مادري ٻولين جي تعليمي اھميت: هڪ مختصر جائزو
(Educational importance of mother languages: A short analysis)
ادريس جتوئي
Abstract:
Education and language are as interrelated as body for soul. Pakistan is a multicultural and multilingual country. Almost 74 languages are being spoken. Sindh is the only province in Pakistan, where Sindhi is the medium of instruction as a mother tongue from primary to graduation. Along with Urdu, the mother language is also a medium of instruction.
Like all other human rights, there is a right to get education in mother tongue and that should be availed by every human. In our country teaching in the mother language is not a priority but it is a secondary option, and foreign languages are being given more importance. It has been proved by research that those children; who have good listening, talking, reading and writing skills, can learn foreign languages easily, they do not feel any difficulty while understanding the different aspects. Therefore teaching in the mother language should be enhanced bit by bit. In this paper a brief analysis about the educational importance of mother language and recommendations are given.
مادري زبانن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي يونيسڪو، سال 2021ع ۾ جيڪو موضوع ڏنو ، ان جو عنوان آهي: ’تعليم ۽ سماج ۾ گهڻ ٻوليائي سرشتي جي شرڪت کي وڌائڻ يا همٿائڻ.‘
“Fostering multilingualism for inclusion in Education and Society.”(1)
پاڪستان هڪ گهڻ ثقافتي ۽ گهڻ ٻوليائي ملڪ آهي. اتي لڳ ڀڳ 74 زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. اُردو پاڪستان جي قومي زبان ۽ انگريزي، سرڪاري زبان جو درجو رکي ٿي. اھا هڪ مڃيل حقيقت آھي ته گهڻيون ٻوليون سکڻ سان علم جا دروازا وڌيڪ کُلن ٿا. پر هڪ گهڻ ٻوليائي ملڪ ۾ تعليم جي ميدان ۾ ڪھڙيون زبانون اڳ ۾ سکجن ۽ ڪھڙيون پوءِ، ان سوال تي غور ۽ ويچار جي ضرورت آھي، ان تي دنيا جي تعليمي ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جا فيصلا ڏنل آهن. ٻولي ۽ تعليم جو تعلق ائين آھي، جيئن جسم جو ساھ سان. سائين محمد ابراھيم جويي ٻوليءَ ۽ تعليم جي تعلق کي هن ريت بيان ڪيو آهي ته:
”اڄ جڏهن تعليم سؤ فيصدي عام ڪرڻ قومن جي زندگيءَ جو هڪ لازمي ۽ بنيادي اصول بنجي چڪو آهي، جيڪڏهن انهن حالتن ۾ اسان کي پنھنجي مادري ٻوليءَ کي نه فقط محفوظ رکڻو آهي بلڪه اُن کي علمي ۽ ادبي حيثيت ۾ اڳتي وڌائڻو آهي ته پوءِ اسان کي پنھنجي تعليمي سرشتي جي مدد سان ئي اهو عظيم مقصد حاصل ڪرڻو پوندو.“(2)
ٻولين تي تحقيق اھو ثابت ڪيو آهي ته اهي ٻار، جن جون مادري ٻوليءَ جون مھارتون: ٻڌڻ، ڳالهائڻ، پڙهڻ ۽ لکڻ، بھتر ۽ پُختيون آھن ته انهن ٻارن کي ٻين ٻولين جي سکڻ ۾ به آساني ٿئي ٿي ۽ اُھي مختلف تصورن کي سمجهڻ ۾ به ڏُکيائي محسوس نٿا ڪن.
انهيءَ ڪري گهڻ ٻوليائي ملڪن ۾ تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ نھايت ضروري آھي ته مادري ٻوليءَ جي سکيا جي بنياد تي ٻين ٻولين جي تعليم کي مرحليوار وڌايو وڃي. مادري ٻولين کي ڇڏڻ سان ثانوي، قومي ۽ عالمي ٻولين جي سکيا به غير مؤثر بڻجي ويندي.
ٻين انساني حقن جيان ’مادري زبان ۾ تعليم جو حق‘ اھم انساني حق آھي، جيڪو هر انسان کي ملڻ گُهرجي. پر اسان جي ملڪ ۾ مادري زبانن جي تعليم کي اوليت ڏيڻ بدران ثانوي ۽ ٻاھر جي زبانن جي تعليم کي وڌيڪ اھميت جوڳو سمجهيو ويو آهي. حيرت جي ڳالهه آھي ته سينيٽ، عربي زبان کي ته پرائمري سطح تي لازمي پڙھائڻ جو بِل (Compulsory Teaching of Arabic Language Bill 2020) اتفاق راءِ سان منظور ڪري ٿي، پر پنھنجي ئي ڌرتيءَ جي اصلوڪين زبانن سنڌي، بلوچي، پنجابي، پشتو، ۽ سرائيڪي زبانن کي سينيٽ جي قانون ۽ انصاف واري اسٽئنڊنگ ڪميٽي اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏي ٿي.
2007ع ۾ وفاقي وزارت تعليم پاران جاويد حسن جي رھنمائيءَ ۾ قومي تعليمي پاليسيءَ لاءِ هڪ ’اڇو چٺو‘ (White Paper) تيار ڪيو ويو، ملڪ جي تعليمي ۽ لسانيات جي ماھرن ۽ ٻين اسٽئڪ ھولڊرن جي راءِ جي روشنيءَ ۾ مادري زبانن جي تعليم ۽ ’ذريعه تعليم‘ بابت ’وائيٽ پيپر‘ ۾ سفارشون ڏنيون ويون، جن کي به مڪمل ريت قبول نه ڪيو ويو.
تازو ’هڪجھڙو قومي نصاب‘ (Single National Curriculum) تيار ڪرڻ وقت پھرئين ڊرافٽ ۾ انگريزي زبان کي شروعاتي درجن کان وٺي ’ذريعه تعليم‘ قرار ڏيندي. مادري زبانن ۾ تعليم ڏيڻ جي حق کان انڪار ڪيو ويو. مختلف شراڪت دارن (Stakeholders) پاران انهيءَ فيصلي تي اعتراض اُٿاريا ويا. انهن راين جي روشنيءَ ۾ اھا چڱي ۽ مثبت ڳالهه ٿي آهي ته:
”نيشنل ڪريڪيولم ڪائونسل، اسلام آباد هڪ مھينو اڳ وزارت تعليم جي صلاحڪار جاويد جبار جي سربراھيءَ ۾ پنھنجي فيصلي کي تبديل ڪيو آھي ۽ نئين نصاب ۾ صوبن کي اھو اختيار ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آھي ته جيڪڏھن صوبا چاھين ته اُھي پنھنجن اسڪولن جي تعليم ۾ مادري زبان کي استعمال ڪري سگهن ٿا.“(3)
حقيقت ۾ جيستائين وفاقي حڪومت مادري زبانن کي پنھنجي ’اسڪيم آف اسٽڊيز‘ ۾ شامل نٿي ڪري، تيستائين اهي عملي طرح لاڳو نه ٿي سگهنديون.
2009ع جي قومي تعليمي پاليسيءَ ۾ پڻ مختلف ٻولين جي مضمون طور تعليم ۽ ’ذريعه تعليم‘ بابت هيٺينءَ ريت لکيو ويو آھي:
- ”نصاب ۾ پھرئين درجي کان وٺي انگريزي مضمون طور ان سان گڏ اردو ۽ هڪ علائقائي زبان پڙھائي وڃي.
- صوبن ۽ ٻين علائقن جي تعليم کاتن کي اھا Choice آھي ته اھي ’ذريعه تعليم‘ جي پنجين درجي تائين چونڊ ڪن.
- رياضيءَ ۽ سائنس جي مضمونن ۾ ’تعليم جو ذريعو‘ چوٿين کانپوءِ انگريزي ھوندي.“(4)
آخر ۾ وري 2009ع جي قومي تعليمي پاليسيءَ جي نُڪتي 9 ۾ واضح لکيو ويو آھي ته:
”اسڪول جي ٻولين بابت صوبن، جي حڪومتن ۽ ٻين شراڪت دارن (Stakeholders) سان گڏجي جامع ٻولين جي پاليسي ٺاھڻ گهرجي.“(5)
اها اسڪول جي ٻولين بابت (School Language Policy) جامع پاليسي اڃا تائين نه جُڙي سگهي آهي.
هن وقت تائين ڪيتريون ئي قومي تعليمي پاليسيون آيون آھن، پر ٻولين کي مضمون طور پڙھڻ ۽ ’ذريعه تعليم‘ جي سلسلي ۾ ڪا به واضح ۽ مڪمل چٽي پاليسي اڃا تائين نه آئي آھي. ان سلسلي ۾ ٻولين جي رٿا بنديءَ (Language Planning) تي وفاق، صوبن، ادارن، اڪئڊمين ۽ اٿارٽين کي ڪم ڪرڻ گهرجي.
ٻولين جي رٿابنديءَ جي اھميت ۽ ضرورت تي زور ڏيندي سنڌي ٻوليءَ جي هاڪاري عالم ۽ لسانيات جي ماھر پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي هڪ مضمون ۾ هن ريت لکيو آھي ته:
”ڪنھن به ٻولي يا ڪن به ٻولين کي تعليمي، تدريسي يا قومي ۽ سرڪاري يعني دفتري ٻولي مقرر ڪرڻ کان اڳ اُن ٻوليءَ جي رٿابندي ڪرڻ ضروري آھي. ڇاڪاڻ ته دنيا جي هر ملڪ ۾ تعليم جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ’ٻولين جي رٿابندي‘ (Language Planning) اھم سمجهي ويندي آھي، اھوئي سبب آھي، جو دنيا جي مختلف مُلڪن ۾ رٿابنديءَ واري عمل سان ئي ’ذريعه تعليم‘ ۽ دفتري يا سرڪاري ٻوليءَ وارو مسئلو هميشه لاءِ حل ڪيو ويو آھي. هر ملڪ ۾ ٻوليءَ جي رٿابندي، سياسي، سماجي، تعليمي ۽ تدريسي ميدانن ۾ تمام گهڻي مدد ڪندي آھي، پاڪستان ۾ به انهيءَ مسئلي کي ڄاڻي واڻي حل نه ڪيو ويو آھي.“(6)
ان رٿابنديءَ لاءِ ’لئنگئيج ڪميشن‘ جوڙي ويندي آهي، پر اُن تي بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ عمل نه ڪيو ويو آهي.
ارڙھين آئيني ترميم کانپوءِ تعليم کي بنيادي حق قرار ڏنو ويو آهي ۽ انھيءَ جا اختيار صوبن حوالي ڪيا ويا آهن. صوبن اندر ٻولين بابت ڪھڙي رٿابندي، قانون سازي ۽ ٻولين جي تعليم بابت عمل ٿيا آهن، انهن کي به ضرور ڏسڻ گُهرجي. جيئن ته اسلامي جمھوريه پاڪستان جي 1973ع واري آئين جي قلم 251 شق (3) هيٺ واضح ڄاڻايل آھي ته:
”قومي ٻوليءَ جي حيثيت کي قائم رکندي، ڪابه صوبائي اسيمبلي، قومي ٻوليءَ سان گڏ صوبائي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال لاءِ قانوني اُپاءَ وٺي سگهي ٿي.“(7)
تنھنڪري آئين جي ان قلم کي آڏو رکندي سنڌ اسيمبلي اھڙو گُهربل قانون سنڌ ائڪٽ 1972ع ’سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، ترقي ۽ استعمال‘ جي صورت ۾ منظور ڪري چُڪي آھي، جنھن جي روشنيءَ ۾ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي مادري زبان طور ۽ غيرمادري زبان طور پڙھائي پئي وڃي.
”ارڙھين ترميم کانپوءِ خيبرپختونخوا اسيمبلي، عوامي نيشنل پارٽيءَ جي حڪومت دوران ٻولين جو بل ‘The Khyber Pakhtunkhwa Promotion of Regional Languages Act 2014’، منظور ڪيو، جنھن ائڪٽ ۾ پشتو، هندڪو، سرائڪي، خووار ۽ ڪوھستاني زبانن جي مضمونن جي تعليم لازمي قرار ڏني وئي.“(8)
’ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيولم اينڊ ٽيچر ايجوڪيشن‘ ايبٽ آباد جي نصاب ۾ مادري زبانن جي تعليم کي شامل ڪيو ويو ۽ خيبر پختونخوا ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڪتاب به ڇپيا. پر هاڻوڪي حڪومت مادري زبانن کان وڌيڪ انگريزي لاڳو ڪرڻ ۾ متحرڪ رھي آهي، ان سلسلي ۾ ائڪٽ جي روشنيءَ ۾ جيڪا (Language Promotion Authority) فعال ٿيڻي هُئي اُھا نه ٿي سگهي آھي.
”ارڙھين ترميم کانپوءِ بلوچستان اسيمبليءَ پڻ جنوري 2014ع ۾ ‘The Baluchistan, Introduction of Mother Languages as Compulsory Additional Subject at Primary Level Act 2014’ منظور ڪري چُڪي آھي. جنھن ۾ پڻ بلوچي، پشتو، براھوي، سنڌي، فارسي، پنجابي ۽ ٻين ٻولين جي مضمونن کي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي.“(9)
بلوچستان ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پاران سنڌيءَ سميت ٻين ٻولين جي مضمونن جا ڪتاب به تيار ڪيا ويا آھن، پر موجوده حڪومت وري ان ائڪٽ کي لاڳو ڪرڻ ۾ نھايت سُست رفتاريءَ کان ڪم وٺي رھي آھي.
ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آھي ته بلوچستان اسيمبليءَ پاران ان ائڪٽ کي مڪمل طور لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ان ۾ نوان واڌارا ڪري مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئٽ تائين شاگردن کي مادري زبان جي مضمونن جي تعليم ڏني وڃي جيڪا هن وقت فقط پرائمري سطح تائين آھي. جيتوڻيڪ انهيءَ سلسلي ۾ 1990ع ۾ به ڪوشش ٿي، پر اھا ڪامياب نه ٿي سگهي. حقيقت ۾ 1970ع کانپوءِ ايندڙ ’نعپ‘ جي حڪومت جيڪڏھن انهيءَ وقت سُجاڳيءَ کان ڪم وٺي ھا ته اڄ بلوچستان ۾ مادري ٻولين جي تعليم وڌيڪ سگهاري هجي ها.
ارڙھين ترميم اچڻ کانپوءِ پنجاب ۾ اڃا به وارث شاھ، بُلي شاھ، شاھ حسين، ۽ ميان محمد بخش جي زبان کي اھا تعليمي حيثيت نه ملي سگهي آهي. تازو پنجاب سرڪار پاران؛
”شروعاتي پري پرائمري ۾ (Early Childhood Education Policy Punjab 2017) مقامي زبانن جي استعمال بابت لکيو ويو آھي.“ (10)
”پر اڃا تائين پنجابي ۽ سرائڪي زبانون تعليمي نصاب جو حصو نه بڻجي سگهيون آھن. پنجاب 2011ع ۾ مڪمل انگريزيءَ ۾ تعليم ڏيڻ واري پاليسيءَ تان برٽش ڪائونسل جي رپورٽ (Hywel Coleman and Tony Chapstick language in Education in Pakistan Recommendation for Policy and Practice Islamabad, British Council 2012) پڌري ٿيڻ کان پوءِ هاڻي موٽ کاڌي آھي ۽ هڪ ڀيرو وري اردوءَ کي ’ذريعه تعليم‘ بڻايو ويو آھي.“(11)
پر پنجابي ۽ سرائڪي زبانن کي مادري زبانن طور اُھا گُهربل اھميت نه ملي سگهي آھي. اِھا هڪ خوش آئنده ڳالهه آھي ته پنجاب يونيورسٽيءَ جي پنجابي شعبي، پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيجز ۽ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽيءَ جي نوجوان شاگردن ۾ پنجابي زبان سان محبت جي لھر اُٿي آھي، جيڪا بيٺل پاڻيءَ ۾ اڇلايل پٿر جيان ضرور تحرڪ پيدا ڪندي. پر اڃا تائين اسڪول سطح تي مادري زبانن جي ترقيءَ لاءِ پنجاب ۾ ڪو ائڪٽ، نصاب ۽ درسي ڪتاب نه اچي سگهيا آهن.
پاڪستان ۾ سنڌ واحد صوبو آهي، جتي سنڌيءَ کي پرائمري کان گريجوئيشن تائين، مادري زبان طور پڙھايو وڃي ٿو ۽ اردوءَ سان گڏ، مادري زبان کي ’ذريعه تعليم‘ به بڻايو ويو آھي.
رِفارم سپورٽ يونٽ، سنڌ 2019ع جي رپورٽ موجب هن وقت به سنڌ ۾ ميڊيم وائيز اسڪول هن ريت آھن:
- ”پرائمري اسڪول: ڪُل اسڪول 44296 انهن مان 39970 سنڌي ميڊيم اسڪول يعني 93% سيڪڙو، جڏھن ته 4176 اسڪول اُردو ميڊيم اسڪول لڳ ڀڳ 7%، 14 اسڪول انگريزي ميڊيم ۽ 136 اسڪول گڏيل Mixed جن ۾ سنڌي ۽ اردو ٻه ئي زبانون ميڊيم آف انسٽرڪشن ’ذريعه تعليم‘ آھن.
- مڊل اسڪول: 1748 سنڌي ميڊيم يعني 92%، 122 اردو ميڊيم 6%، انگريزي 4 ۽ گڏيل 21، اردو ۽ سنڌي ميڊيم آھن.
- ايليمينٽري اسڪول: 777 سنڌي ميڊيم يعني 95%، 34 اردو يعني 4%، باقي هڪ انگريزي ۽ 5 گڏيل سنڌي ۽ اردو ميڊيم آھن.
- سيڪنڊري ثانوي سطح: 1574 سنڌي ميڊيم يعني 89%، 82 اردو ميڊيم يعني 5%، انگريزي چار ۽ 117 يعني 7% گڏيل سنڌي ۽ اردو ميڊيم اسڪول آھن.
- هائر سيڪينڊري اسڪول: 205 سنڌي ميڊيم يعني 64%، اردو ميڊيم 24 يعني 8%، انگريزي ميڊيم 1، گڏيل سنڌي ۽ اردو ميڊيم 88 يعني 28% آھن.“(12)
جڏھن ته ٻولين موجب شاگردن جو تعداد سنڌ جي اسڪولن ۾ پھرئين درجي کان ٻارھين درجي ، يعني هائرسيڪنڊري تائين (ڪاليج الڳ آھن) هن ريت آھن:
”سنڌي ميڊيم ٻارن جو تعداد 41,78,188 92%
اردو ميڊيم ٻارن جو تعداد 1,27,790 3%
گڏيل سنڌي ۽ اردو ميڊيم ٻارن جو تعداد 2,50,016 5%
انگريزي ميڊيم ٻارن جو تعداد 5,146“(13)
سنڌ اندر سنڌي ۽ اردو ٻولين جي تعليم کي سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ معياري بڻائڻ جي سخت ضرورت آھي ASER 2019 جي Assessment رپورٽ ۾ زبانن جي تعليم بابت ڏاڍيون ڇرڪائيندڙ ڳالهيون شامل آھن.
انهيءَ رپورٽ موجب:
- ”45% پنجين ڪلاس جا ٻارڙا ٻئي درجي جي سطح جي آکاڻي سنڌي، اردو ۽ پشتو زبانن ۾ پڙھي ۽ لکي نٿا سگهن.
- 51% پنجين ڪلاس جا ٻارڙا ٻئي درجي جي انگريزيءَ جا جملا پڙھي ۽ لکي نٿا سگهن.
- 50% ڪلاس پنجين جا ٻارڙا ٻن عددن وارا حساب حل نٿا ڪري سگهن. “ (14)
سنڌ اندر خانگي اسڪولن لاءِ به ”سنڌ پرائيوٽ ايجوڪيشنل انسٽيٽيوشنل (ريگيوليشن اينڊ ڪنٽرول) آرڊيننس 2001ع منظور ٿيل آھي. جنھن ۾ پڻ ٻولي ائڪٽ 1972ع جيان سمورن خانگي تعليمي ادارن کي سنڌي ٻوليءَ جي مادري زبان طور ۽ غيرمادري زبان طور لازمي تدريس ڪرڻي آھي.“(15)
سنڌ اسيمبليءَ ڪيترائي ڀيرا ٺھرائن ذريعي پڻ خانگي اسڪولن کي سنڌي ٻولي، لازمي طور پڙھائڻ لاءِ چئي چڪي آھي. پر افسوس اھو آھي ته قانون سازيءَ جي ھوندي به وڏن شھرن ۽ وڏن خانگي اسڪولن مان ڪافي اسڪول سنڌي ٻولي پڙھائڻ کان لنوائي، نٽائي بلڪه انڪار به ڪري رهيا آھن. جنھن لاءِ سنڌ حڪومت، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري، سگا، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين ادارن ۽ تنظيمن جي سجاڳ ساڃاھ وندن ۽ سماج جي ذميوار ڌُرين کي گڏجي اھڙن خانگي ادارن جي نگراني ڪرڻ گهرجي. ادارن ۽ والدين کي سنڌي ٻولي پڙھائڻ لاءِ آماده ڪرڻ گهرجي، ٻيءَ صورت ۾ سنڌي ٻولي نه پڙھائيندڙ انهن ادارن جي رجسٽريشن رد ڪرائي وڃي. سنڌ اندر سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم کي مڪمل طرح لاڳو ڪيو وڃي ۽ بھتر بنايو وڃي.
نتيجو ۽ سفارشون:
- مٿئين پسمنظر ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته: سنڌيءَ سميت پاڪستان جي اهم ٻولين سنڌي، بلوچي، پنجابي، پشتو، سرائيڪي۽ براهوي کي قومي ٻولين جو درجو ڏيئي انھن جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ جوڳا اُپاءَ ورتا وڃن.
- خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لازمي تدريس کي يقيني بڻايو وڃي. خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن کي تعليم کاتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سفارشن سان مشروط ڪيو وڃي.
- ٽه ٻوليائي تعليمي سرشتو لاڳو ڪيو وڃي، جنھن ۾ مادري زبان، قومي ۽ عالمي زبان پڙھائي وڃي.
- سنڌي ٻوليءَ جي ’ذريعه تعليم‘ واري حيثيت پھرئين ڪلاس کان بحال رکي وڃي.
- ٻولين جي رٿابنديءَ لاءِ ’لئنگئيج ڪميشن‘ جوڙي وڃي، جيڪا هڪ جامع لئنگويج پاليسي جوڙي.
(هي مقالو ’مادري ٻولين جي اھميت ۽ حيثيت‘ جي عنوان سان 21 فيبروري 2021ع تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ممتاز مرزا آڊيٽوريم سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ منعقد ڪرايل ڪانفرنس جي موقعي تي پڙھيو ويو)
حوالا:
- unesco.org
- جويو، محمد ابراهيم، ’اسان جي ٻولي اسان جي تعليم‘، سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد، 1985ع، صفحو نمبر: 35.
- Daily ‘Dawn’, Karachi, Dated 21-01-2020.
- National Education Policy 2009, Ministry of Education, Government of Pakistan, Page No.28
- National Education Policy 2009, Ministry of Education, Government of Pakistan, Page No.28
- الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، مضمون: ’ٻولي، معاشرو ۽ ثقافت‘، ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا‘ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 2006ع.
- ’اداري جا مقصد ۽ جوڙجڪ‘، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، صفحو نمبر: 3.
- The Khyber Pakhtunkhwa, Promotion of Regional Languages Act, 2014.
- ‘The Baluchistan, Introduction of Mother Languages as Compulsory Additional Subject at Primary Level Act 2014’
- Early Childhood Education Policy 2017, School Education Department, Government of Pakistan.
- ‘Language in Education in Pakistan’, Hywel Coleman and Tony Capstick, British Council, Islamabad, 2012.
- PGS 2019: Report Reform Support Unit, School Education & Literacy Department, Government of Sindh, Profile: 2019, Page No.27 and 46.
- PGS 2019: Report Reform Support Unit, School Education & Literacy Department, Government of Sindh 2019 Page No.52.
- Annual Status of Education Report-ASER-Pakistan, 2019, Page No. 10.
- The Sindh Private Educational Institutions (Regulation and Control) Ordinance, 2001, Page No. 4.