شاهه لطيف جي شاعريءَ جي چونڊ انگريزي ترجمن جو مختصر جائزو
()

محمد حبيب سنائي
Abstract:

Shah Abdul Latif Bhitai (1689-1752) is renowned poet of Sindh, whose poetry, after lapse of more than two centuries, is still enjoyed by all and sundry. His poetry since long has been translated in different languages including English. In this essay, I am making an attempt to introduce and analyze some works of English translations of his poetry.
Dr. H.T. Sorley (1892-1963), was the first person who undertook translation of Shah Latif’s selected poetry in English on large scale. This translation is included in his seminal book entitled Shah Abdul Latif of Bhit: His Poetry, Life and Times published in 1940. While speaking about the problems of translation of Shah’s poetry, Sorley writes: “In the difficult poems of this eighteenth century Sindhi Poet, I have striven throughout to catch the spirit of his poetry... My translation is generally faithful to the original, except where the exigencies of metre make some latitude inevitable…The metaphors and similes of the original have been retained even when they may appear strange and unfamiliar to English readers.” (Sorley, 1989, p 297).
After Sorley, Mrs. Elsa Kazi (1884-1967), Professor Amena Khamisani (1919-2007) and G. Allana (1906-1985) ventured to render in verse the selected poetry of Shah.
In eighties Muhammad Yakoob Agha translated in prose complete Risala (compendium) based on compilation of Ghulam Muhammad Shahwani. This translation was distinguished in this way that it carried appropriate Quranic verses, saying of Prophet PBUH and also Persian and Urdu couplets.
Recently another major English translation rendered by Mr. Mushtaque Ali Shah, a career diplomat has appeared.

اسان سنڌين جي نظر ۾ ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي،(1689-1752) دنيا جي اهم ترين شاعرن مان هڪ آهي، هڪ غيرملڪي عالم ايڇ ٽي سورلي به اهڙي راءِ جو اظهار پنهنجي ڪتاب Musa Pervagans Being translation, with original texts of selected lyric poetry of over two thousand years from the Diverse Languages ۾ ڪري چڪو آهي.(1) پر عالمي طور تي ادبي دنيا تڏهن انهيءَ راءِ سان سهمت ٿيندي، جڏهن شاهه صاحب جي شاعري، دنيا جي مکيه ٻولين، خاص ڪري انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيندي. ياد رهي ته فارسي زبان جي شاعر عمر خيام (1048–1131) جي شاعري کي شهرت ايڊورڊ فٽجيرالڊ (1809-1883) جي ترجمي کان پوءِ ملي آهي، ۽ بنگالي ٻولي جي شاعر ۽ دانشور رابندرناٿ ٽيگور (1861-1941) کي نوبل ادب سندس انگريزي ترجمي جي سهاري ئي حاصل ٿيو.
شاهه صاحب جي شاعريءَ جا هيسيتائين انگريزي زبان ۾ ڪافي ترجما ٿي چڪا آهن، جن مان ڪن اهم ترجمن جو مختصر ذڪر ۽ تعارف هن مقالي ۾ پيش ڪجي ٿو.
شاهه لطيف جي شاعريءَ جو انگريزي زبان ۾ اولين ترجمو، ايڇ ٽي سورلي (1892-1963) ويهين صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾ شروع ڪيو هو، جيڪو 1938 ڌاري سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز تي آڌاريل ڪتاب Shah Abdul Latif of Bhit ۾ ڪتاب نمبر 3 The Risalo of Shah Abdul Latif طور شامل آهي(2)
ياد رهي ته اهو شاهه جي رسالي جو مڪمل ترجمو نه آهي، پر هڪ انتخاب آهي، جيڪو شاهه احمد قاضيءَ جي مرتب ڪيل ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري جو منتخب“ تي آڌاريل آهي. سورلي پنهنجي ترجمي ۾ سُرن توڙي بيتن ۽ واين جي ترتيب پنهنجي نموني رکي آهي.
سندس ترجمي وارو ڪتاب مکيه طور ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهريون ڀاڱو Mercy and Grace وري ايڪهين حصن ۾ ورڇيل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ سر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، سامونڊي، سريراڳ، کنڀات، آسا، پرڀاتي، بروو سنڌي، ۽ بلاول مان بيت کنيل آهن. ٻئي ڀاڱي The Daily Round ۾ سر سارنگ، ڪيڏارو، سورٺ، کاهوڙي، رامڪلي، ۽ ڪاپائتي مان بيت کنيل آهن. ٽئين ڀاڱي Love ۾ سر رپ، ڏهر، ڪوهياري، سسئي آبري، ديسي، معذوري، حسيني، سهڻي، مومل راڻو، ليلان چنيسر، ۽ مارئي مان بيت ۽ وايون ڏنل آهن.
هي هڪِ طرح سان منظوم ترجمو آهي. ايڇ ٽي سورلي چواڻي ته اصل جي روح کي برقرار رکڻ لاءِ گهڻن وزن ۽ بحرن جو استعمال ضروري ٿي پيو. جن مان ڪافي ته انگريزي ۾ مروج روايتي وزنن جهڙا آهن.(3) سورٺ راءِ ڏياچ، ليلان چنيسر، ۽ مارئي جي بيتن جي ترجمي ۾ هن غير روايتي تجربا به ڪيا آهن. سندس خيال ۾ کيس بيتن جي هڪ جهڙي ڊيگهه نه هئڻ ڪري دشواري ٿي، ڇوته انگريزي زبان ۾ بيتن يا نظمن ۾ ڊيگهه جي يڪسانيت هوندي آهي.(4)
ايڇ ٽي سورلي جو هيءُ ترجمو انگريزي ڳالهائيندڙن جي تقاضائن کي سامهون رکي ڪيو ويو آهي، تنهنڪري هن ۾ ڪلاسڪيل انگريزي شاعرن جو ڊڪشن استعمال ڪيو ويو آهي.
ان کان پوءِ جيڪو ٻيو ترجمو منظر عام تي آيو، سو به چونڊ بيتن جو منظوم ترجمو آهي. اهو ترجمو ايلسا قاضيءَ (1884-1967) ڪيو هو، جيڪو پهريون ڀيرو 1965ع ڌاري شايع ٿيو هو. ان جو ٽيون ڇاپو مئي 1996 ۾ شايع ٿيو هو.(5) هن ڪتاب جي مُهڙ ۾ اي ڪي بروهيءَ (1916-1987) جو مفصل مقدمو آهي ۽ آخر ۾ ضميمي طور علامه آءِ آءِ قاضي (1886-1968) جو مضمون Risalo of Shah Abdul Latif – An Appreciation of his Art ڏنل هو. ياد رهي ته سنڌي ادبي بورڊ سال 1961ع ۾ اهو الڳ ڪتابچي طور ڇپيو هو. انهيءَ ڪتاب ۾علامه آءِ آءِ قاضي عالمي تنقيدي اصولن جي روشنيءَ ۾ شاهه جي شاعري جو ڇيد ڪيو آهي ۽ شاهه لطيف کي دنيا جو اعليٰ شاعر قرار ڏنو آهي. هن چونڊ ترجمي ۾ سر ڪيڏاري کان سواءِ 29 سرن مان بيت ڏنا ويا آهن.
هن مقالي لاءِ مون کي لاڙڪاڻي آءِ ٽي گروپ پاران ڪمپوز ڪيل هڪ اي بڪ(6) ڏسڻ جو به موقعو مليو آهي. جنهن ۾ اي ڪي بروهيءَ جي مقدمي جي جاءِ تي علي احمد بروهي ۽ ماهتاب محبوب جا ايلسا قاضيءَ متعلق مضمون شامل آهن. بيتن جي ترجمي کان پوءِ اي بڪ ۾ Risalo of Shah Abdul Latif – An Appreciation of his Art جي عنوان واري ڪتابچي ۾ ايلسا قاضيءَ جا پنج مضمون ڏنل آهن، جن ۾ ٽن ڪردارن: فلسفي، شاعر ۽ پادريءَ جي پاڻ ۾ ٿيل گفتگو جي روپ ۾ فلسفاڻيه نڪتن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ورتي ويئي آهي.
سٺ واري ڏهاڪي ۾ تيرٿداس هوتچند (4 جون، 1906_ 02 آگسٽ، 1971ع) نالي شاهه ۽ سچل جي عاشق محقق ۽ مترجم به شاهه جي چونڊ شاعريءَ کي ترجمو ڪيو هو. سر ليلان چنيسر جي ترجمي وارو ڪتاب Shah Abdul Latif’s immortal song: The Song of Necklace 1961 ۾ شايع ٿيو ۽ 1963ع ۾ سر ڪاموڏ جو ترجمو The Song of Kinjhar Lake جي نالي سان ڇپيو هو. ان کان اڳ سال 1962ع ۾سندس هڪ ٻيو ڪتاب Pakistan’s immortal poet: Shah Abdul Latif, An introduction to his seven song stories جي نالي سان شايع ٿيو هو. مون اهي ڪتاب نه ڏٺا آهن، پر هن صاحب جو سچل جي شاعريءَ جي ترجمي وارو هڪ ڪتابچو ضرور ڏٺو آهي.
شاهه صاحب جي 237 عرس 1980)) جي موقعي تي سندس چونڊ شاعريءَ جو هڪ نئون ترجمو، جيڪو، جي. الانا (1906-1985) ڪيو هو، شايع ڪيو ويو هو.(7) جي. الانا صاحب ، ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي مان بيت چونڊيا آهن. هن اهو ترجمو 12 جون 1980 تي شروع ڪيو ۽ 23 آگسٽ، 1980 تي ختم ڪيو. هن پنهنجي مهاڳ ۾ ترجمي جي محرڪات جي حوالي سان لکيو آهي ته 12 جون 1980 تي عنايت بلوچ سندس گهر آيو، جنهن ڳالهه ٻولهه دوران مخدوم نوح جو هيٺيون شعر پڙهيو:
اپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن،
آهي کي اکين، عجب پر پسڻ جي.
جي. الانا لکي ٿو ته: هن جيئن اهو شعر ٻڌو، تيئن اهو سندس دل و دماغ تي ڇانئجي ويو. عنايت بلوچ کي وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪي، ان جو دل ئي دل ۾ انگريزي ترجمو ڪرڻ لڳو. چند منٽن کان پوءِ ان جو هيٺيون ترجمو جوڙي ورتائين:
If my eyes I open, I see nothing but blindness;
My beloved they see, if I shut them with firmness,
What complaint about my eyes can I make?
Strange, normal methods of seeing they forsake.
جي. الانا صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته:
کيس لڳو ته هن انهي ترجمي ۾ اصلي بيت سان ڪافي حد تائين انصاف ڪيو آهي. ان کان پوءِ کيس اوچتو 4 جنوري 1980 تي ڀٽ شاه جي ميلي دوران حميد آخوند پاران شاهه صاحب جي شاعري جو انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ واري گذارش ياد آئي. تنهنڪري تجربي طور هن ويهن بيتن جو ترجمو ڪيو، جيڪي کيس ياد هئا. جڏهن حميد آخوند، محب الله شاهه ۽ ممتاز مرزا وٽس آيا ۽ ترجما ٻڌائون ۽ انهن کي پسند ڪري کيس وڌيڪ ترجما ڪرڻ جي وينتي ڪيائون، تڏهن هن ترجمي لاءِ آڏواڻي وارو رسالو چونڊيو ۽ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو.(8)
الانا صاحب پنهنجي تعارف يا مقدمي ۾ شاهه صاحب جي حياتي، رسالي جي تاريخ ۽ تصوف تي به لکيو آهي. هن چونڊ ترجمي واري ڪتاب ۾ انگريزي ترجمي جي سامهون سنڌي ۾ به بيت ڏنو ويو آهي.
جي. الانا صاحب جو هڪ ٻيو ڪتاب Four Classical Poets of Sind سال 1983 ڌاري سنڌالاجي پاران شايع ٿيو هو. جنهن ۾ شاهه صاحب کان علاوه شاهه عنايت، سچل ۽ ساميءَ جي چونڊ بيتن جو انگريزي ترجمو ڏنل آهي.
اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ هڪ ٻيو اهم ترجمو به شايع ٿيو هو. 1985 ڌاري محمد يعقوب آغا جو انگريزي نثر ۾ ترجمو شاهه لطيف ڪلچرل ڪميٽي پاران شايع ٿيو هو.(9) مترجم محمد يعقوب آغا رٽائرڊ سرڪاري عملدار هو. آغا صاحب جو ترجمو پنهنجي پر ۾ هڪ منفرد ترجمو هو. ڇو ته اهو هڪ طرح سان ڪنهن مڪمل رسالي جو ترجمو هو. جيتوڻيڪ هن صاحب غلام محمد شاهواڻيءَ جي رسالي کي ترجمي لاءِ چونڊيو هو، پر پوءِ به هن ڪلياڻ آڏواڻي، شاهه جي گنج يا ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رسالن مان به بيت ۽ وايون کڻي ترجمو ڪيا آهن. هن صاحب اهو ترجمي جو ڪم 1970 جي گرميءَ ۾ شروع ڪيو، ۽ 1975 ۾ ختم ڪيو. پر پوءِ به ڇپجڻ تائين ان ۾ سڌارا آڻيندو رهيو. آغا صاحب 1975 کان پوءِ وري قران شريف جو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو 1982 تائين ڪندو رهيو.(10)
هن پنهنجي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته شاعريءَ جي ترجمي سان گڏ هن رسالي جي 6000 کان وڌيڪ ڏکين لفظن جي ڊڪشنري سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ تيار ڪئي آهي. اها ڊڪشنري اڃان تائين شايع نه ٿي آهي.
هن ترجمي ۾ هر بيت جي نثري ترجمي سان گڏ لاڳاپيل ڪو فارسي، عربي يا اردو شعر، قرآني آيت يا حديث پڻ ڏني ويئي آهي. آغا صاحب ڪافي مفصل مقدمو لکيو آهي، جيڪو پنجن بابن ۽ نون ضميمن تي مشتمل آهي. ضميمي ڇهين ۾ هُن سُرن ۾ بيتن، واين، قرآني آيتن جي تعداد ساڻ ڌارين بيتن، توڙي نون بيتن ۽ واين جو تعداد ڄاڻايو آهي.
آغا صاحب موجب هن 167 بيت ۽ 7 وايون علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي صاحب جي رسالن مان کڻي پنهنجي رسالي ۾ شامل ڪيا آهن. ان کان علاوه هن مختلف سرن ۾ ورجايل بيتن کي صرف هڪ سر ۾ رکيو آهي، ٻي مان ڪڍي ڇڏيو آهي. آغا صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته هن 300 کان وڌيڪ بيتن ۽ 28 واين ۾ ٻين ڇاپن يا مسودن جي روشني ۾ تبديلي ڪئي آهي. هن صاحب 295 بيتن جي ترتيب بدلائي آهي.(11) نه صرف بيتن جي ترتيب، پر هن صاحب ڪن سرن جي داستانن کي اڳتي پوئتي ڪيو آهي. هر سر جي شروع ۾ ان سر جو تعارف ڏنو ويو آهي ۽ تعارف جي آخر ۾ انهي سر اندر بيتن ۽ واين جو تعداد به ڏنو آهي.
هن مقدمي ۾ مولانا روم ۽ شاهه، شاهه عبدالڪريم ۽ شاهه لطيف، شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه لطيف، ۽ لنواريءَ واري پير خواجه محمد زمان ۽ شاهه لطيف جي هڪ جهڙن بيتن جي فهرست ڏئي نشاندهي ڪئي ويئي آهي.(12)
سال 1993 ۾ پروفيسر امينه خميساڻي (1919-2007) جو ترجمو ڪيل شاهه جو رسالو مارڪيٽ ۾ آيو.(13) جنهن جو ٽيون ڇاپو 2012ع ۾ ثقافت کاتي ڇپايو آهي. اهو ترجمو به مڪمل رسالي جو ترجمو ڪونهي، پر جيئن پاڻ مهاڳ ۾ لکيو اٿس، ته اهو ڪلياڻ آڏواڻي واري اختصاري رسالي تي مبني آهي. البته پاڻ شاهواڻي جي رسالي مان ڪجھه اهم بيت کڻي شامل ڪيا آهن.(14) هن لکيو آهي ته جون 1988ع ۾ هوءَ جڏهن آمريڪا ۾ ورسيل پنهنجي ڌيءَ ڏي گهمڻ ويئي، تڏهن اتي شاهه جو رسالو ترجمو ڪرڻ جو خيال ذهن ۾ آيو.(15)
مهاڳ کان علاوه هن مقدمي يا تعارف جي جاءِ تي ٽي مضمون شاهه جي زندگي جو خاڪو، رسالو ۽ شاهه جو تصوف جي عنوان سان شامل ڪيا آهن. رسالي نامي مضمون ۾ هن رسالي جي تاريخ سان گڏ ٻين ترجمن تي به رايا ڏنا آهن. پروفيسر امينه خميساڻي، محترمه ايلسا قاضي واري ترجمي کي ساراهيو آهي. مرحوم عبدالغفور الستيءَ واري ترجمي The Celestial sunrise from Sindh جي متعلق سندس اهو رايو آهي، ته اهو ڪافي محنت وارو ڪم هو، پر غلط انگريزيءَ جي استعمال جي ڪري اهو اثرائتو نه آهي. محمد يعقوب آغا واري رسالي کي هو جامع ۽ ساراهه جوڳي ڪاوش قرار ڏئي ٿي، باوجود ته هو آغا صاحب جي ڪجهه نڪتن سان سهمت ڪانهي.(16)
پروفيسر ڪي ايس ناگپال انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو شاعر آهي، پر هن ڪافي ڪتاب به انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن. سال 1999 ۾ هن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب Baba Guru Nanak and Mystics of Sindh شايع ٿيو هو، جنهن جو ليکڪ خادم حسين سومرو هو. انهي ڪتاب ۾ شاهه صاحب جي چونڊ شاعريءَ جو ترجمو شامل ڪيو آهي، جيڪو ناگپال جو ئي ڪيل آهي. (17)
هن صاحب مونکي ذاتي ملاقات ۾ اهو ٻڌايو ته هن ڊان گروپ پاران تيار ڪيل سي ڊي ۽ ڪتاب لاءِ به شاهه جي شاعري ترجمو ڪئي هئي.
سال 2006 ۾ شاهه عبداللطيف چيئر ڪراچي پاران محترم منور ارباب هالي جو ڪيل شاهه لطيف جي چونڊ شاعري جو ترجمو Spiritualism in the poetry of Shah Abdul Latif شايع ٿيو هو.
ان ئي عرصي ۾ آغا سليم (1935-2016) جو انگريزي ۽ اردو ڪيل گڏيل ترجمو Melodies of Shah Latif جي نالي سان ثقافت کاتي، پاران پنجن جلدن ۾ مختلف سالن ۾ شايع ٿيو آهي. هن ترجمي ۾ ڪلياڻ آڏواڻيءَ واري رسالي کي ڪم ۾ آندو ويو آهي. يقيني طور آغا صاحب جو اهو ترجمو هڪ اهم ۽ منفرد ڪاوش آهي. انهيءَ کان علاوه آغا سليم جن پنهنجي عمر جا آخري ڏهاڪا، شاهه صاحب جي گنج کي اردو توڙي انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ ۾ لڳايا. سال ڏيڍ کن اڳ ڊاڪٽر مخمور بخاري، پروفيسر ڪي ايس ناگپال ۽ مون گڏجي ان جي فائينل ايڊيٽنگ ۽ پروف ريڊنگ ڪري، مڪمل مسودو ثقافت کاتي وٽ جمع ڪرايو هو. اميد ته اهو ڇپجي جلدي پڙهندڙن وٽ پهچندو.
سال 2012 ۾ ثقافت کاتي سنڌ پاران، عاشق حسين ميمڻ جي ڪيل شاهه جي چونڊ شاعريءَ جو ترجمو Shah Latif Poet of Love and Humanity جي نالي شايع ٿيو آهي.
سال 2012ع ۾ شاهه جي چونڊ ڪلام جو ترجمو Apostle of Love جي نالي سان روشني پبليڪيشن، حيدرآباد شايع ڪيو هو، جنهن جو مترجم مشتاق علي شاهه آهي. هيءُ صاحب سفارتڪار آهي. اهو ترجمو ڪلياڻ آڏاواڻيءَ جي رسالي تي آڌاريل آهي، ۽ ان ۾ 1600 کن بيت ۽ وايون شامل آهن. وري ساڳئي اداري پاران ساڳئي مترجم مشتاق علي شاهه جو سال 2014ع ۾Message of Shah جي نالي سان، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ واري هڪ جلدي رسالي تي آڌاريل ترجمو شايع ٿيو آهي.(18) ڪتاب جي شروع ۾ ڏنل انگن اکرن موجب انهيءَ ڪتاب ۾ 3175 بيت ۽ 215 وايون ترجمو ڪري شامل ڪيا ويا آهن.(19)
محمد يعقوب آغا ته ڪافي بيت ۽ وايون ٻين رسالن مان کڻي پنهنجي ترجمي واري رسالي ۾ شامل ڪيا هئا. پر مشتاق علي شاهه رڳو ٽي بيت (ٻه سُر ڪلياڻ ۾ ۽ هڪڙو بيت سُر سارنگ ۾) شامل ڪيا آهن، جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش جي رسالي ۾ نه هئا. البت هڪ پاسي هن ورجاءِ جي ڪري ڪجهه بيت ڪڍي ڇڏيا آهن، ته ٻي پاسي وري ڪن بيتن ۾ هلڪي تبديلي ڪئي آهي. انهن تبديلن وغيره جو احوال ضميمي طوربه ڏنو آهي.(20) هن صاحب ڪتاب جي آخر ۾ 2100 کن وڌيڪ محاورن يا لفظن جي لغت سنڌي مان انگريزي ۾ ڏني آهي. ڪتابن جي مقدمي ۾ هن شاهه صاحب جي فلسفي ۽ رسالي جي مواد تي ۽ موضوعن تي ويچار ونڊيا آهن. مشتاق علي شاهه جو پورهيو ساراهڻ جوڳو آهي.
مرحوم سراج الحق ميمڻ به شاهه لطيف جي شاعريءَ کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي. سندس اهي چونڊ ترجما عبدالحميد آخوند پاران ايڊٽ ڪيل ٻن ڪتابن Shah Abdul Latif, his Mystical Poetry (1991) ۽ Bhitai The Message of the Master (1993) ۾ ڇپيا آهن.
ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ پاران نئين سر مرتب ڪيل لطيف سالگره مخزن جلد پهرئين (2015) جي مقدمي ۾ شاهه صاحب جي شاعريءَ جي ترجمن جو تفصيل ڏنو ويو آهي. ان ۾ ذڪر ڪيل ڪن انگريزي ترجمن جو احوال ته مٿي چڪو آهي، باقي رهيل ترجمن جو مختصر تفصيل اتان وٺي اوهان جي آڏو رکجي ٿو.(21)
Selection of Verses from Shah jo Rislao نامي ڪتاب کي ڊاڪٽر فهميده حسين ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ شاهه جي چونڊ بيتن جو سنڌي، انگريزيءَ ۽ اردو ۾ ترجمو ڏنو آهي. اهو ترجمو ڊاڪٽر امجد سراج ۽ نويد سراج ڪيو آهي. اهو ڪتاب 2006ع ۾ سگا طرفان شايع ڪرايو ويو هو.
فيض محمد کوسي شاهه جي ڪلام جو انگريزي توڙي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جيڪو سندس ڪتاب Selected Verses from Shah Jo Risala in Arabic and English ۾ ڏنو ويو آهي. اهو ڪتاب ثقافت کاتي 2009ع ۾ شايع ڪيو هو.
ان کان علاوه سليم ڀُٽي لطيفيءَ موجب ته سندس ٻارن سنڌ سونيتي، سرويچ سنڌي ۽ سورٺ ڀٽو گڏجي، شاهه جي رسالي جي سر ڪلياڻ جو نثري ترجمو ڪيو آهي، جيڪو سال 2007 ڌاري Song of Peace جي نالي سان شايع ٿيل آهي.

حوالا
1. سورلي، ايڇ ٽي، موزا پرواگانس، عظيم شاعرن جو سرتاج شاعر شاه عبدالطيف ڀٽائي، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، مترجم عطا محمد ڀنڀرو، 2014، ص 13، 14 ۽ 104.
2. Sorely, Dr. H.T., Shah Abdul Latif of Bhit, Sindhi Kitab Ghar, Karachi, 1989 (pp 295-420).
3. Ibid, P 297.
4. Ibid, p 298
5. Kazi, Elsa, Risalo of Shah Abdul Latif (Selections), Sindhi Adabi Board, Jamshoro. 1996 (Third Edition)
6. https://archive.org/details/RisaloOfShahAbdulLatifselections
7. Allana, G., Selections from Risalo, Cultural Wing, Education Department, Karachi. (1980)
8. Ibid, pp 8,9
9. Agha, Muhammad Yakoob, Shah jo Risalo alias Ganje Latif, (Three Volumes) Shah Abdul Latif Bhitshah Cultural Centre Committee, Hyderabad. 1985.
10. Ibid, Vol. I, preface, p 1
11. Ibid, Vol. I, Appendix 6, p 99.
12. Ibid, Introduction, Vol.1, pp 44-52
13. Khamisani, Amena, The Risalo of Shah Abdul Latif Bhitai, Culture Department, Govt. of Sindh, Karachi. 2012 (Second Edition)
14. Ibid, p 15
15. Ibid, p 14.
16. Ibid, pp 22-23.
17. Nagpal, Prof. K.S, translator, Baba Guru Nanak and Mystics of Sindh, Sain Publishers, Sehwan Sharif. 1999. (Translation of verses of Shah Latif is available on various pages).
18. Shah, Mushtaq Ali, Message of Shah, Roshni Publications, Hyderabad. 2014
19. Ibid, Index of Verses, p 6
20. Ibid, Annexure, p 567.
21. بخاري، ڊاڪٽر مخمور، نئين سر مرتب ڪندڙ، لطيف سالگره مخزن جلد پهريون، ثقافت ۽ سياحت کاتو، ڪراچي، مقدمو، صفحو ص 23 کان 25. 2015
1027 ڀيرا پڙهيو ويو