ڀارت ۾ سنڌي ٻولي ۽ نئين ٽهي
(Sindhi Language in India and New Generation)
ڊاڪٽر وِمي سدارنگاڻي
Abstract:
There, nearly, are seven thousand languages spoken round the globe; out of which some three thousand five hundred are spoken in India alone. Many languages have disappeared from the linguistic map of the world and lots of them are in the process of getting wiped out. Even languages, that have their territory and are used for official correspondence, are in the ‘danger zone’. Be it North or South, East or West of India, irrespective of the location, this very same hue and cry is being repeated raised: “Our language is breathing its last, save it.” If this is the case, what could be said about Sindhi – a language that doesn’t have a territory and people who speak it are scattered in the nooks and corners of the world. These are people who were at the receiving end of the tyranny of history, and their linguistic roots are getting eroded slowly but surely. Signs of Sindhi civilization in India are getting blurred with passage of time. Out of these signs, one of the most vital one is the Sindhi language. New generation of Indian Sindhis is almost oblivious of their priceless heritage, and hence their natural attachment with Sindhi language is growing thinner. We all talk about this, ponder over it, and make some effort regarding it, but to no avail. We ultimately resort to keep quiet after expressing our grave concern over this.
This paper is about a survey conducted and results thereof with a view to analyze attitude of the new generation toward their Sindhi identity and language. This survey was done, as a sample, in different colleges of Adipur, Gandhidham (katch) It, therefore, has its own limitations. Going forward, an extensive survey can be conducted, based on this ‘kind of sample survey’. This can help better gauge new generation’s mood toward Sindhi language, and suggest ways to reconnect them with Sindhi.
دنيا ۾ لڳ ڀڳ ست هزار ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون، جن ۾ 3500 کن ته رڳو ڀارت ۾ ڳالهايون وينديون آهن. دنيا جي ڀاشائي (ٻوليائي) نقشي تان ڪيتريون ئي ٻوليون مِٽجي ويون آهن ۽ ڪيتريون ئي مِٽجي رهيون آهن. ڀارت ۾ اُهي ٻوليون به خطري ۾ آهن، جِن کي پنهنجو راڄُ آهي ۽ جيڪي سرڪاري ڪمن ڪارين جون ٻوليون آهن. اُتر هجي يا ڏکڻ ڀارت، اولهه ڀارت هجي يا اوڀر ڀارت، سڀني هنڌان اِها ئي دانهن آهي ته اسان جي ٻولي مَري رهي آهي، اُن کي بچايو! اَهڙيءَ حالت ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت ڇا چئجي، جنهن کي پنهنجي ڪائي رياست ناهي، جنهن کي ڳالهائڻ وارا ڀارت ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن، جن سان تاريخ ڄڻ جُٺ ڪئي آهي ۽ اُن جو نتيجو اِهو نڪتو آهي ته آهستي آهستي اڻڄاڻائيءَ ۾، سنڌي پنهنجي پاڙُن کان ڪٽجي رهيا آهن، ڀارت ۾ سنڌي تهذيب جا اُهڃاڻ ڌنڌلا ٿيندا پيا وڃن ۽ اُنهن اُهڃاڻن مان هڪ اَهم اُهڃاڻ سنڌي ٻولي به خطري ۾ نظر اچي ٿي. سنڌي نئين ٽهي پنهنجي اَملهه ورثي کان لڳ ڀڳ بي خبر آهي ۽ ٻوليءَ سان اُن جولڳاءُ گهٽيل ٿو ظاهر ٿئي. اِن ڳالهه تي اسين سڀ ڳالهايون ٿا، فِڪر ڪريون ٿا، ڪوشش به ڪريون ٿا، پر ڪو خاص نتيجو ڪونه مِلي رهيو آهي. اَسين ڳڻتي ۽ فِڪر سان گڏ افسوس ڏيکاري، ماٺِ ٿي ٿا وڃون.
هن مقالي ۾ سنڌي ٻوليءَ طرف سنڌي نئين ٽهيءَ جو لاڙو (Attitude) جانچڻ جي مقصد سان ڪيل هڪ سروي ۽ اُن جي مليل نتيجي ذريعي اِهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪيل آهي ته سنڌي نئين ٽهيءَ جو سنڌي سُڃاڻپ ۽ سنڌي ٻوليءَ طرف ڪهڙو لاڙو آهي، اِهو سروي هڪ ’سئمپل سروي‘ طورآديپور-گانڌيڌام (ڪڇ) جي ڪاليجن ۾ ڪيو ويو آهي، اِنڪري اِن جون پنهنجون حدون آهن. اِهو سروي اڳتي وسيع پئماني تي پڻ ڪري سگهجي ٿو ۽ اِن مان اِهو ڄاڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي ته نئين ٽهيءَ جو رويو، سنڌي ٻوليءَ ڏانهن ڪهڙو آهي ۽ اسين اُنهن کي سنڌيءَ سان جوڙڻ لاءِ ڪهڙو رستو اَپنايون.
1. مادري زبان جي اهميت:
اڄ دنيا جڏهن هڪ گلوبل ڳوٺ ۾ تبديل پئي ٿيندي وڃي ۽ دنيا جون هزارين ٻوليون گُم پيون ٿينديون وڃن ته اهڙيءَ حالت ۾ ڇا مادري زبان جي ڪا اَهميت آهي؟ ته اِن جو جواب آهي ’ها‘، ڪنهن به جاتيءَ ۾ ملڪ جي ڪُل واڌاري جو مدار اُن جي ٻوليءَ جي واڌاري سان به جڙيل آهي.
مادري زبان ڪنهن شخص ۽ جاتيءَ جي سوچ- ويچار جو واهڻ (وسيلو) آهي، ويچارَ ۽ ٻولي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن، اِنڪري ڪنهن به ڄاڻ ۽ گِيان کي پرائڻ لاءِ مادري زبان جو ذريعو (Medium) ڪارگر هوندو آهي. اِن ڪري ئي مادري زبان جو استعمال، ڳالهائڻ، تعليم ۽ سرڪاري ڪمن ڪارين ۾ ڪرڻ جي حمايت ڪئي ويندي آهي. مادري زبان جو گهٽجندڙ واهپو ڪنهن به جاتيءَ جي ’ڊي گريڊيشن‘ جي نِشاني آهي، جو مادري زبان جي اهميت گهٽجي ٿي ته پوءِ اُن جي ڳالهائيندڙن جو مانُ مرتبو به گهٽجي ٿو.
يونيسڪو جي 2003ع جي رپورٽ مطابق دنيا جا 42 سيڪڙو ماڻهو minority (ٿورائيءَ واري) ٻولي ڳالهائيندا آهن ۽ اهڙن ملڪن ۾ رهندا آهن، جتي ٻارن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جو وَجهه ڪونه ملندو آهي.(1) دنيا جون لڳ ڀڳ 1500 ٻوليون اهڙيون به آهن، جن جا ڳالهائيندڙ 1000 کان به گهٽ آهن.
سڄي دنيا ۾ ٻولين کي بچائڻ جي مُهم هلي رهي آهي، ڇو جو هر ٻولي پنهنجو پاڻ ۾ نرالي آهي، علحيده تهذيب جو ورثو آهي؛ هر ٻولي پنهنجو پاڻ ۾ جدا جدا ڌرم، سماج ۽ تهذيبي سڃاڻپ جو اظهار آهي. هر ٻولي اُن جي ڳالهائيندڙن جي تاريخ ۽ زباني روايتن جو خزانو آهي، جيڪو اُنهن کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ميسر ڪونه ٿيندو. جي اُها ٻولي ختم ٿي ويندي ته اُن سان گڏ لوڪ ڪهاڻيون، لوڪ گيت، لوڪ وهنوارَ، ويساهه به ختم ويندا.
2. مادري زبان جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ڀاشا ڏينهن:
(International Mother tongue Day & Sindhi Language Day)
سال 1999ع کان يونيسڪو 21 فيبروريءَ جو ڏينهن، ”عالمي مادري زبان ڏينهن“ طور ڊڪليئرڪيو آهي (2) ۽ اِن ڏينهن تي هند ۽ سنڌ سميت دنيا ۾ جدا جدا پروگرام (Programmes ) رکيا ويندا آهن.
10 اپريل 1967ع تي سنڌي ٻوليءَ کي ڀارت جي آئين جي ’اٺين شيڊيول‘ ۾ شامل ڪيو ويو هو(3). سنڌي اديبن ۽ دانشورن جي وڏي جدو جهد کان پوءِ اِهو ممڪن ٿي سگهيو ۽ اِن ڪري اِهو ڏينهن ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين پاران ”سنڌي ٻوليءَ جي ڏينهن“ طور ملهايو ويندو آهي.
3. مادري زبان طور ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اڄوڪي حالت:
مادري زبان طور ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اڄوڪي حالت تي نظر وجهڻ کان اول، گذريل دور تي هڪ نظر وجهڻ بيجا نه ٿيندو. صوفي سنتن جنهن کي اپنايو ۽ اعليٰ اديبن جنهن کي وڌايو ويجهايو، جنهن ٻوليءَ ۾ قرآن سڀ کان اول ترجمو ٿيو، جنهن جو ذڪر ’مهاڀارت‘ ۾ ملي ٿو، جنهن جي ساراهه انگريز ڀاشا وگيانين (Linguists) پِڻ ڪئي، جنهن ۾ سنسڪرت سان گڏ فارسيءَ ۽ عربي ٻوليءَ جي لفظن جا ڀنڊار آهن؛ پر ڀارت جي ورهاڱي جي ڪري اُها ٻولي ۽ اُن جا ڳالهائيندڙ ٽِڙِي پکڙي ويا آهن ۽ هڪ ٻئي کان پري ٿي ويا آهن.
1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ لڏي آيل سنڌين لاءِ روزي روٽي ۽ اَجهو وڏو مسئلو هو، پر اُن مسئلي سان گڏ پنهنجي ٻوليءَ ۽ تهذيب کي قائم رکڻ جي تڙپ به جيئري هئي، اِنڪري ڪجهه ئي وقت ۾ بمبئي، اُلهاس نگر، اَجمير، دهلي، آديپور، گانڌيڌام، احمد آباد، بڙودا جهڙن شهرن ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول کولايا ويا، شام جو پڻ ڪلاس هلڻ لڳا. سنڌيت جي لهر طوفان وانگر اُٿي هئي ۽ ائين لڳو ته ڀارت ۾ به سنڌي ٻولي ۽ تهذيب ضرور ڦَلندي ڦُولندي، پر زمين جي نه هئڻ جا منفي (Negative) نتيجا وقت گذرندي وڌندڙ ڏسجي رهيا آهن. ڀارت ۾ رهندي به سنڌي جدا جدا ايراضين ۾ پکڙيل آهن ۽ سندن وکريل هئڻ جو اثر سنڌي تهذيب ۽ ٻوليءَ تي صاف نظر اچي ٿو. ٻوليءَ جو استعمال هر ڊومين (رياست) ۾ گهٽجندڙ آهي. سنڌي ميڊيم اِسڪول بند ٿي رهيا آهن، سنڌي جي مضمون طور جتي پڙهائي ويندي آهي، اُتي به شاگردن جو تعداد گهڻو ناهي. گهرن ۾ سنڌيءَ جو واهپو گهٽجي رهيو آهي. سنڌي ادب ڇپجي ٿو، پر ڪتابن جو وڪرو نه جي برابر آهي ۽ پڙهڻ وارا به تمام ٿورا آهن. سرڪار پاران ٻوليائي حق ڏنل آهن، پر (سنڌيءَ کي) الڳ رياست نه هئڻ ڪري اُنهن حقن جي اهميت ۽ استعمال ٻئي نٿا ٿين. اڄ ڀارت ۾ هر سجاڳ سنڌيءَ کان سنڌي ٻولي ۽ تهذيب دور پئي ٿيندي وڃي. انهيءَ لاءِ سنڌي سِکڻ جا ڪلاس هلايا ٿا وڃن، ثقافتي پروگرام رکيا ٿا وڃن، ورڪشاپ سڏايا ٿا وڃن، سوچ ويچار ڪيو ٿو وڃي، پر اِن هوندي به گهربل نتيجا نه ٿا ملن.
4. نئين ٽهيءَ جو سنڌي ٻوليءَ طرف لاڙو:
ڀارت ۾ رهندڙ اسين اڪثر سنڌي ان معاملي تي ته ڳالهايون ٿا ته ٻار ۽ نوجوان سنڌي نٿا ڳالهائين، اَسان جي ٻُڌن نه ٿا، پر اُنهن جي ڳالهه ٻڌڻ به ضروري آهي ته هو اِن بابت ڇا ٿا سوچين. اِن بابت ڪي انگ اکر گڏ ڪجن ته خبر پوندي ته هنن جي گهرن ۾ سنڌيءَ جو ڪيترو واهپو آهي، هو پاڻ ٻوليءَ جو استعمال ڪهڙي درجي تي ڪري رهيا آهن، کين سنڌي پڙهڻ لکڻ اچي ٿي يا نه، هو سنڌيءَ ۾ ڪنهن سان ڳالهائين ٿا، جي هو سنڌي نٿاڳالهائين ته ٻيون ڪهڙيون ٻوليون وڌيڪ ٿا ڳالهائين، پنهنجي سڃاڻپ طور ٻولي ۽ ثقافت جي ڪهڙن پئراميٽرس کي اهم سمجهن ٿا. اِهو ڌيان ۾ رکندي، مون آديپور جي پنجن ڪاليجن ۾ هڪ سوَ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کان هڪ سوال نامو ڀرايو آهي، جنهن بابت هتي وڌيڪ ڄاڻ ڏنل آهي ۽ حاصل نتيجا به ڄاڻايل آهن.
1.4 اڀياس جو دائرو:
ورهاڱي کان پوءِ لڏي آيل سنڌين کي وسائڻ لاءِ اَڏيل شهر آديپور، سنڌين جو شهر رهيو آهي، پر هاڻي هتي ڀارت جون ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائيندڙ به رهن ٿا. اِن هوندي به اِسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي، مضمون طور پڙهائي ويندي آهي، گهرن ۾ به سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي، سنڌي ثقافتي پروگرام پڻ ٿين ٿا.
مون شروعاتي اڀياس لاءِ پنهنجو ئي شهر آديپور چونڊيو آهي. هن اڀياس جو دائرو آديپور جي پنجن ڪاليجن: تولاڻي آرٽس سائنس ڪاليج؛ تولاڻي ڪامرس ڪاليج؛ تولاڻي پاليٽيڪنڪ ڪاليج؛ تولاڻي انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ اسٽڊيز ۽ تولاڻي اِنسٽيٽيوٽ آف ڪامرس تائين رکيو ويو آهي.
2.4 اڀياس جو طريقو:
هن اڀياس لاءِ پنجن ئي ڪاليجن ۾ وڃي شاگردن کان سوالنامو ڀرايو ويو ۽ اُنهن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي.
3.4 ڄاڻ ڏيندڙ :
تولاڻي آرٽس ۽ سائنس ڪاليج، تولاڻي ڪامرس ڪاليج، تولاڻي پاليٽيڪنڪ ڪاليج، تولاڻي انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ اسٽڊيز ۽ تولاڻي اِنسٽيٽيوٽ آف ڪامرس مان ڪل 100 شاگردن کان سوال نامو ڀرايو ويو.
انهن شاگردن مان 32 ڇوڪرا ۽ 68 ڇوڪريون شامل آهن. شاگرد جي چونڊ ڪنهن ترتيب سان نه، بلڪه رينڊم (Random) نموني ڪيل آهي. هنن شاگردن جي عمر 18 کان 23 سال آهي، جيڪي آرٽس، سائنس، ڪامرس، پاليٽيڪنڪ ۽ مئنيجمينٽ جا شاگرد آهن.
4.4 سوال نامو:
سوال نامي ذريعي 20 سوال پڇيا ويا ۽ ڪجهه پئراميٽرس ذريعي به ڄاڻ حاصل ڪئي ويئي. سوال نامي ۾ سوال هن آڌار تي ڏنا ويا:
مائٽن ۾ سنڌيءَ جو استعمال؛ نوجوانن ۾ سنڌيءَ جو استعمال؛ گهر ۾ ۽ ٻاهر استعمال ٿيندڙ ٻولي؛ گهر ۾ سنڌي ڪتابن، ڪئسٽن، سي ڊين، مخزنن، اخبارن، ٽپڻي (جنتريءَ) وغيره جي موجودگي؛ نوجوانن جو سنڌي گيت، سنگيت ۽ ناٽڪ ۾ چاهه؛ سنڌ بابت، ڳالهه ٻولهه، ورهاڱي ۽ سنڌي جاتيءَ جي جدوجهد بابت ڄاڻ؛ ۽ پنهنجي سنڌي هئڻ تي فخر جو احساس. سوال نامي ۾ ٻارهن پئراميٽرس ذريعي اِهو به ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته نوجوان ‘سنڌي سڃاڻپ’ طور ڪهڙين ڳالهين کي اهميت ڏين ٿا.
4.5-1: مائٽن ۾ سنڌيءَ جو استعمال:
آديپور جي گهرن ۾ اڃان به گهڻي قدر سنڌي ٻولي ڳالهائجي ٿي. 100 مان 95 شاگردن ٻڌايو ته سندس ماءُ پيءُ پاڻ ۾ سنڌي ڳالهائيندا آهن. سنڌي لکي پڙهي سگهڻ جي حوالي سان 61 کي ديوناگري، 10 کي سنڌي لپي، 16 کي ديوناگري ۽ سنڌي لپي ايندي آهي. 13 شاگردن جي ماءُ پيءَ کي سنڌيءَ ۾ رڳو ڳالهائڻ ايندو آهي، لکڻ پڙهڻ ڪونه ايندو آهي. اِهي انهن ٻارن جا ماءُ پيءَ آهن، جيڪي گجراتي ۽ انگريزي ميڊيم جي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا.
4.5-2: نوجوانن ۾ سنڌيءَ جو استعمال ۽ ان سان لاڳاپو:
هن سروي ۾ نوجوانن کان هيءُ سوال به پڇيو ويو ته ڇا کين سنڌي ڳالهائڻ ايندي آهي؛ هو ڪنهن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا آهن؛ هُو ڪهڙن هنڌن تي سنڌيءَ جو استعمال ڪندا آهن؛ اُنهن کي سنڌي ڳالهائڻ پسند آهي يا نه، ڇا هو سنڌي پڙهڻ لکڻ ڄاڻن ٿا، جي نٿا ڄاڻن ته ڇا سکڻ پسند ڪندا؟
مليل جوابن جي آڌار تي هيءَ ڄاڻ ملي ته 100 مان 83 گهرن اندر سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا آهن، جيڪي گهر ۾ سنڌيءَ ۾ نٿا ڳالهائين، اُنهن کان پڇيو ويو ته سنڌيءَ بدران ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا آهن. 17 نوجوانن جواب ڏنو ته هو گهر ۾ مائٽن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا آهن، هنن جي گهرن ۾ هندي ڳالهائي ويندي آهي. 100 مان 85 نوجوانن چيو ته کين سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ وڻندو آهي، جڏهن ته باقي 15 نوجوانن انڪار ڪيو.
هو ڪنهن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا آهن؟ اِن سوال جو جواب هيءُ مليو: 61 نوجوان پنهنجي ماءُ پيءُ سان، 36 پنهنجي دوستن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا آهن. 29 نوجوان اهڙا آهن، جيڪي ماءُ پيءُ بزرگن ۽ دوستن سڀني سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا آهن. نوجوان سنڌيءَ جو استعمال ڪهڙن هنڌن تي ڪندا آهن، اِن سوال جو جواب ۾ 90 نوجوانن ٻڌايو ته هو گهر ۾ سنڌي ڳالهائيندا آهن، 64 نوجوانن جو چوڻ هو ته گهرن کان سواءِ ٻاهر، ڪاليج، بازار، بئنڪ ۽ گڏجاڻين ۾ سنڌي ڳالهائيندا آهن.
100 مان 42 نوجوانن کي سنڌي پڙهڻ لکڻ ايندي آهي ۽ 58 کي نه، جن 42 نوجوانن کي سنڌي لکڻ اچي ٿي، سي سڀيئي ديوناگري لپي ڄاڻين ۽ 10 سنڌي لپي ڄاڻين. ان کانسواءِ کين ديوناگري ۽ سنڌي، ٻنهي لپين ۾ پڙهڻ لکڻ ايندو آهي، جن کي سنڌي لکڻ پڙهڻ نه ٿو اچي، اهڙن 58 نوجوانن مان 42 جواب ڏنو ته هو سنڌي سکڻ پسند ڪندا.
4.53: روز مره اڪثر ڳالهائجندڙ ٻولي:
گهرن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائجي ٿي يا نه، اِهو به ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. اِن بابت مٿي ڄاڻ ڏني وئي آهي ته 61 نوجوان پنهنجي ماءُ پيءُ سان، 36 پنهنجي گهر جي بزرگن سان، 23 پنهنجن دوستن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا آهن. اِهو به پُڇيو ويو ته هو پنهنجي روزمره وهنوار ۾ ڪهڙي ٻوليءَ جو استعمال وڌيڪ ڪندا آهن، جنهن جي جواب ۾ ڄاڻ ملي ته: 47 نوجوان هنديءَ جو 9 انگريزيءَ جو، 5 گجراتيءَ جو ۽ 20 سنڌيءَ جو استعمال روزمره جي ڪمن ۾ وڌيڪ ڪندا آهن. ان مان اهو پتو پوي ٿو ته گجرات ۾ گجراتي راجيه ڀاشا (رياستي ٻولي) هوندي به اِها سنڌي نوجوانن لاءِ عام ٻولي ناهي ۽ لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو نوجوان هنديءَ ۾ وڌيڪ ڳالهائين ٿا، 10سيڪڙو کن انگريزيءَ ۾ ۽ 20 سيڪڙو سنڌيءَ ۾ وڌيڪ ڳالهائين ٿا:
روز مره جي ڪمن مان هڪ کان وڌيڪ ٻوليءَ جو استعمال
ٻوليون ڳالهائيندڙن جو تعداد
هندي-سنڌي 4
هندي-انگريزي 4
هندي-گجراتي 3
هندي- سنڌي- گجراتي 2
هندي- سنڌي- گجراتي 3
هندي- سنڌي- گجراتي- انگريزي 3
مٿي ڏنل ٽيبل مان ڄاڻ پوي ٿي ته هڪ کان وڌيڪ ٻولين جو برابر استعمال ڪرڻ وارن جو تعداد مشڪل سان 20 سيڪڙو آهي، جن مان 10 سيڪڙو کن ٽن ٻولين جو استعمال ڪن ٿا.
4.5-4 سنڌي گيت، سنگيت ۽ ناٽڪ سان واسطو:
گيت، سنگيت، ناٽڪ وغيره نه رڳو سڪون ۽ راحت بخشين ٿا، پر ڪنهن به ٻوليءَ ۽ ٻولي ڳالهائيندڙ جي سوچ، سڀاوَ ۽ ڪلا (فن) طرف اُنهن جي رُجحان کي به ظاهر ڪن ٿا. بيشڪ اِهو ٻارن ۽ نوجوانن کان پڇيو ويو ته، “ڇا هو سنڌي گيت ٻڌندا آهن؟” تنهن تي 36 نوجوانن ‘ها’ ۽ 61 ‘نه’ ۾ جواب ڏنو. ٽِن وٽان ڪوبه جواب ڪونه مليو. اِن ئي سلسلي ۾ اِهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته جي اڄ جي نوجوانن کي سنڌي گيت ريمڪس يا ماڊرن ڌنن تي ملن، ته ڇا هو ٻڌڻ پسند ڪندا. تنهن تي 51 نوجوانن ‘ها’ چيو ۽ 74 انڪار ڪيو، جيڪي سنڌي گيت ئي نه ٿا ٻڌن، اُنهن مان گهڻن ئي ريمڪس ڪيل سنڌي گيت ٻڌڻ جي پسندگي ڪونه ڏيکاري، جيڪي سنڌي گيت ٻڌن ٿا، تن مان گهڻن جو رايو هو ته هو سنڌي گيت اصل طرز تي ئي ٻڌڻ پسند ڪندا.
ڇا هو سنڌي گيت، سنگيت ۽ ناٽڪ جا پروگرام ڏسڻ ويندا آهن؟ تنهن تي 44 نوجوانن چيو ته هو ڪڏهن ڪڏهن اهڙا پروگرام ڏسڻ ويندا آهن ۽ علائقائي ٽي.وي چئنلن تي به ڏسڻ پسند ڪندا آهن. 56 جو چوڻ هو ته اِن طرح جا پروگرام ڏسڻ ڪونه ويندا آهن. جي اهو ڄاڻجي ته ڇا هُو ٻين ٻولين ۾ ٿيندڙ اهڙا پروگرام ڏسڻ ويندا آهن ته شايد اُن جواب مان پتو پوي ته سندن پسند ۽ ناپسند جو مدار ٻوليءَ تي آهي ڇا، ۽ ڪلا طرف سندن ڪيترو لاڙو آهي.
4.5-5: گهر ۾ سنڌي ڪتابن، ڪئسٽن، سي. ڊين، ٽپڻي وغيره جي موجودگي:
ڪنهن به گهر ۾ ڪتابن، ڪئسيٽن. سي.ڊين، ٽپڻي وغيره جي موجودگيءَ مان به ان گهر جي ڀاتين جو ٻوليءَ طرف لاڙو جانچي سگهجي ٿو. ِان بابت ڪيل سوال جي جواب مان خبر پيئي ته 34 جي گهر سنڌي ڪتاب، 47 جي گهر سنڌي سنگيت جون سي. ڊيون، 82 جي گهر ٽپڻو آهي. 3 جي گهر ۾ سنڌي اخبار به ايندي آهي، اِها وڌيڪ ڄاڻ حاصل ٿي. پنجن (5) جي گهر ۾ اِهي سڀيئي شيون آهن ۽ چئن (4) جي گهرن ۾ انهن مان هڪ به شيءِ نه آهي.
نوجوانن سان ڳالهائيندي ڪن ڳالهين ڌيان ڇِڪايو، جيئن: گهر ۾ جيڪي سنڌي ڪتاب آهن؟ جي ها ته گهڻو ڪري ڌرمي ڪتاب آهن، جن جي گهر سڀئي شيون آهن، اُهي اِها ڳالهه ٻڌائيندي ڪجهه وڌيڪ خوشي محسوس ڪري رهيا هئا. هنن جوابن ۾ جيڪا ڄاڻ خاص ڌيان ڇڪائي ٿي، سا آهي گهرن ۾ ٽپڻي جي موجودگي. لڳ ڀڳ 30 کن نوجوان کي ’ٽپڻي‘ جي معنيٰ جي خبر هئي، گهڻن جي چهري تي لفظ ’ٽپڻو‘ سوال جي نشاني هئي، پر جڏهن کين ٻڌايو ويو ته ٽپڻو معنيٰ اُهو ڪئلينڊر، جنهن ۾ ڏِڻ، وارَ، شِراڌ، اُماس، چنڊ وغيره جون تاريخون ڏنل هجن، ته هنن يڪدم چيو پئي ته ها اهڙو هڪ پيج وارو ڪئلينڊر سندن گهر ۾ آهي. هنن مان پاڻ ڪير به ان ٽپڻي جو استعمال ڪونه ڪندو آهي، سندن ماءُ اُهو ڏسندي آهي.
4.5-6: سنڌ، ورهاڱي ۽ سنڌي جاتيءَ جي جدوجهد بابت ڄاڻ:
ٻولي پنهنجو پاڻ ۾ مڪمل هئڻ سان گڏ ڪنهن به جاتيءَ جي اتهاس، سڀيتا ۽ تهذيب جو به حصو آهي. سنڌي جاتيء َ جي ڳالهه ڪندي، هندستان جي ورهاڱي جو سنڌي جاتيءَ تي اثر ۽ ڀارت ۾ انهن جي نئين زندگيءَ جي جدوجهد جو ذڪر هميشه ايندو. ورهاڱي کي 68 کن سال ٿي ويا آهن، اُن وقت جي پيڙهيءَ کانپوءِ اڄوڪي پيڙهي، ٽين پيڙهي آهي. اِهو ڄاڻڻ به ضروري آهي ته ڇا سنڌ، ورهاڱي ۽ سنڌي جاتيءَ جي جدوجهد بابت نوجوانن کي پنهنجن وڏن کان ڪا ڄاڻ ملي آهي يا نه، کين پنهنجي ليکي ڪا ٿوري گهڻي ڄاڻ آهي يا نه.
100 مان 86 نوجوانن چيو ته سندن وڏڙن سان سنڌ بابت ڳالهيون ڪندا آهن. گهڻو ڪري اِهي ڳالهيون سندن گهر بابت، سندن رهڻي ڪهڻي، مانَ مرتبي ۽ شاهوڪاريءَ جون ڳالهيون آهن. ٻِن ٽِن ڄڻن ٻڌايو ته سندن سنڌ واري گهر ۾ سون جون سِرون به هونديون هيون، جيڪي سندن وڏا ڀارت ۾ ايندي پاڻ سان گڏ کڻي آيا هئا.
4.5-7: سنڌي سڃاڻپ بابت نظريو:
سنڌي ٻوليءَ طرف نئين ٽهيءَ جي لاڙي بابت اڀياس ڪندي، اهو ڄاڻڻ به مون کي ضروري لڳو ته نوجوان پنهنجي سڃاڻپ ڇا سان ٿا سمجهن، پاڻ کي سنڌي سڏائيندي هو ڪهڙن آڌارن يا پئراميٽرس کي اهميت ڏين ٿا. سنڌي سڏائڻ لاءِ ڇا رڳو سنڌي ذات (Surname) هئڻ ڪافي آهي يا سنڌي سڏائڻ لاءِ سنڌي ذات جو هئڻ ضروري ناهي؟ سنڌي ادب پڙهڻ ڪيترو ضروري آهي؟ سنڌي ڏڻ وار ملهائڻ ڪيترو ضروري آهي؟ سنڌي ڳالهائڻ سان گڏ ڇا سنڌي لکڻ پڙهڻ به ضروري آهي؟ هن سيڪشن ۾ ڪل 12 پئراميٽرس رکيا ويا. نوجوانن کي ٻڌائڻو هو ته هو ڪهڙي پئراميٽر کي اهميت ڏين ٿا ۽ ڪهڙو پئراميٽرس سندن ويچار موجب سنڌي سڃاڻپ طور ضروري ڪونهي. هيٺ اُهي پئراميٽرس ۽ حاصل جواب ڏنل آهن:
سنڌي سڃاڻپ جا ماڻ ۽ نوجوانن جو رايو :
پئراميٽر اهم آهي اهم ڪونهي
1. سنڌي کاڌو پيتو 75 15
2. سنڌي ڏڻ وار ملهائڻ 88 12
3. سنڌي ذاتين جو استعمال 92 8
4. سنڌي ڪپڙا پائڻ 30 7
5. سنڌي ريتيون رسمون اپنائڻ 93 7
6. مائٽن سان ميل ميلاپ رکڻ 98 2
7. سنڌ سان لڳاءُ/جُڙيو رکڻ 88 12
8. سنڌي ادب پڙهڻ 56 44
9. سنڌي گيت سنگيت ناٽڪ 57 43
10. سنڌي ڳالهائڻ 90 10
11. سنڌي لکڻ پڙهڻ 66 34
12. سنڌي سماج ۾ اُٿ ويهه 87 13
منهنجي ويچار مطابق هيءُ حصو نوجوانن جي ان بابت ڏنل نظريي جو اڀياس اسان لاءِ تمام دلچسپ ۽ اهم ٿي سگهي ٿو؟ ڇو جو سنڌي سڃاڻپ طور اسين جن ڳالهين يا ماڻن کي اهميت ڏيون ٿا، ضروري ناهي ته نوجوان به اُن کي اهميت ڏيندا هجن. سندن ڏنل’ها‘ ۽ ’نه‘ جي جواب مان اِها ڄاڻ ملي سگهي ٿي ته هو پنهنجي سڃاڻپ ڇا ۾ ٿا ڳولين ۽ ڇا ۾ ٿا سمجهن.
هرجاتيءَ جو پنهنجو خاص طرح جو کاڌو پيتو هجي ٿو، سنڌي کاڌو نه رڳو سنڌين ۾ بلڪ غير سنڌين ۾ به چڱو مقبول آهي. 100 مان 85 نوجوانن جو چوڻ هو ته هو سنڌي کاڌا پيتا پسند ڪندا آهن ۽ سنڌي سڃاڻپ طور اُن کي اهم سمجهن ٿا. اها ڳالهه سامهون آئي ته سنڌي کاڌي پيتي کان وڌيڪ تريج سنڌي ڏڻ وار ملهائڻ کي ڏني ويئي. 100 مان 88 نوجوانن زور ڏنو ته اسان کي سنڌي ڏڻ ڌام ڌوم سان ملهائڻ گهرجن. کين چيٽي چنڊ ۽ ستئن جي ڄاڻ هئي.
هڪ دلچسپ ڳالهه، جنهن ڌيان ڇڪايو، سا هئي سنڌي ذات (Surname) جو استعمال. ذات سان سڃاڻپ ڪنهن به ماڻهوءَ جي جاتيءَ جي پهرين نشاني آهي، پر 100 مان 8 نوجوانن جي اِها سوچ هئي ته سنڌي سڃاڻپ لاءِ سنڌي ذات هئڻ ضروري ناهي. اڄوڪي ٽهي وڌيڪ ماڊرن ۽ نئين سوچ واري آهي، ان هوندي به سماج جي حصي طور اُها پنهنجين بنيادي ريتين رسمن سان پاڻ کي جوڙي رکڻ چاهي ٿي، اها ڄاڻ ريتين رسمن کي اپنائڻ سان واسطيدار مليل جواب مان پيئي. 100 مان 93 سنڌي ريتيون رسمون اپنائڻ چاهين ٿا، خاص ڪري شادي مُرادي، ڇٺي ۽ جڻين جي موقعي تي.
اسين چئون ٿا ته اڄڪلهه وقت ڪنهن کي آهي، هر ماڻهو پنهنجو پاڻ ۾ پورو آهي، ٻين سان ملڻ جلڻ گهٽجي ويو آهي، خاندان جا رشتا ناتا ڪمزور ٿي رهيا آهن. ان ڏس ۾ به نوجوان جو رايو اِهو آٿت ڏيڻ وارو آهي ته هو خانداني واسطن ۽ ميل ميلاپ کي اهميت ڏين ٿا.100 مان 98 چيو ته ’ها‘، مائٽن سان ميل ميلاپ رکڻ پنهنجي سڃاڻپ جو حصو آهي. اِن پئراميٽر کي سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا.
سنڌ بابت نواجوانن کي وڌيڪ ڄاڻ ڪانهي. ڪلاس ۾ پڙهائيندي مون ڪيترا ڀيرا اِهو محسوس ڪيو آهي ته سنڌ جو ذڪر شاگردن کي (جذباتي) ڪونه بڻائيندو آهي، سنڌي ڪويتائن (شاعريءَ) ۾ سنڌ جي ساراهه ۽ يادگيريون کين گهڻي عجب ۾ وجهنديون آهن. گهڻن کي سنڌ ۾ پنهنجي ڳوٺ يا شهر جي نالي جي ڄاڻ ناهي، نوجوان ڪيترن آديپور، گانڌيڌام کي ئي پنهنجو اباڻو هنڌ (Native Place) چيو. ان هوندي به کين پنهنجي پاڙَن جي ڄاڻ آهي ۽ اڻ سڌيءَ طرح هو سنڌ سان پاڻ کي جوڙين ٿا. اِن سروي سان اِها ڳالهه ظاهر ٿي ته 100 مان 88 نوجوان سنڌي سڃاڻپ طور سنڌ سان لڳاءُ ۽ جڙاءُ کي ترجيح ڏين ٿا.
اڄ جڏهن سنڌي ادب ۾ نئين ٽهيءَ جي اديبن جي کوٽ صاف محسوس ڪجي ٿي، نئون پڙهندڙ طبقو نه جي برابر آهي ۽ نئين ٽهيءَ کي سنڌي ادب سان جوڙڻ جون ڪوششون ٿيون ڪجن، تڏهن سنڌي سڃاڻپ طور سنڌي ادب پڙهڻ بابت هنن نوجوانن جي جواب مان خبر پوي ٿي ته ان سنڌي سڃاڻپ طور سنڌي ادب پڙهڻ اهم آهي، جيتوڻيڪ اُنهن مان مشڪل سان ڪنهن ڪو سنڌي ڪتاب پڙهيو آهي.
سنڌي گيت، سنگيت، ناٽڪ، سنڌي آوازي تهذيب جو اهم حصو آهن. اِن دوران سنڌي نوجوانن کي سنڌي تهذيب ۽ ٻوليءَ سان جوڙڻ جون ڪوششون به هر هنڌ ٿي رهيون آهن. جيتوڻيڪ 44 ڄڻن چيو هو ته هُو گيت، سنگيت ۽ ناٽڪ جا پروگرام ڏسڻ ويندا آهن، پر هن سوال جي جواب ۾ 44 ڄڻن جو چوڻ هو ته سنڌي سڃاڻپ طور، هُو اِهو ضروري نه ٿا سمجهن ته سنڌي گيت، سنگيت، ناٽڪ ڏسجن يا ڪجن. 100 مان لڳ ڀڳ 10 کن نوجوانن اِسڪول ۾ پڙهندي، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ڪنهن سنڌي پروگرام ۾ حصو ورتو آهي.
ڪنهن به جاتيءَ جي پهرين سولي سڃاڻپ اُن جي ٻوليءَ سان ئي ٿيندي آهي. مادري زبان ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ اُن جو حصو آهي. هن سروي موجب نوجوان سنڌي ڳالهائڻ کي ته سنڌي سڃاڻپ طور اهميت ڏين ٿا، پر لڳ ڀڳ 35 سيڪڙو جو مڃڻ آهي ته سنڌي سڃاڻپ لاءِ، سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ ڪافي آهي. سنڌي لکڻ پڙهڻ اچڻ ايترو ضروري نه آهي. 100 مان 90 سنڌي ڳالهائڻ کي اهميت ڏين ٿا ۽ 100 مان 66 سنڌي لکڻ پڙهڻ کي به ضروري سمجهن ٿا.
نوجوان ڪٽنبي رشتن ناتن کي بڻائي رکڻ کي جيتري اهميت ڏين ٿا، لڳ ڀڳ اوتري ئي اهميت هو سنڌي سماج ۾ اُٿ ويهه کي، اچ وڃ کي به ڏين ٿا. 100 مان 87 جو خيال آهي ته سنڌي هئڻ طور اسان کي سنڌي سماج سان ناتو رکڻ گهرجي. اِهو ڄاڻائي ٿو ته هر ڪو ماڻهو پنهنجي جاتي ۽ سماج جو حصو بڻجي رهڻ پسند ڪري ٿو.
مليل جوابن موجب هنن پئراميٽرس کي سندن اهميت موجب هن نموني جانچي سگهجي ٿو.
سنڌي سڃاڻپ جا آڌار ۽ انهن جي اهميت
پئراميٽر مليل جوابن موجب اهميت
مٽن مائٽن سان ميل ميلاپ رکڻ 1
سنڌي ريتون رسمون اختيار ڪرڻ 2
سنڌي ذات Surname جو استعمال 3
سنڌي ڳالهائڻ 4
سنڌي ڏڻ ملهائڻ 5
سنڌي سان لڳاءُ/ جڙاءُ رکڻ 5
سنڌي سماج ۾ اُٿ ويهه 6
سنڌي کاڌو پيتو 7
سنڌي لکڻ پڙهڻ 8
سنڌي گيت، سنگيت ۽ ناٽڪ 9
سنڌي ادب پڙهڻ 10
سنڌي لباس پائڻ 11
4.5-8: پنهنجي بُڻ بڻياد بابت ڄاڻ:
ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ اُن جو وطن، اُن جو ديس تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ماڻهو اُن سان سوچ ۽ جذبي سان جڙيل هوندو آهي. ان اِڀياس ۾ اهو به سوال پڇيو ويو ته سنڌي ۾ توهان جو ڳوٺ يا شهر ڪهڙو آهي؟ گهڻن ئي جي شڪل تي اِن سوال جي نشاني آڻي ڇڏي. هُنن چيو ته اسين ته هتان جا ئي آهيون. مون جڏهن چيو ته سو ته ٺيڪ آهي، پر سنڌ ۾ ڪٿان جا آهيو؟ ته هو گهري سوچ ۾ پئجي ويا. جڏهن مون پڇيومانِ ته توهان جا ماءُ پيءُ ڪڏهن ڳالهيون ڪندي ڪهڙي شهر جو نالو وٺندا آهن، ته ڪِنِ اُها خوشي ظاهر ڪئي، جهڙي امتحان ۾ ڪنهن ڏکُئي سوال جو جواب ياد اچڻ تي ملندي آهي. ڪنهن چيو ته اسين پنهنجي گهر فون ڪري پُڇي ٻڌايون؟ مون چيو ته نه، اِن جي ضرورت ناهي، پر گهر وڃي اِن سوال جو جواب ضرور حاصل ڪجو. 100 مان 28 ٻڌائي سگهيا ته هو سنڌ ۾ ڪٿان جا آهن، 56 کي اِن بابت ڄاڻ ڪانه هئي. 10 نوجوانن جواب ڏنو ته اسان کي اها خبرآهي ته اسان جو اباڻو ماڳ (Native Place) پاڪستان ۾ آهي، اُنهن سوالن ۾ به اِهو ئي لکيو. ستن ڄڻن لکيو ته سندن اباڻو ماڳ (native place) آديپور- گانڌيڌام آهي. انهن جوابن مان خبر پوي ٿي ته نوجوان ‘سنڌ’ نالي کان ته واقف آهن، پر کين پنهنجي اباڻي شهر يا ڳوٺ بابت ڄاڻ ناهي. هندستان ۾ ڄاول سنڌي نوجوان جتي ڄاوا آهن، اُن ئي شهر کي پنهنجو اباڻو هنڌ مڃين ٿا.
هو سنڌي ته آهن، پر ڪهڙي جاتيءَ جا آهن، اِهو سوال به سوال نامي ۾ هو. 100 مان لڳ ڀڳ 59 کي پڪي ڄاڻ هئي ته هو ڪنهن جاتيءَ جا آهن. 16 پنهنجي جاتيءَ کان واقف ڪونه هئا. 34 ٻيا حوالا ڏئي، ياد ڪري جواب ته لکيو، پر کين اِن جي پوري پڪ ڪانه هئي. اِهو ڏيکاري ٿو ته اڄ ڀارت ۾ سنڌي جاتيءَ ۾ اُپ- جاتيءَ جو فرق گهٽجي رهيو آهي ۽ اُن کي نوجوان گهڻي اهميت نٿا ڏين؛ جيتوڻيڪ گهڻن کي اِها ڄاڻ هئي ته شادي مُرادي وقت اُپ- جاتي (Sub- Cast) جي ڳالهه گهر ۾ ڪئي ويندي آهي.
4.5-9 پنهنجي سنڌي هئڻ تي فخر:
ڪنهن جاتيءَ جي فرد لاءِ اِهو ضروري آهي ته هو پنهنجي اُن جاتيءَ جو حصو هئڻ تي فخر محسوس ڪندو هجي، ڇو جو سندس من ۾ اِهو ناهي ته هو پاڻ کي جاتيءَ جي سڃاڻپ کان پري ڪندو ويندو ۽ پاڻ کي اُن جاتيءَ جو حصو سڏائڻ ۾ شرم محسوس ڪندو.
نوجوانن کي سنڌي ورثي سان جوڙڻ لاءِ ضروري آهي ته اُنهن ۾ پنهنجي سنڌي هئڻ تي فخر جو احساس جاڳائجي. اِها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اِن سان جڙيل سوال تي سڀ جا سڀ خوشيءَ سان چئي رهيا هئا ته ها، اسان کي سنڌي هئڻ تي فخر آهي. جي عام جواب اِهو ئي آهي ته اسان کي سمجهڻو پوندو ته اسين هنن نوجوانن کي پنهنجي ورثي کان اهڙي نموني واقف ڪرايون، جو هو نه صرف سنڌي هئڻ تي فخر ڪن، بلڪه سنڌيت کي سنڀالي به رکن ۽ اُن کي اڳتي وڌائين.
4.6: آئيندا لاءِ رستو:
ان سموري اڀياس جي آڌار تي مان اِهو سمجهان ٿي ته اڄوڪي نئين ٽهي ڀلي پنهنجي ورثي کان پوريءَ طرح واقف نه هجي، يا ڪي ٿورا نوجوان سنڌي سڏائڻ ۾ هروڀرو ڪو وڌيڪ فخر محسوس نه ڪندا هجن؛ سنڌيءَ بدران هندي ۽ ٻين ٻولين جو وڌيڪ استعمال ڪندا هجن؛ کين سنڌي پڙهڻ لکڻ نه ايندو هجي؛ ان جي باوجود هو پنهنجين پاڙُن کي ڄاڻڻ چاهين ٿا؛ اُنهن سان جڙيل رهڻ چاهين ٿا. اِن ڪري بجاءِ اُن جي سامهون سڄو وقت ’سنڌيءَ ۾ ڳالهايو‘ يا ’سنڌي پڙهڻ لکڻ سکو‘ جو سائن- بورڊ، جن سان هو پنهنجي سنڌي سڃاڻپ قائم رکن ۽ پنهنجي مادري ٻوليءَ سان به جُڙن.
مادري ٻوليءَ جو احساس دماغ سان نه، پر دل سان جڙيل آهي. اسان کي سندن ذهن ۾ اِها ڳالهه ويهارڻي پوندي ته هر ڳالهه رڳو ’نفعي نقصان‘ لاءِ نه ٿيندي آهي. جيئن پيار، دوستي، رشتا اسين خوشيءَ ۽ سُڪون لاءِ رکون ٿا، تيئن ئي پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي تهذيب سان لڳاءُ ۽ جڙاءُ به جذباتي آهي. اُنهن ۾ پنهنجي ٻوليءَ لاءَ سينسٽيوٽي (احساس داري) آڻڻ ضروري آهي.
نئين ٽهيءَ کي سنڌي ٻوليءَ سان جوڙي رکڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي تهذيب ۽ جيئڻ جي طريقي کي جيئرو رکيو وڃي، ڇو جو سنڌي ٻولي، اُن جو هڪ انگ آهي. ٻولي ۽ تهذيب پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ ڳُتيل آهن. سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جا ٻيا دائرا ڳولجن. نوجوان ٽهيءَ جي پسند ۽ لاڙي مطابق سنڌي ٻوليءَ ۾ اُهي شيون ميسر ڪرائجن. سنڌي پاپ ۽ سنڌيءَ ۾ بلاگ اُنهن جا مثال آهن. ٻوليءَ جي استعمال ۾ لچڪپڻو آڻجي. سنڌي ٻولي سيکارڻ لاءِ جيڪي پروگرام هلايا وڃن، اُهي نوجوانن جي نظرن ۾ سنڌي جاتيءَ جو مانُ مرتبو وڌائين، اِن نموني ٺهيل هئڻ گهرجن. سنڌي ٻوليءَ کي اليڪٽرونڪ ٽيڪنالاجيءَ سان جوڙائجي، انٽرنيٽ، اي. ميل، سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽس، سنڌيءَ بابت ڄاڻ ڏيندڙ ويب سائيٽس جو استعمال ڪجي. سنڌ، سنڌي ٻولي، ادب، شخصيتن، سنسڪرتي وغيره بابت ڄاڻ ڀارت جي لڳ ڀڳ هر ٻوليءَ ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ ميسر ڪرائجي، جيئن هو پنهنجي املهه سنڌي ورثي بابت ڳنڀيرتا سان ڄاڻي سگهن ۽ اُن جي اهميت سمجهي، اُن سان جڙن.
هيءُ اڀياس تمام ننڍي پيماني تي ڪيل هڪ شروعات آهي. منهنجي ويچار مطابق سنڌي خانگي ۽ سرڪاري ادارا، جيڪڏهن پنهنجي پنهنجي شهر ۾ اِن قسم جو سروي ڪرائين ۽ اِن نموني ملڪي سطح تي وڏي پيماني تي سروي ڪرايو وڃي ته ڪي الڳ نتيجا به نڪري سگهن ٿا، ڪي اهم انگ اکر به گڏ ڪري سگهجن ٿا.
سڀ ڪجهه ڇڏي تون آئين، پنهنجي وطن جي خاطر،
ليڪن تو ساڻ آندي، پنهنجي اباڻي ٻولي،
سنڌي اباڻي ٻولي، مِٺڙي اباڻي ٻولي.
حوالا:
1. Trudell, Barbara, “Mother toungue Matters: Local Language as a Key to Effective Learning” UNESCO, Paris, 2008
2. Irina Bokova,”Local languages for Global Citizenship: Spotlight on Science”, UNESCO, 2014
3. http://indiacode.nic.in/coiweb/amend/amend21.htm
4. http://www.unesco.org/new/en/culture/themes/endangered-languages/atlas-of-languages-in-danger
5. http://www.sindhishaan.com/article/wethesindhis/weth_11_03.html