سنڌي ڪلاسيڪل ’وائي‘ ۽ ميون شاهه عنات رضوي
(Sindhi classical waai and miyon Shah Inaat Rizwi)

عبدالطيف دائيداڻو

Abstract:

 

Waai is a beautiful form of Sindhi classical poetry. Its meaning is voice, Sur, lement, or conversation etc. The temperament of waai came into being from this land and emerged from local forms of the land. Soomra period is known as the earlier period of Sindhi literature. Geech (folk song), Gahoon (Poetry reading before any folklore) and Ginan (Devotional hymns or poems recited by Shia Ismaili Muslims) were sung in this period. Kafi, Waai, Moulud and Madah (Offering words of homage) were developed in the same period. In the Sama period these forms got more richness. Waai also continued its journey but no one owned it.Eventually the journey reached in Mughal Kingdom. Mubeen Shah Inayat Rizvi owned the waai he arranged his poetic work orderly as Sur and in the end he placed waai. However he became the founder of waai.

 

لفظ ’وائي‘، لاڙي لھجي جو هڪ نج سنڌي لفظ آهي، جيڪو مختلف محاورن، اصطلاحن ۽ ڪچھرين وغيره ۾ ۽ عام ڳالهه ٻولهه ۾ استعمال ٿيندو رهي ٿو، جيئن ’وائي وارڻ‘، ’وائي بند ٿيڻ‘، ’وايون بتال ٿيڻ‘، ’وايون ولڙيون ٿيڻ‘ وغيره اهڙي طرح سنڌ جي عظيم شاعر شاهه لطيفرح جي ڪلام ۾ به استعمال ٿيل آهي جيئن:

’راجا رتولن ۾؛ ورنائي وائي‘ (سورٺ)

’وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري‘ (معذوري)

’پڙاڏو سوئي سڏ، ور وائي جو جي لهين‘ (ڪلياڻ)

’اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون‘ (سامونڊي)

مٿي بيان ڪيل مڙني محاورن ۽ ڀٽائيءَ جي انهن سٽن تي غور ڪبو ته لغت جي اعتبار کان سڀني جي معنيٰ ٿيندي: ’آواز‘، ’سُر‘، ’پِٽڪو‘، ’ڪُوڪُ‘، ’دانهن‘، ’گفتگو‘، ’زبان‘ ۽ ’ڳالهه ٻولهه‘ وغيره.

پروفيسر محرم خان لکي ٿو ته:

”وائي ڏکڻ سنڌ يعني لاڙ جو هڪ مقامي نج سنڌي محاورو آهي ۽ لغت جي اعتبار کان معنيٰ اٿس: ’آواز‘ ۽ ’سُر‘، ’پٽڪو‘، ’بيان‘، ’گفتگو‘، ’زبان‘ ۽ ’ڳالهه ٻولهه‘ وغيره.“(1)

وائيءَ جي معنيٰ کان پوءِ ڏسڻ گهرجي ته هن جو مادو يا ڌاتو  ڪھڙو آهي؟

غلام محمد گراميءَ موجب:

”منھنجي راءِ آهي ته وائيءَ جو تعلق ’واءُ ۽ وائي‘ سان نه پر ’واءِ واءِ ڪرڻ‘ هڪ محاورو آهي، يعني دانھون ڪرڻ، پٽڻ ۽ روئڻ. لطيف جي درگاهه تي ٿيندڙ راڳ ۾ به رڳو ’واءِ واءِ‘ آهي. ان ۾ لفظ ۽ حرف ڄڻ ته آهن ئي ڪين.“(2)

مخدوم طالب الموليٰ وائيءَ تي بحث ڪندي ان نتيجي تي پهتو آهي ته وائي ’واءُ‘، ’وارتا‘، ’ورت‘ مان نه پر ’واڻي‘ جي بدليل صورت آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ’ٻول‘ يا سخن پاڻ گرونانڪ جي ٻاڻين لاءِ به وايون لفظ استعمال ڪندي لکي ٿو ته:

”وائيءَ کي ڏسجي ٿو ته ان جو گهاڙيٽو ٻاڻين وارو ئي آهي. فرق فقط هيترو آهي ته وائي جو ٿل ٻه اڌ ٿئي ٿو، يعني پھرئين اڌ ۾ قافيو ۽ ٻيو اڌ بنا قافيي جي هوندو آهي ۽ وائي ۾ ٻن مصراعن جي بدران وڌيڪ مصراعون ٿينديون آهن. شاهه يا ان کان اڳ وارن شاعرن جو گهاڙيٽو به ٻاڻي جھڙو آهي.“

ڪنز قدوري قافيه، ڪي ڪين پڙهيوم

سوپاڙو ئي ٻيو، جيان پرين لڌوم

’قاضي قاضن‘(قادن)(3)

مخدوم صاحب جي انهيءَ بيان کان پوءِ سڌو سنئون ذهن ۾ اچي ٿو ته وائي دوهي يا سورٺي سٽن کي هيٺ مٿي اڳيان پويان ڪرڻ سان وجود ۾ آئي، پر واڻيءَ مان وائي ڪيئن ٿي، ان لاءِ مخدوم صاحب شڪ ظاهر ڪري ٿو ته:

”شاهه صاحب جي محفل ۾ دهليءَ جا ٻه وڏا موسيقيءَ جا استاد ’اٽل ۽ چنچل‘ هوندا هئا. جيڪي دهليءَ کان آيل هئا. جن شاهه صاحب جي ڪلام کي موسيقيءَ مطابق ترتيب ڏنو هو ته ڪلام کي واڻيءَ جو نالو ڏنو هجي جيڪو سنڌي ۾ ساڳي معنيٰ ادا ڪندڙ لفظ بدلجي وائي ٿي پيو هجي... شاهه سائينءَ جي ڪلام کي اٽل ۽ چنچل ترتيب ڏنو هو، تن واڻي لکيو هجي جيڪو ڦري وائيءَ ٿي پيو هجي.“(4)

مخدوم صاحب جي راءِ تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو پنھنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته بيت ۽ وائي ٻئي ساڳي ڇند جي وزن مطابق آهن پاڻ لکي ٿو ته:

” بيت اها صنف آهي جيڪا ڇند ۾ آهي ۽ وائي به ساڳئي وزن ۾ آهي، وائيءَ بابت ساميءَ جي هيءَ سٽ به يان ڇڪائي ٿي:

’ويدن جي وائي، سا سنڌي ۾ سمجهايم‘.“(5)

مٿي بيان ڪيل نظرين ۽ راين جي روشنيءَ ۾ ثابت ٿئي ٿو ته ’وائي‘ هڪ نج سنڌي لفظ آهي، جيڪو آواز جي معنيٰ ۾ ادا ٿئي ٿو. اهو آواز ’واءِ واءِ‘ هجي يا ’هاءِ هاءِ‘ رڙيون هجن يا ڪوڪون پر سنڌيءَ ۾ اهڙي هر قسم جي آواز کي وائي چئبو آهي.

معنيٰ ۽ مفھوم جي لحاظ سان معنيٰ اٿس ’ڳالهه ٻولهه، گفتگو يا گفتار.‘ شاعريءَ ۾ موسيقيءَ جي لحاظ سان هڪ سُريلي صنف طور مشھور ۽ عام آهي.

وائيءَ جو جنم:

مخدوم طالب الموليٰ جو خيال آهي ته ’وائي‘ سنڌي بيتن جي سنڌي قصيدي مثال ابوالحسن جي سنڌيءَ مان پيدا ٿي آهي، ڇو ته وائي ۽ انهن جو گهاڙيٽو ساڳيو آهي پاڻ لکي ٿو ته:

”وائي، بيت، مداح يا سنڌي قصيدن، مثلاً ابوالحسن جي سنڌيءَ مان ٺھي آهي، ڇو ته انهن ٽنهي صنفن جو گهاڙيٽو ساڳيو آهي. جيڪڏهن اهو بيت، جنھن جي پھرين سٽ اڌو اڌ ٿئي ٿي ۽ باقي منجهس ٻن سٽن کان گهڻيون سٽون آهن. ان جي پڇاڙيءَ واري سٽ جو پويون اڌ پھرين ۽ پوئين اڌ پوءِ کڻي ڪجي ته وائيءَ واري شڪل ٿي پوندس.“(6)

مخدوم صاحب جي هن بيان ۾ واضح ٿئي ٿو ته وائيءَ جو بنياد يا اصل شڪل بيت واري آهي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي به اهڙي راءِ جي حمايت ڪندي، پنھنجي تصنيف ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ جلد پھرئين ۾ اهڙو بحث ڪندي انهيءَ ڳالهه جي حمايت ڪندي نظر اچي ٿو. ڊاڪٽر صاحب وائيءَ جو بنياد بيت کي مڃي ٿو:

”بيت لاءِ دوها ۽ سورٺا ڇند بنيادي ڇند آهن. وائي فقط آخري سٽ جي ڪري گهڻو ڪري دوهي ۽ تڻويري دوهي مان اسريل نظر اچي ٿي.“(7)

مٿي ڏنل مخدوم طالب الموليٰ جي بيان ۽ ان کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي بيان کان پوءِ اها راءِ وائي جو ڌاتو يا مادو بيت خاص طرح دوها ۽ سورٺا ڇند مان اسريل نظر اچي ٿو، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وائي جي ابتدا بابت پنھنجا ويچار لوڪ ادب جي سلسلي ’ڳيچ‘ جي مقدمي ۾ ونڊيا آهن. اهي ڪي قدر مختلف نظر اچن ٿا. جنھن موجب ته وائي اصل ۾ ڳيچ مان اسريل نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڳيچ جو ڳائڻ سان تعلق آهي پاڻ لکي ٿو ته:

”ڳيچ جي هن  سادي سٽاءُ وارو بنيادي خاڪو سنڌي وائيءَ جي اسرڻ لاءِ هڪ اهم سرچشمو بنيو آهي.“(8)

سنڌي ادب، جنھن جي شروعات سومرن جي دؤر کان ٿي، ان وقت جي ادب کي اسان جي ادبي تذڪرن ۽ تاريخن بابت واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڳاهون، ڳيچ ۽ گنان وغيره هن دؤر ۾ ڳايا ويا. هيءُ دور جيئن ته سنڌي ادب يا شاعريءَ جو بنيادي دؤر هو سنڌي شاعريءَ جون بنيادي صنفون جيئن ڪافي، وائي، مداحون، مولود وغيره هن ئي دؤر ۾ اُسريا، پوءِ سما دؤر ۾ انهن صنفن ۾ اڃا پختگي آئي. اهو سفر هلندو رهيو، سنڌ جي هيءَ سريلي صنف هڪ آزاد پکيءَ وانگر آزاد فضائن ۾ پنهنجون اڏامون جاري رکيون هونديون، پر کيس ڪو پنھنجي ڪرڻ وارو نه مليو ۽ جي مليو، ته اهو اڃا تائين خاموشيءَ جي پردي ۾ ويڙهيل آهي، جنھن جو نالو نشان نه آهي. اهو سفر شاهه لطف الله قادريءَ تائين هليو، پر ڪو به وائيءَ جو نالو نشان ظاهر نه آهي. آخر ڪار مغل شهنشاهيت جي آخري دؤر ۾ هڪ اهم شاعر ’ميون شاهه عنات رضوي‘ ساماڻو، جنھن ان اڏامندڙ پکي يعني وائيءَ کي پنھنجي گرفت ۾ آندو ۽ پھريون وائيءَ جو شاعر يا باني ٿيو.

پروفيسر محرم خان لکي ٿو ته:

”ميون شاهه عنات رضوي پھريون ئي شاعر آهي جنھن انهيءَ اڏامندڙ عوامي گيت کي هيرائي پالي پنھنجو ڪيو ۽ انهن کي پنھنجي لاثاني سفر ۾  جڳھه ڏني، ميين شاهه عنات کان اڳي ڪنھن به شاعر جي شاعريءَ ۾ وائي دستياب نه ٿي آهي.“(9)

مٿي بيان ڪيل سڄي بحث کان پوءِ اها راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي ته سنڌي شاعريءَ جي مقبول ۽ عوامي صنف وائيءَ جو خمير هن ڌرتيءَ ۽ ڌرتي جي ديسي صنفن مان وجود ۾ آيو آهي. پوءِ اهو ڳيچ هجي يا ڳاهه، بيت هجي يا مداح ۽ قصيدو هجي يا ابوالحسن جي سنڌي ٻي اها ڳالهه ته، وائي جيڪڏهن ميين شاهه عنات رضويءَ کان پھرين جنم وٺي چڪي به هئي، ته به ان جي امڪان کانسواءِ ثبوت طور ڪا به وائي ۽ ان جو مؤجد جو نالو نٿو ملي. ان ڪري جيڪڏهن ميين شاهه عنات کي ان جو مؤجد قرار نه به ڏجي، ته به اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته ميون شاهه عنات، سنڌي وائيءَ جو دريافت ڪندڙ ۽ مؤجد ثاني ضرور آهي، جنھن وائيءَ کي باقاعدي صنف جو درجو ڏئي، ان تي طبع آزمائي ڪئي ۽ پوءِ جي شاعريءَ لاءِ هڪ سُونهي ۽ استاد جو ڪردار ادا ڪندي، وائيءَ کي سندن هٿن تائين  پھچايو آهي.

ميين شاهه عنات جي وائي:

ميين شاهه عنات جي سوانح بابت تفصيلي ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي تصنيف ’ميون شاهه عنات جو ڪلام‘ جي مقدمي ۾ ملي ٿو، جيڪو 1963ع ۾ ڇپيو. هن مختصر مقالي جو بنيادي ماخذ به سندن تحقيق آهي.

ميون شاهه عنات، نصرپور جي رضوي سيدن مان شاهه نصير الدين جي گهر ۾ ڄائو، ميين صاحب جا وڏا بنيادي طرح سان غوث بھاءُالدين ذڪريا ملتانيءَ جا مريد هئا، تنھنڪري ان خاندان ۾ سماعُ جون محفلون ٿينديون هونديون، جن جو اثر ميين صاحب تي پيو هوندو. ٻيو ته ميون شاهه صاحب ننڍي وهيءَ کان وٺي آزاد طبع، خود خيال ۽ رسمي پابندين جي خلاف هوندو هو، سندن خاندان ۾ هيءَ روايت مشھور آهي ته:

”ميون شاهه عنات اڃا ڏهن ٻارنهن سالن جي عمر جو مس هو ته سندن والد شاهه نصيرالدين وفات ڪئي، تنھنڪري هن جي سنڀال سندس وڏي ڀاءُ ميان احمد شاهه جي ذمي ٿي، پر ميون شاهه عنات ننڍي هوندي کان ئي رسمي پابندين کان آزاد ۽ قدري خود خيال هوندو هو. کيس راڳ رهاڻ جو فطري ذوق هوندو هو ۽ هو آزاديءَ سان عام ڪچهرين ۾ اٿڻ ويهڻ لڳو. احمد شاهه کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ شروع ۾ کين منع ڪيائين پر آخر بيوس ٿي پنھنجو پاڻ پليائين.“(10)

ڊاڪٽر  بلوچ صاحب جي ڏنل هن روايت ۾ ظاهر آهي ته ميين شاهه عنات کي هڪ ته موروثي طرح سان خاندان مان سماع ۽ راڳ ورثي ۾ مليا هئا، ڇاڪاڻ ته سهروردي طريقي ۾ سماع جائز آهي، تنھنڪري ميين صاحب جي ڪلام ۾ ’سُر ڌناسري‘ ملتان جي بزرگن بهاءُالدين ملتانيءَ ۽ سندس خاندان تي ڳايل آهي، جيئن:

”اڳئين جو عنات چئي آهي ايڏاهين پنڌ“

يا

”غوثان ختم بهاءُالدين، نبيان ختم رسول صه(11)

ميين صاحب جي زندگيءَ جو ٻيو پهلو رسمي پابندين جي خلاف آزاد زندگيءَ ۽ آزادي سان عام ڪچهرين ۾ وڃڻ هو. محفلن ۾ ويهڻ کان وڏو ڀاءُ کيس منع ڪندو رهيو ۽ پابنديون لڳائيندو رهيو، پر ميون صاحب سندس ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري مگڻهارن ۽ ڳائڻن جي محفلن ۾ ويندو رهيو. مقصد ته ميين صاحب جيڪو ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهيو، ٿي ان مان ڀرپور حظ حاصل ڪيائين. رسمي پابندين جي خلاف بغاوت ئي هئي جنھن سنڌي شاعريءَ جي جهول ۾ وائي جھڙي سريلي صنف وڌي. پنھنجي ڪلام کي سُروار يا سرود جي شڪل ۾ آڻي لکيائين ۽ هر سُر جي آخر ۾ وائي ڏيئي پنھنجو رسالو مڪمل ڪيائين. سندس پيشرو شاعرن قاضي قاقدن يا شاهه ڪريم جي شاعريءَ کان پيغام  پھچائڻ جو ڪم ورتو، يعني شاعري فقط ذريعو هئي پر ميين صاحب جو مقصد شاعري ڪرڻ هو، ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”.... قاضي قاضن توڙي شاهه ڪريم اصولي طور صوفي ۽ درويش هئا، جن سلوڪ ۽ طريقت جي نڪتن کي بيان ڪرڻ خاطر بيت چيا. سندن واسطي شاعري مقصد نه پر ذريعو هئي. ميون شاهه عنات پنھنجي طبعي ذوق سبييان شاعر ٿي ساماڻو ۽ شاعريءَ مان پورو هز حاصل ڪيائين. ميين شاهه عنات هڪ صوفي درويش جي حيثيت سان شاعري نه ڪئي، بلڪه شاعريءَ جي ڏات سندس واسطي درويشيءَ جو باعث بڻي.“(12)

ميين عنات کي شاعريءَ جي ڏات مليل هئي، جيڪا پوءِ سندس بزرگي جو سبب بڻي. ان کانسواءِ سندس ننڍي وهيءَ کان موسيقيءَ سان چاهه کيس موسيقيءَ جو ماهر بنائي ڇڏيو. پاڻ تندوري جي تارن سان پنھنجي دل وندرائيندو رهيو ۽ موسيقار بنجي ويو. آخرڪار سندس باغيانه طبيعت سنڌي شاعريءَ ۾ انقلاب آندو جو پاڻ پنھنجي شاعريءَ کي سوڌي سنواري سُر يا سرود وار رکيائين جيڪا هڪ نئين روايت هئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”ميون شاهه عنات پھريون شاعر آهي جنھن جي ڪلام ۾ سنڌي وائي هيئيت توڙي مضمون ۽ معنيءِ جي لحاظ سان اوج تي نظر اچي ٿي. ’وائي‘ جا موجد سنڌي صوفي شاعر هئا ۽ وائي آڳاٽي دور کان وٺي رائج هئي، پر شاهه عنات کان اڳ چيل وايون غالباً محفوظ نه رهيون آهن....... شاهه عنات جون سڄيون ساريون ٻائيتاليهه وايون ملن ٿيون...... معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ سان ميين صاحب جون وايون تيرنهن جدا جدا مضمونن تي مشتمل آهن، جن مان 3 خالص مولود، 14 مداحيه، 2 دعائيه، 1 نصيحت، 3 سرمارئي، 1 سر ليلان، 2 سر مومل راڻو، 6 سر سسئي، 1 سر سورٺ، 1 سر سارنگ، سرڪاموڏ (گندري)، 2 هنجهن بابت ۽ 5 غنائي آهن.“(13)

ميين صاحب جي ڪلام تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو، ته سندن ڪلام مختلف مضمونن ۾ سر وار رکيل آهن.

ڊاڪٽر محمد علي مانجهي لکي ٿو ته:

”توڙي جو وائي سنڌي شاعريءَ جي قديم صنف آهي، جيڪا اڳ ۾ به چئي ويندي هئي، پر ميون عنات پھريون شاعر آهي، جنھن وٽ پھريون ڀيرو وائي هڪ ’صنف‘ طور ملي ٿي. هن مختلف داستانن ۾ وايون ڏيئي وائيءَ جي صنف ۽ ان جي حيثيت کي مڃرايو. اها ڳالهه غلط آهي ته شاهه لطيف وائيءَ جو مؤجد آهي...... حقيقت ۾ شاهه عنات يقيناً وائي جو مؤجد آهي. اهو فقط پراڻي واڻي ۽ ميين عنات جي وائي کي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ميين عنات ان لحاظ سان ڪيڏو وڏو ڪمال ڪيو آهي.“(14)

وائيءَ جا گهاڙيٽا ۽ ميين شاهه عنات جي وائيءَ ۾ انفراديت:

سنڌي ادب ۾ وائي ۽ ڪافيءَ جي گهاڙيٽن تي ڪو خاطر خواه ڪم نه ٿيو آهي، سواءِ ڪجهه چند مضمونن جي جن ۾ ڪجهه هن متعلق مواد موجود آهي. وائيءَ جي گهاڙيٽن بيان ڪرڻ کان پھرين ڪو اصول قائم ٿئي، ان کان پوءِ ميين عنات جي وائيءَ جي گهاڙيٽن کي بيان ڪجي، انهيءَ لاءِ گل نصرپوري جو مضمون ’وائيءَ ۽ ڪافيءَ جا گهاڙيٽا‘ سامهون آهي. ان ۾ گل نصرپوري، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي حوالي سان لکي ٿو ته:

”وائي ۽ ڪافيءَ جو بنياد به ڇند متعلق آهي، جيئن: دوها ۽ سورٺا ٺھيل آهن، اهڙي طرح وائي به ڇند تي آهي...وائيءَ جو پھريون گهاڙيٽو اهو آهي، جنھن ۾ ٿلهه خواه بندن جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو اچي ٿو، اهڙي گهاڙيٽي واري وائيءَ کي ’دوها وائي‘ چئجي ٿو.“(15)

جڏهن ته وائيءَ جي گهاڙيٽن لاءِ ٻيو اصول هُن اهو ڄاڻايو آهي ته:

”وائيءَ جو ٻيو گهاڙيٽو اهو آهي، جنھن ۾ ’ٿلهه‘ جي وچ ۾ بندن جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو ٿئي ٿو. اهڙن گهاڙيٽن واري وائيءَ کي ’سورٺا وائي‘ سڏبو.“(16)

موسيقيءَ جي استادن قافين يا پدن جي ڦيرڦار سان ڪجهه ٻيا به قسم بيان ڪيا آهن، جيئن: ٻه پدي، ڏيڍي، ٻيڻي يا ٽي پدي وائي.

هتي اسان ميين شاهه عنات جون وايون ڏسنداسين ته نؤ (9) وايون اهڙيون آهن، جن جي ٿلهه جي آخر ۾ قافيو آيل آهي مثال:

ٿلهه دوس قريشي! عرب ديسي! تو کي رب سنڀالي ميان سائين

  1. 1. اول نور نبي جو، تاري ۾ رکيائين (ڪلياڻ فصل ٻيو)

تو کي مڱان، تون آهين، ٻيو درڪون سڃاڻان.

انڌا ڪري اڳ ۾ ڪوٺائين ڪاڻا.......

 

چانکي چرهو چکيو، ڪي جو ڪاڪ تڙاءُ

ڪرهو سرهو ڏيهه ۾، تنھن کي ڊپ نه ڊاءُ......

                                        (مومل راڻو وائي نمبر 2)

ميين عنات جون 33 وايون اهڙيون به آهن، جن ۾ ٿلهه جي وچ ۾ قافيو اچي ٿو، مثال:

منھنجي سيد سار لھندو، مون کي آهي اميد الله ۾

سجدي پئي سپرين، زاري زور ڪندو

                                                            (ڪلياڻ فصل پھريون)

ڪاجا ڳالهه ڪيائون، يا الا! مون من تنهين موهيو،

حال حقيقت، منھن معرفت، ڏسي ڏات ڏنائون.

مٿي بيان ڪيل مثالن ۽ وائيءَ جي مقرر ڪيل اصولن تي ميين شاهه عنات جون وايون پوريون آهن، تنھنڪري راقم جي راءِ ۾ ميين شاهه عنات، وائيءَ جو قافيو آخر ۾ ۽ ڪٿي وچ ۾ به آندو آهي، ڪٿي اندرين قافين به سندس وائيءَ جي موسيقيت ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، ان کانسواءِ ميين صاحب جي وائيءَ ۾ قافيي سان گڏ رديف جو به سھڻو مثال ملي ٿو: مثال:

”ٿي من موهيو ڄام، جو سونھن سڀن ۾ وتري گندري

سمي سونھاڻي، محبت هاڻي مھائي مھا سوندري گندري“

ماهرن وائيءَ جي گهاڙيٽن لاءِ بنيادي طرح سان ٻه اصول قائم ڪيا آهن: (1) اهڙيون وايون جن جي ٿل ۾ قافيو آخر ۾ ايندو آهي، (2) اهڙيون وايون جن جي وچ ۾ قافيو اچي ٿو.

ميمڻ عبدالمجيد لکي ٿو ته:

”قافيو ٿل جي آخر ۾ اچي ۽ سڀ مصرعون ٿل سان هم قافيه ٿين.“(17)

ميين شاهه عنات جي سرپرڀات فصل ٻيو مان هڪ وائي مثال طور پيش آهي:

ٿل- تو کي مڱان، تون آهين، ٻئو در ڪونه سڃاڻا

  1. انڌا ڪري اڳ ۾، ڪوٺائين ڪاڻا
  2. الاهي! عنات چئي، نوازي نماڻا.

هن وائيءَ تي غور ڪبو ته ٿل جي آخر ۾ قافيو آهي، جيڪو هر بند يا مصرع سان هم قافيه آهي. اهڙيءَ طرح ٻئي اصول تي نظر وجهبي ته ٿل ٻه اڌ يا ٻن پدن ۾ نظر اچي ٿو، ان جي وچ ۾ قافيو اچي ٿو ۽ ٻيو پد وراڻي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. هر مصرع کانپوءِ اها وراڻي استعمال ٿيندي آهي. ميين شاهه عنات جي هن وائيءَ تي غور ڪبو ته هن اصول تي پوري ٺھڪي بيهي ٿي.

ٿل: منھنجي سيد سار لھندو الله،

مون کي آهي اميد الله ۾

بند: سجدي پئي سپرين، زاري زور ڪندو

مون کي آهي اميد الله ۾.

ميين شاهه عنات جي واين تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هُن واين ۾ مٿي بيان ڪيل ٻن اصولن کانسواءِ وائيءَ جي ٿل يا مصرع ۾ قافين جا ٻٽا ٻٽا جوڙ لڳايا آهن.

ٿل: اڄ گهر، اڄ گهر، ايندا سپرين، ويٺي ڪانگ اڏايان،

ايھين ڀانئيان

بند: چرندي مالهه، پروڙيم ڪالهه، سرتين ڳالهه سڻايان،

ايھين ڀانئيان

نتيجو:

سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي سُريلي ۽ عوامي مقبول صنف وائيءَ جو مادو ڳاهه هجي، ڳيچ هجي يا ابوالحسن جي سنڌي، پر سندس خميرُ سنڌ ڌرتيءَ سان جُڙيل آهي. جيئن ته سنڌي ادب جي شروعات سومرن جي دؤر کان ٿي، تنھنڪري ايئن چئي سگهجي ٿو ته وائي به سومرن جي دؤر کان شروع ٿي هوندي. پر کيس ڪنھن پنھنجو نه ڪيو. آخرڪار مغل شھنشاهيت جي آخري دؤر ۾ ميين شاهه عنات رضويءَ پنھنجي رسالي جي هر سُر جي آخر ۾’وائي‘  کي جاءِ ڏني ۽ پاڻ وائيءَ جو مؤجد بڻيو. هن کان اڳ ڪنھن به شاعر جي شاعريءَ ۾ وائي نظر نه آئي آهي. ميين شاهه عنات جي وائي منفرد حيثيت رکي ٿي.

 

حوالا:

 

  1. جويو، ابراهيم، (مرتب) ’سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري‘، سنڌي ادبي بورڊ، ص 240.
  2. الانا، غلام علي، سھڙيندڙ : زبيده شيخ، ’ادبي اوسر‘، سنڌي زبان پبليڪيشن، حيدرآباد، ص 38.
  3. مخدوم، طالب الموليٰ، ’ڪافي‘، بزم طالب الموليٰ، هالا، 1962ع ص 52.
  4. مخدوم، طالب الموليٰ، ’ڪافي‘، بزم طالب الموليٰ، هالا، 1962ع، ص 52-53.
  5. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘، جلد پھريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2004ع، ص 331.
  6. مخدوم، طالب الموليٰ، ’ڪافي‘، بزم طالب الموليٰ، ص ؟؟، هالا، 1962ع.
  7. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘، جلد پھريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، 2004ع، ص 232.
  8. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ’مقدمو ڳيچ‘، سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع، ص 14.
  9. جويو، ابراهيم، (مرتب) ’سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعريءَ جو آڳاٽو دؤر‘، سنڌي ادبي بورڊ، 2007ع، ص 241.
  10. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ’ميين شاهه عنات جو ڪلام‘، سنڌي ادبي بورڊ، 1963ع، ص 91.
  11. ساڳيو، ص 90.
  12. ساڳيو، ص 66.
  13. ساڳيو، ص 62.
  14. سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر، ’مرتب: ميون عنات رضوي هڪ اڀياس‘، 2019ع، ص 202-203.
  15. نصرپوري، گل، ’وائي ۽ ڪافيءَ جا گهاڙيٽا‘، نئين زندگي، نومبر 1964ع، ص 22.
  16. ساڳيو، ص 22.
  17. ميمڻ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر، ’جوتيون جواهرن جون‘، عجائب اسٽور، سکر، 1971ع، ص 12.
337 ڀيرا پڙهيو ويو