فقير قادر بخش بيدل جي سنڌي شاعري: هڪ اڀياس
(A study Sindhi poetry of Faqeer Qadir Bux Bedil)

سميع سجاد ميراڻي

Abstract: 

 

After the Shah jo Risalo and Sachal Sarmast jo Risalo the Risalo of Bedil Sain is well recognized in history of Sindhi Sufi poetry. Bedil Faqeer himself is learned and well_known poet of historical city Rohri. Bedil Faqeer has got spirituality from his father's inheritance. But he was only best poet of his family. His father Muhammad Mohsin was perfectly prayerful person. He spent most of his time in the devotion of Allah. Those were his father's good deeds that Bedil Faqeer became not only the best poet but also greatest scholar of his time. He has written almost 34 books in his 59 years life. From his 34 written books only three books are in Sindhi, Urdu and Siraeki languages. Bedil Faqeer's other books are written in Arabic and Person languages. In Sindh after best poets shah Abdul Latif and Sachal Sarmast the poetry of Bedil Faqeer became famous throughout Sindh. In his poetry he has pointed out the message of Quran Pak, Hadith sharif and love of humanity.

He has composed most of his poetry oneness of Almighty Allah.This research paper is a brief discussion on his poetry's different aspects.

 

شاهه عبداللطيف جي رسالي ۽ سچل سرمست جي رسالي کان بعد فقير قادر بخش بيدل جو رسالو، سنڌ جي صوفياڻي فڪر جو هڪ اهم ماخذ آهي. بيدل فقير جي سوانح حيات بابت گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي، پر بيدل فقير جي زندگيءَ جا ڪيترا ئي پھلو رهيل آهن، جن تي تحقيق جي ضرورت آهي. بيدل فقير هڪ وڏو عالم، عارف ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. جنھن فارسي، عربي سنڌي، سرائڪي ۽ اردو زبان ۾ 36 ڪتاب لکيا آهن. جن مان 24 شايع ٿيل آهن ۽ 12 اڻ ڇپيل آهن. بيدل فقير، حضور ڪريم صه کان وٺي صحابه اڪرام رضه ۽ امامن سڳورن رضه تائين ۽ ٻين ڪيترن ئي بزرگن جي ولادت ۽ وصال جون تاريخون فارسي ’قطع تاريخ‘ ۾ لکي محفوظ ڪيون آهن، پر بيدل فقير پنھنجي خاندان جي شجري يا پنھنجي حياتيءَ ۽ تعليم تربيت بابت ڪا به تحرير ڪو نه ڇڏي آهي. جنھن جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو، ته هُو پاڻ وحدت الوجودي فڪر جو هو ۽ ذات پات جي  معاملن ۾ اُلجهڻ هُن لاءِ شايد ايترو ضروري نه هو . تڏهن ته پاڻ لکيو اٿائين:

”ذات ڇُپاوت لوڪ ڀُلاوت، لالن ڪِيَڙو لبيس.“(1)

بيدل فقير جو فرزند فقير محمد محسن ’بيڪس‘، بيدل فقير جو پھريون سوانح نگار آهي، جنھن پنھنجي والد بيدل فقير جي وصال تي هن شعر ۾ سندس تاريخ ۽ عمر محفوظ ڪئي آهي.

”هن تماشي گاھ ۾ اُڻِهَٺ سَندي آواز هو

مرضيءَ موجب پانھنجي سو سير صفاتي ساز هو

 

سال ٻارنهن سو اڻيانوي ۾ سوز گداز هو

سورهين ذوالقعد جي، هاديءَ سندو پرواز هو“(2)

فقير قادر بخش ’بيدل‘ جو تعلق سنڌ جي تاريخي شھر روهڙيءَ سان آهي. سندس خاندان فقيري حال ۽ خيال وارو هو، جنھن کي روحاني فيض اڳ ۾ ئي مليل هو. پر بيدل فقير پنھنجي گهراڻي ۾ پھريون صوفي شاعر ٿي نروار ٿيو. هن جي عمر جا 29 سال مِيرن جي صاحبيءَ ۾ گذريا ۽ 30 سال انگريزن جي حڪومت جا به هُن ڏٺا. بيدل فقير اعليٰ علمي لياقتن ۽ روحاني علم جي ڪري پنھنجو الڳ مقام ماڻيو. محققن يا سوانح نگارن بيدل فقير جي خاندان جو احوال سندس والد فقير محمد محسن کان شروع ڪيو آهي. سوانح نگارن بيدل فقير جي ذات پاٽولي يا خواجه ڄاڻائي آهي. اڳتي هلي سوانح نگارن سندس خانداني ڪرت پاٽولي ۽ ذات قريشي لکي آهي. بيدل فقير جو والد صاحب فقيري خيال وارو درويش هو، جنھن جو اڪثر وقت رياضت ۽ عبادت ۾ گذرندو هو .جنھن جو اثر بيدل فقير تي ٿيو. بيدل فقير نه صرف شاعر هو پر هو هڪ وڏو مفڪر ۽ برک عالم پڻ هو. سنڌ جي صوفي شاعر سچل سرمست جي وصال وقت بيدل فقير جي عمر 14 سال هئي. سچل سرمست جي وصال وقت هن هيءُ ڪلام چيو:

”عشق جو يارو درازن ۾ عجب اسرار هو

مست سالڪ من سچو عارف اتي اظھار هو

 

برھ جي برسات ۾ تنھن وير تي وسڪار هو

وجد وحدت جو سدا خاصوتنهين خمار هو

 

ظاهر و باطن تھين وٽ درد جو ڌڌڪار هو

مرد سو منصور وانگر عشق جو اوتار هو

 

منجهه سخن تنھن جي الوهيت سندو آثار هو

جنگ جذبي جوش مستيءَ ۾ مثل عطار هو

 

پنھنجي رائي پرين نوي ورهيه نروار هو

وصل جي پوءِ موج ماڻي ذوق جو ذخار هو

 

طور ٻارهن سو ٻائيتاليھ جو طيار هو

چوڏهين رمضان هادي پون هسوار هو

 

قربدارن جي ڪٽڪ ۾ مرد منصبدار هو

 در تهين داتا جي بيدل پرت جو پينار هو“(3)

بيدل فقير جي لکيل ڪتابن جو تعداد اڃان تائين حتمي انگ ۾ ناهي اچي سگهيو.

پير حسام الدين راشديءَ موجب ”بيدل فقير جا 26 ڪتاب لکيل آهن.“(4) پروفيسر شمس صابر ڪلوڙ موجب ”بيدل فقير جا 30 ڪتاب لکيل آهن.“(5) جڏهن ته بيدل يادگار ڪميٽي جي سيڪريٽري اختر درگاهيءَ موجب ”بيدل فقير جا 30 ڪتاب لکيل آهن.“(6)

اڳتي هلي اختر درگاهيءَ پنھنجي ترتيب ڏنل ’بيدل سائينءَ جو رسالو‘ ۾ وڌيڪ تحقيق ڪري ”بيدل فقير جي ڪتابن جو تعداد 34 ڄاڻايو آهي.“(7)

پر بيدل فقير جي 150هين عرس جي موقعي تي شايع ٿيل بيدل نمبر 19 ۾ ڪتابن جو تعداد 36 لکيو ويو آهي. مطلب ته اڃان ڪتابن جي سلسلي ۾ تحقيق ڪنھن حتمي انگ تي ناهي بيٺي ته بيدل فقير جا ڪتاب گهڻا آهن. بيدل فقير جا لکيل ڪتاب سندس مانَ ۽ مرتبي جو آئينو آهن، 59 سالن جي عرصي ۾ هن جيڪي 36 ڪتاب لکيا انهن مان سواءِ ٽن ڪتابن جي باقي سڀ عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ آهن. بيدل فقير جا ڪتاب قرآن مجيد، علم حديث ،مجازي ڪلام،تاريخ ۽ تصوف بابت نقطن کي چٽيءَ طرح بيان ڪن ٿا. سندس ڪلام، ’بيدل سائينءَ جو رسالو‘ ۾ سنڌي بيت، (وحدت نامو) فرائض صوفيا (متفرقه بيت) سنڌي سرائڪي ڪافيون(سرود نامو) مرثيو، منقبت، سرائڪي ڏوهيئڙا ۽ سي حرفيون شامل آهن.

بيدل فقير جو  ڪلام وحدت الوجودي فڪر، حسن، ۽ عشق جي موضوع تي شاعريءَ جي فن سان ڀرپور آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ کان پوءِ بيدل فقير جي شاعري پنھنجي پوري سگهه سان سامهون آئي، جنھن صوفي فڪر جي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪيو. بيدل فقير کي ابتدائي طور متعارف ڪرائڻ وارن ۾ قاضي غلام مهدي، نارائڻ ڊي گرناڻي، فقير هدايت علي ’تارڪ‘ نجفي، پيرحسام الدين راشدي، ڀيرومل آڏواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ عبدالحسين شاهه موسويءَ  جا نالا سرفھرست آهن.

سيدعبدالحسين شاهه موسوي ديوان بيدل ترتيب ڏيئي، سنڌي ادبي بورڊ حوالي ڪيو هو. ديوان بيدل جو  پھريون ڇاپو 1954ع ۾ شايع ٿيو  هو. جنھن ۾ بيدل فقير جو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام شامل آهي. هن ڪتاب جا هن وقت تائين چار ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. ’ديوانِ بيدل‘، بيدل فقير جي سنڌي ۽ سرائڪي شاعريءَ جو اهم ڪتاب آهي. ديوان بيدل ۾ عبدالحسين موسويءَ جو لکيو عالماڻو مقدمو ڪتاب جي اهميت بيان ڪري ٿو. جڏهن ته ڊاڪٽر نوازعلي ’شوق‘ جو لکيل مختصر جائزو پڻ بيدل فقير جي فڪر ۽ فن کي نمايان ڪري بيھاري ٿو.گهڻن محققن بيدل فقير جي ڪلام کي ساڳي صورت ۾ توڙي ترجمو ڪري اشاعت هيٺ آندو  آهي.

بيدل فقير جا ڇپيل ڪتاب:

ڪتاب جو نالو                                     موءلف / مترجم                    ڇپائيءَ جو سال

  1. ديوان بيدل عرف بيدل                     گدومل هرجاڻي                                1940ع

جي سوانح عمري

  1. وحدت نامه                     گدومل هرجاڻي                                1943ع
  2. بيدل جو سنڌي ڪلام بولچند راجپال                                1950 ع
  3. ديوانِ بيدل عبدالحسين شاهه موسوي               1954ع
  4. پنج گنج سبحان بخش قريشي                       1976ع
  5. پنج گنج (اردو ترجمو) ڊاڪٽر نواز علي شوق                     2000ع
  6. انتخابِ سرائڪي ڪلام                     محمد اسلم رسالپوري                    1978ع
  7. ڪلامِ بيدل گل محمد انصاري                            1989ع
  8. بيدل جو اردو ڪلام اختر درگاهي                                     1997ع
  9. مثنوي دلڪشا (سنڌي ترجمو) ڊي ڪي منشاراماڻي                       1997ع
  10. پنج گنج (اردو ترجمو) نوازعلي شوق                                    2000ع
  11. بيدل فقير ڊاڪٽر گلزار سومرو                        2001ع
  12. فوائد معنوي غلام علي مسرور                              2001ع
  13. ديوانِ بيدل (اردو) اختر درگاهي                                     2003ع
  14. مثنوي دلڪشا نوازعلي شوق                                    2005ع
  15. ديوان سلوڪ الطالبين ڊاڪٽر خضر نوشاهي                    2006ع
  16. ديوان منھاج الحقيقت ڊاڪٽرخضر نوشاهي                     2006ع
  17. ديوان مصباح الطريقت ڊاڪٽرخضر نوشاهي                     2011ع
  18. تاريخي قطعات                     مرزا فتح علي بيگ                          2008ع
  19. روض عشق مرزا فتح علي بيگ                         2009ع
  20. وحدت نامه آزاد قاضي                                         2009ع
  21. فوائدي معنوي فقير مٺل مسرور                               2011ع
  22. بيدل سائينءَ جو رسالو                             اختردگاهي                                        2011ع
  23. قرت العينين في مناقب السبطين          نوشاد جعفري                                    2011ع
  24. عبدالقادر بيدل (احول وآثار) عبدالغفار سومرو                              2012ع
  25. منھاج الحقيقت (سنڌي) عبدالوحيد انڍڙ                                2013ع
  26. غزليات بيدل فارسي روزينه انجم نقوي                             2016ع

ويجهي ماضيءَ ۾ بيدل فقير جي سوانح ۽ سندس ڪلام تي ڪافي مقالا مضمون لکيا ويا آهن. ڊاڪٽر بدر ڌامراهي پڻ ’بيدل فقير جي ڪلام جي لغت‘ تيار ڪري روشني پبليڪيشن پاران شايع ڪرائي آهي. هر سال ٿيندڙ عرس جي موقعي تي بيدل فقير يادگار ڪميٽيءَ طرفان’بيدل نمبر‘ شايع ٿيندو رهي ٿو، هن وقت تائين ان ڪتابي سلسلي جا 20 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ’بيدل نمبر‘ ۾ هر سال عرس جي موقعي تي پڙهجندڙ مقالا ۽ منظوم ڀيٽا شامل هوندا آهن.

بيدل فقير جي سنڌي شاعريءَ جا رنگ جيترا گَھرا آهن اوترا ئي روشن ۽ شفاف آهن.

وحدت نامو:

بيدل فقير جو ’وحدت نامو‘ سندس اهم شعري تصنيف آهي. جيڪا بيتن تي مشتمل آهي ’وحدت نامي‘ جا سڀ بيتَ دوها سورٺا ڇند جي گهاڙيٽي ۾ لکيل آهن جنھن جو پھريون بيت هيءُ آهي.

هستي کي هم اوست ۾، ڪيو گم جنين

ڏٺو ترت تنين، اکين شعاع شھود جو (8)

مٿيون بيت توڙي ’وحدت نامه‘ جا ٻيا بيت دوها سوٺا ڇند تي لکيل آهن، اهڙي قسم جو پھريون بيت شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو به لکيل آهي.

پاڻياريءَ سر ٻھڙو، جر تي پکي جيئن

اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾ (9)

بيدل فقير جي وحدت نامي ۾ هڪ اهم ڳالهه اها به آهي جو پنجن بيتن کان پوءِ وراڻي تبديل ڪئي اٿائين. وحدت نامي جو اصل مقصد توحيد آهي ۽ ڪثرت  کي وحدت ۾ گم ڪرڻ آهي. هن بيت جي مفھوم تي غور ڪرڻ سان اها ڳالهه ظاهر  ٿئي ٿي ته جڏهن ماڻهو ڪلمو پڙهڻ شروع ڪري ٿو ته اڳ ۾ انڪار ڪري ٿو ۽ پوءِ اقرار ڪري ٿو، يعني ڪفر ۽ ايمان گڏجي پون ٿا ۽ پوءِ مولا جو مظھر ٿئي ٿو، ائين مسلمانن ۽ هندن جو مثال آهي، پوءِ ائين ئي سچائي پڌري ٿي پوي ٿي. جيئن سج جي روشنيءَ تي ستارا گم ٿي ويندا آهن، بلڪل سندس هن بيت جيان:

حقيقت ۾ هڪ ٿيو، ڪفر ۽ ايمان

مظھر مولا پاڪ جي، هندو  مسلمان

تارا ڪيا تالان، سورج سندي سوجهري (10)

بيدل فقير پنھنجي شاعريءَ ۾ قرآن پاڪ جون آيتون ،رسول الله صه جون حديثون ۽ عربي ٻوليءَ جا قول گهڻي ڀاڱي استعمال ڪيا آهن. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته بيدل فقير تمام گهڻو علم رکندڙ ماڻهو هو ۽ ٻين ٻولين جي به کيس گهڻي ڄاڻ هئي.

فرائض صوفيه:

 وحدت نامي کان پوءِ ’فرائضِ صوفيه‘ واري شاعريءَ جي حصي ۾ به بيدل فقير انهيءَ ئي ساڳئي فڪر کي اڳتي وڌايو آهي، هو چوي ٿو ته جيڪڏهن ڪلمو پڙهيو اٿئي ته ان تي عمل به ڪر، ائين صرف لفظن جو اچارڻ صحيح ناهي. ڪلمو پڙهي ڪلمي جي اصل مفھوم تي غور ۽ فڪر ڪري ۽ ’لا‘ وارو ڪلمي  جو جز پنھنجي دل تي لکي ڇڏ. ان کان پوءِ وحدت واري اصل حقيقت کي هٿ ڪر، جيڪا اصل منزل آهي. بيدل فقير جو  هي بيت به دوها سورٺا ڇند تي لکيل  آهي.

ڪوٺائين ٿو ڪلمه گو، ڪلمو پڙهڻ سک

فڪر جي ڦرهيءَ اتي، لا جو اکر لک

معني واري مک، حرفن مؤن هٿ آڻ تون (11)

فڪري ۽ فني حوالي سان بيدل فقير جا ’فرائض صوفيه‘ واري حصي ۾ لکيل بيت سندس خيالن جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. وحدت الوجودي فڪر بابت بيدل فقير چوي ٿو ته ’الاالله‘ جي دعوا ڪندڙ يا شاهدي ڏيندڙ تون شڪ کي ويجهو به نه وڃ تو کي گهرجي ته تون ’اناالحق‘ چئي صحيح ايمان کي ماڻ.

الاالله اثبات ڪر، شارڪَ ڇڏي شڪ

آکي اناالحق، مسلماني ماڻِ تون (12)

ابيات سنڌي/ متفرقه بيت:

 وحدت نامي ۽ فرائض صوفيه وارن حصن کان پوءِ بيدل فقير جي ’ابيات سنڌي‘ واري حصي جي شاعريءَ ۾ 27 بيت سنڌي ۽ 8 متفرقه بيت اچن ٿا. جنھن ۾ بيدل فقير لوڪ ڪھاڻيون يا قصا تمثيل ۾ ٻڌائڻ بجاءِ ’همه اوست‘ واري صوفي فڪر کي مرڪز بڻائي ٻڌايا آهن، مثال طور هي بيت:

موڪل ٿي مارئي کي، هلي پنھنجي ديس

وصل سندو ويس، پھريائين پريت کون (13)

يا بيدل فقير جو هي بيت جنھن ۾ هو پنھنجي حقيقي محبوب کي پنھنجي ساھ کان به ويجهو ٿو سمجهي ۽ هڪڙي گهڙي به ان کان پري نه ٿي سري سگهيس.

ساهئون ويجهو سپرين، پرين ناھ  پري

جنھن ريءَ ڪين سري، ساعت هڪڙي ساھ کي (14)

ڄام تماچي ۽ نوريءَ جي ڪردارن جي تمثيل ۾ بيدل فقير چوي ٿو ته سمي جي ساٿ نوريءَ کي سراپا نور ڪري ڇڏيو ۽ سمي سان پريت جي ريت نوريءَ کي ڏکن کان تمام پري ڪري ڇڏيو. نوريءَ کي  تماچيءَ وٽ وڃي  ئي  عزت ۽ مان مليو. بيدل فقير ان لوڪ ڪھاڻيءَ ۾ اهو ٿو سمجهائي ته پنھنجو ساٿ خالقِ حقيقي سان ڳنڍڻ سان انسان جي اندر نور جي پالوٽ ٿئي ٿي ۽ ڏک کانئس پري هليا وڃن ٿا ۽ محبوب وٽ ان گنھگار کي به مانُ ملي ٿو.

سرهي سنگ سمي جي، ڪيو نوريءَ کي نور

نسبت نماڻيءَ کي، ڏکن کون ڪيو ڏور

 هلي منجهه حضور، مھاڻيءَ مانُ لڌو (15)

بيدل فقير جا ڪجهه نوان بيت به 2015ع واري ’بيدل سائينءَ جو رسالو‘ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ به بيدل فقير اها ڳالهه ورجائي آهي ته منزل کي سڃاڻي ان طرف سفر جاري رکيو وڃي، ننڊ ۽ آرام ڪرڻ سامين سکيو ئي ناهي توڙي جو تڪليفون اچن پوءِ به منزل جي ملڻ تائين سفر جاري رکي محبوب تائين  پھچن ٿا.

سامي ڪين سمهن، پنڌ پڙو پورب جا

آديسي آڌيءَ کي، رون او روڪن

واڍوڙيا ووڙن، سدا واٽ وصال جي (16)

بيدل جون سنڌي ڪافيون:

بيدل فقير جي سنڌي ڪافين جو تعداد سندس رسالي ۾ 87 آهي، جيڪي مجاز توڙي حقيقت جي فلسفي ۽ فڪر سان ڀرپور آهن، جيئن سندس هيءَ ڪافي آهي، جنھن ۾ هو چوي ٿو ته محبوب پاڻ اچي اسان ۾ سمايو آهي هو. مختلف روپ ڌاري اچي ٿو ۽ سوين صفاتي نالن سان نروار ٿئي ٿو برهه جا سڀ بار نه صرف کڻي ٿو، پر انهن کي اکين سان چمين ٿو. هو بزرگيءَ ۾ به غرور محسوس ڪري ٿو، تڏهن ته ان کان ڀڄي رنديءَ جا رنگ ٿو رچائي، جنھن سان کيس سڪون ملي ٿو:

ڪري سينگار صورت جو اچي سڀ ۾ سمايا سي

صفت ۾ پانھنجي رائي سوين نالا سڏاياسي

 

شيرين فرهاد جو نالو ڪري عالم ۾ آياسي

بھاني بيک مجنونءَجي نڪي ليليٰ لڪاياسي

 

ڍڪي جامون جلالت جو هزارين هل هلاياسي

موسيٰ فرعون مون مورت عجب چالا چلاياسي

 

ڪڏهن ٿي قم باذني جا حڪم حقي هلاياسي

ڪڏهن عشقئون انالحق جا وري ڪي گيت ڳاياسي

 

برھ جا بار بدناميون چمي چشمن تي چاياسي

بزرگيءَ کي ڇڏي بيدل رنديءَ جا رنگ رچاياسي (17)

بيدل فقير جي ڪافين ۾ اهم ڳالهه محبوب جو هر جاءِ پسڻ آهي، هو جڏهن صورت جي سردار کي پنھنجي اڱڻ تي پسي ٿو ته سندس آجيان هنن خوبصورت لفظن سان ڪري ٿو:

صورت جو سردار، ڀلي ڪري آيو

واعدا پنھنجا سڀئي پاڙيائين، سھڻي يار سچار

اڱڻ اسان جي پير گهمايا، مھر منجهون منٺار (18)

 

مطلب ته بيدل فقير وٽ پنھنجي محبوب سان ملڻ جھڙي ڪا ٻي خوشي ڪانه هئي، هو عشق ۽ مشڪ جي لڪائڻ جو به قائل نه هو، ڇو ته هو چوي ٿو ته، نه ئي عشق لڪي سگهي ٿو نه ئي عاشق جنھن جي دل ۾ پيار هجي اهو لڪڻ ممڪن ناهي.

 

عشق سندو آثار، نه ڪي ڳجهو رهندو

 برھ سندو بيمار، نه ڪو لڪو رهندو (19)

مرثيو:

بيدل فقير پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪربلا جي شهيدن کي به ياد ڪيو آهي ۽ هڪ مرثيو چيو آهي،

جن حق جي خاطر پنھنجو سڀ ڪجهه قربان ڪيو پر باطل جي بعيت نه ڪئي.  بيدل فقير ان سڄي وارتا کي بيان ڪيو آهي:

ڪربلا ۾ شاهه جڏهن مهمان ٿيو

درد غم جو ات وڏو گمسان ٿيو

 

ڪربلا ۾ آيو جڏهن ابن رسول

جانشين مولا جگر گوشئه بتول

ورھ جي واديءَ ۾ ڪيو نرمل نزول

  سوز سورن جو سڀو سامان ٿيو (20)

منقبت:بيدل فقير هڪ ’منقبت‘ به چئي آهي، جنھن ۾ هن قلندر شهباز مروندي کي ياد ڪيو آهي، جنھن ۾ هن قلندر شھباز کي پنھنجو رهبر ٿي اچڻ جي ڳالهه صبا سان  ڪئي آهي ۽ قلندر شھباز جو نسب بيان ڪيو آهي:

اي صبا وڃ لڳ خدا جي هڪ گهڙي

طرف روضي شاهه سيوستان وري

صد تحيت صدق مونُ پڙ تي پڙي

چئج ڏس احوال گر بخشش گري

 

يا قلندر وير واهر ٿي وري

مير مروندي رسي ڪر رهبري

 

تون نبيءَ جي باغ جو آن نونھال

تون علي زاده ضيائي ذوالجلال

تون حسن جو لاڏلو شھباز لال

تون حسيني بادشاهه بدرالڪمال (21)

نتيجو:

بيدل فقير هڪ عالم ۽ عارف هجڻ سان گڏ اهڙو صوفي هو، جنھن هر اُن عمل سان مزاحمت ڪئي، جنھن ۾ کيس اوڻائي نظر آئي. هو عالم ۽ عارف هجڻ سان گڏ بھترين شاعر به هو، سندس ڪلام خدا جي مخلوق لاءِ هڪ بھترين سبق آهي. بيدل جي شاعري سنڌي، سرائيڪي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ به آهي. سندس سنڌي ڪلام ۾ به صوفياڻو فڪر ۽ نصيحت آموز نُڪتا سمايل آهن.

 

 

حوالا:

 

  1. درگاهي، اختر، مرتب، ’بيدل سائينءَ جو رسالو‘، ص 43، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت، سنڌ، ڪراچي، سال 2015ع.

ساڳيو حوالو ص 44.

  1. ساڳيو حوالو ص 75.
  2. درگاهي، اختر، مرتب، ’بيدل نمبر پھريون‘، ص 39، بيدل يادگار ڪميٽي، روهڙي، سال 2002ع.
  3. ساڳيو حوالو ص 69.
  4. درگاهي، اختر، ’بيدل، بيڪس، سڪايل‘، ص 29، بيدل يادگار ڪميٽي، روهڙي، سال 2005ع.
  5. درگاهي، اختر، مرتب، ’بيدل سائينءَ جو رسالو‘، ص 86، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت، سنڌ، ڪراچي، سال 2015ع.
  6. موسوي عبدالحسين شاهه، مقدمو ۽ ضميما، شوق، نوازعلي، ڊاڪٽر، تصيح. ديوانِ بيدل، ڇاپو چوٿون، ص، 115، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سال 2012ع
  7. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘، ص79، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، سال2000ع.
  8. درگاهي، اختر، مرتب، ’بيدل سائينءَ جو رسالو‘، ص 177، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، ڪراچي، سنڌ سال 2015ع.
  9. موسوي عبدالحسين شاهه، مقدمو ۽ ضميما، شوق نوازعلي، ڊاڪٽر، ديوانِ بيدل، ڇاپو چوٿون، ص، 133، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سال 2012ع
  10. درگاهي، اختر، مرتب، ’بيدل سائينءَ جو رسالو‘، ص 177، ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت، ڪراچي، سنڌ سال 2015ع.
  11. ساڳيو حوالو ص 200.
  12. ساڳيو حوالو ص 203.
  13. ساڳيو حوالو ص 204.
  14. ساڳيو حوالو ص 205.
  15. ساڳيو حوالو ص 208.
  16. ساڳيو حوالو ص 231.
  17. ساڳيو حوالو ص 253.
  18. ساڳيو حوالو ص 253.
  19. ساڳيو حوالو ص 258.
  20. ساڳيو حوالو ص 258.
700 ڀيرا پڙهيو ويو