سنڌو لکت ۽ ٻين قديم لکتن ۾ ھڪجھڙايون
(Similarities in the Indus Script & other ancient scripts)
شبير ڪنڀار
Abstract:
The “Indus Civilization” is known as the mother of the civilizations, but we don’t have enough knowledge about the everyday life of the ancient people like people of “Mohen-jo-Daro”. After the excavation of the Mohen-jo-Daro, we have found some historical material like the pottery, clay toys, jewelry, structure of the buildings, streets and well organized town, drinking water system and the sewerage system, etc. Still today we don’t have reliable knowledge and any evidence, from which we can find the historical facts, about social life of ancient people of Sindh.
Whereas the Indus Script [1] is concerned we have historical evidence available in the written form on the seals, but unfortunately it is un-deciphered yet. Dr Asko Prapola have made the corpus from the collection of Indus signs 1839 and mentioned it in his book (Deciphering of the Indus Script [2]). I have made digital format of this corpus, now it can easily be used with the computing devices. This is the 1st step of the programming [3] for the digital deciphering of the Indus Script.
No any “Rosetta Stone” [4] was found from this site for the support, but there is the way which will open the doors of the decipherment that what are the similarities of in the Indus Script and other ancient scripts [5], as Sir John Marshall mentioned in his book [6]. After digitization, it is possible now to find the similarities and it will open the door of research work, with the computer programs, so that we may find the way of the decipherment, and “the civilization once again, talk with us about its historical traditional values from the text”.
________________________________________
[1] The text written on the seals of Mohen-jo-Daro.
[2] Published by the Cambridge University in 1994.
[3] The language engineering for creating the software.
[4] The black stone found in text written in three scripts at a time.
[5] The ancient Chinese script, the ancient Egyptian script, etc.
[6] Mohen-jo-Daro and the Indus civilization
مُھين جي دڙي جي کوٽائيءَ مان مليل لکت کي ’سنڌو لکت‘ سڏجي ٿو. ھيءَ لکت، ٺِڪر ۽ ٽامي جي مُھرن تي وڏي تعداد ۾ لکيل ملي آھي، جڏھن ته ڪن ٺِڪر جي ٿانوَن تي اھڙيون مُھرون ٺپي وانگر لڳل پڻ مليون آھن، اهي مهرون اڪثر پڪل مٽيءَ (ٺِڪر) جون ٺھيل، ھڪ انچ چورس ماپ جون آھن، ان کان سواءِ مختلف ماپن ۽ شڪلين جون مُھرون پڻ مليون آھن، جنھن جي جدول پڻ جوڙيل آھي ، ان جدول ۾ هر مُهر جي ماپ؛ اها زميني مٿاڇري کان ڪيتري ھيٺ ملِي؛ ان جا قِسم؛ ڪھڙي مادي جي ٺھيل آھي؛ جتان ملي ان هنڌ/ سائيٽ جو نالو ۽ مُھر جو سيريل نمبر وغيره ڏنل آھي. ھن وقت تائين اھڙيون 6000 کان وڌيڪ مھرون ملي چڪيون آھن. جن کي سهيڙي، گهربل معلومات درج ڪئي وئي آھي، اکري حساب سان ھر ھڪ مھر تي گهٽ ۾ گهٽ 1 ۽ وڌ ۾ وڌ 12 نشانيون (اکر) لکيل مليا آھن.
سنڌو لکت جي ڳجهارت واري ڀڃڻي ڳولڻ يا ان لکت کي پڙھڻ لاءِ ڏيھي توڙي پرڏيھي عالمن تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آھن، پر ھيءُ سُٽ اھڙو ته مُنجھيل آھي، جو اڃا تائين سُلجھي نه سگھيو آهي يا ايئن کڻي چئون ته اڃا تائين سنڌو لکت جو ڪو ”روزيٽا اسٽون “ نه ملي سگهيو آھي، جنھن جي مدد سان دنيا جي ھيءَ شاھوڪار خاموش تھذيب، پنھنجي لکتن مان ٻيھر ڳالهائڻ شروع ڪري، پنھنجي شاندار تاريخ کان واقف ڪرائي.
جائزو وٺڻ سان پروڙ پوي ٿي ته سر جان مارشل، دڙي جي کوٽائيءَ کانپوءِ، 1931ع ۾"Mohen jo Daro and Indus Civilization" جي نالي سان ٽن جُلدن تي مشتمل ھڪ اھم تاريخي ڪتاب لکي، ھن قديم ورثي کي سھيڙيو، جنھن ۾ کوٽائيءَ بابت سربستو احوال، تصويرون، سائيٽ بابت نقشا وغيره پڻ شامل ڪيا اٿس. ڪتاب جي ليکڪ، مُھرن جون نمبرن سان تصويرون ۽ مھرن تان کنيل 288 نشانين جي فھرست تيار ڪري. انھن مان 22 نشانن کي 19 براھمي لکت جي نشانين سان ھيٺينءَ ريت ٺھڪندڙ ڏيکاريو آھي.
براھمي ۽ سنڌو لکت ۾ ھڪجھڙائي
¬¬
سر جان مارشل، توڙي جو سنڌو لکت جو لاڳاپو، براھمي لکت سان ڏيکاريو آھي ۽ ان تي پنھنجا ويچار پڻ ونڊيا آھن، پر ڪٿي به سنڌو لکت کي پڙھڻ جي دعوى نه ڪندي، اھو ڪم مستقبل جي کوجناڪارن تي ڇڏيو اٿس.
ڏيھي توڙي پرڏيھي عالمن ان ڏس ۾ انفرادي طور تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آھن، جن ۾ آسڪو پارپولا، جي آر ھنٽر، ايس. ايم. پونيڪر، فادر ھيرس، احمد حسن داني، ايس. ڪي. ري، راجيش رائو، ڪرشن رائو، سراج ميمڻ، عطا محمد ڀنڀرو وغيره شامل آھن.
1994ع ۾ فِنلينڊ جي ماھر، ڊاڪٽر آسڪو پارپولا، ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان "Deciphering of the Indus Script" جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو، جيڪو مھرن تي موجود نشانين جي فھرستن ۽ ڏسڻين تي مشتمل آھي، ڊاڪٽر پارپولا ھن ڪتاب ۾ مھرن تان اکر روڙي، جملي 1839 منفرد اکري نشانن تي مشتمل مڪمل ڪارپس جوڙي پڌرو ڪيو.
ڊسمبر 2016ع ۾ مون انھيءَ ڪارپس کي ڪمپيوٽر تي ٻولين جي بنيادي ڍانچي طور ڪتب آڻڻ جي خيال سان، يونيڪوڊ جي PUA جي ڪوڊنگ ڪتب آڻي نشانين/اکرن جي ڊجيٽائيزيشن تي ڪم ڪري فونٽ جوڙيو، جنھن جي ويب ايمبيڊنگ ۽ انجينئرنگ امر فياض ٻرڙي ڪئي، اهو ڪم، ڪليم الله لاشاريءَ جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ٿيو، جيڪو مُھين جي دڙي جي ويبسائيٽ تي ڊائونلوڊنگ لاءِ پڻ موجود آھي.
سنڌو لکت فونٽ جي ڪوڊنگ
سنڌو لکت فونٽ جو ڏيک
ھن وقت جڏھن دنيا جون قديم لکتون: چيني، مصري ۽ ميسوپوٽيمين پڙھجي چڪيون آھن ۽ اڳ جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ وسيلا ۽ سھولتون پڻ وڌيڪ آھن، ته اسان کي سنڌو لکت جا لڳ لاڳاپا/پيرا دنيا جي اھڙين قديم لکتن ۾ ضرور جانچڻ گهرجن. ان خيال سان جڏهن انھن لکتن جو جائزو ورتو ته اسان کي سنڌو لکت جون مصري لکت سان اکري ھڪجھڙايون ھيٺينءَ ريت نظر آيون:
مصري ھائرو گلفس ۽ سنڌو لکت ۾ ھڪجھڙائي
مصري لکت ’ھائروگلفس‘سان ھڪجھڙائيءَ جي ڀيٽ ڪرڻ سان، پروڙ پوي ٿي ته ڳاڻيٽي جي نظام لاءِ ڪتب ايندڙ نشانين جھڙيون ھُوبھُو نشانيون سنڌو لکت ۾ موجود آھن؛ جيڪي ھيٺيئن طرح سان مختلف مھرن تي لکيل مليون آھن:
مصري ۽ سنڌو لکت ۾ انھيءَ ھڪجھڙائيءَ جي ڪري جيڪڏھن اسان انھن ساڳين نشانين جو ساڳيو مُلهه ڪٿي، انھن ليڪن جھڙين نشانين کي انگي سرشتو مڃي اڳتي وڌون ٿا ته ان حوالي سان سنڌو لکت، مصري لکت کان ڪنھن حد تائين جداگانه ڳاڻيٽي جو نظام ڏيکاريندي نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته مصري لکت جا بنيادي انگ 10 ملن ٿا (ھڪ کان نون تائين الف جي اڌ جيتريون سڌيون اُڀيون ليڪون ۽ ڏھن جي لاءِ رومن ابتي يو ( ) جي نشاني مقرر آھي ۽ سنڌو لکت ۾ پڻ ساڳي نشاني ( ) ملي ٿي، پر وسارڻ نه گهرجي ته سنڌو لکت ۾ وري ھيءُ نظام، انگن جي بنيادي اُڀين ليڪن کي استعمال ڪندي 10 تي نٿو بيھي پر لاڳيتو ٻارنھن تائين وڃي ٿو؛ ٻارنھن جي تعداد واريون سنڌو لکت جون ھيٺيون انگي نشانيون ڏسو:
ھاڻ جيڪڏھن مصري لکت سان ملندڙ ھن ( ) نشانيءَ کي ڏھن جي نشاني مڃجي ته پوءِ 12 لاءِ لکيل مٿيون نشانيون ائين نه ھجڻ کپن؛ پر ٻارنھن انگن ۾ ھينئن ” “ لکڻ گهرجن. سنڌو لکت جي ڀڃڻيءَ جي حوالي سان سراج صاحب پنھنجي ڪتاب “(HI)STORY OF SINDH & SINDHI LANGUAGE” ۾ ڪيل ڇنڊ ڇاڻ ۾ ” “ نشانيءَ کي ڏھن جي نشاني مڃي ٿو، ان موجب 12 ھينئن ” “ لکبو. پر ان سموري ڪارپس ۾ ڪٿي به مٿئين ٻنھي طريقن موجب 12 لکيل نه مليا آھن، جنھن مان قائم ڪيل ٻنھي گمانن جي تصديق نٿي ٿئي. ان کانسواءِ جڏھن انگي سرشتي جو غور سان جائزو وٺجي ٿو ته ” “ نشانيءَ کي پڻ اھم حيثيت حاصل آھي، جيڪا مختلف جاين تي انگن يا ڪنھن ٻيءَ شيءِ جو پاور وڌائڻ لاءِ ڪتب آيل ڏسجي ٿي، ڏسو:
نه رڳي اھو پر، انگي لکتن ۾ سان سلهاڙيل ھيٺيون نشانيون پڻ پنھنجي پاڻ ۾ ڪو وڏو عددي مفھوم رکن ٿيون، جنھن تي پڻ غور ڪرڻ جي ضرورت آھي:
ڪو نتيجو ڪڍڻ يا ڪا راءِ قائم ڪرڻ کان اڳ، اسان کي ٻيھر سڄي اسڪرپٽ ۾ موجود، انگي ۽ اکري نظام جي ٻيھر ڊجيٽل بنيادن تي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي؛ گڏوگڏ چين جي قديمي لکت جيڪا ھڏن تي لکيل ملي آھي، کي پڻ ڌيان ۾ رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اھا لکت 4 ھزار سال قديم ۽ مھين جي دڙي واري دؤر جي ويجهي ۾ ويجهي قديم لکت آھي. اسان جي ان ڏس ۾ واسطيدارن چيني انتظاميه سان مڪمل اسڪرپٽ جي لاءِ لکپڙھ جاري آھي؛ (ڪا مثبت موٽ اچڻ تي سڄي اسڪرپٽ کي ڀيٽي اھڙي رپورٽ تيار ڪري پيش ڪرڻ جي رٿا پڻ رکون ٿا) ھيستائين مليل قديم چيني لکت مان چند اکر ھيٺ ڏجن ٿا، توڙي جو اھي اکر صدين جي سفر سبب قديم لکت جي ڀيٽ ۾ پنھنجون شڪليون ڪنھن حد تائين تبديل ڪري چڪا آھن، پر تنھن ھوندي به انھن کي جڏھن غور سان ڏسجي ٿو ته سنڌو لکت سان تمام گهڻي ھڪجھڙائي رکندڙ ڀانئجن ٿا:
ڪمپيوٽر وسيلي قديم لکت جي ڀاڃ
ڪمپيوٽر تي ڪو به لکتي ڪم ڪرڻ لاءِ اسڪرين تي جيڪو اکري ڏيک ظاھر ٿيندو آھي، ان جي پويان ڪوڊنگ ھوندي آھي، جيڪا گهربل اکر کي اسڪرين تي سڏڻ/ڳولڻ توڙي ڏيکارڻ لاءِ ڪم ڪندي آھي، انھيءَ ڪوڊنگ جي بنياد تي ئي ڪِي بورڊ ۽ فونٽ تيار ڪيا ويندا آھن. اسان سنڌو لکت کي اڃا تائين پڙھڻ ۾ جيتوڻيڪ اڃا ڪامياب نه ٿي سگهيا آھيون، پر ان ڏس ۾ ڪوششون جاري آھن. نظر ڊوڙائڻ سان پروڙ پوي ٿي ته راجيش رائو کان سواءِ، اڃا تائين ڪنھن به ماهر ھن ڏس ۾ ڪمپيوٽر کي ڪتب نه آندو آھي ۽ راجيش رائو به اڃا تائين مھرن جي تصويرن کي ڪتب آڻي اهو وائکو ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آھي ته انهن نشانين ۾ ھڪ اھڙي ترتيب/ نظام موجود آھي، جيڪو ڪنھن ٻوليءَ کي لکڻ لاءِ گهربل ھوندو آھي. جنھن جي بنياد تي اھي سڀ نظريا رد ٿيا آھن، جن ۾ چيو پئي ويو ته: ”پڙھجڻ جون لڳاتار ڪوشش ناڪام ٿيون آھن، تنھن جي معنىٰ ته ھيءَ ڪا لکت آھي ئي ڪانه پر رڳو نشانيون آھن“. بيشڪ اها راجيش رائو جي تمام وڏي ڪاميابي آھي، جنھن سان سنڌو لکت جي پڙھڻيءَ تي جاري ڪوششن لاءِ رستا ڪشادا ٿيندا.
جيئن ته ھيءُ ڪم تمام ڳوڙھو، گهڻ وقتي ۽ ورچائيندڙ پورھيو آھي، تنھنڪري ان کي ڪرڻ لاءِ وڏو وقت ۽ تمام گهڻي اڀياس جي ضرورت آھي. آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏھن سوچي سمجهي ھن رٿا سان چاھ رکندڙن گهڻ اڀياسي سڄاڻ کوجناڪارن ۽ انتھائي ذھين ڪمپيوٽر پروگرامر/سافٽويئر ڊولپرس تي مشتمل ڪو سَٿ جڙي پوي ته ھن ڏس ۾ ڪو دڳ ڳولي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ھينئر تمام تيز رفتار ڪمپيوٽر مارڪيٽ ۾ اچي ويا آھن، جن جي استعمال سان ڪمن جي رفتار پڻ وڌي وئي آھي، رڳو ضرورت آھي انھن کان بامقصد ۽ وقتائتي ڪم وٺڻ جي. سنڌو لکت جو فونٽ اچڻ سان سنڌو لکت جي ڊجيٽائيزيشن جي ڪم جو بنياد پيو آھي. جنھن کانپوءِ سنڌو لکت ڪمپيوٽر تي اکري لحاظ کان سافٽويئرس، ويب سائيٽس، ويب بلاگز توڙي ٻين ڪمن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته ھاڻ ڪمپيوٽر سنڌو لکت جي نشانين کي ٻين ٻولين جي اکرن وانگر اکر طور سڃاڻي ٿو، تنھنڪري ۽ ھن وقت ٻولين لاءِ ٿيندڙ سڀئي ڪم سنڌو لکت وسيلي پڻ ڪرڻ ممڪن آھن، جنھن مان اھو فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو ته، ڪمپيوٽر پروگرامر/سافٽويئر ڊولپر، ھنن اکري نشانين کي ڪتب آڻي مختلف لاجڪس تحت پروگرام/سافٽويئر جوڙين ۽ انھن کي ڪتب آڻيندي نه رڳو سنڌو لکت تي ھيستائين ڪيل ڪمن کي چڪاسي پرکي سگهجي ٿو، پر نيون کوجنائون، نوان خيال پڻ گهڙي کن ۾ پرکي سگهجن ٿيون.
ڪمپيوٽر وسيلي ڀڃڻيءَ جو طريقو
اسان جڏھن ڪمپيوٽر وسيلي سنڌو لکت جي ڀڃڻي ڳولينداسين ته ان لاءِ ڪيترائي طريقا ٿي سگهن ٿا، جن مان اُلٿو (Transliteration) وارو طريقو بيحد ڪارائتو نظر اچي ٿو، جنھن موجب ھرھڪ نشانيءَ جو موجوده لکت موجب مُلهه ڪٿي يا ڀڃڻي ٺاھي، ان جي تاڃي پيٽي کي پروگرامنگ جو حصو بڻائي گهربل فارميٽ ۾ محفوظ ڪبو ۽ پوءِ سنڌو لکت جي مھرن تي لکيل اکرن کي پنھنجي ترتيب موجب داخل ڪري ڪميپوٽر پراسيسنگ وسيلي تمام ٿوري وقت ۽ محنت سان، ڪٿيل مُلهه يا ڀڃڻيءَ تحت، نتيجا حاصل ڪري اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
ھن ڪم کي وڌيڪ سولو بڻائڻ لاءِ تمام ضروري آھي ته ھيسيتائين مليل مڙني مُھرن جي بيحد خبرداريءَ سان هڪ فھرست (ڊجيٽل انڊيڪس) جوڙجي ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر آسڪو پارپولا جي ڪارپس تحت جوڙيل سنڌو لکت وارو فونٽ جملي 1839 اکرن جو مجموعو آھي، جنھن ۾ سڀيئي اکر پنھنجي جدا جدا شڪل سان جدا جدا ڪوڊ تحت پنھنجي انفرادي حيثيت سان موجود ته آھن پر انھن کي مھرن تي لکيل ترتيب موجب استعمال ڪرڻ جو ڪو سولو طريقو موجود ناھي ۽ ٻيو ته ھرھڪ جي رسائي به سڀني مھرن تائين ناھي ۽ منھنجي معلومات موجب ھن مقالي لکجڻ تائين آن لائن اھڙي ڪا به سھوليت ميسر ڪانھي، جتان سڀني مھرن بابت ڪو ڊجيٽل فائل ملي پوي. تنھنڪري اھڙي فھرست جڙڻ کانپوءِ اسان وٽ مھرن تي لکيل عبارتون پنھنجي ڊجيٽل فارميٽ ۾ موجود ٿي وينديون، جنھن سان مستقبل جي ڊيولپر/پروگرامر جي رسائي تمام سولائيءَ سان سڀني مھرن تائين ٿي ويندي ۽ ھو (پروگرامر) جوڙيل ڪنھن به لاجڪ تحت سڀني مھرن جي ٽيڪسٽ جي آزمائش لاءِ سنڌو لکت کي ريڪمپوز (ڪمپيوٽر تي وري لکڻ) يا ڳولي ھٿ ڪرڻ جي خفي کان آجا ٿي پوندا. جنھن سان تحقيق ڪندڙن کي پڻ وڏي مدد ملندي.
اڄڪلهه دنيا پنھنجا اثاثا ڊجيٽل فارميٽ ۾ تيزيءَ سان سھيڙي آن لائن رکي عام ڪري رھي آھي. اسان کي پڻ ھن طرف ترت ڌيان ڌرڻ گهرجي. ھن تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ سنڀال جو اھو ئي ڪارگر طريقو آھي ته ان جي مڪمل ڊجيٽائيزيشن ڪري آن لائن موجود ڪيو وڃي، ته جيئن دنيا جي کوجناڪارن جي سولائيءَ سان ، انٽرنيٽ وسيلي ”سنڌو لکت“ تائين رسائي ٿي سگهي، جنھن سان ھن ڏس ۾ تحقيق جو دائرو وسيع ٿيندو ۽ سنڌو لکت جي ڀڃڻيءَ جو دڳ ڳولي لھڻ ۾ ڪاميابي ٿيندي. جنھن کانپوءِ دنيا جي ھيءَ مھان تھذيب پنھنجي تاريخي اھڃاڻن بابت پنھنجي اکرن (سنڌو لکت) ذريعي ٻيھر، پنھنجي شاندار ماضيءَ جو تعارف ڪرائيندي.
حوالا
1. Marshal, John “Mohenjo-Daro and the Indus civilization” Culture Department Sindh, 2012 (2nd Edition).
2. Parpola, Asko “Deciphering of the Indus Script” Cambridge University, 1994.
3. Siraj “(HI)STORY OF SINDH & SINDHI LANGUAGE” Siraj Institute of Sindh studies, 2015.
4. فهميده حسين، ڊاڪٽر ’’ سنڌو لکت‘‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2012
5. Rao, Rajesh “Computing a Rosetta Stone for the Indus script” Ted Talks.
6. Mystery of the Rosetta Stone, Wikipedia.org
7. Ancient scripts, www.wikipedia.org
8. Chines script, www.ancientscripts.com
9. Codepoints of the Hieroglyphs, Unicode Consortium unicode.org
10. Kumbhar Shabir “Indus Script font” mohenjodaroonline.net
__
نوٽ : هن مقالي جي ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ تصويرون موجو ناهن، تصويرن ڏسڻ لاءِ PDF ۾ مقالو پڙهندا.