... “ منهنجو گهر ڪرائي تي آهي. ٽن مهينن کان مزدوري ناهي ملي ... زال بيمار اٿم. ڪالهه کان منهنجي ٻارڙن ڪجهه ناهي کاڌو، بک کان مجبور ٿي ٻارن کي وڪڻڻ آ يو آهيان.“ (14)
اهڙي خبر جي نشر ٿيڻ سان ٿرٿلو مچي وڃي ٿو. عام ماڻهن جا تبصرا، لائيو بحث مباحثا، اين جي اوز جا بيان، انساني حقن لا جاکوڙيندڙ تنظيمن پاران ڄاڻايل واقعي جي مذمت، منسٽرن، صلاحڪارن ۽ ڪامورن جا موقف نشر ڪيا وڃن ٿا ۽ آخرڪار وري هڪ ٻي بريڪنگ نيوز نشر ٿئي ٿي.
”ٻار وڪڻندڙ پيءُ وٽ منسٽر جو صلاحڪار پهچي ويو. کيس ٻن لکن جو چيڪ ڏيئي ٻارڙن کي وڪڻڻ تان هٿ کڻايو ويو آهي .“ (15)
آخرڪار ڪهاڻي پنهنجي ڇرڪائيندڙ اختتام ڏانهن وڌي ٿي ۽ ليکڪ اصل ڳالهه پڌري ڪري ٿو،
”ٻارن جو پيءُ ٻن لکن جو چيڪ وٺي گهر پهتو. پنهنجي زال کي ٻن لکن جي خوشخبري ٻڌائي ٻارڙن کي خوشيءَ سان چيائين: ”اڄوڪي اٽڪل ڪامياب ويئي.پاڻ ڇهن ڪلاڪن ۾ ٻه لک روپيا ڪمايا آهن!“ (16)
اهاآهي حقيقت کان مٿانهين حقيقت يعني ڪوڙ کي اهڙي ريت ٺاهي پيش ڪرڻ جو اهوڪوڙ ئي سڀ کان وڏوسچ لڳي.
7. ماهتاب محبوب : ماهتاب محبوب جي ناولن ”پيار پناهون ڇانورا“ ۽ ”خواب خوشبو ڇوڪريءَ“ ۾ پڻ جديديت پڄاڻان جا اولڙا پسجن ٿا. هنن ناولن ۾ سرمائيداراڻي نظام سبب اڀريل انتهائي درجي جي مادي ڪلچر جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ سماجي ۽ اخلاقي قدرن ، رشتن ناتن ،پيار محبت ۽ احساس جي جاء مفاد پرستي لالچ ۽ خودغرضي والاري ڇڏي آهي. هنن ناولن ۾ وجود جي اڇل کي محسوس ڪري سگھجي ٿو. ان سان گڏوگڏ نوان جنسي قدر ۽ اڻ کٽندڙ حَوس پڻ هنن ناولن جا موضوع آهن. تنهن کان سواءِ جديد شهري قدرن ۽ مارڪيٽ جي گليمر جو اثر جيڪو جديديت پڄاڻان جو اهم روح آهي، سو پڻ هنن لکڻين تي حاوي نظر اچي ٿو.
مثال طور:
”لنچ بريڪ دوران لائونج ۾ اڪيلي ويٺي؛ هوءَ جيڪو سوچن ۾ غرق هئي، جو سامهون سيڙهين تان هڪ نانءُ چڙهي سياستدان کي ڪنهن بيورو ڪريٽ جي ڌيءَ سان گڏ بي تڪليفي مان هيٺ لهندو ڏسي، هن جي سوچ جي وهڪري پنهنجو رخ موڙيو... ڪيڏي نه شان سان پرائي ڌيءَ کي ساڻ ڪيو پيو هلي... اهو ساڳيو جيڪر ديسي چڪلي جي ماڙيءَ تان ڪنهن ماڙيچياڻيءَ جو رت ست چوسي نپوڙي، هٿن ۾ گجرا ويڙهي ڳاڙهو وات ڪري، کنڀڙاٽين مان کنڀرائي، ٿڙندو ٿاٻڙندو هيٺ لهي ها ته هوند سڄي ساک مٽيءَ ۾ ملي وڃيس ها...“ (17)
منير چانڊيو: منير چانڊئي جو ناول ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“ جيتوڻيڪ رومانوي ناول آهي، پر هن ناول جو ڪلائيمڪس جديديت پڄاڻان جي نتيجي پرستيءَ Pragmatism)) وارو آهي. جنهن ڪري پيار جي آفاتي هئڻ واري صداقت هن ناول ۾ پرزا پرزا ٿيندي نظر اچي ٿي.
جديديت پڄاڻان دؤر جي اهم نعري ”Think Globally but act locally“ جو پڙاڏو هن ناول ۾ ڀرپور طريقي سان محسوس ٿئي ٿو.
”ڏس نه منصور! هيءُ دؤر پنهنجي مطلب جو آهي، هر ماڻهوءَ کي پنهنجو فائدو ڏسڻ گھرجي، توسان شادي ڪرڻ کان بهتر آهي، ته مان نور محمد سان شادي ڪريان.“
”هو توکان ته هزار ڀيرا وڌيڪ بهتر آهي، هو بدي ۾ منهنجي ڀاءُ لاءِ پنهنجيءَ ڀيڻ جو سڱ به ڏئي ٿو، منهنجي ڏاج لاءِ پئسا به ڏئي ٿو...“
”اها هڪ ئي ڀيڻ اٿس، ٻيو اهو پيءُ، جيڪو به ڳوٺ ۾ پنهنجون زمينون سنڀاليندو... نه گھر ۾ ماءُ هوندس، نه پيءُ، نه ڀيڻ، نه ڀاءُ.... گھر ۾ اڪيلي ويٺي راڄ ڪنديس...“ (18)
8. اخلاق انصاري : اخلاق انصاريءَ جي ناول ”اڏوهي“ ۾ جديديت پڄاڻان لکڻين جي فني ٽيڪنڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ادب Fragmentation جو ڪجهه اثر نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ هي ناول ”Surrealism“ جي لاڙي تحت لکيل آهي، پر ان جي باوجود ڪجهه عنصرن سبب هي ناول Fragmentation جي ويجھو به لڳي ٿو.
(Fragmentation) يا ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ادب ،جديديت پڄاڻان لکڻين جي اهڙي فني ٽيڪنڪ آهي، جنهن مان مراد اها آهي ته متن کي بغير تسلسل ۽ بي ترتيبيءَ سان پيش ڪرڻ. مثال طور موضوع، پلاٽ ۽ ڪردارن کي عام رواجي، حقيقي، سلسليوار ۽ تاريخ وار بيان ڪرڻ جي بجاءِ مختلف واقعن، حالتن ۽ يادگيرين ذريعي بيان ڪيو وڃي.
هيءَ ڪهاڻي پلاٽ ليس (Plot less) آهي، جنهن ۾ واقعن جي بيان جو تسلسل ٽڙيل پکڙيل ۽ بي ترتيب آهي. هڪ پروفيسر کي يونيورسٽيءَ طرفان چيڪ ملي ٿو، هو مختلف وهمن ۽ وسوسن ۾ وڪوڙ جي بيمار ٿي پوي ٿو کيس انهيءَ عمل پٺيان ڪيتريون ئي سازشون نظر اچن ٿيون.
هن ناول جو اسلوب ننڍن ننڍن اڻ پورن ۽ بي ترتيب ٽڪرن تي مشتمل آهي جن جو پاڻ ۾ ڪوبه باهمي ربط نظر نٿو اچي.
”ائين ته نه آهي...ته...ڪڏهن ڪنهن Development ڪاميٽي ۾ رکي... ڪنهن بلڊنگ ۾ ڪم ڄاڻائي صحي وٺن...هان... يا... اسپورٽس ڪاميٽيءَ جي چارج آهي... سامان ڪاغذن ۾ خريد ٿيل ڏيکارجي... ۽ خريد نه ڪجي... پر شيئر ڪجن؟...
”پر اهو به ته ممڪن آهي، ته ڪنهن پارٽيءَ جي شاگرد کي... مارائي... ڪوڙي شاهدي ڏيارين... ۽ پوءِ... ايئن به ته ٿي سگھي ٿو... ايئن به ته ٿي سگھي ٿو... ان کان پوءِ مون کي به...“ (19)
نتيجو:
مجموعي طور تي سنڌي ادب ۾ ’جديديت پڄاڻان‘ جي مطالعي مان اهو نتيجو اخذ ٿئي ٿو ته سنڌي ادب ۾ جديديت پڄاڻان جي عڪاسي يورپي جديديت پڄاڻان تحريڪ ۽ادب کان بلڪل مختلف آهي.
سنڌ جو اديب اڃان جديديت پڄاڻان تحريڪ کان واقف ئي ناهي ٿي سگهيو، تنهن ڪري ان جي مخصوص موضوعن ۽ لاڙن تحت لکڻ جو سوال ته اڃان ڪافي پري آهي مجموعي طور سان سنڌي سماج جيئن ته ترقي پذير سماجن ۾ ليکجي ٿو، تنهن ڪري انهيءَ جي انتشار، انارڪي، ڇڙواڳي ۽ لامرڪزيت وارن پهلوئن جي عڪاسيءَ ۾ جديديت پڄاڻان لکڻين جا ڪي عنصر وائکا ٿين ٿا، جن کي ادبي جائزي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
حوالا:
1. Hutcheon Linda, (1988), A Poetics of Post modernism, Rutledge, New York, London, p.1
2. Huyssen Andreas, (1986), After the Great Divide: Modernism, Mass Culture, Postmodernism, Bloomington: Indiana University Press, p.53
3. Russell Charles, (1981) The Avant Grade Today: An International Anthology, Urbana University Illinois Press, p.58
4. Ibid.p.10
5. The Norton Anthology English Literature, (2012), W.W. Norton & Company, Vol.1, 9th Edition, p.1730
6. Kellner Douglas and Sean Homer, (2004), Fredric Jameson: A Critical Reader, Palgrave Mac Milan, p.17
7. سراج، منور، خوابن جي سرحد، سوجهرو ،730 صدر ، ڪراچي، (2008) ، ص 30 ۽ 31.
8. ساڳيو صفحو 12 ۽ 13
9. ڪوهيار، منظور، (2012)، ڀؤنرن جي انتظار ۾ ، ڪنول پبليڪيشن قنبر، ص ؛ 37 .
10. ميمڻ، غفور ، ڊاڪٽر، جتي نينهن اڇل ، مشعل اڪيڊمي ڪراچي ،(1995)، ص ؛ 100
11. ساڳيو صفحو 102
12. منظور قاد ر، ڊاڪٽر، فيس بوڪ، نئون نياپو اڪيڊ مي ، ڪراچي ، (2013) ، ص ؛
13. ماهوار سوجهرو ، ذڪي سنز پرنٽرز ، آءَ آءَ چندر ريگر ر روڊ ، ڪراچي ، جولاء ، 2011
14. احمداڻي، جمن، “اڪيلو ماڻهو ”، نئون نياپو اڪيڊمي، ڪراچي، (2012) ، ص 17.
15. ساڳيو صفحو 18
16. ساڳيو صفحو 19
17. ماهتاب محبوب ، خواب خوشبو ڇوڪري ، نيو فيلڊس پبليڪيشن ، حيدرآباد، (1998)، ص ؛ 188۽ 189
18. چانڊيو ، منير، ڪيف ڌاران ڪوءَ، همت پبليڪيشن ، حيدرآباد، (2010)، ص ؛ 190
19. اخلاق انصاري، اڏوهي ، جيجل پبليڪيشن قنبر، (2006) ، ص ؛ 19