پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي تخليقي تحريرن جو جائزو
(An analysis of creative writing of Pir Hussam-U-Din Shah Rashdi)

محمد علي لغاري / ڊاڪٽر غلام محمد لاکو


Abstract:

Scholar, Researcher and intellectual Pir Hussam-U-Din Rashdi was born on 20th September 1911, in Village Bihman, Taluka Ratodero and District Larkana. He belongs to a religions and feudal family but familiarized in the field of education and literature from early age in the literary circles. Journalism, Poetry, Critics, Fiction and Historical research were his subject of interest. Especially he focused on History of Sindh.
Though Pir Hassamuddin Rashidi was a renowned historiographer and researcher but started his literary career from poetry and fiction includes Story and Novel writing. A review of Pir Hassamuddin Rashidi’s literary achievements in the field of poetry, fiction and Novel writing has been presented in the following article. We have divided his literary activities in two fields: Fiction writing and Research.
In the field of poetry his achievements as a poet depends on critical study, has been presented. In the field of fiction we have analyzed the merits of his ficitious works.In the same way his efforts in the field of research also has been analyzed and presented precisely for the readers.

پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي اصل شهرت هڪ تاريخدان جي طور آهي، پر سندس لکڻين جو آغاز ادبي تحريرن کان ٿيو هو، هن شاعري، افسانه نگاري، ناول نگاريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪئي. هن جي ابتدائي ادبي زندگيءَ بابت سندس ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ پنهنجي مضمون “حسام الدين مرحوم، حسام الدين ڪيئن بڻيو؟ ۾ لکي ٿو ته:
’’لڪ ڇپ ۾ ٿوري گهڻي شاعري ڪندو هو. تخلص هوس ’’فدائي‘’(1)
اهڙيءَ ريت راشدي صاحب شاعري به ڪئي ۽ شاعرن جي روايت مطابق پنهنجو تخلص ”فدائي“ رکيو. سندس علمي ذوق اڳتي هلي کيس تحقيق ۽ تاريخ ڏانهن مائل ڪيو. پيرصاحب جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي خدمتن کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
1. تخليقي ادب .
2. تحقيقي ڪم.
پير صاحب جو اصل ڪم تحقيق تي مبني آهي جيڪو سندس حياتيءَ جي آخر تائين جاري رهيو.پر هن مقالي ۾ اسين پير صاحب جي تخليقي تحريرن جوذڪر ڪنداسين.
پير صاحب جون تخليقيقي تحريرون ٻن دؤرن تي مشتمل آهن .
(الف) شاعراڻو دور (1924ع کان 1926ع)
(ب) افسانوي دور (1928ع کان1931ع)
(الف) شاعراڻو دور:
راشدي صاحب ،پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي. هن پنهنجو تخلص ‘فدائي’ ۽ ادبي (قلمي) نالو ’سيد فدائي الراشدي‘ رکيو هو. هو پنهنجي ان شاعراڻي دور متعلق لکي ٿو:
’’ثنائي ۽ وفائي سان هم رديف بڻجڻ خاطر پاڻ کي فدائي ڪيم. فارسيءَ ۾ اڃا ايتري مهارت ڪانه هئي، تنهن ڪري اردو ديوانن منجهان قافيا ڪڍي، خيال هٿ ڪري، غزل جوڙيندو هيس. حضرت محمود خادم منهنجو استاد هو. مشاعري ۾ پڙهڻ کان اڳ کيس اصلاح لاءِ موڪليندو هيس. ڪٽ سٽ کانپوءِ غزل ته يقيناً وزن ۾ اچي ويندو هو ۽ غلطين کان پاڪ ٿي پوندو هو، ليڪن اصلاح ايتري ٿيندي هئي، جو مان واري تصنيف حضرت ’خادم‘ جي تاليف بڻجي پوندي هئي. انهيءَ هوندي به مان ان کي پنهنجو سمجهي پڙهي ويندو هيس. (2)
راشدي صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ استاد حاجي محمود ’خادم‘ جي هدايت تي ان وقت لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيندڙ طرحي مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو هو. اهي مشاعرا ’الحقيقت‘ جي آفيس جي ڀرسان مرحوم علي محمد قادريءَ جي اوطاق تي ٿيندا هئا. مشاعرن جي ’طرح‘اڪثر اردو بيت جو ترجمو ڪري ڏني ويندي هئي.(3) هڪ مشاعري ۾ اهڙي ئي هڪ’طرح‘ راشدي صاحب به ڏني هئي.
راشدي ڀائر جڏهن اخبار نويسيءَ جي سلسلي ۾ سکر آيا، تڏهن انهن اتي به لاڙڪاڻي واري مشاعري جي طرز تي اهڙا مشاعرا منعقد ڪرائڻ شروع ڪيا، ان متعلق ڊاڪٽر اياز حسين قادري پنهنجي پي .ايڇ.ڊي مقالي ’سنڌي غزل جي اوسر‘۾ لکي ٿو ته:
’’هي ٻيئي ڀائر جڏهن لاڙڪاڻي مان سکر آيا ته شاعري کان زياده مشاعرن جو شوق پاڻ سان کنيون آيا ۽ 1930ع ڌاري سکر ۾ “بزم مشاعره” قائم ڪيائون، جنهن جو سيڪريٽري پير علي محمد راشدي هو. هن مشاعري جو اعلان ۽ طرحون ’ستاره سنڌ‘، جنهن جو ايڊيٽر حسام الدين هو، ’الحقيقت‘ لاڙڪاڻو ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿينديون هيون. هن ’بزم مشاعره‘ کان اڳ سکر جي ماڻهن پنهنجي شهر سکر ۾ ڪڏهن مشاعرو شايد ڏٺو ئي ڪونه هو.‘‘ (4)
اڳتي هلي راشدي صاحب شعر و شاعريءَ کي خيرباد چيو. ان متعلق هڪ هنڌ راشدي صاحب لکي ٿو:
’’ليڪن هلي هلي، آخر پاڻ ۾ بي اعتمادي پيدا ٿي پئي. سمجهيم ته دراصل مون ۾ نه شعر گوئيءَ جو سليقو آهي، ۽ نه طبيعت ئي موزون يا مناسب آهي، جنهن بعد مرڳو ئي انهيءَ شغل کان دستبردار ٿي ويٺس. ڪن ڏينهن پڄاڻان محسوس ٿيو، ته واقعي مان ڪنهن آزار ۾ ڦاٿل هئس. جنهن مان خدا کڻي جند ڇڏائي.‘‘ (5)
اهڙيءَ ريت پاڻ شاعريءَ جي صنف کان اڳتي وڌندي نثر جي ميدان ۾ طبع آزمائي کي پنهنجو محور ۽ مرڪز بڻايائين.
(ب) افسانوي دور:
سيد حسام الدين راشديءَ شروعات ۾ افسانوي ادب ۾ به طبع آزمائي ڪئي هئي. راشدي صاحب ان دور ۾ ’فدائي الراشدي‘۽ ڪڏهن’سيد فدائي الراشدي‘جي نالي سان لکندو هو. افسانه نويسيءَ جي حوالي سان راشدي صاحب هڪ انٽرويوءَ ۾ هن ريت اظهار ڪيو آهي ته:
”بنيادي طرح مان افسانه نويس هئس. سنڌ زميندار اخبار ۽ ٻين اخبارن يا رسالن ۾ منهنجا افسانا شايع ٿيندا هئا.“(6)
هيءُ، اُهو دؤر هو جڏهن برصغير پاڪ و هند ۾ اڪثر مسلمان توڙي هندو ناول نگار ۽ افسانه نويس، نيم مذهبي ۽ نيم تاريخي ناول ۽ افسانن لکڻ ۾ مصروف هئا ۽ ان حوالي سان انهن ڪافي ناول ۽ افسانه لکي پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت ڪئي هئي. پر راشدي صاحب جي لکڻين جو اهو دؤر مختصر رهيو، ان بابت نامياري ترقي پسند ليکڪ رشيد ڀٽيءَ لکيو:
’’راشدي صاحب افسانوي ادب ۾ تڏهن وک وڌائي، جڏهن اُپکنڊ جا اڪثر مسلمان اديب نيم مذهبي، نيم تاريخي ناولن ۽ افسانن لکڻ ۾ رُڌل هئا. هي زمانو لڳ ڀڳ 1930ع کان شروع ٿي، 1945ع ڌاري پورو ٿئي ٿو.‘‘(7)
راشد صاحب جيڪي ڪجهه افسانا لکيا سي هيٺينءَ ريت آهن:
(1) الزليخا:
پير حسام الدين راشديءَ جي پهرين افسانوي تخليق هڪ ناولٽ ‘الزليخا’ جي نالي سان مشهور ٿيو. راشدي صاحب ’الزليخا‘ ۾ حضرت يوسفعليه ۽ بيبي زليخا جي قصي کي نيم مذهبي ۽ نيم تاريخي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. هن ناول جا مکيه ڪردار حضرت يوسف ۽ بيبي زليخا آهن جڏهن ته عزيزِ مصر کي هُن هڪ ِوليَن جي ڪردار ۾ پيش ڪيو آهي. مرحوم رشيد ڀٽي هڪ هنڌ هن ناولٽ جي باري ۾ لکي ٿو:
’’ڪردارن جي احساسن ۽ جذبن، امنگن ۽ ارمانن ۽ عشق ۽ محبت جي فلسفي جو اظهار اهڙي ته وڻندڙ ۽ دل ۾ پيهي ويندڙ پيرايي ۾ ڪيو آهي، جو پڙهندڙ تي اهڙو تاثر ٿو ڇڏي ڄڻ هو پاڻ ان ڪيفيت مان گذري رهيو آهي. پلاٽ جي ترتيب موضوع جي مناسبت سان پڻ اهڙي نموني ڪئي وئي آهي ۽ ان کي اهڙي پياري انداز ۾ نڀايو ويو ۽ هلايو ويو ۽ وڌايو ويو آهي جو هڪ دفعو ڪتاب هٿ ۾ کڻڻ بعد پورو ڪري ئي ساهي پٽجي ٿي. ناولٽ جي انجام کي ائين پيش ڪيو ويو آهي، جو هي مذهبي، تاريخي ناول پڄاڻيءَ تي هڪ اخلاقي ۽ اصلاحي ناول جي روپ ۾ آڏو اڀري اچي ٿو. هن ناول جي هڪ ٻي نمايان ۽ منفرد خوبي ان دور ۾ مروج اها آهي ته هر باب جي شروعات ڪنهن اهڙي اردو، سنڌي ۽ فارسي شعر سان ڪئي وئي آهي، جو ان باب جي موضوع ۽ مواد سان ٺهڪي ٿو اچي.‘‘(8 )
ساڳئي ناول کي ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ پنهنجي طويل مقدمي سان گڏ ٻيهر مرتب ڪري شايع ڪرايو آهي. خانائي صاحب ان تفصيلي مقدمي ۾ نه صرف راشدي صاحب جي هن ناول جي لکڻي، طرز انداز ۽ تحرير جي انداز تي تبصرو ڪيو آهي، بلڪه ساڳئي موضوع تي مختلف ليکڪن جي ڪتابن جو احوال پڻ ڏنو آهي. 134 صفحن جو هي ڪتاب مارئي اڪيڊميءَ سڪرنڊ پاران شايع ڪيو ويو آهي.
(2) امانت:
راشدي صاحب هڪ افسانو ’امانت‘پڻ لکيو هو، جيڪو پنهنجي ادارت واري دور ۾ هفتيوار پوءِ ماهوار ’المنار‘ سکر ۾ شايع ڪرايو هئائين. اهو افسانو، راشدي صاحب مشهور زمانه داستان “الف ليليٰ” جي هڪ قصي کي تاريخي افساني جي طرز ۽ انهيءَ رنگ ۽ ڍنگ ۾ لکيو هو، جيڪو خالصتاً اخلاقي ۽ اصلاحي افسانو هو.
(3) بدنصيب شهزادو:
اهڙيءَ طرح راشدي صاحب ٻيو افسانو’بدنصيب شهزادو‘، پڻ لکيو هو، جيڪو به ان زماني ۾ ’المنار‘ ۾ شايع ٿيو هو ۽ ماڻهن ۾ ڪافي مقبول ٿيو هيو. اهو افسانو پڻ راشدي صاحب ’الف ليليٰ‘ جي هڪ قصي کي ماخذ بڻائي جديد انداز ۾ تاريخي افساني جي رنگ ۾ لکيو هو. اهو افسانو به ته اخلاقي ۽ اصلاحي طرز جو هو.
مٿيان ٻيئي افسانا ’امانت‘ ۽ ’بدنصيب شهزادو‘بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا هئا. اهي ڪتابڙا ورهاڱي کان اڳ رشيد ڀٽيءَ جي والد ۽ راشدي صاحب جي دوست حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ پنهنجي پريس ’شمسيه ڪُتبخاني‘ سکر مان شايع ڪيا هئا.

(4) انارڪلي:
راشدي صاحب هڪ افسانو ’انارڪلي‘ پڻ لکيو هو، جنهن ۾ هُن شهزادي سليم ۽ سندس ڪنيز انارڪليءَ جي نيم عشقيه داستان کي موضوع بڻايو آهي. هن افساني متعلق رشيد ڀٽيءَ لکيو ته:
’’هن افساني ۾ ماحول ۽ واقعن جي منظر ڪشي ’الزليخا‘ کان اتم آهي. عشق ۽ محبت جي فلسفي، جذبي، احساس ۽ ڪيفيت جي بيان جي اظهار ۽ حسن جي وصف ۽ واکاڻ، راشدي صاحب جي ان فن ۾ ڪماليت جو مظهر آهن. هن افساني جي نمايان خوبي اها آهي ته ان ساري اظهار بيان ۽ طرز تحرير ۾ زبان جي سلوڻائي ۽ تشبيهن جي استعمال سان ان کي وڌيڪ سهڻو ۽ وڻندڙ بڻايو آهي. ڪردارن جي جذبن، احساسن ۽ دلي ڪيفيتن جو اظهار سندن ئي واتان مڪالمن ذريعي ڪيو ويو آهي. ان ڪري هي افسانو ڪجهه ڪهاڻي ته ڪجهه ناٽڪ لڳي ٿو.‘‘ (9 )
انهيءَ بابت وڌيڪ رشيد ڀٽي لکي ٿو:
’’انارڪلي جي ڪردار تي ته افسانوي ادب ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو هو ۽ آهي، پر جنهن نموني پير صاحب،شهنشاهه اڪبر ۽ شهزادي سليم جي ڪردار کي، موضوع جي مناسبت سان اجاگر ڪيو آهي، سو فخر جهڙو ۽ نرالو آهي، ۽ اڄ به پاڻ ۾ نواڻ رکي ٿو(10)
(5) پاڪ دامن عورت:
راشدي صاحب هڪ ٻيو اصلاحي ۽ اخلاقي افسانو’پاڪ دامن عورت‘پڻ لکيو، جيڪو بيانوي انداز ۾ لکيل آهي. هن افساني ۾ سرحد صوبي(موجوده خيبر پختونخوا) جي ڳوٺاڻي ماحول ۾ جاگيرداري نظام کي موضوع بڻايو ويو آهي.
’’افساني ۾ ٽي ڪردار پيش ڪيا ويا آهن. هڪ هاري امير گل، سندس گهرواري عائشه ۽ وڏيري جو بدمعاش ۽ بدمست پٽ زمان خان. زمان خان جي بدمعاشي واري ڪردار جي منڍ ۾ عائشه جي ڪردار کي اوچو ۽ اتم ڪري ڏيکاريو ويو آهي.‘‘(11)
هن افساني ۾ جاگيرداري سماج جي ان پهلوءَ کي اجاگر ڪيو ويو آهي ته هو ڪيئن نه پنهنجي راڄ ڀاڳ جي ننگن کي جنسي حوس جو نشانو بنائڻ چاهين ٿا. بهرحال هن افساني جو انجام عائشه جي موت جي صورت ۾ عزت بچائڻ ۾ مرڻ کان اڳ ان ظالم ۽ بدمعاش زميندار جو انت آڻڻ ڏيکاريو ويو آهي.
(6) گلن واري ڇوڪري:
راشدي صاحب جو هي افسانو خالص رومانوي آهي. جيڪو ٻن ڪردارن تي مشتمل آهي هن افساني جي اهم خوبي مڪالمانويسي ۽ منظر نگاري آهي.
’’هي افسانو بلوچستان جي ساحلي علائقي جي هڪ ڳوٺ، ان جي پتڻ ۽ ڀرپاسي جي هڪ ٻيٽڙي جي چوگرد ڦري ٿو. اڪثر مناظر پتڻ جا پيش ڪيا ويا آهن، جتي هڪ ملاح بلاول ۽ ٻيٽ تان گل کڻي ڳوٺ ايندڙ ڇوڪري شهلا جو عشق اسري ۽ اڀري ٿو. انهن ٻن ڪردارن تي ئي سارو افسانو اڏيو ويو آهي. دلي ڪيفيتن ۽ عشق جي اظهار لاءِ هن افساني ۾ به پير صاحب مڪالمن جو سهارو ورتو آهي. مڪالمانويسي جو معراج ۽ منظر نگاريءَ جو عروج هن افساني جون نمايان خوبيون آهن.‘‘ ( 12)
راشدي صاحب جا اهي ٽيئي افسانا پوءِ حافظ عبدالحميد ڀٽيءَ پنهنجي پرنٽنگ پريس ’شمسيه ڪتب خاني‘ سکر مان شايع ڪيا هئا. 1952ع ۾ وري انهن کي گڏي هڪ ئي ڪتاب ۾ پيش ڪيو ويو هيو. راشدي صاحب پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب”هو ڏوٿي هو ڏينهن” ۾ لکي ٿو ته:
”سڀ کان پهريون حافظ عبدالحميد ڀٽي ئي هو، جنهن پنهنجي پريس ۾ منهنجون لکيل چوپڙيون شايع ڪيون، جن کي آءٌ انهيءَ زماني ۾ ڪتاب ۽ پاڻ کي انهن جي ڪري ‘مصنف’ سمجهندو هئس.‘‘ (13)
پير حسام الدين راشديءَ جي افسانوي ادبي لکڻين جو دور ڪو طويل نه هئو، ڇاڪاڻ جو هُن پوءِ تحقيق جي ميدان ڏانهن وک وڌائي.مٿي بيان ڪيل راشدي صاحب جوعلمي ادبي تحقيق جو دور لڳ ڀڳ سندن صحافت واري دور کان ئي شروع ٿئي ٿو، جڏهن پير علي محمد راشدي صاحب مير محمد معصوم بکري جي سوانح سنڌي ۾ لکي. ”ان زماني کان (1928ع) سيد حسام الدين راشدي مذڪوره عنوان تي تلاش، کوجنا، تحقيق ۽ مواد جي ڳولا جاري رکي.“(14)
اهڙيءَ طرح راشدي صاحب مختصر تخليقي ڪم بعد باقائده تحقيقي ڪم 19 ورهين جي ڄمار کان شروع ڪري پنهنجي 68 ورهين جي ڄمار ۾ تڪميل تي پهچايو. سندس تحقيقي ذوق جي پسمنظر ۾ دراصل سنڌ سان پيار ۽ محبت جو اٿاهه جذبو سمايل هو، جنهن لاءِ پاڻ وڏا ڪشالا ڪاٽي ڪيترائي تحقيقي مقالا، مضمون ۽ ڪتاب لکيا، مرتب ڪيا ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جا مقدما، تعليقات ۽ حاشيا لکي انهن کي سوڌي سنواري نئين سر شايع ڪرايا.


حوالا

1. راشدي، پير علي محمد ، ٽه ماهي مهراڻ، راشدي نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1 /1983ع، ص 8
2. راشدي، حسام الدين سيد ، هو ڏوٿي هو ڏينهن ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1977ع ص.124
3. ساڳيو ص-24
4. قادري ، اياز حسين، ڊاڪٽر، سنڌي غزل جي اوسر (جلد اول): ڇاپو اول، سنڌالاجي، ص16-315.
5. لاکو، غلام محمد، ڊاڪٽر، ڳالهيون منهنجي سنڌ جون،، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1992، ص-267.
6. هلال پاڪستان مئگزين- سيپٽمبر 1983ع
7. ڀٽي رشيد، پير حسام الدين راشدي جي افسانه نگاري (مقالو): هلال پاڪستان مئگزين، ڪراچي، سيپٽمبر 1983 ع،ص71-70.
8. ساڳيو
9. ساڳيو
10. ساڳيو
11. ساڳيو
12. ساڳيو
13. راشدي، حسام الدين سيد ، هو ڏوٿي هو ڏينهن ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1977ع ، ص-271.
14. لاکو، غلام محمد، ڊاڪٽر : “سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو”، مارئي سماجي سنگت، ملير ڪراچي، 1997ع، ص 372
568 ڀيرا پڙهيو ويو