عالمي تبديلين جي منظر نامي ۾ مرزا قليچ بيگ جو ڪردار
(The Role of Mirza Qalich Baig in Changing World Perspective)

پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ
Abstract:

Mirza Qalich Baig is renaissance character of Sindh, when British rulers invaded Sindh in 1843 AD, they started to spread modern academic knowledge in Sindh, basically it was period of modern philosophies and revolutions throughout the world.
In this period Sindh was getting reforms and infrastructure replaced outmoded, and unscientific methods besides these conventional methods were getting new phase. Mirza Qalich Baig started to transfer scientific knowledge into Sindhi language by translating many books on different subjects. Mirza Qalich was inspired from English literature, especially William Shakespeare and Francis Bacon. Therefore he translated their significant works in Sindhi language.
Mirza Qalich Baig was also inspirited with liberal feminism which was started by John Stuart Mill in second wave of feminism. We find him as thought-provoking about women freedom in his novel ‘Zeenat’ where Mirza Qalich Baig presented an ideal character of Sindhi woman; Mirza Qalich Baig chose a character which was dire need of time in Sindhi society. His mission was to transfer knowledge and literature into Sindhi language.
Mirza Qalich Baig was also a poet. He was greatly inspired by mysticism; that is the original thought of Sindh; Mirza in subjective life was follower of Sindhi philosophy, he transferred the modern knowledge into Sindhi language.

جهڙيءَ طـرح يــورپ ۾ ســجاڳيءَ واري تــحــريــڪ جــو بنيــادي هيـــرو ’رين ڊيڪارٽ‘ هو، ساڳيءَ طرح اسان وٽ سنڌ جي سجاڳيءَ واري دور جو بنيادي هيرو، مرزا قليچ بيگ هو . رين ڊيڪارٽ، ثنويت پسند Dualistic)) هو ، هُن مادي دنيا ۽ ذهن جي دنيا کي الڳ الڳ خانن ۾ ورهايو. مادي دنيا کي سمجهڻ جا ذريعا عقل، حواس ۽ تجربو هئا، جن جي بنياد تي سائنسي علم وجود ۾ آيا. ذهن جي دنيا کي سمجهڻ لاءِ وجدان Intuition)) ۽ مراقبو Meditation)) مُک ذريعا هئا. يورپ جا سڀئي علم، ڊيڪارٽ جي بنيادي فلسفي ’شڪ‘ (Skepticism) ۽ ٻه واٽي فڪر (Dualism) جي پيداوار آهن، پر سنڌ ۾ اُن وقت اڃا دنيا جي حقيقتن کي پروڙڻ جو ذريعو عقل جي بنياد تي نه هو، جنهن ڪري هر ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ روحانيت يا ڪنهن معجزي جو سهارو ورتو ويندو هو. يورپ ۾ اڳتي هلي عقل جي بنياد تي ادب جي ڪلاسيڪل تحريڪ وجود ۾ آئي، گڏوگڏ فطرت ۽ جذبات جي بنياد تي ادب جي رومانوي تحريڪ جنم ورتو، داخليت جي بنياد تي وجوديت جنم ورتو ۽ سائنس جي بنياد تي ادب جي مارڪسي تحريڪ نروار ٿي. جڏهن يورپ ۾ عقل ۽ ڏاهپ جي تحريڪ اونداهي دور کي ختم ڪري رهي هئي ته ان وقت سنڌ ۾ وري توهم پرستيءَ ۽ پيري مريديءَ کان علاوه ڌارين حمله آورن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ کي تباهيءَ ڪناري پهچائي ڇڏيو هو، هڪ طرف جاگيرداراڻي سماج ۾ وڏيرا شاهي، ٻئي طرف ارغونن، ترخانن، مغلن، پورتگالين ۽ افغاني پٺاڻن جي سنڌ تي يلغار جاري هئي، جنهن سبب سنڌي ماڻهن کي عقل يا تجربي ۽ شڪ جي بنياد تي ڪابه ڳالهه سوچڻ جو موقعو نه ٿي مليو. هونئنءَ به ننڍي کنڊ جي روايتن مطابق سڀني علمن کي روحانيت جي تناظر ۾ ڏسڻ سبب عقلي ۽ سائنسي قدرن جو رجحان پيدا نه ٿيو هو. موهن جي دڙي کان پوءِ سنڌ ۾ تهذيبي استحڪام (Stability) ڪٿي نظر نٿو اچي.
”جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته هنن پنهنجا عقلي، سائنسي، سماجي ۽ سياسي بنياد به هتي منتقل ڪيا، جيتوڻيڪ هتي انگريزن جو مقصد آبادياتي نظام ذريعي ڦُـر لُٽ ڪرڻ ۽ دنيا کي مارڪيٽ ٺاهڻ هو“ ( )
هر نئين نظام جا ٻه دور ٿيندا آهن، شروعاتي دور ترقي پسند ٿيندو آهي، ان وقت ان نظام جي ضرورتن مطابق ترقيءَ جا نوان رستا کلندا آهن، سو هتي به سرمائيداريءَ جو به پهريون دور ڏاڍو ترقي پسند هو ، ان نظام جي ضرورت هئي ته روڊ رستا ٺهن، آمدورفت جو نظام ٺهي، ٽپال کاتو، روينيو کاتو، ابلاغي نظام، جديد تعليم، صحت جو بهتر جديد نظام وغيره اهي سڀ اُن وقت انهيءَ نظام جون ضرورتون هيون، جاگيرداريءَ جهڙي بيٺل سماج ۾ اهڙيون تبديليون وڏي انقلاب کان گهٽ نه هيون.
مرزا قليچ بيگ اهڙي دور ۾ اکيون کوليون ، جڏهن سنڌ ۾ تبديليون اچي رهيون هيون، اهو سنڌ جو سجاڳيءَ وارو دور هو ، جنهن ۾ پهرين ڀيرو سائنسي بنيادن تي تبديليون اچي رهيون هيون ، سوچ تبديل ٿي رهي هئي ، هونءَ به سنڌ کي هڪ سٺي نظام، قانون، علم ۽ عقل جي ضرورت رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سٺي حڪمراني (Good Governance) ئي ترقيءَ جو بنياد آهي، اُن وقت مرزا قليچ بيگ وٽ ٻه رستا هئا يا ته هو سياست ڪري ۽ انگريزن خلاف تحريڪ ۾ شامل ٿئي ۽ ٻيو رستو اهو هو ته علمي رستو وٺي ۽ سنڌي ماڻهن ۾ شعور ڦهلائي، يورپ جي سجاڳيءَ ۽ جديديت واري وهڪري ۾ سنڌين کي به شامل ڪري. مرزا صاحب اُن ٻئي رستي يعني علم، شعور ۽ آگاهيءَ واري رستي جي چونڊ ڪئي، جيڪو جٽادار آهي، جنهن جي سنڌ کي ضرورت هئي.
ان وقت عالمي طور ريئلزم (Realism)؛ فيمينزم (Feminism)؛ ترقي پسندي (Progressivism) ۽ قومي سرمائيداري (National Capitalism) جهڙيون تحريڪون هلي رهيون هيون، يورپ جديد دور ۾ داخل ٿي چڪو هو، ٻئي طرف سرمائيداري نظام جي خلاف ڪارل مارڪس (Karl Marx 1818-1883) معاشيات جو هڪ نئون نظام متعارف ڪرائڻ لاءِ داس ڪيپيٽل (Das capital) 1867- 1883)) تخليق ڪري رهيو هو ، هوڏانهن 1871ع ۾ ’پيرس ڪميون‘ جيڪو 70 ڏينهن هليو، پر دنيا ۾ هڪ پهريون تجربو ڪميون نظام جو اهو ٻڌائي رهيو هو ته دنيا ۾ اڃا وڏي تبديلي ايندي.
هندستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي . هوڏانهن ڪمال اتاترڪ سيڪيولر ۽ لبرل تُرڪيءَ جو بنياد رکي رهيو هو.
مرزا قليچ بيگ يقيناً اهڙين تحريڪن کان با خبر هوندو ، پر مرزا صاحب انگريزي ادب کان وڌيڪ متاثر نظر اچي ٿو، ساڳئي وقت لبرل ازم ۽ جديديت کي قبول ڪندي جان اسٽورٽ مل (20 May 1806 – 8 May 1873 John Stuart Mill )) جي لبرل فيمينزم کان به متاثر نظر اچي ٿو، جنهن جو واضح ثبوت اسان کي سندس ناول ”زينت“ ۾ نظر اچي ٿو ، جنهن ۾ مرزا صاحب هڪ سنڌي عورت جي ذهن ۾ ’جديد دور ڪهڙو هئڻ گهرجي‘ جو نقشو چٽيو آهي. سنڌي ماڻهو ان وقت پوئتي هو ۽ عالمي تبديلين کان واقف نه هو . سنڌي ماڻهو پنهنجي ديس، ٻوليءَ، قوميت ۽ ثقافت کي علمي ۽ عالمي طور مڃائي نه سگهيو هو.
جارج اسٽئڪ چيو هو ته ” کيس سنڌ ۾ هڪ به شخص نه مليو جنهن کي پنهنجي مادري زبان جي ويا ڪرڻ جي ڄاڻ هجي ۽ هو سنڌي ٻوليءَ جي لساني خوبين کان واقف هجي”) (
سنڌي ماڻهو پنهنجي لوڪ ادب ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۽ صوفي مت جي روحاني رازن کي نسل در نسل منتقل ڪندو رهيو، پر باقي جديد سائنس، عقلي بنيادن ۽ عالمي اٿل پٿل کان اڻ واقف هو.
مرزا قليچ بيگ ان وقت عالمي ادب ۽ عالمي موضوعن کي سنڌ ۾ متعارف ڪرائڻ شروع ڪيو، خاص طور سان ان وقت ٻن انگريز ليکڪن کان مرزا صاحب متاثر نظر اچي ٿو جيڪي ساڳئي دور جا روح روان هئا هڪ ’شيڪسپيئر‘ ٻيو ’فرانسز بيڪن‘ ٻنهن جو دور ساڳيو هو يعنيٰ همعصر اديب مرزا صاحب، شڪسپير جا اهم ڊراما ترجمو ڪيا، ساڳئي وقت مضمون جي صنف ۾ مرزا صاحب فرانسز بيڪن جو مضمونن جو ڪتاب bacon's essays جو ترجمو “مقالا ت الحڪمت ”جي نالي سان ڪيو هن ڪتاب جي وڏي اهميت آهي. هڪ ته زندگيءَ سان لاڳاپيل هر موضوع هن ڪتاب ۾ زير بحث آيل آهي ٻيو ته اهڙا حڪمت وارا نُڪتا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري مرزا صاحب سنڌي ماڻهن کي علمي طور دنيا سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. مرزا صاحب هن ڪتاب جي پيش لفظ ۾ چوي ٿو:
”هن ڪتاب ۾ حڪمت جا مقالا ۽ فلسفي جا خيال ڏنل آهن. جيتوڻيڪ عقل ۽ سياڻپ جون ڳالهيون ڪتابن ۾ هيڏي هوڏي پکڙيل ملي سگهنديون، مگر اهڙا ڪتاب جن ۾ اهي سڀ ڪن چونڊيل مضمونن تي گڏ لکيل هجن، سي خاص سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿورا آهن يا مور ڪِينهن. سڀني سڌريل ٻولين ۾ اهڙا ڪتاب سدائين پيا جڙن، جتي ماڻهو پنهنجا ڪتاب جوڙي نٿا سگهن اتي ٻين ٻولين جي ڏاهن جا ڪتاب جوڙيا آهن، سي پنهنجي ٻوليءَ ۾ آڻيو انهن مان فائدوٺن ٿا“.) (
مرزا صاحب 62 ڪتاب صرف انگريزيءَ مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيا، جن ۾ تاريخ، فلسفو ۽ ناول جهڙا موضوع شامل هئا. پاڻ طبعزاد ڏهه ناٽڪ، 12 ناول ان کان علاوه مذهب، اخلاق، تعليم، سنڌي وياڪرڻ ۽ شاهه لطيف جي سوانح حيات لکيائين) (.
مرزا قليچ بيگ سنڌي نثر کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، مرزا صاحب جي شخصيت جا ٻه اهم پهلو اسان جي سامهون اچن ٿا . هڪ سندس شخصيت جو معروضي پهلو ۽ ٻيو سندس شخصيت جو داخلي پهلو. معروضي حصي ۾ هو نثر نگار هو، جنهن ۾ هو شيڪسپئر، وڪٽر هيوگو، فرانسز بيڪن جهڙن اديبن کي ترجمو ڪري رهيو هو. ساڳئي طبع زاد ناول لکي سنڌ ۾ جديد ادبي صنفن کي متعارف ڪرائي رهيو هو، سندس ترجما ڏسي ڪير به اهو نٿو چئي سگهي ته اهي ترجما آهن يا طبع زاد تنهن ڪري ئي جامي چانڊيي انهيءَ کي طبع زاد ترجمو چيو آهي.) ( مرزا صاحب کي هڪ ئي وقت ڪيترين ٻولين تي دسترس حاصل هئي، کيس فارسي، عربي ۽ انگريزيءَ تي مڪمل عبور حاصل هو.
مرزا قليچ بيگ جو داخلي پهلو سنڌ جي حقيقي فڪر سان ۽ مزاج سان جڙيل آهي، جنهن ۾هو شاعر آهي، معروضيت ۾ هو جديد دور جي عڪاسي ڪري ٿوته داخليت ۾ وري صوفي منش آهي، يعني مرزا صاحب جديد علمن سان سنڌ کي متعارف ته ڪرائي ٿو پر اخلاقي، انساني طور ۽ مزاج ۾ هو سنڌ سان جڙيل آهي .
”ديوان قليچ“ جي مقدمي ۾ اجمل بيگ لکي ٿو ته:
”مرزا صاحب جي طرز زندگي انتهائي سادي ۽ بي تڪلف هئي، طبعيت ۾ انڪساري ۽ خلوص ، صداقت ۽ نيڪيءَ سان گڏ شرافت ۽ ظرافت موجود هئي. پاڻ پراڻي تهذيب ۽ جديد تهذيب جي وچ جي ڪڙي هئا“) (
مرزا صاحب پنهنجي سوانح حيات ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو :
”تصوف وارو مذهب ”صل ڪل“ جو سڀ کان بهتر آهي، جو نج اسلام آهي، جنهن ۾ اصلوڪا مذهب اچي وڃن ٿا ، جنهن موجب سڀ انسان فرق کان سواءِ هم مذهب ۽ ڀائر ٿي سگهن ٿا.“(7)
مرزا قليچ بيگ ”صل ڪل“ جو اصطلاح استعمال ڪيو آهي، جيڪو اڄ جي دنيا ۾ عالمي امن ۽ ڀائيچاري لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪيتريون عالمي تنظيمون پُـر امن عالمي ڀائيچاري لاءِ جاکوڙي رهيون آهن.
سنڌ جي صوفي مت جي اها اهم خاصيت آهي ته پڙهيل لکيل عالم هجي يا مذهبي ماڻهو، يا وري سادو ماڻهو هجي، سنڌ جو صوفي مت کيس موهي وٺي ٿو ، مرزا صاحب جو پيءُ جارجيا کان آيو هو، ان جو مطلب ته مرزا سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ ان خاندان جو پهريون نسل هو ، پر ايتروجلدي سنڌ جي ثقافت ۾ ۽ فطرت ۾ سمائجي ويو جو لڳي ٿو مرزا صاحب جو مزاج سنڌ جي صديون پراڻي ثقافت جو پڙاڏو هو.
مجموعي طور مرزا قليچ بيگ علم کي جنرلائيز (Generalize) ڪري سنڌي ادب کي ما لا مال ڪيو ۽ سنڌي ماڻهن کي علمي سگهه عطا ڪئي .







حوالا
1. مگسي، عبد الله، پروفيسر”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“ سنڌيڪا اڪيڊمي 1984ع ص 199
2. پتافي، شازيه ”سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر جي ارتقا“ (مونوگراف) نگران ڊاڪٽر فهميده حسين، ڪراچي يونيورسٽي ڊسمبر 2004 ص 31
3. مرزا، قليچ بيگ ”مقا لات الحڪمت“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد پهريون ڇاپو 1958ع ص 2
4. مرزا، قليچ بيگ ”سائو پنو يا ڪارو پنو“ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپو ٻيو 1988ع ص 10
5. چانڊيو ، جامي ، 05 آڪٽوبر2015 تي مرزا قليچ بيگ چيئر طرفان ٿيل پروگرام ۾ تقرير.
6. مرزا، قليچ بيگ ”ديوان قليچ“ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپو ٻيو 1981ع ص 02
7. مرزا، قليچ بيگ ”سائو پن يا ڪارو پنو “سنڌي ادبي بورڊ، 1988ع ص 95
680 ڀيرا پڙهيو ويو