عِلم ڪُتب خانا سان لاڳاپيل لفظن ۽ اصطلاحن جي معنيٰ ۽ مفهوم
(The meaning and connotation of words/terms related to library science)

محمد يوسف جويو

Abstract:

 

Languages are a source of communication. They are also the foundation of the thoughts, feelings and mental creation of human beings. Language can be strengthened when a very rich vocabulary exists for the sack of knowledge, understanding, and articulation. Through strong vocabulary the language can be transformed into different book references. Such vocabulary can be found in dictionaries.

There are a number of languages which are being spoken all around the world, but among them all, there exists a language which is considered dominant all around the world. The language, which is being referred to, is the English language which is now supposed to be a global language, as it is understood everywhere.

A dictionary is a reference book containing the words of a language usually alphabetically arranged, with information on their forms, pronunciations, functions, meanings, etymologies, spellings and idiomatic uses. Most of this information cannot be found in other reference books. It is important to consider several advantages in the use of dictionaries.

There is a lot of material available in English dictionaries, rather than dictionaries of Sindhi or other local languages. However, such types of strong dictionaries are the demand of native speakers in their own languages.

In this article, the author tried to find out some new words along with usage in different books (Sindhi, Urdu & English) for better understanding in daily life through the help of spoken as well as written form in books regarding Library Science.

 

ٻولي رابطي جي ذريعي هجڻ سان گڏ ماڻهن جي سوچن، خيالن ۽ ذهني تخليقن جي اظھار جو پڻ ذريعو آهي. گڏيل قومن جي اداري  قومن جي مادري ٻولين جي اهميت کي وڌائيندي هر سال 21 فيبروريءَ جو ڏينھن مقرر ڪيو آهي. ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته قومن لاءِ ٻوليون نه رڳو اظھار جو ذريعو آهن، پر انهن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي تھذيب تمدن ۽ تاريخ جي سڃاڻپ پڻ آهن. مادري ٻوليءَ واري سڃاڻپ ئي دنيا ۾ قومن کي الڳ حيثيت سان نروار ڪيو بيٺي آهي.

هڪڙيون ٻوليون فطري هونديون آهن. جيڪِي قومن جي وجود جي اچڻ سان ئِي جُڙنديون آهن ۽ پوءِ وقت، حالتن، ايجادن، تحقيق ۽ علمي ترقيءَ سان ان ٻوليءَ جي لفظن جي ذخيري (Corpus) ۾ واڌارو ٿيندو رهندو آهي. اهڙيءَ طرح سان اها ٻولي پنھنجي وسعت وڌائيندي رهندي آهي. اهڙين فطري ٻولين مان اسان جي سنڌي ٻولي پڻ هڪ آهي.

ڪي ٻوليون وري سماجي ۽ سياسي اُٿل پُٿل سان وجود ۾ اينديون آهن يا وري ڪي حڪمران پنھنجي حڪومت يا حڪمراني قائم دائم رکڻ خاطر ڪي نيون ٻوليون جوڙيندا يا پيدا ڪندا آهن. جيئن هت ننڍي کنڊ ۾ اردو ٻولي اهڙي ئي اُٿل پُٿل ۽ اُن وقت جي سماجي ۽ سياسي حالتن آهر وجود ۾ آئي ۽ مختلف ايشيائي ٻولين کان اکر ۽ آواز وٺندي پنھنجي وسعت کي وڌايو آهي. اردوءَ کي لشڪري زبان به ڪوٺيو ويندو آهي. هن وقت اها ٻولي ننڍي کنڊ ۾ ڳالهائِي ۽ سمجهي وڃي ٿي.

سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ٻولين تي جديد انداز سان علمي ڪم ٿيڻ شروع ٿيو. سڀ کان پھرين انگريز حڪومت جي ڪوشش سان ٻوليءَ جي الفابيٽ جُڙي راس ٿي ۽ مختلف موضوعن تي ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا، وري پرنٽنگ پريس جي اچڻ سان اُهي ڇپجڻ ۽ عام ماڻهن تائين  پھچڻ به شروع ٿي ويا.

ٻوليون تڏهن ئي طاقتور سمجهيون وينديون آهن جڏهن انهن وٽ پنھنجي ٻوليءَ جي لفظن جو هڪ وسيع ذخيرو يعني corpus موجود هجي ٿو. اهو هر لحاظ کان، هر موضوع جي مناسبت کان ۽ هر نئين ايجاد يا نئين علم جي مناسبت سان هُن ۾ لفظ گهڙي ٺاهڻ يا متبادل لفظن جو موجود هجڻ يا وري انهن ٻين ٻولين جي لفظن کي پاڻ ۾ آڍي ساڍي پنھنجو پاڻ ۾ سمائي ڇڏڻ جي سگهه هجي. اهائي ٻوليءَ جي اصل ترقي ۽ واڌ ويجهه آهي. اهڙو ٻوليءَ جي لفظن جو گهڻي ۾ گهڻو ذخيرو اسان کي ان جي مختلف موضوعن تي ٺھيل ۽ جڙيل لغتن يا ڊڪشنرين مان ئي ملي سگهي ٿو. ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو لکي ٿو ته:

”ٻوليءَ ۾ معنائن، مفھومن ۽ سمجهاڻين جو ااظھار پڻ ضرورت موجب هڪ ۽ هڪ کان وڌيڪ لفظن وسيلي ڪجي ٿو. وقت گذرڻ سان، سماجي ڪار وَهنوار موجب هر لفظ جي هڪ الڳ تاريخ جڙي پوندي آهي. لفظ جي اها معنوي تاريخ پڻ تبديلين منجهان اهڙيءَ طرح گذري ٿي، جھڙيءَ طرح سماج تبديلين منجهان گذري ٿو، يعني لفظن جون معنائون پڻ بدلجڻ جي عمل منجهان گذرنديون رهن ٿيون. ان ڪري لفظ پاڻ به هڪ تاريخ آهن ۽ انهن جي معنيٰ ۾ به تاريخ سمايل آهي. ان ڪري، جڏهن به ڪنھن لفظ  جو اڀياس ڪجي ٿو ته نه رڳو  ان لفظ ۽ ان ۾ آيل تبديليءَ جي تاريخ جو اڀياس ٿئي ٿو، پر لفظ سان ڳنڍيل معنائن ۽ معنائن ۾ آيل تبديلين جي تاريخ جو مطالعو به ٿئي ٿو.“(1)

لغت کي انگريزيءَ ۾ ڊڪشنري (Dictionary) چئبو آهي. لغتون مختلف قسمن جو ٿين ٿيون، جيئن عام ڊڪشنري يا موضوع وار ڊڪشنريون جھڙوڪ  علم حياتيات، طبعيات، ڪيميا، تجارت، تعميرات وغيره جون لغتون به ڇپيل آهن، جن مان اسان جا شاگرد توڙي استاد فائدو وٺي رهيا آهن. پر اهي اڪثر ڪري سڀ انگريزيءَ کان انگريزيءَ ۾ آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙيون لغتون ٿوريون بلڪه نه هجڻ جي برابر آهن. وري انهن مضمونن ۾ ته پيشوراڻي ڊگري رکندڙ مضمون جھڙوڪ انجنيئرنگ، فزيڪل هيلٿ ايجوڪيشن يا لائبرري سائنس جون ڊڪشنريون ته سنڌيءَ ۾ بنهه ڪونه آهن. پوءِ هاڻ اهڙي علمي تعمير ۽ سائنسي ڪم لاءِ اسان جي ادارن ۽ لاڳاپيل عالمن کي ضرورسوچڻ گهرجي ۽ ڪم به ڪرڻ گهرجي. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، پاڪستان جي مينيجنگ ڊائريڪٽر محترمه امينه سيد لکي ٿي ته:

”دنيا ۾ انگريزي لغت جي شروعات سورهين صدي عيسويءَ جي پڇاڙڪن سالن کان ٿئي ٿي. انگريزي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۾ سيموئل جانسن ( 1755ع ) جو نالو چوٽيءَ تي آهي.“(2)

سنڌي لغات بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو ته:

”سنڌي لغات لکڻ جو سلسلو هڪ سَئو سال اڳ، 18 صديءَ جي وچ ڌاري شروع ٿيو، خاص طرح انهيءَ لاءِ تن ٻاهرين ماڻهن کي سنڌي ٻولي سکڻ ۾ آساني ٿئي، انهيءَ ڪري اهي لغتون ’انگريزيءَ مان سنڌي‘ يا ’سنڌيءَ مان انگريزيءَ‘ ۾ لکيو ويون. ڪئپٽن اسٽئڪ، پھريائين ’انگريزي - سنڌي لغات‘ 1849ع ۾ شايع ڪئي ۽ ان کان پوءِ سندس سنڌي -انگريزي لغات 1855ع ۾ ڇپي، جنھن ۾ سنڌي لفظ ديوناگري اکرن ۾ لکيائين ۽ انهن جون معنائون انگريزيءَ ۾ ڏنائين. غالباً ان بعد سنڌ جي عالم ۽ محقق آخوند عبدالرحيم عباسي ’جواهراللغات سنڌي اڪيچار‘ مرتب ڪئي.“(3)

لغت هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنھن کي هر طبقي ۽ هر مڪتبھءِ فڪر جو شاگرد، پنھنجي علمي سگهه کي وڌائڻ ۽ پنھنجي شعبي ۾ ماهر ٿيڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي يا پڙهندو آهي. جيئن ته لغتون جوڙڻ هڪ خاص فني ڪم آهي. اهڙيءَ طرح ڪتبخاني جي علم جي به هڪ الڳ لغت تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي مطالعي ۽ مشاهدي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪا به معياري لغت جوڙڻ لاءِ  عام طور هيٺين نُڪتن تي عمل ڪيو ويندو آهي.

 

  • لغت ۾ شامل ٿيندڙ لفظن جي، الف – ب وار يا Alphabetic ترتيب سان داخلا هوندي آهي.
  • لفظن جي سڃاڻپ يا لفظن جي تلفظ ۽ هِجي اعرابن سان هُئڻ گهرجي ۽ ان کانسواءِ انهن لفظن جي گرامر ۾ سڃاڻپ يعني اهو لفظ اسم، صفت يا فعل آهي، وضاحت سان لکيو ويندو آهي.
  • مفھوم ۾ لفظن جو استعمال بنھه مختصر ۽ ننڍن ننڍن جملن يا محاورن ۾ استعمال ڪري، انهن جِي سٺي سمجهاڻي ڏئي ويندي آهي.
  • لفظن جا متبادل لفظ پڻ داخل ڪيا ويندا آهن.
  • لفظن جا ضد (لفظ) به داخل ڪيا ويندا آهن.
  • بيھڪ جون نشانيون يا ڪي خاص اشارتي نشانيون يا پيشوراڻي علم جي لکڻ ۾ استعمال ٿيندڙ نشانين کي پڻ لغت جي شروعات يا آخري صفحن ۾ وضاحت سان بيان ڪيو ويندو آهي.
  • لغت ۾ مخفف ۽ سائنسي علامتون يا لفظن جو واضح استعمال ڪيو وڃي
  • نقشن، گرافن، تصويرن کي يا ڪِن نالن / انگن جي ٽيبل وغيره جو پڻ استعمال واضح ۽ آسان فھم ۾ ڪيو ويندو آهي.
  • لغت کي جوڙڻ وقت مختلف ڊڪشنريون ۽ ٻوليءَ جا ڪتاب حوالي طور لازمي سامهون هئڻ گهرجن ته جيئن ڪنھن به مونجهاري جي صورت ۾ ان کي بھتر طور سلجهائي سگهجي.
  • لغت جنھن به زبان ۾ ترتيب ڏني وڃي ٿي، ان ۾ مقامي ٻوليءَ جي آسان لفظن جو انتخاب ڪيو وڃي ٿو.
  • پيشوراڻي علمن ۾ جيڪي مروج لفظ آهن، انهن لفظن جو مناسب استعمال لازمي ڪيو وڃي ٿو.

’عِلم ڪُتب خانه‘ سان لاڳاپيل اصطلاحن ۽ لفظن جي معنيٰ ۽ مفھوم:

1

AACR=

Anglo-American Cataloging Rules

بين الاقوامي لائبررين جي لاءِ فھرست سازي (Cataloguing) جا قاعدا ۽ اصول

- نوٽ: هي قاعدا آمريڪن لائبرري ايسوسيئشن جا جوڙيل آهن

2

Abstract

اختصار ،  تَت ،  وِچور

ڪنھن ڪتاب جو خلاصو بيان ڪرڻ يا مختصر ڪري ٿورن لفظن ۾ اُن جو متن بيان ڪرڻ

3

Access

پھچ/ حاصلات يا گهڻي معلومات تائين پھچ / رسائي / اَچ  وڃ

-اهليت/ ڳولي لھڻ جي صلاحيت

-تصور جي گَھرائيءَ تائين  پھچ

4

Accession Register

ڪتابن  جي  داخلا جو رجسٽر

-داخلا جو رجسٽر

-پھچ/ ڪتاب کي پنھنجي اصل هنڌ تي پھچڻ جو رڪارڊ

-ڪنھن هنڌ يا منصب تي  پھچڻ جو رڪارڊ

5

Accessory / Accessories

مددي يا سھڪاري شيءِ  يا شيون/ مددگار / شريڪ / معاون

-ڪمپيوٽر سان لاڳاپيل مددي شيون يا پُرزا جھڙوڪ: ڪيمرا، مائيڪ وغيره

-وڌيڪ پر ضروري شيون

6

 Acquisition

حاصلات جو عمل/ حاصلات / حصولِ دستيابي

-لائبرريءَ لاءِ ڪتابن کي حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار

7

Archives

رڪارڊ/ اعلان/دستاويز يا تاريخي رڪارڊ / نَوادرات

8

Bibliography

ڪتابيات / فھرست نگاري

-ڪتابن جي تعارفي فھرست جيڪا تحقيقي مضمون يا تحقيقي ڪتاب جي آخر ۾ حوالي طور  ڏني ويندي آهي.

-ڪنھن به ليکڪ يا ڇپائيندڙ جي ڇپيل ڪتابن يا لکتن جو تفصيل ۽ ڇپجڻ جي تاريخ صفحا ۽ قيمت سميت ٻئي معلومات جي لسٽ

9

Bibliomania

ڪتابن جو شوقين، ڪتاب دوست

-ڪتاب گڏ ڪرڻ جو شوقين

-ڪتاب گڏ ڪرڻ جو خفت يا جُنون

10

Bibliopole

ڪتاب کپائيندڙ،  وڪرو ڪندڙ

-ڪتابَ وڪڻڻ وارو

-ناياب ڪتاب وڪڻڻ وارو

11

Big Book

وڏا ڪتاب / عام ڪتابن کان وڏا ڪتاب

-عام ماپ جي ڪتاب کان ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ وڏو ڪتاب (مثال، تصويري ڪھاڻين جو وڏو ڪتاب)

12

Book

ڪتابُ (جمع: ڪتابَ)

-هي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. ڪتاب ڪنھن خاص يا عام مختلف موضوعن تي لکيل يا ڇپيل، هڪ يا هڪ کان وڌيڪ جلدن ۾ جڙيل/ ٻڌل Bind ٿيل هجي.

-يونيسڪو طرفان 1964ع جي ٿيل ڪانفرنس ۾ ڪتاب لاءِ واضح ڪيو ويو ته ” گهٽ ۾ گهٽ 49 صفحن تي لکيل يا ڇپيل، ڪچي جلد يا پڪي جلد ۾ ٻڌل/ جڙيل هجي تنھن کي ڪتاب چئجي ٿو.“(9)

13

Book case

ڪتابن رکڻ جو خانو يا جارو/ ڪتاب دان/ ڪتابن جي الماري/ ڪٻٽ

-ڪتابن جي پيتي يا پرس نما ٿيلهو

14

Book Club

سستي اگهه ۾ وڪڻڻ وارو گروهه، سوسائٽي يا تنظيم.  جماعت جنھن جي رڪنيت (Membership) پڻ ڪئي ويندي هجي. ڪتاب دوستي لاءِ جاکوڙيندڙ جيئن پاڪستان ۾ نيشنل بڪ ڪلب وغيره

15

Bookish

ڪتابن جو شوق رکندڙ / ڪتابن جو ديوانو

16

Book fair

ڪتابي ميلو / ميڙو

17

Book keeper

ڪتاب کاتو ٺاهيندڙ / منشي / روزنامچو لکندڙ- رجسٽر رکندڙ

18

Book louse

ڪتابن کي ٽُڪيندڙ جيت/ جُونءَ

- جيتُ  جيڪو اُڏوهيءَ وانگي ڪتاب کي کائي چٽ ڪري

19

Book Mark

ڪپڙي جي سنهي پٽي جيڪا ڪتاب سان گڏ جلد ۾ چُھٽيل/ڳنڍيل هوندي آهي ۽ پڙهندڙ، ان کي  پنھنجي نشانيءَ طور استعمال ڪندو آهي.

-  ڪنھن سخت ڪارڊ جي ڊگهي پٽي

- پني جي ٽڪري يا ڪپڙي جي پٽي/ ڏوري

20

Book review

ڪتاب جو جائزو يا تبصرو

ڪتاب کي پڙهي ان جو مثبت تعارف يا تنقيدي ۽ اصلاحي جائزو وٺڻ يا پيش ڪرڻ

21

Bookbinder

ڪتابن جو جلدساز

-ڪتاب جوڙيندڙ -ڪتابن جي مرمت يا جلد بندي  ڪندڙ

22

Book end

ڪتابن جي قطار / ڪتابن جي صفبندي

ڪتاب اُڀا ۽ سڌا قطار ۾ رکيل

23

Book man

ڪتابي ماڻهو، ادبي ماڻهو، صاحبِ ڪتاب ، صاحبِ علم

24

Book seller 

ڪُتب فروش

-ڪتاب کپائيندڙ

-ڪتابن جي وڪري جوڪاروبار ڪندڙ

25

Bookworm

گهڻو مطالعو ڪندڙ

26

Borrow

عارضي طور ڪتاب کڻي واپس ڪرڻ

26

Calligraphy

ڪتابت: سٺن ۽ سھڻن اکرن سان لکڻ، خوشخطي، خوش نويسي، خطاطي

 سھڻي طريقي سان لکڻ جو ڌنڌو ڪندڙ

27

Catalogue

ڪئٽلاگ: لائبرريءَ ۾ موجود ڪتابن جي ترتيب ڏنل فھرست

-ڪتابن ۽ ڪتابي مواد جي تفصيلي معلومات جو ڪارڊ جيڪو3x5  انچن جو هوندو آهي  (10)

-لائبرريءَ ۾ پيل مواد جي فهرست

28

Circulation Desk

ڪتاب ڏيڻ ۽ واپس وٺڻ جي ميز

29

Claim

مالڪيءَ جي دعوا ڪرڻ، حق جتائڻ، مالڪي ڏيکارڻ

30

Classification

درجي بندي

ڪتابن جِي موضوع وار ترتيب يا ورهاست

31

Commentator

مبصر. تبصرو ڪندڙ

-تبصري نگار يا راءِ ڏيندڙ

32

Document

دستاويز- ڇپيل/ اڻڇپيل مواد

اليڪٽرونڪ يا قلمي نقشه وغيره

33

Edition

ڇاپو / اشاعت

-پھريون ڀيرو يا ٻيو ڀيرو ڇپيل جيترا ڀيرا ڪتاب ڇپبو ان جو نمبر ڏيڻ

34

Emerge

نمودار يا نروار ٿيڻ، ڏيک ڏيڻ، انڪشاف ٿيڻ-

علمي تحقيق ۽ کوج سبب نئين شيءِ يا ڄاڻ جو ظاهر ٿيڻ

35

End note

ڪتاب يا ڪتاب جي ڪنھن حصي جي آخر ۾ ڇپيل نوٽ

تحقيقي مضمون جي ڪنھن حصي جي آخر ۾ وضاحتي نوٽ

36

Enquiry

جاچ / پڇا ڳاڇا  ڪرڻ / دريافت ڪرڻ،  معلومات حاصل ڪرڻ

37

Excerpt

اقتباس

ڪتاب مان ڪو خاص ٽڪرو نقل ڪرڻ

ڪنھن مضمون جو جائزو وٺي پوءِ ان جو خاص ٽڪرو نقل ڪرڻ

38

Fiction

افسانوي ادب ( ناول،  ڪھاڻين جا ڪتاب وغيره)

39

Finding list

چونڊ ڪيل فھرست يا اختصاري  فھرست

ڪتابن جي چونڊ ڪيل فھرست يا خاص ۽ اهم موضوعن جي اختصار ٿيل فھرست

40

Fine

ڏَنڊُ / جرمانو / هرجاڻو

ڪتاب مقرر وقت تي لائبرريءَ ۾ جمع نه ڪرڻ تي معمولي ڏنڊ وٺڻ

41

First Indention

مصنفي لکت: ڪئٽالاگ ۾ پھرئين ليکڪ جي نالي واري داخلا

42

Fly leaf

اَستَرُ / جُلد سان چھٽيل خالي ٻٽو پنو

جلد جي اندران ۽ ڪتاب جي پھرين ورق  ۽ ڪتاب جي آخري ورق جي وچ ۾ ٻٽو خالي پنو جنھن کي بائينڊگ وقت، ان جو هڪ پاسو جلد سان چنبڙايو ويندو آهي

43

Footnote

حاشيو

ڪتاب جي مواد متعلق حاشيي ۾  يا صفحي جي آخر ۾ وضاحت ۽ چٽائيءَ سان لکيل مواد

44

Foreword

مھاڳ / پيش لفظ / ديباچو / مقدمو

45

Gazetteer

گزيٽيئر: سرڪاري اعلان يا انتظامي حڪمنامن جو رسالو جيڪو سرڪار پاران جاري ٿيل هجي

46

Gift Book

تحفو، ڪتاب بطور سوکڙي

47

Hardware

هارڊ ويئر: ڪمپيوٽر جي پرزن يا مختلف حصن کي هارڊ ويئر چئجي ٿو

48

ISBN = International  Standard Book Number

ڪتاب جي عالمي معيار جو نمبر / نئشنل لائبريري مان جاري ٿيندڙ ڪتاب جو عالمي نمبر

49

ISSN = International Standard Serial Number

رسالي / تحقيقي جرنل لاءِ عالمي معيار جو نمبر / شمارو

50

Index

ڏَسڻي

ڪتاب جي آخر ۾ ڏنل خاص اسمن جي فھرست جيڪا ڪتاب جي مواد ۾ آيل نالن، ماڳن ۽ تاريخي واقعن کي صفحن جي نمبرن سان ڏسي يا نشامبر ڪري

- سُجهائي (11)

51

Inter library Reference Service

ڪتبخانن جو پاڻ ۾ اندروني طور پڙهندڙ ۽ خاص طور محققن لاءِ حوالاجاتي تعاون ڪرڻ (اهو مختلف ڪتبخانن جي انتظاميا جي رضامنديءَ سان ممڪن ٿي سگهندو آهي)

52

Interlibrary loan

ڪتبخانن جو پاڻ ۾،  ڪتابي مواد جو ڏيڻ ۽ وٺڻ

ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ڪتبخانن جو پاڻ ۾ ’ڪتاب ۽ ٻيولائبرري مواد‘ جو ڏيڻ ۽ وٺڻ

53

Knowledge of library

ڪتب خاني جي  ڄاڻ يا ڪتابداريءَ جو علم

لائبرريءَ جي متعلق ڄاڻ يا معلومات

54

Librarianship

ڪتابدار / ڪُتبدار

ڪتبخانا سنڀاليندڙ طور پيشو اختيار ڪرڻ

55

Library

لائبرري: ڪتبخانو / اڀياس گهر / ڪتاب گهر

اهڙي جاءِ جتي ڪنھن خاص ترتيب سان رکيل ڪتاب ۽ پڙهڻ جو ٻيو مواد رکيل هجي، ۽ عام و خاص ماڻهن جي لاءِ مختلف موضوعن تي ڪتاب پڙهڻ جي جاءِ  يا ماڳُ

56

Library Advisory Committee

لائبرري مشاورتي ڪميٽي (لائبرري جي ترقي لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي)

57

Manual book

هدايتن جو ڪتاب / ننڍو ڪتاب

هنر سکڻ لاءِ هدايتن جو ڪتاب

58

Manuscript

قلمي نسخو

هٿ سان لکيل ڪتاب – هٿ سان لکيل ناياب ڪتاب

59

MLISc= Master of Library and Information Science

لائبرري سائنس ۾ ماسٽر ڊگريءَ جو نالو

60

Monograph

مونوگراف: ڪنھن موضوع تي لکيل تحقيقي مضمون يا مقالو

- تعليمي ڊگريءَ لاءِ لکيل  موضوعي تحرير                                                                                                                            

61

Newspaper

اخبار: روزانو  يا هفتيوار  نڪرندڙ 

اخبار، خبر جو جمع آهي. ڪنھن وڏي پني تي روزانو مختلف خبرون لکي ڪري يا ڇاپي پڌري ڪئي وڃي.

 جديد دوءر ۾ ڪمپيوٽر تي انٽرنيٽ جي ذريعي پڻ اخبار آن لائن ٿئي ٿي تنھن کي  اِي نيوزپيپر چئبو آهي

62

Non-Book material

غير ڪتابي مواد: جيئن رڪارڊ، ڪيسٽ، سِي ڊِي ۽ ڊِي وِي ڊِي، نقشا، فليش ڪارڊ، مائڪروفش ۽ فلم، آڊيو، وڊيوز وغيره

63

Notation

نشاني، علامت

64

OPAC= On line Public Access Catalogue

آن لائن ڪتابن جي فھرست يا ڪئٽالاگ

65

Over view

مٿاڇرو جائزو، مختصر جائزو

66

P.L.A= Pakistan Library Association 

پاڪستان لائبرري ايسوسيئشن

پاڪستان ۾ لائبررين جي تنظيم: هن جي هر صوبي ۾ هڪ شاخ قائم آهي.

67

Pamphlet

پمفليٽ: ڪجهه ڇپيل صفحا يا پنا

68

Paper

ڪاغذ: پنو يا ڪاڳر / مقالو / امتحاني پرچو

69

Paperback

سادو، سستو

- عوام لاءِ سستي طباعت

70

 Papyrus

پئپيرس: پني جو هڪ قسم

_پئپيريس مصر جي درياهن دجله ۽ فرات ۾ هڪ ٻوٽي جو نالو آهي.

_ پيپريس ٻوٽي جي ڊگهن پنن کي سُڪائي ۽ ڪُٽي سنهو ڪري لکڻ لاءِ استعمال ڪبو هو. ۽ ان کي گول رول جي صورت ۾ ويڙهي رکي ڇڏبو هو. اهڙا پيپريس رول اڄ به برٽش لائبرري، لائبرري آف ڪانگريس ۾ موجود پيا آهن.

_.پئپيريس لفظ مان ئي پيپر لفظ نڪتو آهي. جنھن جي معنيٰ ڪاڳر يا پنوآهي. (12)

71

Paragraph

پيراگراف: ڪنھن مضمون يا ڪتاب  مان چونڊيل ٽڪرو

72

Pictograph

تصويري علامت

73

Rare Book

_ ناياب ڪتاب: جنھن ڪتاب جا ڇاپا اڻلڀ هجن يا پراڻا ڪتاب جيڪي بلڪل ختم ٿي چڪا هجن

_  مخطوطا جنھن جو هڪ ئي نسخو هجي ۽ ٻيا نسخا اڻلڀ هجن

74

Reader

ڪتاب پڙهندڙ يا پڙهي ٻڌائيندڙ

_ عدالت ۾ قانون جا ڪتاب يا ٻيو مواد پڙهي حوالا ڪڍي جج صاحب کي ٻڌائيندڙ

_ مائڪرو فلم جي ڪنھن به مضمون يا لکت کي وڏو ڪري پڙهڻ جي لائق بنائيندڙ مشن

75

Reading habits

پڙهڻ جي عادت

76

Reading room

پڙهڻ وارو ڪمرو

77

 Review

نظرثاني، جائزو

78

Rough paper

عارضي طور لکڻ لاءِ استعمال جو پنو

79

School

اسڪول: مڪتب / درسگاهه

80

Script

مسودو يا لکت

- هٿ جو لکيل يا ٽائپ ٿيل پنن جو دستو

- هٿ سان لکيل پراڻو مواد

81

Seminar library

تعليمي اداري ۾  موضوعي  ڪتبخانو

- يونيورسٽيءَ جي ڪنھن ڊپارٽمينٽ ۾   يا ڪنھن تعليم جي اداري ۾ ڪنھن هڪ مضمون متعلق گڏ ڪيل ڪتاب جيڪي هڪ وڏي ڪمري ۾ لائبرريءَ جي اصولن مطابق مرتب ٿيل هجن

82

Stone tablet

ڪَتبو

- قبر يا ڪنھن خاص جاءِ تي لکيل مواد - مٽي يا پٿر تي لکيل عبارت

83

Tablet

ڦرهِي / سليٽ / مٽيءَ جي تختي / پَٽِي ڪاٺ جي

مٽيءَ جي پڪل تختي جنھن تي ڪجهه لکيل يا لکجي هجي

84

Terminology

اصطلاح : اصطلاحن جو اڀياس

- ڪنھن خاص علم، ڪم يا شعبي جي ڪاروهنوار ۾ استعمال ٿيندڙ خاص لفظ

- مختلف شعبن يا ڌنڌن لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ جا خاص لفظ

85

Thesis

مقالو: تسلسل سان لکيل هڪ خاص عنوان تي طويل تحقيقي مضمون

- اعليٰ تعليمي ڊگريءَ لاءِ لکيل مقالو

86

Writ

 حڪم نامو - تحريري هدايت

ڪورٽ جو حڪم نامو

87

Writable

لکڻ لائق  ، تحرير ڪرڻ جوڳو

_ لکڻ جي لاءِ مناسب

88

Write

تحرير يا اکرن جھڙا  چِٽَ ٺاهيندڙ

89

Write off

ڪڍي ڇڏڻ

90

Write out

مڪمل لکڻ / تفصيل سان لکي ڇڏڻ

91

Writer

ليکڪ ، مصنف

ڪتاب يا مقالا لکڻ وارو

92

Write up

ليک، تحرير ڪيل، لکت کي ڇپرائي پڌرو ڪرڻ

93

Writing

تحرير، لکڻي

94

Written

لکيل، لکت ۾ آيل -  لکي ڇڏڻ

 

’عِلم ڪُتب‘ خانا سان لاڳاپيل لفظن ۽ اصطلاحن جون ڏنل معنائون ۽ مفھوم، آڪسفورڊ ڊڪشنري؛ ڊڪشنري آف لائبرري سائنس؛ ڊڪشنري آف سائنس اينڊ ٽيڪنيڪل ٽرمس؛ جامع سنڌي لغات جلد 1 کان 5 ۽ ڪشاف اصطلاحات ڪتب خانه  ۽ ٻين اهم لاڳاپيل ڪتابن/لغتن کي سامهون رکي مدد ورتي ويئي آهي. هيٺ حوالاجاتي فھرست ۾ ترتيب سان تفصيل ڏنل آهي.

نتيجو:

 موجوده جديد دور ۾ فقط سائنسي انداز سان تعليم ۽ ڄاڻ جا ذريعا پيدا ڪري، ڪنھن به ملڪ، قوم کي تعليمي توڙي معاشي طور ترقي ڏياري سگهجي ٿي. اها اٽل حقيقت آهي ته انسان پنھنجي مادري ٻوليءَ ۾ ئي وڌيڪ آسانيءَ سان سوچي، سمجهي ۽ اظھار ڪري سگهندو آهي. جنھن لاءِ اُن وٽ پنھنجي ٻوليءَ جي لفظن، اصطلاحن ۽ محاورن جو چڱو خاصو ذخيرو لازمي هجڻ گهرجي، ۽ اهو لفظن جو ڀنڊار ئي مختلف علمن جون لغتون جوڙڻ جو ذريعو ٿي سگهي ٿو، خاص طور مختلف علمن جي ماهرن لاءِ ته انتھائي ضروري آهي ته  اُهي پنھنجي مھارت واري موضوع جي چڱيءَ طرح پروڙ  ڪري، نئين نسل جي رهنمائي لاءِ  نوان ڪتاب ۽ لغتون تيار ڪن. سنڌيءَ ۾ٻين موضوعاتي لغتن سان گڏ ’علم ڪتب خانه‘ جي موضوع تي لغت پڻ تيار ٿيڻ گهرجي.

حوالا:

  1. ٻرڙو، رياضت: لغت، ڪوش، لغت نامه، فرهنگ ۽ قاموس اصطلاحن جو تقابلي جائزو، مقالو: سنڌي ٻولي؛ تحقيقي جرنل. حيدرآباد، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي. جون 2019ع، ص 23-22.
  2. Sayed, Amina, ‘Oxford English Sindhi Dictionary’, Karachi, 2010. p vii
  3. بلوچ، نبي بخش، ’سنڌي لغات‘، جلد 1، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1960ع. مھاڳ، ص الف
  4. Chopra, RN, ‘Dictionary of Library Science’, Anmol Publication, New Delhi, 1992.
  5. Sayed, Amina, ‘Oxford English Sindhi Dictionary’, Karachi, 1995.
  6. Kazi, M. A. Dr, ‘Dictionary of Scientific and Technical Terms’, English to Sindhi.
  7. بلوچ، نبي بخش، ’سنڌي لغات‘، جلد 1 کان 5، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1998ع.
  8. محمودالحسن، زمرد محمود، ’ڪشاف اصطلاحاتِ ڪتبخانه‘ (اردو)، مقتدره قومي زبان، اسلام آباد، 1985ع.
  9. Dad, Haji, ‘A Guide to Library & Information Science’, Poorab Academy Publisher, Lahore, 2006. p 08
  10. Kumar, Krishan, ‘An Introduction to AACR2’, Vikas Publishing House Pvt Ltd, New Delhi. 1986. 09
  11. همايوني، نياز حسين، حڪيم، ’سنڌ جي طبي تاريخ‘، ص 476، ڀاڳو 1، سنڌ سائنس سوسائٽي، ڄامشورو، 1976ع.
  12. ڀٽي، دوست محمد، ’پئپيرس کان پيپربيڪ تائين‘، ص 17-20، گلشن پبليڪيشن، حيدرآباد، 1992ع.
  13. بلوچ، نبي بخش، ’سنڌي لغات‘، جلد 1، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1998ع.
340 ڀيرا پڙهيو ويو