ادب ۾ علم الحڪايت/ علم البيان (Narratology)جو فن
(Narratology in literature)

مبارڪ علي لاشاري

Abstract:

 

Discourse structure is woven by many ways in order to carry the burden of message. There are some elements which are responsible for specific functions in a text. Narratology is one of them. Narratology consists of elements like narrative, narrator, narrate and the carrier. These elements make a story as a construction of human understanding as a reader and an audience with varying roles and degrees. This research paper is structure in order to analyse the basic concepts of narratology as a science of narrative fiction. In this research paper I have discussed some narratlogists with their basic tenants in details so that the basic structure could be understood. It can help us to understand the structure of story and storytelling art.

 

ادب جي دنيا ۾ ڪنھن قصي، ڪھاڻي، افساني يا حڪايت کي بيان ڪرڻ جي طريقه ڪار کي نئراٽالوجي Narratology يا بيان ڪندڙ جو انداز، علم البيان/ علم الحڪايت چئبو آهي. هي طريقو شعوري طور يا غير شعوري سمورن ليکڪن، ڳالهائيندڙن، ڳائيندڙن، قصه گو ۽ پڙهندڙن توڙي ٻڌندڙن وٽ ضرور هوندو آهي. هي بنيادي طرح قصه گوئي جو هڪ انداز آهي. نئراٽالوجي جو تعلق لسانيات توڙي ادب سان هڪجھڙو آهي. اهو تمام مشڪل آهي ته هن کي فقط لسانيات جي شاخ ڪوٺجي يا هن کي صرف ادب جي شعبي جي حوالي ڪري ڇڏجي. ڇو ته اهو علم يا ٽيڪنيڪ ادب ۽ لسانيات ٻنهي جي سرحد تي هڪجيترو حصو والاري ٿو. ڪنھن به صورت ۾، ادب يا لسانيات جي لحاظ کان، ٻنهيءَ ۾ سندس عملي تجزيي جو طريقه ڪار سائنسي آهي. ٻنهي شاخن ۾ هيءُ علم پنھنجي الڳ سڃاڻپ ۽ مقام رکي ٿو. پيٽر بيري 1990 (Barry 1990) انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو ته:

”علم الحڪايت / علم البيان سائنسي مشق جو نظام آهي.“(1)

انهيءَ نُڪته نظر کان علم البيان ساڳئي وقت تي هڪ نظريو، تذڪرو يا ڪنھن بيان يا قصه گوئي مشق جي تنقيد پڻ آهي.

جي اي ڪڊون جي ڊڪشنري آف لٽريري ٽرمس اينڊ لٽريري ٿيوري موجب:

“Narratology is theory, discourse or critique of narrative/ narration.”(2)

جڏهن ته ’علم البيان‘ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته لفظ ’نئراٽالوجي‘ فرينچ اصطلاح Narratologie مان نڪتل آهي، جنھن کي تودوروف Tzvetan Todorov  پھريون دفعو استعمال ۾ آندوهو.(3) هن تصور ڏنو ته هيءُ علم، مَتن جي مٿاڇري سطح بجاءِ اونهائيءَ تائين وڃڻ جي ترجيح جو نالو آهي. هيءُ علم جيئن ته گهڻو عام آهي تنھنڪري علم ۽ ادب جي سڀني شاخن / صنفن، ڪھاڻي، ناول، ڊرامي، فلم، قصه گوئي، سياسي، تاريخي يا ڪنھن ٻئي شاخ تي هڪجھڙو لاڳو ٿئي ٿو. جنھن کي تودوروف عالمي نمائندگي ڪوٺي ٿو. سندس چوڻ موجب:

”نئراٽالوجي جنرلائيزيشن جو نئون نظريو آهي، جيڪو بيان جي هر قسم تي هڪجھڙو لاڳو ڪري سگهجي ٿو ۽ اها هڪ مفروضاتي سائنس آهي، جيڪو اڃا (خالص سائنسي) وجود ڪونه ٿي رکي، تنھن هوندي به اچو ته ان کي نئراٽالوجي يعني ڪنھن بيان/قصي يا حڪايت جو سائنسي مطالعو ڪوٺيون.“(4)

جيئن لڳ ڀڳ ٻين سمورن علمن جون شاخون وڃي يونان ۽ يوناني ڏاهن ۽ فيلسوفن سان ملن ٿيون اهڙيءَ طرح هن علم جا بنياد پڻ افلاطون ۽ ارسطوءَ سان وڃي ملن ٿا. ان ڏس ۾ يوناني ڏاهي ۽ نقاد افلاطون پنھنجي ڪتاب ‘The Republic’  ۾ ان علم / فن تي بحث ڪيو آهي. جنھن ۾ هن نقاليءَ جو علم Mimesis, جو لفظ استعمال ڪيو آهي، جنھن مان سندس مراد ڪردار جو عملي اظھار آهي. ان ۾ ڪردار پنھنجي گفتگو ۽ ڊائيلاگ ذريعي پنھنجي ڳالهه جو اظھار ڪري ٿو. ان سان گڏ بيان ڪرڻ جو تجزيو diegesis سندس بيانيه طريقي جي ڇيد جو طريقو آهي، جنھن ۾ ليکڪ جي بيانيه اظھار يا تشريح جو تجزيو ڪيو ويندو آهي. اهي ٻيئي شيون ڪنھن به قصي، ڪھاڻي، تذڪري، فلم، ڊرامي جا بنيادي جُز آهن. انهن بنيادي ايڪن نه صرف ويھين ۽ ايڪيھين صديءَ جي بيانيه ڇيد واري علم کي بنياد مهيا ڪري ڏنا، پر Showing ۽ Telling جي حوالي سان اڄوڪي ترقيءَ ۾ به وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو. جنھن جي بنيادن تي جينيٽ ۽ بادريلار کي تجزيي جي فن جون وسعتون مليون.

افلاطون جي انهيءَ ڇيد يا تجزياتي علم کي اڳتي وڌائيندي، سندس شاگرد ارسطوءَ پنھنجي ڪتاب ‘The Poetics’ ۾ تخليقي ادب ۾ علم البيان ذريعي الميه نگاري (Tragedy) جا اهم جز بيان ڪيا، جيڪي بيان/قصي/ حڪايت جي ساخت کي سمجهڻ لاءِ اهم سمجهيا ويا. انهن ۾ اهم جز هي آهن.

  1. همرشا                     The Hamartia
  2. اناگورسس                     The anagnorisis
  3. پيريپيٽيا                     The peripeteia

ارسطوءَ پاران ڪنھن به الميه نگاريءَ جي حوالي سان بيان ڪيل سندس بنيادن جزن ۾ ’همرشا‘ ڪنھن ناٽڪ، افساني، خاص ڪري الميه نگاريءَ ۾ هيرو جي ڪا اهم ۽ خاص المياتي خلش Tragic Flaw يا غلطي آهي، جنھنڪري مک ڪردار يا هيرو پنھنجي غلطيءَ سبب المياتي زندگيءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته سندس ٻئي جز ’اناگورسس‘ موجب المياتي ناٽڪ يا افساني ۾ اهو ڏاڪو جتي ڪردار اچي انهيءَ المياتي نقص کي سڃاڻي ۽ تسليم ڪري. انهيءَ اعتراف يا تسليميءَ جي نتيجي ۾ ئي سندس ڪردار کي سڃاتو وڃي ٿو. ڇوته المياتي غلطيءَ بعد هو انهيءَ کي تسليم ڪري پوءِ پيريپيٽيا جي ڏاڪي تي  پھچي ٿو. جنھن موجب ڪنھن شيءِ جي اوچائي کان هيٺ ڪرڻ آهي. جيئن هيرو پنھنجي ’همرشا‘ جي ڪري پنھنجي شان و شوڪت کان هيٺ ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح ’پيريپيٽيا‘ پڻ موجود حالتن جي اُلٽ يا ڪايا پلٽ آهي. جنھن ۾ حالتون پنھنجو ابتڙ عڪس پيش ڪن ٿيون، يعني يڪسر بدلجي وڃن ٿيون. جنھن ۾ ٿي سگهي ٿو ته کلندڙ ماحول دوران ماڻهن کي لڙڪ اچي وڃن يا غمناڪ حالتون بدلجي خوشگوار ٿي پون. جنھن ۾ ’همرشا‘ جي ڪري جيڪا هيرو لاءِ اڻوڻندڙ صورتحال هوندي يا ممڪن آهي، بدلجي وڻندڙ صورتحال ٿي ويندي هجي.

”ارسطوءَ پاران پيش ڪيل ناٽڪ جي متن ۾ انهن جزن لاءِ ڪي مخصوص علامتون هونديون آهن ۽ انهن کي سڃاڻڻو پوندو آهي، جيڪو علم البيان جي زمري ۾ اچي ٿو. سندس ٻڌايل انهن جزن پڄاڻان نقاد يا تجزيه نگار ڪنھن لکڻيءَ خاص ڪري افساني، ڊرامي يا فلم جي ساختي جوڙجڪ کي پروڙي، ڇيد ڪري ۽ جزا الڳ الڳ ڪري سمجهائي سگهي ٿو.“(5)

يوناني ڏاهن جي اهڙي ڪوششن سبب پڻ انهيءَ علم ۾ وقت بوقت اضافو ٿيندو رهيوآهي. ايستائين جو روسي هيئت پسندن پڻ انهيءَ علم کي اڳتي وڌايو ۽ ڪافي اضافو ڪيو ۽ اهو علم ساختيات جو حصو ٿي ويو. جنھن کي ساختياتي علم البيان/ علم الحڪايت Structural Narratology پڻ چيو ويو. جنھن جو مک نقاد ۽ تجزيه ڪار ’ڪلاڊي ليوي اسٽراس‘ کي سڏيو وڃي ٿو. پر ان کان پھرين بيانيه ساخت جو اهم مطالعو روسي نقاد ولاديمير پروپ  Vladimir Propp سان منسوب آهي، جنھن روسي لوڪ ادب ۾ بيانيه طريقن ۽ جزن جو ڇيد ڪري، ان علم کي لازوال بنياد فراهم ڪري ڏنا. اسٽراس پڻ پروپ جي ڪم جي روشنيءَ ۾ پنھنجو ڪم اڳتي وڌايو.

ولاديمير پروپ (1895_1970)

افلاطون ۽ ارسطوءَ کان پوءِ ولاديمير پروپ هن علم کي تمام گهڻو اڳتي وڌايو. هي اصل ۾ روسي هيئت پسند هو. تنھنڪري سندس گهڻو ڪم روسي لوڪ قصن/ داستانن تي آهي. هن پنھنجي ڪم جي اڃا شروعات ڪئي ئي هئي ۽ اهي منظر تي آيا ئي مس هئا ته روسي انقلاب کانپوءِ روسي ادب جي پاليسيءَ ۾ ڦيرو اچي ويو. ڪميونسٽ روس ۾ اهڙي ساختيات يا هيئت واري ادب جي ڪا جاءِ ڪونه هئي، تنھنڪري اهو ڪم اتي ايترو منظر تي نه اچي سگهيو، توڙي جو 1928ع ۾ سندس ڪتاب The Morphology of Folktale روس ۾ ڇپجي چڪو هو. پر پوءِ اهو ڪتاب ڪافي سال منظر کان غائب رهيو، پوءِ 1958ع ۾ اهو ڪتاب انگريزيءَ ۾ يونيورسٽي آف ٽيڪساس پاران ڇاپي پڌرو ڪيو ويو.

پروپ جو اهو ڪم 100 کن روسي لوڪ قصن جي جسد Corpus تي آهي، جن کي هن سھيڙي انهن جي ساختي بناوت جو تجزيو ڪيو. هن انهيءَ تجزيي مان اهو ثابت ڪيو ته انهن قصن ۾ ڪُل 31 فنڪشن (بناوتي جزا) آهن ۽ سمورا داستان انهن 31 عملي جزن مان ڪن جزن مان جڙيل آهن ۽ ڪو به داستان انهن جزن مان ٻاهر ڪونهي، يا ايئن چئجي ته هن 31 موضوع يا ٿيم ٻڌايا، جن جي بنياد تي اهي لوڪ قصا استوار ٿيل آهن. جڏهن ته پروپ جي انهن 31 فنڪشنل جزن مان 7 حرڪتي زائچا Sphere of Actions آهن. سمورا داستان انهن ستن حرڪتي زائچن جو چوگرد ڦرن ٿا. اهي هي آهن:

  1. منفي ڪردار The Villain
  2. متعاون/ مھيا ڪندڙ The donor (provider)
  3. مددگار The helper
  4. شھزادي ۽ ان جو پيءُ The princess (a sought-for-person) and her father
  5. رسل The dispatcher
  6. هيرو The hero (seeker or victim)
  7. نقلي هيرو The false hero

”پروپ جي پيش ڪيل 31 فنڪشنس ۽ 7 حرڪت ڪندڙ جُزن کي ملائي (سوسور جي لئنگ Languae  جيان ) هڪ پلاٽ ۾ ڪا ڪھاڻي/ قصو/داستان بڻائي سگهجي ٿو.“(6)

(سوسور جي پئرول Parole جيان). يعني پلاٽ جي بناوٽ کڻي مٿي ذڪر بلڊنگ بلاڪس جيان ڪو داستان / قصو يا ان ۾ ڪا به ڪھاڻي پيش ڪري سگهجي ٿي.

”هن علم يا ادبي تجزياتي نظريي جو پروپ ۽ رولان بارٽز کان پوءِ وڏو نالوجيرارڊ جينيٽ Gerard Genette  (1930_ ) جو آهي. سندس ڪم جو دائرو صرف ڪھاڻي/قصي/داستان يا ڪھاڻيءَ جي جزن تي نه پر ان ڳالهه تي آهي ته ڪھاڻي ڪيئن بيان ڪئي يا ٻڌائي وئي آهي. ڪھاڻيءَ ۾ ڪھڙا ڪھڙا عنصر ۽ لوازمات آهن جيڪي ان کي اهم بڻائين ٿا؟ سندس ڪتاب ’بيانيه تذڪرو‘ Narrative Discourse (1972) تمام اهم آهي. بيري مطابق انهي ڪتاب ۾ بيانيه علم جا 6 اهم نُڪتا هي آهن:“(7)

  1. ڇا بنيادي قصه گوئيءَ جو انداز نقالي Mimetic يا اظھاري Diegetic آهي؟

جيرارڊ مطابق ته ڪنھن به داستان، قصي يا ڪھاڻيءَ ۾ ڏسجي ته ڪيترو نقل ٿيل Mimetic انداز استعمال هيٺ آهي ۽ ڪيترو ڊيجيٽڪ انداز ڪتب آندو ويو آهي. انهن ٻنهي مختلف انداز بيان جي ذريعي  ڪھڙو پيغام ۽  ڪھڙو انفرادي بيانيه مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڇوته سندس چوڻ موجب ادبي لکڻي، قصو يا داستان انهن انداز بيانن کانسواءِ نه هوندو آهي. اهي ٻيئي جز، هر ڪھاڻي، قصي يا داستان جا اهم جز هوندا آهن، جيڪي تخليقي ادب کي عام لکڻي کان الڳ ڪندا آهن، جيتوڻيڪ جو اهي جزا عام لکڻين ۾ به هوندا آهن.

  1. ڇا اهو بيانيه قصو ڪٿان مرڪوز ٿيل Focalised آهي؟

ٻئي نمبر تي اهم ڳالهه ڪنھن به قصي يا ڪھاڻيءَ جي مرڪوز ڪندڙ انداز آهي. جينيٽ موجب: هن ذريعي اسين ڏسون ٿا ته ڪھاڻي ڪيئن ٻڌائي وڃي ٿي؟ يعني ڪھاڻي، قصي يا بيانيه انداز ۾ ڪنھن ڪردار جي نقطه نظر کان صورتحال بيان ٿيل هوندي آهي ته ڪڏهن ڪردار نه پر ڪھاڻيءَ ۾ موجود ڪنھن ٻي عنصر يا علامت ذريعي ڳالهه ٻڌائي ويندي آهي. ۽ ڪڏهن وري ليکڪ پاڻ سڌو سنئون داستان پنھنجي نُڪته نظر کان بيان ڪندو آهي. جنھن لاءِ اسين سنڌيءَ ۾ شاهه لطيف جا مثال ڏيئي سگهون ٿا . جيئن ڪڏهن سسئيءَ جي جستجو کي ڏسجي ٿو ته هُوءَ ڏونگرن، ڏيرن ۽ ڏاگهن کي ڏوراپا ڏيندي نظر ايندي آهي ته ڪڏهن ٻين تڪليفن کان سسئي کي سمجهايو وڃي ٿو ۽ ڪڏهن وري شاهه صاحب پاڻ سسئي کي آٿت ڏيندي نظر اچي ٿو. اهڙيءَ طرح شاهه صاحب جي شاعري انهيءَ پسمنظر ۾ ڏاڍي شاهوڪار آهي ۽ ان تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ته شاهه صاحب ڪيترن شين کي مرڪوز ڪري انهن جي نُڪته نظر کان شين کي بيان ڪيو آهي. يعني ڪا به ڳالهه انهيءَ ڪردار جي نُڪته نظر کان بيان ٿيل آهي.

ان ڏس ۾ هتي هڪڙي خاڪي جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪو هڪ ڇپيل ڪارٽون جي صورت ۾ آهي. جنھن ۾ هڪڙو ڄڻو ڪنھن ٻئي ماڻهو جي ڳچيءَ تي پير (لت) ڏيو بيٺو هوندو آهي جنھن تي هيٺيون همراه کيس چئي ٿو ته ’ڀائو منھنجي ڳچيءَ تي پير ڏيو بيٺو آهين‘ ته بيٺل همراه کيس جواب ڏيندي چئي ٿو ته ”ڀائو اهو ته توهان جو نُڪته نظر آهي، جڏهن ته منھنجو نُڪته نظر هي آهي ته توهان پنھنجي ڳچي ذريعي منھنجي پير کي ٽريپ ڪوڙڪي هنيو بيٺا آهيو!“ يعني ظالم وٽ پنھنجو نُڪته نظر ته مظلوم وٽ پنھنجو نُڪته نظر هوندو آهي.

  1. ڪھاڻي/ قصو ڪير ٻڌائي رهيو آهي؟

جينيٽ موجب ڪھاڻيءَ جا Narrator يعني قصه گو هوندا آهن، جيڪي ڪھاڻي يا قصو ٻڌائي رهيا هوندا آهن، ته اها ڪھاڻي يا قصو ڪير پيو بيان ڪري؟ يا جيئن اسين چوندا آهيون ته هيءَ ڳالهه ڪنھن کان روايت ٿيل آهي. يعني ان ڳالهه جو راوي ڪير آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڪردار ڪنھن ڪھاڻي يا ناول ۾ پنھنجي شخصي تاريخ بيان ڪري ٻڌائيندو آهي ۽ اسين سموري داستان کي ان جي واتان ٻڌندا آهيون ۽ اسين يعني پڙهندڙ انهيءَ ڪردار ۽ راويءَ کي سڃاڻيندا به آهيون. جيئن طارق عالم ابڙي جو ناول ’رهجي ويل منظر‘ يا منير چانڊيي جي ناول ’ڪيف ڌاران ڪوءِ‘ ۾ ڪردارن کي اسين سڃاڻون ٿا ته اهي فلاڻي هنڌ جا رهاڪو هئا، يا اهي سنڌ يونيورسٽي ۾ فلاڻي شعبي ۾ پڙهندا هئا، وغيره پر ڪڏهن ڪڏهن ناول يا ڪھاڻين ۾ اسان کي راويءَ جي خبر ناهي پوندي. راوي ظاهر Overt هوندا آهن ته ڪڏهن لڪل به هوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ليکڪ يا ڪھاڻي ۽ افسانه نگار سڀ ڪجهه ڏسندڙ ۽ ڄاڻيندڙ انداز ۾ مٿان کان سڀ ڪجهه ڏسي پيا بيان ڪندا آهن، جن کي Omniscient Narrator چوندا آهن. انهن جا ڪيترائي قسم آهن. اهي هڪ ٻه گڏ ٿي ڪري هڪڙي ناول يا ڪھاڻيءَ ۾ اچي سگهن ٿا. رڳو راوي يا قصه گو جو تجزيو تمام وڏو موضوع آهي.

  1. ڪھاڻي / قصي ۾ وقت ڪيئن پيش ڪيل آهي؟

اهو نُڪتو پڻ تمام اهم آهي ته ڪنھن ڪھاڻيءَ يا داستان ۾ وقت کي ڪيئن پيش ڪيو ويو آهي؟ ڇاڪاڻ ته پلاٽ ڪھاڻيءَ جي زماني ۽ مڪاني ترتيب موجب نه هوندو آهي. ڪھاڻي، واقعن جي هڪ ترتيب وار سلسلي جو نالو آهي، جڏهن ته ڪھاڻيءَ جو پلاٽ ورن وڪڙن وارو هوندو آهي. ان ۾ ڪڏهن ماضي ۾ ٽٻي هڻي سو سال پراڻو واقعو بيان ڪيو ويندو آهي ته ڪڏهن ٻه منٽ پراڻو واقعو ٻڌايل هوندو آهي. پلاٽ ۾ واقعا ڪڏهن به وقتي/ زماني ترتيب سان نه هوندا آهن. انهن جي ماضيءَ ۾ جهاتي پائڻ کي Flash back چيو ويندو آهي، جڏهن ته ماضيءَ ۾ هوندي حال کي بيان ڪيو ويندو آهي يا ايندڙ واقعن جي رونما ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته اهڙي ٽيڪنيڪ کي Flash forward چيو ويندو آهي. انهيءَ پسمنظر ۾ شعوري وهڪري وارا Stream of Consciousness ڪي ناول ڳڻائي سگهجن ٿا. وقت (زمان) جي ڦيري/تبديلي پڻ تمام وڏو موضوع آهي، جنھن جا پڻ ڪيترائي طريقا آهن.

  1. ڪھاڻي / قصو ڪھڙن بيانن ۾ ويڙهيل آهي؟

هن تجزيي ذريعي اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪھاڻي يا قصو  ڪھڙن بيانيه تھن ۾ ويڙهيل آهي. ڪابه ڪھاڻي سڌي سئين نموني سان بيان ڪيل نه هوندي آهي پر ان ۾ ڪيترائي راوي هوندا آهن، جيڪي قصو يا داستان بيان ڪندا آهن. جيئن اسان وٽ عام آهي ته ”مون کي فلاڻي هنڌ هڪ فقير مليو جنھن ٻڌايو ته هن وٽ هڪڙي عورت آئي جنھن چيو ته آئون ڏاڍي بيمار آهيان، مون کي ڪو علاج ٻڌايو.“ هاڻي ان جملي ۾ هڪ ته ليکڪ يا مصنف آهي ته ٻيو راوي ڪردار آهي، جنھن سان فقير مليو، اهو ڪردار پڙهندڙن کي فقير بابت ٻڌائي ٿو. ٽيون راوي فقير آهي، جيڪو عورت بابت ٻڌائي ٿو ۽ چوٿون راوي اها عورت آهي؛ جيڪا پنھنجو داستان ٻڌائي ٿي. يعني قصي مان ٻيو قصو، داستان مان ٻيو داستان ڦٽي نڪري ٿو ۽ انهن جا راوي به تبديل ٿيندا رهن ٿا. هي پڻ تمام پيچيده ۽ ڌيان طلب ٽيڪنيڪل موضوع آهي، جنھن کي سمجهائڻ لاءِ عملي ڪوششن جي ضرورت آهي.

  1. ڪھاڻيءَ/ قصي ۾ استعمال ٿيل ٻولي جو طريقو ڪھڙو آهي؟

هن عنوان هيٺ اسين ڪنھن به قصي يا ڪھاڻي ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ جو تجزيو ڪريون ٿا. هن ۾ ڏسجي ٿو ته  ڪھڙا فعل مجھولي بيان آهن ۽  ڪھڙا فعل متحرڪي؟ ان کان علاوه هن سري هيٺ سڌي ڳالهه Direct Speech اڻ سڌي ڳالهه Indirect Speech استعمال ٿيل آهي ۽ انهن ۾ ڪھڙي قسم جي ٽيڪنيڪ جو استعمال آهي. 

”جينيٽ جي مٿي بيان ڪيل ڪجهه نڪتن کان علاوه سندس وقت جي لاڙي روسي هيئت پسندن پاران استعمال هيٺ آيل محاورا فيبولا Fabula يعني ڪھاڻي ۽ سيوزٽ syuzhet يعني پلاٽ پڻ اهم آهن جن جي سڃاڻپ پڻ جينيٽ جي حوالي سان مشھور آهي. انهن کان علاوه علم الحڪايت /بيان ۾ رولان بارٽز، اي جي گريميس، نارٿروپ فراءِ، جان بيري مئن، ٽي ايس ايليٽ،  ولاديمير نيبوڪوف وغيره تمام وڏا نالا آهن.“(8)

مٿي ذڪر ڪيل عنصرن توڙي مفڪرن جي ڳالهين سان گڏوگڏ ’بيانيه علم‘ جي ڪجهه بنيادي نڪتن کي مد نظر ضرور رکيو ويندو آهي، جيڪي ساخت يا هيئت جي لحاظ کان ڪنھن ڪھاڻي يا قصي جا لازمي جز آهن. جن ۾: بيان Narrative تمام اهم جز آهي. هي بنيادي متن (Text) آهي يعني ڪا ڪھاڻي/ قصو يا داستان ۽ ان جو متني سرشتو. ان کانسواءِ قصو/ ڪھاڻي/ داستان جو وجود به اڌورو آهي.

بيان جو ٻڌندڙ يعني اهو قصو/ داستان يا ڪھاڻي جيڪو بيان ڪندڙ ٻڌائي ٿو، اهو ڪنھن کي ٻڌائي ٿو؟ ان قصي جو ٻڌندڙ يا Target ڪير آهي؟ جنھن سان مخاطب ٿي ڪردار اهو قصو ٻڌائي ٿو.

انهن عنصرن جي ٻڌائيندڙ جي مقصد ۾ هي ٽي بنيادي عنصر موجود هوندا آهن، يعني ڪھاڻي  ڪھڙي آهي؟ ان جو بيان ڪندڙ Narrator ڪير آهي؟ ۽ ڪنھن کي اها ڪھاڻي ٻڌائي پئي وڃي؟ يعني ان جا Narratee ڪير آهي/ آهن؟

”مجموعي طور تي ڪنھن به تجزيي ۾ نقاد/ تجزيي نگار ادبي ڇيد وقت هيٺين ڳالهيون جو خيال رکي ٿو:“(9)

  1. اهي هڪ بيانيه قصي ۾ بيانيه انداز جي ساخت جو تجزيو ڪن ٿا ۽ اهو تجزيو سمورن بيانيه اندازن تي لاڳو ڪري نتيجا ڪڍن ٿا.
  2. اهي پنھنجي تنقيدي نظر رڳو ”ڇا ٻڌايل آهي؟“ کان وڌي ڪري ٻڌائيندڙ يا راوي ’ڪير‘ ۽ ’ڪيئن‘ تي توجهه مرڪوز ڪن ٿا.
  3. اهي مختصر بيانن/ڪھاڻين مان ڪجهه علامتون کڻندا آهن ۽ انهن کي وڌائي اضافو ڪري وڏن بيانيه اندازن تي لاڳو ڪن ٿا.
  4. اهي روايتي تنقيدنگاريءَ جي ابتڙ عمل ڪن ٿا، جو اهي روايتي طور ڪردار ۽ موضوع کان هٽي ڪري عمل/ حرڪت ۽ ساخت تي توجهه مرڪوز ڪن ٿا.
  5. اهي پنھنجي مطالعي جو لطف روايتي طور انفرادي هڪ قصي، داستان يا ڪھاڻي بجاءِ مجموعي داستان گوئيءَ مان وٺن ٿا.

نتيجو:

علم البيان/نئريٽالوجي جو فني طريقو تمام گهڻو استعمال هيٺ آهي، جنھن کي شعوري يا غير شعوري (جيئن شروعات ۾ اسين چئي آيا آهيون) لڳ ڀڳ سمورا ليکڪ ۽ پڙهندڙ ڪتب آڻين ٿا. ۽ هن فن يا تجزياتي نظريي ۾ تمام گهڻي قوت سان گڏوگڏ وڏي وسعت آهي. ڇاڪاڻ ته عالمي ادب ۾ هن ۾ تمام طاقتور ادبي نمونا Models موجود آهن. جيئن رولان بارٿ جا ڪوڊز، اي جي گريميس جو بيانيه ماڊل، جيرالڊ جينيٽ جو ماڊل، ولاديمير پروپ، ليوي اسٽراس وغيره جا ماڊل دنيا جي ادب ۾ تمام گهڻو مشھور آهن ۽ انهن کي لاڳو ڪري تمام حيرت ڪندڙ ادبي ساخت دريافت ڪيا وڃن ٿا. پر اسان وٽ سنڌي ادب ۾ اهڙا فني نمونا/ ماڊل نظر انداز ٿيل آهي، جن تي ڪم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. بيشڪ اهي طريقه فني ۽ وقت توڙي محنت جا گهرجائو آهن، پر اهي ادبي آبياريءَ لاءِ تمام گهڻو ضروري ۽ فائديمند آهن.

 

 

حوالا:

 

  1. Barry, P. (1990). Invitation to Critical Thinking by Peter Barry (1990, Paperback, Teacher's Edition of Textbook).
  2. J.A (1991). The Dictionary of Literary Terms and Literary Theory. Great Britain: Penguin Books.
  3. http://wikis.sun.uni-hamburg.de/1Ihn/index.php/Narratology
  4. Introduction à la littérature fantastique (1970), translated by Richard Howard as The Fantastic: A Structural Approach to a Literary Genre in 1973.
  5. Barry, P. (2002). Beginning theory: An introduction to literary and cultural theory. Manchestor & New York: Manchestor University Press.
  6. J. A (1991). The Dictionary of Literary Terms and Literary Theory. Great Britain: Penguin Books.
  7. Barry, P. (2002). Beginning theory: An introduction to literary and cultural theory. Manchestor & New York: Manchestor University Press.
306 ڀيرا پڙهيو ويو