فليش فڪشن ۾ ضميري پڇاڙين جو ڪارج
(The role of Pronominal Suffix in the Flash fiction)

علي رضا قاضي
Abstract:

‘Flash fiction’ is a literary term used for Short-Short stories. It is the compound word used for the limited word story. Flash fiction is such Umbrella under which Drabble, Dribble, sudden fiction, Palm size stories, card stories, Six by six stories, six word stories etc. are prevailing in fiction. It is it’s a distinguished characteristic that gives complete sense in fewer words regarding the different format.
Due to the use of Brevity in Flash fiction it needs sufficient utilization of pronominal suffix in Sindhi language. The pronominal suffix is a shortened dependent morpheme which is used instead of Personal Pronoun. Such pronominal suffixes help in the minimizing the length of sentences.
In this paper viewing the pronominal suffix a short-short story is analyzed in different formats using standards of flash fiction, such as: Brevity and central Idea of story. In this way for developing reading skill, Children's literature should be prepared, which can be read in limited time.

تعارف:
فليش فڪشن، ٻن انگريزي لفظن تي جڙيل اصطلاح آهي، جنهن مان مراد اهڙي قسم جو ادب، جنهن ۾ ليکڪ گهٽ ۾ گهٽ لفظن جي استعمال سان افساني جي ڪا صنف تخليق ڪري ٿو. افساني کي سنڌيءَ ۾ ڪهاڻي چون ٿا. اها ڪهاڻي، ناول جي صورت به ٿي سگهي ٿي ته شارٽ اسٽوريءَ جي روپ ۾ به؛ فليش فڪشن انگريزي ادب جي صنف آهي، جنهن ۾ اهڙي قسم جي ادب ۾ بيحد اختصار يا ٿورائيءَ ۾ ڪهاڻي بيان ڪئي وڃي؛ هن ادب ۾ ڇهه لفظي ڪهاڻي، 140 اکرن جي ڪهاڻي، ڊرئيبل (50 لفظ) ڊرئبل (100 لفظ) ۽ سڊن فڪشن (750 لفظ) شامل آهن. ڪجهه مبصرن جي راءِ آهي ته فليش فڪشن ۾ اها منفرد ادبي خوبي آهي ته هو وڏي ڪهاڻيءَ ڏانهن واضح اشارو ڏئي ٿو. فليش فڪشن جي وڏي خوبي اها آهي ته ٿورڙن لفظن ۾ ڳالهه کي پورو ڪرڻو هوندو آهي.(1) سنڌي ٻوليءَ ۾ محدود لفظن کي استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ سنڌي لفظن جي آخري ڇوٽي سر (Vowel) ۽ ضميري پڇاڙين (Pronominal Suffixes) جو وڏو ڪردار آهي. هن مقالي ۾ چونڊ فليش فڪشن ۾ ضميري پڇاڙين جي ڪردار جو اڀياس پيش ڪجي.
مسئلي جو بيان:
انگريزي، دنيا جي شاهوڪار ٻولي سڏجي ٿي، جو اها ٻاهرين ٻولين جي لفظن کي پاڻ وٽ ضم ڪندي دير ئي ناهي ڪندي. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻاهرين ٻولين جا لفظ ايترو آسانيءَ سان ضم نه ٿا ٿين. جنهن جا ڪيترائي سبب آهن، جهڙوڪ ٻوليءَ جو بگاڙ، اصل کان منهن موڙڻ وغيره. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن وڏي انگ ۾ ٻين ٻولين جا اصطلاح ۽ عام لفظ پنهنجي ٻوليءَ ۾ تيزي سان ضم ڪندا وينداسين ته ٻولي ڪنهن ڌاري ٻوليءَ جو روپ وٺي ويندي؛ جڏهن ته سماجي لسانيات اهڙي خيال کي رد ڪري ٿي. ان مطابق جيسيتائين ٻوليءَ جي بنيادي ڍانچي/ وياڪرڻ (Basic structure/ Grammar) ۾ تبديلي نه ٿي اچي تيسيتائين ٻوليءَ کي خطرو ناهي.
فليش فڪشن کي ترجمي جي صورت ۾ به ساڳيو مسئلو اڳيان آهي، جيئن هن وقت تائين فليش فڪشن لاءِ سنڌيءَ ۾ مختصر- مختصر ڪهاڻي ته ڪنهن وري اختصاري ڪهاڻي ڪوٺيو آهي. اهڙي حالت ۾ ذڪر ڪيل اصطلاح جا ڪيئي ترجما اچي ويندا، منهنجي ذاتي راءِ موجب ان قسم جي ڪهاڻين کي ’فليش فڪشن‘ جي نالي سان ئي سڏيو وڃي، جڏهن ته هن ۾ ايندڙ ٻين صنفن کي به اصل انگريزي نالن سان سڏڻ بهتر رهندو.
فليش فڪشن جي مکيه خاصيت اختصار آهي، ان دائري ۾ ايندڙ ڪهاڻين کي محدود لفظن ۾ لکيو وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ ضميري پڇاڙين ۾ اها سگهه آهي جو هڪ وڏي جملي کي ڪافي حد تائين مختصر بڻائين ٿيون، جن جو درست استعمال نهايت ضروري ٿي پوي ٿو.
مسئلي جي اهميت:
دنيا ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ ٻولي انگريزي آهي، جيڪا انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽنگ ۾ به گهڻي استعمال ٿئي ٿي. انگريزيءَ جا لفظ/ اصطلاح (Terms) پنهنجي دائري ۾ جامع هوندا آهن، جن کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرڻ يا نعم البدل ڳولڻ لاءِ وڌيڪ لفظن جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. ڪڏهن هڪ لفظ پوري جملي جي معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي. مثال طور توهان جيڪڏهن انگريزي ٻوليءَ جي 100 لفظن جي مضمون کي ترجمو ڪرڻ چاهيو ته ان لاءِ سنڌيءَ ٻوليءَ جا 150 کان 200 لفظ درڪار هوندا ته اهڙن لفظن جي چونڊ ۾ اسان کي حد کان وڌيڪ احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو. اهو ناهي ته سنڌي ٻولي مڪمل معنى وارن لفظن کان وانجهيل آهي، پر ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته اسان انهن لفظن کي ڳولي آسانيءَ سان استعمال ڪري سگهون. ڪنهن ڳالهه کي اختصار ۾ بيان ڪرڻ جي حالت ۾ ضميري پڇاڙيءَ جي وڏي اهميت آهي.
مسئلي جا سوال:
 ڇا فليش فڪشن کي اختصار ۾ آڻڻ لاءِ ضميري پڇاڙين جو ڪو ڪردار آهي؟
 ڇا ضميري پڇاڙي، ڪنهن جڳهه تي پوري جملي جي معنى ڏئي سگهي ٿي؟
 ڇا سنڌي فليش فڪشن ۾ ضميري پڇاڙين جو استعمال ملي ٿو؟
اڀياس جو عمل:
هن اڀياس جو احاطو ٻن نُڪتن تي رکيل آهي: فليش فڪشن ۽ ضميري پڇاڙيون. هن اڀياس ۾ فليش فڪشن ۽ ضميري پڇاڙين جي لاڳاپو (Connectivity) جانچيو ويندو. ان حالت ۾ فليش فڪشن تي جزوي ۽ ضميري پڇاڙين جي استعمال تي مرڪوز رهندي اکيڙ ڪئي ويندي.
فليش فڪشن:
فليش فڪشن مان مراد ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ اهڙو نثري ادب جيڪو اک ڇنڀ ۾ پڙهي سگهجي، هن قسم جي لکڻيءَ ۾ ليکڪ گهٽ ۾ گهٽ لفظن ۾ پنهنجي ڳالهه پڙهندڙ تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. انٽرنيٽ جي عام ٿيڻ کانپوءِ فليش فڪشن کي هڪ نئين زندگي ملي آهي. موجوده دور ۾ يورپ اندر فليش فڪشن جي ڇٽيءَ هيٺ ادب جون ڪيئي صنفون جهڙوڪ: شارٽ- شارٽ اسٽوري، نينو اسٽوري، مائڪرو اسٽوري، ٽوئٽريچر وغيره لکجن پيون.(2)
دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هيءَ صنف وڌي ويجهي رهي آهي. سنڌي ادب ۾ به هن جون پاڙون صدين کان قائم آهن، بس فرق هي آهي جو اولهه کان اچڻ سبب هن جو نالو تبديل ۽ هئيت ۾ ڪجهه فرق آهي. ‘فليش فڪشن’ جي سري هيٺ جڙندڙ ڪهاڻين جي ماءُ مختصر ڪهاڻي ئي آهي، ان ڪري پاڻ کي ان ڳالهه جي به ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ گهرجي ته ڪهاڻي جو جنم ڪيئن ٿيو؟
سنڌي ادب ۾ فليش فڪشن جو اصطلاح بلڪل نڪور آهي. جنهن کي قبول ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت درڪار هوندو. هن وقت تائين ڏهاڪو کن سنڌي ڪتاب فليش فڪشن جي سري هيٺ مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن، هن وقت تائين جنهن سنڌي ليکڪ سائنسي بنيادن تي ان موضوع کي ڪي قدر اجاگر ڪيو آهي، اهو منظور ڪوهيار آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ’ڀؤنرن جي انتظار ۾’ جي مقدمي ۾ ان جو تفصيل به لکيو آهي.
فليش فڪشن، پهرين ڏينهن کان سرجندو پيو اچي پر اڪثر ليکڪ ان ڳالهه کان واقف نه آهن. منهنجي لکيل فليش فڪشن جي ڪهاڻين جي ڪتاب ’معذرت سان‘ ۾ پڻ ڊاڪٽر الطاف جوکيي ان مسئلي تي مختصر پر جامع انداز ۾ ان جي سمجهاڻي لکي آهي، جيڪا پيش ڪجي ٿي: ”مختلف دؤرن ۾ ڪهاڻيءَ جي جڙاوت جا مختلف رخ رهيا آهن، جن جي ڪردارن ۾ ڪڏهن جنّ ڀوت، پريون ديوَ ته ڪڏهن بادشاهه فقير وغيره؛ ڪڏهن پکي پکڻ يا پسون ته ڪڏهن گھريلو يا خوفائتا جانور؛ ڪڏهن انساني زندگيءَ جا حالات واقعات يا جذبات. انهن ڪردارن ۽ حالتن تحت ڪهاڻيءَ جي ضمني صنفن ۾ اضافو ٿيندو ويو، جيئن: قصا، داستان، آکاڻي، ڳالهه، نيم تاريخي داستان، افسانو، ناول، شارٽ اسٽوري يا ڊرامو وغيره“.(ٰ3)
هي دؤر انفارميشن ٽيڪنالاجي جو آهي ۽ دنيا گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي وئي آهي، هر ماڻهو مصروف زندگي گهاري پيو؛ ان ڪارڻ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ڊيگھه واري معاملي ۾ ڦاسائڻ کان پاسو ڪرڻ لاءِ مختصر اسمن تي اڪتفا ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جديد دؤر جي نسبت ماڻهو فليش فڪشن جي وڌيڪ ويجهو ٿئي ٿو.
”فارسي ادب ۾ شيخ سعدي، رومي ۽ ڪنهن حد تي فريدالدين عطار جي تحريرن ۾ اهڙي قسم جون ڪهاڻيون اچي ٿيو وڃن جن کي فارسي ادب ۾ ’حڪايتون‘ ڪوٺيو ٿو وڃي. هندستان جي قديم پالي ادب ۾ ’جٽاڪا آکاڻين‘ کي به فليش فڪشن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. ايسپ جون ڪهاڻيون به ساڳئي زمري ۾ آڻي سگهجن ٿيون.“(4)
فليش فڪشن جي هڪ خاصيت يا خوبي لفظن جو محدود استعمال آهي. شاعريءَ جيان هن قسم جي ادب ۾ پڻ لفظن کي گهٽائڻ جا تجربا ٿيندا رهيا آهن. سنڌيءَ ۾ ضميري پڇاڙيون ڪنهن حد تائين جملن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ جو ڪم ڏين ٿيون؛ ان ڪري فليش فڪشن ۾ ضميري پڇاڙين جي اهميت کي محسوس ڪيو ويو آهي.
ضميري پڇاڙين جي اهميت:
سنڌي ٻوليءَ جي اهم خصوصيتن مان هڪ خصوصيت ضميري پڇاڙين جو استعمال آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به اسم جي اضافتي صورت، فعل ۾ ضمير خالص جو ملائڻ ۽ حرف جر سان ضميري پڇاڙيون ملايون وينديون آهن. اهڙي ڳنڍ ملائڻ سان جملي ۾ لفظن جو استعمال گهٽجي ويندو آهي؛ جيئن: کارايائينِ (هن، هنن کي کارايو) هڪ پوري جملي جو نچوڙ هڪ لفظ ۾ سمائجي اچي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙيون، خاص طور ضمير خالص جي صورت ۾ ڪافي ٿين ٿيون؛ هتي صرف انهن مان ٻه اڍائي نمونا ڏجن ٿا. ضميري پڇاڙين ’س ۽ م‘ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ جو هي اشارو وڌيڪ وزن رکي ٿو ته:
واحد جمع
ضمير متڪلّم- م اُون يا هُون
ضمير غائب- س نِ ۽ نَ (5)
عام طور اسان جي ٻوليءَ جي لـﮬـجن ۾ اهڙين ضميري پڇاڙين جو فرق محسوس ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ جي اشاري مان واضح طور تي اهو ئي معلوم ٿيو ته ٻوليءَ جي مزاج پٽاندر ضمير متڪلّم جي صورت ۾ ’م- ضميري پڇاڙي‘ ۽ ضمير غائب جي صورت ۾ ’س- ضميري پڇاڙيءَ‘ جو استعمال ڪرڻ گھرجي؛ ٻي صورت ۾ جملي جي مونجھاري واري امڪان کي رد ڪري نه ٿو سگھجي.(6)
سنڌي ٻوليءَ ۾ اسم يا حرف جر جي اضافتي صورت ڏيکارڻ لاءِ ضميري پڇاڙيون ملايون وينديون آهن. ان جا ڪيترائي مثال موجود آهن، جن مان ڪجهه هيٺ پيش ڪجن ٿا:


فعل سان ضميري پڇاڙيون:
لفظ مراد/مطلب
کاڌم مون کاڌو/ مون کي کاڌو*
کاڌس هن، هن جو کاڌو/ هن کي کاڌو **
کارايائينس هن، هن کي کارايو
کارايومانس مون هن کي کارايو
کارايائينم هن، مونکي کارايو
کارايائينِ هن، هنن کي کارايو
کارايومانِ مون، هنن کي کارايو وغيره
* الائجي ڪهڙي نانگَ کاڌُم جو هن تي اعتبار ڪيم.
* * الائجي ڪهڙي نانگَ کاڌُس جو اهو ڪم ڪيائين.
اسم سان ضميري پڇاڙيون:
لفظ مراد/مطلب
پٽم منهنجو پٽ
مڙسم منهنجو مڙس (7)
پٽهين تنهنجو پٽ
پٽهس هن جو پٽ
پڻهس هن جو پيءُ
ماڻهس هن جي ماءُ
جوڻهس هن جي زال
ڌيڻهس هن جي ڌيءُ
نهڻهس هن جي ننهن
سهرس هن جو سهرو
سسڻهس هن جي سس
پڦس هن جي پڦي
ماسهس هن جي ماسي
مڙسهس هن جو مڙس
نانَهس هن جو نانو
وغيره
حرف جر سان ضميري پڇاڙيون:
وٽم مون وٽ
وٽئه تو وٽ
وٽس هن وٽ
کيس هن کي
کين هنن کي
سندس هن جي/ جو
سندن هنن جو
ضميري پڇاڙيون جيئن ته ضمير خالص جون متبادل آهن، جنهن سبب انهن کي ‘ضمير متّصل’ به ڪوٺيو ويندو آهي. بهتر رهندو ته مختصر ريت ضمير جي وصف ۽ ان جا قسم ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪجي.
ضمير جي وصف:
هر اهو لفظ جيڪو ڪنـهن به اسم جو عيوضي ٿي ڪم آيو هجي.(8)
ضمير جو اشتقاق:
[ضَمِير- بر وزن: فَعِيل- صفت مشبه (اسم فاعل طور ڪم ايندڙ) {ضَمَرَ = هو ڪمزور ٿيو- اَضمَرَ = لڪائڻ، گم ڪرڻ، ڳجهو رکڻ} راز- ڳجهو خيال- لڪل- اندر وارو. سڪل انگور]. (9)
ضمير جا قسم:
ڊاڪٽر الطاف جوکيي جي اڀياس موجب: ڀيرومل آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ ، محبوب علي جوکيي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ، ضمير جا ست قسم ڄاڻايا آهن. جڏهن ته غلام علي الانا ضمير جا ساڳيا ئي قسم ڄاڻائي، ضمير موصول ۽ جواب موصول کي هڪ قسم لکندي ڪل تعداد ڇهه (6) تائين محدود ڪيو آهي. واحد بخش شيخ پنهنجي تحقيق ۾ ضمير جا اٺَ (8) قسم ڄاڻايا آهن، نور محمد کوسي ضميرن جا نو (9) قسم بيان ڪيا آهن. جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي ترتيب ڏنل جامع لغات سنڌي ۾ ڄاڻايل ضمير جي قسمن جو درست ليکو نوَ آهي. (10)
ڊاڪٽر جوکيي، پنهنجي اڀياس ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڄاڻايل قسمن سان سهمتي ڏيکاري آهي، جيڪا ڳالهه مناسب آهي.
جيئن ته ضمير جي قسمن کي اڀياس ۾ آڻڻ هتي مقصود ڪونهي، ان لاءِ هتي صرف ضمير خالص جو بيان ڪجي ٿو، جيڪو ضميري پڇاڙين جي صورت ڪم آندو ويندو آهي.
ضمير خالص:
انگريزيءَ ۾ ضمير خالص لاءِ Personal Pronoun جو لفظي جوڙ ڪم آندو ويندو آهي. پرسنل جي عام طور معنى ’شخصي‘ ورتي ويندي آهي. خالص معنى چِندُ، نج. هن ضمير جي قسم ۾ پهريون: ڳالهائيندڙ (متلّڪم)، ٻيون: جنهـن سان ڳالهائجي (حاضر)، ۽ ٽيون: جنهن جي ڳالهه ڪجي، توڻي جو اکين اڳيان هجي (غائب) شامل آهن. جهڙوڪ: آءٌ، مان، مون، اسان، تون، توهان، هو، هوءَ. (11)
روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪا گفتگو ڪريون ٿا، ان ۾مختصر ڳالهائڻ جي نسبت سان جيئن ڪنهن وڏي ڳالهه کي هڪ ننڍڙي جملي يعني پهاڪي يا چوڻيءَ سمائي وٺندا آهيون؛ يا جيئن ڪنهن ڊگهي تصور کي محاوري يا اصطلاح ۾ سمائيندا آهيون، تيئن جملن کي ضميري پڇاڙين ساڻ مختصر ڪندا آهيون.
ضميري پڇاڙين ۾ اها واضح صلاحيت آهي ته جملن کي هڪ لفظ ۾ بيان ڪن ٿيون. مطلب ته ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙيون جملن کي لفظن ۾ مختصر ڪرڻ جو ڪردار نڀائن ٿيون. مثال طور لفظ ‘کاڌم’ جون چند صورتون ٿي سگهن ٿيون:
 کاڌَم = مون ڪجهه کاڌو. (مؤنث)
 کاڌُم = مون ڪجهه کاڌو. (مذڪر)
 کاڌَم = مون (ماني) کاڌي. ( مفعول مؤنث)
 کاڌُم = مون (صوفُ) کاڌو. ( مفعول مذڪر)

فليش فڪشن ۾ محدود لفظن جو استعمال:
فليش فڪشن جديد دؤر جي اهڙي صنف آهي، جن جي معيارن ۾ اهم معيار لفظن جي ڳڻپ آهي. فليش فڪشن جي سڀني صنفن جي سڃاڻپ لفظن جي ڳڻپ تي ٿئي ٿي. پنجاهه لفظن جون ڪهاڻيون، سؤ لفظن جو ڪهاڻيون، سٺ لفظن جون ٻاراڻيون آکاڻيون وغيره. اهڙي صورت ۾ ضميري پڇاڙين جو وڏو ڪارج رهي ٿو. سنڌي ادب ۾ سرجيل فليش فڪشن ۾ ليکڪن اهڙي استعمال جون ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن. هتي ڊيگهه کان بچڻ لاءِ فقط هڪ ڪهاڻيڪار عباس ڪوريجي جي مختصر-مختصر ڪهاڻيءَ جو مثال پيش ڪجي ٿو:

هڪ مختصر‏- مختصر ڪهاڻيءَ جو ڇيد:
عباس ڪوريجي جي مختصر ڪهاڻي: ’مان دودو آهيان‘ ۾ ضميري پڇاڙين جو استعمال:
”روپا ماڙيءَ جو رستو پڇائيندي پڇائيندي رڻ ۾ وڃي نڪتو هوس، پري کان سائي رنگ جو مقبرو نظر پئي آيو. ڊگهي ڪلراٺي ڪچي رستي سان نه ماڻهو نه پاڇو، رڙهندو وڃي ويجهو پهتم. مقبرو دودي جي ارڏائپ جيان ڪنڌ مٿي ڪيو بيٺل هو. منهنجي خيالن ۾ جڙيل روپا ماڙيءَ جي محل وارو تصور ڀري ڀورا ڀورا ٿي ويو جڏهن مقبري جي پٺئين پاسي رڳو ڦٽل ۽ ڊٺل آثار نظر آيا. مقبري جو دروازو کولي اندر گهڙي پيم، وڏي اُڀي شانائتي قبر محسوس پئي ڪرايو ته ڪنهن دلير ۽ سورهيه مڙس کي ٻکي رکيو اٿس. قبر جي ڀرسان اچي عقيدت وچان هٿ لاهڻ مس چاهيو ته ڪڙڪيدار آواز ڇرڪائي وڌو.“ متان هٿ لاٿو اٿئي!” پوئتي نهاريو ڪوبه نه هيو، اڳيان نظر ڦيرائي به ڪو نظر نه آيو، ڊوڙي دروازي تي آيس، ٻاهر به ڪوئي نه هو. حيران رهجي ويم ته ڪنهن جو آواز هو.“ ڪير آهين!؟ ۽ ڪيئن ڀلجي هيڏي آيو آهين؟“
ٻيهر ڇرڪندي پوئتي نهاريو، محسوس ٿيم ته آواز قبر جي ڀر مان پئي آيو. گهٻرائيندي تعارف ڪرايم، ”ڌرتيءَ جو خادم آهيان، ڌرتيءَ جي هن سورهيه پٽ جي حاضري ڀرڻ آيو آهيان.“ ”واپس هليو وڃ.....!!“ ”ڇو واپس وڃان...؟؟ ۽ توهان ڪير پيا ڳالهايو؟“
”مان دودو آهيان!!!“ منهنجا تاڪ لڳي ويا، حيرت ۽ همت کي گڏي چيم: ”منهنجي لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي ته توهان مون سان مخاطب ٿيا آهيو!“
”مون ستل ذهن ۽ ضميرن واري قوم جو فخر ٿيڻ نه چاهيو هو، اها قوم جيڪا پنهنجي سورهين کي رڻ ۾ رکي ڇڏي، آئون ان قوم جو سورهيه پٽ سڏرائڻ نٿو چاهيان..... هتان واپس هليو وڃ!“
”دودا...! يار ائين نه ڪر!“ توکي چيم ته واپس وڃ ۽ سڀني کي ٻڌائي ڇڏ ته توهان وارو دودو مري چڪو آهي، آئون هاڻي فقط سومرن جو پير آهيان!.“ (12)
هن مختصر- مختصر ڪهاڻيءَ ۾ لفظن جو ڪل تعداد 289 بيهي ٿو، جن ۾ ضميري پڇاڙين جو انگ تقريباً 10 آهي.
هن فليش فڪشن ۾ جيڪي لفظ ضميري پڇاڙين سان ڪم آندا ويا، سي هيٺين ريت آهن:
هوس، پهتم، پيم، اٿس. آيس، ويم، ٿيم، ڪرايم، چيم، چيم.
مٿين لفظن ۾ ڪي ضميري پڇاڙيون واضح رهن ٿيون:

ضميري پڇاڙيون:
o م (ضمير متڪلم)
o س (ضمير غائب)
ضميري پڇاڙين جي مختصر گروه بنديءَ بعد جڏهن مٿين ڪهاڻيءَ کي ڇنڊ ڇاڻ جي خيال سان ڏسجي ٿو ته ان ۾ ڪيترائي خال ڏسڻ ۾ اچن ٿا؛ مثال طور:
• ڪهاڻيءَ ۾ ضميري پڇاڙيون درست نموني سان استعمال نه ڪيون ويون آهن. جنهن جو مثال ڪهاڻيءَ جي هن جملي مان لڳائي سگهجي ٿو:
”روپا ماڙيءَ جو رستو پڇائيندي پڇائيندي رڻ ۾ وڃي نڪتو هوس.“
مٿئين جملي ۾ لفظ ’هوس‘ ۾ ’س‘ ضميري پڇاڙي غائب جي آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ (13) ۽ الطاف جوکيي (14) جي تحقيق موجب اهڙي ڳالهه مسلّم آهي. ها، جيڪڏهن ’س‘ ضميري پڇاڙي متڪلم لاءِ ڪم آڻجي ٿي ته ان صورت ۾ ’مان/ آئون‘ جو استعمال لازمي ٿئي ٿو.
جڏهن ته صاحب موصوف ’م‘ضميري پڇاڙي متڪلم لاءِ پڻ ڪم آڻي چڪو آهي؛ جيئن:
”رڙهندو وڃي ويجهو پهتم.“
فليش فڪشن جي اصل سونهن اختصار ۽ محدود لفظن جو ڳاڻيٽو آهي. مذڪوره ڪهاڻيءَ ۾ ڪل 289 لفظ ڪتب آندا ويا آهن، ان صورت ۾ مونجهارو اهو ٿو رهي ته ان مختصر- مختصر ڪهاڻيءَ کي فليش فڪشن جي ڪهڙي صنف ۾ آڻجي!
فليش فڪشن جي حوالي سان هيءَ بهتر ابتدائي ڪوشش آهي، ليڪن جيسيتائين اهڙي ادب تي معياري تنقيد نه ٿيندي، تيسيتائين معياري ادب سرجي نه سگهندو.
ٻه سو لفظن تائين بيهارڻ:
مٿين مختصر- مختصر ڪهاڻيءَ 289 لفظن تي مشتعمل آهي، جنهن کي گهڻي ڀڃ ڊاهه سواءِ، آسانيءَ سان 200 لفظن ۾ آڻي سگهجي ٿي:
”مان روپا ماڙيءَ جو رستو پڇائيندي رڻ ۾ نڪتس، پري کان سائو مقبرو نظر آيو. ڪلراٺي رستي سان نه ماڻهو نه پاڇو. مقبرو دودي جي ارڏائپ جيان هو. جڏهن پٺئين پاسي ڦٽل آثار ڏٺم ته روپاماڙيءَ جو تصور ڀورا ٿي ويو،
دروازو کولي گهڙي پيم، اُڀي، شانائتي قبر سورهيه مڙس کي ٻکي رکيو هو. عقيدت وچان هٿ لاهڻ چاهيم ته ڪڙڪيدار آواز ڇرڪايو. ”متان هٿ لاٿو اٿئي!“ پوئتي نهاريم ڪو نظر نه آيو، ڊوڙي دروازي تي آيم، ڪوئي نه هو. حيران ٿيم ته ڪنهن جو آواز هو.“ ڪير ۽ ڪيئن ڀلجي هيڏي آيو آهين؟ ”ڇرڪندي پوئتي نهاريم ته قبر مان آواز آيو. گهٻرائيندي ٻڌايم، ”مان ڌرتيءَ جو خادم ۽ هن سورهيه جي حاضري ڀرڻ آيو آهيان.“ ”واپس وڃ!“ ”ڇو وڃان...؟؟ توهان ڪير؟“ ”مان دودو آهيان!“
تاڪ لڳي ويا، حيرت ۽ همت سان چيم: ”فخر جهڙي ڳالهه ته توهان مون سان مخاطب آهيو!“
”مان ستل ذهن ۽ ضمير واري قوم جو فخر ٿيڻ نه چاهيو هو، جيڪي سورهين کي رڻ ۾ رکن، ان قوم جو سورهيه سڏرائڻ نه چاهيندس؛ هليو وڃ!“ ”دودا! ائين نه ڪر!“
”توکي چيم ته واپس وڃ ۽ سڀني کي ٻڌائي ڇڏ ته توهان وارو دودو مري ويو، هاڻي فقط سومرن جو پير آهيان.“
هن مختصر- مختصر ڪهاڻيءَ ۾ ضميري پڇاڙين سميت لفظن جو ڪل تعداد 200 بيهاريو ويو آهي.
ڊرئبل (Drabble) صورت ۾:
ساڳي مختصر- مختصر ڪهاڻيءَ کي جيڪڏهن ڊرئبل (Drabble) جي فارميٽ ۾ آڻجي ته ان جي گهرج سؤ لفظن تائين آهي، لفظن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي جي باوجود ان مختصر- مختصر ڪهاڻيءَ جو روح برقرار رهندو: جيڪا هن هيٺين ريت بيهندي
رڻ ۾ روپاماڙيءَ جو پڇائيندي، دودي جي قبي تائين پهتم. آثار ڏسي روپاماڙيءَ جو تصور ٽُٽي پيو. مقبري ۾ سورهيه قبر جي ٻک ۾ هو. عقيدت ساڻ هٿ لاهڻ چاهيو ته آواز آيو. ” متان…!“
ٻاهر آيم، ڪوئي نه هو!
”ڪير… ڇو هتي؟“ ٻيهر آواز.
”مان ڌرتيءَ جو خادم ۽ سورهيه جي حاضري ڀرڻ آيو آهيان.“
”واپس وڃ!“
”ڇو، توهان ڪير؟“
”مان دودو آهيان!“:
”فخر آهي ته مونسان مخاطب آهيو!“
”سورهين کي رڻ ۾ رکندڙ قوم جو فخر ٿيڻ نه چاهيندم“
”دودا! ائين نه ڪر!“
”وڃ، توهانجو دودو مري ويو، مان هاڻي فقط سومرن جو پير آهيان.“
ڊرئيبل (Dribble) صورت ۾:
ساڳي مختصر- مختصر ڪهاڻيءَ کي جيڪڏهن ڊرئيبل (Dribble) جي فارميٽ ۾ سمائجي ته ان کي پنجاهه لفظن تائين محدود ڪرڻو پوندو. ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال سامهون رکندي اهڙي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي: رڻ ۾ روپاماڙيءَ جو پڇائيندي، دودي جي قبي تائين پهتم. روپاماڙي ساڳي نه هئي.
بٺي، ڇهڻ چاهيم ته ڪڙڪو ٿيو: ”متان…“
ڊڄي پڇيم “ڪير؟“
”مان دودو، تون…؟“
”حاضري لاءِ آيو هئم!“
”هليو وڃ!“
”پر ڇو؟“
”زنده قومون سورهين کي رڻن ۾ ناهن رولينديون، مان هاڻي فقط سومرن جو پير آهيان!“
فليش فڪشن ۾ اصل ڳالهه لفظن جو محتاط استعمال آهي، هن قسم جي ادب ۾ لفظن جي تمام گهڻي اهميت ٿئي ٿي، ان ڪري هر لفظ ڪتب آڻڻ کان اڳ نهايت خبرداريءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. مطلب ته ڄاڻايل مختصر- مختصر ڪهاڻيءَ جي ساڳئي خيال کي پنجاهه لفظن کان هڪ هزار لفظن جي مختلف فارميٽن ۾ آڻي سگهجي ٿو؛ جهڙوڪ:
شارٽ-شارٽ اسٽوري (هڪ هزار لفظن کان گهٽ لفظن جي ڪهاڻي)
ويري شارٽ اسٽوري يا ونئيٽ (منظرن کي مرڪوز ڪندڙ، هزار لفظن کان گهٽ ڪهاڻي)
سڊن فڪشن (ست سو پنجاهه لفظن تي ٻڌل ڪهاڻي)
مائڪرو اسٽوري (ٽي سو لفظن کان گهٽ ڪهاڻي)
نينو اسٽوري (ٻه سو پنجاهه لفظن کان گهٽ ڪهاڻي)
ڊرئبل (سو لفظي ڪهاڻي)
ڊرئيبل (50 لفظي ڪهاڻي)

نتيجو/ مشورا:
‘فليش فڪشن ۾ ضميري پڇاڙين جو ڪارج’ جي اڀياس مان هيٺيان نتيجا ظاهر ٿيا آهن، جن کي نُڪتن ۾ رکجي ٿو.
 فليش فڪشن، مختصر ۽ محدود لفظن تي مبني هوندو آهي.
 فليش فڪشن جي ڇٽيءَ هيٺ شارٽ-شارٽ اسٽوري، ويري شارٽ اسٽوري يا ونئيٽ، سڊن فڪشن، مائڪرو اسٽوري، نينو اسٽوري، ڊرئبل، ڊرئيبل وغيره جون صنفون اچي وڃن ٿيون.
 فليش فڪشن جي اهم خاصيت اختصار آهي، اهڙي صورت ۾ ضميري پڇاڙيون جملن کي مختصر ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون.
 سنڌي فليش فڪشن ۾ ضميري پڇاڙين جي درست استعمال تي توجه ڏيڻ گهرجي.
 سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيل فليش فڪشن تي، لفظن جي ڳاڻيٽي جهڙي اهم معيار تي ڌيان ڏيڻ جي راءِ رکجي ٿي.
 فليش فڪشن ۾ ضميري پڇاڙين ذريعي، لفظن جي ڳڻپ جي بنياد تي، ڪنهن به مرڪزي خيال رکندڙ ڪهاڻيءَ کي مختلف گهاڙيٽن (Forms) ۾ سمائي سگهجي ٿو.
 فليش فڪشن ۾ نه رڳو وڏن پر ٻاراڻي ادب لاءِ پڻ ساڳيا معيار رکي سگهجن ٿا؛ جهڙوڪ پڙهڻ(Reading) واري مهارت تحت هڪ منٽ ۾ پڙهجندڙ سٺ لفظن جي آکاڻي!
حوالا
1. Graham (March 8, 2013). "Flash fiction - all you ever wanted to know, but were afraid to ask...". The Bridport Prize. Accessed on April 19, 2017. https://en.wikipedia.org/wiki/Flash_fiction
2. Do
3. جوکيو، ڊاڪٽر الطاف. ’معذرت سان‘ (پيش لفظ). ٺاروشاه: علي پرنٽرس اينڊ پبليشرز. 2016. ص. 07
4. ڪوهيار، منظور. ڀؤنرن جي انتظار ۾ (مهاڳ). قنبر: ڪنول پبليڪيشن. 2014ع. ص: 16.
5. ٽرمپ، ارنيسٽ، ڊاڪٽر. سنڌي ٻوليءَ جو گرامر. مترجم: امجد سراج ميمڻ. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي. 2011ع. ص: 163
6. جوکيو، ڊاڪٽر الطاف. سنڌي ٻوليءَ ۾ ضميري پڇاڙي ‘م’ ۽ ‘س’ جو تنقيدي اڀياس. ڪلاچي، تحقيقي جرنل، ايڊيٽر: پروفيسر سليم ميمڻ. ڪراچي: شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي. 2016ع. ص: 81- 106.
7. فهميده حسين، ڊاڪٽر. نيويارڪ جا رنگ. ڄامشورو: سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ. 2012ع. ص: 52
8. جوکيو، الطاف حسين. سنڌي وياڪرڻ- ضمير ۽ ان جي قسمن جو تنقيدي جائزو. سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل. ايڊيٽر: تاج جويو. حيدرآباد: سنڌي لئنگيج اٿارٽي. مارچ 2013ع. ص: 45- 90.
9. حوالو مٿيون ساڳيو.
10. حوالو مٿيون ساڳيو.
11. حوالو مٿيون ساڳيو.
12. ڪوريجو، عباس. پنهنجي ڌرتي. قنبر: ڪنور پبلڪيشن. 2014ع. ص: 63.
13. ٽرمپ، ارنيسٽ، ڊاڪٽر. حوالو ساڳيو.
14. جوکيو، الطاف حسين. سنڌي وياڪرڻ- ضمير ۽ ان جي قسمن جو تنقيدي جائزو. حوالو ساڳيو.
750 ڀيرا پڙهيو ويو