قومن جي ترقيءَ ۾مادري ٻولين جو ڪردار
(The Role of Mother Languages in Nation Building)
ڊاڪٽر ساجده پروين
Abstract:
Mother language is one of the most important factors of a one’s life but it also plays an essential role in the progress of any nation. Mother language is not only best means of communication but it provides identity to a person, specific group of people and a nation. Mother language is a powerful tool that shapes psychological structure of an individual and helps preserve culture, values, history, and traditions of a nation.
In this paper, the discussion is divided into four parts:
(1) Formation of psychological structure of an individual through ML (mother language
(2) Relation of culture and ML
(3) Importance of ML in early childhood education
(4) Existing problems and possible solutions
Finally, it is concluded that first three elements make foundation and encircle the whole life of an individual as well as it nourishes and develops his role and character for the progress of nation with the help of mother language.
نيلسن منڊيلا چيو ھو ته:
“If you talk to someone in a language he understands, that goes to the person’s head. If you talk to somebody in his language that goes to the heart” (1)
مطلب ته جيڪڏھن توھان ماڻھوءَ جي دماغ ۾ ڪا ڳالھه ويھارڻ چاهيو ٿا ته ساڻس ڪنھن به سمجھه ۾ ايندڙ ٻوليءَ ۾ ڳالھايو پر جيڪڏھن توھان ماڻھوءَ جي دل ۾ ڪا ڳالھه ويھارڻ چاھيو ٿا ته پوءِ ساڻس مادري ٻوليءَ ۾ ڳالھايو.
انھيءَ قول مان اسان مادري ٻوليءَ جي اھميت کي محسوس ڪري سگھون ٿا. مادري ٻوليءَ مان مراد ماءُ جي ٻولي جي آهي.مادري ٻوليءَ لاءِ انگريزيءَ ۾ مدر ٽنگ (Mother tongue)، مدر لئنگئيج (Mother language)، نيٽو لئنگئيج (Native language)۽ فرسٽ لئنگئيج (First language) جهڙا اصطلاح به استعمال ڪيا وڃن ٿا.
يونيسڪو جي رپورٽ مطابق ھن وقت دنيا ۾ تقريبن ڇھه ھزار ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون، جن مان اڌ کان وڌيڪ ٻوليون خطري (Danger Zone) ۾ آھن . ڇاڪاڻ ته انھن ٻولين جي ڳالھائيندڙن جو تعداد فقط ڏھه ھزار ماڻھن تي مشتمل آھي. يونيسڪو جي سروي مطابق جيڪڏھن ڪنھن ٻوليءَ جي ڳالھائيندڙن جو تعداد ھڪ لک کان گھٽ آھي ته پوءِ اھا ٻولي پنھنجي بچاءُ ۽ بقا جي جنگ وڙھي نٿي سگھي. موجوده دور ۾ھر سال دنيا جي نقشي تان تقريبن ڏھه ٻوليون گُم ٿي رھيون آھن.(2)
اھا صورتحال نھايت ڳڻتيءَ جوڳي آھي. ھن وقت سڄي دنيا ۾ وڏي پيماني تي ٻولين کي بچائڻ جي مھم ھلي رھي آھي. يونيسڪو پاران انھيءَ خطري کي محسوس ڪندي سال 1999ء کان هر سال 21 فيبروريءَ جو ڏينھن “ عالمي مادري زبان واري ڏينھن” طور ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انھيءَ ڏينھن تي پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٻولين جي اھميت،ترقيءَ، بقا ۽ بچاءُ لاءِ مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا آھن.
اھم سوال اھو آھي ته ڇا مادري ٻوليءَ جي ڪا اھميت آھي؟ ۽ قومن جي ترقيءَ ۾ مادري ٻوليون ڪو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون يا نه؟ جواب آھي ته ھا، بلڪل! مادري ٻولين جي اهميت کان انڪار نٿوڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته مادري ٻولي فرد، ڪنھن مخصوص گروھه ۽ قوم جي نه فقط سڃاڻپ آھي، جيڪا سندن تاريخ، ثقافت، تھذيب تمدن ۽ قدرن جھڙي املھه خزاني کي پنھنجي اندر سانڍي رکي ٿي، بلڪه ٻولي انساني سماج ۾ فرد ۽ قوم جي سوچ ويچار جو وسيلو ۽ باھمي رابطي جو ذريعو پڻ آھي.
فرض ڪريون ٿا جيڪڏھن ٻولي نه ھجي ته ڇا ٿيندو؟ جواب نھايت آسان آھي ته انسان نه فقط پنھنجي سوچ ويچار۽ اظھار جو ذريعو وڃائي گھٽجي ٻوساٽجي ويندو، بلڪه پنھنجي انفرادي توڙي اجتماعي ۽ مخصوص سڃاڻپ وڃائڻ سان گڏوگڏ پنھنجي تاريخ، تھذيب، تمدن، قدرن ۽ ثقافتي ورثي کان به ڪٽجي ھميشه لاءِ خلا ۾ لٽڪي ويندو. سندس وجود ۽ ذات تي ھڪ وڏو سواليه نشان لڳي ويندو.ڏٺو وڃي ته ٻولي، فرد جي سڄي زندگيءَ کي پنھنجي احاطي ھيٺ آڻي مٿس سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اثر انداز ٿئي ٿي.
مادري ٻولي ۽ ٻار جي نفسياتي ساخت:
ٻوليءَسان انسان جو واسطو سڀ کان پھريان لاشعوري طورماءُ جي پيٽ ۾ ھئڻ واري وقت کان پوي ٿو. جڏھن ھو آس پاس موجود مختلف آواز ٻڌي ٿو. ٻار جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ ماءُ مختلف آوازن، احساسن ۽ عملن ذريعي سندس نفسياتي ساخت جوڙڻ شروع ڪري ٿي.
لسانيات جي ماهر نوم چومسڪيءَ انهيءَ مرحلي کي ڪاگنيٽو سائيڪالاجيءَ “cognitive psychology” جو نالو ڏنو آهي.
“According to Chomsky”, language is a natural object, a component of the human mind, physically represented in the brain and part of the biological endowment of the species.”(3)
وري اڳتي لکي ٿو،
“He claimed that many of the properties of language are innate so as to be found in deep structures of language, to which behaviorism has turned a blind eye.”(4)
مطلب ته ٻولي فطرتي معروض آهي، جيڪا انساني دماغ جو جزو آهي ۽ حياتياتي عمل ۾ فطري صلاحيتن جو مظاهرو آهي . تنهن ڪري ٻولي لاشعوري طور انساني دماغ جو حصو آهي، جنهن کي سکڻ جي ضرورت نٿي پوي پر ٻار خود بخود لاشعوري طور ٻوليءَ جي ساخت کي سمجهندو ويندو آهي. ٻوليءَ جو ٻج سندس جينز ۾ موجود هوندو آهي جيڪو گهر جي ماحول ۽ ماءُ جي قربت ۾ اسرڻ نسرڻ شروع ٿيندو آهي.تنهن ڪري ٻار جي نفسياتي ساخت ماءُ ٺاهيندي آهي. ٻار روئيندو آهي ته ماءُ سيني سان لائي کيس پيار ڪندي آهي، لولي ڏيئي سمھاريندي آهي ، بک ۽ تڪليف جي فرق کي سمجھندي آهي. ماءُ جي انھيءَ عمل ڪري ٻار کي تحفظ جو احساس ٿيندو آهي. منجھس خوف۽ ڊپ ختم ٿيندو آهي، پيار محبت ۽ توجهه ٻار ۾ خود اعتمادي، ذات جي اھميت، صبر، مستقل مزاجي ۽ سڪون جھڙا احساس ۽ جذبا اڀاريندوآهي .جيتوڻيڪ ٻار انھيءَ مرحلي تي ٻولي ڳالھائي ناهي سگھندو، پر ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ ٻوليءَ ذريعي معنوي ساخت جو رشتو جڙي پوندو آهي. جنهن سان سندس نفسياتي ساخت پڻ طئي ٿيڻ شروع ٿيندي آهي. نفسيات جي ماھرن فرد جي زندگيءَ جي ان اوائلي مرحلي کي سندس شخصيت، ڪردار، جذباتي ۽ ذھني اوسر جو اھم عرصو قرار ڏنو آھي.
مادري ٻولي۽ ثقافت جو لاڳاپو:
مادري ٻولي۽ ثقافت جو پڻ پاڻ ۾ گهرو ڳانڍاپوآهي بلڪ ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن. ٻار جڏھن ڪجهه وڏو ٿئي ٿو ته ٻوليءَ سان گڏوگڏ سندس واسطو خاندان، مٽن مائٽن، اوڙي پاڙي، گھر کان ٻاھر جي ماحول، اٿڻي ويھڻي جي طور طريقن، ريتن رسمن، مذھبي عقيدن ۽ اخلاقي قدرن سان پوي ٿو. جتان ھو ٻوليءَ ذريعي ماحول، ثقافتي ورثي ۽ تاريخ سان جڙي ٿو، اھڙيءَ ريت ٻولي ۽ ثقافت سندس وجود جي سڃاڻپ جو اھم جز ۽ جواز بڻجن ٿيون.جن جي ڇانو ۾ هو پنهنجي شخصيت ۽ زندگيءَ جي مختلف مرحلن کي مضبوط ۽ پڪا پختا بنياد فراهم ڪري ٿو.بنيادي طور انسان جو سڀ کان وڏو مسئلو آھي ئي سڃاڻپ (Identity crisis) جو. جڏھن ٻولي وسيع ترين ثقافتي پس منظر ذريعي کيس پنھنجي سڃاڻپ فراھم ڪري ٿي ته اھو ٻار اڃا به وڌيڪ با اعتماد طريقي سان زندگيءَ ۾ اڳتي وڌي ٿو.
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو:
”ٻوليون قومن جي ڪلچرن جو حصو آهن.ٻوليون سماج ۾ سڀني ماڻهن جي پاڻ ۾ اندروني لاڳاپي ۽ اظهار جو خاص وسيلو آهن.ٻوليون اهڙيءَ ريت ڪلچر جو ترڪيبي جزو به آهن ته مرڪزي نظام به.”(5)
تنهن ڪري مادري ٻولي نه فقط فرد کي پنهنجي مخصوص ، الڳ ۽ منفرد ثقافت سان جوڙي ٿي پر ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪري نئين نسل ۾ منتقل ڪرڻ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ اثرائتوذريعو به بڻجي ٿي.
مادري ٻولي ۽ تعليم:
گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان بين الاقوامي سطح تي ٻارن جي تعليم جي حوالي سان مادري ٻولين کي تمام گهڻي اهميت ڏني پئي وڃي. جڏھن ٻار اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي ٿو ته اُتي سندس واسطو مادري ٻوليءَ سان پوڻ گهرجي. سو ڪيئن؟ اھو ايئن ته تعليم جي ماھرن جو خيال آھي ته ٻار کي پرائمري تعليم فقط سندس نيم شعوري زبان ۾ ڏني وڃي. مطلب ته اھڙي زبان جنھن ۾ ٻار خواب ڏسندو آھي، يا بي اختياريءَ جي حالت ۾ اها سندس وات مان نڪرندي آھي، ڇو ته اھڙي زبان جي ڳالھائڻ ۽ سمجھڻ ۾ ٻار جي ذھني قوتن تي ڪو به بار ناھي پوندو. سندس ذھني تازگيءَ جو تمام وڏو حصو ھو ڄاڻ ۽ معلومات حاصل ڪرڻ، مختلف تصورن ۽ فڪرن کي اڀارڻ ۾ خرچ ڪندو آھي. تحقيق اِھو ثابت ڪيو آھي ته جيڪڏھن ٻار جي تعليم جي زبان نيم شعوري يا مادري ٻوليءَ کان سواءِ دنيا جي ٻي ڪا به بھترين زبان آھي، ته اھڙي زبان ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ٻار بھترين طوطو ته ٿي سگھي ٿو، پر تخليقي صلاحيتن سان ڀرپور جينيئس يا ڏاھو نٿو ٿي سگھي. اھڙو فرد ذاتي، سماجي ۽ قومي مفادن جي پورائيءَ ۾پڻ ڪو تعميري ڪردار ادانٿو ڪري سگهي.
“Early childhood education is very essential in a child’s life hence the recent focus on it is given across the globe. It provides for children whose age bracket is from 0-8 years. it is period extremely crucial to an individual’s intellectual , emotional ,social and physical development……it is a stratum which the mother tongue will make a significant impression in the life of the young ones.”(6)
مطلب ته مادري ٻوليءَ سان فرد جو پل پل جو واسطو آهي. مادري ٻولي فرد جي ڄمڻ کان وٺي، نفسياتي لاڙن، شخصي اوسر، ثقافتي قدرن، تعليمي ذريعن کان ويندي سماج جي انفرادي باشعور فرد بڻجڻ تائين جي سمورن مرحلن کي پنهنجي حدن اندر آڻي ٿي. مادري ٻوليءَ جي پس منظر ۾ پلجندڙ اهڙو فرد جڏهن سماج جو حصو بڻجي ٿو ته اهوقوم جي سُڌاري ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. تنهنڪري مادري ٻوليون فرد، سماج ۽ قومن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.انهيءَ حقيقت کان ڪنهن به صورت ۾ منهن ڦيري نٿو سگهجي.
سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صورتحال:
هاڻي اسان ٿورو سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صورتحال تي غور ڪريون ٿا. اڄ جو ٻار گهر ۾ مادري ٻولي يعني سنڌي ڳالهائي ٿو، پر شهري علائقن ۾ ڪمرشلائيزيشن سبب گهٽيءَ ۽ مارڪيٽ جي ٻولي اردو اٿس، مثال بسڪوٽ يا کٽمٺڙو وٺي کائي ٿو ان جي پيڪنگ تي اردؤَ ۾ لکيل آهي. ٻار ٽي.وي ڏسي ٿو ته ڪارٽونن کان وٺي ٻين پروگرامن جي ٻولي اردو يا انگريزي آهي، جڏهن ته تعليم به انگريزي ٻوليءَ ۾ حاصل ڪري ٿو. مطلب ته اسان جو ٻار سوچي هڪڙي زبان ۾ ٿو، تفريح لاءِ ٻي زبان استعمال ڪري ٿو ۽ تعليم مجبوراً ٽين زبان ۾ حاصل ڪري ٿو. اسان جي نظام جي انهيءَ الميي جي مختلف عنصرن کي هينئر بحث هيٺ آڻڻ کان بغير توهان ٿورو سوچيو ته سمورين حڪومتن اسلامي رياست ۽ قومي زبان جي اثر ۽ غلبي سبب مختلف مادري ٻولين کي ڪهڙي ريت نظرانداز ڪيو آهي. هڪ قوم جيڪا درحقيقت مختلف مادري ٻوليون ڳالهائيندڙ فردن جو مجموعو آهي اها پنهنجي ٻوليءَ کان ڪٽجي سماج، قوم ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهندي. اهڙي سياسي حڪومتن کي سوچڻ گهرجي ته هو فقط انڌو منڊو ۽ لولو لنگڙو نسل پيدا ڪري رهيا آهن جيڪو خود هڪ ناسور آهي.
اسان جي رياستي حڪومت مادري ٻولين جي ترقي، بچاءَ ۽ بقا لاءِ هن وقت تائين ڪي به جوڳا اپاءُ ناهن ورتا ۽ نه ئي ڪا پاليسي جوڙي سگهي آهي. هن وقت شديد ضرورت آهي ته انهيءَ مسئلي کي سنجيدگيءَ سان حل ڪيو وڃي.
مادري ٻوليءَ لاءِ هڪ وڏو چئلينج اهو به آهي ته دنيا تيزيءَ سان ننڍڙي ڳوٺ(Global Village) ۾ تبديل ٿي چُڪي آهي، ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جا ذريعا تڪڙي ترقي ڪري چڪا آهن. سڄي دنيا ڊجيٽلائزيشن ڏانهن وڃي پئي. اهڙي صورتحال ۾ مادري ٻولين کي پنهنجي بچاءَ، ترقيءَ ۽ بقا لاءِ انهن محاذن تان پڻ وڙهڻو آهي. مسئلو اهوبه آهي ته اسان وٽ جديد ترين ذريعا موجود به آهن ۽ استعمال به ٿي رهيا آهن پر اهي پڻ ٻولين ۾ تمام وڏو بگاڙ پئدا ڪري رهيا آهن. جنهن ڪري ٻوليءَ جي معنوي ساختيات، صوتيات، توڙي نحوي بناوٽون ڏينهون ڏينهن تبديل ٿينديون پيون وڃن .ان کان پوءِاسان جي نجي ٽي وي چئنلن سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جي بگاڙ جي شروعات ڪئي آهي، جنهن ڪري مادري ٻوليءَ تي خطرناڪ اثر پئجي رهيا آهن. اسان جو شهري نوجوان نسل جيڪو اردو زده آهي اهو اردو گاڏڙ سنڌي ٻولي ڳالهائي ٿو. اسان اڪثر صبح جي پروگرامن ۾ ائنڪر پرسن ڇوڪرين کي اردو زده سنڌي ڳالهائيندي ڏسندا آهيون. اهڙيءَ طرح نوجوان نسل اڪثراسم، واحد جمع ۽ موئنث مذڪر اردو واري طرز سان ادا ڪندا آهن. هونءَ ته چوندا آهن ته ٻوليءَ جي ترقي انهيءَ ۾ آهي ته ان جا دروازا کليل رهن.ان جا لفظ ٻيون ٻوليون وٺن ۽ ٻين ٻولين جا لفظ پنهنجي ٻولي وٺي ته ٻولي جي بهتر نشونما ٿيندي. پر اسان ته ٻين ٻولين جي گرامر پياوٺون.ان جو اثر نه فقط اليڪٽرانڪ ميڊيا پر پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي به وڏي پئماني تي محسوس ڪري سگهجي ٿو.اها ساختياتي تبديلي سنڌي ٻوليءَ لاءِ تمام وڏو خطرو ثابت ٿي چڪي آهي.
مجموعي طور هن تحقيق مان اهو نتيجو اخذ ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ کي هن وقت ڪيترن ئي چيلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي ٻوليءَ سميت ٻين سمورين مقامي ٻولين کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. تعليم جو ذريعو پڻ سنڌي ٻولي هئڻ گهرجي . مارڪيٽ واهپي لاءِ پڻ سنڌي ٻوليءَ کي ترجيح ڏني وڃي. اليڪٽرانڪ ،پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ٻوليءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ساختياتي بگاڙ تي ضابطي لاءِ باقاعده مهم هلائڻ گهرجي. اڄ جو عام ترين ۽ سستو ذريعو انٽرنيٽ آهي. مادري ٻولين کي جيڪڏهن پنهنجي بقا جي جنگ وڙهڻي آهي ته پوءِ انهن کي ڊجيٽلائيزيشن ڏانهن وڃڻ گهرجي. سنڌي ٻولي جيڪڏهن انهن بحرانن مان پنهنجا پلو آجا ڪرائي وئي ته پوءِ جلد ئي پنهنجي جياپي جي سگهه ساري سگهندي.
حوالا
1. www.azquotes.com/quotes/topics/mother-tongue.html, Dated:5-5-2017, Time: 2.20P.M
2. www.UNESCO.Org/education/educatiob_today/6.pdf, Dated: 5-5-2017, Time: 3.00 P.M ,
3. Chomsky, Noam, (2002), On Nature and Language, Cambridge university press, p .no 1(3
4. Barman, Binoy, (2012), “The linguistic philosophy of Noam Chomsky” in Journal of Philosophy and Progress, Volume: LI- LII January-June, July-December: 103-122.
5. ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر، مقالو: ٻولي ۽ ڪلچر، سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد 2) ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، (2008) ،ص 71_55.
6. Babajide , Abidogun & Oluranti, Adebule (2013), “Contributions of mother tongue education in
7. Early childhood education”, 1st Annual International Interdisciplinary conference, 24-26 April, Azores, Portugal, 267-272.