حيدر ڪلوچ سنڌ جو مشهور فارسي گو شاعر
(Hyder Kaloch Famous Persian Poet of Sindh)
مدد علي سنڌي
Abstract:
Hyder Kaloch is one of those Persian poets of Sindh who have been quoted outside of Sindh in various histories of India and Iran. He also had an anthology to his credit. He, originally, was from Hirat, and migrated to Sindh during the peak days of Mirza Shah Hasan Arghun. He lived in Thatta for some time and spent last days of his life in Paat and passed away there. Even though, there is no manuscript of his poetry available in Sindh, but references of his poems can be found in the historical books of Iran and India. His anthologies can be found in various famous libraries of the world. This shows he was a famous and big poetic name.
Kaloch composed poetry all his life, which consisted thousands of couplets, odes, eulogies, and other forms. People, keenly, had many copies of his anthology prepared after his death. Even the Qasmi library of Paat itself has a copy of his complete poetic collection. This library was set ablaze in an attack during Moghul Empire, and Hyder’s anthology was also burnt. Some copies went through the cracks of cruel times. This paper throws light on his life and work from various angles.
سنڌ جي جن فارسي شاعرن جو سنڌ کان ٻاهر هندستان ۽ ايران جي مختلف تاريخن ۾ ذڪر ملي ٿو، اُنهن مان هڪ جو نالو آهي: ”حيدر ڪلوچ.“
ڪلوچ، صاحبِ ديوان شاعر هو. اصل هرات جو رهواسي، بعد ۾ ميرزا شاهه حسن ارغون جي دور ۾ سنڌ ۾ لڏي آيو. ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهيو، زندگيءَ جا آخري ڏينهن پاٽ ۾ گذاريا ۽ اُتي ئي وفات ڪري ويو. هن وقت جيتوڻيڪ سندس شاعريءَ جو ڪو به قلمي نسخو سنڌ ۾ موجود ڪونهي، پر سندس شاعريءَ جو ذڪر هندستان ۽ ايران جي تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿو. دنيا جي ڪيترن ئي مشهور ڪتبخانن ۾ اڄ به سندس شاعريءَ جا ”ديوان“ موجود آهن، اُن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته هو پنهنجي دور جو وڏو ۽ مشهور شاعر هو.
ڪلوچ جو اصل وطن ۽ سندس زندگيءَ جو احوال:
افغانستان جي اتر اولهه ۾ اڄ به هرات جي نالي سان مشهور شهر موجود آهي. صديون اڳي هي شهر خراسان ۾ شامل هو. ڇاڪاڻ ته هرات هندستان ۽ چين ڏانهن وڃڻ جي لنگهه تي واقع آهي، ان ڪري اُن دور ۾ به اهم واپاري ۽ فوجي مرڪز هو. 41 هه (661ع) ۾ اموي دور ۾ عربن هن شهر کي فتح ڪيو. 782 هه (1380ع) ۾ تيمورلنگ اُن کي ترقي وٺرائي. 874 هه (1468ع) ۾ تيموري خاندان جي آخري بادشاهه ابو الغازي سلطان حسين بايقرا جي دور ۾ هرات وڏو عروج ماڻيو. سلطان پنهنجي دور ۾ علم ۽ ادب کي زور وٺرايو ۽ هڪ عاليشان مدرسي کان سواءِ ڪيتريون ئي عمارتون پڻ اڏايون. اُن جي دور جا ڪيترائي وڏا شاعر سندس درٻار سان لاڳاپيل هئا. فارسي ۽ ترڪي ٻوليءَ جو وڏو شاعر مير علي شير نوائي سندس خاص وزير هوندو هو. نوائيءَ جا فارسي شاعريءَ ۾ چار ديوان موجود آهن. تنهن کان سواءِ مشهور فارسي شاعر مولانا عبدالرحمان جامي، عبدالله هاتفي، شيخ الاسلام سيف الدين احمد، ملا شيخ حسن، ملا محمد بدخشي، ملا مسعود شيرواني، ڪمال حسين گزگاهي، انوار سهيلي ۽ روضته الشهداءِ جو منصف ڪمال الدين حسن بن علي واعظ ڪاشفي، مير خوند ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر، مؤرخ، مصور ۽ خطاط سندس درٻار جا اهم رڪن هئا. خود بايقرا پاڻ به شاعر هو. ترڪي زبان ۾ سندس ديوان موجود آهي، جيڪو 1949ع ۾ استنبول مان شايع ٿيو. سام ميرزا پنهنجي ڪتاب ”تحفته سامي“ ۾ سلطان جي هڪ تذڪري ”مجالس العشاق“ جو ذڪر ڪيو آهي، (تحفة سامي: سام ميرزا (ڇاپو 1914ع پٽنه) پر بابر پنهنجي آتم ڪٿا ”تزڪ بابري“ ۾ سلطان کي شاعر نه مڃيندي، اُنهي ڪتاب جو اصل ليکڪ ڪمال حسين گزگاهي کي مڃي ٿو.
اهڙي ئي علمي ۽ تاريخي شهر هرات ۾ حيدر ڪلوچ نائين صدي هجريءَ ۾ پيدا ٿيو. افسوس ته ڪيتري جاکوڙ ڪرڻ جي باوجود به تذڪره جي ڪتابن ۾ ڪلوچ جي پيدائش جي تاريخ ڪا نه ٿي ملي. ڪي تذڪره نويس، ڪلوچ کي شاهه اسماعيل صفويءَ (1523-1486ع) جي دور ۾ پيدا ٿيل ڏيکارين ٿا، پر ان سلسلي ۾ به اختلاف آهي. شاهه اسماعيل صفوي 892 هه (1486ع) ۾ ڄائو ۽ 38 ورهين جي ڄمار ۾ سال 930 هه (1523ع) ۾ مارجي ويو. جيڪڏهن ڪلوچ اسماعيل صفويءَ جي دور ۾ پيدا ٿيو ته هو سال 911 هه (1505ع) ۾ خراسان جي بادشاهه سلطان بديع الزمان جي درٻار جو شاعر ڪيئن بڻيو؟ يقيناً 911 هه (1505ع) ۾ جڏهن هڪ سال لاءِ بديع الزمان هرات جو بادشاهه ٿيو ته اُن وقت ڪلوچ جي عمر ايتري ته هئي، جو هو بادشاهه جو درٻاري شاعر ٿيو ۽ پنهنجي مخالف شاعر ۽ بزرگ مولانا هلالي جي خلاف شعر لکيائين. اُن وقت ڪلوچ جي عمر بهرحال 30 ورهين کان مٿي هئڻ گهرجي. ان لحاظ کان ڪلوچ جي جنم جو سال 881 هه (1476ع) هئڻ کپي.
ڪلوچ بنيادي طور تي هڪ غريب گهراڻي جو فرد هو. ابتدائي سالن ۾ هو ڪليجي رڌڻ جو ڪم ڪندو هو، ان ڪري مٿس ”ڪلونج“ يا ”ڪلوچ“ جو لقب بڻجي ويو. دراصل اڄ به ايران جي مختلف سرحدي علائقن ۾ صبح جو سويل ٻڪري جي مُنڍي ۽ پاون رڌڻ وارن کي ”ڪلونچ“ ڪري سڏيو ويندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ”حيدر“ اهي ٻئي ڪم ڪندو هجي، يا سندس خانداني پيشو اهو رهيو هجي، ان ڪري مٿس ”ڪلونچ“ يا ”ڪلوچ“ جو نالو پئجي ويو. البت هن پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ”حيدر“ اختيار ڪيو. اُن وقت شاعر گهڻو ڪري بادشاهن جي درٻار سان منسلڪ ٿي ويندا هئا، ان ڪري ڪلوچ به هرات جي بادشاهه بديع الزمان ميرزا جي درٻار ۾ وڃي پهتو، جتي ٻيا به ڪيترائي شاعر اڳ ئي بادشاهه جي مصاحبيءَ ۾ شامل هئا.
سال 913 هه (1507ع) ۾ بديع الزمان، ازبڪ حاڪم محمد خان شيبانيءَ جي حملي وقت استر آباد ۽ پوءِ قنڌار پهچي ويو، تڏهن ڪلوچ هرات ۾ هو. بعد ۾ خراسان تي شيبانيءَ جو قبضو ٿيو ته به لڳي ٿو ته هن هرات نه ڇڏيو. سن 917 هه (1511ع) ۾ شاهه اسماعيل خراسان جي حڪومت هٿ ڪئي ته بديع الزمان وڃي سنڌ ۾ ٺٽي جي حاڪم سلطان فيروز بن ڄام نظام الدين سمي وٽ پناهه ورتي. پر ڪلوچ ساڻس گڏ نه ويو ۽ هرات ۾ رهي پيو. اُهو زمانو نهايت ئي پرآشوب هو. ڪلوچ بنيادي طور تي هڪ حساس شاعر هو. هن هرات ۽ خراسان جي مسلسل لڙاين، رتوڇاڻ ۽ پنهنجي ولي نعمت بديع الزمان کي اقتدار تان هٽندي ۽ دربدري ٿيندي ڏٺو. هن جي اکين آڏو ازبڪ حملي آور محمد خان شيباني هرات ۾ 23 مئي 1507ع تي داخل ٿيو ۽ پنهنجي محسن بديع الزمان جي ڀاڄائي ۽ ميرزا مظفر جي خوبصورت زال خانزاده بيگم جي محل ۾ ڪاهي پيو. اُن وقت هوءَ عدت ۾ ويٺل هئي، پر ڇاڪاڻ ته هوءَ بيحد خوبصورت هئي، ان ڪري عدت پوري ٿيڻ کان اڳ ئي شيباني ساڻس نڪاح ڪيو. انهيءَ عمل يقيناً شاعر کي رنجايو هوندو. شيبانيءَ جي ڀائٽي عبيدالله خان ازبڪ، بديع الزمان جي درٻاري ۽ مشهور شاعر مولانا بدر الدين هلالي چغتائي استر آباديءَ کي بيدرديءَ سان 936 هه (1529ع) ۾ مارائي ڇڏيو. ان واقعي جي ڪري نفيس شاعر جي دل هرات کان جهڙوڪر ڀڄي پئي. ان وچ ۾ لڳي ٿو ته سندس مالي حالتون به بهتر نه هيون. 930 هه (1523ع) ۾ شاهه اسماعيل صفوي فوت ٿيو ته سندس ڏهن سالن جو پٽ شاهه طهماسپ ايران جي تخت تي ويٺو. ڪلوچ هڪ قصيدو طهماسپ جي شان ۾ چيو، جيڪو بادشاهه کي پڻ ڏاڍو وڻيو، پر سندس مالي مشڪلاتون حل نه ٿيون.
سنڌ ڏانهن آمد:
اهڙين حالتن کي ڏسندي مايوس ٿي ڪلوچ پنهنجي والده کان اجازت وٺي سنڌ جو رخ ڪيو. اُهو دور اهڙو هو، جنهن ۾ ارغونن جي ظلم سبب سنڌ جا ڪيترائي هاڪارا عالم ۽ عزتدار ماڻهو سنڌ مان لڏي رهيا هئا. ته ساڳئي وقت خراسان جا ڪيترا شاعر ۽ عالم بخت آزمائيءَ لاءِ سنڌ پهچي رهيا هئا. سنڌ تي ميرزا شاهه حسن جي حڪمراني هئي. اُن وقت سنڌ ڏي لڏي آيل عالمن ۾ مير محمود المعروف به شيخ ميرڪ، شيخ مير محمد، شيخ عبدالوهاب پوراني، شاهه قطب الدين، شاهه محمود بن شاهه طيب، سيد مير ڪلان، مخدوم محمود ضمير پوراني، مولانا عبدالعزيز ابهري، مولانا يونس سمرقندي، شاهه جهانگير هاشمي، مولانا فخري هروي ۽ نيازي بخاري سمرقندي شامل آهن.
اُهو دور ميرزا شاهه حسن ارغون جي عروج جو هو. شاهه حسن پنهنجي پيءُ شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ سال 928 هه (1521ع) ۾ سنڌ جو والي ٿيو. ڪل 34 ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪيائين ۽ 962 هه (1554ع) ۾ گذاري ويو.
ڪلوچ، شاهه حسن جي عروج جي وقت ۾ ٺٽي ۾ آيو. اُهو وقت لڳي ٿو ته 932 هه (1525ع) جو ڏهاڪو هوندو. ڪلوچ ٺٽي ۾ ڪيترو وقت رهيو ۽ ڪهڙي سال لڏي وڃي پاٽ وسايائين، اهو سڀ ڪجهه ماضيءَ جي اونداهه ۾ گم آهي. بهرحال تاريخ اهو ضرور ٻڌائي ٿي ته ڪلوچ شاهه حسن جي درٻار سان منسلڪ ٿيو، سندس شان ۾ قصيدا به لکيائين ۽ بعد ۾ ٺٽي کي خيرباد چئي وڃي پاٽ ۾ رهيو. ”پاٽ“، جنهن جو نالو تاريخ ۾ اسان کي ”پاتر“ ملي ٿو، ڪنهن دور ۾ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي هڪ اهم بندرگاهه ۽ ملتان ڏانهن ويندڙ شاهي سڙڪ تي واقع هو. اُن وقت پاٽ سکيو ستابو علائقو هو. نه ڇڙو اُتي هر مهل سک ۽ شانتي هئي، بلڪ پاٽ جي علائقي ۾ اناج جي ڪڏهن به اڻاٺ ڪا نه هئي. سنڌ ڏانهن ڪاهيندڙ انيڪ حملي آور حاڪم توڙي پناهه جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ حڪمران پاٽ وٽان لنگهيا آهن. ميرزا شاهه حسن جي پاٽ ۾ وڏي جاگير هئي. اهو ئي سبب هو جو جڏهن ڪلوچ شاهه جي درٻار جي ماحول کان بيزار ٿي وڃڻ جي اجازت گهري ته شاهه کيس پاٽ ۾ وڃي رهڻ جي صلاح ڏني ۽ ڪلوچ لڏي وڃي پاٽ ۾ رهيو. سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته ڪلوچ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ورهيه پاٽ ۾ رهيو هوندو. ڇاڪاڻ ته جنهن وقت خوشحال پاٽ ارغونن جي تباهه ڪارين کان بچيل هو ته اهو 1530ع کان 1550ع جو دور هو. انهيءَ ئي دور 1541ع (948هه) ۾ همايون اچي سنڌ ۾ پناهه ورتي. اُن وقت پاٽ جي سکئي ستابي هئڻ جي شاهدي اسان کي ملا عبدالقادر بدايونيءَ جي ڪتاب ”منتخب التواريخ“ ۾ ملي ٿي. ملا لکي ٿو ته: ”شاهه حسن، همايون کي ڏيکارڻ لاءِ هٿرادو ڏڪار پيدا ڪيو، پر اُن جو اثر پاتر تي نه پيو. پاتر (پاٽ) ۾ اناج بنهه سستو هو، ان ڪري هن پنهنجي ڀاءُ ميرزا هندال کي حڪم ڏنو ته هو لشڪر لاءِ اناج هٿ ڪرڻ لاءِ پاتر هليو وڃي.“ اهڙي سرسبز علائقي جو وايو منڊل شاعر ڪلوچ کي ڏاڍو وڻيو. شهر جي ٻاهران اُن وقت ٽن بزرگن پير حاجي اسماعيل، پير معصوم ۽ پير پٺي جو مقبرو واقع هو. اهو مقبرو اڄ به پاٽ پراڻيءَ جي دڙي لڳ اُتر اولهه طرف ۽ موجوده پاٽ کان هڪ ڪلوميٽر پرتي موجود آهي. اهو ئي تاريخي مقبرو آهي، جنهن ۾ همايون پهريون ڀيرو حميده بيگم کي ڏسي مٿس عاشق ٿي پيو هو. همايون پاٽ ۾ 13 جولاءِ 1541ع تي پهتو ۽ لڳاتار چاليهه ڏينهن اُتي رهي پيو. اُتي ئي اڱاري ڏينهن 23 آگسٽ 1541ع تي حميده بيگم سان شادي ڪيائين ۽ 3 ڏينهن رهي 26 آگسٽ 1541ع تي پنهنجي نئين ڪنوار ۽ لشڪر سان روهڙيءَ ڏانهن روانو ٿي ويو. اهڙي تاريخي شهر ۾ سدائين وهندڙ سنڌو درياءَ جي پُر فضا وايو منڊل ۾ ڪلوچ زندگيءَ جا پرسڪون ڏينهن ويهي گهاريا، جتي هو 959 هه (1551ع) ۾ گذاري ويو ۽ اُتي ئي دفن ٿيو. سندس وفات کي ساڍا چار سؤ ورهيه لنگهي ويا آهن. اڄ پراڻي پاٽ به باقي نه رهي آهي، نه وري سندس قبر جو ڪو نالو نشان موجود آهي، پر سندس شاعريءَ جي حوالي سان سندس نالو هميشه لاءِ قائم آهي.
حيدر ڪلوچ جا ديوان:
ڪلوچ سڄي حياتي شاعري ڪئي، جيڪا هزارن بيتن، قصيدن ۽ غزلن تي مشتمل هئي. سندس شاعريءَ جا ڪيترائي ديوان سندس مرڻ کان پوءِ ماڻهن شوق مان نقل ڪرايا. خود پاٽ جي قاسمي ڪتبخاني ۾ ڪلوچ جو مڪمل ديوان موجود هو. مغلن جي دور ۾ اهو ڪتبخانو هڪ حملي ۾ ساڙيو ويو، جنهن سان گڏ ديوان ڪلوچ به سڙي رکي ٿي ويو. ڪجهه نسخا زماني جي دستبرد جو شڪار ٿي ويا. البت سندس ڪجهه شاعري مختلف تذڪرن ۾ موجود آهي. هن وقت ڪلوچ جي ديوان مان چونڊ شاعريءَ جا چار قلمي نسخا دنيا جي مختلف ڪتبخانن ۾ رکيل آهن.
(الف) هڪ خطي نسخو ڪلڪتي ۾ رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي ڪتبخاني ۾ رکيل هو، جيڪو هاڻ نيشنل لائبريري ڪلڪتي جي بوهار سيڪشن ۾ موجود آهي. اُن جو ڪئٽلاگ نمبر 473 آهي. هن نسخي ۾ ڪل 40 ورق آهن، ٻه صديون اڳ جو لکيل آهي.
(ب) ٻيو قلمي نسخو بهار جي شهر پٽنا ۾ ”خدا بخش لائبريري“ ۾ رکيل آهي.
(ج) ٽيون قلمي نسخو پنجاب يونيورسٽي لائبريريءَ جي ”شيراني ڪليڪشن“ ۾ رکيل آهي. اهو نسخو ”صالح بن ميرڪ“ جي هٿ جو لکيل آهي. سهڻي خوشخطيءَ ۾ لکيل انهي ديوان جا شروعاتي صفحا رنگين حاشين سان لکيل آهن.
(د) چوٿون نسخو برٽش لائبريري لنڊن ۾ رکيل آهي. انهيءَ نسخي جي مائڪرو فلم مشهور محقق حفيظ هوشيارپوري مارچ 1957ع ۾ لنڊن کان ڪراچي کڻي آيو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌي ادبي بورڊ ”ديوان حيدر ڪلوچ“ ترتيب ڏيڻ جو ڪم سندس حوالي ڪيو هو.
ڪلوچ جو فارسي تذڪرن ۾ ذڪر:
تحفته سامي:
ڪلوچ جو سڀ کان پهريائين ذڪر اسان کي سام ميرزا (948ع 923 هه) جي ڪتاب ”تحفته ساميءَ“ ۾ نظر اچي ٿو. سام ميرزا شاهه اسماعيل صفوي جو ننڍو پٽ هو. ميرزا فارسي شاعرن جو هي تذڪرو 957 هه ۾ لکي پورو ڪيو. ان وقت حيدر حيات هو ۽ پاٽ ۾ آخري ڏينهن گهاري رهيو هو. ڪلوچ جي وفات کان 2 ورهيه اڳ جي لکيل هن تذڪري ۾ ميرزا لکي ٿو ته ”ڪلوچ اڻ پڙهيل هو. هو خود پنهنجو شعر سمجهي نه سگهندو هو.“ ان سلسلي ۾ سندس هڪ شعر مثال طور ڏئي ٿو:
طوطی صفت حیران آن رویم
کہ مگویم سخن امانمی دائم چہ مگویم
ميرزا سام لکي ٿو ته ڪلوچ جي شعرن جو تعداد ويهه هزار آهي.
تحفته سامي 1314 هه (1893ع) ۾ تهران مان شايع ٿيو، تنهن کان سواءِ پٽنا مان پڻ 1914ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. ڪتاب جي صفحي 114 ۽ 115 تي ڪلوچ جو ذڪر آيل آهي.
خلاصته الاشعار:
ڪلوچ جي وفات کان 26 ورهيه پوءِ تقي ڪاشي 985 هه (1577ع) ۾ پنهنجي لکيل تذڪره ”خلاصته الاشعار“ ۾ سندس ذڪر ڪري ٿو. اهو ئي عالم اسان کي سندس وفات جي سال کان واقفيت ڏئي ٿو. ڪاشيءِ موجب ڪلوچ 959 هه (1551ع) ۾ پاٽ ۾ وفات ڪئي.
تقي ڪاشي 956 هه ۾ ڪاشان ۾ پيدا ٿيو ۽ 985 هه 1034ع ۾ اهو تذڪرو چئن جلدن ۾ مرتب ڪيائين. بعد ۾ 993 هه ۾ پنجون جلد به تيار ڪيائين. ڪاشي عمر جي آخري حصي ۾ هندستان ۾ آيو هو. هن پنهنجو اهو تذڪرو ابراهيم عادل شاهه بيجاپوري (988ع – 1037 هه) جي نالي منسوب ڪيو، انهيءَ تذڪري جا مختلف جلد مشهور ڪتبخانن ۾ موجود آهن.
مجمع الفضلا:
هڪ ٻئي عالم محمد بقائي، ڪلوچ جي وفات کان 31 ورهيه پوءِ پنهنجي تذڪري ”مجمع الفضلا“ ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي. حيدر جي وفات کان ٺيڪ 50 ورهين کان پوءِ سندس همعصر شاعر مولانا بدر الدين هلالي جي حوالي سان بقائي لکي ٿو: ”جڏهن هلالي هرات جي شهزادي بديع الزمان کي پنهنجي مشهور مثنوي، شاهه و گدا، بادشاهه درويش، لکي پيش ڪئي ته شهزادي خوش ٿي انعام طور شاعر کي سندس ئي خواهش موجب هڪ خوبصورت غلام انعام طور ڏنو. انهيءَ تي ڪلوچ ڪاوڙ وچان هي قطعو شهزادي کي پيش ڪيو:
شها! کامگارا! پئي خام مانت،
فرستاده شدزين دعاگو پيامي،
هلالي، غلام طلب کرد و دادي،
مراهم بده چون هلالي، غلامي.
بقائي اصل بخارا (خراسان) جو رهواسي هو. اڪبر جي دور ۾ 985 هه (1577ع) ۾ هڪ سال لاءِ هندستان آيو. مرزا عبدالرحيم خان خانان ۽ ”طبقات اڪبري“ جي مولف خواجه نظام الدين احمد بخشيءَ جي ملازمت ۾ ڪم ڪيائين. هي تذڪرو 1000 هه (1591ع) ۾ لکي پورو ڪيائين. سندس شاعريءَ جو ديوان 1959ع ۾ اسٽالن گراڊ مان شايع ٿيو آهي، جڏهن ته ”مجمع الفضلا“ جو قلمي نسخو هن وقت پنجاب يونيورسٽي جي لائبريري ۾ رکيل آهي.
منتخب التواريخ:
ڪلوچ جي مشهوري هند، سنڌ ۽ ايران تائين پکڙيل هئي. اُن جو ثبوت اهو آهي جو سندس رحلت جي 45 ورهين کان پوءِ شاعرن جي محفلن ۾ سندس ذڪر ٿيندو هو. مثال طور مولانا عبدالحامد بدايوني ”منتخب التواريخ“ ۾ ڪلوچ جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو:
شعر رنگارنگ طبع رکج حیدر کلوچ،
ہمچناں سری زند کز تو دہ انبار گل۔
بدايونيءَ پنهنجو ڪتاب 1004 هه (1995ع) ۾ لکي پورو ڪيو، جڏهن ته ڪلوچ جي وفات 959 هه (1551ع) ۾ ٿي. اهو شعر محمد ابن ڪاتبي نيشاپوريءَ جو آهي.
تذڪرة احباب:
هي تذڪرو سيد بهاؤ الدين نثاري هرات ۾ 1005 هه (1596ع) ڌاري مرتب ڪيو. برلن جي لائبريريءَ ۾ اُن جو قلمي نسخو رکيل آهي، جتابن جناب پير حسام الدين راشدي اُن جي مائڪرو فلم گهرائي هئي. خبر ناهي ته اُها حفيظ هوشيارپوريءَ جي ڪتبخاني سان گڏ ضايع ٿي وئي يا پير صاحب جي ڪتبخاني سان گڏ اسلام آباد وڃي پهتي! 1966ع ۾ اهو ڪتاب حيدرآباد دکن مان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ ڪلوچ جو مختصر احوال ڏنل آهي.
تاريخ معصومي:
ڪلوچ جي وفات کان 50 ورهيه پوءِ مير معصوم بکري 1009 هه (1600ع) ۾ ”تاريخ معصومي“ ۾ سندس ذڪر ڪيو. ميرزا شاهه حسن ارغون جي ڪجهه شاعرن جي ذڪر ۾ لکي ٿو ته ”ڪلوچ مشهور شاعر ۽ صاحب ديوان هو. هو سنڌ ۾ اچي رهيو هو. سندس مرزا پاتر ۾ آهي.“ ڪلوچ جو هڪ مطلع ”دلا مجنون....“ نموني طور پڻ ڏنو اٿس.
مجمع القصائد:
هن قلمي نسخي جو مرتب محمد حسين بن عبدالعزيز الحسيني العرب شاهي آهي. باڊلين لائبريري آڪسفورڊ ۾ رکيل هن مخطوطي جو ڪئٽلاگ نمبر 1215 آهي. هن نسخي جي 203 صفحي تي ڪلوچ جو قصيدو ڏنل آهي.
عرفات العاشقين:
تقي الدين محمد الحسيني اصفهاني المعروف به تقي اوحدي، اصل اصفهان جو رهواسي هو. هي تذڪرو آگري ۾ 1024 هه (1615ع) ۾ لکي پورو ڪيائين. هن ڪتاب ۾ ڪلوچ جو ذڪر آهي.
نظم گزيده:
مولف خواجه محمد صادق فرحت تبريزي هي تذڪرو 1030 هه (1620ع) ۾ لکيو. هن ڪتاب جا نسخا اڻلڀ آهن.
يد بيضا:
فارسي ۽ سنسڪرت جي عالم مير غلام علي ”آزاد“ بلگرامي هي تذڪرو 1147 هه (1734ع) ۾ اُن وقت لکيو، جڏهن مير صاحب سيوهڻ ۾ وقائع نگار هو. هن ڪتاب ۾ لکيل آهي ته ڪلوچ جي ديوان ۾ ڏهه هزار بيت، غزل ۽ قصيدا موجود آهن. (هي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.)
منتخب الاشعار:
مختلف شاعرن جو هيءُ تذڪرو محمد علي مبتلا بن محمد مشهدي سال 1161 هه (1747ع) ۾ مرتب ڪيو. باڊلين لائبريريءَ ۾ رکيل نسخي جو ڪئٽلاگ نمبر 379 آهي. پنجاب يونيورسٽي ڪتبخاني جي ”شيراني ڪليڪشن“ ۾ پڻ موجود آهي. رامپور ۾ پڻ هن نسخي جي هڪ ڪاپي موجود آهي.
حديقه غلبا:
مير علي شير قانع جي لکيل هن تذڪري ۾ ڪلوچ جا ٻه قصيدا ۽ ڪجهه بيت ڏنل آهن. 1166 هه (1752ع) ۾ لکيل هن ڪتاب جو قلمي نسخو (262 صفحا) سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. ان جي هڪ ٻي ڪاپي پير حسام الدين راشدي صاحب وٽ پڻ هئي.
مقالات الشعراء:
قانع جي ”مقالات الشعراء“ ۾ ڪلوچ جو مختصر ذڪر ۽ نموني طور سندس شاعري جون چار سٽون ڏنل آهن. قانع 1174 هه (1760ع) ۾ هي ڪتاب لکيو. ان کي پير حسام الدين راشدي صاحب ايڊٽ ڪري 1957ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪرايو.
تحفته الڪرام: 1174ع ۾ لکيل قانع جي هن ڪتاب ۾ به ڪلوچ جو ذڪر آهي.
صحف ابراهيم ۽ خلاصته الڪلام:
فارسي شاعرن جو سڀ کان وڏو تذڪرو ”صحف ابراهيم“ آهي، جيڪو نواب امين الدوله عزيز الملڪ علي ابراهيم عرف خانبهادر نواب علي ابراهيم 1198 هه (1783ع) ۾ لکي پورو ڪيو. اُن جي ص 234 تي ڪلوچ جو ذڪر آيل آهي. هن تذڪري جو اصل نسخو برلن جي ڪتبخاني ۾ رکيل آهي، جنهن جي مائڪرو فلم 1956ع ۾ پير حسام الدين راشدي صاحب گهرائي هئي. هن تذڪري ۾ 3178 شاعرن جو ذڪر آهي. صحف ابراهيم جي هڪ ڪاپي پنجاب يونيورسٽي لائبريريءَ ۾ پڻ موجود آهي. نواب ابراهيم اصل بنارس جو رهواسي هو. هن هڪ ٻيو تذڪرو ”خلاصته الڪلام“ جي نالي سان پڻ مرتب ڪيو هو، جنهن ۾ 78 شاعرن جي مثنوين کي شامل ڪيو هئائين. اهو تذڪرو ٻن ڀاڱن ۾ آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ 40 ٻئي ڀاڱي ۾ 36 شاعرن جو ذڪر ڪيو اٿس.
”صحف ابراهيم“ ڊاڪٽر محمد باقر 1969ع ۾ مرتب ڪري ان جو پهريون ڀاڱو ”ح“ ڇپايو. مڪمل تذڪرو ٽن جلدن ۾ آهي.
مخزن الغرائب:
شيخ احمد علي بن شيخ غلام محمد مولوي محمد حاجي سنديلوي هي تذڪرو 1228 هه (1813ع) ۾ لکي پورو ڪيو. اهو قلمي نسخو پنجاب يونيورسٽي لائبريريءَ جي ”شيراني ڪليڪشن“ ۾ رکيل آهي. هن ۾ ڪلوچ جي شاعري ڏنل آهي ۽ 3148 شاعرن جو ذڪر آيل آهي.
خلاصته الافڪار:
ابو طالب مغفور حاجي بيگ تبريزي اصفهاني لکنوي، هي تذڪرو 1207 هه (1792ع) ۾ لکي پورو ڪيو. اُن جي ص 70 تي ڪلوچ جو ذڪر آهي. ساڳئي تذڪري جي ورق 35 (حاشئي ۾) تي لکي ٿو ته وٽس ڪلوچ جي ديوان جو هڪ نسخو موجود آهي. ابو طالب 1176 هه ۾ لکنؤ ۾ پيدا ٿيو ۽ 1220 هه ۾ اُتي ئي وفات ڪيائين. 1799ع ۾ لنڊن به ويو هو، جتي 5 ورهيه رهيو. واپس اچي سفر جو احوال فارسي ۾ ”ميسر طالبي في بلاد افرنجي“ جي عنوان سان لکيو هئائين. خلاصته الافڪار جو قلمي نسخو باڊلين لائبريريءَ ۾ رکيل آهي. ان جو ڪئٽلاگ نمبر 391 آهي.
فارسي شاعريءَ جو تذڪرو:
فارسي شاعرن جو هي تذڪرو 1868ع ۾ ڪنهن شخص نالي امر (يا عمر) ترتيب ڏنو، جنهن ۾ ڪلوچ جي چونڊ شاعري ڏنل آهي. اُن جو قلمي نسخو برلن ڪتبخاني ۾ هن ٽائٽل سان رکيل آهي.
Die Persischen Handschriften. K. Haft, Undastatas biblio theek in Munchen. Manchen 1868 By. J. Umer.
هن قلمي نسخي جي مائڪرو فلم جناب پير حسام الدين راشدي برلن مان گهرائي هئي.
آتشڪده آذر:
لطف علي آذر جي لکيل هن تذڪري ۾ ڪلوچ جي شاعريءَ سان گڏ سندس وفات جي تاريخ ڏنل آهي. تقي ڪاشيءِ کان پوءِ آذر به اسان کي ڪلوچ جي وفات بابت سُڌ ڏئي ٿو. ”آتشڪده آذر“ 1249 هه (1338ع) ۾ ڪلڪتي مان شايع ٿيو. مير عبدالحسين سانگيءَ جي ڪتبخاني جو هيءُ ڪتاب مون پير حسام الدين راشدي صاحب وٽ (سانگيءَ جي صحيح سان) ڏٺو هو.
شام غريبان:
لڇمي نرائن نالي هڪ عالم فارسي شاعريءَ جو تذڪرو ”شام غريبان“ جي نالي سان 1197 هه (1782ع) ۾ مڪمل ڪيو. لڇمي نرائن اصل ۾ مير غلام علي آزاد بلگراميءَ جو شاگرد هو. اورنگزيب سان گڏ لاهور کان دکن آيو ۽ اورنگ آباد کي پنهنجو وطن ٺاهي ويهي رهيو. 22 ڪتابن جو مصنف هو. هيءُ مخطوطو پهرين حيدرآباد دکن جي ڪتبخاني ۾ موجود هو، پوءِ جامع عثمانيه جي استاد محمد اڪبر الدين صديقي اُن کي مرتب ڪري ڇپرايو. پاڪستان ۾ انجمن ترقي اردو پاران 1977ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جي ص 72 تي ڪلوچ جو مختصر ذڪر ۽ سندس چونڊ شاعري ڏنل آهي.
شاهان اُوڌڪي ڪتبخاني ۽ فهرست مخطوطات اوڌ:
مشهور عالم ڊاڪٽر اشپرنگر جڏهن 1847ع ڌاري لکنو ۾ اوڌ جي قلمي ڪتابن جي فهرست مرتب ڪري رهيو هو ته هن اتي ڪلوچ جو ديوان ڏٺو. هن پنهنجي ”فهرست مخطوطات اوڌ“ ۾ ديوان ڪلوچ جو مختصر احوال ڏنو آهي. هي ڪتاب 1854ع ۾ ڪلڪتي مان شايع ٿيو. ص 112 تي ڪلوچ بابت ذڪر آهي.
ديوان ڪلوچ جي نه ڇپجڻ جا ڪارڻ:
سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ۾ ”ديوان ڪلوچ“ مرتب ڪرائڻ جو ڪم جناب حفيظ هوشيارپوريءَ جي حوالي ڪيو. حفيظ صاحب ان کان اڳ ”مثنويات هير رانجها“ مرتب ڪري چڪو هو، جيڪو ڪتاب 1957ع ۾ بورڊ شايع ڪيو هو.
ديوان ڪلوچ کي ترتيب ڏيڻ جي سلسلي ۾ حفيظ صاحب وڏي جاکوڙ ڪئي. پير حسام الدين راشدي صاحب دنيا جي ڪيترين ئي لائبريرين مان مختلف نسخن جون مائڪرو فلمون گهرايون هيون. لنڊن مان خود حفيظ صاحب به ڳچ اهم مواد کڻي آيو هو. ان سلسلي ۾ حفيظ صاحب 14 مارچ 1957ع تي لنڊن مان راشدي صاحب ڏي لکيل هڪ خط ۾ لکي ٿو: ”هير رانجها جو مقدمو اڄ جويي صاحب کي موڪلي ڏنو اٿم. دير جو ڪارڻ نه پڇجو. اصل ۾ مان برٽش ميوزم ۾ حيدر ڪلوچ واري مسودي ۾ هٿ وجهي هڪ وڏيءَ محنت ۾ اچي ڦاٿس. اهو ڏاڍو ڊگهو ۽ صبر آزمائيندڙ ڪم نڪري پيو. اُنهيءَ مسودي کي ڏسڻ جو اهو ئي هڪ موقعو هو. اُن لاءِ مون اُن کي مقدمي کان وڌيڪ ترجيح ڏني.“
حفيظ هوشيارپوريءَ 25 اپريل 1960ع تي ڪراچيءَ مان راشدي صاحب کي لکيل هڪ ٻئي خط ۾ پڻ حيدر ڪلوچ جو ذڪر ڪيو آهي. ان مان لڳي ٿو ته حفيظ صاحب 1957ع کان وٺي جون 1960ع تائين ڪلوچ جي ديوان کي گڏ ڪرڻ واري ڪم ۾ مشغول رهيو. بعد ۾ خبر ناهي ته ڇا ٿيو، جو اهو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو. 18 ڊسمبر 1958ع کان وٺي 4 سيپٽمبر 1960ع تائين راشدي صاحب بيماريءَ سبب پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ وٽ منيلا ۾ رهيل هو، ان ڪري به ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪم مڪمل ٿي نه سگهيو هجي. بهرحال 1966ع ۾ حفيظ هوشيارپوري سخت بيمار ٿي پيو ۽ سندس وفات کان پوءِ نه فقط ”ديوان ڪلوچ“ جو ڪم رلي ويو، بلڪه ڪلوچ بابت گڏ ڪيل شعري ۽ مفصل احوال زماني جي دستبرد ۾ گم ٿي ويو. رهي نالو الله جو!
ڪلوچ جي شاعري ۽ ان جو اسلوب:
سڀ کان اول سنڌ جي ڪنهن به تذڪري نگار، جهڙوڪ مير معصوم ۽ قانع پنهنجن ڪتابن ”تاريخ معصومي“، ”تحفته الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعراءَ“ ۾ ڪلوچ جي مڪمل شاعري نه ڏني آهي، فقط ٻه ٽي بيت نموني طور شامل ڪيا آهن. البت قانع جي اڻڇپيل ”حديقته غلبا“ ۾ ڪلوچ جا ٻه قصيدا (درمدح شاهه حسن)، (شتر حجره) ۽ ٽي مطلع شامل آهن.
پنجاب يونيورسٽيءَ جي ڪتبخاني جي ”شيراني ڪليڪشن“ ۾ موجود ڪلوچ جو ديوان نظر مان ڪڍڻ کان پوءِ اهو ظاهر ٿو ٿئي ته جيتوڻيڪ ڪلوچ جي شاعريءَ ۾ خيال ۽ سوچ جي اُڏام گهٽ آهي، پر سندس شعرن مان ڪٿي به اهو نه ٿو محسوس ٿئي ته هو ڪو ننڍو شاعر آهي. شاعر جي خيال ۾ شوخي ۽ اسلوب جي گهٽتائي آهي، پر ڳالهه ڪرڻ جو بيان سادو ۽ عوامي اٿس. سندس غزلن ۾ انيڪ موضوع آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته شاعر جي زندگي ڏکويل هئي. هو پنهنجي پرينءَ جي ڏک ۾ روئي ٿو، دانهون ڪري ٿو، پنهنجي محبوب کي ڏسڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي، هن جو معشوق اهڙيءَ گهٽيءَ ۾ رهي ٿو، جتان جو ڪُتو به هن کي ڏاڍو عزيز آهي. سروگل بيڪار آهن، هو وفادار آهي. پر هن جو محبوب ظالم آهي، رقيبن جو ساٿ ٿو ڏئي ۽ هن کي سِڪائي ٿو. ان ڪري سندس محبوب جي گهٽيءَ جو ڪُتو ئي سندس دل جو رازدار آهي، ۽ هُو به هاڻ چاهي ٿو ته وڃي هُن جي گهٽيءَ جو ڪُتو بڻجي ويهي رهي. شاعر کي عشق ڪرڻ تي ڪنهن به قسم جو پڇتاءُ ڪونهي، بلڪه هن کي پنهنجي عشق تي فخر آهي، ان ڪري هو رسمي عشق کان پاسو ڪري ٿو ۽ اهو سمجهي ٿو ته عشق جون سختيون ڏکيون آهن. بهرحال عشق کان ڪنڌ ڪڍائڻ هن جي وس کان ٻاهر آهي.
ڪلوچ جي شاعريءَ مان محسوس ٿئي ٿو ته سندس مالي حالتون بهتر نه ٿيون. هرات ۾ هن روزگار لاءِ هٿ پير هنيا ۽ پوءِ هو سنڌ هليو آيو. اتي سندس مسئلو حل ٿيو يا نه، اُن تي اڳ ئي بحث ڪري آيا آهيون. بهرحال هن جي شاعري مان اهو محسوس ٿئي ٿو ته هن بيروزگاريءَ جي ڏکين حالتن ۾ به ڪڏهن دل ڪوسي نه ڪئي. هڪ شعر ۾ هو چوي ٿو ته: ”حيدر زندگيءَ جي گهٽيءَ ۾ اميد ڪڏهن به ناهي لاٿي. غم سان ڀريل دل هوندي به ڪڏهن مايوس ناهي ٿيو. هو غم نه ٿو ڪري پر دل کي آزاد ٿو رکي ۽ زندگيءَ جي موجوده خوشين مان فائدو وٺي ٿو ۽ فقط زندگيءَ جي حال سان پنهنجو واسطو ٿو رکي. هن ڏکن سان ڀريل دنيا ۾ ڏک جي ڳالهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي.“
حوالا
سنڌي
1. بکري، معصوم تاريخ معصومي: سنڌي ادبي بورڊ 2006ع
2. قانع، مير علي شير، تحفته الڪرام: سنڌي ادبي بورڊ، چوٿون ڇاپو 1994ع
3. ساڳيو
4. مرزا، قليچ بيگ، قديم سنڌ ۽ اُن جا ماڻهو: سنڌي ادبي بورڊ 1999ع
5. وفائي، مولانا دين محمد، تذڪره مشاهير سنڌ: سنڌي ادبي بورڊ 1958ع
6. تذڪره لطفي: لطف الله بدوي، آر. ايڇ. احمد برادرس، حيدرآباد 1952ع
7. قريشي، حامد علي خانائي، ڊاڪٽر، تذڪره پوراني سادات: سکر هسٽاريڪل سوسائٽي، سکر 2001ع
8. تاريخ باب السلام: ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، 2002ع
انگريزي:
9. Sadarangani, Harumal, “Persian Poets of Sindh”, Sindhi Adabi Board.(1957)
10. Catalogue of Persian Manuscripts in Bohar Libarary, colkata.
فارسي:
11. قانع، علي شير ’مقالات الشعراءَ‘: سنڌي ادبي بورڊ 1957ع
12. شام غريبان: نرائن لڇمي (1782ع) (انجمن ترقي اردو)
13. آتشڪده آذر: لطف علي آذر (ڪلڪتو 1838ع)
14. تحفه سامي: سام ميرزا (ڇاپو 1914ع پٽنه.)
15. صحف ابراهيم: مرتب ڊاڪٽر محمد باقر، پنجاب يونيورسٽي پريس لاهور 1969ع (ڀاڱو پهريون)
اردو:
16. شاہاں اودھ کے کتب خانے: اشپرنگر
17. فہرست مخطوطات اودھ: اشپرنگر: مترجم محمد اکرم چغتائی (انجمن ترقی اردو کراچی ۱۹۷۳ع)
18. فہرست مخطوطات شیرانی: جلد اول۔ ۱۹۶۸ع۔
19. ھمایوں نامہ: گلبدن بی
20. گم مترجم: رشید احمد دھلوی ۱۹۸۵ع سنگ میل۔ لاہور)
21. منتخب التواریخ: ملا عبدالقادر بدایونی: مترجم: محمود احمد فاروقی۔ (شیخ غلام علی اینڈ سنز لاھور)
22. تزک بابری: ظھیر الدین بابر: مترجم: رشید اختر ندوی (سنگ میل لاہور)
23. پاکستان میں مخطوطات کی فہرست: عارف نوشاھی۔ مقتدرہ قومی زبان ۱۹۸۸ع
24. مخطوطات تاریخ: حکیم شمس الحسن قادری
مخطوطات:
25. حديقه غلبا (فارسي): مير علي شير قانع (سنڌي ادبي بورڊ)
26. ديوان حيدر ڪلوچ (پنجاب يونيورسٽي لائبريري لاهور)
27. ذاتي خط (اردو) پير حسام الدين راشدي