سنڌي ناٽڪن جو معمار: ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي
(Pioneer of Sindhi Dramas: Dr Jetho Lalwani)

ڊاڪٽر روشن گولاڻي
Abstract:

Of all literary branches in literature, drama is considered the most difficult form in arrangements, because of its characteristics, brevity, wit, occurrence, and three unities: unity of time, unity of action, and unity of place. Drama is, especially complementing genre to literature.
Sindhi drama has the deepest roots in ancient history and culture of Indus Valley Civilization; with the passage of time, slowly and gradually, it has evolved and progressed to grown-up its high position. Today, it stands modern and elevated. In this era, Sindhi drama is perfectly free form foreign influence, fixation of theme and free from man-made principles of ancient Greeks and Latins.
A play before performance is just to read; it attains fullest development when is to be performed on theatre. Sindhi drama has stepped many steps from its beginning to this time.
The chief notable points in modern Sindhi drama are changeling situations and circumstances, events, modernism, and post modernism. Dr Jetho Lalwani has the finest position among popular dramatists of all times.
In this article dramas of Dr Jetho Lalwani’s published dramas:، تنهجا غم منهنجاغم، اوڀاريون لهواريون، حادثو، ڀينڪر پنجو آخرين سنڌي، پيار جا رنگ
have been analyzed and evaluated. Besides these, his radio dramas have been also evaluated.

ادب جي سڀني شاخن ۾ ناٽڪ کي هڪ ڏُکِي صنف طور ليکيو ويو آهي، ڇو جو ڪهاڻي، شاعري ۽ مضمون وغيره ته پنهنجي تجربن، احساسن جي ويچارن ذريعي گهر ويٺي سولائيءَ سان لکجي ۽ ڇپجي به ويندا آهن، پر ناٽڪ لاءِ مختلف مرحلا طئي ڪرڻا پون ٿا. ناٽڪ جو لکت روپ ادبي صنف آهي، پر اسٽيج تي پيش ڪرڻ وقت جڏهن اُن سان ٻيون ڪلائون جڙن ٿيون تڏهن اُهو مرڪب بڻجي مڪمل ناٽڪ روپ اختيار ڪري ٿو.
ناٽڪ، زندگيءَ جو ٻيو روپ يا نقل آهي، پر ناٽڪ ڪلاڪارن جي اُمنگ ۽ خاصيت جي اظهار جو هڪ اڪيلو ذريعو آهي، ايريسٽوٽرا جو چوڻ آهي ته ”پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ، چاهنا ۽ تندرستيءَ لاءِ فائديمند آهي. پر انسان جي ترقيءَ کي ڌيان ۾ رکڻ به ضروري آهي. (1)
ڪلاڪار پنهنجي خاصيت، سوچن ۽ خيالن کي پنهنجو سرمايو نه سمجهي ڪري، اُن ۾ ماڻهن کي اوت پروت ڪري ڇڏيندا آهن. ماڻهن / ڏسندڙن جي وندر جي ڪوشش سان گڏ اُنهن کي آنند يا خوشي ڏيڻ جي ڪوشش پڻ ڪلاڪار ڪن ٿا. ناٽڪ ادبي صنف به آهي ته وري پرفارمنگ آرٽ جو حصو به آهي.
سنڌي ناٽڪ:
سنڌي ناٽڪ، سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب کان وٺي اڄ سوڌو ڪيتريون ئي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري چڪو آهي اُن ۾ جديد دور جي تصوير، حالتون، واقعا ۽ بدلاوَ پڻ شامل آهن. اُن ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي،ته ناٽڪ، ادب ۽ ڪٿا جي ميلاپ سان ئي جنم وٺي ٿو. اُن لاءِ لوڪ عنصرن جو استعمال ٿيندو آهي. ماضيءَ ۾ سنڌ جي ڌرتيءَ تي ناٽڪ لکڻ توڙي پيش ڪرڻ جي لحاظ کان ڪافي ترقي ڪئي. اُن وقت جي ناٽڪن ۾ وقت پٽاندڙ ڪردار، پوشاڪ، گفتگو، پيشڪش، رهڻي ڪهڻي، ڳالهائڻ جي ادا ناٽڪ شغلي وغيره سنڌيءَ تي اثر نمايان هو. سنڌ ۾ سنڌي ناٽڪن جي وڌيڪ اهميت هئي ۽ اُهي ئي اڄ سنڌي ناٽڪن جا رهنما ٿي ڪم ڪن ٿا. سنڌي ناٽڪ جي تواريخ ۽ اُن جي روايت تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته اسان کي سنڌي ناٽڪ لکڻ ۽ اسٽيج ڪرڻ کان اڳ سنڌيءَ ۾ لوڪ ناٽڪن جي هڪ طاقتور ۽ اثرائتي روايت نظر اچي ٿي. اُنهن جو مکيه موضوع تاريخ،روحانيت اخلاقيات ۽ اصلاح وغيره آهن. لوڪ ڌرمي ناٽڪ روايت جيڪا پوري ڀارت ۾ انيڪ نالن ۽ روپن ۾ موجود هئي، اُن نموني سنڌ جي سنڌي هندو لوڪن پڻ پنهنجي ڌارمڪ (مذهبي )پوڄا روپ کي راس ليلا رام، ليلا، سانگ (سوانگ) ڀڳت تماشا ۽ چؤنڪي وغيره روپ ۾ لوڪ اداڪاري ذريعي راحت حاصل ڪئي.
سنڌي ناٽڪ نويسن ۾ جيڪي برک ۽ اعليٰ ناٽڪ رچيندڙ ليکڪ آهن، انهن ۾ ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي به ناٽڪ نگار جي روپ ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل ۽ مقبول ٿيل شخصيتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هو هڪ ئي وقت ناٽڪ نگار اديب، هدايتڪار، ڪلاڪار، پروڊيوسر، فلم ميڪر ۽ محقق جي روپ ۾ ننڍپڻ کان وٺي سرگرم رهيو آهي. ايترو ئي نه پر هو سنڌي، گجراتي، هندي ناٽڪن سان پڻ جڙيل رهيو آهي ۽ ناٽڪ جي ٽڪنيڪي ڪلا جي پڻ مهارت رکي ٿو.
سنڌيءَ جي برک ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس لکمي کلاڻيءَ، ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي باري ۾ لکيو آهي ته:
”ناٽڪ جو نالو وات تي ايندي ئي خود بخود ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جو نالو اول ذهن تي تري ايندو آهي. ڪيترن سالن کان هو اڻ ٿڪ محنت سان ناٽڪن سان واسطو رکندڙ ”اسٽيج“ رسالو شايع ڪندو اچي ٿو. ناٽڪ جي صنف تي هن نهايت ئي ڪارائتا ڪتاب جهڙوڪ ”ٻال رنگ منچ“، ”ناٽڪ ڪلا جو وڪاس“، ”ناٽڪ ۽ رنگ منچ ڪلا“، ”سنڌو ناٽيه درشن“ شايع ڪيا آهن، جيڪي گويا ورهاڱي بعد جي سنڌي ناٽڪن جو مڪمل اِتهاس آهن. ڄيٺي لالواڻيءَ جا اِهي ڪتاب نه رڳو ناٽڪ سان دلچسپي رکندڙ شاگردن لاءِ سمورو سامان ميسر ڪن ٿا پر اڳتي هلي اُهي بيشڪ اسان جي سنڌي قوم طرفان هند ۾ پنهنجي وجود لاءِ ڪيل جدوجهد جو دستاويز بڻبا. ڪاش ڄيٺي لالواڻيءَ جهڙا ٻيا به ڪي سنڌي تواريخ نويس پيدا ٿين“. (2)
غور طلب آهي ته ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ڀارت توڙي رياست گجرات جو پهريون سنڌي ناٽڪ نويس ناٽڪ نگار آهي، جنهن کي گجرات راجيه سنگيت ناٽڪ اڪادميءَ، ”گجرات راجيه “طرفان ”ناٽڪ ڪلا گؤرو اوارڊ“ 05-2004ع سان نوازيو ويو آهي. هيءُ پهريون سنڌي ناٽڪ نويس اهڙو انعام حاصل ڪندڙ شخص آهي.
ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ئي پهريون شخص آهي، جنهن سنڌي اصلوڪا، توڙي جديد ناٽڪ ، ريڊيو ناٽڪ سيريل، ٽي.وي ڊراما لکيا، پر انهن سان گڏ ناٽڪ جي فن ’ناٽڪ ڪلا جو وڪاس‘، ’ناٽڪ رنگه منچ ڪلا‘، ’سنڌو ناٽيه ڀومي‘، ’ٻال رنگ منچ‘ وغيره جهڙا ڪتاب پنهنجي اڀياس ۽ آزمودي سان جوڙيا آهن جيڪي هند – سنڌ جي نون ڪلاڪارن کي ناٽڪي فن جي پردو کُلڻ کان وٺي پردو بند ٿيڻ تائين مڪمل، هر فن جي تفصيلي ڄاڻ ميسر ڪن ٿا. اِن قسم جا ناٽڪ ڪلا جا ڪتاب سنڌ ۾ به شايع نه ٿيا آهن. ڊاڪٽر لالواڻيءَ کانسواءِ هند- سنڌ ۾، اهڙو ٻيو ڪوبه ناٽڪي فن جو ڄاڻو نه آهي، جنهن ناٽڪ جي ٽيڪنيڪي پهلو تي ڪتاب جوڙيا هجن. ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ گجراتي۽ هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ايڪانڪي، طويل ناٽڪ ترجمو ڪيا آهن ته ٻارن جا انيڪ ناٽڪ پڻ قلمبند ڪيا آهن گڏوگڏ ناٽڪن تي مقالا ۽ تبصرا به لکيا آهن.
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جا شايع ٿيل اصلوڪا ناٽڪن جا مجموعا هي آهن: (1) ”تنهنجا غم منهنجا آهن“ (1980ع)، (2) ”اوڀاريون لهواريون“ (1984)، (3) ”حادثو“ (1996ع)، (4) ”ڀينڪر پنجو“ (2003)، (5) ”آخرين سنڌي“ (2009)، (6) ”پيار جا رنگ“ (اسڪرين پِلي) (2012).
تنهنجا غم منهنجا آهن (1980):
هن ايڪانڪي مجموعي ۾ چار ناٽڪ: 1. تنهنجا غم منهنجا آهن 2.مونجهه جو سؤدو 3. اِشتهاري شادي ۽ 4. آتم هتيا (آپگهات) شامل آهن.
”تنهنجا غم منهنجا آهن“: ايڪانڪي ناٽڪ، سماجي مسئلي ’انتر ذاتي‘ شادي واري موضوع تي جوڙيل هڪ ڪامياب ناٽڪ آهي. جنهن ۾ ڪردار راجيش جي دليري، همت ۽ ساهس ڏيکاريو ويو آهي. راجيش پٺتي پيل جاتيءَ جو فرد آهي. سو هڪ برهمڻ ڇوڪري ’سنڌؤ‘ جي پريم ۾ قابو ٿي وڃي ٿو. اُنهن تي سماجي ۽ ڌارمڪ ڊپ حاوي آهي ته هنن جو خاندان ۽ سماج جون ريتون، رسمون هُن کي ’راجيش‘ کان دور ڪري ڇڏينديون.
”ريتيون- رسمون لڪشمڻ ريکائون نه آهن جي ماڳهين اورانگهي نه ٿو سگهجي“ ناٽڪ جو مکيه مرڪز ۽ موڙ آهي. انٽرڪاسٽ شاديءَ جي ڏس ۾ جيڪي ڊاڪٽر لالواڻيءَ، ناٽڪ ۾ جيڪي دليل ڏنا آهن اُهي ڪافي وزندار ۽ ناٽڪ جي مقصد سان تز ٺهڪندڙ آهن. ناٽڪ جو هڪ ڊائلاگ:
’’توهين حقيقيت شناس ٿيو، هيءُ فراخدليءَ جو زمانو آهي، سماجي حالتون تيزيءَ سان بدلجي رهيون آهن، توهين دل جو دائرو ڪشادو رکو، تنگدليءَ کي دور ڪريو، فراخدل ٿيندا ته ٻار توهان جي مڃتا ۾ رهندا. وري شادي ته هڪ شخصي مسئلو آهي، هر ڪنهن کي پنهنجو جيون ساٿي ڳولڻ جو حق هئڻ کپي، توهان پنهنجي ڌيءَ جي اها آزادي کسي آهي ۽ نتيجو توهان جي سامهون آهي...‘‘
”مونجهه جو سؤدو“:
هي نئين ائبسرڊ ناٽڪ روايتي طرز تي قلم بند ڪيل ناٽڪ آهي. هن ائبسرڊ تجرباتي ناٽڪ ۾ اداڪارن جي نالن بدران صرف ”ڪ“، ”ک“، ”ڇ“، ”چ“ اکر ڏنا ويا آهن ۽ بي ترتيب ڳالهيون درج ٿيل آهن. ناٽڪ پس منظر ۾ اُڀريل گوڙ، گنبوڙ ۽ گڏيل آواز، نعري بازيءَ سان شروع ٿئي ٿو. آواز ۾ شاگردن جو مطالبو آهي ته اُنهن کي ”مارڪون“ وڌائي ڏنيون وڃن ٻيءَ حالت ۾ هڙتال ڪري ڀڃ ڊاهه جون ڪارروايون ڪرڻ ۽ مظاهرا ڪرڻ جي ڌمڪي پڻ اُن ۾ شامل آهي.
’مونجهه جو سؤدو‘ ۾ جديد دؤر جي شاگرد طبقي جي وهنوار، سوچ، سمجهه، هلت تي هڪ تکي طنز ڪيل آهي. شاگردن جي پيدا ڪيل ماحول ۾ پڙهندڙ طبقي کي ڪهڙين اڻانگين ۽ منجهيل حالتن مان گذرڻو پوي ٿو،ان جو چِٽُ چٽيل آهي. لالواڻيءَ جو هي ناٽڪ ائبسرڊ روايت ۽ جديد تعليمي کيتر ۾ گهر ڪري ويل سياست ۽ شاگردن جي تانا شاهي، داداگيريءَ جو هڪ ڪامياب چِٽُ پيش ڪندڙ، ناٽڪ آهي.
”اشتهاري شادي“:
هن ايڪانڪيءَ ۾ پڻ بنا نالن جي جي ڪردارنگاري ڪئي وئي آهي. هن ايڪانڪيءَ ۾ چار ڪردار مرد ۽ عورت، آشا ۽ جيرام آهن. جيتوڻيڪ لالواڻيءَ جي هن ناٽڪ ۾ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ سڌي نموني رشتا آهن، ڄاڻايل نه آهن پر گفتگو ۾ اهي رشتا، ناتا بلڪل صاف ۽ چٽي نموني اظهار پائين ٿا.
هن ايڪانڪيءَ ۾ ”شاديءَ“ جي سماجي مسئلي جو چٽ چٽيل آهي. شاديءَ واري سماجي روايت ۾ جيڪي بدلاوَ آيا آهن، ۽ ڇوڪري- ڇوڪريءَ جي تلاش اِشتهارن، مِٽيُون مائٽيون ڪرائيندڙ گروهن ۽ پيشيور دلالن وغيره جي طرز جي هڪ اِشتهاري ذريعي کي اظهاريو آهي.
هن مجموعي جو آخري ۽ چوٿون ناٽڪ آهي ”آپگهات“. خودڪشي، مذهبي، سماجي توڙي قانوني طور ناجائز ۽ مهاپاپ(ڪبيرو گناهه) سڏيل آهي. پر هن ايڪانڪي ناٽڪ ۾ پهرين اپريل تي ٿيندڙ ”اپريل فول“ روايت کي کڻي جوڙي ويئي آهي. اپريل فول جي نالي، ڪرڻ ۾ ايندڙ مذاق ڪن کي ڀل خوشي ۽ ذهني تفريح ڏيندي هجي پر اُها مذاق ڪن کي ڪيڏي مهانگي پوي ٿي ڪيترو جيءُ جو جنجال بڻجي ٿي ، اهڙو حقيقي نقش هن ايڪانڪيءَ ۾ چٽيل آهي.
ڊاڪٽر لالواڻيءَ جي اڪثر ناٽڪن ۾ طنزومزاح سان گڏ اصلاح جو پهلو شامل آهي.
اوڀاريون لهواريون (1984ع):
هيءُ اوطاق ڪچهري نمان ريڊيو روپڪ 1984ع ۾ شايع ٿيل ناٽڪن جو مجموعو آهي. جنهن ۾ جدا جدا روز مره جي سماجي سياسي، ڌرمي ۽ معاشي موضوعن کي کڻي ناٽڪي انداز ۾ وڻندڙ اثرائتي گفتگو ذريعي مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. هر هڪ اوڀاري –لهواريءَ ۾ ڪردار مکي، مکياڻي، وئديه واڌورام ۽ ماستر ڪردار آهن. ’آڪاشواڻي‘ احمد آباد مان هر مهيني نشر ٿيندڙ هيءَ سيريز ڪافي وڻندڙ رهي. هن مجموعي ۾ چار ريڊيو ناٽڪ درج آهن. چئني ۾ سماجي مسئلا ڪڌين رسمن، ناانصافي، اُرهه زوريءَ جهڙي شرم ناڪ مسئلن جو شدت سان ذڪر ڪيل آهي. ان سان گڏ جديد واقعن ۽ عالمي سطح تي ملهائڻ ۾ ايندڙ خاص ڏينهن جو ذڪر به ملي ٿو. گفتگو ذريعي اِن ڳالهه کي بيحد لاثاني، ڪامياب ۽ اثرائتي نموني پيش ڪيو آهي. اُن سان گڏ هنري تعليم جي ضرورت، اهميت ۽ ترقيءَ ڏانهن اشارا ڪندي، سائنس جي ڏس ۾ ڀارت جي ڪيل ترقي ڏانهن پڻ عوام جو ڌيان به نهايت اثرائتي ڍنگ سان آسان ٻوليءَ ۾ رچيل گفتگو ذريعي ڇڪايو آهي.
چئن ڪردارن جي بحث، ذڪر ۽ فڪر ڏاهپ سان ڀرپور ۽ نرالپ ۾ اوت پروت ٿيل آهن: مزاح جو هڪ قسم ڏسو، ”توهان کي ٻڌائيندي خوشي ٿي ٿئي ته ساڙهي ٻائيءَ جي ڌيءُ مئڪسي ٻائيءَ جو وواه (وهانءُ) ڌوتي مل جي سپتر بيل باٽم سان تاريخ... تي رٿيل آهي. توهين ڪٽنب ۽ دوستن سميت حاضر رهي اچي جوڙي کي آشيرواد ڏيندا“.
اِن قسم جي مذاق سنڌي ناٽڪن ۾ پهريون دفعو پڙهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ ملي. ٻئي اوڀاري لهواري ناٽڪ ۾ سنڌي ٻوليءَجي مهانتا، وشالتا سان گڏ سنڌي قوم جي سنڌي ٻوليءَ کان دوريءَ، ٻولي جي خوبصورت، خوشبودار، رنگ برنگي ٻوٽي کي پٽي هٿن سان مروٽيو، سروٽيو پيو وڃي، سنڌين جي سنجيده مسئلي تي مفيد رائزني ڪئي ويئي آهي.
ليکڪ اِها به هڪ سچائي بيان ڪئي آهي ته ليڊر، سياسي اڳواڻ، محفل يا پنهنجي مهانتا اهميت، ضرورت ۽ عوام ۾ انتظاري پئدا ڪرڻ لاءِ سدائين دير سان پهچندا آهن. جنهنڪري پروگرام وقت سر شروع نه ٿيندا آهن ته وري ماڻهن جي ذهنيت پڻ بڻجي چڪي آهي ته پروگرام هميشه دير سان ئي شروع ٿيندا، وقت سر وڃڻ کان ڪا معنيٰ ڪانهي. اجايو انتظار ڪري بوريت حاصل ڪرڻ مان ڪوبه فائدو ڪونهي.
اهي اوڀاريون لهواريون سنڌ جي سنڌي اوطاق، ڪچهريءَ جون سِڪون لاهين ٿيون ۽ سنڌي اوطاق جي ماحول جي ترجماني ڪن ٿيون.
حادثو (1996ع):
هي ڄيٺي لالواڻيءَ جي ٽن ريڊيو ناٽڪن جو مجموعو آهي جنهن ۾ ” سرءُ جو پن“، ”چنبيليءَ جا گل“ ۽ ”حادثو“ ناٽڪ شامل آهن.
”سرءُ جو پن“ جديد دؤر جي ٻرندڙ سماجڪ مسئلي ۽ ڪٽنب جي رشتن ۾ آيل بدلاوَ ۽ وڇوٽين جا حقيقي چٽ چٽيل آهن. اڳ ۾ ڪٽنب ۾ بزرگن، وڏن، ماءُ-پيءَ جو اولاد- ٻارن طرفان عزت، مانُ، قائم رکيو ويندو هو ۽ پيءُ گهر لاءِ ڇپر ڇانوَ سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي اڪثر ائين ناهي.
جديد دؤر ۾ مغربي تهذيب سماج ۽ ڪٽنب ۾ ڪهڙي نموني ڏار وڌا آهن، اولاد نافرمان بڻجي پيو آهي ۽ گهر ۾ وڏا، بزرگ، ٻڍڙا نه گهرجن واري ذهنيت، وڌ ۾ وڌ ٻُڍا آشرم قائم ڪرڻ کي هٿي ڏني آهي ته وري جيڪي بزرگ ماءُ، پيءُ گهرن ۾ رهن ٿا اُنهن جي پنهنجي اولاد اُنهن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪري ٿو، اهڙو ڏکوئيندڙ وهنوار کڻي هڪ مَن سان هڪ بيمار پيءُ جي جيون جو چٽ چٽيو ويو آهي.
جتي اڄ بي اولاد جوڙا، اولاد لاءِ ٽيسٽ ٽيوب بيبي، پئسن تي گرڀ وٺي يا انات آشرمن (يتيم خانن) مان ٻار هنج وٺن ٿا، اُتي ڄيٺي لالواڻيءَ جو ناٽڪ ”سرءُ جو پن“ ٻڍن کي گود وٺڻ جو هڪ نئين سوچ ۽ سماجي حل کڻي هلي ٿو.ناٽڪ جا ڊائلاگ تُز، سماجي ويچار ڌارا، جديد بدليل ذهنيت جي عڪاسي ڪندڙ ۽ سماج تي گهري چوٽ ڪندڙ جذباتي آهن.
ان مجموعي جو ٻيو ناٽڪ آهي ”چنبيليءَ جا گل“ جتي ٻڍاپي جي ڏکن سورن کي سرءُ جو پن پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو، اُتي هيءُ ناٽڪ قتل جي حالتن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو. هڪ خونيءَ کي قتل جي ڏوهه هيٺ عمر قيد جي سزا مليل آهي. ان کي پنهنجي ڪيل گناهه لاءِ افسوس نه آهي. چنبيليءَ جي گل سان هن جي جيون مهڪ جون ساروڻيون ۽ گهاريل سُکيا پل جڙيل آهن. هي قيدي عمر قيد جي سزا ملڻ سبب جيئڻ جي خواهش وڃائي نااُميد بڻجي چڪو آهي، پر جيل کي پنهنجو گهر ۽ قيدين، جيل عملي کي پنهنجو ڪٽنب سمجهي جيون گذاري رهيو آهي. سڀني سان سٺي هلت هلي سک، خوشي ۽ آنند جو احساس محسوس ڪندو رهي ٿو. هو ڄاڻي ٿو ته جيل کان ٻاهر جي دنيا موقعي پرست آهي.هو عورت کي بيوفائيءَ جو ٻيو نالو سڏي ٿو ۽ سمجھي ٿو ته. پيار هڪ خوبصورت دوکو آهي.
هن ناٽڪ موجب عورت، سادو جيون گذارڻ ۽ خوش ٿي رهڻ بدران قيمتي ويس وڳا، عيش عشرت فئشن جي شين پٺيان ايترو پاڳل ٿي وڃي ٿي جو بي وفا بڻجڻ ۽ پتي پرميشور (مڙس) سان دوکو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي ۽ اهڙا عڪس هن ناٽڪ ۾ ڊاڪٽر لالواڻيءَ بيحد خوبصورتيءَ سان چٽيا آهن.
واقعن کي فنائتي ۽ اثرائتي نموني تُز گفتگوءَ سان ڪردار نگاري ۽ واقعه نگاريءَ کي هن ناٽڪ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. قانون تي به طنز ڪيل آهي ۽ افسوس به ظاهر ڪيو آهي. ڇو ته قانون ثبوتن ۽ شاهديءَ تي هلي ٿو ڀل اُهي شاهد ڪوڙا، نقلي، پئسن تي خريد ڪيل بيهاريا وڃن. جنهن سبب اصلي گنهگار ڇُٽي وڃن ٿا، بي ڏوهي سزاياب ٿين ٿا.
مجموعي جو ٽيون ۽ آخري ناٽڪ آهي ”حادثو“ سماج ۾ ٻرندر مسئلي ڏيتي– ليتيءَ تي قلم بند ڪيل آهي، ڏيتي- ليتيءَ کي کڻي انيڪ رچنائون ۽ ناٽڪ جوڙيا ويا آهن. ان ڏائڻ (رسم) انيڪ گهر تباهه ڪيا آهن، بي گناهه ڇوڪرين، ڪنوارين سهاڳڻين کي جيئري جلايو ويو آهي،ڏيتي ليتي سبب اڪثر طلاقون ٿيون آهن، ڪيتريون وڏي عمر جون نياڻيون ڪنواريون ويٺيون آهن.
اهڙي ئي هڪ ڪٽنب جي نُنهن، جنهن کي جيئري جلائي ”حادثو“ جو روپ ڏيڻ جي هڪ غير اِنساني حرڪت کي کڻي لالواڻيءَ هڪ نئين روپ، رنگ انداز سان هڪ بهترين ايڪانڪي جوڙي آهي.
هن ناٽڪ کي سرڪار پاران ڀارت آڪاشواڻي ناٽڪ چٽا ڀيٽيءَ ۾”بهترين ناٽڪ“ طور انعام به حاصل ٿيو ته وري سنڌيءَ جي سدا حيات ڊائريڪٽر ايس پي منگهاڻيءَ جي ڊئريڪشن ۾ ’آڪاشواڻي‘ ممبئيءَ ۽ ٻين مرڪزن تان هي ناٽڪ نشر ٿي عوامي پذيرائي حاصل ڪري چڪو آهي. هن ناٽڪ ۾ ممبئيءَ جي رنگ منچ، فلمن ۽ آڪاشواڻي جي بهترين ڪلاڪارن حصو ورتو.
ناٽڪ جي ڪهاڻيءَ ۾ انتظاري ۽ جاسوسيءَ جو انگ پڻ شامل آهي. ناٽڪ جي گفتگو دل کي ڇهندڙ ۽ سماج جو جديد ترين عڪس پسائيندڙ آهي ۽ وڏي ۾ وڏي برائيءَ ۽ نيچ سوچ، ذهنيت جا چٽ اُڀري اچن ٿا. نُنهن کي جلائڻ، طلاق ڏيڻ، جديد سماج ۾ هڪ وڏو خوفناڪ مسئلو آهي ۽ گهر گهر جي ڪهاڻي بڻجي چڪو آهي. ناٽڪ نويس اُن ڏانهن وقتائتو ڌيان ڇڪائي سماج ۾ سجاڳي آڻڻ ۽ ڳنڀيرتا سان سوچڻ جو وقتائتو قدم کنيو آهي..
ڀَينَڪر پنجو (2003):
ڄيٺي لالواڻيءَ جي لکيل هي ريڊيو ناٽڪ سيريل لڳاتار ريڊيو احمد آباد ۽ ڀُڄَ تان نشر ٿي چڪو آهي.جيڪو اصل ۾ موضي مرض ”ايڊز“ جي موضوع تي لکيل آهي.
ايڊز هڪ خؤفناڪ ۽ لاعلاج بيماري آهي، جنهن سڄي دنيا کي ڊپ ڏئي ڇڏيو آهي. دنيا ڀر جا ڊاڪٽر ۽ سائنسدان هن جو علاج ڳولڻ لاءِ سرگردان آهن، کوجنائون وڏي پئماني تي جاري آهن. هيءَ بيماري جنهن کي ٿئي ٿي اُن جي موت جي پڪ آهي. موجوده علاج سان صرف ڪجهه ڏينهن موت کي پري ڌڪي سگهجي ٿو، پر آهستي آهستي ايڊز جي پڪڙ سخت ٿيندي وڃي ٿي. انڪري لالواڻيءَ هن کي ”ڀَينَڪر پنجو“ عنوان ڏنو آهي. ناٽڪ جو عنوان بلڪل تُز ۽ صحيح آهي.
هن ريڊيو سيريل ۾ ايڊز ڇا آهي؟ اُن جا قسم ڪهڙا آهن ۽ اُها ڪيئن ٿي ٿئي؟ اُن جي ڦهلجڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن. ڪهڙين ڳالهين تي عمل ڪرڻ سان ايڊز کان بچي سگهجي ٿو؟ اُن جو علاج ڪهڙو آهي؟ وغيره جي مڪمل ڄاڻ سان گڏ اُها ڪڏهن ۽ ڪٿان شروع ٿي جو تواريخي پس منظر به پيش ڪيو آهي.
موضوع جي تهه ۾ وڃڻ ۽ عوام کي سمجهه ۾ اچي، اِن لاءِ ڄيٺي لالواڻيءَ ان ناٽڪ کي اٺن ڪڙين (قسطن) ۾ ورهايو آهي ۽ هڪ ڪڙيءَ کي جدا جدا عنوان ڏنو آهي.
”ڀـينڪر پنجو“ ۾ آخر ۾ لالواڻيءَ جا جوڙيل ’ايڊز گيت‘ پڻ ڏنل آهن اهڙي قسم جي ڪوشش سنڌي ناٽڪ اِتهاس ۾ پهريون دفعو ڪئي ويئي آهي. واقع نگاري، ڪردار نگاري فنائتي ۽ ناٽڪي ٻولي اثرائتي آهي.
هيءُ مجموعو لالواڻيءَ جي وسيع سمجهه، ڄاڻ ۽ ايڊز بابت اونهي اڀياس طرف اِشارا ڪري ٿو. سنڌيءَ ۾ هند- سنڌ اندر هيءُ پنهنجي قسم جو پهريون ۽ قيمتي دستاويز ۽ سائنسي فِڪشن جو عمدو مثال آهي.
آخرين سنڌي (2009):
هن ايڪانڪي مجموعي ۾ جملي 9 ايڪانڪيون (1) ڀاڀي، (2) اننت ياترا، (3) انت ويلو، (4) آخرين سنڌي، (5) سونا ڪنگڻ، (6) سرءُ جو سُک،(7) تون ڪير آهين، (8) عمر مارئي ۽ (9) پڃري ۾ شينهن درج ڪيل آهن. جنهن ۾ اسٽيج ايڪانڪيون آخرين سنڌي، تون ڪير آهين ۽ ٻه عمر مارئي ۽ پڃري ۾ شينهن، پُتلي ناٽڪ آهن، باقي ريڊيو ايڪانڪيون آهن.
”ڀاڀي“:
ناٽڪ، عنوان مان ئي گهر ۾ ڏير ڀاڄائيءَ جي رشتي ڏانهن اِشارو ڪري ٿو. رام- ساگر ٻه دوست آهن. ٻنهي کي ڀاڀي آهي. رام جتي ڀاڀيءَ جي وهنوار مان خوش آهي اُتي ساگر ڀاڀيءَ مان خفي آهي. رام چوي ٿو ”مان جيڪي ڪجهه آهيان ڀاءُ ۽ ڀاڀيءَ جي بدؤلت آهيان“. ساگر چوي ٿو: ”رام کي بنواس ڪيڪئيءَ ماءُ ڏنو، مون کي ديش نيڪالي ڀاڄائيءَ ڏني“.
هيءَ گفتگو ٻن ڀاڀين جي روپ، وهنوار، سوچ ۽ ڏير ڀاڄائيءَ جي رشتي کي بلڪل چٽو ڪري بيهاري ٿي. هڪ رشتي ۾ ميٺاج، عزت، پنهنجائپ آهي. ٻئي رشتي ۾ ڪؤڙاڻ، نفرت ۽ ڌارائپ آهي، ڏير ڀاڄائيءَ جو رشتو هڪ گهر ۾ شفي آهي ته ٻئي گهر ۾ نفي آهي.رشتن جي ميٺاج، ڪوڙاڻ ۽ شڪ هن گفتگؤَ مان ناٽڪ جي مقصد جي چٽائي ۽ پيغام ظاهر ٿئي ٿو.سماج ۾ ڀروڻ هتيا (گرڀ ۾ ئي ٻالڪا کي ماري ڇڏڻ) جهڙي ڳنڀير سماجي مسئلي تي به روشني وجهندڙ هڪ انوکي، سڦل، ايڪانڪي ناٽڪ آهي.
انت ويلو:
هيءُ ناٽڪ آمريڪا ۾ آباد سنڌيت کان دور ڀڳل صرف پئسي پٺيان ڊوڙندڙ هڪ شخص جي جيون جهلڪ پسائيندڙ ناٽڪ آهي. آمريڪا ۾ رهندي به هن شخص جي اندر ۾ پنهنجي سنڌي هجڻ جو احساس، جذبو سدائين اُڀرڪا کائيندو رهيو. سنڌيت، سنڌي ماحول، سنڌي بستيءَ کان دور هجڻ جي باوجود به هن جون سڀ ڌيئرون پرديس ۾ غير سنڌين ۾ شادي ڪري وڃن ٿيون، پر هن پنهنجن پٽن جي شادي ڀارت ۾ ڪرائي سنڌي نُنهرون ورتيون، هڪ وڏي عمر ۾ مٿان پريشان هو بيمار ٿي پوي ٿو. اسپتال ۾ داخل ڪرايو وڃي ٿو. آءِ. سي. يو ۾ آخري دم ڀري رهيو آهي ۽ نيم بيهوشيءَ ۾ ”ڪنور- ڪنور“ بڙ بڙائي ٿو، ڪٽنب جا ڀاتي اِهو نالو ٻڌي حيرت ۾ پئجي وڃن ٿا. رام جي ننهن پنهنجي اُستاد کي فون ڪري ”ڪنور“ نالي شخص جي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. هو هن کي ٻڌائي ٿو ته ”اَمر شهيد ڀڳت ڪنور سنڌين جو سرتاج ، مايه نياز نماڻو ڀڳت ٿي گذريو آهي. جنهن جي واڻيءَ ۾ سنڌؤَ جي امرت ڌارا وهندي هئي. هن جو مٺڙو آواز ٻڌي روح کي اڄ به راحت ايندي آهي، سرير نچڻ لڳندو آهي.
”نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو“ گيت هلي ٿو ته هڪ جادوئي ڪرشمو ٿئي ٿو. بيهوش پيل رام جي سرير (جسم) ۾ چرپر ٿئي ٿي. چپ ڦڙ ڦڙائين ٿا، اکيون کلن ٿيون ۽ ڪئسيٽ پوري ٿيڻ سان هن جو ڪنڌ لڙڪي وڃي ٿو. آتما پرواز ڪري وڃي ٿي. هن ناٽڪ ۾ ڀڳت ڪنور رام جا ٻيا ڪلام به ڏنل آهن، ڪنور جو مڌر آواز ان مرندڙ ڪردار جي روح جي راحت بڻجي ٿو.
اننت ياترا:
هي ناٽڪ، مؤتمار بيماري ايڊز کي کڻي قلم بند ڪيل آهي. اڪثر اهو چيو وڃي ٿو ته ايڊز جي بيماريءَ ۾ موت جي بلڪل پڪ آهي. هن ايڪانڪيءَ ۾ ناٽڪ نويس، ناجائز جنسي لاڳاپن رشتن کان سواءِ ٻين ڪهڙن طريقن سان ايڊز ڦهلجي ٿي، ان جو ذڪر ڪري سماج ۾ سجاڳي ۽ خبرداري قائم ڪرڻ جي هڪ سڦل ڪوشش ڪئي آهي.
ناٽڪ ۾ سُکي، شاهوڪار، انسانيت، سان ڀرپور هڪ ڪٽنب جو چتر چٽيل آهي. سنيل هڪ پڙهيل ڳڙهيل، محنت ڪش، رحمدل نوجوان آهي. بار بار رت دان ڪندي ڊاڪٽر جي لاغرضائيءَ سبب ايڊز جي سنيل کي به ايڊز ٿئي ٿي ۽ سندس گهر جي خوشين ۾ رُخنو پوي ٿو ۽ شروع ٿئي ٿو ...ڏک، پيڙا سان گڏ روڄ راڙو.
هيءُ ناٽڪ سائنس فڪشن تي آڌارت آهي ۽ ميڊيڪل سائنس جي ڪن لا علاج بيمارين ۾ ڪيتري لاچاري آهي، جو هڪ بهترين عمدو مثال به هن ناٽڪ ۾ قائم ڪيل آهي، گڏوگڏ ڪمپنيءَ جي وفادار ملازمن کي ڪمپنيءَ جي نفعي آڌارت ڀائيواري ڏيڻ جو هڪ سهڻو نياپو پڻ ڏنل آهي.
هن ايڪانڪيءَ ۾ رت دان ڪري ڪنهن جي حياتي بچائڻ جي ثواب جو ڪم ڪري اِنسانيت جي خدمت ڪرڻ جو پيغام به ڏنل آهي.
آخرين سنڌي :
سنڌي ٻولي، ثقافت، تهذيب ۽ ادب جي هيڻي حالت ڏسندي سنڌيت جا ديوانا، شيدائي، سنڌيءَ جي ڦهلاءَ وڪاس لاءِ ڪافي ڳڻتيءَ ۾ آهن. اسين هڪ حقيقت اکين پسي رهيا آهيون ۽ نظر به اچي رهيو آهي ته اسان جي سنڌي مٺڙي، شاهوڪار ٻولي، سنڌيت، تهذيب اسان جي گهرن مان تڪڙي تڪڙي موڪلائيندي پيئي وڃي. سنڌي قوم جي وجود لاءِ ڪافي خطرا پئدا ٿيا آهن، ڏکين حالتن جي لاءِ اسين خود جوابدار آهيون. اڻانگن رستن تي اچي بيهاريو آهي ۽ سنڌي سماج جو ساڃهه وند طبقو سنڌي ٻوليءَ جي حفاظت، بچاءَ ڦهلاءَ لاءِ هر ممڪن وت آهر ڪوششون وٺي رهيو آهي، جنهن ۾ ناٽڪ نويس به شامل آهن.
ناٽڪ نويس ڏٺو ۽ شدت سان محسوس ڪيو آهي ته: سونهاري سنڌ جي سرموڙ ڀڳت امر شهيد ڪنورام جي مٺڙي ۽ روح کي راحت ڏيندڙ آلاپ، شاهه، سچل، ساميءَ ۽ ٻين درويشن، سَنتن کي مڃيندڙ ڪوبه رهيو نه آهي. پرشار ٿي، پرمار ٿي، ٿورئي کٽئي گهڻي برڪت، اڍائي گهرن جي خير گهرندڙ، تون به رهه مان به رهان ۾ عقيدو رکندڙ قومي ايڪتا جا حمايتي، دنيا جي اعليٰ ترين، قديم سڌريل سنڌو سنسڪرتي جي وارثن، سٻاجهن سهڻن، مهمان نواز سنڌي سماج جي وجود سامهون اڄ وڏي سوال جي نشاني لڳل آهي. جديد سنڌي سماج جي اهڙي هيڻي، مرڻينگ حالت ڏسي ، ڄيٺي لالواڻيءَ جو جيءُ جُھري ويو. هن محسوس ڪيو ته اڄ جي هيءَ حالت آهي ته چار سئو پنج سئو سالن کان پوءِ ڪهڙي حالت هوندي جي اڳڪٿي ڪري، سنڌي قوم کي سجاڳ ۽ ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ هن ”آخرين سنڌي“ ناٽڪ جوڙي ورتو. هيءُ ناٽڪ جئه پرڪاش مسند جي هدايتڪاريءَ ۾ تختي تي پيش ٿي جدا جدا شهرن ۾ مڃتا حاصل ڪري چڪو آهي.
هن ناٽڪ ۾، ايندڙ زماني جي سنڌيت جي بدليل حالتن جو تصور ڏنل ۽ اڳڪٿي ڪيل آهي ته ڪو اهڙو وقت به ايندو جڏهن هن دنيا ۾ صرف هڪ سنڌي هوندو، اُن جي مؤت سان قوم جو وجود ختم ٿي ويندو! ۽ گم ٿي ويندو.
ناٽڪ ۾ سنڌ، سنڌيت، سنڌي ٻوليءَ جي اعليٰ پڻي، سندرتا، موهن جي دڙي جو ذڪر ڪيل آهي. ڀُليل سنڌين کي پنهنجي ورثي بابت ڄاڻ ڏيڻ جي هڪ انوکي ٽيڪنيڪ ذريعي، ماضيءَ جا چٽ اُڀاري، فلئش بئڪ ۾ سفر ڪرائي سهڻا چٽ ۽ تصويرون ڏيکاريل آهن.
ناٽڪ ۾ سنڌي ٻال گيتن ۽ ٻين سنڌي گيتن جو پڻ سهڻو ۽ ناٽڪ سان ٺهڪندڙ واهپو ڪيو ويو آهي. مونو لاگ ۾ موهن جي دڙي جي قدامت سان گڏ اُن جي آتم چوڻيءَ سان سڃاڻپ ڏنل آهي.
ڊاڪٽر لالواڻيءَ ايليفنٽ برڊ ۽ فينيڪس پکين جو ذڪر ڪيو آهي. فينيڪس پکي مرڻ بعد رک مان وري جيئرو ٿيندو آهي. ناٽڪ نويس جي به خواهش آهي ته ڪاش سنڌي به فينيڪس پکي هجي ها ته وري جنم وٺڻ جي اُميد ڪري سگهجي ها!
هن ناٽڪ ۾ سنڌي سماج جي جدا جدا حالتن جو خوبصورت جائزو ورتل آهي. هن ناٽڪ ۾ سنڌي ناٽڪن جي تواريخ ۾ پهريون ڀيرو ربوٽ کي ۽ هڪ سائڪڪ ڪمپيوٽر جنهن جي اڃا تائين ايجاد نه ٿي آهي جي ڪردار طور پيش ڪيو ويو آهي جيڪو ناٽڪ نويس جي خوبصورت ڪلپنا شڪتيءَ جو مظاهرو ٿو ڪري.
جديد دؤر ۾ سنڌي سماج جي بدليل ذهنيت، وهنوار، عمل ۽ آهستي آهستي فنا ٿيڻ جا حقيقي چٽ چٽيل، هي ناٽڪ بيحد ڪامياب ۽ تواريخي حيثيت رکندڙ آهي. رشتن جي شدت ميٺاج، پنهنجائپ، وشواس، فرض، سمجهه اُڀاريندڙ ناٽڪ جو گفتگو ڪافي اثردار آهي.
سونا ڪنگڻ:
هي ڪٽنبي رشتن تي آڌاريل سماجي ايڪانڪي ناٽڪ آهي. هڪ سهرو نُنهن مان خفي آهي ته ٻيو سهرو پنهنجي ننهن کي ديوي سورپ لڇمي ۽ سلڇڻي روپ ۾ پسي ٿو. اڄ جڏهن ننهرون گهر ۾ اچڻ شرط ڪروڌ ڪري وڃي الڳ رهن ٿيون، اها ته گهر گهر جي ڪهاڻي آهي، اهڙي سماجي تنگ ماحول ۾ اهڙيون به سڀاڳيون ننهرون آهن. جيڪي ساهري گهر کي پنهنجو سمجهي اُن جو مانُ مٿاهون قائم رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.
جتي جديد نُنهرون گهر کي دوزخ بڻائي ٿيون ڇڏين،هڪ گهر مان ٻه گهر ڪن ٿيون ايتري قدر جو طلاق جي نؤبت بڻجي ٿي، سس سهري جي خدمت ڪرڻ بدران کين ٻُڍا آشرم موڪلي ٿيون ڇڏين اُتي ناٽڪ نويس سلڇڻي ننهن جو چٽ چٽي سماج کي خوشحال بڻائڻ جو سنيهو ڏنو آهي.
سرءُ جو سک:
ايڪانت ۽ اڪيلائپ ٻه الڳ لفظ آهن. ايڪانت من کي سڪون ڏيندڙ هوندي آهي، جتي ايڪانت سُک ڏيندڙ هوندي آهي اُتي اڪيلائپ ڏکوئيندڙ هوندي آهي. من گهرئي ساٿيءَ کانسواءِ اڪيلو جيون اِنسان کي ٻوجهه لڳندو آهي ۽ طبيعت به خشڪ ٿيڻ لڳندي آهي. اڪيلائپ کي کڻي سماجي ايڪانڪي ناٽڪ ”سرءُ جو سک“ جوڙيل آهي.
ناٽڪ نويس جي نئين سوچ، تهذيب ۾ آيل بدلاوَ جو صحيح چٽ پيش ڪندڙ ايڪانڪي سماج جي سوچ کي جتي هڪ موڙ ڏئي ٿي اُتي ڪٽنبي رشتن جي بدلاوَ کي به ظاهر ڪري ٿي.
سنڌي لوڪ چوڻين، اصطلاحن، پهاڪن جو ڀرپور واهپو ڪري هن ناٽڪ جي ڪردارن ۽ واقعن کي چٽو ڪيو ويو آهي.
”تون ڪير آهين“؟:
سماجي ٻرندڙ مسئلي ڏيتي – ليتيءَ کي کڻي ادب ۾ انيڪ قسمن جون رچنائون ۽ ناٽڪ قلم بند ڪيا ويا آهن. پر هي ناٽڪ سنڌيءَ ۾ ٻين سڀني کان نرالي ٽيڪنڪ ۽ نواڻ کڻي ايندڙ پيشڪش جي لحاظ کان هڪ نئون تجربو آهي.
هن ايڪانڪيءَ ۾ جدا جدا ڪٽنبن، گهرن ۾ ٿيندڙ ڏيتي ليتيءَ جي واقعن کي ڏيکاريو ويو آهي. ڏيتي ليتيءَ ڪري سماج ۾ عورتن ۽ نياڻين سان ٿيندڙ قهرن، انيائن ۽ ظلمن دلسوز ڍنگ سان ترتيب ڏني ويئي آهي. ناٽڪ جي ٻولي هر لحاظ کان بهتر ڪتب آندل آهي.
هي ناٽڪ سنڌي لاڏي ”رک صندليءَ تي پير منهنجا مور لاڏا“ سان شروع ٿئي ٿو. نرت ڪلا به ڀرپور پيش ڪيل آهي. عورت جو شعور جاڳي ۽ هوءَ پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ سگهاري بڻجي، ايڪانڪيءَ جو جيڪو گهربل مقصد آهي اُهو چٽيءَ طرح برثواب ٿئي ٿو.
عمر مارئي:
شاهه لطيف سنڌ جو سر موڙ شاعر هئڻ سان گڏ دنيا جو بهترين شاعر به آهي. انگريز ، ناٽڪن ۽ شاعريءَ ۾ شيڪسپيئر تي ناز ڪندا آهن، تيئن اسين سنڌي شاهه جي ڪلام ۽ اُن جي ڪلام ۾ شامل ستن لوڪ ڪٿائن ۾ شامل ڀرپور ناٽڪي عنصرن تي اوچو ڳاٽ کڻي هلون ٿا.
شاهه ڀٽائيءَ جي ستن سورمين ۽ سورمن کي کڻي انيڪ مطلب ظاهر ڪرڻ جي هند – سنڌ ۾ ڪوشش ڪئي ويئي آهي. پر شاهه جي ڪنهن به لوڪ ڪٿا کي پپيٽ ناٽڪ ۾ ڪٿي به ڪڏهن به پيش نه ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر لالواڻي سنڌيءَ ۾ پهريون ڀيرو ”عمر مارئي“ پپيٽ ناٽڪ قلم بند ڪري مشهور پپيٽ جوڙي مهيپت ليلاڪويءَ جي ڊئريڪشن ۾ پپيٽ ناٽڪ ”عمر مارئي“جي ڊي وي ڊي تيار ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي.
مارئيءَ جي لوڪ ڪٿا، انيڪ شاعرن، ناٽڪ نويسن پنهنجي پنهنجي نموني نثر توڙي نظم ۾ بيان ڪئي آهي.
”عمر مارئي“ پپيٽ ناٽڪ هر لحاظ کان هڪ اعليٰ ڪوشش آهي اُن ۾ ناٽڪ نويس ٻولي رچڻ ۾ سندس ٻوليءَ جو ماهر هجڻ جو پڪو ثبوت ڏنو آهي. گفتگو نثر توڙي نظم ٻنهي حوالن ۾ ملي ٿي. شاهه جي روحاني راهه جي واقفيت، سماجي اخلاق جي ڄاڻ، وطن پرستيءَ، انسان دوستي، ۽ هُن جي انساني سونهن جسماني توڙي ذهن جي ڄاڻ سان گڏ قدرتي سونهن جي سڃاڻپ جيڪا عورت جي عظمت آهي اُن کي ناٽڪ نويس جيئن جو تيئن هن ناٽڪ ۾ اظهارڻ، سمائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.
مارئي هڪ عورت آهي، انسان آهي، ۽ وطن دوست به آهي اِهي مارئيءَ جا روپ هن ايڪانڪيءَ ۾ شدت سان اُڀري بيٺا آهن. ناٽڪ نگار هن ايڪانڪيءَ ۾ عورت جي دل، پنهنجي ملڪ ملير سنڌ سان اُڪير عورت جي دل جو سچو روپ عورت جو ست، پنهنجي محبوب سان وفاداريءَ ۽ هڪ سنڌي عورت جي صحيح روپ عڪاسي ڪئي آهي. مارئي سنڌ جي سڀيتا ۽ حب الوطنيءَ جو مجسم آهي. پنهنجي محبوب لاءِ لڄ سنڀالي رکي ٿي. مارئي ٿر سان پيار ڪيو آهي. ناٽڪ نويس ڊاڪٽر لالواڻي جي ٻني- ڪڇ سان اُٿاهه محبت آهي. تنهنڪري هُن اهو عڪس خوبصورتيءَ سان چٽيو آهي.
هي ناٽڪ غريب سٻاجهڙن سنڌين جي شرافت ۽ خودداريءَ جو قصو آهي ته گڏوگڏ سنڌ ۽ سنڌين جي اعليٰ سماجي قدرن ملهن جي تصوير آهي. رشتن جي پاڪ ۽ پوتر کي به اظهاري ٿي. ڀاءُ ڀيڻ جو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پاڪ، پوتر، ڀروسي جو رشتو سڏيو ويندو آهي. اُهو ڀلي رت جو رشتو هجي توڙي ڌرم جو ڀاءُ ڀيڻ جو جو رشتو هجي يا ڪنهن ڀيڻ ڪنهن کي ڀاءُ چئي صرف مخاطب ٿي هُجي. اِن رشتي سان گڏ مارئي جي قصي ۾ هڪ ٻيو رشتو کير پيتي ڀيڻ ظاهر ڪري ٿي.
عمر مارئي، هند سنڌ جو پهريون پپيٽ ناٽڪ آهي. جنهن کي قلم بند ڪرڻ جو شرف ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ کي حاصل آهي ۽ ناٽڪ جي نئين روپ کي سنڌيءَ ۾ آندو آهي.
پڃري ۾ شينهن:
پنج تنتر جون اخلاقي ڪهاڻيون ڀارتي ادب جي سونهن ته آهن ئي پر دنيا ۾ هاڪاريون پڻ آهن. ناٽڪ نويس اُنهن ڪهاڻين مان هڪ اخلاقي، تفريح سان ڀرپور ڪهاڻيءَ جي چونڊ ڪري آکاڻيءَ روپ ۾ ڪهاڻي ٻڌائيندي، پپيٽ ناٽڪ ”پڃري ۾ شينهن“ نالي قلم بند ڪئي آهي.
جتي اِنسان کي اشرف الخلوقات سڏيو وڃي ٿو اُتي هن لوڪ آکاڻيءَ ۾ جانورن ذريعي اِهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي ته انسان ڪيترو ٻهروپيو ۽ لالچي آهي، بدزن ٿيل آهي. گڏهه واتان چوائي ٿو. ”ماڻهو ڏاڍا نردئي ٿي پيا آهن سڄو ڏينهن سخت محنت مزوري ڪرائڻ، اُسن ۾ رُلڻ کان پوءِ به کاڌي وقت گهر مان لٺ هڻي هڪالي ڇڏيندا آهن“.
هي ناٽڪ جديد دؤر جي سماجي حقيقت جو سهڻو اظهاري چٽ آهي.
پيار جا رنگ (احساس رشتن جو) (2012):
هيءُ هڪ سٺو اسڪرين پلي آهي، جنهن جي سنڌيءَ ۾ ساڳئي نالي سان گجرات جي پهرين رنگين، سئنيما اسڪوپ، ڊجيٽل فلم نريش اُوڌاڻيءَ جي هدايتڪاريءَ ۾ تيار ٿي، ڀارت جي وڏن شهرن ۾ رليز ٿي مڃتا حاصل ڪري چڪي آهي. فلم ۾ پرڏيهي سڀيتا جي اثر هيٺ، نوجوان پيڙهيءَ ۾ گهر ڪري ويل ’لو اِن رليشن‘ کي کڻي اسڪرين پلي ۾ جدا جدا پرڏيهي فلمائي ڊائلاگن ذريعي سلسلو جوڙي هڪ خوبصورت مالها جو روپ ڏنو ويو آهي.
فلم ۾ جدا جدا رشتن ۽ اُنهن جي احساسن کي فنائتي ڍنگ سان پيش ڪيو ويو آهي. رشتا به عجيب آهن ڪڏهن جڙن ٿا ڪڏهن ٽٽن ٿا، خبر ئي نٿي پوي. ڪٿي رشتا ٽٽڻ کي ته وري ڪٿي ناجائز رشتن جي جڙڻ سبب دلين کي جدا جدا احساس ملن ٿا.
”پيار جا رنگ“ ناٽڪ ۾ جدا جدا رشتن ڀاءُ ڀيڻ، سس- ننهن، سهري مڙس، زال پريمي پريمڪا، دوستي، پيءُ پٽ، ڌيءُ- پيءُ ماءُ، ملازم – مالڪ وغيره جي جائز ۽ ناجائز، بدلجي ويل ٽٽل، جڙيل رشتن جا جدا جدا رنگ روپ اظهاريا ويا آهن.
جديد دؤر جا ماڊرن سوچ رکندڙ پرڏيهي تهذيب جو نقل ڪندڙ نوجوان مائٽن جي پيار، ممتا، ڀرپور سهولتن، جو ڪيترو نه ناجائز فائدو وٺن ٿا ڇڙواڳ بڻجي عيش عشرت واري زندگي جيئن ٿا،ان جا به ڀرپور چٽ هن ناٽڪ ۾ چٽيل آهن، اِهو به ڏيکاريل آهي ته مائٽن جو فرض آهي ته ڀل هو پنهنجي اولاد کي ڀرپور جديد ترين سهوليتون ڏين پر هنن مٿان ڪجهه لغام ضرور لڳائين ۽ اُنهن جي مشغولين تي ڪرڙي نظر رکن.
هن سماجي، ڪٽنبي، رشتن جي احساسن سان ڀرپور اسڪرين پلي ۾ سنڌيت، سنڌي سماج ، عقيدن، ريتين، رسمن ۽ اُن ۾ وقت پٽاندڙ آيل بدلاوَ کي به چٽيو ويو آهي. اِن ڳالهه تي به زور ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن نُنهن سان ساهرا ڌيءَ جھڙو سڀاءُ رکن ته سنڌي سماج ۾ جيڪي مائٽيون ٽٽڻ، گهر ٽٽڻ، طلاق ۽ باهين ۾ ننهرن کي ساڙڻ جا گنڀير مسئلا گهر ڪري چڪا آهن، اُهي ختم ٿي سگهن ٿا.
ناٽڪ جي گفتگو ڪٽنبي رشتن، وهنوار، سوچ، خوشحال جيون، سماجڪ روايتن کي اظهاري ٿي ۽ رشتن جو احساس ڏيکاري ٿي.
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جا متفرقه ناٽڪ:
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي ناٽڪن جي ڪتابن کانسواءِ سندس هي ناٽڪ جدا جدا مخزنن ۽ رسالن ۾ پڻ شايع ٿيل آهن: ”پنهنجا نيٺ پنهنجا“۾ ذهني سطح ۽ مستقل نقطه نگاهه جو اولڙو شامل آهي. پنهنجي سڃاڻپ، تهذيبي، ورثي کي وڃائڻ جي خوف جي پيڙا جي تصوير آهي. البت اهو ناٽڪ جذبات سان ڀرپور آهي. موجوده دؤر جي سنڌيت کان دور ڀڄندڙ، جديد دؤر ۾ لڙهي ويل هڪ ڪٽنب جي ماحول ڪري هڪ پوئين پيڙهيءَ جي ڪردار کي گهُٽ ۽ ٻُوسٽ جو احساس ٿئي ٿو. آخرڪار وري نئين پيڙهيءَ ۾ سنڌيت جا سنسڪار ڏسي ڪجهه سڪون حاصل ڪري ٿو ماهر ڊائريڪٽر پنهنجون تمام فني قوتن جو استعمال ڪري ڊرئميٽڪ ائڪشن کي اُڀاريو آهي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
”ايڪانڪي سماجڪ مسئلي ’انٽر ڪاسٽ شادي‘ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿي. هيءَ ايڪانڪي جديد دؤر جي هر هڪ سنڌيءَ ڪٽنب جي گهر گهر جي ڪهاڻي آهي. (3)
ڄيٺي لالواڻيءَ جو ناٽڪ ”طلاق“ ايڪانڪي ناٽڪ، جيڪو ”آءُ ته پرچون پاڻ ۾“ ايڪانڪي ناٽڪن جي مجموعي ۾ شايع ٿيل آهي، هن ايڪانڪيءَ جو بنياد به شڪ آهي جو تيليءَ مان ٿنڀ بڻجي پوي ٿو. زال – مڙس هڪ ٻئي کي طلاق ڏيڻ جي موڙ تي اچي بيهن ٿا. اڪثر ڏٺو ويو آهي ته عورتن ۾ شڪ جو مادو وڌيڪ هوندو آهي. هو پنهنجي مڙس کي ٻين عورتن سان کلندو ڳالهائيندو ڏسي سمجهنديون آهن ته سندس مڙس سنئين دڳ ڪونهي! مڙس جو آفيس مان گهر دير سان اچڻ به شڪ جو باعث بڻجي ٿو.
هن ناٽڪ جو موضوع ڪٽنبي زندگيءَ سان سڌو ۽ گهرو تعلق رکي ٿو. ليکڪ جي ٻولي پڻ موضوع مطابق سرل ۽ سپڪ ڪتب آندل آهي. تنهنڪري هي ناٽڪ پڙهندڙن توڙي ڏسندڙن کي پاڻ طرف ڇڪڻ ۾ ڪامياب نظر اچي ٿو.
”ايف آءِ آر“:
هيءُ ناٽڪ جديد دؤر جي وڏ گهراڻي ماڊرن سوسائٽيءَ جي لڪل چهري کي بي نقاب بڻائي ٿو. گڏوگڏ پيسي ۽ اثر رسوخ جي زور تي ڪيئن نه ڪُڌن ڪرتوتن مٿان ڍڪ پردو وڌو ٿو وڃي ۽ قانون جا رکوالا پوليس کاتي وارا جيڪي گهڻي قدر ڪرپٽ ۽ رشوت خور هوند اآهن ۽ اڪثر سياسي ليڊرن، شاهوڪارن، گنگهارن جا هٿ ٺوڪيا ۽ آفيسرن جا ’جي حضوريا‘ هوندا آهن، اهڙي پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڪي نيڪ انسپيڪٽر به آهن جن ۾ اڃان به انسانيت جو جذبو زندهه آهي ۽ پيسي تي ضمير کي نه وڪڻي گنگهارن کي سزاياب ڪرائڻ کان وسان ڪين ٿا گهٽائين.
”ايڪانڪيءَ ۾ نئين شادي ڪري آيل ننهن ۾ سهرو بُريون نظرون وجهي ٿو ۽ هن مٿان باز جيان جهپٽجڻ جون ڪوششون ڪندو رهي ٿو. ننهن تنگ اچي پنهنجي مڙس سس ۽ ماءُ سان ڳالهه ڪري ٿي ته به هوءَ سيڪسوئل هريسمينٽ جو شڪار بڻجندي رهي ٿي.(4)
هن ايڪانڪي ناٽڪ جو موضوع ڪافي بولڊ ۽ نئون آهي هن موضوع تي سنڌيءَ ۾ ورلي ڪي ناٽڪ لکيل آهن.
جدا جدا مخزنن ۾ شايع ٿيل ايڪانڪين ۾ ڌيان ڇڪائيندڙ ناٽڪن ۾ : ”امان مان موٽي ايندس“ اسٽيج ناٽڪ آهي. جنهن ۾ هيمون ڪالاڻيءَ جي ڦاسيءَ جو ٻُڌي اُن جي ماءُ ڄيٺي ٻائيءَ تي جيڪو دماغي، ذهني پيڙا جو اثر ٿئي ٿو، پنهنجي ممتا جو ڳلو گهٽڻ ۽ جان جو موڀي پُٽ قربان ڪرڻ لاءِ جيڪا هن جي دل، دماغ تي جدوجهد هلي رهي آهي اُن جو بهترين عڪس هن ناٽڪ ۾ ڊاڪٽر لالواڻيءَ فنائتي نموني پيش ڪيو آهي. هيمونءَ جي اٽل اِرادي، حب الوطنيءَ اڳيان هن جا پيءُ ماءُ به لاچار بڻجي پون ٿا ۽ خوشي خوشيءَ ڦاسيءَ جي ڦندي تي چڙهڻ لاءِ تاثر ڏين ٿا. هيمونءَ جي ڦاسيءَ واري واقعي کي کڻي ڀارت ۾ انيڪ ناٽڪ، ڪهاڻيون جوڙيل آهن، پر ڊاڪٽر لالواڻيءَ هن ناٽڪ ۾ ماءُ جي ممتا ۽ پيءُ جي پنهنجي اولاد لاءِ پيار، ڇڪ جا چٽ جذبن جو جذباتي ڍنگ سان جيڪو اظهار ڪيو آهي سو بلڪل انوکو ۽ نواڻ سان ڀرپور آهي.
ڊاڪٽر لالواڻيءَ جو ناٽڪ ”ڪماري مونيڪا“ به پاڻ سان گڏ نواڻ کڻي هلي ٿو. بي اولاد ڪٽنب پئسي تي ڪُک وٺي اولاد حاصل ڪري پنهنجي پيڙهيءَ کي اڳتي وڌائيندا آهن. ان موضوع تي سٺيون تخليقي ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ اسان ملن ٿيون، گرڀ مسواڙ تي ڏيڻ، بيوسي ۽ غريبي دور ڪرڻ ۽ واپار ڪرڻ جو هڪ ذريعو ته آهي پر سُکي ستابي زندگي بچائڻ لاءِ هڪ واهڻ جي روپ ۾ ڊاڪٽر لالواڻيءَ اِن موضوع کي نئين رنگ روپ، ڍنگ، سوچ سان فنائتي نموني پيش ڪيو آهي. جنهن ۾ هڪ ڪنواري ڇوڪري پنهنجي ڀيڻ جو سکي ستابي زندگي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي گرڀ جو دان ڪري، هڪ سهاڳڻ کي ڏهاڳڻ بڻائڻ کان بچائي ٿي. نواڻ جي حوالي ۾ ناٽڪ بيحد فنائتو ۽ تخليقي آهي.
”جيون مهڪ“:
ناٽڪ پڻ ڪُک ۾ ئي ڇوڪريءَ کي ماري ڇڏڻ واري موضوع تي هڪ وقتائتو، صاف، سٿرو ۽ سهڻو آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر لالواڻيءَ ناريءَ جي لامحدود طاقتَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ نياڻيءَ جي ڌارمڪ، سماجي ڪٽنبي ۽ سنسار ۾ اُن جي ڪيتري اهميت ضرورت آهي جو سهج، وزندار ذڪر ڪيو آهي.
”جهاد“:
هي اسٽيج ناٽڪ، دهشتگرديءَ جو سماج ۽ ملڪن ۾ ڏهڪاءُ ڦهلائڻ ۽ مذهب جي اوٽ ۾ شيطاني ڪارروايون ڪرڻ، بي گناهن جو قتل عام ڪرڻ جي سازش سٽڻ سان گڏ، آتم گهاتي بم بازن دهشتگردن جي ذهني سازش جو حقيقي روپ، ڊاڪٽر لالواڻيءَ چٽيو آهي. دهشتگرد ڪهڙا طريقا اپنائن ٿا، ۽ دهشتگردن جي ذهني ڏيوالپڻي جو سهڻو چٽ چٽيل آهي.
سماج جو ڊپ هر اِنسان کي هوندو آهي ڀل اُهو ڪهڙي به ڌرم، مذهب، ذات پات جو هُجي. چوڻيون به آهن ته ”لوڪ آهي ٻوڪ“، ”کوهن جا منهن بند ڪري سگهن ٿا پر ماڻهن جا منهن بند نٿا ڪري سگهجن“وغيره.
بحثيت ناٽڪ نويس، ڊاڪٽر ڄيٺي جو موقف اهو هرگز نه آهي ته ڪو سماج کي ٺڪرائي ڇڏجي يا سماج جي ضابطه اخلاق کي بلڪل اورانگهي جيون گهارجي. هن جو چٽو ۽ صاف چوڻ آهي ته حد کان وڌيڪ سماج جي فڪر ۽ ڊپ سبب اسان شخصي آزادي ۽ خانگي زندگيءَ سان ڊوهه نٿا ڪري سگهون، زندگيءَ سان اسان کي پيار ڪرڻو آهي جو اُها انمول آهي ۽ خوشي، اُمنگ، ۽ اعتماد سان زندگي گهارڻي آهي. سماج جي فڪر ڪرڻ کان بهتر آهي، من جي مؤج ماڻجي اُن ۾ ڪوبه ڏوهه ڪونهي. مجموعي طور ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جا ناٽڪ اسان جي موجوده معاشري جي عڪاسي ڪن ٿا.

حوالا

1. گربخشاڻي، نرملداس، ’ناٽڪ بابت ڪي ويچار‘، سنڌو مخزن جو شمارو 1932ع ، ص .20
2. لالواڻي، ڄيٺو ،ڊاڪٽر، ’گؤرو اوارڊ يادگار بروشر‘، سنڌي ساهتيه اڪادمي، گجرات راجيه 2004.
3. نردوش، ڀڳوان، نام ڪٺيا ناٽڪ نويس 1985 ، ص 30
4. رفيق ويڙهو، مقالو: گجرات گذريل ڏهن سالن جو ناٽڪ: ادبي چمن 2013ع، ص 230
5. لالواڻي، ڄيٺو : ’جيون فن ڪاريه،‘ مدن جماڻي ۽ ڀڳوان نردوش: 2001ع
6. ”نردوش“ ڀڳوان _ نام ڪٺيا ناٽڪنويس 1985ع
7. دولهناڻي موهم ڪمار ،ڊاڪٽر: ’سنڌي ساهتيه جا چمڪندڙ ستارا‘ 1995ع
8. گولاڻي، روشن، ڊاڪٽر: ’ادبي تبصرو‘ 2015ع
9. آهو جا، ميول : ’ناٽڪ تبصره‘ 1986ع
10. خوبچنداڻي، بنسي: ’هندوالي‘ شمارو 2014ع ص .10
675 ڀيرا پڙهيو ويو