جديديت پڄاڻان جو سنڌي ڪهاڻيڪار: هيرو شيوڪاڻي
(Hero Shevkani Sindhi postmodern short story writer (1935-2021))

ڊاڪٽر نواب ڪاڪا

Abstract:

 

Post modernism is the name of change on world level. In this era humens has lost all human values on the name of so called development. So that truth has lost its meaning and value, everyone has its own truth of his own benefits. Everything has been commercialized and rest of it is going to be. In every aspect of life such events take place which are without truth and moral values. Hero Shevkani was great critic story writer and researcher. Literally he has seen postmodernism through the eye of story writer and critic. He also has expressed this through his critic writings. Specially he has expressed this in his stories, in society such changes has been seen and societies are much seen effected. The situation in India on the name of dense population has deeply effected it, Hero Shevkani through his stories he has mentioned such changes. “Karan Ji Talash” (ڪارڻ جي تلاش) is his collection of postmodern stories, it is complete story collection written on postmodernism in Sindhi literature, in this research his such stories are carefully studied. Such great writer researcher critic died in 2021 and he will be remembered through his work done on postmodern stories and research.

 

جديديت پڄاڻان (Post Modernism) عالمي سطح تي تبديل ٿيندڙ، وهنوار مان ظاهر ٿيندڙ اهڙن لقائن، حالتن ۽ واقعن کي چيو وڃي ٿو، جن ۾ نه ڪي قدر آهن، نه مرڪزي نڪتو، نه ئي ان ۾ سچ جي آفاقيت آهي. جديديت، انسان جي ارتقائي ترقيءَ ۾ ان کي پنھنجي عقل فھم، ادراڪ ۽ جدوجھد ذريعي گهرجن کي آسانيءَ سان پورو ڪرڻ، مستقبل جي خطرن کي منھن ڏيڻ جي واٽ ڏَسي نيٺ اوج تي پھچايو. بعد جديديت ان جي برعڪس، گُهرجن کي وڌائي، مستقبل جي خطرن ۾ اضافو ڪري، خوف، لالچ ۽ حرص کي وڌائي مَتيون مُنجهائي ڇڏيون. خاص طور ٻنهي عالمي جنگين جي تباهيءَ کان پوءِ بعد جديديت جي مفڪرن ڪجهه اهڙا سوال اٿاريا ته اهڙي انساني ترقي تباهيءَ جو سبب بڻجي ٿي.

”مابعد جديديت صورتحال ۾ اڄ جو انسان ٻن غير انساني قوتن جي وچ ۾ ڦاسي پيو آهي، هڪ سرمائيداري ٻيو ٽيڪنالاجي، اهي ٻيئي قوتون انسان مان هر اُهو جوهر (Value) ڪوري ڪڍڻ چاهين ٿيون، جيڪو انهن لاءِ مادي طور مفيد نه هجي.“(1)

انهن قوتن وٽ ميڊيا  ذريعي تيار ڪيل پنھنجي مارڪيٽ هڪ وڏو هٿيار آهي، جنھن ۾ سڄي دنيا سوگهي ٿيندي پيئي وڃي. ميشل فوڪو دريدا ۽ ٻين مفڪرن ’جديديت پڄاڻان‘ جي مختلف رخن کي بھتر نموني  بيان ڪيو آهي.

جديد سنڌي ڪھاڻي حقيقت نگاريءَ، سماجي حقيقت نگاريءَ، ترقي پسند فڪر، مزاحمت، قوم پرستيءَ، وجوديت ۽ ٻين فڪري تحريڪن ۽ لاڙن جي اثر هيٺ رهي آهي. ايتري تائين جو تصوف يا صوفي ازم جي فڪر جو به سنڌي ڪھاڻيءَ تي اثر آهي ان جا وڏا مثال امرلعل جي ڪھاڻي؛ ’ادو عبدالرحمان‘؛ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ’محمد رام‘؛ اياز قادريءَ جي ڪھاڻي ’مان انسان آهيان‘ موجود آهن. ساڳيءَ طرح هن بدلجندڙ صورتحال ۾ سنڌي ڪھاڻيءَ تي ’جديديت پڄاڻان‘ صورتحال جا به اثر آهن. ان جو وڏو مثال سنڌي ادب جي مشھور نقاد، محقق ۽ ڪھاڻيڪار هيري شيوڪاڻيءَ جون ڪھاڻيون به آهن.

هيرو شيوڪاڻي 6 جنوري 1935ع تي چوهڙ جمالي ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو ۽ 30 جون 2021ع تي هندستان ۾ گذاري ويو. سندس ڪھاڻين جي اڀياس کان پھرين سندس علمي پورهيي جو مختصر وچور ڏجي ٿو: (1) ’زندگي ۽ ڪئڪٽس‘ (ڪھاڻيون 1975ع)، هي مجموعو  طارق اشرف، سنڌ مان 1981ع ۾ شايع ڪرايو، (2) ’جدت جو مفھوم ۽ سنڌي ڪھاڻي‘ (تنقيد 1975ع)، (3) ’جائزو‘ (1981ع، تنقيد)، (4) ’نقطه نظر‘ (تنقيد 1992ع)، (5) ’لوڪ  لهوارو وهي، تون اوچو رهه اوڀار‘ (تنقيد، 2003ع)، (6) ’سرجڻ جو سنڪٽ ۽ سنڌي ڪھاڻي‘ (تنقيد 2004ع)، (7) ’سنڌي ناول ڪٺگهري ۾‘ (2007ع تنقيد)، (8) ’ڪارڻ جي تلاش‘ (ڪھاڻيون 2008ع)، (9) ’ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب‘ (تنقيد 2013ع). انهن کان علاوه لعل سنگهه اجواڻي جي انگريزي ڪتاب ’هسٽري آف سنڌي لٽريچر‘ جو سنڌيءَ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ نالي سان ترجمو ڪيائين، جيڪو 1994ع ۾ ڀارت ۾ ڇپيو ۽ سال 2007ع ۾ سنڌ ۾ شايع ٿيو. آر-ڪي تلريجا ڪاليج ۾ پرفيسر، سنڌي شعبي جو هيڊ ۽ پرنسپال جي عھدن تي رهي ڀارت جي سنڌين جي ڀرپور تعليمي خدمت ڪيائين.

سندس ڪھاڻين جا ٻه مجموعا شايع ٿيا (1) ’زندگي ۽ ڪئڪٽس‘ ۽ (2) ’ڪارڻ جي تلاش‘. جيئن ته هيرو شيوڪاڻي ادب جو بھترين نقاد هو، فن ۽ فڪر جي مختلف رخن تي لکيل سندس تنقيدي مقالا ۽ مضمون سندس گھري مطالعي، ڄاڻ ۽ دانشمنديءَ جا ثبوت آهن. اهڙي ڏاهپ، تيز مشاهدي ۽ نقاد واري سوچ جو رنگ سندس ڪھاڻين ۾ چٽو نظر اچي ٿو. سندس ڪھاڻين بابت مينا گوپ جي راءِ وزندار آهي لکي ٿي ته:

”هن ليکڪ ڪي ڪھاڻيون زلزلا نما لکيون آهن، زلزلا به اچي هليا ويندا آهن، پر شيوڪاڻيءَ جون ڪھاڻيون، نائڪ ۽ کَل نائڪ ۽ نائڪائون ذهن ۾ داٻو کوري ويھي رهندا آهن.“(2)

سندس پھرئين مجموعي مان ڪھاڻي ’زندگي ۽ ڪئڪٽس‘ گهڻو مشھور ٿي، جنھن ۾ زندگيءَ کي ڪئڪٽس جي ٻوٽي سان ڀيٽ ڏني اٿس، گلاب ۽ گلابن جھڙا ماڻهو جلدي مرجهائجي وڃن ٿا، پر ڪئڪٽس جو ٻوٽو نرڄو آهي، بغير پاڻيءَ ۽ سنڀار جي بي ڊولو ٿي وڌندو ٿو وڃي. هن مجموعي ۾ هيري جو جديد فڪر ۽ فھم واضح آهي.

سندس ٻئي مجموعي ’ڪارڻ جي تلاش‘ ۾ موجود ڪھاڻيون جديديت پڄاڻان جي صورتحال ۽ لقائن کي پيش ڪن ٿيون، ان صورتحال کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ سندس مجموعي جو مختصر ۽ جامع اڀياس هيٺ ڏجي ٿو. هن مجموعي جا پيش لفظ ’ڪھاڻيءَ ۾ زندگيءَ جي ڳولا بنام زندگيءَ ۾ ڪھاڻيءَ جي تلاش‘ عنوان تحت پاڻ لکيو اٿس. روايتي موضوعن ۽ مفروضن جي ڇندڇاڻ ڪري ٿو. هو ڪھاڻيءَ لاءِ اسلوب، ٻولي ۽ انفراديت وارين خوبين کان اڳتي ۽ الڳ سوچي ٿو. هو لکي ٿو:

”فرسٽريشن ۾ ڪي اهڙيون به دٻيل آواز ۾ دعوائون سامهون آيون ته ساهتيه ۾ حقيقت شناسيءَ جھڙو معجزو ٿيندو ئي ڪونهي، ان جي عيوض اهم ڳالهه فقط اها آهي ته اظھار جو پنھنجو پنھنجو منفرد طريقو ئي سڀ ڪجهه آهي. مواد جي اسم هيٺ جيون جي تلاش چئو يا گهڙت ڪلپنا جي اڏام يا تخيل جي تنوار چئو، بيروني يا باطني نام نھاد سچايون سڀ ڪچو مال آهن، ادب يا ساهتيه بس شبد جي ڪلا آهي جنھن وٽ اهو جادو آهي سرجن ڪار اهو ئي آهي.“(3)

هيري انهن گهڙيل ۽ طئي ٿيل معيارن کان نه فقط اڳتي نڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، پر هو ڪھاڻيءَ لاءِ زندگيءَ لاءِ نوان موضوع ۽ خيال به کڻي آيو آهي. مھاڳ ۾ فن فڪر، حيقتن ۽ سچاين ڏانهن ايمانداراڻو رويو رکڻ کي لازمي سمجهندي انهن اعليٰ قدرن جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪي جديديت پڄاڻان جي لقائن ۾ گم ٿي ويا آهن. اها تڙپ کڻي ليکڪ هنن ڪھاڻين طرف وڌيو آهي.

هن مجموعي جي پھرين ڪھاڻي ڪتاب جي نالي واري ’ڪارڻ جي تلاش‘ ڪھاڻي آهي. ڪھاڻيءَ ۾ زال ۽ مڙس جي تعلق، انهن جي سماجي ۽ اخلاقي معيارن ۽ قدرن جي برعڪس گذرندڙ زندگيءَ جو عڪس پيش ڪيو آهي. شاديءَ بعد ڪجهه ئي ڏينھن بعد هڪٻئي کان جدا ٿي ويا. ٻئي آزاد، هڪ ٻئي کان پري رهندڙ، سالن پڄاڻان ڪٿي ڪنھن پروگرام ۾ ملن ٿا. اهڙي غير روايتي تعلق ۽ دوريءَ باوجود کين ٻه ٻار به پيدا ٿين ٿا. حيرت آهي جو ٻار به مطمئن ۽ خوش آهن. کين پرواهه ناهي ته ڪو پيءُ ماءُ گڏ هڪ گهر ۾ هجن، سماج ڇا ٿو سوچي  ڪھڙيون ٿو ڳالهيون ڪري ان جي کين پرواهه ناهي. ڪھاڻيڪار انهن جي اهڙي زندگيءَ جي ڪارڻ جي تلاش ڪري ٿو. مڙس، زال، ٻنهي ٻارن کان الڳ الڳ پڇا ڪري ٿو، ايتري تائين جو زال جي پيءُ وٽ به ڪارڻ جي ڳولا ۾ وڃي جيڪو کيس ست سريون ٻڌائي ڀڄائي ڪڍي ٿو. ٻار ٻئي خوش ۽ مطمئن آهن. الٽو کين سماجي قدرن مطابق گڏجي زندگي گذارڻ لاءِ چوندڙ ۽ سندن دوري يا اهڙي ڇڙواڳ زندگي جي ڪارڻ جي ڳولا ڪندڙ تي حيران ٿيندي ناراض ٿين ٿا. ڪھاڻيڪار جڏهن سوٽ جي زال تيجيءَ سان ان باري ۾ ڳالهايو ته کيس هي جواب ٻڌڻو پيو:

”غلط ته مون کي اوهان جو هي زمانو ٿو لڳي. ڳالهه ۾ لڀي ڪجهه به ڪين. اجايا پيو مطلب ڪڍي. اسين سڀ مزي ۾ آهيون. سوٽھين سدائين پيو چٽجي ڏکجي گهمي، تو کي لڳي ٿو ته ڇا ڪو دکي آهي؟ مان به ٺيڪ پئي هلان چلان. سدا جيئي سريش، ڪمائي پيو ۽ ريکا جھڙي ڌيءُ جي مائٽيءَ جي به مون کي چنتا ڪرڻي پوندي ڇا؟“(4)

هي ٻيئي زال مڙس ڪڏهن ڪٿي ڪو هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائي پاڻ ۾ رات گذارين ٿا، نه ته سالن تائين هڪٻئي کان پري. ٻار پڙهي لکي وڏا ٿي روزگار سان به لڳي ويا. اهڙي زندگيءَ جو ڪارڻ اخلاقي ۽ سماجي قدرن ۽ معيارن جو ختم ٿيڻ ئي آهي. ٻيو ڪوبه ڪارڻ کوجنا جي باوجود نه مليو. نه پاڻ ۾ جهيڙو، نه معاشي مسئلو، نه ئي ٻي ڪا ڪمي. بعد جديديت سماج ۾ رونما ٿيندڙ لقائن ۽ صورتحال مان هڪ هي به سماج جي صورت آهي، جنھن کي ليکڪ هن ڪھاڻيءَ ذريعي پيش ڪيو آهي.

سندس ٻي ڪھاڻي ’اسڀاويڪ‘ نالي سان آهي. نالي مان ئي ڪھاڻيءَ غير روايتي هئڻ وارو موضوع ظاهر ٿئي ٿو. هن ۾ يامني نالي سان نوجوان من موهيندڙ غير روايتي عورت جو ڪردار آهي. جيڪو هلندڙ دور جي سچائيءَ کي ۽ بعد جديديت ختم ٿي ويل قدرن کي ظاهر ڪري ٿو. ٻئي طرف ڪھاڻيءَ ۾ ايڊوڪيٽ ڀاڳيا نالي سان سلجهيل، اعليٰ قدرن جي پاسداري ڪندڙ ڪردار آهي. يامني جو غير معمولي ڪردار کيس متاثر ڪري ٿو. وڪيل کيس غلط راهه تي هلڻ کان روڪي ٿو. ڪنھن اسڪول ۾ کيس گذران لاءِ وقتي ملازمت به وٺي ڏئي ٿو. پر پوءِ به هوءَ نٿي رهي. ڀاڳيا جڏهن هن تي وڌيڪ زور ڀريو ته کيس چوي ٿي:

”اسڪول وارا ٻه هزارڙيون ڏين ٿا، مٿان وري هو عمر کاڌل چٻي منھن وارو هيڊ ماستر سڄو ڏينھن بکايل نظرن سان مون کي پِيو ريپ ڪندو آهي. ته هوٽيل ۾ جيڪو ٿيو اهو ڇا آهي؟، اهو ريپ ناهي، منھنجي مرضي شامل هئي ان ۾، مون وٽ جسم جي پونجي آهي انويسٽ ڪرڻ لاءِ.“(5)

ائين يامني پنھنجي پرڪشش ۽ سڊول جسم جي سيڙپ ڪندي سياست ۾ اچي ٿي. ايڊوڪيٽ ڀاڳيا کيس جڏهن سياستدانن وٽ استعمال ٿيڻ ۽ خطرناڪ واٽ تي هلڻ کان روڪيو تڏهن هن جيڪو جواب ڏنو اهو اڄ جي دور جو وڏو سچ ۽ بعد جديديت جي هڪ ڀيانڪ صورتحال آهي. کيس چوي ٿي:

”ڪجهه به خطرناڪ ناهي سر، اڄ جي پاليٽيڪس ۾ جنھن وٽ جيڪو ڪجهه آهي انويسٽ ڪري مٿي چڙهڻ ٿو چاهي، مورجاڻي وٽ هاءِ ڪنيڪشن جي دلالي آهي. ديال دادا وٽ مسل پاور آهي، واپارين وٽ پئسو ۽ مون وٽ هيءَ جواني.“(6)

جديديت پڄاڻان ڪمرشلائيزيشن ايتري وڌيڪ آهي، جو جسم ۽ تعلقاتن جي سيڙپ ٿئي ٿي. يامني جسم سياستدانن جي حوالي ڪري انهن سان تعلقات جوڙي سياست ۾ اچي پھرين سٽيزن ميئر چونڊجي وڃي ٿي. آخر ايڊوڪيٽ ڀاڳيا کي به ڪنھن وڏي پراجيڪٽ ۾ پاڻ سان شامل ٿيڻ لاءِ قائل ڪري وٺي ٿي. هي اڄ جا ڪردار آهن، جيڪي سڄي دنيا ۾ ساڳئي روپ ۾ موجود آهن. انهن تي لکڻ جي سگهه هيري ۾ موجود هئي. ’سيٺ باشي مل جو باٿ روم‘ ڪھاڻي جديديت پڄاڻان سرمائيدار جي ذهنيت، سندس عياشين ۽ هر شيءِ کي خريد ڪرڻ واري حرص کي ظاهر ڪري ٿي. وڏيون هر سهولت سان آراسته ڪشاديون گاڏيون. ڏهن ايڪڙن تي مشتمل فارم هائوس، سرمائيدار شاگرد جو استاد جي بيڊروم کان وڌيڪ ڪشادو باٿ روم، ان ۾ لڳل اعليٰ قسم جي ٽائل، وڏو ٻيڙيءَ نما ٽب، شيڊ وارا ننڍا ٽيوب، طرح طرح جا صابڻ، پرفيوم جون شيشون، ڊيورنٽ جا ڊگها دٻا، اسٽيل جي گول ڪڙن ۾ ترڪش ٽوال ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه باٿ روم ۾ موجود. اهڙي باٿ روم ۾ داخل ٿيندي بلوءَ جي استاد پرفيسر جي ضروري حاجت جو خيال ئي ختم ٿي ويو. باٿ روم جو منظر بيان ڪندي لکي ٿو:

”مون ڪنڌ ڦيري چو طرف نھاريو ، اوهه! هي باٿ روم،  منھنجي بيڊروم کان لڳ ڀڳ ڏيڍوڻو وڏو! منھنجي سڀني حواسن تي غالب پوڻ شروع ٿيو. سامهون ديوار سان لڳو لڳ ٻيڙيءَ نما شاهي سفيد ٽب،هڪ پاسي ٽنگيل هينڊ شاورس سان پنھنجي اونهي خاليپڻي سان مون ۾ هڪ خوف ڀري ويو.“(7)

بلو جيڪو پاڻ کي بل ڪلنٽن نه پر بل گيٽس سمجهي ٿو، اهوئي سندس رول ماڊل آهي، پنھنجي اهڙي پروفيسر کي شاهي ڪار ۾ چاڙهي، هن هيڏي وڏي فارم هائوس تي وٺي آيو ۽ پنھنجي سرمايي ۽ عيش عشرت سان ڀرپور زندگيءَ جو اثر ويهاري ڪجهه ڏوڪڙ ڏئي ڪنھن شاگرد ڏانهن سفارشي چٺي لکرائڻ ٿو چاهي، ته جيئن گهربل زمين کين ملي ته جيئن ٻيو وڏو پلازا تعمير ڪري سگهن. اهو پروفيسر جنھن ڪاليج ۾ بلو جي گهٽ نمبرن سبب داخلا نه ڪئي ۽ سندس پيءُ کي آفيس مان ئي گارڊ ۽ پٽيوالي هٿان ٻاهر ڪڍائي ڇڏيو هو. پر داخلا جي لاءِ سفارشي چٺي وٺي انتظاميه تي زور زبردستي وجهي داخلا ڪرائي ويو هو. اڄ هو وڏا سرمائيڪار آهن. سندن زمين کان ڪٽيل اڀ سان اٽڪيل  اپارٽمينٽ ۽ ٻيا ڪاروبار آهن. جن کي اڃا به  وڌائڻ جو کين  فڪر آهي. هيري شيوڪاڻي هڪ آدرشي پروفيسر جي ڪردار جي هن صورتحال ۾ ڀوڳنا کي پيش ڪيو آهي. قدرن جو پاسدار، اصول پرست ان مطابق رهڻي ڪهڻي رکندڙ بعد جديديت پڄاڻان جي هن صورتحال ۾  وڌيڪ اذيت مان گذري ٿو. ’هڪڙو ماستر‘ ڪھاڻيءَ ۾ هڪ شادي شده استاد ۽ خوبصورت شاگردياڻيءَ جي وچ ۾ محبت جي ڳالهه آهي. استاد سماج ۾ اڳتي وڌڻ، ترقي ڪرڻ جي چڪر ۾ کيس وساري ڇڏي ٿو، پر هوءَ کيس نٿي وساري آخر تائين ياد رکي ٿي. ڪھاڻيءَ ذريعي اهو واضح ٿئي ٿو ته استاد ۽ شاگردياڻيءَ وارو تعلق جديديت پڄاڻان اهو اڳوڻو ناهي رهيو. سندن وچ ۾ هن طرح گفتگو ٿئي ٿي:

”ٻڌ پونم! مان پرڻيل آهيان، ٻن ٻارن جو پيءُ آهيان. ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪر... نڪو مان بس سموري توهان جي آهيان، سر... ڇوري چري آهين مون کي به رڻ ۾ روليندئين، پاڻ به دکي ٿيندينءَ... نڪو ڪجهه نه ٿيندو مان به آنٽي سان گڏ اچي رهندس. ٻئي گڏجي توهان کي اهڙو سکي ڪنديون سين، اهڙو سکي ڪنديون سين، دنيا ڏسي دنگ رهجي ويندي.“(8)

ڪھاڻيڪار سندن محبت جي رنگ کي وڌيڪ چٽيو آهي. ’شرير ڌرم‘ ڪھاڻيءَ ۾ نوجوان ناري جنھن کي ’انڪل‘ چئي سڏيندي هئي ۽ هو به کيس ڇوڪري چئي سڏيندو هو. سندن وچ ۾ عمر جي به وڏي وڇوٽي موجود آهي. پوءِ به هڪٻئي جي  اندر جي شرارت کي محسوس ڪندي ويجها ٿين ٿا. ڇوڪري اُن کي جنسي لذت وٺائي آخر ۾ ’انڪل‘ چئي موڪلائي ٿي. جديديت پڄاڻان ميڊيا فحاشيءَ کي ايترو وڌايو آهي جو اهو رشتن وارو اڳوڻو تقدس رهيو ناهي. هاڻي ته هڪٻئي کي ادا ادي چوندڙ ۽ پيءُ ڌيءُ جي رشتن ۾ به اهو اڳوڻو ڀرم ناهي رهيو.

’ڦٽ وارو ٻائو‘ ڪھاڻيءَ جو موضوع، فڪر ۽ ڪردار امرجليل جي ڪھاڻي ’اروڙ جو مست‘ وارو ساڳيو آهي. ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار حڪو، قتل ڪرڻ بعد روپوش ٿي، هڪ آشرم ۾ پناهه وٺي ٿو. جتي اڳتي هلي وڏو پهتل ساڌو سنت ٿي پنھنجي ڦٽ مان وهندڙ  روڳ جي ذريعي ماڻهن جو علاج ڪري ٿو. ڏهن ايڪڙن ۾ وڏو خوبصورت فارم هائوس جھڙو آشرم کولي ان ۾ اهو ڌنڌو ڪري ڪري ٿو. ماڻهن جي هر وقت وڏي رش لڳل رهي ٿي. ’باڊي لئنگويج‘ ڪھاڻيءَ ۾ صبح جو واڪ ڪندڙ اتي واڪ لاءِ ايندڙن جي جسماني ڏيک ويک مان مختلف اندازا لڳائي ٿو. خوبصورت نوجوان عورت جي جسم مان لطف اندوز ٿئي ٿو. ’پورٽريٽ هڪ پيءُ جو‘ ڪھاڻيءَ ۾سماج ۾  مرتيي تي مقرر ٿيل رسمن کي هر حال ۾ پورو ڪرڻ، بلڪه انهن کي چڱي طرح ملهائڻ واري موضوع تي لکيل آهي. جيئري ڀلي رشتن کان نفرت ڪجي، ماءُ پيءُ کي ڀلي گهران ڪڍي دربدر ڪري ڇڏجي ان جو خير آهي، پر مرتيي کي خوب ملهائجي. اهڙا ئي منظر هن ڪھاڻيءَ ۾ موجود آهن. ويجهي عزيز جي فوتگيءَ تي غم کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مٿو ڪوڙائڻ واري رسم جو پورائو نه ڪندڙ ڪردار کان سڀ نفرت ڪن ٿا. پر جنھن مائٽن کي جيئري تڙپايو، گهران ڪڍي ڇڏيو ۽ مئي کان پوءِ مٿو ڪوڙايو ۽ ٻيا خرچ ڪري فوتگي کي ملهايو ان جي هرهڪ تعريف پيو ڪري. هيءَ به جديديت جي هڪ خوفناڪ صورت آهي. جنھن ۾ ويجها رشتا جيئري عذاب ڏين ۽ موت کي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي واهه واهه ڪرايو ڇڏين. هن مجموعي جي آخري ڪھاڻي ’آتم هتيا‘ هيٺين ملازم طبقي جي اڳيان وڌڻ وڌيڪ پئسو ڪمائڻ ۽ مسئلن جي حل لاءِ باس وٽ پنھنجي زال کي موڪليندڙ ڪردار آهي. ائين ڪرڻ سان

”نه رڳو ايترو بلڪه مالتيءَ جي پتيءَ جي سخت جاکوڙ رسوخ سان ڪشن (مالتيءَ جو ڀاءُ) کي امپورٽ لئسن به ملي ويو. ڇا ٿيو ان لاءِ مالتي هڪ ٻه دفعو پتيءَ جي باس وٽ پاڻ شام جي وقت سوکڙيون کڻي وئي. ها، ها، هن جي گهر کڻي ويئي.  ڪھڙي ڳالهه آهي، هر ڪامياب ماڻهو ائين ڪري ٿو.ڪاميابيءَ کان اڳ به ڪري ٿو ڪاميابيءَ کان پوءِ به ڪري ٿو.“(9)

هن ڪھاڻي ۾ بعد جديديت  ڪردار، عزت، غيرت ۽ قدرن کي وساري سماج ۾ پنھنجي حيثت اسٽيٽس کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. جيئن ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو:

”مابعد جديديت جي دور ۾ شھر ۽ شھري آبادي ٻھراڙيءَ کان وڌي ويندي آهي. نتيجي طور ڪلچر جو ۽ قدرن جو خاتمو ٿي ويندو آهي. اتي صرف صارفين جو ڪلچر هوندو آهي. شھر جي سڄي سرگرمي معاشي ۽ واپاري هوندي آهي. اتي رهڻ وارا آهستي آهستي ان ماحول ۽ معاشي نعرن ۾ گم ٿي ويندا آهن، هنن جو وجود ڪجهه به نه هوندو آهي، هو صرف مارڪيٽ جو عڪس هوندا آهن. مارڪيٽ ئي هنن جي رهڻ سهڻ جو ڍنگ طئي ڪندي آهي. مابعد جديديت ۾ دنيا مادي حصول جي پويان ديواني هوندي آهي.“(10)

اهڙي صورتحال کي ظاهر ڪندڙ ’آتم هتيا‘ ۽ ’اسڀاويڪ‘ ڪھاڻيون آهن. ڪاروباري سماج ۾ جيڪي به جنھن وٽ آهي، هو ان جي سيڙپ ڪري ناڻو ڪمائڻ چاهي ٿو. هن مجموعي ۾ هيري شيوڪاڻيءَ جون ڪھاڻيون، ڪارڻ جي تلاش، اسڀاويڪ، سيٺ باشي مل جو باٿ روم ڪھاڻيون، جديديت پڄاڻان صورتحال جو وڏو مثال آهن. باقي ڪھاڻين ۾ به ان صورتحال جي جهلڪ موجود آهي. هيري شيوڪاڻي ادبي ۽ سماجي نقاد جي حيثيت ۾ سماج جي بدليل صورتحال جو جائزو ورتو آهي. ڪھاڻيون ختم ٿي ويل اعليٰ قدرن سبب سماج ۾ رونما ٿيندڙ واقعن جي خلاف سخت احتجاج به آهن.

حوالا:

  1. لغاري، اڪبر، ’ادبي تنقيد جي تاريخ‘، ماءِ پبليڪيشن، 2016ع، ص 147.
  2. روپچنداڻي، ميناگوپ، ’هند سنڌ جون عظيم شخصيتون‘ (انٽر نيشنل سنڌي سيمينار جا مقالا، سھيڙيندڙ ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي) روي روشن پبليڪيشن، ٿاڻا ايسٽ انڊيا، 2017ع، ص 13.
  3. شيوڪاڻي، هيرو، ، ’ڪارڻ جي تلاش‘، (مھاڳ).سنڌي ساهت مالا پاران 105، نيو پرنس مارڪيٽ، فرنيچر بزار، الھاس نگر 421003، انڊيا 2008ع
  4. ساڳيو ص 10.
  5. ساڳيو ص 14.
  6. ساڳيو ص 16.
  7. ساڳيو ص 30.
  8. ساڳيو ص 34.
  9. ساڳيو ص 84.
  10. ميمڻ، ڊاڪٽر، عبدالغفور،’جديديت پڄاڻان‘، سنڌي شعبو، ڪراچي يونيورسٽي ڪراچي. 2016ع.
352 ڀيرا پڙهيو ويو