سنڌي عورتن جي لکڻين ۾ ٻوليءَ جو استعمال : جائزو
(Usage of Sindhi language in writings of female authors – A review)
ڊاڪٽرپروين موسٰي ميمڻ
Abstract:
Role of female writers, along with male authors, has been very important toward Sindhi language and literature. Women have made their mark both in prose and poetry. In the pre-partition times, records of contributions of Sindhi female writers are available in various literary forms, e.g. stories, novels, essays, research papers, forwards, and letters etc. Usage of Sindhi language was elegant. Afterword, Sindhi Adabi Board was formulated. After that, movements against One Unit started. Consciousness levels increased nationwide, women started writing not only for dedicated-for-female magazines but for newspapers and literary periodicals. Magazines; for example: Maarui, Adyoon, and Sojhro; sartyoon, started getting published for women. Furthermore, women started writing for monthly Naeen Zindagi, quarterly Mahran; Suhni, and for other ones.
This literary journey is still going on. Many books written by female authors have, so far, been published. This paper is a review of literary contributions of female writers and Sindhi language they’ve used.
سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ عورتن جو ڪيترو حصو آهي؛ يا اُن جي شروعات ڪٿان کان ٿي؟ ۽ موجوده وقت تائين ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ سندن معاونت ڪهڙي پد تي پهتل آهي.انهيءَ جو تفصيلي جائزو ڏيڻ کان اڳ پهرين مختصر اها وضاحت ڪنديس ته ٻولي ڇا کي سڏيو وڃي ٿو ۽ ان جي واڌ ويجهه ڪهڙيءَ ريت عمل ۾ اچي ٿي؟ ادب ۽ ٻوليءَ جو ڪهڙو ڳانڍاپو آهي.؟
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ٻوليءَ جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته:
”ٻولي، اهڙن لفظي ۽ معنادار آوازن کي چئبو آهي جن جي وسيلي هڪڙو ماڻهو پنهنجي ٻئي هم زبان ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙن کي پنهنجو مطلب پوريءَ طرح سمجهائي“.(1)
مطلب ته ٻولي لفظ ”ٻول“ يعني ٻولڻ، ڳالهائڻ جي معنيٰ ۾ وٺي سگهجي ٿو ۽ اهي لفظ يا ٻول بامقصد ۽ بامعنيٰ هئڻ گهرجن . ٻولي، انساني ارتقا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. دنيا جي مختلف سماجن ۾ مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون هر ڪا ٻولي پنهنجي سماج جي معرفت ترقي ڪندي آهي. ڪنهن به سماج جي مهذب هئڻ جي تصوير ان سماج ۾ ڪتب ايندڙ ٻولين جي ادب ۾ ڏسي سگهجي ٿي ۽ اهو ادب ئي آهي، جنهن جي تخليق سان هر سماج ۾ هڪ مثبت تبديلي اچي ٿي. ادب فقط انساني حياتيءَ جو آئينو نه آهي پر اهو ”لطيف فن“ قومن جي تهذيب ۽ ترقيءَ جو اهڃاڻ آهي. ٻوليءَ جي اوسر ڪنهن به سماج ۾ ادب کان سواءِ نٿي ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪو ادب ٻوليءَ کان سواءِ جڙي ۽ وڌي ويجهي سگهي ٿو. اهي ٻيئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. پر عام ٻوليءَ کان ادبي ٻولي مختلف هجي ٿي. لکندڙ پنهنجي تحرير۾ ڪاميابي تڏهن ماڻي ٿو، جڏهن هو ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ڪري پنهنجي تحرير ۽ تقرير کي وزنائتو ڪري پيش ڪري، سهڻن ۽ مناسب لفظن جي استعمال سان ئي سندس تحرير ۾ لطافت، نزاڪت، فڪري پختگي ۽ تاثر قائم ٿيندو آهي.
سنڌي ٻولي هڪ قديم ۽ شاهوڪار، علمي، ادبي ٻولي آهي. جنهن ۾ اعليٰ درجي جون خوبيون موجود آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جو وڏو خزانو موجود آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ علمي ۽ ادبي تصنيفون موجود آهن. ادبي ڪتابن ۾ نثر ۽ نظم جا ڪتاب ججهي مقدار ۾ موجود آهن. ٻوليءَ جي هن ترقيءَ جي سفر ۾ مردن سان گڏ ڪيترين عورتن پڻ پاڻ ملهايو آهي. ڏٺو وڃي ته ٻوليءَ جي ارتقا ۾ عورت جو اهم ڪردار رهيو آهي، اها عورت ئي ان جي امين آهي. اها ماءُ جي هنج ئي آهي جتان ٻارڙو ٻوليءَ جي شروعات ڪري ٿو. گهرو ماحول ۾عورتن وٽ ايترا انيڪ لفظ، پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن جيڪي عام ڪاروباري، وهنواري يا ڪتابي ٻوليءَ ۾ گھٽ استعمال ٿيل هجن ٿا.
سنڌي عورتاڻي ادب جي شروعات سومرن جي دور کان ٿئي ٿي، مائي مرکان شيخڻ جا ڳيچ هن ڏس ۾ اهميت رکن ٿا. سندس تعلق بدين ضلعي سان هو ۽ وفات 1300ع ڌاري ٿي. سندس ڪلام پنهنجي مرشد شيخ قرهيل ڀانڊاريءَ جي واکاڻ ۾ چيل آهي. مغليه دور جي مائي ساران، سمن جي دور جي جادل جتڻي، ڪلهوڙن ۽ ٽالپر دور جي مائي نيامت (نعمت) ۽ نماڻو فقير ۽ پوءِ مائي غلام فاطمه جا نالا اهم آهن. مائي نعمت، شاهه لطيف جي ڪلام جي شيدائي هئي. کيس ڳچ ڪلام زباني ياد هو سندس هٿ اکر لکيل شاهه جي رسالي جو نسخو، جيڪو هن 28 جمادالثاني سن 1270 هه بمطابق 28 مارچ 1845ع تي ڪنهن قديم نسخي تان اُتاري پورو ڪيو هو، سو مستند نسخن ۾ شمار ٿيو، ڪنهن عورت جي تحرير جو اهو پهريون نمونو آهي، اُن نسخي جي آخر ۾ مائي نعمت جي ذاتي شاعريءَ جو نمونو به ڏنل آهي جو نثر ۽ نظم جو ميلاپ آهي. علامه ڊاڪٽر دائود پوٽو هن ڏس ۾ لکي ٿوته:
”مائي نعمت جو هٿ اکر لکيل نسخو نهايت خوشخط صحيح ۽ سنهري جدولن سان آهي، مائي صاحبه ڪمال ڪيو آهي. اهڙيون عورتون سنڌ ۾ گھڻيون ٿي گذريون هونديون، جن ٻيا ڪتاب لکيا هوندا، پر افسوس جو انهن جا نالا اسان تائين نه پهتا آهن.“ (2)
هتي هيءُ نڪتو توجهه طلب آهي ته ”شاهه جو رسالو“ جيڪو اڄ به سنڌي لغت جي اڻ کُٽ کاڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو خزانو شمار ٿئي ٿو. انهيءَ کي صديون اڳ هڪ عورت ايتري سهڻائيءَ سان سمجهيو، ياد ڪيو ۽ مڪمل نسخو لکيو جو ان گمان کي رد ڪري نٿو سگهجي ته ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور ۾ عورتون لکڻ پڙهڻ ڄاڻنديون هيون، ڇو جو ميرن جي دور جي علمي ۽ ادبي حالت مضبوط هئي، مير صاحبان علم جا قدردان ۽ادب پرور هئا.گل حسن ڪربلائي هن دور جي زناني علمي ذوق بابت لکي ٿو ته:
”سنڌ جي ٽالپر شهزادين وٽ علمي ذوق ۽ شوق هو، وٽن نادر ڪتاب مطالعي هيٺ هوندا هئا.“ (3)
ميرن جي حرمن جي عورتن کي ڏسندي ڏسندي عام عورتن ۾ پڻ لکڻ پڙهڻ جو چاهه وڌيو ۽ ڇوڪريون، ڇوڪرن سان گڏ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ علم حاصل ڪنديون هيون. ٽالپر دور ۾ عورتن جي تعليم جي سجاڳي ۽ سندن پڙهيل ڳڙهيل هئڻ باوجود سندن ڪا تصنيف موجود نه رهي آهي انهيءَ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، اهو به قوي امڪان ٿي سگهي ٿو ته انگريز حڪومت جي قائم ٿيڻ ۽ اڳيان هلي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سان ڪيترائي ذاتي ڪتب خانا تباهه ٿي ويا هوندا جنهن جي ڪري ان دور جي عورتن جا ادبي نمونا موجود نه رهي سگهيا آهن.
انگريزن جي اچڻ سان سنڌ ۾ نئون تعليمي سرشتو قائم ٿيو هو، يعني اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون قائم ٿيون، انگريزي تعليم کي فروغ ڏنو ويو، ان سان گڏ سنڌيءَ کي پڻ وڏي اهميت ملي. 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي الف.ب مقرر ٿيڻ سان ٻوليءَ جي ترقي ۾ اضافو ٿيو ۽ علم ۾ واڌ ويجهه ٿي، ان دور ۾ ڇاپخانا قائم ٿيا، سنڌي صحافت سان ٻوليءَ ۽ نثر جي واڌاري جون راهون هموار ٿيون. مضمون نويسيءَ کي اخبارن ۽ رسالن وسيلي ابتدا ۾ ئي اوج مليو،ته ناول جي صنف به وڏي ترقي ماڻي .هن دور جو وڏو نالو شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جو آهي. جن جي معياري تصنيفن سبب کيس ”سنڌي نثر جو ابو“ سڏيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ هن دور ۾ ڪيترن وڏن عالمن، اديبن ۽ شاعرن جيئن ڪاڪو ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، شمس الدين بلبل، دين محمد وفائي، مير عبدالحسين سانگي ۽ ٻين ڪيترن عالمن ۽ اديبن سان گڏ عورتن پڻ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي.شاعريءَ ۾ مائي غلامه فاطمه لال(1925_1865) مونس هالائي (جنم 1910ع)، ڀڳواني داسي، راما ٻائي، ڪملا ڪيسواڻي،گوپي هنڱوراڻي، سندري ٽهلراماڻي ۽ ٻين جا نالا ملن ٿا، مائي غلام فاطمه جي ڪلام ۾ پختگي آهي پر سندس ڪلام محققن کي گهٽ مليو آهي.
انگريز دور ۾ ڪملا ڪيسواڻيءَ جو نالو شاعره ۽ نقاد طور مشهور آهي. سندس مزاحيه نظم گوگڙن جي باري ۾ مقبول ٿيو، کيس ٻوليءَ تي دسترس هئي. هن ”سنڌي شعر جي ڪسوٽي“ عنوان سان هڪ تنقيدي مقالو 1946ع ۾ لکيو هو. جو ساڳئي عنوان واري ڪتاب ۾ شايع ٿيو، پنهنجي پيءُ پروفيسر ڪيسواڻيءَ سان گڏ هُن ليکراج ڪشنچند عزيز، بيدل، سچل، روحل ۽ بيڪس جي شاعريءَ جو تقابلي اڀياس ڪري، ٻوليءَ جي حوالي سان سنڌي شاعريءَ ۾ سنسڪرت، عربي ۽ فارسي ٻولين جي لفظن جي استعمال تي آواز اٿاريو، صفحي نمبر 116 تي لکي ٿي ته:
”سنڌي ٻولي جيترو ٿي سگهي اوترو نج صورت ۾ هجي ته بهتر آهي، گهڻا سنسڪرت يا عربي لفظ سنڌي نظم ۾ استعمال ڪرڻ سنڌيءَ جي سڀاويڪ صورت کي بگاڙڻ جو هڪ ڪارگر ذريعو آهي. ديوان عزيز جي پهرئين ڀاڱي ۾ عربي ۽ فارسي ججهي وزن ۾ ٻُرڪيل آهي“.(4)
هي اهو دور هو جڏهن ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن ۽ هندن ۾سياسي حالتن سبب ويڇا وڌيا هئا ۽ ان جو اثر ادب تي پڻ پيو هو. هڪ اهڙو لاڙو پيدا ٿيو جو مسلمانن پنهنجي لکڻين ۾ عربي ۽ فارسي لفظ وڌايا ۽ هندن وري سنسڪرت لفظن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ آندو ۽ اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جي صورتحال بگڙجڻ لڳي. مولانا دين محمد وفائي پهريون عالم هو جنهن پنهنجي اخبار وسيلي انهيءَ اهم نڪتي کي کنيو. کين لعلچند امر ڏني مل ۽ ڄيٺمل پرسرام جو ساٿ حاصل ٿيو جن جا ليک ”ڀارت واسي“ اخبار ۾ پڻ آيا، جيڪي ”سنڌي ٻوليءَ تي مارو ۽ سنڌي ٻوليءَ سان انڌير“ ۽ ٻين عنوانن سان هئا. سنڌي ٻوليءَ جي خير خواهن کي نج سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ لاءِ اپيلون ڪيون ويون. هن دور ۾ ٻولي جي بچاءَ واري تحريڪ ذريعي اخبارن ۾ بحث مباحثا ڇپـيا جنهن سان سنڌي ٻوليءَ جي ذاتي حيثيت کي مڃتا ملي ۽ لکندڙن ۽ پڙهندڙن ۾ پنهنجي مادري ٻوليءَ لاءِ هڪ محبت ۽ فخر جو جذبو جاڳيو.
ورهاڱي کان اڳ گُلي سدارنگاڻي پهرين سنڌي عورت هئي، جنهن تخليقي ادب ۾ طبعزاد ڪتاب لکيا، هن ڪماري ڪرپالاڻي جي نالي سان پهريون ناول 1938ع ۾ ”گورا“ جي عنوان سان سنڌي ٻوليءَ ۾ترجمو ڪيو. جيڪو رابندر ناٿ ٽئگور جي ناول تان ڪيو هئائين. ان کان سواءِ ”جواهر لعل نهرؤَ جا ڌيءَ ڏانهن خط“ انگريزيءَ مان سنڌي ٻوليءَ ۾1936ع ۾ ترجمو ڪيائين.شاديءَ کان پوءِ هن گلي سدارنگاڻيءَ جي نالي سان ”اتحاد“ ناول طبعزاد لکيو، جو موضوع،مواد ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪامياب آهي اهو ناول سنڌي مسلم اتحاد جو سڏ هو، ان سان گڏ انهيءَ ناول جي ڪاميابيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي استعمال جو ڪمال به آهي، ان ناول بابت سنڌي ٻوليءَجي هڪ وڏي محقق منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو آهي ته:
”هن ناول جي عبارت ۾ هندي ۽ فارسيءَ جو وڻندڙ اتحاد رکيل آهي.“ (5)
ملڪاڻي صاحب جو مٿيون جملو گليءَ جي سنڌي ٻوليءَ جي لاجواب خدمت کي ڪسو ڪري رهيو آهي. اتحاد ناول جي غور سان اڀياس بعد اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته هيءُ ناول ٻوليءَ جي لحاظ کان هڪ جاندار ناول آهي جنهن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ هندي لفظ آهن ته فارسي لفظ نه هئڻ برابرآهن. فاضل ليکڪا بيشڪ انگريزي ميڊيم ۾ پڙهيل هئي پرکيس سنڌي ٻوليءَ تي عبور هو، ٽئگور جي ناول ”گورا“ جيڪو قوميت جي باري ۾ هو تنهن منجهس پنهنجي قوم ۽ ٻوليءَ لاءِ فخر جو جذبو جاڳايو، جنهن جو اظهار ”اتحاد“ ناول جي مهاڳ ۾ پڻ ڪيو اٿس. هن سوچي سمجهي نج سنڌي ٻولي استعمال ڪئي آهي.1941ع ۾ لکيل اتحاد ناول جي ٻولي هيٺينءَ ريت آهي، گُلي لکي ٿي ته:
”آشا سٻاجهي هئي، پر همت ڀري، ڄاڻ هيس ته هوڏي ۽ مورکن سان پنهنجي اندر جو اظهار ڪرڻ ٿيندو. ”رڃ ۾ ٻج ڇٽڻ“، ” صبر جن جو سير تير نه گسي تن جو“ اهو ئي وشواس سندس شڪتي هو، سندس ظاهري ماٺيڻي پر مرڪندڙ مکڙي مان ائين پيو لڳندو هو ته کيس يقين آهي ته ڪنهن نه ڪنهن سڳوري ڏينهن کيس ضرور هن پڃري مان پر پکيڙڻ جي آزادي ملندي. ”ماندي ٿي نه مارئي، الله اوڏو آهي، سئو ورهين جا ڏکڙا هڪڙي لحظي ۾ لاهي“! اهڙي ئي اميد تي آشا پيئي تڳندي هئي هوءَ ڄڻ ته ڪنهن اڻ سڃاتل سونهين لاءِ سيڙي ويٺي هئي.(6)
”گورا“ ۽ ”اتحاد“ کان پوءِ هن ليکڪا ٻه ٻيا ناول ” آخرين انقلاب“ ۽ ”ساڌنا جو سپنو“ لکيا . هوءَ گلستان مخزن جي ايڊيٽر پڻ هئي.کيس ڏسندي ڪيتريون عورتون ادب جي ميدان ۾ آيون. اخبارن ۾ سندن مضمون ۽ ڪهاڻيون ڇپجڻ لڳيون ته ناول جهڙي ڏکي صنف ۾ پڻ لکيائون .سيتا ديويءَ جو ”سروجا“ چندر آڏواڻيءَ جو ”پريم جيون“ ، اندرا هيمراجاڻيءَ جا ”ڪانتا“، ”ٻه دليون“ ۽ ٻيا ناول ميدان ۾ آيا. مائي واساڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”مائي واساڻيءَ جون ڪهاڻيون“ 1947ع ۾ شايع ٿيو،عورتن هن دور ۾ مضمون، خط ۽ ڪتابن جا مهاڳ لکيا. پهريون خط 1890ع جو لکيل ملي ٿو جو هڪ گهرو خط آهي جو ريٽا شهاڻيءَ جي ڏاڏيءَ وشني ٻائيءَ جو آهي ۽ اهي 8 خط آهن. ريٽا موجب ته :
”انهيءَ خط ۾ سنڌي ٻولي ساڳي اڄ جي سنڌي پيئي لڳي. جڏهن ته انهن خطن کي هڪ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي“.(7)
مطلب ته انگريز دور ۾ سنڌي عورتن ڪهاڻيون ،ناول، مضمون ، مقالا، مهاڳ ۽ خط لکيا ۽ شاعري پڻ موجود آهي. سندن لکڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال شانائتو رهيو. ڪي لفظ ٻين ٻولين جا پڻ ڪجهه ليکڪائن وٽ ملن ٿا پر مجموعي طور سنڌي ٻوليءَ جو واهپو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سان جيئن ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ ڦيرو آيو، تيئن ماڻهن جي سوچ ويچار جي تبديليءَ جو اثر ادب تي پڻ ٿيو، غير سنڌين جي اچڻ ۽ هندوئن جي هتان لڏي وڃڻ سان اردو ٻولي ۽ ماحول جو اثر سنڌي ادب تي پوڻ لڳو. سنڌ جي وڏن شهرن جي گهرن ۾ اردو ٻولي ڳالهائجڻ لڳي ۽ ڪيترائي اردو رسالا ۽ اخبارون سندن گهرن ۾ اچڻ لڳا، پر پوءِ جلد ئي سجاڳيءَ جي لهر شروع ٿي، سنڌي ادبي بورڊ جو قيام عمل ۾ آيو. ون يونٽ خلاف تحريڪون شروع ٿيون. پنهنجي سڃاڻپ جو شعور وڌيو، عورتن جي نڪرندڙ رسالن کان سواءِ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ عورتون لکڻ لڳيون. عورتن جي طرفان نڪرندڙ رسالن ۾ ”مارئي“ (1957ع: بيگم زينت عبدالله چنا)، ”اديون“ (1965ع: بيگم خانم خديجه دائود پوٽو)، ”سوجهرو“ (1972ع گلبانو سلطانه) شايع ٿيڻ لڳا. ان کان سواءِ ماهوار ”نئين زندگي،“ سنڌي ادبي بورڊ جو ٽه ماهي ”مهراڻ“ طارق اشرف جو ”سهڻي“ ۽ ٻيا رسالا شايع ٿيندا رهيا، جن ۾ عورتون لکڻ لڳيون. جيڪڏهن انهن عورتن مان هرهڪ جو ذڪر ڪجي ته هڪ ڊگهي فهرست تيار ڪري سگهجي ٿي.انهن عورتن ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. سندن ڪهاڻين جا مجموعا، ناول، آتم ڪهاڻيون، سفر ناما، سوانح عمريون، ڊائريون ۽ شاعري جا ڪتاب ملن ٿا.
ورهاڱي کان پوءِ نور شاهين پهرين شاعره آهي، جنهن جو شاعريءَ جو مجموعو ”رُس مَ رُسڻ گهوريو“ 1968ع ۾ شايع ٿيو. هوءَ ڪلاسيڪل شاعريءَ کان متاثر هئي. سندس شاعري ٻوليءَ جي لحاظ کان ميٺاج واري ۽ پخته آهي. چوي ٿي ته:
راڻي ۾ هئي ڪاڻ، جو بيهي نه سگهيو ڪين،
تکا هئا ڪي ٻاڻ، برهه سندي بيراڳ ۾. (نور شاهين)
نور شاهين کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي شاعرائن جي شاعريءَ جا مجموعا شايع ٿي چڪا آهن. هيٺ ڪجهه مثال ڏجن ٿا ته جيئن موضوع ۽ مواد سان گڏ خاص طور ٻوليءَ جون خاصيتون پسي سگهجن.
شاعريءَ ۾ ڪتب آندل لفظ، استعارا، تشبيهون، علامتون ۽ ٻيون سڀ فني ضرورتون ٻوليءَ جي خوبصورتي ۽ وسعت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هجن ٿيون.
ماهين هيسباڻيءَ جو فقط هڪ شعري مجموعو ”تون“ ڇپيل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ لفظن جو سهڻو استعمال سندس فن جي پختگيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. هيٺين چؤسٽي ۾ هن شاعريءَ جي اهميت هن ريت بيان ڪئي آهي.
شاعريءَ کي زندگي ارپي ڇڏيم،
زندگيءَ کي عاشقي ارپي ڇڏيم،
عشق کان ناهي اُتم ڪا ذات ٻي،
عاشقيءَ کي بندگي ارپي ڇڏيم. (8)
جيئن ته شاعري ٿورن لفظن ۾ گهڻي ڳالهه چوڻ جو هنر آهي.جنهن جي لاءِ بهترين خيال سان گڏ ٻوليءَ جو رس چَس ۽ بيان جي رواني ضروري آهي. نئين ٽهيءَ جي شاعره پشپاولڀ ”روح جاڪنول“۾ چوي ٿي ته:
من جي تند تند تنواري ٿي،
جسم جي رڳ رڳ پڪاري ٿي،
سنڌ منهنجي روح ۾ آهي،
هن جي مٽي منهنجو سندور آهي.
هن جي ٻولي
ماءُ جي مٺي لولي آهي
ٻيجل، ڪنور، چندر، ڀڳونتي،
سرمد، جمن، عابده، سخيراڻي، منهنجو آواز آهن.(9)
موجوده دور ۾ جيڪي نيون شاعرائون آيون آهن انهن ۾ سيما عباسيءَ جو نالو پڻ اهم آهي. سندس شاعريءَجو نمونو هن ريت آهي:
راهه جا پٿر ٻهاريا، مون ته پنبڻين سان پرين،
تنهنجو رستو ڪا وڏي کاهي هئي توکان سوا
لفط ساڻا ٿي پيا ۽ ڳهر نيڻن ۾ لٿي،
حال هيڻا ٿي پيا، او شاعري توکان سواءِ (10)
مٿي ڄاڻايل چند مختصر مثالن مان پڻ اها وضاحت ضرور ٿي آهي ته عورتن جي شاعريءَ ۾ سادگي،سلاست ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سهڻن لفظن جو استعمال شانائتو آهي. ورهاڱي کان پوءِ عورتن جي لکيل نثر کي جيڪڏهن ڏسبو ته هند ۽ سنڌ ۾ عورتن جو ادبي ڪم وڏي پيماني تي ملي ٿو، انيڪ ڪتاب مختلف صنفن ۾ لکيل ملن ٿا، جن مان ڪيترن ڪتابن کي ايوارڊ پڻ مليا آهن.
ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن به تخليق جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي ٿي ته ان لاءِ ماهرن هيٺين نڪتن کي ذهن ۾ رکڻ ضروري قرار ڏنو آهي.
اسلوبِ بيان، لفظن جي چونڊ ۽ جملن جي بيهڪ، اصطلاح، استعارا، پهاڪا، چوڻيون، گفتارون، تشبيهون، علامتون، تجنيسون، سلاست، بلاغت، فصاحت ۽ ٻيون خوبيون شامل آهن.
مٿي ڄاڻايل خاصيتن مطابق تحقيق کان پوءِ اهو معلوم ٿئي ٿو ته، اسان وٽ سنڌ توڙي هند جي ليکڪائن پنهنجي تحريرن ۾ اعليٰ ادبي زبان آڻڻ لاءِ نوان نوان لفظ، ترڪيبون ۽ بامعنيٰ اصطلاح،تشبيهون،استعارا ۽ محاورا ڪم آندا آهن، پر جتي جتي اهو استعمال نٿو ڏسڻ ۾ اچي، اتي ڄڻ سندن تحرير سنڌي ٻوليءَ کان اوپري ٿي بيٺي آهي. هيٺ چند مثال پيش ڪجن ٿا ته جيئن ليکڪائن جي لکيل نثر جي پرک ٿي سگهي.پوپٽي هيراننداڻي لکي ٿي ته:
”تڏهن مان ڄڻ ڇيهون ڇيهون ٿي پيس، جيئن ريشمي ڪپڙن کي پٿر تي سٽپو آهي ته ليڙون ليڙون ٿي پوندو آهي تيئن منهنجو من ڇڄي تندون تارون ٿي پيو“. (11)
مٿين حوالي ۾ خيال جي بلنديءَ سان گڏ هم قافيه لفظن جو شانائتو استعمال ۽ تجنيس حرفيءَ جي سونهن وڻندڙ آهي.
ورهاڱي کان پوءِ بادام ناتوان جو نالو اسان وٽ آڳاٽي نثر نگار عورتن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس لکيل نثر ۾ ٻوليءَ جو استعمال ڪڏهن عام فهم ۽ سليس آهي ته ڪنهن وقت دقيق ٻولي پڻ ڪتب آندي اٿس. هيٺ ساڳيءَ ليکڪا جي نثر جا ٻه مثال سندس ٻن مختلف ڪتابن مان پيش ڪجن ٿا.”خوش خصلت خاتون“ ڪتاب ۾ صفحي نمبر 69 تي لکيو اٿس ته:
”قدرت الاهي، انسان ذات کي ڏيکاري ٿي ته دنيا ۾ خوشي ۽ غم لازم وملزوم آهن. هميشه نه خوشي رهندي ۽ نه ئي غم رهندو.“(12)
ڪتاب ”شڪستهءِ زندگي“ جي صفحي نمبر 175 تي لکي ٿي ته:
”جذبات هڪ بيخود سرمايو آهي، جنهن کي ادا ٿيڻ بغير آرام نه ايندو آهي دک جو ٻيو نالو سانت آهي، خاموش آنسو گونگي آهه!(13)
پهريون حوالو عام فهم ۽ سمجهه ۾ ايندڙ ته ٻيو ڪي قدر منجهيل ۽ ڏکيو آهي.
ماهتاب محبوب جو نالو سنڌي جي صف اول جي ليکڪائن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هوءَ اڌ صديءَ کان لکندي اچي. هن طنزيه، مزاحيه ۽ سنجيده هر هڪ لکڻيءَ ۾ ٻوليءَ جي فطري انداز کي اهميت ڏني آهي. سندس فقط ٻن ڪتابن ”لهر لهر زندگي“ ۽ ”مٺي مراد“ ۾ ٻوليءَ جي استعمال جو جائزو وٺجي ٿو ته حيرت ٿئي ٿي ته هن ڪيڏي نه شاندار نموني سان پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن ۽ گفتارن کي ٻوليءَ جو حصو بنائي ڪهاڻيءَ جي صف ۾ آندو آهي.جيئن:
”مڙس ته ڦڏو نه ته جڏي جو جڏو“؛ ”ڪٿي ڍور سڃا ڪٿي چور سڃا“؛ ”ڪريان ٿي ڪيهه مڙندا ٽيهه“؛ ”پيرن مان لاهي منهن تي هڻڻ“؛ ”لکيو لوڙڻ“؛ ”ديرو ڄمائڻ“ وغيره.
ماهتاب محبوب جي نثر مان ٻوليءَ جي حوالي سان چند مثال پيش ڪريان ٿي ته جيئن پڙهندڙن کي سندس فن ۾ ٻوليءَ جي استعمال بابت ڄاڻ پئجي سگهي.
ڪتاب ”لهر لهر زندگي“۾ صفحي نمبر 22 تي لکي ٿي ته:
”ماڻهو ٽپتائي هو ، تنهن ڪري پوليس کاتي ۾ کڄي ويو، حرفت سان زمينون ذرڙيون خريد ڪري ، هن ايڏي ملڪيت ميڙي جو ڍوءَ ۾ ڪکيون پئي ڦاٽس، مرڳو شجرو ئي وڃي ناميارن نوابن سان جوڙيائين ۽ نواب اختر حسين سڏجڻ لڳو“(14)
ماهتاب محبوب نه فقط صاف سنئين سڌي ۽ بامحاوره ٻوليءَ ۾ لکيو آهي پر هُن پنهنجي اسلوب بيان ۾ طنزيه، مزاحيه توڻي سنجيده مطلب ته هر نموني ۾ فطري انداز کي اهميت ڏني آهي، ڪهاڻي ”مٺي مراد“ ۾ لکي ٿي ته:
”هوءَ پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب ڀائيندي، هر وقت ٿڌا ساهه ڀري ان گهڙي کي پئي پٽيندي هئي جڏهن هن ساڻس پيچ پاتو هو....هڪ وار وري ڳاڙهو گهوٽ ٿيو هو، جيتر پُٺ پڌري ٿئي ،تيتر هن جو مڙهه مقام اڃان رولڙي ۾ هُو“.(15)
ماهتاب جي فن ۾ ٻوليءَ جي اصطلاحي جزن جو استعمال وڻندڙ آهي، ڊاڪٽر ارجن شاد هن ڏس ۾ چوي ٿو ته:
”ڪهاڻين مان پهاڪن جي ڊڪشنري جوڙڻ ڪمال جي ڳالهه ڪانهي، ڪمال اهو آهي ته اهي ڪاريگريءَ سان استعمال ڪيا وڃن .ماهتاب انهن جو استعمال فنڪاريءَ سان ڪيو آهي“.(16)
هن سلسلي ۾ سندس ڪهاڻي ”رهيل جانچ“ اهم آهي ۽ موضوع جي حوالي سان نسيم کرل جي ڪهاڻي ”چوٽيهون در“جيان پوليس جي ناروا رويي بابت آهي، ”رهيل جانچ“ ڪهاڻيءَ ۾ هڪ بيواه عورت پنهنجي مڙس جي قتل کان پوءِ پيءَ وٽ رهي سلائي ڪري پنهنجا ٻچا پاريندي آهي پر اها واحد ڪمائيءَ جو ذريعو سلائي مشين جڏهن چوري ٿئي ٿي تڏهن سندس پوڙهو پيءُ پوليس ۾ رپورٽ لکائڻ وڃي ٿو ۽ ساڻس جا جُٺ اتي ٿئي ٿي، ان کي ليکڪا اثرائتو بيان ڪيو آهي .آخرڪار پوڙهو ڪيس تان ئي هٿ کڻندي پوليس وارن کي چوي ٿو ته: ”ابا رب الائي ڪهڙي ڳالهين ۾ راضي، شل حقون به رکي نا حقون به ،جن اسان سان ڪئي آهي، مولا انهن جون برباديون آڻيندو،رڌيون ڪنيون لاهيندو.....“
جواب ملندو اٿس ته ”اڙي ڀوڪ! اهي رنون ئي يارن پويان مڙس مارائينديون آهن سڀاڻي ٻچا ڳچيءَ ۾ وجھي،مشين واري يار ڪڍ هلي وينديءِ تڏهن اک کلنديءِ . اهو ٻڌڻ سان هن جو هنياءُ کاڄي ويو، رت سڙي ،منهن تي دانگي گهمائي ويس ، هو مٿو جهلي پٽ تي ويهي رهيو“. (17)
مشين جي چوري ته ويئي، ويچاري کي پوليس هيڪاري سندس ناٺيءَ جي ٿيل پراڻي قتل جي ’رهيل جانچ‘ بهاني سندس ڌيءَ کي جيل داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. مطلب ته اها ڪهاڻي موضوع ۽ مواد کان سواءِ ٻوليءَ جي عمدگيءَ جو عليٰ مثال آهي.
ساڳيءَ ريت سندس سفر ناما، ناول، مضمون، خاڪا، خط ۽ ٻيو نثر سنڌي ٻوليءَ جي سونهن جو اثرائتو عڪس چٽين ٿا. ماهتاب جا ڪهاڻين سميت مختلف صنفن تي ڪل 14 ڪتاب ڇپيل آهن جيئن ”اندر جنين اڃ“،”خواب خوشبو ڇوڪري“،”ورهاڱي جو ورجاءُ“،”مٺي مراد“،”پل صراط“،”لهرلهرزندگي“،”راهون چنڊ ستارا“ ۽ ٻيا نثر جي پختگيءَ جو مثال آهن.
ثميره زرين جي لکڻين ۾ ڪٿي نج سنڌي ٻوليءَ جا جنسار آهن ته ڪٿي ڪٿي هُن اردو ٻوليءَ جي لفظن جو غير ضروري واهپو پڻ آندو آهي. جيئن روشن ڇانورو،ڪتاب ۾ 36 ۽ 84 صفحن تي لفظ، خنڪي، مرمين، سرگوشي، سنسني، نڪ ۾ دم، ساڪت وجامد جهڙا لفظ ڪتب آندا آهن.
سندس فن ۾ نج سنڌي لفظ پڻ آهن. جيئن، لوساٽيل، اوجهڙ، جهاڳڻ، جهٻو، تاڃي پيٽو، هوائن ۾ هٻڪارون، ڏکن ۾ ڏنجهه، اونهي ۾ اسرار ۽ ٻيا مثال آهن. سندس افسانوي مجموعن ”گيت اڃايل مورن جا“، ”روشن ڇانورو“ ۽ ”آءُ اهائي مارئي“ ۾ 37 ڪهاڻيون آهن، جن مان پروس ٿيم پراڻ، آءُ اها ئي مارئي، وڏيري، مومل، غيرت، سوريءَ سزا وار ۽ پلئه پايو سچ، ٻوليءَ جي حوالي سان لاجواب آهن.
ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌي ٻوليءَ تي عبور رکندڙ محقق ۽ ليکڪا آهي، سندس لکيل نثر مختلف صنفن جيئن ڪهاڻي ،سفرنامي ۽ مضمونن،مقالن ۾ ٻوليءَ جي پختگيءَ جو مثال آهي.
نورالهديٰ شاهه اردو ۽ انگريزي ادب جي اثر هيٺ پنهنجي فن جي شروعات ڪئي پر جڏهن هُن سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو ته خوب ۽ اثرائتو لکيو. سندس لکيل ڪهاڻين، ناٽڪن ۽ ناول ۾ لطيف ۽ وزنائتي ٻولي آهي جا سندس فني شعور جي ساک ڏي ٿي.
خيرالنساءَ جعفري، رشيده حجاب، ثميراه زرين، ڊاڪٽر شمس عباسي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، تنوير جوڻيجو، ڊاڪٽر پروين موسيٰ(راقم الحروف) ۽ ٻين ڪيترين ڀينرن سنڌي نثر ۾ ٻوليءَ جي استعمال کي اهميت ڏياري آهي
نه فقط ڪهاڻيون، ناول ، ناٽڪ ، سفرناما، مضمون ۽ مقالا پر اسان وٽ علمي ۽ ادبي خطن لکڻ جو پڻ سٺو رجحان رهيو آهي. هن ڏس ۾ ڊاڪٽر درشهوار سيد، مهتاب اڪبر راشدي، ليليٰ بانو، جيجي زرينه، اختر بلوچ، سحر امداد، ماهتاب محبوب، ثريا سوز ۽ ٻين ڪيترين ليکڪائن خط لکيا آهن. جيڪي ادبي تاريخ ۾ خطوط نويسيءَ جي ارتقا جي حوالي سان ڳڻڻ جوڳا شمار ٿيندا جن ۾ پڻ سنڌي ليکڪائن ٻولي جي استعمال ۾ مهارت جو ثبوت ڏنو آهي.
نتيجو:
عورتن جي تحريرن جي هن مختصر اڀياس مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ عورتن به مَردن سان ڪلهوڪلهي سان ملائي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. سندن سماجي، علمي ۽ ادبي حيثيت تاريخ جي مختلف دورن ۾ مختلف رهي آهي. باهمت ۽ باشعور عورتن پنهنجي تخليقي ۽ تحقيقي صلاحيتن سان سنڌي ادب جي نه رڳو خدمت ڪئي آهي. پر ان سان گڏوگڏ هنن سنڌي ٻوليءَ کي جياريو آهي ۽ وسعت ڏيڻ ۾ مدد ڪئي آهي.
حوالا
1. سيوهاڻي، حڪيم فتح محمد ”آفتاب ادب“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1974ع، ڇاپو ٽيون، ص3.
2. دائود پوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، ”مضمون ۽ مقالا“ ، ڀٽ شاه، ثقافتي مرڪز، حيدرآباد ڀٽ شاهه 1978ع.،ص،198.
3. ڪربلائي، گل حسن، مقالو: سنڌ جي شهزادين جو علمي شوق، ”نئين زندگي“ مخزن پاڪستان پبليڪيشن اسلام آباد، نومبر 1954ع، ص 151.
4. ڪيسواڻي، ڪملا، ”سنڌي شعر جي ڪسوٽي“،بمبئي،هندوستان ، 1946 ع، ص 116.
5. ملڪاڻي، منگهارام ”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1993ع، ص 104.
6. سدارنگاڻي، گُلي،”اتحاد“ هيرانند پريس ڪراچي،1941ع، ص 2.
7. شهاڻي ريٽا،”جيون ۽ ساهت“ سورن ڪلا پرنٽرز،2001ع، ص، 08
8. هيسباڻي، ماهين،”تون“ نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي،2005ع، ص 45.
9. پشپا ولڀ،”بند اکين ۾ آسمان“مارئي پبليڪيشن ڪراچي،2010ع، ص 32.
10. عباسي سيما، ”لفظن ڀوڳيو آ بنواس“ منزل پبليڪيشن ڪراچي،2005ع، ص48.
11. هيراننداڻي پوپٽي، ”زندگي نه ڪويتا نه ڪهاڻي“ سرڪيولر بلڊنگ، حيدرآباد، 1981ع، ص 19.
12. بادام ناتوان،”خوش خصلت خاتون“سنڌي ادبي بورڊ ، حيدرآباد1971ع ص69.
13. بادام ناتوان ”شڪستهءِ زندگي“ بشير احمد سنز، ڪراچي، 1974ع ،ص175.
14. ماهتاب محبوب،”لهر لهر زندگي“،نيو فيلڊس پبليڪيشن،حيدرآباد،1985ع، ص22.
15. ماهتاب محبوب،”مٺي مراد“، نيوفيلڊس پبليڪشن،حيدرآباد،1979ع،ص150
16. ارجن شاد:ماهتاب محبوب،”اندر جنين اڃ“،نيوفيلڊس پبليڪشن،حيدرآباد، 1995ع،ص113.
17. ماهتاب محبوب،”لهر لهر زندگي“،نيو فيلڊس پبليڪيشن،حيدرآباد،1985ع، ص21.