جديد سنڌي شاعريءَ جو چمڪندڙ تارو: حسن درس
(Hassan Dars: A luminous star of modern Sindhi poetry)

ڊاڪٽر ساجده پروين

Abstract:

 

The modern poet Hasan Dars was known as a versatile creator in his literary circle. He has introduced unique metaphors, similes, diction and style in his poetry. Basically he was a romantic poet but at the same time his expression of creative writing was progressive. Main topics of his poetry were liberalism, culture traditions and geography of Sindh, native people and their issues, different national and international Personalities. Besides this, women are the main theme of his poetry. He shows different aspects of women.

His poetry was published in different magazines. After his death the collection of his whole poetry published in book form, the title was “Hassan Dars-Jo-Risalo”. This research shows that his poetry contains simplicity, purity and freshness. Hassan Dars was updated in his contemporary world. He was the poet of truth, he didn’t believe in word juggling.

 

جديد سنڌي شاعريءَ جي اُڀ جو چمڪندڙ تارو حسن درس، جنھن کي شيخ اياز ’نوجوان دلين جو ڀلوڙ شاعر‘ سڏيو هو، شيخ اياز جو چوڻ هو ته:

“Hassan is a leading poet of future generation of Sindh”(1)

حسن درس سنڌ جي نوجوان نسل جي اڳواڻي ڪندڙ شاعر آهي. حسن درس، نه فقط جديد ٽھيءَ جو نمائنده شاعر، بلڪ سٺو نثر نويس به هو. هن عبرت مئگزين ۾ ڪيترائي مضمون ۽ فيچر لکيا. ٽي.وي لاءِ دستاويزي فلمون ٺاهي، پنھنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪيون. هن ڪيترائي ريڊيو پروگرام ڪيا. روزاني ’سوال‘ اخبار جو ايڊيٽر، ’خلق‘ اخبار جو جوائنٽ ايڊيٽر، سنڌ ٽي وي چينل جو پروگرام مئنيجر ۽ انڊس فائونڊيشن جو سربراهه رهيو. حسن درس هڪ ئي وقت گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو.

نئين ٽھيءَ جي نوجوان شاعر جي حيثيت ۾ سندس سڃاڻپ سنڌ ۾ بھترين شاعر طور ڪئي ويندي آهي. هن شاعريءَ جي شروعات سورهن سالن جي عمر کان ڪئي. سڀ کان پھرين سندس شاعري ’آرسي‘ مئگزين ۾ 1986ع ۾ ڇپي. سندس ڪجهه نظم 1992ع ڌاري نوجوان شاعرن جي چونڊ شعري مجموعي ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ ۾ شايع ٿيا. هن پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به پنھنجو شاعريءَ جو ڪتاب نه ڇپرايو. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس شاعري ڇپجندي رهي، مشاعرن ۾ کيس داد ملندو هو. سندس جنم 05 سيپٽمبر 1966ع مشائخ هوٿي ۾ ٿيو. سندس وفات هڪ روڊ حادثي ۾ 16 جون 2011ع تي ٿي. وفات کان پوءِ سندس همعصر دوست مسعود لوهار سندس شعري مجموعو ’حسن درس جو رسالو‘ جي نالي سان سھيڙي ڇپرايو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ سندس نالي تي هڪ ڪارنر به 2015ع ۾ قائم ٿيو.

حسن درس منفرد شاعر هو. سندس شاعريءَ جا انيڪ رنگ ۽ پھلو آهن. هتي انهن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو. مقالي لاءِ اڪثر حوالا ’حسن درس جي رسالي‘ مان ورتل آهن.

حسن درس جي شاعريءَ ۾ رومانويت۽ جماليات:

حسن درس رومانوي مزاج رکندڙ، حُسن پرست ۽ جمالياتي حس رکندڙ شاعر هو. پيار، قرب ۽ پنھنجائپ سندس شخصيت جا خاص گُڻ هئا. انهيءَ ڪري حسن درس جي شاعريءَ ۾ رومانويت ۽ جماليات جو عنصر سڀ کان وڌيڪ نمايان آهي. هو ڪائنات جي هر شيءَ ۾ حسناڪين جو جلوو پسي ٿو. پوءِ اهو حسن ۽ جمال، پيار ۽ ڇڪ فطرت ڏانهن هجي يا پنھنجي آئيڊيل محبوب ڏانهن، وطن ۽ ڌرتي ڌڻين لاءِ يا فطري جذبن جو اظھار هجي، پر سندس اظھار رومانٽڪ آهي. سليم جمالي لکي ٿو:

”حَسن جي هر هڪ سٽ منجهه حُسن ۽ عشق جي خوشبو سمايل آهي، حسن جي شاعري مونکي هڪ آواره سنگ تراش جيان لڳي ٿي. حسن وٽ عشق ۽ جماليات جو وسيع ڪئنواس آهي. حسن غضب جو حُسن پرست شاعر هو. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ فطري جذبن جو سرعام اظھار ڪيو. چميءَ کان وٺي جنسي ميلاپ تائين ممنوع موضوعن تي پڻ  بي پرواهه ٿي لکيو.“(2)

حَسن درس فطرت جي من موهيندڙ رنگا رنگي جهول ۾ پناهه وٺي ٿو. هو فطرتي نظارن جي سونھن جو  پوڄاري آهي، سندس شاعريءَ ۾ خوبصورت فطري نظارا باقاعده  رقص ڪندي محسوس ٿين ٿا. کيس فطرت ۾ بي پناهه وجدان ۽ سڪون ملي ٿو. 

اُڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمو ڪنھن سار وانگر هو،

لڙيو پئي لاڙ تان سورج، مھاڻي ڪنھن ٻار وانگر هو،

(ص؛ 61)

يا سندس هي سٽون ڏسو:

باغ ۾ هن گُل سان ڪئي گفتگو

مک ماکيءَ جي مگر مصروف هئي،

ڀونئر پنھنجي مُنھن پي ڀڻڪيو،

ڏيڏرين پئي پاڻ ۾ سُس پُس ڪئي،

لڳ جي موسم وڻن کي ويڙهيو

بادلن جا ديو ڪاوڙجي ويا

ماڪوڙيون ٿي  ميڙ آيون نم ڏي

مينھن پوءِ گهاٽا پھاڙن تي پيا.

......

مشڪ جي خوشبو هرڻ جي دُن ۾

ڏاند گاڏيءَ تي چڙهي پئي زندگي.

(ص؛ 275)

حَسن درس جو فطرت نگاريءَ جي بيان ۽ منظر ڪشيءَ جو انداز بنھه نرالو آهي. فطرت جي عنصرن کي جھڙيءَ ريت هُن اڇوتي تخيل۽ تصور ذريعي پيش ڪيو آهي، اهڙو ڏانءُ جديد شاعرن ۾ اسان کي ڪنھن ٻئي وٽ ورلي ملندو. سليم جمالي لکي ٿو:

”حَسن هڪ عظيم فطري شاعر هو،سندس شاعريءَ جي چو طرف فطرت جو خوبصورت نماءُ پکڙيل آهي.....حسن جي اک جي ڪئميرا فطرت جي اهڙي فوٽو گرافي ڪئي آهي جو، مھانگيون لينسز واريون ڪئميرائون به نه ڪري سگهيون.“(3)

حَسن درس جي شاعريءَ ۾ عورت جا ڪيئي روپ آهن. هڪ عورت اها آهي، جيڪا سندس آئيڊيل آهي، جنھن کي بي پناهه چاهي ٿو، پاڻ کي اڌورو ڀانئي ٿو، کيس هر جاءِ ڳوليندو رهي ٿو. جيڪا پري هوندي به کيس پنھنجي روح ۾ لھندي محسوس ٿئي ٿي.

تو بنان خالي پڻو مان،

پاڻ کي ڳوليان ڪٿي مان،

تو ۾ منھنجو ساهه آهي،

تـون ڪـٿــي آهــيـن....؟

(ص؛ 141)

يا

مان پھاڙن تي پري،

تون وڻن کي ويجھڙي

پوءِ به تون ناهين پري!

مون اڳيان آهين ٽڙي

روح منھنجي ۾ رهين ٿي.

(ص؛ 205)

 انهيءَ محبوب سان ملڻ لاءِ هر وقت سندس من ماندو ٿو رهي، هر گهڙي انهيءَ کي ڏسڻ ۽ گڏ گهارڻ جي تمنا ڪري ٿو.

ڄمارون گذاري، ملان يار توسان

سڀئي وقت واري، ملان يار توسان.

(ص؛95)

پٻن تي اڀو ٿي ڏسان يار توکي،

مٿي مٿيرو ٿي ڏسان يار توکي.

(ص؛94)

انهيءَ حُسن جي موهه ۾ محبوب جي جسم جي سونھن کي به شاعريءَ ۾ سمايو اٿس.

تنھنجا لب سنڌوءَ جا ڪپ،

چمڻ ڏي تون پنھنجا چپ،

هاءِ حسن به هٻڇي  ڪھڙو

تنھنجي جواني، منھنجا جهپ.

(ص؛75)

پنھنجي محبوب سان ’لڪ لڪوٽي‘ راند کيڏڻ جي خواهش به ڪيڏي نه عجيب اٿس. پيار جي لڪ لڪوٽي جديد ۽ معصوم تصور آهي.

تولاءِ وڻ تان توت پٽيان ٿو،

جهوليءَ ۾ تون هيٺ جهپين ٿـي

آئون توکي هٿ ڏيان ٿو،

ٽپ ڏيئي تون اڏ ٽپين ٿي.

ٻنپھرن جو ٻگهه اڇا ٻه

گڏ دُٻي تي بيٺا آهن.

اچ ته گڏجي چيڪلي پايون

چيڪلي پايون پير گسايون.

......

هاڻي لڪ لڪوٽي  ڪھڙي

پيار هٿان جو پڪڙيا آهيون.

(ص؛342 ۽ 343)

حَسن زندگيءَ سان پيار ڪندڙ شخص آهي، هو زندگيءَ جون سڀئي خوبصورتيون ۽ رنگينيون جيئڻ چاهي ٿو، پر محبوب کانسواءِ کيس سموريون اڻپوريون ۽ ڦڪيون ٿيون ڀاسن. تڏهن ته چوي ٿو:

زندگي ڀلي اهڙي،

ٽُڪ جي رلي جھڙي،

مان وڇايان تون نه ويھين،

ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان.

هُن بابت رام اوڏ لکي ٿو،

”حسن جي شاعريءَ جو وڏي ۾ وڏو موضوع عورت آهي. هو عورت جي مظلوميت تي گهٽ رومانوي پاسي تي وڌيڪ لکي ٿو. عورت هن شاعر جي جذبن ۽ تصورن ۾ هر نئين روپ ۾ نسري نروار ٿئي ٿي. حسن جي شاعريءَ ۾ عورت جو گهڻ طرفو عڪس چٽيل آهي. سونھن ڀريو اهو اظھار رومانوي آهي ته، جنسي به آهي.“(4)

حسن درس پنھنجي نظم ’جڏهن تون وهنجندي آهين‘ ۾ عورتاڻي جسم جي جماليات جي عڪاسي به ڪئي آهي. عورت جي انگن جي منظر ڪشيءَ کي هُن فطرت جي نظارن سان ڀيٽيو آهي. جنس جي بيان ۾ سندس انداز شيخ اياز جيترو ئي  آئڙندڙ آهي.

سموريون سختيون تن جون،

نرم هٿ سان لسائين ٿي.

لڳي ٿو تون پھاڙن کي

گلابن سان گسائين ٿي.

......

ڍڪين ٿي تون جڏهن ڪپڙا،

اچانڪ رات ٿيندي آ،

اهو ئي سج سيني مان

جڏهن الٽو اڀارين ٿي

لڳواوڀر جي ڇاتيءَ کي،

تون اولهه مان اٿارين ٿي

جڏهن تون وهنجندي آهين

ته موسم جا مٺا ميوا

سمورا ڌوپندا آهن.

(ص 361 ۽ 362)

 رومانويت جو بنيادي فڪر روايتن کان بغاوت ۽ فطرت پسندي تي مبني هوندو آهي، جنھن ۾ فرد سماجي قانونن ۽ قدرن  جي پوئيواري جي بجاءِ  انفرادي بغاوت ۾ پناهه وٺندو آهي. جان پال سارتر جي بقول ته:

”اهو عمل جيڪو روايتن جي خلاف آهي اهو رومانوي آهي.“(5)

جيئن ته رومانويت فطرت ۽ تخيل سان انسان جورشتو جوڙي ٿي، پر معروضي حقيقت وري به اندر ۾ هڪ پيڙا کي جنم ڏئي ٿي، جنھنڪري بغاوت جو عنصر پيدا ٿيڻ فطري عمل آهي.

حسن درس به بنيادي طور هڪ رومانوي شاعر هو. سندس مزاج ۾ بي ترتيبي، رولاڪي موجود هئي. ڪنھن هڪ  جڳھه تي ٿانيڪو ٿي ويھڻ کيس بلڪل به نه ايندو هو. ڄڻ سندس من اندر ڪا بي چيني ۽ اداسي ڇانيل هجي، جنھن کي شانت ڪرڻ ۽ پاڻ پرچائڻ لاءِ مختلف جاين تي دوستن سان ڀٽڪندو وتندو هو. حسن جي زندگيءَ ۾ بي ترتيبي هئي.

 ڪاوش اخبار کي انٽرويو ڏيندي چيو هئائين:

”ارم سڄو ڏينھن گهر ۾ شين کي پنھنجي  جڳھه تي ٺاهڻ ۾ پوري هوندي آهي، مان ۽ روحل گڏجي ڦٽائيندا آهيون، جو شيون جيڪڏهن گهر ۾ ايتري ترتيب ۾ هونديون آهن، ته مونکي اتي زندگي جو احساس نه ٿيندو آهي.“(6)

انهيءَ انٽرويو ۾ اڳتي چوي ٿو:

”پنجون ڪلاس پاس ڪري ماءُ جي پيار واري ڇانو ڇڏي، اوطاق وسايم، پوءِ هيون رولاڪيون، دوست ۽ مان، ته زندگي ۾ ترتيب ۾ آئي ئي ڪونه ڪڏهن.“(7)

انهيءَ ڪري اسان ڏسون ٿا ته، حسن درس جي شاعريءَ ۾ رولاڪين، اڪيلاين ۽ درد جو ڌيمو ڌيمو الميو سندس رسالي ۾ پکڙيو پيو آهي.

هجومن ۽ هشامن، هيڪلائي کي جڏهن جنميو

ڏٺو مون روح پنھنجي کي، انڌاري غار وانگي هو.

(ص؛61)

غزل جو هڪ ٻيو بند اٿس.

عمر جي آڱرين مان ڏس، ڦلن وانگي ڇڻون ٿا پيا،

سڄڻ سگريٽ سستي جيئن، سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو.

وري ٻئي بند ۾ چوي ٿو،

مون ساڻ منھنجو موسمون، گڏجيون پيون گهمن

رب جو قسم ته  روح جون رولاڪ محبتون

(ص؛197)

يا

ائين بس ملياسين، جو وڇڙي وياسين

وڇڙي وڃي پوءِ وڻن ۾ ڦٽاسين

(ص؛ 200)

مزاحمتي فڪر:

حسن درس جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي وڏيري جي ڪردار جي جيڪا تصوير ڪشي ٿيل آهي، سا نه فقط ذهن کي جنجهوڙيندڙ آهي، پر حقيقت جي تلخ پڻي جي به خوب عڪاسي ڪندڙ آهي. سندس ٻه مشھور نظم ’مون کي الٽيون ٿيون اچن‘ ۽ ’ڪانڊيرو‘ ٻئي جاندار نظم آهن.

مثال طور :

حڪومتي داٻي جي لانگ هيٺيان ليٽيل،

جنرلن جي جوتن کي چنبڙيل ۽ چهٽيل

ننڍي  وڏي ملهه ۾ وڏي واڪ وڪيل،

پوڙهي وئيشيا وانگيان کاڌل  پيتل،

ڌارين اڳيان ڌوڙ ۾، پائين ليٿڙيون،

پنهنجن مٿان پر رهين سدائين سيٽيل،

سنڌي وڏيرا توتي سوچيندي،

مون کي الٽيون ٿيون اچن.!

( ص؛ 270)

’ڪانڊيرو‘ نظم مان چونڊ سٽون ڏسو، حسن درس وڏيرا شاهي جي  ڪھڙي نه چٽي تصوير ڪشي ڪندي، غريب هاري تي وڏيري جي ظلم ۽ ستم جي داستان کي درد انگيز انداز ۾ بيان ڪيو آهي.

ڪانڊيري نالي هو هاري،

ڪالهه مري ويو سيءَ تپ ۾،

ڪانڊيري جو ڏاندن جوڙو،

پَر سُياري ۾ چورن ڪاهيو،

جنھن تي ڪُتي ڪيڏو باهيو،

ها پر رات به ڪاري آهي،

جنھن کان توبه زاري آهي،

چورن جا ٿي پيرا ڊاهي.

(ص؛ 119)

حسن درس جي سڃاڻپ سندس ٻه مشھور نظم بڻيا. پھريون ’خانم گگوش‘ ۽ ٻيو ’ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو‘، جن کيس سموري سنڌ ۾ ڀرپور شھرت ۽ مڃتا ڏياري.

خانم گگوش ايراني ڳائڻي ۽ اداڪاره هئي، جيڪا مخصوص ميڪ اپ، ڳائڻ جي انداز، ڪپڙن پائڻ جي انداز سبب تمام گهڻي مشھور ٿي. سندس فن تي 1979ع واري ايراني انقلاب دوران مذهبي اڳواڻ ۽ سياستدان آيت الله خمينيءَ پاران پابندي مڙهي وئي، بلڪ سڀني عورت ڳائڻين ۽ فنڪارائن تي بندش وڌي وئي. حسن درس اهڙين پابندين خلاف هي نظم لکيو، جيڪو پنھنجي فن ۽ خيال ۾ من موهيندڙ ۽ انوکو مثال آهي.

تاريخ جي سگريٽ کي،

تـيـلـيءَ چـمـيـو تـه،

وقـت دکـي پـيـو،

۽ هـڪ ڊگـهـي ڪـش ۾،

درد جو سرمئي دونهون،

هـوا ۾ اڏرنـدو ويـو،

خميني تون هڪ ڦلي وانگر،

پنهنجي قبر جي ايش ٽري ۾،

بي معنيٰ ٿي ڇڻي پوندين،

گـگـوش جـي اکــيـن ۾،

هڪ ڪربلا ڇرڪ کائي جاڳي اٿي،

۽ خـوابـن جـا حُـسيـن،

پنهنجي قتل جي بي واجبيءَ تي،

هــر يــزيــد

هر خمينيءَ جو ابدي موت اورانگهي،

من جي نَينُ موسمن جا

نـوان عنوان بـنـجي ويا!.

(ص؛ 291 )

فني توڙي فڪري حوالي سان جتي هي نظم نھايت اڇوتو آهي، اتي ئي اسان کي هن ۾ ڀرپور تجريديت به ملي ٿي ۽ تاريخ جي سنگدل باب جو اهڃاڻ به پسجي ٿو. شيخ اياز، حسن درس جي هن نظم بابت راءِ ڏيندي چيو هو ته:

”جي حسن درس جو اهو نظم سبط حسن پڙهي ها ته، هو پنھنجي  ڪتاب ’ايران انقلاب‘ ۾ ترميم آڻي ها... تاريخ ۾ ايتري دوربيني، سو به هڪ پاڪستاني مسلمان لاءِ، جنھن جي اکين تي عمومن سائي عينڪ آهي،  شاعريءَ ۾ ورلي ملي ٿي.“(8)

وطن پرستيءَ جو اظھار:

حسن جو ٻيو نظم ’ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو‘ وطن پرستيءَ جي فڪر تحت اُڻيل آهي. محبت انسان جي من ۾ جڏهن وسعت ماڻيندي آهي ته، اها مجازي مرحلن  کي اورانگهي ڪل ڏانهن پنڌ پوندي آهي. انهيءَ عشق جي ٻي منزل پنھنجي وطن ۽ ڌرتي جي حب آهي. حسن درس لاءِ به پنھنجي وطن جي مٽي، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، پکي پکڻ، وستيون واهڻ، ڍنڍون ڍورا، سڀ املهه ۽ پاڪ پوتر آهن، جن جي هو پوڄا ڪري ٿو. ايتري قدر جو کيس سموري سنڌ ۽ ڌرتي پنھنجي پرينءَ جو پاڇو محسوس ٿئي ٿي. هن سنڌ جي ثقافت، ريتن رسمن، رهڻي ڪهڻي ۽ جاگرافي کي نئين سر جديد انداز ۾ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڳائي امر ڪري ڇڏيو آهي.

“From a desert inhabited by Thari folks to fisherman that live along the Indus delta, Dars’s works provided his readers insight to the diversity of Sindhi culture.”(9)

ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو،

جيڪو جر تي جاڳي ٿو،

......

هوڏانهن لاڙ لکئي جو ليکو،

سارين منجهه سهائي آهي،

......

سڀ سجاول جون بازارون،

تنھنجي خوشبوءَ ۾ کلنديون،

......

مڪلي روز پوي ٿي مرڪي،

ڪنھنجي ڪاڻ ڪتاب جلايئون.؟

 

دور مهاڻو پنھنجي پٽ کي

اوڇي ڪم تي گاريون ڏئي ٿو،

پاڻيءَ ۾ ڪو شپڪو ٿئي ٿو،

آڙي نيٺ اڏامي پئي ٿي،

......

لڪي شاه صدر تي سانجهي،

ڏيئي مان هڪ ڏيک ڏسان ٿو،

......

سَکرُ سونَ سريکو آهي،

روهڙي روح لتاڙي ايندين،

جي دريا تي ڀلجي ايندين،

پنهنجي خود کي پاڻ تڪيندين،

تنھنجي ذات ئي توسان ملندي،

تو مان روئي سامهون کلندي،

سچل عشق ٻڍا نه ٿيوي،

سارين سنڌ پرين جو پاڇو،

جيڪو جر تي جاڳي ٿو.

(ص؛ 193 کان 195)

......

خود ڪشيءَ جي خيال وانگي

سنڌ کي مون سئو دفعا آ سوچيو،

هر دفعو مون مات کاڌي تو هٿان،

هر دفعي هن عاشقيءَ

مون کي بچائي آ وڌو.

(ص 116 ۽ 117 )

......

مست قلندر اوجون موجون،

ڌڪ ڌڪ ڌوڪ ڌمال وهي ٿو،

سيوهڻ سائين سج جيان آ،

جڳ مڳ جاڳ جلال وهي ٿو،

شاهه ڀٽائيءَ جي  ڀاڻي تان،

جهومر جوت جمال وهي ٿو.

......

ڪيڏا قرب ڪچهريون ڪندو،

ڀورن لاءِ ٿي ڀال وهي ٿو،

تنھن سنڌو کي سڀ ساراهيون.

(ص 238)

......

سندس رسالي جي مهاڳ ۾ مسعود لوهار لکي ٿو:

”حسن درس جو هڪ ڳڻ سندس ڌڻي بنجڻ يعنيٰ ’اونر شپ‘ هوندو هو، هو دوستن، شين ۽ سنڌ جي وستي، واهڻ، ڳوٺن ۽ شھرن جو ڄڻ ته مالڪ ۽ وارث هوندو هو،  اهو مزاج سندس شاعريءَ ۾ به ملندو.“(10)

وطن پرستيءَ جي فڪر تي مبني ڪيتريون ئي انمول تخليقون سندس رسالي ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن، جيئن ’سنڌ ساز مان نڪتي آ...!؛‘ سموري سنڌ سرندو، ’اڄ به منھنجي عاشقي ڄڻ آڳ آهي؛‘ گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون وغيره.

سرمائيداري نظام ۽ عورت:

حسن درس جو نظم ’کيڏارڻ‘ به ڌيان طلب آهي، جنھن ۾ ’جديديت پڄاڻان‘ دور جي ان حسين ۽ نوجوان ناريءَ جي ڪٿا آهي، جيڪا سرمائيداري سوچ ۽ نتيجيت پرست رويو رکندڙ آهي، جنھن وٽ محبت جي بجاءِ دولت ۽ مفادن جي حاصلات اهم آهي، انهيءَ مقصد جي پورائي لاءِ هو پنھنجي جنس کي ڀرپور طريقي سان ڪيش ڪرائي ٿي.

ڇڪتاڻ وارا ڇال ڏئي،

تـنـھــنـجـي پــيـار،

جو بيڊ رومن جي زينت بنجي،

ڪلبن جي انڌي روشنيءَ ۾

نوٽن کي ٻاڏائي،

هــاءِ ! هــاءِ!

مان ڇا چوان، تنھنجي پيار کي،

مان ڇا چوان، تنھنجي پيار کي.

(ص  241 )

شخصي شاعري:

حسن درس جي تخليق جو ڪجهه حصو شخصي شاعريءَ تي مبني آهي. هن ملڪي توڙي بين الاقوامي اهم توڙي عام شخصيتن کي ٻن حوالن سان پنھنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آهي. هڪ اهي شخصيتون، جن جي وفات تي تاثراتي شاعري ڪئي اٿس، ٻيو اهي، جن کان هو متاثر هو ۽ سندن زندگي جي ڪن خاص اهم واقعن تي هن پنھنجا ويچار  ونڊيا آهن.

مثال طور سندس نظم ’جيون پنھنجو رستو موڙيو‘ مشائخ هوٿي جي محمد شاهه جي مرتئي تي لکيل تاثراتي شاعري آهي. اهڙي ريت ’مقتل کي نئون نياپو‘ محترم بينظير ڀٽو جي شھادت تي لکيل تاثراتي نظم آهي، ’ذوالفقار علي ڀٽو ۽ هيني ڪرونيي لاءِ هڪ نظم !‘ ڏکڻ  آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جي هوائي حادثي جي شڪار ٿيڻ تي لکيل نظم آهن. ’مقتل کي نئون نياپو‘  مان سندس سٽون توجهه طلب آهن:

قديم دنيا جديد ٿي ويئي،

اسان جي راڻي ته هٿ لوڏي،

وڏين وقارين شهيد ٿي ويئي،

اها ئي پِڙَ جي پڪار آهي،

ته سر ڏيڻ جي رسم ادا ٿئي،

اهو ئي سرمد جو فلسفو آهي،

ته فڪر پنھنجي تي ڪو فدا ٿئي،

هي سر کي گهورڻ ڏياچ وانگي،

سڀن جي خواهش شديد ٿي وئي.

(ص؛ 192)

سندس نظم: حواري بومدين، اسٽيفي گراف لاءِ، ملڪه ترنم نورجهان، ننگي سرمد جي حضور ۾، روحل چيزل اکڙيون آگم، مسلسل ماٺ ۾ ماڻڪ، احمد فراز لاءِ هڪ نظم...! اهي وڻندڙ تخليقون آهن، جن ۾ هو يا ته ڪنھن شخصيت کان متاثر ٿو ڏسجي يا وري ڪنھن شخصيت جي زندگي جي ڪنھن اهم واقعي ڏانهن پڙهندڙن جو ڌيان ٿو ڇڪائي.

جيئن ’احمد فراز لاءِ هڪ نظم ...!‘ ۾، حسن درس وقت جي حاڪمن پاران احمد فراز کان گهر خالي ڪرائڻ لاءِ سندس سامان کي رستي تي ڦٽو ڪرائڻ جي واقعي کي قلم بند ڪيو آهي.

احمد فراز تنھنجو سامان ٿو اڇلجي،

مــيــزون  گــلاس شــيــشـا،

نظمن جون عورتن ۽،

نثري ڪتاب ا ڇليا،

توکي مليا هيا جي،

اعــزاز ڪــئـيـن،

سي سڀ خطاب اڇليا!

(ص؛ 161)

......

اهڙيءَ ريت ’حواري بومدين‘ نظم ۾ هو بين الاقوامي شخصيتن، بومدين، ڊيگال، سارتر، ياسرعرفات، درويش ۽ قذافيءَ جا حوالا ڏيندي، تاريخ ساز شخصيتن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته، سموري انساني تاريخ جون اکيون ڀنل ۽ ڇاتيون ڇنل آهن، ڇا انهيءَ جو ڪو حل آهي؟

باغ جا درخت سمورا،

ٽاري ٽاري بومدين،

ڪير آهي ڪالهه جھڙو

ڪير آهي ڊيگال جھڙو

اڄ ت پئرس جي گهٽين ۾،

سارتر ڀي ڪو ن آ،

ڪير جو ساکي ٿئي،

۽ زهر ۾ ماکي ٿئي،

......

هن قذافيءَ جون اکيون آهن ڀنل،

سڄي تاريخ جي ڇاتي ڇنل،

ڇا انهيءَ جو ٽوڙ آهي؟

او حـــواري بــومــديــن

او حواري بومديـن....!

( ص 287)

فني جماليات:

حسن درس جي شاعريءَ ۾ جدت آهي. سندس اسلوب ئي نرالو آهي. هن جو پنھنجو الڳ ٿلڳ ڊڪشن آهي، اهو ئي سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ بڻيو آهي.هن مختلف ادبي روايتن کي نئين سر تخليق ڪيو آهي. شاعريءَ جا عنوان هجن،فني جماليات هجي يا تخيلاتي ۽ فڪري اڏام، هن جو انداز ۽ ڇاپ بنهه هن جي ذاتي ايجاد آهي.

“Hassan Dars is an innovative poet responsible for a new diction in Sindhi poetry by fusing traditional and modern styles.” (11)

سندس اسلوب ۽ ڊڪشن بابت رام اوڏ لکي ٿو:

”حسن درس جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل ڊڪشن سادو ،سولو ۽ خوبصورت آهي...سندس شاعراڻي فن ۾نوان استعارا ۽ خوبصورت تشبيھون استعمال ٿيل آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جو اصل جوهر آهن. ٻولي ۽ هيئت ۾ غير روايتي روپ سندس شاعريءَ کي منفرد بڻائن ٿا.“(12)

هو تخيل جي اڏام تي لفظن جي مھاڪاريگريءَ سان جڙاوٽ ڪندي، خيال کي اهڙي ريت پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو، جو لفظ چتر بڻجي پون ٿا.

ويڙهي لفافي ۾ وري،

اڄ پان جو پن مو ڪلُيئي،

دل تي  چٿر ناهي چڱي.

(ص 305)

......

مون چيو ته تون ناهين،

تو جھڙي نظم ٺاهيان،

اوچتو  تصور ۾،

تو چيو قلم کي رک،

مان اچي ويئي آهيان.

(ص 21)

......

درد هڪ ڏينھن وري ڀيڙ ڏيئي ڪرندو  مون تي،

تنھنجي محبوب مٽيءَ منجهه مئل هوندس مان!

شھر تنھنجي جي، سڀ گمنامي سوڌي ايندس،

تنھنجو ڄڻ ڪين ڏٺل، ڪين سئل هوندس مان.

(ص؛376)

حسن جي شاعريءَ جا عنوان، نه فقط دلچسپ ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن، پر پڙهندڙ کي ڏانوڻ وجهڻ جو ڪم به ڪن ٿا. مثال طور: ’تنھنجا لب سنڌو جا ڪپ‘، ’اڪ جي ماکي نٿو لاهي سگهان‘، ’هٺيلا هرڻ پاڻيءَ مان پئن ٿا سج جا ڪرڻا‘، ’وڻ هيٺان ويٺو آهيان‘، ’دور گگن آ دام پکين جو‘، ’ادب سان ڇوڪريون گهرجان!‘ وغيره.

حسن درس جي شاعراڻي خصوصيت اها به آهي ته، هن ڪيترين ئي مشھور ۽ مقبول ادبي روايتن کي وري نئين سر، نئين انداز ۾ قلم بند ڪيو آهي. جيئن سندس نظم ”عاشق ناهي نڪمو غالب !“ 

هن نظم کي ڏسو:

عاشق ناهي نڪمو غالب!

عشق نڪمو ناهي ڪندو،

نمڪ حرام نڪما ڪيئي،

سرڪاري هت نوڪر،

جوتي جي هر نوڪ اڳيان،

هو نوڪر ٿيندا ٺوڪر آهن،

عشق نه آيو تن جي واڙي،

واڙي ڇا نه اوڙي پاڙي،

هڪڙا مهيني دار نڪما،

هڪڙا ڏوڪڙ کڻن ڏهاڙيِ،

سي سڀ غالب عاشق ناهن،

ها پر سڀ نڪما ناهن.!

(ص؛ 311)

اهڙيءَ ريت حسن درس مختلف شاعرن جون سٽون تضمين طور وٺي، انهن کي پنھنجي انداز ، اسلوب، ڊڪشن ۽ ٻوليءَ جي جماليات جي نرالي انداز سان تخليق ڪيو آهي. مثال طور ’نار جي نيسر ۾ چانديءَ جو ڇلو!‘، ’گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون‘، ’هي ڌرتي آ ڌڪاڻن جي‘ وغيره.

سندس سڀ کان نرالو نظم ’جوگي بين بجاوي!‘ آهي. هندي، اردو ۽ سرائڪي ٻوليءَ جي لفظن جي گڏيل آميزش سان تخليق ڪيل هن نظم جوجمالياتي حسن ئي پنھنجو آهي. مختلف تصورن، تاريخي شخصيتن، ڪردارن، واقعن ۽ منظرن جي تاڃِي پيٽي ۾ اڻيل، هن نظم جي شروعات ۽ وچ جيترو خوبصورت ۽ مضبوط آهي، پڄاڻي اوتري ئي ڇرڪائيندڙ آهي. حسن درس جي تخيلي قوت کي بي خوديءَ منجهان واهه واهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي.

آنکھ پرندن، نیند پروں پر

جیون دور اڑاوے

......

دور سلگتی لکڑی صندل،

خوشبو چین چرُاوے،

کنویں پاس کھڑی اک ناری،

پایاں پانی پائے

تو آوے نا آوے پریتم

جوگی بین بجاوے

جوگی بین بجاوے

دل کی کٹیا جاگ رہی ہے

اس کو کون سلاوے

درس فقیر تو جاگ رہا ہے

دنیا آوے جاوے!

تو آوے نا آوے تلسی

جوگی بین بجاوے

(ص؛ 333 ۽ 334)

حسن درس وٽ نيون تشبيھون، نوان استعارا، لفظن جي نئين جڙاوٿ، چونڊ ۽ ترتيب بھترين آهي. هو شاعريءَ ۾، سُر، لئي، ترنم ۽ رڌم پيدا ڪرڻ خوب ڄاڻي ٿو. وٽس تجنيس حرفيءَ جو به لاجواب استعمال ملي ٿو. ان کانسواءِ هو ٻوليءَ جو به وينجهار آهي. ٺيٺ نج پج سنڌي لفظن جو استعمال ڄڻ ته لفظ سندس ٻڌا ٻانها هجن.

ان حوالي سان سندس شاعريءَ مان چند مثال:

’ڇليل بادام جھڙي ڇوڪريءَ کي ڇا چوان،‘ 

(ص 375)

ڀاڪر ڀاڪر منجهه ورائي،

منھنجي جوان جسم تي جانان،

ڄانڀي ڦولن جيان ڇڻي ٿي،

تنھنجي جواني جو سورج،

ٻپھريءَ جي ٽاڪ جھڙو آ،

مون کي تون ته پوءِ به وڻين ٿي.

(ص 379)

اي اياز شاعري ڪنھن اصيل

نانگ جي ڦوڪ وانگيان لڳي

يا ته انب تي لٿل

ڪنھن دکي ڪوئل جي

ڪوڪ وانگيان لڳي.

(ص 382)

سندس شاعريءَ ۾ تجنيس حرفي ، ردم ۽ موسيقيت جو مثال به ڏسو:

ساري عمر ائين ڪٽي آهي،

ڄڻ ته ڪا ئي ڀري چٽي آ،

هيءُ به گذري ويندو سال،

مون کان نه پڇ منھنجو حال!

چانڊوڪيءَ ۾ چڪ وجهي پيو،

هينئڙو به ڪنھن هرڻ جيان آ

ڇرڪي آخر ڏيندو ڇال،

مون کان پڇ نه منھنجو حال!

(ص 47)

نتيجو: مجموعي طور حسن درس جديد شاعرن ۾ نھايت نمايان اهميت ۽ حيثيت رکي ٿو.سندس شاعريءَ ۾ فني نواڻ ملي ٿي. سنڌي ادب ۾ ، هو ڪنھن کان متاثر ٿيڻ بجاءِ هُن پنھنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي. جڏهن ته فڪري حوالي سان سندس شاعريءَ ۾ مختلف زاويا ملن ٿا، پر رومانويت ۽ جماليات جو رنگ سندس تخليقن تي سڀ کان وڌيڪ حاوي نظر اچي ٿو. سندس شاعري سنڌ ڌرتيءَ، ان جي ثقافت، سنڌي قوم ۽ ان جي مزاج، سنڌ جي ماحول ۽ فطرتي عنصرن سان سلهاڙيل آهي.

حوالا:

  1. Musadiq Sanwal, “yaar zinda, sohbat Baaqi”, ’In paper Magazine’ Daily ‘Dawn’ (26 June 2011).
  2. سليم جمالي، مھاڳ؛ ’ساري سنڌ پرين جو پاڇو‘، پارڪر پبليڪيشن آڌيگام، 2017ع، ص 22_23.
  3. ساڳيو،ص 24.
  4. رام اوڏ، ’حسن درس جي شاعري؛ هڪ اڀياس‘، ڪتاب ’ساري سنڌ پرين جو پاڇو‘، پارڪر پبليڪيشن آڌيگام، 2017ع، ص 42_43.
  5. نسیم٬ شاہد٬ ’سارتر کے مضامین‘٬ کاروان ادب٬ ملتان صدر٬ پہلا ایڈیشن٬ 1991ع٬ ص 63.
  6. انٽرويو (حسن درس) روزاني ڪاوش، پھرين اپريل 1998ع، ص 8.
  7. ساڳيو.
  8. شيخ اياز، مھاڳ؛ ڏيئاڏيئا لاٽ اسان، سنڌيڪا اڪيڊمي، 1998ع، ص 115.
  9. tribune.com.pk
  10. لوهار، مسعود، مھاڳ؛ حسن درس جو رسالو، انڊس فائونڊيشن، حيدرآباد، 2011ع، ص 18.
  11. tribune.com.pk
  12. رام اوڏ، ’حسن درس جي شاعري؛ هڪ اڀياس‘، ’ساري سنڌ پرين جو پاڇو‘، پارڪر پبليڪيشن آڌيگام، 2017ع، ص 45.
2601 ڀيرا پڙهيو ويو