سنڌي ٻوليءَ جي هِجي ۽ صورتخطيءَ جي هڪجهڙائيءَ جو مسئلو
(Problem of spellings and uniformities in orthography of Sindhi language)

امين لغاري

 

Abstract:

 

Sindhi Language is a unique Language in its group. It is the mother language of her adjacent languages, its phonetic system and structural formation in sense of grammar, proved its supremacy over other neighboring Languages. Historically as recorded by different scholars and foreign travalogers, Sindhi was in use more or less near to present spoken form, from Valikas (356-415 A.D) to Brahmans (641-711 A.D) throughout ancient geographical borders of Sindh, and though was different in written system means in its orthography, so many scripts were in used for one spoken Language. During the Arabs period (712-1011 A.D) Sindhi and Arabic Languages parrarally declared official Languages of Sindh, with the same script and after the Arabs, influence of Persian Language on Sindhi had been seen, as the rulers Argoons and Tarkhans inherited Persian background. In the British era (1843-1947 A.D) initially at least 17 different scripts of Sindhi were in use in Sindh. Finally in 1853 Sindhi Language was declared an official Language, Parallel to English and officially a newly organized alphabet with some missing phonemes were coined with additional dots included. An official vernacular committee consisting experts of Sindhi Language have finalized the Alphabet, but the orthography of so many words and terms had remained the same, as written before the declared Sindhi alphabet. Consciously, problems of orthography are raised and contrast in sense of old and new forms of spelling. The Education Department, Government of Sindh had notified a committee for standard orthography of Sindhi Language, but problems were not solved and even up to date. Sindhi Language faces the same problems. Sindhi words and terms and barowords are being written in different spellings and there is no uniformity in orthography of some compound and complex words.

This research paper is a brief discussion on the different issues of orthography of Sindhi Language, these issues are continuously being in use since 1853. Paper has concluded with few suggestions.

 

پس منظر:

سنڌي ٻوليءَ جي هن وقت واري شڪل يعني صورتخطيءَ کي جديد ترتيب ڏيندي لڳ ڀڳ پوڻيون ٻه صديون گذري چڪيون آهن، صورتخطيءَ ۾ ڪجهه ترميمن کان پوءِ جڏهن انگريز سرڪار طرفان 1853ع ۾ مروج الفابيٽ کي آخري شڪل ڏني وئي، ان وقت به ڪن عالمن خاص ڪري جرمن مشنري اسڪالر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽُرمپ ان ترميمي ترتيب جي مخالفت ڪئي هئي. ڊاڪٽر ٽرمپ، ديوناگري لکت جو حامي هو ۽ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ به خداوادي لپيءَ کي نج سنڌي لکت مڃيندي، اُن کي اڳتي وڌائڻ جي ڳالهه ڪندو هو ۽ هن لاءِ اُن وٽ ڪافي دليل به هئا. بھرحال انهن سڀني خيالن ۽ راين کان پوءِ انگريزن جي جوڙيل الفابيٽ واري ڪميٽيءَ جي سفارش تي سنڌيءَ جو موجوده عربي خط سنڌ ۾ سرڪاري طور رائج ٿي ويو، ان وقت پرڏيھي عالمن کانسواءِ نج سنڌي ٻوليءَ جي سنڌي عالمن جو ڪو ايڏو وڏو تعداد ڪو نه هو. جيڪي سنڌيءَ جي وياڪرڻ، صوتيات ۽ صورتخطيءَ جي مختلف بناوتن تي دسترس رکندا هجن، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي ٻوليءَ جي نفاذ کان پوءِ به ان تي عربي ۽ فارسيءَ جي صورتخطيءَ جي ڇاپ هلندي آئي، مختلف وقتن تي سنڌي صورتخطيءَ ۾ اهڙن سڌارن لاءِ ڪميٽيون جوڙي ڪوششون به ٿيون، پر ڪا خاص ڪاميابي ان ڪري نه ٿي، جو اهي فيصلا سنڌيءَ جي درسي ڪتابن ۽ لغت ۾ جيئن جو تيئن داخل ٿي نه سگهيا ۽ گهڻو ڪري متضاد ئي رهيا ۽ اڄ تائين متضاد آهن.

سنڌي الفابيٽ جا مسئلا:

سنڌي ٻوليءَ جا بنيادي اچار 42 ئي آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ موجود آهن، پر عربي خط اختيار ڪري، ڪي واڌو اکر به سنڌي الفابيٽ ۾ آندا ويا، جن جا اچار هر سنڌي ماڻهو نه ڪري سگهندو آهي، جن ۾: ث، س ۽ ص، غ ۽ گ، ز، ذ، ظ، ض ۽ خ، ک جو سنڌيءَ ۾ صوتياتي فرق نه آهي، ڇو جو اهي سنڌي ٻوليءَ جا فطري اچار نه آهن، اهي اچار خاص سکڻ سان ئي ايندا آهن. پر پوءِ به گهرج مطابق سنڌي ٻوليءَ جي 52 اکري الفابيٽ هڪ جامع ۽ عملي (Functional) الفابيٽ آهي، هنن 52 اکرن جي استعمال ۾ نه ته ڪو مسئلو آهي نه ئي ڪا رڪاوٽ، صرف ٽيڪنيڪي بنيادن تي شين کي سَنئين دڳ لڳائڻو آهي ۽ اهو ڪم درسي ڪتابن ۽ عام لکڻين کان شروع ٿيڻ گهرجي. ڇو جو سنڌيءَ جي 52 اکرن کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به ٻيو اضافي اکر مقرر نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي انهن جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. البت ڪي آزاد وسرڳ ’ڙهه، مهه، نهه، لهه‘ وغيره لکڻ لاءِ، پاڻمرادو ڪي اصول گهڙيا ويا، جيڪي پڻ سائنسي بنيادن تي ٻوليءَ جي تحقيق لاءِ ڪي دليل نه هئا ۽ نه ئي آهن، مثلاً سنڌي الفابيٽ جي ’جهه‘ ۽ ’گهه‘ جي جيڪا شڪل  مقرر ڪئي وئي ۽ طئي ڪيو ويو ته سنڌيءَ ۾ اهي اکر انهيءَ لکت سان ڪم آندا ويندا، پر ڪن فردن انهن ٻن اکرن کي مُرڪب اکر سمجهي، انهن کي مثال بڻائيندي، سنڌيءَ جي آزاد وسرڳن لهه، نهه، ڻهه، ڙهه ۽ مهه وغيره کي جهه ۽ گهه واري شڪل ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ انهي شڪل کي درست سمجهي، اهي آزاد وسرڳ لکڻين ۾ ان بنياد تي استعمال ڪرڻ لڳا، مٿان هڪ ٻي غلطي اها به ڪئي وئي ته انهي ’گهه‘ ۽ ’جهه‘ جي ’ـهه‘ کي وسرڳي ’ـهه‘ جو نالو ڏيئي، ڄڻ ته سنڌي الفابيٽ ۾ 53 هين اکر طور اڻ ڏٺو واڌارو ڪري وڌو. جڏهن ته سنڌي الفابيٽ ۾ اهڙي ڪنھن به ـهه جو ڪو وجود ئي ڪونهي. هن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي صوتيات کي سمجهندڙ ماهرن واضح لکيو آهي ته اها ’ـهه‘ الفابيٽ جو اکري عدد نه آهي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، مشھور هندستاني لسانياتي ماهر پروفيسر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ جي حوالي سان پنھنجي ڪتاب ’سنڌي صوتيات‘ ۾ لکيو آهي ته:

”نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته جهه ۽ گهه يا ڀ، ٿ، ڌ، ٺ، ڍ، ڇ ۽ ک مرڪب آوازن جون لکت ۾ صورتون نه آهن، پر اهي به مفرد اکر آهن، انهن ۾ ’هه‘ حرف ڪنھن ڌار آواز جي نمائندگي نٿو ڪري.“(1)

يعني ڪو صوتيو پنھنجو شڪلي وجود تڏهن رکندو، جڏهن ان صوتئي جي واضح موجودگي هجي. سنڌيءَ جي اها ’ـهه‘ وسرڳائيءَ جي موجودگيءَ جو صرف اهڃاڻ ڏئي ٿي، اسان جا ڪن ’هه‘ جو مڪمل اچار نٿا ٻڌن، پر انهن ڳرن اکرن ۾ ’هه‘ جو اڌ اچار ڪن جھٽين ٿا، جنھن سان ’هه‘ جي اڻ لکي گاڏڙ اچار کي محسوس ڪري سگھجي ٿو، اهڙيءَ طرح ’گ‘ جي هلڪي اچار کي ڳرو ڪيو ويو آهي، جو ’هه‘ جو اُچار ’گ‘ ۾ گُهلِي هڪ نئين اچار ’گهه‘ کي جنم ڏئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي آزاد وسرڳن کي جڏهن ’جهه‘ ۽ ’گهه‘ جي شڪل جو پابند بڻائبو ته  ’ڙـهـ ‘ جي عجيب صورتخطي سامهون ايندي، ڇو جو ’ڙ‘ سان ڪو ٻيو اکر گڏائي لکي نٿو سگهجي ۽ ’ڙـهـ‘ جي اها صورت ٻوليءَ جي لکت ۾ ڪو به عملي ڪارج نٿي رکي.

سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ جي حوالي سان هن وقت ڪي اهڙا بحث به هلي رهيا آهن ته الفابيٽ ۾ هم آواز اکرن مان ڪنھن هڪ اکر جي شڪل کي برقرار رکي، باقي ٻين هم آواز اکرن کي خارج ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ کي مختصر ڪيو وڃي. انهن صاحبن جو خيال آهي ته ائين سنڌيءَ جي صورتخطي وڌيڪ آسان ٿي پوندي ۽ گهڻن اکرن جي لکڻ جي جنجهٽ کان به بچي پئبو. اهڙيءَ طرح اهي صاحب اکر ‘ز، ذ، ظ، ض‘ مان ڪنھن هڪ اکر کي رکڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، ساڳيءَ طرح ’گ ۽ غ‘ يا ’ث، س ۽ ص‘ مان ڪو هڪ اکر، ڪ ۽ ق مان هڪ اکر، ‘الف، ع، ئـ‘ مان ڪو هڪ اکر رکڻ ۽ ٻيا هم آواز اکر خارج ڪرڻ جي حمايت ڪن ٿا. اصل ۾ اهي صاحب سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جي نفِي ڪن ٿا، انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌي ماڻهو صوتياتي لحاظ کان انهن اکرن جو ترتيب سان هڪ ئي مخرج رکي ٿو، اڪثر عام سنڌي ’خ ۽ ک‘ به ساڳي مخرج سان اهڙي طريقي اچارين ٿا جو خ ۽ ک ۾ فرق نٿو رهي، پر تنھن هوندي به انهن اکرن کي سنڌيءَ جي الفابيٽ مان ڪڍڻ بلڪل غلط هوندو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي موجود صورتخطي انهيءَ ڳالهه جي هرگز اجازت نٿي ڏئي ته اهي هم آواز اکر خارج ڪري، انهن مان ڪو هڪ اکر، انهيءَ هڪ آواز لاءِ متبادل طور قائم رکجي. سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطي، عربي صورتخطيءَ تي آڌاريل آهي، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي لفظي ساخت به اها ئي رهندي، سواءِ انهن عربي فارسي اکرن جي جيڪي سنڌي ٻولي پاڻ ورتا ئي نه آهن، صرف اهي لفظ بامعنا هوندا، جيڪي سنڌيءَ جي الفابيٽ سان ٺھڪي ايندا، مثال: جيڪڏهن ز، ذ، ظ ۽ ض مان فرض ڪريو ته ’ز‘ اکر رکجي ۽ ٻيا اکر الفابيٽ مان خارج ڪجن ۽ ’ت‘ به ختم ڪري صرف ’ط‘ رکجي، ان لاءِ اول ته اهو فيصلو ڪير ڪندو ته انهن هم آواز اکرن مان ڪھڙو هڪ اکر رهڻ ڏجي ۽ ٻيا خارج ڪجن؟ پر سمجهو ته ’ز‘ اکر رکيو ويو، ٻيا خارج ڪيا ويا ته هاڻ ’ظلم‘ بجاءِ ’زلم‘ لکبو ’ظفر‘ ’زفر‘ ڪري لکبو، ان بنياد تي ضرورتمند کي ’زرورطمند‘ ڪري لکبو ۽ ساڳي نموني ث، س ۽ ص مان هڪ اکر ’ص‘ رکجي ته ’سنڌ‘ کي ’صنڌ‘ ڪري لکبو، ’ثمر‘ کي صمر ۽ ’سڳيون‘ کي صڳيون، ڇا اهو قابل قبول هوندو؟ ٻيو ته ائين ڪرڻ سان سنڌي صورتخطيءَ جي حوالي سان اهڙا سوين انوکا لفظ جڙي پوندا، جن جي نه صرف سنڌي لغت ۾ پر دنيا جي ڪنھن به لغت ۾ ڪا به معنا نه هوندي. مثال ’آفتاب‘ جي معنا’سج‘ آهي، پر صورتخطي ڦيرائي لکڻ سان ’ععفتعب‘ لکڻو پوندو، جيڪڏهن رڳو ’ع‘ رکجي، هي صورتخطيءَ جو عجيب ڦيرو هوندو، جنھن لفظ جي نه معنيٰ هوندي نه ڪا مستند شڪل.

انهيءَ ڪري اهي صاحب جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ کي ڪتري لُنڊو ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، دراصل اهي پنھنجي بي علميءَ کي ٻين تي ٿاڦڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪرڻ کان قاصر آهن. ٻوليءَ جي صورتخطي (Orthography) ۽ علم صوتيات (Phonology) تي مڪمل دسترس رکندڙ ئي اهي ڳالهيون سمجهي سگهي ٿو.

ٻوليءَ جي ارتقا صدين تائين هلندي رهندي آهي ۽ هلندي رهندي. هن جديد دور ۾ هر علم کي پر لڳي ويا آهن، ڊجيٽلائيز دنيا سڀني علمن سان گڏ ٻولين کي به تمام تڪڙو ارتقائي مرحلن مان گذاري رهي آهي. اڄ جا اصطلاح ۽ لفظ ٻئي ڏينھن ڄڻ ته اوپرا ٿي ٿا پون. اڳي اهي مرحلا صديون وٺندا هئا، پر انفرميشن ٽيڪنالاجي، اقتصادي حالتن ۽ ٻولين جي هڪٻئي سان کئونس، ٻولين جي ساخت تي وڏا اثر ڇڏيا آهن، جن ٻولين ۾ فطري تبديليءَ جي رفتار به تيز ڪري ڇڏي آهي، گذريل پنجاهه سالن ۾ سنڌي ٻولي پنھنجي ساخت ۾ ڪافي تبديليون آنديون آهن، پر انهيءَ جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته ٻوليءَ جي صورتخطيءَ کي ويھي ڦيرائجي ۽ ان جي روايتن ۽ بزرگن جي محنتن تي پاڻي ڦيرجي.

سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪيترائي گروپ ۽ پيج ٺھي ويا آهن، جن تي بحث ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي، پر پنھنجي نوجوان نسل کي اهو ٻڌائڻ ته سنڌي الفابيٽ ناقص آهي، سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ ساڳي اچار وارا واڌُو اکر وڌا ويا آهن، اِها ڌاري ٻوليءَ جي الفابيٽ آهي، وغيره جھڙا ويچار سنڌي ٻوليءَ سان خير خواهي نه آهي.

سنڌي ٻولي بنيادي طرح سھل ٻولي آهي، سنڌي ماڻهن جي زبان، ڪنھن گهڻي خفي جي عادي نه آهي، سنڌي ماڻهو پنھنجي ٻوليءَ جي هر انهي لفظ جي صوتئي کي ڪيرائي ڇڏيندا آهن، جيڪو اچارڻ ۾ اٽڪي، سنڌي ٻوليءَ پنھنجي فطرت ۾ ڊيگهه کي پسند نٿي ڪري، ايتري تائين جو نالن ۾ به تخفيف ڪري ويندي آهي.ٻھراڙين ۾ عام نالا به اڌ اچاريا ويندا آهن. اِهو سنڌي ٻوليءَ جو پنھنجو صوتياتي نظام  آهي. جن اکرن جي اچارڻ جي گهڻي عادت نه هوندي آهي، سنڌي ماڻهو اهو نٿو اچاري، ساڳئي طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻو پوءِ داخل ٿيل صوتيا به ائين اصل وانگر اچاري نه سگهبا آهن، جيئن پنھنجي بنيادي ٻوليءَ ۾ اهي اچارجن ٿا. انهيءَ ڪري سنڌي الفابيٽ جي ڪنھن به اکر جي ڪتر اُچار جي بنياد تي نٿي ڪري سگهجي. ٻيءَ صورت ۾ سنڌيءَ جي موجود صورتخطي پنھنجو جمال ۽ ڪارج وڃائي ويھندي.

صورتخطيءَ جا مسئلا:

سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جي شروعاتي مرحلن ۾ ٻوليءَ جي لکت جي نموني تي ڪو باقاعدي ڪم نه ٿيو، عربي ۽ فارسي پس منظر کان هڪدم نڪري سنڌي ٻوليءَ کي اختيار ڪرڻ ۽ سرڪاري سطح تي درسي ڪتابن ۽ حڪومتي دفتري نظام ۾ ان کي رائج ڪرڻ وقت، اهو فطري امر هو ته عربي ۽ فارسيءَ جا اُهي لفظ ۽ اصطلاح جيئن اڳي سنڌ جي مڪتبن ۽ وهنوار ۾ استعمال ٿيندا هئا، انهن جي سنڌي صورتخطيءَ به اها ئي بحال رهي، سنڌي الف- بي جي 52 اکرن جي سرڪاري طور تسليميءَ کي هن معاملي ۾ نظر انداز ڪيو ويو ۽ ڪيترن عربي توڙي فارسي لفظن جي صورتخطيءَ کي جيئن جو تيئن اختيار ڪيو ويو ۽ اهي اکر جيڪي سنڌي الفابيٽ جو حصو ئي نه هئا، ائين انهن کي رهڻ ڏنو ويو.  اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي، عربي ۽ فارسيءَ جي انهن لفظن ۽ اصطلاحن کي اڄ به سنڌيءَ جي 52 اکريءَ جي دائري ۾ لکڻ جي ڪوشش کي صورتخطيءَ جي چڪ چيو وڃي ٿو، جنھن جي معنيٰ اها ٿي ته سنڌي ٻولي ڪنھن به ٻي ٻوليءَ جي لفظ يا اصطلاح کي پنھنجي مقرر الفابيٽ ۾ نٿي لکي سگهي يا هن ۾ اهڙي سگهه نه آهي، جڏهن ته دنيا جي ڪنھن به ٻوليءَ ۾ خاص ڪري اهي لفظ ۽ اصطلاح جيڪي ان ٻوليءَ ڪنھن ٻي ٻوليءَ مان اختيار ڪري ورتا آهن ۽ هاڻ ان ٻوليءَ جي لغت ۾ شامل ٿي چڪا آهن، اهي ان ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ لکجڻ جا پابند آهن، ٻوليءَ جي انهن لفظن لاءِ سنڌي عالمن ’اُڌارا‘ لفظ استعمال ڪيو آهي، جيڪو انگريزيءَ جي ‘Borrow words’ جو ترجمو آهي، انگريزي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ اهو اصطلاح ڪيئن ۽ ڇو استعمال  ٿيو، اهو هڪ الڳ موضوع آهي، پر سنڌيءَ ۾ لفظ ’اُڌارو‘ ان معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي، جيڪو بعد ۾ واپس ڪيو وڃي، اڌاري شيءِ پنھنجي نه هوندي آهي،تنھنڪري انهن کي ’ورتل‘ يا ’اختيار ڪيل‘ چوڻ بھتر ٿيندو.

ڏٺو وڃي ته سنڌي ٻولي عربي ۽ فارسيءَ جي لفظن جي مقابلي ۾ انگريزيءَ جا جيڪي لفظ پنھنجا ڪيا، شروع ۾ انهن جون هجيئون به سنڌيءَ جي مزاج مطابق بدلايون ويون هيون، جن کي بعد ۾ ’ڄٽڪا لفظ‘ چئي عام استعمال کان پاسو ڪيو ويو. اسٽيشن کي ’ٽيشڻ‘ چوڻ واري کي ڳوٺاڻو، ڄٽ ۽ اڻپڙهيل جو لقب ڏنو ويو، ائين سنڌي ٻوليءَ کي پنھنجي مزاج مطابق ٻين ٻولين جا لفظ اختيار ڪرڻ واري انهيءَ فطري خاصيت کان ڄڻ ته روڪيو  ويو.

انگريزن جي اچڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي انگريزيءَ جا لفظ ۽ اصطلاح ان ڪري به ڪجهه سولا لڳا، جو انگريزي ڪنھن نه ڪنھن سطح ۽ حد تائين سنڌ ۾ متوازي ٻوليءَ جو درجو حاصل ڪري ورتو هو ۽ اڃا تائين متوازي ٻولي رهندي اچي، پر ان جي مقابلي ۾ سنڌي ٻولي عربي ۽ فارسيءَ جي لفظن ۽ اصطلاحن کي هاڻ هوبھو اختيار ڪرڻ کان نابري واري آهي، جو اهي ٻيئي ٻوليون سنڌيءَ جون متوازي ٻوليون نه رهيون آهن، جيئن انگريزن کان اڳي هو. ويجهي ماضيءَ ۾ اردوءَ کان متاثر ٿيندي عربي ۽ فارسيءَ وارا سائنسي ۽ سماجي اصطلاح سنڌيءَ ۾ رائج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر سنڌي ماڻهن جي مخرجي نظام (Cavity System) انهن کي قبول نه ڪيو. انهيءَ سڄي پس منظر جي روشنيءَ ۾ هاڻ وقت جي ضرورت آهي ته سنڌي صورتخطيءَ جي مختلف لفظن ۽ اصطلاحن کي معياري ۽ مستند بنائي سنڌي ٻوليءَ جي لغت ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ پوءِ  تحقيق ۽ لکت لاءِ ’لغت‘ ئي سنڌي ٻوليءَ جو وڏو دليل هوندي ته ’اهو لفظ يا اصطلاح‘ لغت ۾ جيئن لکيل آهي، ائين ئي لکبو، ان جي صورتخطي اِها ئي هوندي. ائين انگريزي، عربي ۽ فارسي يا اسپينيءَ وانگر پرائمري سطح کان يونيورسٽيءَ سطح تائين سنڌي ٻوليءَ جون درجيوار لغتون تيار ٿين، پوءِ وڃي اشاعتي ادارن ۽ سنڌيءَ جي پرنٽ ميڊيا ۾، اهي لفظ ۽ اصطلاح  هڪ مقرر صورتخطيءَ ۾ لکڻ جو رواج پوندو. ڪن صاحبن جي هن وقت به اها سوچ آهي ته  عربي ۽ فارسي لفظن جي صورتخطي سنڌي ٻوليءَ جي 52 اکري الفابيٽ جي پابنديءَ کان آجي هئڻ گهرجي، انهن صاحبن کي سمجهڻ گهرجي ته ’سنڌي ٻولي‘ پنھنجي الفابيٽ ۾ برابر عربي، فارسي ۽ سنسڪرتي اکر سمويا آهن، پر سنڌي ماڻهن اهي ٻوليون اختيار نه ڪيون آهن ۽ نه ئي سنڌي ٻولي عربي، فارسي ۽ سنسڪرتي صورتخطي يا وياڪرڻي اصول جي پابند آهي، سنڌي ٻولي هڪ الڳ، جامع، وسيع ۽ تاريخي بنياد رکندڙ ٻولي آهي.

جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو ڪو شاگرد انهن عربي ۽ فارسي لفظن ۽ اصطلاحن جي صورتخطيءَ بابت پڇي ٿو ۽ چوي ٿو ته اهي لفظ ائين ڇو ٿا لکجن ؟ ته ان لاءِ استاد لاجواب ٿي وڃن ٿا، سواءِ اهو چوڻ جي ته ’شروع کان ائين ئي لکجن ٿا‘.ڪن صاحبن سنڌي صورتخطيءَ ۾ به ’هه‘ جون اضافي چار صورتون ڄاڻايون آهن. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر الطاف جوکيو لکي ٿو ته ”دراصل، سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’هه‘ جا مختلف پنج ’اکر‘ ڪم آندا ويا آهن، جيڪي گهڻي وقت کان وٺي رائج آهن“، پر انهن پنجن ’هه‘ اکرن کي، هو نج عربي اصطلاحن سان لکي پاڻ ثابت ڪري ٿو ته انهن اکرن جو سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ سان ڪو به واسطو ڪونهي. هو صاحب لکي ٿو ته:

”’هه‘ وينجن/ملفوظي/مخروطي(2). ’ـهه‘ وسرڳي/دوچشمي/مخلوطي(3) ’ه‘ مختفي (منفصل اکر سان) (3) ’ـه‘ مختفي (متصل اکرن سان) ۽ (5) ــھ مختفي (متصل اکر سان.“ (2)

سنڌي ٻوليءَ جا گهڻگهرا، ٻوليءَ جو علم ۽ فھم رکندڙ پاڻ فيصلو ڪن ته انهن پنجن اکرن جا اصطلاح سنڌي آهن؟ اهي پنج ’هه‘ جن کي ڊاڪٽر جوکيو پنج ’اکر‘ ٿو چوي، سنڌي ٻوليءَ جي مقرر الفابيٽ جو حصو آهن؟ اُهي صورتون ته عربي ۽ فارسيءَ جي صورتخطيءَ جون آهن ۽ انهن ٻولين ۾ هر هڪ ۾  هر هڪ ’هه‘ جو الڳ الڳ ڪارج به آهي. جڏهن ته سنڌيءَ ۾ صرف هڪ ’هه‘آهي.جيئن شروع ۾ ذڪر ڪيو ويو.  اڳي مدرسن ۽ مڪتبن جي پس منظر وارن استادن’هه‘جي انهن اضافي صورتن جا، سنڌي نالا به مقرر ڪيا هئا ۽ اڃا تائين انهن کي دوچشمي، پڳ واري يا گول ’هه‘وغيره ڪري لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو، پر افسوس جو سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي درسي ڪتابن ۾ به اها غلطي مسلسل هلندي اچي. حقيقت اِها آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ نه اضافي ’هه‘ آهي نه وري ’الف‘ جون سنڌيءَ ۾ ٻه صورتون آهن، عربي ۽ فارسيءَ ۾ برابر هڪ ’الف‘ ممدوده ۽ ٻيو ’الف‘ مقصوره آهي، پر سنڌيءَ ۾ اهڙي ڪنھن به اضافي الف جو ڪو وجود ڪونهي.

صورتخطيءَ ۾ لفظن کي گڏائي يا الڳ الڳ لکڻ جو مسئلو به هلندو اچي، ان ۾  اڳياڙين ۽ پڇاڙين کي گڏائي لکڻ يا الڳ لکڻ جو به مسئلو آهي ته اڳياڙيون سڀ هڪ اصول موجب بنيادي لفظ سان گڏائي لکجن يا الڳ ؟ هتي صرف ٽن اڳياڙين جو نموني طور ذڪر ڪجي ٿو، هڪ ’اڻ‘، ٻي ’بي‘ ۽ ٽين ’اپ‘، هن وقت هنن اڳياڙين سان لکجندڙ لفظ ڪي گڏيل صورت ۾ ٿا لکجن ته ڪي وري ڌار صورت ۾ لکيل ملن ٿا. سنڌيءَ جي لغت ۾ به ائين ئي انهن اڳياڙين وارا لفظ مختلف صورتن ۾ لکيل آهن. مثال اڻ+پور جي صورتخطي ’اڻپور‘ لکجي ٿي، جڏھن ته لغت ۾ اڻ+لڀ لفظ ڌار صورتخطي ۾ لکيل ملي ٿو. ڪي ليکڪ اڻلڀ گڏيل صورت ۾ لکن ٿا ۽ ان کي درست مڃين ٿا، پر اصول بيان ٿيل نه آهي. ائين ’بي‘ اڳياڙي جي لفظ بي+پاڙي کي گڏي لکجي ٿو ۽ بي سبب کي ڌار صورت ۾ لکجي ٿو، ’اُپ‘ اڳياڙي ۾ اُپ+ٻيٽ کي گڏائي لکجي ٿو، پر اُپ+ڀاشا جو لفظ الڳ صورت ۾ لکجي ٿو. هن لاءِ به ڪو هڪ اصول مقرر ڪري، سنڌيءَ جي لغت ۾ ان صورت کي قائم ڪرڻ گهرجي.

 ٻيو مسئلو مرڪب لفظن جي صورتخطيءَ جي اصولن جو آهي ته ڪھڙا مرڪب لفظ گڏائي لکجن ۽ ڪھڙا ڌار صورت ۾ لکجن، انهن مرڪب لفظن ۾ به ڪيترائي قسم آهن، ڪن لفظن سان لفظي پڇاڙيون ملن ٿيون، ڪي ڀرجهلا مرڪب لفظ آهن، ڪي بامعنيٰ ٻٽا ۽ هڪٻئي کي سگهه ڏيندڙ مرڪب لفظ آهن. انهن لفظن جي صورتخطيءَ تي به اڪثر عالمن پنھنجي طور ڪي شڪليون چونڊيون آهن ۽ ڪافي بحث ڪيا آهن، ڪن انهن مرڪب لفظن کي وياڪرڻ جي حساب سان ڏٺو آهي، پر پوءِ به ڪٿي نه ڪٿي وري کوٽ اچيو وڃي.

هنن مسئلن تي وڏي تفصيل سان مقالا ۽ ڪتاب به لکيل آهن، ماهرن انهن تي وڏابحث ڪيا آهن ۽ انهن جو حل به ڏنو آهي، پر لفظن جي صورتخطيءَ جي حوالي سان عالمن وچ ۾ وري به اختلاف ئي سامهون آيا آهن. گرامري اصول کان هٽي ڪري ڏسجي ته ڪي لفظ اهڙا آهن، جن جي وچ ۾ هڪ ٻيو لفظ سمائجي سگهي ٿو، ته اهي الڳ لکڻ ئي بھتر ٿيندو، مثال کان پوءِ کي ان ڪري الڳ لکجي ته انهيءَ مرڪب لفظ جي وچ ۾ ٽيون لفظ به اچي سگهي ٿو، مثال’کان گهڻو پوءِ‘، پر کانسواءِ ان ڪري گڏائي لکجي ته انهيءَ مرڪب لفظ کي ٽوڙي وچ ۾ ڪو ٻيو لفظ نٿو آڻي سگهجي. هي بنهه سادو اصول آهي، پر هڪ دليل ضرور آهي، هي دليل اهڙي قسم جي سڀني مرڪب لفظن تي ٺھڪي نٿو اچي، خاص ڪري ’جي‘ حرف جر وارا مرڪب لفظ، هن سادي اصول ۾ به نٿا اچن.

اڳي جيڪا ’ليڪ‘ مرڪب لفظن جي وچ ۾ آندي ويندي هئي، سا هاڻ گهڻي واهپي سبب گهڻي ڀاڱي متروڪ ٿي چڪي آهي، سنڌيءَ جو نئون ڇپجندڙ مواد هاڻ اهڙي ليڪي مرڪب لفظن کان پاڪ آهي، ڪمپيوٽر جي لکت به ان کي قبول نٿي ڪري ۽ جڏهن سنڌي مڪمل طور ڊجيٽل گهرجون پوريون ڪرڻ لڳندي يا مستقبل ۾ جڏهن ڪي بورڊ بجاءِ ’وائس سپورٽ ڪمپوزنگ‘ ايندي يعني ’ڪي بورڊ ليس ٽيڪنالاجي‘ ۾ اهڙن لفظن جي ڪا به جاءِ نه هوندي. سنڌي ٻوليءَ جي جن جن ماهرن صورتخطيءَ تي لکيو آهي، انهن ۾ ڊاڪٽر فھميده حسين به هڪ آهي.

ڊاڪٽر فھميده حسين پنھنجي هڪ مقالي ’سنڌي صورتخطيءَ جا ڪي حل طلب مسئلا‘ جي آخر ۾ لفظ گڏي لکڻ ۽ الڳ لکڻ لاءِ جيڪي چار تجويزون ڏنيون آهن، انهن جي هيٺينءَ طرح ڇنڊ ڇاڻ ڪجي ٿي:

  1. ”اهڙا ٻه يا ٻن کان وڌيڪ لفظ جيڪي ڌار ڌار آزاد صرفيا هجن ۽ جدا لفظ طور به استعمال ٿيندا هجن، انهن کي گڏائي لکجي“(4)، يعني ’هن جو‘۽ ’انهن جو‘گڏائي ترتيبوار ’هنجو‘ ۽ ’انهنجو‘ صورت ۾ لکجي.
  2. ”يا هڪ آزاد ۽ ٻي پروس صورت هجي، پر جڏهن گڏجن ته هڪ نئون لغت جو ويا ڪرڻي حيثيت رکندڙ لفظ ٺھي پوي، جيڪو ڳالهائڻ جو جز (Part of speech) به هجي ته هڪ ايڪي طور (مرڪب يا پيچيده)، ان کي گڏي لکڻ درست ٿيندو“(5)، يعني فالنامو، نڪاحنامو، قسمنامو ۽ بخششنامو گڏيل صورت ۾ لکڻ گهرجن.
  3. ٽين تجويز ڏيندي ڊاڪٽر فهميده لکي ٿي ته ”ٻيا اهي لفظ جيڪي آزاد يا پروس صورت ۾ اڳياڙين پڇاڙين جي ڳنڍجڻ سان ٺھن ۽ انهن جي پنھنجي ويا ڪرڻي حيثيت به هجي ته اهي به گڏي لکجن“(6)، يعني اڳياڙيءَ جي صورت ۾ اڻگهڙيل، اڻواقف، بيقياس ۽ بيقاعدي انهيءَ گڏيل صورت ۾ لکڻ گهرجن ۽ مثال طور پڇاڙيءَ جي هڪ صورت ۾ ملڪگير، عالمگير، سختگير ۽ بغلگير گڏيل صورت ۾ لکڻ گھرجن.
  4. آخري تجويز طور هو لکي ٿي ته ”البت لفظ جا جوڙا يا ٻٽا لفظ جيڪي هڪٻئي کي زور وٺائڻ لاءِ استعمال ٿيندا هجن انهن کي ڌار ڌار لکڻ بھتر ٿيندو“(7)، جيئن مھمان مڙو ۽ لاها چاڙها وغيره.

هاڻ هي ته هڪڙي فرد جون تجويزون آهن، جن کي به سامهون رکي لاڳاپيل ادارا ڪميٽيون جوڙي، ڪنھن آخري نتيجي تي پھچي، ڪي اصول طي ڪري، صورتخطيءَ کي درسي ڪتابن ۽ سنڌي لغت ۾ شامل ڪرائين. هڪ دفعو ٻيھر شد ۽ مد سان انهيءَ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ وقت سنڌي لغت جو استعمال نھايت ئي ضروري آهي، انهي عمل سان صورتخطيءَ ۾ يڪسانيت پيدا ٿيندي، پر ان لاءِ ضروري آهي ته لغت جي لفظن جي صورتخطيءَ۾ هڪجھڙائي هجي.

لغت ۾ معياري صورتخطيءَ کانسواءِ ڪنھن خاص محاوري وارن لفظن جي صورتخطيءَ کي نه آندو وڃي، ٻيو ته گهٽ ۾ گهٽ درسي، اشاعتي ۽ پرنٽ ميڊيا جي ادارن لاءِ عملي (Functional) لغتن جا ڇاپا اچڻ گهرجن، بلڪل ائين جيئن انگريزيءَ جون درجيوار ۽ ڌنڌيوار لغتون موجود آهن.

صورتخطيءَ جي هڪجھڙائيءَ لاءِ هڪ ٻيو سادو اصول به اختيار ڪري سگهجي ٿو، اهو ’لفظن جي صورتخطيءَ جي استعمال جي رجحان‘ وارو اصول آهي، گذريل ٽيھن سالن جي لکت يعني ڪتاب، اخبارون، رسالا ۽ ٻئي ڇاپي مواد جو موادي تجزيو (Content analysis) ڪجي، ڏسجي ته انهيءَ عرصي دوران مختلف لفظن جي صورتخطيءَ جو استعمال (Frequency) ڪيئن رهيو؟ يعني گذريل ٽيھن سالن ۾ لاشعوري طور انهن لفظن جي ڪھڙي صورت وڌ ۾ وڌ استعمال ڪئي وئي آهي؟ اهو تجرباتي عمل ٻوليءَ جي فطري ڌارا (Natural course) کي ظاهر ڪندو، بلڪل ائين جيئن پنجاهه سٺ سال اڳ جڏههِِ ۽ ڪڏههِِ وغيره تنوينن سان يا رڳو عربي گول ’ه‘ سان لکبا هئا، پوءِ اهي لفظ سنڌي ٻوليءَ جي فطري ڌارا ۾ لڙهي ويا ۽ ٻولي پنھنجي ارتقائي مرحلن مان گذرندي، انهن لفظن جي ان وقت جي صورتخطيءَ کي متروڪ ڪري ڇڏيو. انهيءَ لاءِ نه ڪا ڪميٽيءَ ٺھي نه وري ڪنھن جي زور بار تي ائين ٿيو، پر نئين نسل پنھنجن لکڻين ۾ اهي لفظ انهيءَ صورتخطيءَ ۾ ورجائي انهيءَ ڪري نه لکيا، جو درسي ڪتابن ۾ اهي صورتون انهن نه پڙهيون هيون، البت ڪافي وقت ادبي ڪتابن ۾ اهي صورتون هلنديون آيون، جيڪي نيٺ متروڪ ٿي ويون.

هڪ ٻيو مسئلو لفظن جي معنيٰ ۽ صورتخطيءَ جو آهي، مثال ’هڪٻئي‘ ۽ ’هڪ ٻئي‘ ٻه الڳ الڳ لفظ آهن ۽ معنيٰ به الڳ آهي.  ماهرن هن لفظ کي اڪثر هڪ لفظ تسليم ڪندي، ان جي صورتخطيءَ تي بحث ڪيو آهي. هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ منھنجي خيال موجب اِهي ٻه ڌار ڌار لفظ  آهن ۽ ڌار ڌار استعمال ۽ معنيٰ رکن ٿا. ’هڪٻئي‘ لفظ جي عددي معنيٰ آهي، جڏهن ته ’هڪ ٻئي‘ جو ضميري استعمال آهي. هاڻ جملو پڙهو: ’هنن  هڪٻئي کي پئي ٻڌايو ته هي رستو صدر کان ٿيندو آرٽ ڪائونسل ويندو، انهن کي پھريان ان ڳالهه جي خبر نه هئي، پر هڪ ٻئي ماڻهوءَ هنن کي اهو ڏس ڏنو‘. هاڻ جيڪي چون ٿا ته ’هڪ ٻئي‘ ٽوڙي لکجي ته پوءِ معنيٰ به بدلجي ٿي، يعني ساڳيو لفظ گڏائي لکو ته هڪ معنيٰ ۽ ٽوڙي لکو ته ٻي معنيٰ.

ائين صورتخطيءَ جي مسئلن ۾ آوازي مسئلا به آهن، جن جي بنياد تي صورتخطيءَ ۾ تضاد موجود آهن، مثال اڃا يا اڃان ۽ جاچ يا جانچ اما يا امان وغيره. ٻيو ڌارين ٻولين خاص ڪري انگريزيءَ جا لفظ سنڌيءَ ۾ الٿائي ڪيئن لکجن؟ انهن لاءِ بھترين طريقو ’صوتياتي لئبارٽريون‘ آهي، اتي ويھي آوازن جو اڀياس ڪري سگهجي ٿو، علم صوتيات جو تعلق علم بدن (Physiology) سان آهي، ڳالهائڻ جي عمل ۾ جيڪي انساني عضوا شامل  آهن، انهن کي سمجهڻ ضروري آهي ۽ ڳالهائڻ جي ڪري جيڪي لفظ انساني وات مان هوا جي داٻ ذريعي نڪرن ٿا، انهن کي سؤ سيڪڙو تز سمجهڻ ڏکيو هوندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن اهڙن اچارن کي سمجهڻ ۾ مونجهه پيدا ٿي پوندي آهي ته صحيح اچار ڪھڙو آهي؟ مثال انب ۽ امب جو اچار هڪٻئي کي مبھم ڪري ٿو، قمبر ۽ قنبر جو آواز ائين ئي غير واضح سمجهه ۾ ايندو آهي، هندي ۾ ’ن‘ جو اڌ اچار به ٿيندو، ائين سنڌيءَ ۾ به ڪن صوتين جا اڌ اچار ٿين ٿا. هنديءَ ۾ ته انهن جي الڳ اکري شڪل به آهي، پر سنڌيءَ ۾ اهڙن اچارن لاءِ ڪي الڳ اکر نه آهن، سنڌي ۾ ’ن‘ ۽ ’م‘ جو مخرج هڪٻئي سان لاڳو آهي ۽ ’انب‘ ۽ ’قنبر‘۾ ’ن‘ اڌ اچارجي ٿو. ان ڪري عام طور سمجهه ۾ نه ايندو ته چوڻ واري انب چيو يا امب ۽ قنبر چيو يا قمبر. صوتيات جا اهڙا پيچيدا مسئلا به ٻوليءَ جي صورتخطيءَ تي اثر انداز ٿيندا رهيا آهن.

”ڳالهائڻ جي ڪري جيڪي هوائي لھرون وات اڳيان پيدا ٿين ٿيون، تن جي نوعيت کي سمجهائڻ ڏکيو آهي. ڇو ته اهڙي قسم جي بيان جو تعلق علم طبعي ۽ علم رياضي (Mathematics) سان آهي، جنھن کي سڀ ڪو سمجهي نٿو سگهي. ان هوندي به اسپيڪٽروگرافيءَ ۽ ڪموگرافي جي ذريعي آوازن جي لھرن کي گراف يعني ليڪ سازيءَ جي صورت ۾ آڻي سندن نوعيت کي جاچيو وڃي ٿو.“(8)

هن جديد دور ۾ اهڙيون لئبارٽريون قائم ڪرڻ ڪو مسئلو نه آهي، پر سنڌي ٻوليءَ تي صوتياتي تحقيق لاءِ هن وقت اهڙي قسم جي هڪ به لئبارٽري موجود نه آهي. هاڻ ته جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪندي، انگريزي، عربي ۽ فرانسيسي ٻولين جون اليڪٽرانڪ ڊڪشنريون به تيار ٿي چڪيون آهن، انهن ٻولين جي لغت ايپ (Dictionary app) تي نه صرف مک لفظ، ان جا شاخي لفظ ۽ انهن جون مختلف معنائون ۽ استعمال ڏنا ويا آهن، پر گڏوگڏ معياري لھجي ۾ اهي ڪيئن ٿا اچارجن؟ اهو آواز/ اچار به ڏنو ويو آهي. سنڌي ٻولي اهڙي ڪم کان اڃا گهڻو پري آهي، ڇو جو سنڌي ٻولي ۽ لسانيات جي ماهرن ۽ لئنگئيج انجنيئرن لاءِ اهڙو ڪو فورم جڙي نه سگهيو آهي، جيڪو مسلسل ڪم ڪندو رهي، ڪنھن ساک واري اداري (اٿارٽيءَ) جي معرفت اهڙو ڪم ڪري سگهجي ٿو، گهٽ ۾ گهٽ اسڪولي سطح جي سنڌي ٻوليءَ جي ’صوتياتي لغت‘ پھرين واندڪائيءَ ۾ آڻي سگهجي ٿي، جنھن سان ٻارڙن کي سنڌيءَ جي مختلف لفظن جي اچارن جي خبر پوي ۽ پوءِ ائين اڳتي سڀ درجيوار لغتون تيار ڪجن.

سنڌيءَ جي ڊجيٽلائيز صوتياتي لغت جي اچڻ سان خبر پوندي ته ’انب‘ صورتخطيءَ جي لحاظ کان صحيح آهي يا ’امب‘ ۽ خود انگريزيءَ مان جيڪي لفظ ۽ اصطلاح سنڌيءَ لاءِ ورتا ويا آهن، انهن جي صورتخطيءَ به مستند ٿي سگهندي، انگريزيءَ جي صوتياتي لغت تان به اهڙي مدد ملي ويندي، جيڪا هاڻ آن لائين موجود آهي. ان سان خبر پوندي ته نئشنل صحيح آهي يا نيشنل، لئنگئيج صحيح آهي يا لئنگويج، ايوارڊ صحيح آهي يا اوارڊ، چيئرمئن (Singular) صحيح آهي يا چيئرمين (جيڪو Plural جو اچار ڏئي ٿو) ائين اهي انگريزيءَ جا لفظ به درست سنڌي صورتخطيءَ ۾ اچي ويندا. سنڌيءَ جي صوتياتي لغت تي جيترو جلد ڪم ٿيندو، اوترو سنڌي ٻوليءَ کي مستقبل ۾ فائدو ٿيندو. ”ڇاڪاڻ ته اسان جي ٻوليءَ جو عملي ۽ وگيانڪ مطالعو ته اڃا شروع ئي نه ٿيو آهي.“(9)

هاڻ وقت اچي ويو آهي ته ان مطالعي جي شروعات ڪجي، اهڙي شروعات سان نه صرف سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق جا نوان در کلندا، پر گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جي سڀني مسئلن کي به حل ڪري سگهجي ٿو.

 

 

حوالا:

 

  1. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ’سنڌي صوتيات‘ ڇاپو ٽيون، 2017ع سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ، صفحو 91.
  2. لغاري، عنايت حسين، ڊاڪٽر، ايڊيٽر ’ڪارونجهر‘ ڇھه ماهي، وفاقي اردو يونيورسٽي، جلد 12، شمارو، 23 ڊسمبر 2020ع، مقالو ’صوتيات جي اصطلاحن ’وسرڳ ۽ اوسرڳ‘ جو تنقيدي جائزو‘ ڊاڪٽر الطاف جوکيو، صفحو 10.
  3. مٿيون ساڳيو، صفحو 10.
  4. فھميده حسين، ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻولي: مختلف لساني پھلو‘ (مقالا)، ڇاپو پھريون، 2012ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، سنڌ، صفحو 111.
  5. مٿئيون ساڳيو، صفحو 111.
  6. مٿئيون ساڳيو، صفحو 111.
  7. مٿئيون ساڳيو، صفحو 111.
  8. جتوئي، علي نواز، پروفيسر، ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘، ڇاپو ٽيون، مارچ 2018ع، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ، صفحو 44.
  9. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، مقدمو ’سنڌي صوتيات‘، ڇاپو ٽيون، 2017ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، صفحو 15.
470 ڀيرا پڙهيو ويو