اردو-سنڌي لغتن جو تنقيدي ۽ تجزياتي جائزو
(A critical and analytical review of Urdu-Sindhi dictionaries)

ڊاڪٽر رياضت ٻُرڙو

Abstract:

 

Lexicography is a professional activity as well as an academic field concerned with dictionaries and various kinds of reference work. The importance of a dictionary as a reference book for pedagogical purpose is universally accepted.

The practice of writing lexicon in Sindhi language started in due course during the British rule in Sindh. Before it, bilingual dictionaries of Persian-Sindhi and Arabic-Sindhi words and trilingual dictionaries showing the substitutes of “Persian-Arabic-Sindhi” words were in currency for reference.  After coming into being of Pakistan Sindhi language came into direct interaction with Urdu language because Karachi, the biggest and main city of Sindh, was made capital of Pakistan and Urdu was declared as a national language of the country. Majority of Urdu-speaking population besides Karachi settled down in other big cities of Sindh as well which included Hyderabad, Sukkur and Mirpur Khas, this resulted into frequent contact of Sindhi people with Urdu language. On the other hand many words of Arabic, Persian, Sanskrit, Hindi and Turkish languages were part of Urdu language of which many were already being spoken and written in Sindhi language as well, hence, the lexical similarities existed in both languages to the considerable extent. In this given perspective, the bilingual dictionaries of Urdu and Sindhi were prepared so that the speakers of both the languages should be brought closer to each other. In this context the first ever step was taken by Ibn-e-Illyas who compiled a dictionary entitled “Naeen Urdu-Sindhi Lughaat” (The New Urdu-Sindhi Dictionary) which was published in 1950 and made public for reference. Afterwards, Dr. Nabi Bux Khan Baloch, Dr. Ghulam Mustafa Khan, Dr. Abul Laith Siddiqui, Jamal Rind, Abdul Sattar Baloch, Dr. Badar Dhamraho, Muhammad Usman Abbasi, Rahim Bux Lund and Ali Sher Qureshi contributed in this field and thus, brought these two languages even more closely to each other.

In this paper, I have presented critical review of Urdu-Sindhi dictionaries. In this study, the microstructure of dictionaries with particular emphasis on presentation of meaning, pronunciation and grammatical information have been studied. Research paradigm for this study is qualitative and content analysis is used as the research tool. It is found that these dictionaries qualify as a good work and carry many merits in one aspect or in another. This sort of research work has not been done previously in Sindhi language, this shall not only help improvise already published dictionaries but also inspire to find out and adopt new ways and methods for preparing qualitative bilingual dictionaries.

Key words: Lexicography, Dictionaries, Urdu and Sindhi Bilingual lexical work.

 

سنڌي ۽ اردو ٻولين جي هڪٻئي سان تعلق ۽ اردو ٻوليءَ جي ننڍي کنڊ ’هند-سنڌ‘ ۾ پيدائش بابت الڳ الڳ رايا تحقيق ۽ تجزيي هيٺ آندا ويا آهن، جھڙوڪ ڊاڪٽر جميل جالبي لکي ٿو:

“يه زبان [اردو] اپني ابتدائي شکل ميں سندھ و ملتان کے علاقے ميں عربوں کے زير اثر بنني شروع هوئي۔ محمود غزنوي کے بعد جب آلِ غزنه نے سندھ و پنجاب اور ميرٹھ تک کے علاقے پر اپني حکومت قائم کر کے لاهور کو اپنا دارالحکومت بنايا تو يه ’نئي زبان‘ 1026ء سے 1182ء تک اپني خد و خال اس علاقے ميں بناتي سنوارتي رهي۔”(1)

يا سيد سليمان ندوي لکي ٿو:

”هر صوبه کي مقامي بوليوں ميں مسلمانوں کي زبان کے الفاظ کا ميل هو کر ايک نئي بولي پيدا هونے لگي، مسلمانوں اور هندوؤں کا يه ميل جول جيسا که پهلے کها گيا، سب سے پهلے ملتان سے لے کر ٹھٹھه تک سندھ ميں اور پھر يهاں سے گجرات اور کاٹھيا وار تک هوا هوگا، اس ميل جول سے جو زبان بني اس کا پهلا نمونه هم کو 762ھ ميں فيروز شاه تغلق کے عهد ميں سندھ ميں ملتا هے۔“(2)

اهڙيءَ طرح پروفيسر رحمت فرخ آبادي لکي ٿو:

”1843ء ميں جب سندھ انگريزي مقبوضات ميں شامل کر ليا گيا تو انتظامي اور کاروباري ضروريات اور تلاش معاش کي خاطر يو پي اور پنجاب کے اردوداں حضرات سندھ آئے اور ايک بهت هي قليل عرصے ميں اردو نے مقامي زبان سندھي کے ساتھ هي ساتھ اپنے دائره اثر کو وسعت دينا شروع کي۔ دفتري ضروريات ميں فارسي کي جگه سندھي نے لے لي تھي اور يه ايک بڑا هي مثبت اور خوش آئند اقدام تھا ليکن کراچي کي عام زبان هونے کا شرف اردو کے حصے ميں  آيا۔“(3)

ان ريت، هڪ تضاد کي مختلف راين ۾ مطالعي هيٺ آڻي سگهجي ٿو، جن جي ڇنڊڇاڻ جي وڏي گهرج آهي.

سنڌ تي 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي کان اڳ، سنڌ ۾ سنڌي، فارسي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ شعر لکجڻ جو سلسلو نظر اچي ٿو، جنھن بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تحقيقي ڪتاب ’سندھ ميں اردو شاعري‘ (عهدِ شاهجهان تا قيامِ پاکستان) اهم آهي، جنھن ۾ 71 شاعرن جو ڪلام سھيڙيو ويو آهي، جن ۾ مُلا عبدالحڪيم عطا ٺٽويءَ (1040هه-1140هه) جو نالو پھرئين شاعر طور ڏنل آهي، جنھن جي ٿوري اردو شاعري ملي ٿي.(4) ان منجهان پڻ سنڌي ۽ اردو ٻولين جي ڳانڍاپي سان گڏ، شاعرن جي اردو ٻوليءَ ڏانھن رويي ۽ سندن لھجي جو مطالعو ڪري سگهجي ٿو.

اردو ٻوليءَ ۾ جيئن ته عربي، فارسي، سنسڪرت، هندي ۽ ترڪي ٻولين جي لفظن جو ججهو ذخيرو موجود هو، جن ٻولين جا ڪيترائي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ ڳالهايا ۽ لکيا پڙهيا ويندا هئا، ان ڪري سنڌي ۽ اردو ٻولين جي ويجهڙائي ٿيڻ ۾ ڪو وڏو وقت نه لڳو. سن 1947ع ۾، پاڪستان جي قيام بعد، هندستان مان پاڪستان، خاص ڪري سنڌ ڏي لڏي آيل مھاجرن جي اڪثريت اردو ٻولي ڳالهائيندڙ هئي، جيڪا پاڪستان جي قومي زبان بڻائي وئي، ته ان عمل سان سنڌي ٻوليءَ تي اردوءَ جا اثر سڌيءَ ريت ۽ گهڻا پوڻ شروع ٿيا، پر سنڌي ٻوليءَ به پنھنجين سگهارين لساني ۽ لغتي خوبين جي ڪري ۽ پختن علمي، مذهبي، ادبي ۽ تھذيبي بنبيادن هئڻ جي ڪري اردوءَ ٻوليءَ تي پنھنجا اثر ڇڏڻ شروع ڪيا. سن 1955ع ۾ اولهه پاڪستان ۾ ون يونٽ جي قيام ۽ سنڌي ٻوليءَ خلاف سازشن سان، سنڌي ۽ اردو ٻولين جي وچ ۾ ويجهڙائي ٿيڻ بدران دُوري وڌڻ لڳي، جنھن جو خاتمو سن 1970ع ۾ ٿيو ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت بحال ٿي. پاڪستان ۾ اردو ٻوليءَ جي آمد سان، جتي ٻنهي ٻولين ۾ هڪ ٻئي جو ادب ترجمو ٿيڻ لڳو، اتي سنڌي ۽ اردو ٻولين جون ٻه-ٻوليائي لغتون به مرتب ٿيڻ لڳيون. ان حوالي سان، سڀ کان پھريون قدم جناب ابن الياس کنيو، جنھن جي مرتب ڪيل ’نئين اردو-سنڌي لغات‘ سن 1950ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي. ان کان پوءِ وفاقي سرڪار پاران سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڏنل رٿا تحت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان جون گڏيل طور جوڙيل لغتون ’سنڌي-اردو لغت‘ سن 1959ع ۾ ۽ ’اردو-سنڌي لغت‘ سن 1960ع ۾ ڇپجي پڌريون ٿيون. انهن لغتن جي ڇپجڻ بعد ڊاڪٽر ابوالليث صديقيءَ جي لکيل ۽ جمال رند جي ترجمو ڪيل هڪ لغت ’بنيادي اردو‘ جي نالي سان سن 1968ع ۾ ڇپي. ان کان پوءِ ڪيترن ئي ورهين تائين ڪا اهم اردو-سنڌي يا سنڌي-اردو لغت نه ڇپي. نيٺ، سن 2003ع ۾، عبدالستار بلوچ جي تاليف ڪيل لغت ’اردو-سنڌي لغت/اردو سندھي لغت‘ ڇپجي پڌري ٿي، جنھن کان پوءِ ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي جوڙيل ’علمي سنڌي-اردو لغت‘ سن 2011ع ۾ ۽ محمد عثمان عباسيءَ جي مرتب ڪيل لغت ’سندھيکا سندھي اردو لغت‘ سن 2016ع ۾ ڇپيون، جڏهن ته رحيم بخش لُنڊ جي جوڙيل لغت ’جديد اردو  سندھي لغت‘ پڻ ڪرائون ۽ پاڪيٽ سائزن ۾ ڇپيل آهي، جنھن تي ڇپائيءَ جو سن ڏنو نه ويو آهي.

هيٺ اردوءَ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل لغتن جو هڪ مطالعو پيش ڪجي ٿو. ان مطالعي ۾ جيئن ته بنيادي حوالا مطالعي هيٺ آيل لغتن مان ورتا ويا آهن ان ڪري ترت حوالي طور، وري وري حوالا نمبر ۽ تفصيل ڏيڻ بدران، مختصر طور ننڍين ڏنگين () ۾ ص (= صفحي جو مخفف) ۽ صفحو نمبر لکيو ويو آهي.

  1. نئين اردو-سنڌي لغات (مرتب: ابن الياس):

هن لغت کي اردو کان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل پھرين ٻه-ٻوليائي لغت جي حيثيت حاصل آهي، جنھن جو مؤلف ابن الياس (سومرو) آهي. ان ’نئين اردو-سنڌي لغات‘ جو پھريون ڇاپو 1950ع ۾، ٻن قسمن جي جُلدبنديءَ سان، ڊيمي سائز ۾، 1000 جي تعداد ۾، اٺن مھڙين ۽ ٻن ڪالمن ۾ ورڇيل 534 لغت جي صفحن تي مشتمل، آفتاب پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپرائي، آزاد بڪ ڊپو حيدرآباد پاران احمد نبي بخش شيخ پڌرو ڪيو.

ان لغت جو ’ديباچو‘ نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو، جيتوڻيڪ صرف ٻن صفحن تي مشتمل لکيل آهي، پر منجهس ڪيئي ڪم جا نُڪتا بيان ڪيل آهن، جن ۾ لغت جي فن بابت به رايا ڏنل آهن. مثال طور هُو لکي ٿو:

”(لغات لکندڙ) لاءِ صرف ايترو ڪافي نه آهي ته هو لفظن جي ماهيت معلوم ڪري سگهي بلڪ ضروري آهي ته هو انهن لفظن جي ماهيت ۽ معنى کي انهيءَ ساڳي يا ٻيءَ ٻوليءَ ۾ به ورجائي سگهي. انهيءَ لاءِ سندس واسطي هر هڪ لفظ جي هم معنى، هم نشين ۽ هم صحبت لفظن جي ڄاڻ به لازمي آهي.“(ص 3)

هُو اڳتي لکي ٿو:

”وري جنھن لغات جو واسطو ٻن ٻولين سان انهيءَ جي لکڻ ۾ ته اڃا به زياده مشڪلاتون آهن ڇو ته اتي هڪ کان ٻن ٻولين جي لفظن جي پوري پوري ڄاڻڻ جي ضرورت آهي.“ (ص 3)

اها اهم ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر بلوچ جي صلاح سان ان لغت تي نظرثاني نامور اديبَ محمد بخش ’واصف‘ ڪئي. ڊاڪٽر بلوچُ، ابن الياس جي ’اردو-سنڌي لغات‘ کي پھرين ۽ نئين ڪوشش سڏيندي، لکي ٿو:

”اسان جي خيال ۾ سنڌ جي ادبي دنيا ۾ هي ’اردو-سنڌي لغات‘ هڪ پھرين ۽ نئين ڪوشش آهي جنھن لاءِ مؤلف توڙي پبلشر ٻئي مبارڪباد جا مستحق آهن.“ (ص 4)

’ديباچي‘ کان پوءِ ابن الياس جِي ٻن صفحن تي مشتمل ’تمھيد‘ ڏنل آهي، جنھن ۾ هُو اردو ٻوليءَ بابت لکي ٿو:

”هن وقت اردو زبان پنھنجي غير محدود صلاحيت سبب پاڪستان ۾ قومي ۽ سرڪاري زبان هئڻ جي حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي، جنھنڪري پاڪستان جي هر هڪ صوبي ۾، اتي جي ڏيھي ٻولي سان گڏ لازمي ٺھرائي ويئي آهي، صوبه سنڌ ۾ به اردو کي اهڙو ئي درجو مليل آهي جھڙو ٻين صوبن ۾ ميسر اٿس.“ (ص 5)

ان کان پوءِ هُو لغت جي گُهرجن، طريقيڪار ۽ ضرورت جي لحاظ کان لکي ٿو:

”پر ڪنھن به ٻوليءَ کي استعمال ڪرڻ کان اڳ زبان جي صحيح تلفظ، قاعدن ۽ لغت کان واقف ٿيڻ از حد ضروري ڳالهه آهي، جنھن کانسواءِ اسين نه رڳو ان ٻولي جي خوبين جي شناس حاصل نه ڪري سگهنداسين بلڪ ٻولي ڳالهائيندڙن جي خيالات ۽ جذبات جي پروڙ به حاصل نه ڪري سگهنداسين. هي ڊڪشنري اها ضرورت به ڀليءَ ڀت پوري ڪري سگهندي، خصوصاً ڪاليجن ۽ اسڪولن جي شاگردن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ ته تمام ڪارائتي ثابت ٿيندي.“ (ص 5-6)

هن لغت ۾ هيٺيون ڪجهه ڳالهيون نظر اچن ٿيون:

  1. هِن لغت تي نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل آهي، جيتوڻيڪ اهو اردو ٻوليءَ ۾ هئڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته لغت اردوءَ کان سنڌيءَ ۾ آهي.
  2. ’ديباچو‘ ۽ ’تمھيد‘ اردو ۾ لکجي ها يا سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ ۾ به هجي ها.
  3. هڪ صفحي تي، فھرست ۾، اردوءَ جي 34 حرفن جِي صفحي نمبر سان نشاندهي ڪيل آهي، جنھن مان پڌرو آهي، ته ’بھ، پھ، تھ، ٹھ، جھ، چھ، دھ، ڈھ، کھ، گھ‘ جون داخلائون الڳ ڏيڻ بدران، ترتيبوار ’ب، پ، ت، ٹ، ج، چ، د، ڈ، ک، گ‘ ۾ ڏنيون ويون آهن، ڇاڪاڻ ته تنھن وقت اردو لغتن جي لحاظ کان اهو ئي طريقو مروج هيو.
  4. فھرست کان پوءِ ورندڙ صفحي تي لغت ۾ ڪتب آندل نشانين (مخففن) کي ڄاڻايل آهي، جن ۾ ’ا‘ اردو، ’ع‘ عربي، ’ف‘ فارسي، ’انگ‘ انگريزي، ’ت‘ ترڪيءَ ۽ ’هه‘ هندي ٻولين جي نمائندگي ڪن ٿيون، جڏهن ته ’مذ‘ مذڪر، ’مث‘ مؤنث ۽ ’ص‘ صفت لاءِ نشانيون مقرر ڪيل آهن. انهن نشانين کانسواءِ، لغت اندر، ’جمع‘ لفظن، ’اصطلاحن‘ ۽ ’چوڻين‘ جي ڪٿي نشاندهي ڪيل آهي، ته ڪٿي ڪيل ناهي، جھڙوڪ: ’آنکھوں ميں گھر کرنا‘ (ص ١٠) وغيره ۾ اصطلاح ڄاڻايل ناهي.
  5. ’جمع‘ لفظن جي ٻن طريقن سان ڄاڻ ڏنل آهي يعني ڪٿي ڏنگيءَ ۾ ته ڪٿي معنى ۾. اهو هڪڙو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي ها، جھڙوڪ: ’آداب - (ع - مذ) جمع ادب جو – فضيلت‘ (ص ٤)، ’آرا [ع - مث جمع] راءِ - مشوره - صلاح – خيال‘ (ص ٤).
  6. اعرابن جو بنھه گهٽ استعمال ڪيو ويو آهي، پر جتي تمام ضروري هو اتي به نه ڪيو ويو آهي، جھڙوڪ: ’لوٹنا‘ جون ٽي داخلائون گڏوگڏ آهن، جن مان ٻه ’لوٹنا‘ ۽ ٽِين ’لُوٹنا‘ آهي، پر ٽينءَ داخلا جو اُچاري فرق اعراب وسيلي ڏنل ناهي (ص ٤٠١).
  7. زير اضافت جو مرڪب اردو لفظن ۾ واهپو لازمي هوندو آهي، جيڪو هن لغت ۾ نظر نه ٿو اچي.
  8. پروف جي چُڪن تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي ها، جھڙوڪ: ’آبا واجداد‘ [آبا و اجداد]، ’آب ذلال‘ [آبِ زُلال]، ’مان‘ [مانُ]، ’پِيء‘ [پِيءُ]، ’ڇنڪار‘ [ڇڻڪار] (ص ١)، ’آراڪش‘ [آراکش] (ص ٤)، ’ڇهان بين‘ [چھان بين] (ص ١٥٦)، ’مشڪل آسان هونا‘ [مشکل آسان هونا] (ص ٤٤١)، ’ملوڪ‘ [ملوک] (ص ٤٥٨) يعني سنڌي ’ڪ‘ جو استعمال اردو لفظن ۾ ’ک‘ بدران ڪيو ويو آهي. ڪي اکر مختلف صفحن تي اونڌا پڻ لڳي ويا آهن. اهڙيءَ طرح ’آرزو‘ ۽ ٻيون لاڳاپيل داخلائون ’آرزومند‘ (معنائون: خواهشمند، شوقين ۽ گهرجائو) (ص ٥) ڏنل آهن، ته ٻيھر ’آرزومند‘ (معنائون: لوڀي، لالچي، حريص) (ص ٦) پڻ ڏنل آهي جنھن جي گهرج نه هئي، جڏهن ته اهي معنائون پڻ صحيح ناهن.
  9. ڪي مرڪب لفظ گڏي لکيل آهن جن کي الڳ لکڻ گهرجي، ته ڪي وري الڳ لکيل آهن جن کي گڏي لکڻ گهرجي، جھڙوڪ: ’آب پاشي‘ [آبپاشي]، ’آبتاب‘ [آب تاب، درحقيقت ’آب و تاب‘] (ص ١).
  10. اردو لفظن جو رسم الخط سنڌيءَ وارو ڪتب آندو ويو آهي. البت خاص اردو اکرن کي ’بهه (بھ)، پهه (پھ)، تهه (تھ)، چهه (چھ)، ٹ، ڻهه (ٹھ)، دهه (دھ)، ڈ، ڈهه (ڈھ)، ڑ، ک، کهه (کھ)، گهه (گھ)، هه، ے‘ ڪري لکيو ويو آهي. (ڏنگيءَ ۾ ڏنل اکر اسان لکيا آهن.)
  11. اردوءَ جي ”ں“ (گُهڻي) کي سنڌي اکر ’ن‘ ڪري لکيو ويو آهي، جنھن سان ’ں‘ (گُهڻي) جو تلفظ متاثر ٿيو آهي. ان کانسواءِ اردو ’ي‘ کي پڻ سنڌي ’ي‘ وانگر اردو لفظن ۾ لکيو ويو آهي، جيڪو درست ناهي.
  12. آئيويٽائي ترتيب ۾ ڪي کوٽون رهجي ويون آهن، جھڙوڪ: ’آرا‘ جون ٻه داخلائون آهن پر ٻنهي جي وچ ۾ ’آراڪش‘ [آراکش]، آراستگي، آراسته، آرام، آرام جان، آرام طلب ۽ آرام گاهه (ص ٤) ۽ ’حيا‘ ۽ ’حيات‘ جي وچ ۾ ’حيادار‘ (ص ١٧٠) آيل آهن.

هن لغت ۾ هڪ صفحي تي سراسري طور 30 عدد داخلائون ڏنل آهن. ان لحاظ کان لغت ۾ ساڍن پندرهن هزارن کان ساڍن سورهن هزارن جي وچ ۾ داخلائون ليکي سگهجن ٿيون. ٿلهي ليکي 16 هزار تعداد چئي سگهجي ٿو. هن لغت جي پھرين داخلا ’آب‘ ۽ آخري داخلا ’ييلاق‘ هن ريت ڏنل آهن:

آب - (ف. مذ) پاڻي - مان - چمڪو، رونق. (ص ١)

ييلاق - [ف. مذ] گرم موسم گذارڻ لاءِ طبيعت کي وڻندڙ هنڌ. (ص ٥٣٤)

انهن ٻن داخلائن مان پرکي سگهجي ٿو ته (1) مُکيه لفظ (هيڊ ورڊ) سادي نموني ڏنو ويو آهي، نه ته ان کي سؤکو (bold) ڪرڻ گهرجي ها. (2)  مُکيه لفظ کان پوءِ ڳنڍيندڙ ليڪ ڏني وئي آهي، جنھن جو واهپو معنائن م به ڪيل آهي، ان ڪري ان جو واهپو مکيه لفظ کان پوءِ ٿيڻ نه گهرجي ها، ان جي بدران تشريحي نشاني ’ڪولون‘ (:) ڏجي ها. (3) ٻوليءَ ۽ مذڪر/مؤنث کي ڪٿي ننڍين ڏنگين ۾ ته ڪٿي چورس ڏنگين ۾ رکيو ويو آهي، (4) اردو توڙي سنڌي لفظن ۾ عام طور اعرابن جو استعمال نه ڪيو ويو آهي، (5) ٻن معنائن/متبادل جي وچ ۾ ڪٿي ’-‘ ته ڪٿي ’،‘ ڏني وئي آهي.

هيٺ، ’نئين اردو-سنڌي لغات‘ جي مُھڙين ڪجهه صفحن جي داخلائن جو جائزو وٺجي ٿو:

  1. مرڪب لفظن جو ٻيو لفظ الڳ داخلا طور ڪن لفظن جو ڏنل آهي، ته ڪن جو ڏنل ناهي، جھڙوڪ: ’آبا و اجداد‘ مان ’اجداد‘ (ص ١) يا ’آتش پرست‘ مان ’پرست‘ (ص ٣) جون داخلائون الڳ ڏنل ناهن، پر ’آب حيات‘ ۾ آيل ’حيات‘، ’آب ذلال‘ [در حقيقت ’آبِ زُلال‘] ۾ آيل ’زلال‘ ۽ ’آب زمزم‘ مان ’زمزم‘ لفظن جون الڳ داخلائون رکيل آهن.
  2. ’ آبشار‘ جي معنى ۾ لکيو ويو آهي: ”اها جاءِ جتي پاڻي اوچائيءَ کان هيٺ ڪري.“ (ص ٢) اها معنى صحيح ناهي. آبشار جبلن يا مٿاهينءَ تان هيٺ وهندڙ پاڻيءَ کي چئبو آهي جنھن ۾ آواز پڻ پيدا ٿيندو آهي. ان کي ’جِهرڻو‘ پڻ چئجي. ’نئين جامع سنڌي لغات‘ ۾ آبشار بابت لکيل آهي: ”زور ۽ وڏي آواز سان (جبل تان) هيٺ ڪرندڙ پاڻي - سالارو. جبلن مان سمندڙ پاڻيءَ جي زور سان (آواز ڪري هيٺ ڪرندڙ) وهندڙ نَھر. زمين مان گوها ڪري نڪرندڙ پاڻي. جهرڻو.“(5)
  3. ساڳيءَ طرح ’آپس‘ جي معنائن ۾ ’هڪ ٻئي ۾، پاڻ ۾، مائٽي‘ ڄاڻايل آهن.(ص ٢) جيڪڏهن ’آپس ميں‘ هجي ها ته پوءِ سنڌي معنائن ۾ به ’۾‘ لکجي ها. ’آپس‘ جون معنائون ’ميل ميلاپ، مائٽي، قرابت، رشتيداري، ڀائيچارو‘ وغيره مناسب هيون.
  4. ڪي ضروري لفظ داخل ڪيل ڪونهن، جڏهن ته انهن جي سلسلي جا لفظ شامل ڪيل آهي، جھڙوڪ: ”آتش“ جي سلسلي هيٺ ’آتش افروزي، آتشباز، آتش بيان،  آتش پرست،  آتش خانه،  آتش دان،  آتش زدگي‘ وغيره ته ڄاڻايل آهن (ص ٢-٣)، پر ’آتش افروز،  آتش بازي،  آتش بياني،  آتش پرستي،  آتش زده‘ لکيا نه ويا آهن.
  5. ’ آٹا‘ جي داخلا ڪانهي، جڏهن ته ’آٹے دال کا بهاؤ معلوم هونا‘ (ص ٣) وغيره ڏنل آهن.
  6. ’ آج‘ جي داخلا ڪانهي، جڏهن ته ’آج کل‘ (ص ٣) وغيره ڏنل آهن.
  7. ’ آرا‘ جي داخلا ته آهي، پر ’آرا مشين‘ جي ڪانهي.
  8. ’ آداب مجلس‘ جي معنى ۾ لکيو ويو آهي: ”مجلس ۾ ويھڻ اٿڻ ۽ ڳالهائڻ جي فضيلت“ (ص ٤). اتي ’مجلس‘ جي معنى ڏيڻ ضروري هو.
  9. محاوري ’آدھا تيتر آدھا بٹير‘ جي معنى ۾ لکيو ويو آهي: ”ڌڙ ريڍو سسي ٻاڪري“ (ص ٤). سٺو محاوراتي ترجمو آهي. پر لغت ۾ گهربل هنڌن تي، نه ’آدھا‘ کي درج ڪيو ويو آهي، نه ’تيتر‘ کي ۽ نه ئي ’بٹير‘ کي، جڏهن ته انهن لفظن جون الڳ الڳ معنائون پڻ آهن.
  10. ’آرام طلب‘ جون معنائون ’سست ۽ ڪاهل‘ ته ڏنيون ويون آهن (ص ٤)، پر ’سھولت گهرندڙ، سھنجائي وٺندڙ‘ به لکڻ گهرجن ها.
  11. ’آريه‘ جي معنى ’وچ ايشيا کان هندوستان ۾ آيل قوم‘ ۽ ’آريه درت‘ جي معنى ’هندستان‘ ڏنل آهن (ص ٥). ’نئين جامع سنڌي لغات‘ ۾، ’آريه‘ بابت لکيل آهي: ”سڌريل. پڙهيل. شريف. عزت وارو - مانوارو - مانائتو ­- معزز. بزرگ. وڏو. مقدس. خانداني. سردار. (اسم خاص) هندستان جي هڪ قديم قوم جو نالو. سوامي ديانند جو جاري ڪيل پنٿ.“(6) آنلائين ويب سائيٽ ’اردوآئنسي‘ ۾ ’آريه درت‘ جي معنى لکيل آهي: ”مسکن شرفاء“ ۽ مترادف ڏنل آهي ”هندوستاني“(7) ان کانسواءِ ’هندوستان‘ ۽ ’هندستان‘ ٻن طريقن سان لکيو ويو آهي، جيڪو هڪ ئي طرح سان، جيڪو به مؤلف صحيح سمجهي ها، لکي ها.
  12. ’آڑھت‘ جي معنى ’دلالي‘ ڏنل آهي (ص ٥) جيڪا ناڪافي آهي، ڇاڪاڻ ته ان جون معنائون ’ڏي وٺ، وڪرو ۽ خريد، منڊي ۽ ايجنسي‘ به آهن.
  13. ’آقائے نامدار‘ جي معنى لکيل آهي: ”پنھنجي آفيسر لاءِ چيو ويندو آهي“ (ص ٨)، اها معنى به صحيح آهي، پر اهو پاڻ سڳورن ﷺ جو لقب پڻ آهي.
  14. لغت ۾ ’آکسفورڈ‘ (معنى: انگلنڊ جي مشھور يونيورسٽي)، ’آکسيجن‘ (معنى: هڪ گيس آهي) (ص ٨)، ’آمنه‘ (معنى: حضور ڪريم جن جي والده جو نالو) (ص ٩)، ’اٹک‘ (معنى: سنڌو ندي جو نالو) (ص ١٤)، ۽ ڪُنيَتون جھڙوڪ: ’ابن بطوطه‘ (معنى: دنيا جو مشھور سياح) (ص ١٣)، ’ابن مريم‘ (معنى: حضرت عيسى عليـه) (ص ١٣)، ’ابوالفضل‘ (معنى: مشھور سنڌي عالم - اڪبر جي درٻار جو رتن) (ص ١٣)، ’ابو جهل‘ (معنى: حضرت محمد صلعم جي چاچي جو لقب) (ص ١٣) وغيره پڻ ڏنل آهن. انهن ۾، ’آڪسفورڊ‘ جي معنى ۾ ’۽ شھر جو نالو‘، ’آڪسيجن‘ ۾ ’گئس جو نالو‘، ’اٽڪ‘ ۾ ’سنڌو نديءَ جو نالو‘ لکڻ بدران ’پنجاب جي هڪ شھر جو نالو‘، ’ابن مريم‘ ۾ ’بيبي مريم جو پٽ“ ڏيڻ کان پوءِ ’حضرت عيسى عليه السلام جي ڪنيت‘ ۽ ’ابو جهل‘ ۾ ’عرب قوم جي قريش سردار ۽ اسلام جي دشمن جي ڪنيت، معنى جھالت جو پيءُ. اصل نالو عمرو بن حشام‘ به ڄاڻائڻ گهرجي ها.

بھرحال، هن ’نئين اردو-سنڌي لغات‘ جي بنيادي حيثيت آهي، ڇاڪاڻ ته اها نه صرف پھرين ٻه-ٻوليائي اردو کان سنڌي ٻوليءَ جي لغت آهي پر منجهس لفظن جو وڏو ذخيرو پڻ سمايل آهي. افسوس ته اها لغت ٻيھر نه ڇپي آهي. ضرورت آهي، ته ان کي نظرثانيءَ کان پوءِ ٻيھر ڇپيو وڃي.

  1. اردو-سنڌي لغت (مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان):

هيءَ اردو کان سنڌي ٻوليءَ ۾، ابن الياس جي لغت کان پوءِ ڇپيل، ٻِي ٻه-ٻوليائي لغت آهي. ان ’اردو-سنڌي لغت‘ جا مؤلفَ هاڪارا عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان هئا، جڏهن ته نگراني ڊاڪٽر بلوچ جي هئي. ان لغت جو پھريون ڇاپو سن 1960ع ۾، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران ڇپيو هو. ان لغت جو ٻيو ڇاپو مارچ 1989ع ۾، مُجلد، رايل سائز ۾، 16 مھڙين ۽ ٻن ڪالمن ۾ ورهايل لغت جي 589 صفحن تي مشتمل، سنڌ يونيورسٽي پريس مان ڇپجي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري طرفان پڌرو ٿيو.

هِن ’اردو-سنڌي لغت‘ کان اڳ، ٻنهي عالمن جي جوڙيل ’سنڌي-اردو لغت‘ سن  1959ع ۾ ڇپجي چڪي هئي.

ان لغت جي ٽائيٽل ۽ اندرئين پھرئين صفحي تي لغت جو نالو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل آهي، جيڪو اصولي طور اردو ٻوليءَ ۾ هئڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته هيءَ اردوءَ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ مرتب ڪيل لغت آهي.

هن لغت ۾ ’پبلشر پاران‘ لکيل لفظن ۾، انچارج ڊائريڪٽر سنڌالاجي، عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو: ”[هيءَ لغت] سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي باهمي لاڳاپن، ٻوليءَ کي سمجهڻ ۽ واڌاري لاءِ ضروري سمجهي 1960ع ۾ پھريون ڀيرو سنڌ يونيورسٽي پاران شايع ڪئي ويئي هئي.“ (ص: اڻڄاڻايل) يعني هن لغت وسيلي ٽي ڪارج پورا ٿي سگهندا: (1) سنڌي ۽ اردو ٻوليون ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي هٿي ملي سگهندي ۽ انهن کي سمجهي سگهبو، (2) ٻنهي ٻولين جي لغوي ذخيري سميت ٻولين جو تعلق کي ڄاڻي سگهبو، ۽ (3) ٻولين جي واڌاري ۾ لغت پنھنجو ڪارج ادا ڪندي.

هن لغت ۾ سوا ٽن صفحن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ’مھاڳ‘ ۽ ٽن صفحن تي ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل ’Preface‘ شامل آهي. ٻئي لکيتون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون آهن. ’مھاڳ‘ منجهان معلوم ٿو ٿئي ته وفاقي سرڪار جي تعليمي وزارت سن 1953-54ع ڌاري ’سنڌي-اردو لغت‘، ’اردو-سنڌي لغت‘ ۽ ’شاهه جي رسالي‘ جي اردو ترجمي جي آڇ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪئي، جيڪا علامه قاضي صاحب، وائيس چانسيلر طور قبول ڪئي. ان رٿا جي آخري منظوري سال کن ۾ ٿي، ٻن سالن اندر ٻنهي لغتن جو بنيادي ڪم مڪمل ڪيو ويو، جنھن موجب ’سنڌي-اردو لغت‘ جو مسودو سن 1955-56ع ۾ ۽ ’اردو-سنڌي لغت‘ جو مسودو سن 1956-57ع ۾ تيار ڪيو ويو، جنھن بعد 500 صفحن جي هر هڪ لغت لاءِ رٿيل محدوديت کي ختم ڪري، ”لغتن کي قدري جامع بنائڻ خاطر مکيه لفظن ۽ محاورن کي شامل ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو، انهيءَ لاءِ ته مٿاهين طبقي جي طالب علمن جي گهرجن سان گڏ عام علمي ضرورتن کي پڻ پورو ڪري سگهن.“ (ص: الف)

’مھاڳ‘ ۾، هِن لغت بابت وڌيڪ ڄاڻايل آهي ته منجهس 19660 اردو لفظن ۽ محاورن جون معنائون سنڌيءَ ۾ ڏنل آهن، جڏهن ته ”اهڙا عربي ۽ فارسي لفظ شامل نه ڪيا ويا آهن، جي هوبھو پنھنجي اصلوڪي صورت ۾ اردو توڙي سنڌيءَ ۾ استعمال ٿين ٿا.“ (ص: ب) ان وقت جي لحاظ کان داخلائن جو تعداد سٺو آهي. البت هتي اهڙن عربي ۽ فارسي لفظن جا ڪي مثال لکيا نه ويا آهن جيڪي شامل نه ڪيا ويا. سوچي سگهجي ٿو ته هِن لغت ۾ اهڙن عربي ۽ فارسي لفظن جي معنى ڄاڻي ڪيئن ڄاڻي سگهبي جيڪي پنھنجي اصلوڪي صورت ۾ اردو توڙي سنڌيءَ ۾ استعمال ٿين ٿا. اها هڪ کوٽ سمجهي سگهجي ٿي. ان کانسواءِ هن لغت ۾ ”اهڙا خاص اردو لفظ ۽ محاورا به ڇڏي ڏنا ويا آهن، جن جي عام مطالعي يا گفتگو ۾ ضرورت نه ٿي ٿئي.“ (ص: ب) هڪ وڌيڪ کوٽ بابت هن ريت ’مھاڳ‘ ۾ ڄاڻ ڏني وئي آهي ته ”سرمايي ۽ وقت جي ڪمي سببان لفظن جي اصليت ۽ اشتقاق بابت تحقيق کي توڙ تائين نه پھچايو ويو آهي.“ (ص: ب)

’اردو-سنڌي لغت‘ لاءِ هي مددي لغتون ڪتب آنديون ويون آهن: (1) فرهنگ آصفيه، (2) جامع اللغات، (3) هندوستاني-انگلش ڊڪشنري“ (جان ٽِي. پليٽس)، ۽ (4) انگلش-اردو ڊڪشنري (ڊاڪٽر عبدالحق) (ص: ب).

’مھاڳ‘ ۾ لفظن جي داخلا جي طريقيڪار، معنائن ۽ ٻين ضابطن بابت هيءَ معلومات ڄاڻائي وئي آهي:

  1. اصولي لفظ آڏو گول ٿُلهي ٻُڙي (Ÿ) ۽ اصولي لفظ مان ٺھيل ٻين لفظن ۽ اصطلاحن جي اڳيان ننڍي ٿلهي ليڪ (¬) ڏني وئي آهي.
  2. اچارن کي اعرابن سان نروار ڪيو ويو آهي، اسمن جا جمع به لکيا ويا آهن.
  3. پوءِ تشريحي نشاني (:) ڏني وئي آهي.
  4. لفظ جي سمجهاڻيءَ ۾، لفظ جي نحوي صورت هنن مخففن ۽ لفظن جي صورت ۾ ڄاڻائي وئي آهي: (1) ذ = اسم، مذڪر، (2) ث = اسم، مونث، (3) ضمير، (4) صفت، (5) عدد، (6) تابع فعل = ظرف، (7) متعدي = فعل متعدي، (8) متعدي المتعدي = متعدي بالواسطه، (9) لازم = فعل لازمي، (10) حرف جار = حرف جر، (11) حرف نفي = ظرف انڪاري، ۽ (12) ندا = حرف ندا.
  5. تنھن کانسواءِ، لفظ جون هڪ کان وڌيڪ معنائون ۽ الڳ الڳ نحوي حالت هئڻ جي صورتن ۾ هر معنى کان اڳ نحوي حالت ڏنگين ۾ لکي وئي آهي ۽ اسم مذڪر جي حالت ۾ معنى کان پوءِ ان جو مونث واحد ۽ جمع پڻ ڏنو ويو آهي.
  6. لفظ جي نحوي صورت کان پوءِ چورس ڏنگين ۾ اصل ٻوليءَ مان ان جي اشتقاق ڏانھن اشارو ڪيو ويو آهي، جنھن ۾ ’هه = هندي، ع = عربي، ف = فارسي، انگ = انگريزي‘ جي مخففن سميت ’اردو، پرتگالي ۽ ترڪي‘ جا لفظ ڪتب آندا ويا آهن، البت انگريزيءَ ۾ لکيل Preface (پرِيفيس، مھاڳ) ۾ ’سن = سنسڪرت‘ به ڄاڻائي وئي آهي، پر اتي ’اردو، پرتگالي ۽ ترڪي‘ بابت لکڻ رهجي ويو آهي. جڏهن ته ’سن = سنسڪرت‘ کي سنڌي مھاڳ ۾ ڄاڻائڻ رهجي ويو آهي.
  7. پوءِ معنى لکي وئي آهي، جنھن ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ هم معنى لفظ، ننڍي سنهي ليڪ (-) جي استعمال سان لکيا ويا آهن ۽ جيڪڏهن لفظ جون هڪ کان وڌيڪ معنائون آهن ته هر هڪ معنى کي دم جي نشانيءَ (.) ذريعي ٻيءَ معنى کان الڳ ڪيو ويو آهي. (ص: ب-ج)

مٿين نُڪتن جي جائزي مان معلوم ٿيندو، ته ڊاڪٽر بلوچَ پنھنجي جوڙيل لغتن ۾ (1)، (2) ۽ (3) نُڪتن کي ڪتب آندو آهي. انهن مان خاص طور نُڪتو نمبر (1) ڪجهه لغت نويسن پڻ ڪتب آندو، پر هاڻ اهو طريقو متروڪ ٿي ويو آهي. نُڪتي نمبرن (4) ۽ (6) ۾ مخففن کي سڀني حالتن لاءِ مقرر ڪرڻ جي گهرج هئي، ۽ نُڪتي نمبرن (5) ۽ (7) اختيار ڪيل معنوي طريقا مناسب محسوس ٿين ٿا، جيتوڻيڪ انهن کي الڳ الڳ داخلائن طور به لکي سگهجي پيو.

’مھاڳ‘ جي ماقبل آخري پئراگراف مان معلوم ٿو ٿئي ته هن لغت جي مسودي کي اول اول پير حسام الدين راشديءَ نظر مان ڪڍيو ۽ مفيد مشورا ڏنا، اردو لفظن جي انتخاب ۽ انهن جي صحيح صورتخطيءَ جي ذميواري ڊاڪٽر غلام مصطفى خان نڀائي، پروفَ ممتاز مرزا پڙهيا، ۽ لغت جي ڪم ۾ ڪارڪنن منجهان خاص طور محمد اسماعيل شيخ خدمتون سرانجام ڏنيون. (ص: ج)

سنڌي ۽ انگريزي ’مھاڳن‘ کان پوءِ، ٻن صفحن تي، ’اردو-سنڌي الف-بي‘ صفحي نمبرن سميت لکي وئي آهي جيڪا فھرست جو ڪارج ادا ڪري ٿي. اها ’الف-بي‘ 34 اکرن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ اردو اکر ’ژ‘ نه لکيو ويو آهي ۽ نه ئي ان سان شروع ٿيندڙ لفظ، جھڙوڪ: ’ ژاژ، ژاژخا، ژاله، ژاله باري، ژرف، ژند، ژندگي، ژوليدگي، ژيان‘ وغيره هِن لغت ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ ’ک‘ کي، غلطيءَ سان، سنڌي ’ڪ‘ جي بدران ’ک‘ (کٽ) جي متبادل سان لکيو ويو آهي. هن لغت ۾، ’بھ، پھ، تھ، ٹھ، جھ، چھ، دھ، ڈھ، کھ، گھ‘ جون داخلائون الڳ ڏيڻ جي بدران، رواجي اردو لغتن جي آئيويٽائي ترتيب ۽ داخلائن موجب ترتيبوار ’ب، پ، ت، ٹ، ج، چ، د، ڈ، ک ۽ گ‘ اکرن ۾ ڏنيون ويون آهن، جنھنڪري ’بهه ۽ بھ، پهه ۽ پھ، تهه ۽ تھ، ٹهه ۽ ٹھ، جهه ۽ جھ، چهه ۽ چھ، دهه ۽ دھ، ڈهه ۽ ڈھ، کهه ۽ کھ، ۽ گهه ۽ گھ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويا آهن ۽ لفظن جي ڳولا ۾ ڏکيائي ڪن ٿا.

’اردو-سنڌي لغت‘ ۾ اردو لفظن کي نستعليق بدران نسخ خط ۾ لکيو ويو آهي، جيتوڻيڪ اردو ٻوليءَ لاءِ نستعليق خط وڌيڪ بھتر هو. منجهس ’آ‘ هيٺ پھرين داخلا ۽ ان جون 2 ذيلي داخلائون، ’ا‘ کان پوءِ، هن ريت ڏنل آهن:

Ÿ آ: ذ [هه. آنا á آ] اَچُ! - آءُ! - (فعل) اچِي.

¬ آ بھِڑنا: اچي ملڻ - اچي گڏجڻ. اچي ڳنڍجڻ (هٿين پوڻ).

¬ آ پَڑنا: اچي پوڻ - اچي ڪِرڻ (مصيبت). مٿان پوڻ (ذمه داري، آزار وغيره). ڪُڙڪڻ. نازل ٿِيڻ (مصيبت). (ص ١)

انهن داخلائن مان معلوم ٿئي ٿو ته ’آ‘ مذڪر لفظ آهي، اصل هنديءَ جو آهي، ’آنا‘ مان ڦري ’آ‘ ٿيو آهي (يعني مخففي صورت ورتي اٿائين)، فعل طور ’اچِي‘ معنى اٿس (جيڪا هتي واضح نه ٿِي محسوس ٿئي، پر ذيلي داخلائن مان واضح ٿئي ٿي)، ’بھِڑنا‘ ۾ ’بهِـ‘ ۾ ’ـهِـ‘ کي زير ڏنل آهي (جيڪا ’بِهـ‘ طور اچڻ گهرجي ها)، قوسين () ۾ وضاحتي معنائون ۽ لفظ پڻ ڏنا ويا آهن جيڪي مفھوم کي چِٽو ڪن ٿا.

هن ’اردو-سنڌي لغت‘ جي عام جائزي مان، ڪي وڌيڪ ڳالهيون هن ريت اڳيان اچن ٿيون:

  1. مٿي ’آ‘ جي بنيادي داخلا ۾، ’آنا á آ‘ جي تبديل ڏيکاري وئي آهي، پر اهڙي ساڳي تبديل ’آيا‘ جي بنيادي داخلا ۾ پڻ هن ريت ڏيکاريل آهي: آيا: ماضي [آنا á آيا] آيو - حاضر ٿيو. آيُس (ص ٢١). اهڙين هڪ جھڙين تبديلين بابت ڪا وضاحت شامل هئڻ گهرجي.
  2. ’آبرو دينا‘ جي ذيلي داخلا ۾ سنڌي معنى ’آبرو ڏيڻ‘ لکي وئي آهي (ص ٢)، جڏهن ته ’آبرو‘ جي بنيادي داخلا ۾ ڄاڻايل سنڌي معنائن ’عزت، مانُ‘ وغيره مان ڪا هڪ لکڻ گهرجي ها. ساڳيءَ طرح ’آبرو رکهنا‘ ۾ به ’آبرو رکڻ‘ معنى نه ڏيڻ گهرجي ها. ساڳيءَ طرح ’آرام‘ جي سنڌي معنائن ۾ ’آرام‘ ڄاڻايل ناهي، پر ذيلي داخلائن، جھڙوڪ: ’آرام پانا، آرام لينا‘ جي سنڌي معنائن ۾ ’آرام‘ لکيو ويو آهي (ص ٦). ساڳئي صفحي تي هڪ وڌيڪ مثال ’آرزو‘ جو به ان ريت ئي آهي. انهن ۾ هڪ جھڙائي هئڻ گهرجي ها.
  3. ’آبرو‘ جي ذيلي داخلائن ۾، ’آب شور‘،’آب نے‘،’آب و دانه‘،’آب و دانه اُٹھ جانا‘،’آب و هَوا بِگَڑ جانا‘،’آب و هوا کا راس، راست آنا‘،’آبي‘،’آبي روٹي‘ ۽ ’آبي گھوڑا‘ به ڏنيون ويون آهن (ص ٢)، جن جو تعلق ’آبرو‘ سان ناهي، پر ان کان اڳ آيل بنيادي داخلا ’آب‘ سان آهي. اهو ترتيب ۾ درستگيءَ جو معاملو پڻ آهي.
  4. ’آپ‘ جي معنائن ۾ لکيو ويو آهي: ”ضمير [هه] حاضر، متڪلم ۽ غائب ٽنهي لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ. پاڻ - خود. حاضر ۽ غائب واسطي عزت وارو لفظ. اوهان - توهان.“ (ص ٢) اتي ’هُو، اُهو‘ پڻ معنائن ۾، غائب جي لحاظ کان ڄاڻائڻ گهرجي ها.
  5. ’آپ‘ جي ذيلي داخلائن ۾، هڪڙي داخلا هيءَ به ڏنل آهي: ”آپ سے جانا: پنھنجي پاڻيءَ کان نڪرڻ - هوش مان نڪرڻ. پاڻيھي وڃڻ (بنا سڏڻ جي)“ (ص ٣). ان جون پھريون ٻه معنائون، در حقيقت اڳتي درج ڪيل بنيادي داخلا ’آپا‘ يعني ’پاڻ پڻو، خودي، انانيت، هٺ، فخر‘ سان تعلق رکن ٿيون، جتي اهي ذيلي داخلا ’آپے سے جانا، نکلنا‘ تحت شامل ٿيڻ گهرجي ها، پر اها ذيلي داخلا کٽل آهي، البت ”آپے سے باهر هونا، نکلنا: آپي مان نڪرڻ - جوش ۾ ڀرجي وڃڻ - هوش کان نڪرڻ...“ ڏنل آهي.
  6. ’آدم‘ جي بنيادي داخلا ۽ ’آدميت‘ جِي ذيلي داخلا رهجي ويون آهن، البت ’آدمي‘ ۽ ’آدميت اُٹھ جانا‘ ڏنل آهن. (ص ٥). اهڙيءَ طرح ’آزاد‘ جي داخلا ته آيل آهي (ص ٧)، پر ’آزادي‘ جي داخلا ڏنل ڪانهي يا ’آقا‘ جي داخلا به شامل ڪيل ناهي.
  7. هن لغت ۾ جڳھه جي بچت ڪارڻ، ڪن داخلائن ۾ لفظ جي مَٽ آهي، ته ڪاما (، ) ڏئي ٻيو لفظ لکيو ويو آهي، جھڙوڪ: ”آرتي اُتارنا، کَرنا، لينا“ (ص ٦)، ”آنچل آنا، پکنا“ (ص ١٤) وغيره.
  8. ’آس پاس‘ جي معنائن ۾ ’چوڌاري، چؤطرف، چؤگرد‘ ڏنل آهن (ص ٨)، پر جيڪڏهن ’ڀر پاسي، ڀرسان، ويجهو، ويجھڙو‘ به هجن ها ته سنڌي لفظن جو سواد اچي ها.
  9. هڪ ذيلي داخلا ’آستان بوس هونا‘ جي معنى ۾ ’چانئُٺ چمڻ‘ ڄاڻايل آهي (ص ٨)، يعني ’بوس هونا‘ جي معنى ’چمڻ‘ آهي، پر هن لغت ۾ ’بوس و کنار‘، ’بوسه‘ ۽ ’بوسه بازي‘ جون داخلائون شامل نه ڪيون ويون آهن.
  10. ذيلي داخلائن ۾ گهڻي ڀاڱي اصطلاح/محاورا لکيا ويا آهن، پر انهن جي اصطلاحن/محاورن طور نشاندهي نه ڪئي وئي آهي، البت ڪن هنڌن تي محاوري جي نشاندهي نظر اچي ٿي، جھڙوڪ: ’آسا کا  کاسه: محاوره‘ ۽ ’آستين کا سانپ: محاوره‘ (ص ٨) يا ’آسماني تير‘ ۽ ’آسماني گولا‘ (ص ٩). پر جنھن طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ اصطلاح ڪتب ايندا آهن خاص ڪري مصدري روپ ۾، ان ريت هن لغت ۾ نشاندهي ڪيل ناهي.
  11. ڪن ذيلي داخلائن جي معنائن ۾ مبھم پڻو پڻ محسوس ٿئي ٿو، جھڙوڪ: ”آسمان سے باتيں کرنا: آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ. تمام اُتاهون هجڻ (جبل، وڻ، جاءِ وغيره)“ (ص ٩). اتي مناسب معنائون ’گهڻو مغرور ٿيڻ، پاڻ کي مٿڀرو سمجهڻ‘ ٿيڻ گهرجن. اهڙيءَ طرح ’آفت ڈھانا‘ جي معنى ۾ ’قھر وجهڻ‘ (ص ١٠) جي بدران ’قھر ڪرڻ‘ وڌيڪ ٺھڪندڙ لڳي ها. ان کانسواءِ ’آنا پائي‘ جي معنائن ۾ ”آنا پايُون. پائي پائي - جملي رقم“ لکيو ويو آهي (ص ١٣) جڏهن ته ’آنا پايون‘ جي بدران ’ٽَڪو پَيسو‘ وڌيڪ بھتر هو.
  12. هڪ بنيادي ۽ ان جي ذيلي داخلا هن ريت ڏنل آهن:

Ÿ آلتي پالتي: ث [هه] پَلٿي ماري ويھڻ.

¬ آلتي پالتي مار کر بيٹھنا: پلٿي ماري ويھڻ. (ص ١٠)

ٻنهي معنائن ۾ فرق ته ڪو به ناهي! منھنجي خيال ۾ ’آلتي پالتي‘ جي معنى ۾ ’ماري ويھڻ‘ اضافي آهي، جڏهن ته ذيلي داخلا جي معنى هجي ها ’پلٿي هڻي ويھڻ يعني گوڏن کي ٻِيڻائي ويھڻ‘.

  1. اردو جي وڏي ’هه‘ کي سڄيءَ لغت ۾، ۽ خاص ڪري ’هه‘ سان شروع ٿيندڙ سڀني داخلائن ۾ (ص ٥٧٣ کان ٥٨٨ تائين)، ان ريت لکڻ جي بدران سنڌي ’هـ‘ ڪري لکيو ويو آهي، جيڪو ڪنھن به ريت نه لکڻ گهرجي ها. مثال طور: هاتهه، هات، هار، هامي، هاں، هانکنا، ها ها هُو هُو، هپ، هتوڑا، هرا، هونا، هوا، باهر، رهنا، وغيره. البت وسرڳي ’ـهـ‘ کي لکيل روپ ۾ لکيو ويو آهي، پر ’آدها‘ يا ’دهمکنا‘ ۾ وري مسئلو پيدا ٿي پوي ٿو.
  2. سڄيءَ لغت ۾ جزم (ۡ) جو واهپو ٻن طريقن سان ڪيو ويو آهي، هڪُ ساڪن حرف تي جھڙوڪ: ’تصۡويرۡ، تقۡديرۡ، تکۡيه‘ وغيره، ٻيو لفظن جي پھرئين اکر کان پوءِ ايندڙ نُون گُڻي (ں) تي، جھڙوڪ: ’آنۡتۡ، آنۡچل، آنۡسو، آنۡکھۡ‘ وغيره. پھريون ته ٺيڪ آهي، پر نُون گُڻي (ں) تي جزم ڏيڻ صحيح نه آهي.
  3. هن لغت ۾ جيتوڻيڪ پروفن جي صحت تي جوڳو ڌيان ڏنو ويو آهي، تڏهن به ڪي چڪون رهجي ويون آهن، يا نحوي حالت کي لکڻ ۾ چڪون ٿيون آهن، جھڙوڪ: ’اڑتاليس‘ کي ’عدد‘ بدران ’صفت‘ ڄاڻايو ويو آهي (ص ٣٥)، ساڳيءَ طرح ’اڑهائي‘ کي به ’عدد‘ بدران ’صفت‘ ڄاڻايو ويو آهي (ص ٣٨). اهڙيءَ ريت ٻئي لفظ ڏانھن رجوع ڪرڻ لاءِ ڪٿي ’ديکهو‘ (اردو)، ته ڪٿي ’ڏسو‘ (سنڌي) لکيو ويو آهي، جھڙوڪ:

Ÿ اوپَچ: ذ [هه] ديکهو ’اُپج‘. (ص ٥٧)

Ÿ اُوٹ پَٹنگ: صفت [هه] ڏسو ’اُوٹ پٹانگ‘. (ص ٥٨)

¬ اُوٹ پَٹنگي: ذ. ڏسو ’اُوٹ پٹانگي‘. (ص ٥٨)

هيءَ پنھنجي وقت جي اهم ’اردو-سنڌي لغت‘ آهي، جنھن ۾ خوبيون گهڻيون ۽ کوٽون ڪي ٿورڙيون آهن، جن کي درست ڪري، هن لغت جي افاديت ۽ اهميت کي نئين ڇاپي ۾ وڌائي سگهجي ٿو.

  1. بنيادي اردو (مرتب: ڊاڪٽر ابوالليث صديقي، سنڌي مترجم: جمال رند):

هيءَ حقيقت ۾ لغت جو ڪتاب آهي، جيڪو اردو ٻوليءَ ۾ ڊاڪٽر ابوالليث صديقيءَ مرتب ڪيو هو. ان جي معنائن ۽ مترادفن واري ڀاڱي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو نامياري اديب جمال رِند ڪيو، جنھن سان اهو ٻه-ٻوليائي ’اردو-سنڌي لغت‘ بڻجي پيو. ’بنيادي اردو‘ جو پھريون ڇاپو سن 1968ع  ۾، ڪرائون سائز ۾، مجلد ۽ غير مجلد، 91 صفحن تي مشتمل، سنڌي يونيورسٽي پريس حيدرآباد مان ڇپجي، مرڪزي اردو بورڊ لاهور پاران پڌرو ٿيو.

ان ڪتاب ۾ سنڌي ترجمي جي نگراني نامياري محقق سيد حسام الدين راشديءَ جي ڪيل آهي، جڏهن ته مددگارن ۾ عارفه عباسي، عبدالسلام، ڊاڪٽر اسلم فرخي، انجم اعظمي ۽ جميل اختر خان جا نالا ترتيبوار ڄاڻايل آهن.

هن ڪتاب ۾ ٽن صفحن تي مشتمل ’پيش لفظ‘ ڊاڪٽر ابوالليث صديقيءَ پاران لکيل آهي. هو لغت جي مقصد بابت لکي ٿو: ”ان جو مقصد اردوءَ جي اهڙن بنيادي لفظن جي هڪ فھرست مھيا ڪرڻ آهي، جيڪي روزانو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڪم ايندا رهن ٿا، ۽ جن جي مدد سان اهي ماڻهو، جن جي مادري زبان اردو نه آهي، ٿوري کان ٿوري وقت ۾ اردوءَ ۾ پنھنجا خيال ظاهر ڪري سگهن ٿا ۽ ان کانسواءِ روزمره گفتگو ۽ ڪاروبار ۾ پنھنجو مفھوم به پڌرو ڪري سگهن ٿا.“ (ص 7) ان ڪري هيءَ عام ڳالهائجندڙ ۽ لکجندڙ محدود لفظن تي مشتمل لغت آهي. ان بابت پڻ مؤلف پاران وضاحت ڪيل آهي ته: ”هن لغت ۾ محاورا، اصطلاح ۽ اهڙا لفظ شامل نه آهن، جي علمي، ادبي ۽ سائنسي مضمونن جي ادا ڪرڻ لاءِ ضروري آهن.“ (ص 7) ان محدوديت ۽ لفظن جي خصوصي انتخاب جي ڪري، هن لغت کي عام ٻه-ٻوليائي لغت بدران ’خصوصي لغت‘ (Special Dictionary) سڏي سگهجي ٿو. ان ڪري ئي مؤلف ان کي پھرين ڪوشش سڏيندي لکيو آهي ته ”هن لغت کي ترتيب ڏيندڙن جديد لسانيات جي باقاعدي تعليم ورتي آهي. اميد آهي ته سندن هيءَ پھرين ڪوشش اردوءَ ۾ هڪ نئين تحقيق جي سلسلي جي شروعات ٿيندي.“ (ص 8) سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ اهڙي هڪ لغت ’سنڌي زبان جي بنيادي لغت‘ جي نالي سان سن 1976ع ۾ پھريون ڀيرو، 1977ع ۾ ٻيو ڀيرو ۽ 1982ع ۾ ٽيون ڀيرو سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد پاران ڇپي هئي، جنھن جا مرتبَ سنڌي ٻوليءَ جا ناميارا عالم ۽ اديبَ پير حسام الدين راشدي، علامه غلام مصطفى قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد صالح شاھ ۽ محمد ابراهيم جويو هئا. ان لغت ۾، بنيادي لغت سميت وڌايل بنيادي ۽ ڪاروباري بنيادي لغت پڻ شامل ڪئي وئي هئي، جنھن ۾ 800 لفظ بنيادي لغت تحت، 450 وڌيڪ لفظ وڌايل بنيادي لغت تحت، 750 لفظ ڪاروباري لغت تحت، 75 لفظ ڳڻپ، تور ماپ ۽ ڪئلينڊر جا لفظ، ۽ 175 لفظ سڀ قومي لفظن تحت داخل ڪيا ويا هئا، جن جي استعمال سان لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو عام استعمال جا سنڌي لفظ ڄاڻي سگهجن پيا. ساڳيءَ طرح ’بنيادي اردو‘ ۾، عام ڳالهه ٻول وارن اردو لفظن جا سنڌي متبادل ڏنا ويا آهن، ته جيئن اهي ماڻهو ٿوري وقت ۾ اردو ڳالهائڻ سکي سگهن جن جي اُها مادري ٻولي نه آهي.

’پيش لفظ‘ کان پوءِ ٻن صفحن ۾ مذڪر، مؤنث، واحد ۽ جمع ۾ لفظن جا ڪي ڦيرا مثالي جملن سان ’نمونه‘ جي عنوان هيٺ ڏنا ويا آهن، جنھن کان پوءِ لغت وارو ڀاڱو صفحي 13 کان 72 تائين، ٻن ڪالمن ۾ پکڙيل آهي، جنھن ۾ 1509 لفظ آيل آهن. داخلائن جي پڄاڻيءَ تي هفتن جا نالا ۽ 01 کان 100 تائين انگ پڻ اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ ڏنل آهن. 100 کان پوءِ هڪ هزار ۽ هڪ لک جون داخلائون پڻ شامل ڪجن ها ته بھتر هو.

’بنيادي اردو‘ ۾ پھريون 7 عدد داخلائون، ”الف“ هيٺ، هن ريت ڏنل آهن:

  1. آ - اچ، آءُ، آ
  2. آپ - اوهان، توهان
  3. آپس - پاڻ، هڪٻئي
  4. آڻا - اَٽو
  5. آج - اڄ
  6. آخر - نيٺ، ندان، آخر
  7. آخرت – آخرت (ص 13)

انهن مثال طور آندل داخلائن مان هي ڳالهيون پڌريون ٿين ٿيون: (1) لکت جو خط نسخ ڪتب آندو ويو آهي، جڏهن ته نستعليق ڪتب آڻڻ گهرجي ها. (2) بنيادي لفظ کي عام صورت ۾ لکيو ويو آهي. (3) بنيادي لفظ کان پوءِ ڳنڍيندڙ ليڪ (-) ڏئي، متبادل لفظ معنائن طور لکيا ويا آهن، جن جو تعداد، عام طور ٻه يا ٽي آهي، پر صرف هڪُ متبادل لفظ به ڪيترن ئي هنڌن تي لکيو ويو آهي. (4) ڪيترن ئي لفظن جا ساڳيا متبادل لفظ معنى طور پڻ ڏنا ويا آهن، جھڙوڪ: ’آ، آخر، آخرت‘ ۾، يعني ساڳيا لفظ ٻنهي ٻولين ۾ مروج آهن. (5) ڇھين داخلا هيٺ، ’آخر‘ لفظ ۾ ڏنل لفظ ’ندان‘ حقيقت ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جون چار مختلف معنائون هن ريت آهن: (i) آخرڪار، پوءِ، پوئتي، پڇاڙيءَ ۾، (ii) ابتدائي سبب، بنيادي علت، بيماريءَ جي اصل ڪارڻ جي ڳولا، (iii) علم الامراض (پئٿالاجي)، اصل شڪل، ماهيت، (iv) مختصراً اهو ته، مجموعي طور.(8) ان ڪري اهڙا گهڻ مفھومي لفظ هن قسم جي بنيادي لغتن ۾ نه آڻڻ گهرجن.

وڌيڪ، هن لغت جي جائزي مان هيٺيون ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون:

  1. داخلائن جون عام طور واحد صورتون ڏنيون ويون آهن.
  2. وياڪرڻي حيثيتن، جھڙوڪ صفت، ظرف، اسم، مذڪر، مؤنث وغيره کي ڄاڻايو نه ويو آهي.
  3. اعرابن جو ڪجهه قدر استعمال ڪيو ويو آهي.
  4. ڪن لفظن جا مصدر ڏنگين ۾، مترادف مصدرن سميت ڏنا ويا آهن، البت مصدر جي نشاندهي نه ڪئي وئي آهي، جھڙوڪ: اُبَل (اُبلنا) - ٽھڪ (ٽھڪڻ)، اُتر (اُترنا) - لَھُه (لھڻ)، اُجَڑ (اُجڑنا) - ڦِٽُ (ڦِٽڻ)، اُجڙ (اُجڙڻ)، اُچھل (اُچھلنا) - ٽَپُ (ٽپڻ) (ص 14).
  5. ’اندر‘ جي داخلا ۾، صرف ’اندر‘ ئي ڏنل آهي، اتي ’منجهه، ۾‘ جا متبادل به ڏيڻ گهرجن ها.
  6. ’زبان‘ جي مترادفن ۾ ’زبان، ڄِڀ‘ سان گڏ ’ٻولي‘ به لکڻ گهرجي ها.
  7. هيءَ پھرين ’اردو-سنڌي لغت‘ آهي، جنھن ۾ ’بھ، پھ، تھ، ٹھ، جھ، چھ، دھ، ڈھ، کھ، گھ‘ جون داخلائون، رواجي اردو لغتن جي آئيويٽائي ترتيب جي ابتڙ، الڳ اکرن طور ڏنيون ويون آهن، جنھن منجهان معلوم ٿو ٿئي ته ڊاڪٽر ابوالليث صديقي ان راءِ جو هو ته اهي اکر اردو آئيويٽا جو حصو بڻجڻ گهرجن ۽ لغت ۾ الڳ درج ڪجن.
  8. ’هـ‘ سان شروع ٿيندڙ سڀ داخلائون اردو ’هه‘ جي بدران سنڌي ’هـ‘ سان لکيون ويون آهن، جھڙوڪ: ’هاتهـ، هار، هاں، هرا، هرن، هلدي‘ وغيره (ص 71)
  9. ڪٿي ڪٿي پروفن جون چُڪون به نظر اچن ٿيون، جھڙوڪ: ’آنکار‘ (انکار) (ص 17)، ’وڍيڪ‘ (وڌيڪ) (ص 18)، ’هٽ‘ (هٹ) (ص 71).

ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾، 15 صفحن تي، ’اردو زبان‘ جي نالي سان، اردوءَ ٻوليءَ بابت تعارفي مضمون، ڊاڪٽر ابوالليث صديقيءَ جو لکيل آهي، جنھن ۾ اردو ٻوليءَ جي اصل، خاندان، ادب، ٻين ٻولين جي اثرن سميت ’اردو گرامر جي ڍانچي‘ ۽ ’اردو زبان جي چند خاصيتن‘ جي ذيلي عنوانن هيٺ اختصار سان ويچار ونڊي، پڙهندڙن کي ڄاڻ ڏئي وئي آهي. ان مضمون ۾ ڏنل ڪن اهم لفظن، جھڙوڪ: ’ڍانچو، چند، اسم، گرامر، واحد، سياسي‘ (’سياست‘ جي داخلا به ڪانهي)، وغيره جون داخلائون لغت ۾ شامل ڪيل ناهن، جيڪي ضرور هئڻ گهرجن ها. ڊاڪٽر ابوالليث جي لکيل تعارف مان معلوم ٿو ٿئي ته: ”اردو آريائي ڪٽنب جي زبان آهي، سندس تعلق هند-ايراني شاخ سان آهي، اها بر صغير پاڪ و هند ۾ مسلمانن جي اچڻ وقت، پنجاب جي ميدانن کان وٺي گنگا ۽ جمنا جي دو آبي تائين ڳالهائي ۽ سمجهي ويندي هئي ۽ هڪ ليکي علائقي جي عام زبان سڏي ويندي هئي، منجهس مصدر، فعل ۽ حرف (جر ۽ اضافت) گهڻي ڀاڱي پراڪرت مان آندل آهن، ان جو گرامر آريائي آهي،  ۽ اهو پراڪرت جو چٽو اثر ڏيکاري ٿو پر فارسي ۽ عربي گرامر جو به ان تي گهڻو اثر پيو آهي، ان جو گرامر لکڻ ۾ اردو جي گرامر نويسن عربي ۽ فارسي گرامر نويسن جي پيروي ڪئي آهي، ان جو شروعاتي رسم الخط عربي نسخ هو، پوءِ فارسي نستعليق اختيار ڪيو ويو، اردو ۾ عربي، فارسي ۽ ترڪي لفظ گهڻي قدر ڪم اچن ٿا، اردوءَ تي عربي، فارسي، ترڪي ٻولين جو گهڻو اثر آهي، اردو زبان جو نالو ترڪيءَ مان ئي ورتو ويو آهي جنھن جي معنى ’لشڪر‘ يا ’درٻار‘ آهي، قديم اردو ۽ قديم پنجابيءَ ۾ گهڻي هڪجھڙائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، وغيره.“ (صفحي 77 کان 91 تائين) انهن توڙي ٻين ڪن ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ ڪري سگهجي ٿي، پر اهو موضوع، اسان جي دائري کان ٻاهر آهي، ان ڪري ان کي ڇڏجي ٿو.

مجموعي طور، ’بنيادي اردو‘ جي نالي سان جوڙيل هيءَ لغت هڪ سٺي ڪوشش آهي. ان سان ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ کي معلوم ٿئي ٿو ته اردو ٻوليءَ ۾ ڪھڙا لفظ عام ڳالهه ٻول ۾ ڪتب اچن ٿا. انهن جي يادگيري ۽ واهپي سان بنيادي اردو ٻولي سکي ۽ سمجهي سگهجي ٿي.

  1. اردو-سنڌي لغت/اردو سندھي لغت (مرتب: عبدالستار بلوچ):

اردو کان سنڌي ٻوليءَ ۾ جوڙيل هن ٻه-ٻوليائي ’اردو-سنڌي لغت‘ تي نالو ٻنهي ٻولين اردوءَ ۽ سنڌيءَ ۾ ڇپيل آهي، جڏهن ته اندرئين ٽائيٽل تي نالو ’سنڌيڪا اردو سنڌي لغت‘ لکيو ويو آهي. هيٺ، ڇنڊڇاڻ ۾، ان لغت جو نالو، ڇاپيندڙ اداري ’سنڌيڪا‘ جي نسبت سان ڪتب آندو ويو آهي. ان لغت جي ’تحقيق ۽ ترتيب‘ عبدالستار بلوچ ڏني آهي، جڏهن ته نظرثاني پروفيسر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي جي ڪيل آهي. ان لغت جا ٽي ڇاپا ڇپيا آهن، جن مان پھريون ڇاپو سن 2003ع ۾، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد جي سھڪار سان ڇپيو. ان لغت جو ٻيو ڇاپو 2013ع ۾ ساڳئي اداري پاران ڇپيو، جنھن کان پوءِ ٽيون ڇاپو سن 2015ع ۾، مُجلد، ڊبل ڪرائون سائز ۾، 8 مھڙين ۽ 1016 لغت جي صفحن تي مشتمل، ذڪي سنز ڪراچيءَ مان ڇپجي، سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران پڌرو ٿيو. انهن ڇاپن بابت اداري جو چيئرمين ۽ لغت جو نگران نور احمد ميمڻ ’پبلشر نوٽ‘ ۾ لکي ٿو: ”هيءَ لغت جيئن ته اساسي اردوءَ جي لفظن سان گڏ روزاني زندگيءَ ۾ پڙهجندڙ ۽ استعمال ٿيندڙ لفظن تي مشتمل هئي، ان ڪري عام استفادي ۾ آئي ۽ بيحد پسند ڪئي وئي.“ (ص 3)

هن لغت ۾، ٻن صفحن تي مشتمل ’مقدمو‘ عبدالستار بلوچ پاران لکيل آهي، جنھن ۾ هڪ هنڌ هُو لکي ٿو: ”سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي باهمي ميلاپ، اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ ادب جي مٽاسٽا سبب ٻنهي زبانن ۾ هڪٻئي جا ڪيترا ئي لفظ مروج ٿي چڪا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اردوءَ ۾ ڪن مروج لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن جي نج سنڌي معنى، انهن لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن جو اصلي مزو وڃايو ڇڏي.“ (ص 5) اها ڳالهه صحيح آهي ته ٻنهي ٻولين ۾ ڪيترائي ساڳيا فارسي، عربي، هندي، سنسڪرت، اردو ۽ سنڌي لفظ مروج آهن، پر هتي اهڙو ڪو مثال ’اردوءَ ۾ مروج لفظ، محاوري يا اصطلاح‘ جو ڏنو نه ويو آهي، جنھن جي نج سنڌي معنى، انهن لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن جو اصلي مزو وڃائي ٿي ڇڏي.

’مقدمي‘ ۾، بنا مثال جي، ابن الياس جي ’نئين اردو-سنڌي لغات‘ کي ’غير جامع ۽ غير مستند‘ ڪوٺيو ويو آهي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي ’اردو-سنڌي لغت‘ کي ’صرف اساسي اردوءَ جي لفظن‘ جي لغت سڏيو ويو آهي. (ص 5) اهي ٻئي رايا حيران ڪندڙ آهن. اهو واضح ناهي ته ڪيئن ابن الياس جي لغت غير مستند آهي جنھن تي ڊاڪٽر بلوچ پڻ نظر وڌي هئي ۽ ان جو ’ديباچو‘ پڻ لکيو هو. يا، ڇا واقعي ڊاڪٽر بلوچ جي لغت صرف اساسي لفظن تي مشتمل آهي؟ اهڙا ’بيان‘ آڳاٽين ۽ بنيادي لغتن بابت نه ڏيڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته اهي بھرحال پنھنجي دَور جي نمائندگي ڪندڙ ۽ ان وقت جي گهرجن ۽ مواد پٽاندڙ جوڙيل لغتون آهن. هونئن به هر پنجين يا ڏهين سال لغتن کي سڌارڻ، سنوارڻ ۽ وڌائڻ جي گهرج اڻٽر هوندي آهي. نئين گهرج جي حوالي سان، عبدالستار بلوچ لکي ٿو: ”ضروري هو ته هڪ اهڙي جامع لغت هئڻ گهرجي، جنھن ۾ جديد لفظن سميت، عربي، فارسي، هندي، انگريزي ۽ ٻين آڳاٽين توڙي جديد ٻولين جا اهي لفظ به شامل ڪيا وڃن، جيڪي اردو زبان جو حصو بڻجي چڪا آهن. انهيءَ ئي خيال کي سامهون رکندي هن لغت جو دائرو ٺاهيو ويو. هن لغت ۾ اردوءَ جي ترڪ ٿي ويل ۽ نامانوس لفظن کي ڇڏي باقي اهي سڀئي لفظ، مرڪب، محاورا، چوڻيون ۽ علمي، ادبي ۽ فني اصطلاح ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، جيڪي اردوءَ ۾ مروج آهن.“ (ص 5) ان بيان ۾ تضاد محسوس ڪري سگهجي ٿو، يعني هڪ طرف آڳاٽين توڙي جديد ٻولين جا لفظ شامل ڪجن جيڪي اردو زبان جو حصو بڻجي چڪا آهن، ۽ ٻئي طرف اردوءَ جي ترڪ ٿي ويل ۽ نامانوس لفظن کي ڇڏيو ويو آهي. ان صورت ۾، لغت کي جامع ڪيئن ڪوٺي سگهبو! اهڙا ڪيترا ئي لفظ هوندا جيڪي اردوءَ جي ڪلاسيڪي ادب ۾ شامل هوندا ۽ هاڻي متروڪ ۽ نامانوس ٿي ويا هوندا، ته پوءِ چئبو ته انهن لفظن کي عبدالستار بلوچ جي لغت ۾ ڳولي ۽ سمجهي نه سگهبو، ته پوءِ جامع لغت جو فائدو ته نه ٿيو.

’مقدمي‘ ۾ عبدالستار بلوچ وڌيڪ لکي ٿو: ”هڪ نئين روايت جيڪا هن لغت کي ممتاز بنائي ٿي ۽ جديد لغتن جي قطار ۾ بيھاري ٿي، اُها هي آهي ته لغت کي صرف بنيادي الف-بي وار نه لکيو ويو آهي، پر جديد لغتن جيان هر هڪ اکر کي ضمني طور به الف-ب وار لکيو ويو آهي، ته جيئن لغت استعمال ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿئي.“ (ص 5) ان ’نئين روايت‘ کي هڪ سھولت يا ’آساني‘ ته ڪوٺي سگهجي ٿو، پر ان جي بنياد تي ڪنھن به لغت کي ’ممتاز‘ ۽ ’جديد لغت‘ ڪوٺي نه ٿو سگهجي. انگريزي ٻوليءَ جي بھترين لغتن ’ويبسٽرس نيو ورلڊ ڪاليج ڊڪشنري‘ (1997ع) ۽ ’اِنڪارٽا ورلڊ انگلش ڊڪشنري‘ (1999ع) توڙي معروف اوڪسفرڊ يونيورسٽي پريس جي لغتن ’اوڪسفرڊ انگريزي سنڌي ڊڪشنري‘ (2010ع) ۽ اردو ترجمي ’اوڪسفرڊ انگلش اردو ڊڪشنري‘ (2003ع) ۾ ته اهڙي ڪا به ’آساني‘ ڏنل نه آهي، ته ڇا انهن لغتن کي ممتاز ۽ جديد لغتون ڪوٺي نه سگهبو؟

’مقدمي‘ ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي، ته ”هن لغت جي تياريءَ ۾ لفظن، معنائن ۽ محاورن لاءِ ’فيروز اللغات اردو جامع‘ کي بنياد بڻايو ويو آهي ۽ مدد طور جان ٽِي. پليٽس (John T. Platts) جي ’اردو، ڪلاسيڪل هندي ۽ انگريزي لغت‘۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ’اردو-سنڌي لغت‘کي آڏو رکيو ويو.“  (ص 5) معنائن جي مد ۾، ڪن ٻين لغتن جھڙوڪ: ’جامع سنڌي لغات‘ (5 جلد)، ’هڪ جُلدي سنڌي لغت‘، ’فرهنگ فارسي‘ ۽ فيروز سنز جي ’انگلش ٽُ انگلش اينڊ اردو ڊڪشنري‘ جا نالا پڻ ڄاڻايا ويا آهن.

اردو ٻوليءَ جي هڪ جُلدي لغتن ۾ ’فيروز اللغات اردو جامع‘ کي اهميت حاصل آهي ۽ اها هڪ مشھور ’اردو-اردو لغت‘ آهي. اها لغت مون وٽ آهي، پر ان تي ڇاپي نمبر ۽ ڇپائيءَ جي سال بابت ڪا ڄاڻ ڏنل ناهي، نه ئي عبدالستار بلوچ اها ڄاڻ ڏني آهي، ته هُن ڪھڙي ڇاپي ۽ سال واري لغت استعمال ڪئي آهي. ممڪن آهي ته وٽس به ڪو اهڙو ڇاپو موجود هجي جنھن تي ڇاپو نمبر ۽ سن ڄاڻايل نه هجي. ان لغت ۾ اهو ئي طريقيڪار ڏنل آهي، جنھن کي مٿي ’ممتاز ۽ جديد لغت‘ وارو سڏيو ويو آهي. مولوي فيروزالدين جي جوڙيل ’فيروز اللغات اردو جامع‘ جي بنياد تي آڌاريل عبدالستار بلوچ جي جوڙيل ’سنڌيڪا اردو-سنڌي لغت‘ سان تقابلي جائزي جا ڪي نُڪتا اڳتي ڏنا ويا آهن.

’مقدمي‘ ۾ لغت جي سٽاءَ ۽ اصولن بابت پڻ ڪي نُڪتا لکيا ويا آهن، جيڪا سٺي ڳالهه آهي. انهن نُڪتن ۾ ٿلهي ليکي هيٺيون ڳالهيون شامل آهن: (1) مکيه داخلا کان پوءِ تشريحي نشاني (: ) ڏني وئي آهي، (2) قوسين (ننڍين ڏنگين) ۾ لفظ جي اصليت ۽ جنس ڄاڻائي وئي آهي، (3) انگريزي لفظن کي اردو ۾ واهپي موجب لکيو ويو آهي، (4) ٻه يا ٻن کان وڌيڪ هم معنى لفظ ڏنا ويا آهن جن جي وچ ۾ سنهي ليڪ (- ) [ڳنڍيندڙ ليڪ] ڏني وئي آهي، لفظ جي هڪ کان وڌيڪ معنائن [يعني مختلف معنائن] جي صورت ۾ دم جي نشاني (. ) ڏئي معنائن کي ڌار ڪيو ويو آهي، (5) بنيادي لفظن جي سڌي اچار يا مخرج بدران لفظن تي اعرابون ڏنيون ويون آهن، (6) هجائي تختيءَ ۾ واضح ڪيل آهي ته ڪھڙا اکر آهن جن سان لفظ شروع ٿئي ٿو پر اهي اردو الفابيٽ ۾ موجود ناهن جھڙوڪ: بھ، پھ، تھ، ٹھ، جھ، چھ، دھ، ڈھ، کھ ۽ گھ ۽ اهي ڪھڙا اکر آهن جن سان لفظ شروع نه ٿو ٿئي پر اهي اردو الفابيٽ ۾ شامل آهن جھڙوڪ: ژ [اڪيلو اکر] (اها آئيويٽا لغت جي ورندڙ صفحي 7 تي ڏنل آهي)، ۽ (7) مرڪب لفظن کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪڙا جيڪي بنيادي لفظ مان ٺھيل آهن جھڙوڪ: ’آئينه باطن، باده پيما، ساده لوح‘ ۽ ٻيا امر جي ذمري ۾ ايندڙ، جھڙوڪ: ’اُٹھ بيٹھ، جا دبوچنا‘. اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته ”هِن [لغت] ۾ پنجاهه هزار جي لڳ ڀڳ مروج لفظ، مرڪب، محاورا ۽ اصطلاح وغيره شامل آهن.“ (ص 6) اهو انگ مناسب ته آهي، پر ان کي ڀرپور ڪوٺي نه ٿو سگهجي. مثال طور، جنھن ’فيروز اللغات اردو جامع‘ کي، عبدالستار بلوچ موجب، بنيادي لغت بنايو ويو آهي، تنھن ۾ اٽڪل سوا لک داخلائون آندل آهن، جڏهن ته پنجاهه هزار ان جو اڌ تعداد به نه ٿو بيھي. ’فيروز اللغات اردو جامع‘ ۾ اهي داخلائون 1472 صفحن تي آندل آهن، جڏهن ته ’سنڌيڪا اردو-سنڌي لغت‘ ۾ 1016 صفحن تي داخلائون ڏنل آهن. ’سنڌيڪا اردو-سنڌي لغت‘ ۾ فانٽ جِي چونڊ ۽ سائز سميت پَني جي چونڊ ۾ ڪي اپاءَ وٺجن ها ته صفحن جي تعداد وڌائڻ سان داخلائن جو ڳاڻيٽو مناسب حد تائين وڌائي سگهجي ها. ’سنڌيڪا اردو-سنڌي لغت‘ ۾  لغت جي سٽاءَ ۽ اصولن بابت ڄاڻايل مٿين نُڪتن مان گهڻا ئي نُڪتا ’فيروز اللغات اردو جامع‘ سان هڪجھڙائي رکن ٿا.

’مقدمي‘ جي اختتامي پئراگراف مان معلوم ٿو ٿئي، ته سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي چيئرمين نور احمد ميمڻ ڊڪشنريءَ جي اردو لفظن جون داخلائون پاڻ ترتيب ڏئي، مؤلف کي ڪم آسان ڪري ڏنو. (ص 6) ان لحاظ کان ڪم ۾ ڀائيوار نور احمد ميمڻ کي به سمجهڻ گهرجي.

’سنڌيڪا اردو-سنڌي لغت‘ ۾ ڪتب آندل ’علامتون ۽ اشارا‘ صفحي 7 تي ڏنا ويا آهن، جيڪي در اصل مخفف آهن. انهن ۾ ٻولين واسطي ”ع = عربي، ف = فارسي، هه = هندي، س = سنسڪرت، اُر = اردو، عبر = عبراني، سُر = سرياني، انگ = انگريزي، يُو = يوناني، فر = فرانسيسي، پن = پنجابي، بنگ = بنگالي، ت = ترڪي، پُر = پرتگالي ۽ رُو =روسي“ مخفف ڪتب آندل آهن. ’فيروز اللغات اردو جامع‘ ۾ پڻ انهن مخففن کي ’علامات و اشارات‘ جو عنوان ڏنو ويو آهي. اُن ۾ ٻيا ۽ بدليل مخفف ريت هن ريت ڏنل آهن: پ = پنجابي، سندهه = سندهي، گ = گجراتي، پا = پالي، پش = پشتو، لاط = لاطيني، ۽ ق = قديم (قديم ڪتابن ۾ موجود لفظ). جڏهن ته عبراني، سرياني، يوناني ۽ روسي لفظن لاءِ ڪا به نشاني ناهي، جنھن مان چئي سگهجي ٿو، ته انهن ٻولين جا لفظ يا ته اردوءَ ۾ شامل ناهن يا وري ’فيروز اللغات اردو جامع‘ ۾ شامل نه ڪيا ويا آهن. ’سنڌيڪا اردو-سنڌي لغت‘ ۾ وياڪرڻي نشانين ۾ هڪڙي ئي نشاني ’صف = صفت (نحوي حالت)‘ ڏنل آهي جڏهن ته ٻين نشانين جي بدران پورا لفظ لکيا ويا آهن، جھڙوڪ: مذڪر، مؤنث، ضمير اشارو، محاورو، چوڻي وغيره، جيتوڻيڪ انهن جا به مخفف لکڻ گهرجن ها، ته جيئن لغت ۾ وڌيڪ داخلائن لاءِ جڳھه بچي سگهي ها، جيئن ’فيروز اللغات اردو جامع‘ ۾ ’ض = ضمير، مص = مصدر، مذ = مذڪر ۽ مث = مؤنث‘ لاءِ ڪتب آندل آهن. مخففن جي واهپي سان هڪُ ته لغت ۾  جڳھه بچائي ويندي آهي، ٻيو ته انهن جو ورجاءُ کُکندو به ناهي.

’سنڌيڪا اردو-سنڌي لغت‘ ۾، مُھڙين اٺن صفحن کان پوءِ لفظن جون داخلائون، نائين صفحي کان وٺي 1024 صفحي تائين، ٻن ڪالمن ۾ درج ڪيون ويون آهن. انهن داخلائن بابت وڌيڪ هيٺيون ڳالهيون تجزيي هيٺ اچن ٿيون:

  1. هِن لغت ۾ اردو لفظن کي نسخ خط ۾ لکيو ويو آهي. جڏهن ته، ’بھ، پھ، تھ، ٹھ، جھ، چھ، دھ، ڈھ، کھ، گھ‘ جون داخلائون الڳ ڏيڻ جي بدران، رواجي اردو لغتن جي آئيويٽائي ترتيب ۽ داخلائن موجب ترتيبوار ’ب، پ، ت، ٹ، ج، چ، د، ڈ، ک ۽ گ‘ اکرن ۾ ڏنيون ويون آهن، جنھنڪري ’بهه ۽ بھ، پهه ۽ پھ، تهه ۽ تھ، ٹهه ۽ ٹھ، جهه ۽ جھ، چهه ۽ چھ، دهه ۽ دھ، ڈهه ۽ ڈھ، کهه ۽ کھ، ۽ گهه ۽ گھ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويا آهن ۽ لفظن جي ڳولا ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي.
  2. اردو جي وڏي ’هه‘ کي هِن سڄيءَ لغت ۾، ۽ خاص ڪري ’هه‘ سان شروع ٿيندڙ سڀني داخلائن ۾ (ص 995 کان 1019 تائين)، ان ريت لکڻ جي بدران سنڌيءَ ۾ لکجندڙ ’هـ‘ (دو چشمي/ٻه-اَکِي) سان لکيو ويو آهي، جيڪو ڪنھن به ريت نه لکڻ گهرجي ها. مثال طور: ها، هائے، هابيل، هات، هاتف، هاتهـ، هاٹ، هاں، هجوم، هپ، هدايت، هوا، هونا وغيره، جڏهن ته ٻين ڪيترن ئي لفظن ۾ پڻ اهڙو خيال نه رکيو ويو آهي، جھڙوڪ: ’وهاں، وهب، وهپ، وهيل‘ وغيره. البت اردو ’هه‘ کي پڻ لغت ۾ لکيو ويو آهي، جھڙوڪ: ’جهاد، کهيے‘ وغيره. اهڙيءَ طرح وسرڳي ’ـهـ‘ کي پڻ لکيل روپ ۾ ڪتب آندو ويو آهي، جھڙوڪ: ’آنکھيں، ترچھا‘ وغيره.
  3. داخلائن جي لفظن کي ڪجهه وڏي فانٽ سائيز ۾ رکيو ويو آهي، جنھن کان پوءِ معنائن ۽ سمجهاڻين کي حاشيي سان، ننڍي فانٽ سائيز ۾ لکيو ويو آهي. بنيادي لفظ مان جُڙندڙ يا ان سان لاڳاپيل محاورا ۽ مرڪب لفظ پڻ ان ئي ريت، بنيادي لفظ جي هيٺان، ساڳي فانٽ سائيز ۾، لکيا ويا آهن، جنھن کان پوءِ ٻيو بنيادي لفظ لکيو ويو آهي. ان سان ٻيو بنيادي لفظ، گهڻو پرتي يا اڳتي وڃي بيھي ٿو، جنھن سان ٻئي بنيادي لفظ کي ڳولڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي. مثال طور (1) ’آب‘ جي بنيادي داخلا، صفحي 9 تي، ڪالم ٻئي جي منڍ ۾، پھرِين داخلا طور ڏنل آهي. ’آب‘ کان پوءِ ذيلي داخلائون صفحي 12 تي، ٻئي ڪالم جي پنجين داخلا ’آبيانه‘ تائين هلن ٿيون، جنھن کان پوءِ ٻِي بنيادي داخلا ’آبا‘ اچي ٿي يعني ٻنهي بنيادي داخلائن ’آب‘ ۽ ’آبا‘ جي وچ ۾ 115 عدد ذيلي داخلائون ڏنل آهن. ان لحاظ کان ’آبا‘ جي معنى ڏسندڙ/ڳوليندڙ کي، صفحي 9 کان وٺي 12 تائين، 115 داخلائون جاچي اڳتي وڌڻو پوندو تڏهن اهو ’آبا‘ تائين پھچي ان لفظ جي معنى معلوم ڪري سگهندو. اهڙيءَ طرح، ’آپ‘ جي بنيادي داخلا صفحي 14 تي، پھرين ڪالم جي وچ تي ڏنل آهي، جنھن کان پوءِ ان جون ذيلي داخلائون صفحي 16 جي مُني ڪالم تائين هلن ٿيون، جنھن کان پوءِ ٻِي بنيادي داخلا ’آپا‘ اچي ٿي يعني ٻنهي داخلائن ’آپ‘ ۽ ’آپا‘ جي وچ ۾ 67 عدد ذيلي داخلائون ڏنل آهن، يعني ’آپا‘ جو لفظ ڳوليندڙ کي صفحي 14 کان وٺي 16 تائين، 67 داخلائون جاچيندي ’آپا‘ تائين پھچڻو پوندو تڏهن ئي اهو ’آپا‘ جي معنى پڙهي سگهندو. اهڙو معاملو سڄيءَ لغت ۾ آهي. سٺو ٿئي ها ته بنيادي لفظ هيٺ ايندڙ ٻين محاورن، اصطلاحن، چوڻين ۽ مرڪب لفظن کي معنائن جي حاشيءَ جِي سِڌَ ۾ لکيو وڃي ها، ته ان سان هڪ بنيادي لفظ هيٺان ٻيو بنيادي لفظ، ڪنھن به صفحي تي پھرين نظر وجهڻ سان ئي نمايان ٿي پوي ها.
  4. ’ا‘ (الف) جي پھرين داخلا هن ريت لکي وئي آهي:- ”ا، الف: (ع- مذڪر) اردو، سنڌي، عربي ۽ فارسي الف-ب جو پھريون اکر. الف جا ٻه قسم آهن: ممدوه ۽ مقصوره. الف ممدوه ڇِڪ سان پڙهجي ٿو ۽ مٿس مد ( ) هوندي آهي. (مثلاً ’آپ‘، ’آگ‘، ’آمد‘ وغيره). الف مقصوره ڇِڪي نه ٿو پڙهجي ۽ نه ئي مٿس علامت هوندي آهي. (مثلاً: ’اگر‘، ’سال‘، ’تاج‘ وغيره). علامتي لحاظ کان الف جي معنى: خدا واحد، اڪيلو، مفرد، سِڌائي، اگهاڙو، بھادر. ابجد جي حساب ۾ هڪ عدد وارو اکر.“ (ص 9).

ان داخلا ۾ گهڻيون ئي ڳالهيون ڌيان گُهرن ٿيون، جھڙوڪ (1) ’ا‘ (اکر) جو اچار ’الف‘ آهي جيڪو ’ا‘ کان پوءِ ڪاما (، ) ڏئي لکيو ويو آهي. لغت ۾ جڏهن ٻين اکرن جا اچار به ڏنل نه آهن، ته ’ا‘ جو اچار به اتي نه ڏيڻ گهرجي ها، يا وري ’بي‘، ’پي‘، ’تي‘ وغيره به هر هڪ اکر پٺيان لکجي ها. (2) ’ا‘ ڄاڻايل ٻولين سان گڏوگڏ پنجابي، بلوچي، پشتو ٻولين جو به پھريون اکر آهي. (3) ڏنگين ۾ ’مد‘ جي نشاني ڏيڻ رهجي وئي آهي. (4) پوري دم (.) جي نشانيءَ کان پوءِ ڏنگين ۾ مثال ڏيڻ صحيح ناهي. ’وغيره‘ لفظ جي گهرج نه هئي. (5) ’الف  ممدوه‘ يعني ’آ‘ کي ڇِڪ سان پڙهڻ مان ڇا سمجهجي؟ ڇڪي پڙهڻ جو ڪھڙو طريقو اتي اختيار ڪجي؟ (6) ’الف مقصوره‘ تي ڇا واقعي به ڪا علامت نه هوندي آهي؟ ان جي مثالن ۾ ڏنل لفظ ’اگر‘ ۾ آيل ’ا‘ تي ڇا ڪا به علامت ناهي؟ ڇا زبر جي اعرابَ علامت جي شڪل ۾ مٿس ناهي؟ ٻيا مثالي لفظن ’سال‘ ۽ ’تاج‘ ۾ وچ تي يا مختلف لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ آيل ’ا‘، الڳ الڳ علامتن طور مختلف ٻولين ۾ ڪتب ايندو آهي.

  1. ڪن واحد لفظن جا جمعُ، معنى جي پڄاڻيءَ تي، ڏنگين ۾ ڏنا ويا آهن، جھڙوڪ: آزرده (جمع آزردگان) (ص 27)، آشُفته (جمع آشفتگان) (ص 29)، آهُو (جمع آهواں) (ص 52). ٻئي طرف ڪن جمع لفظن جي واحد لفظن جي هن ريت ڄاڻ ڏني وئي آهي:- آبا: (ع- مذڪر) ’اَب‘ جو جمع (ص 12)، آثار: (ع- مذڪر) ’اثر‘ جو جمع (ص 19)، آحاد: (ع) ’احد‘ جو جمع (ص 21)، آداب: (ع) ’ادب‘ جو جمع (ص 22)، احکام: (ع) ’حڪم‘ جو جمع (ص 76).
  2. هڪ داخلا ’آلان‘، هن ريت ڏنل آهي: آلان: (س- مذڪر/مؤنث) هاٿيءَ کي ٻَڌڻ جو ڪَڙو يا زنجير- هاٿيءَ جا پالاڻ (ص 36) يعني واضح ڪيل ناهي ته ’آلان‘ مذڪر لفظ آهي يا مؤنث، يا ڪٿي مذڪر آهي ۽ ڪٿي مؤنث. لغتن ۾ اهڙا مونجهارا نه رکيا ويندا آهن.
  3. ’آ‘ لفظ جي بنيادي داخلا هيٺ، ’آ آ‘ کي درج ڪرڻ کان پوءِ، ٽن محاورن سميت ٻه وڌيڪ هي داخلائون آندل آهن: ’آ بے سونٹے تيري باري، کان چھوڑ کنپٹي ماري‘،’آ بيل مجھے مار‘،’آ بے لونڈے جا بے لونڈے کرنا‘،’آ پڑوسن لڑيں‘ ۽ ’آ پڑوسن مجھ سي هو‘ (ص 9)، پر ’آ‘ سان شروع ٿيندڙ ٻيا محاورا ۽ ڪي داخلائون هِن ئي لغت ۾ اڳتي ٻين صفحن تي پڻ نظر اچن ٿيون جيڪي اصولي طور ’آ‘ جي ترتيب ۾ شامل ٿيڻ گهرجن ها، جھڙوڪ: ’آ بھڑنا‘ (ص 14)، ’آ پهنچا‘ ۽ ’آ پھنسنا‘ (ص 16)، ’آ دبکنا‘ ۽ ’آ دبوچنا‘ (ص 22)، ’آ دھمکنا‘ ۽ ’آ ڈٹنا‘ (ص 23)، ’آ رهنا‘ (ص 25) ۽ ’آ لگنا‘ (ص 36). ’آ‘ سان شروع ٿيندڙ داخلائن کي جڏهن ’فيروز اللغات اردو جامع‘ ۾ شامل داخلائن سان ڀيٽجي ٿو، ته معلوم ٿئي ٿو ته ’سنڌيڪا اردو سنڌي لغت‘ ۾ ’آ‘ لفظ سان شروع ٿيندڙ هِي 12 عدد داخلائون ’فيروز اللغات اردو جامع‘ مان شامل ڪيل ناهن: ’آبلا گلے پڑ، نهيں پڑتي تو بھي پڑ‘،’آ بننا‘،’آ بوا لڑيں، لڑے هماري بلا‘،’آ پڑنا‘،’آ پڑوسن (لڑ، لڑيں)‘، ’آ پهنچنا‘ (شايد هن کي ’آ پهنچا‘ ڪري شامل ڪيو ويو آهي!)، ’آ پھنسے کي بات هے يا آ پھنسي کا معامله هے‘،’آ جانا‘،’آ دبانا‘،’آ لينا‘،’آ مرنا‘ ۽ ’آ نکلنا“(9). اهڙيءَ طرح ’آب‘ جي داخلا هيٺ پڻ ’سنڌيڪا اردو سنڌي لغت‘ ۾ ڪيتريون ئي داخلائون رهايون ويون آهن، جنھنڪري اردو-سنڌي لغت جي جامعيت متاثر ٿي آهي.
  4. ڪن گهڻ لفظي داخلائن ۾ جيڪڏهن ڪنھن لفظ جو فرق آهي، ته انهن کي گڏي درج ڪيو ويو آهي، جھڙوڪ: ’آبِ آتش رنگ، آبِ آتش مزاج، آبِ آتش ناک، آب آتشين: شراب. رت جا ڳوڙها‘ (ص 9) يعني انهن چئني داخلائن جي معنى ساڳي آهي. اهڙين ڪن داخلائن کي وري ٻيءَ طرح به درج ڪيو ويو آهي، جھڙوڪ: ’آب اتر جانا/اترنا‘ يا ’آبِ احمر/ارغواني‘ (ص 9) ان ڪري انهن ۾ هڪجھڙائي جو هئڻ ضروري هو.
  5. ’آبِ بقا‘ جي داخلا ۾ لکيو ويو آهي ته ”ڏسو: آبِ حيات“ (ص 10)، جيتوڻيڪ بھتر هو ته لکي ڇڏجي ها: ”آب حيات، امرت جل“. جڏهن هڪ يا ٻه متبادل يا مترادف لکڻا آهن، ته ٻِيءَ داخلا ڏانھن رجوع ڪرڻ جي بدران اتي ئي معنى لکي ڇڏڻ بھتر آهي. ساڳيءَ طرح ’آب تاب‘ جي داخلا ۾ لکيو ويو آهي ته ”ڏسو: آب و تاب“ (ص 10). اتي پڻ بھتر هو ته لکي ڇڏجي ها: ’چمڪ، رونق، روپ‘.
  6. ڪي پروف جون غلطيون پڻ رهجي ويون آهن، جھڙوڪ: ’آب دهن‘ (آبِ دهن) (ص 11)، ’آبا ؤاجداد‘ (آبا و اجداد) (ص 12)، ’پھنجائپ‘ (پنھنجائپ) (ص 16)، ’ملغن‘ (مغلن) (ص 30)، ’تيرتهـ جا ترا‘ (تيرتهـ ياترا) (ص 319).

بھرحال، هيءَ هڪ سٺي اردو-سنڌي لغت آهي، جنھن جي بنياد واسطي هڪ سٺي اردو لغت جي چونڊ ڪئي وئي. ان لغت جا جيتوڻيڪ ٽي ڇاپا ڇپيا آهن، پر ان جي ٻئين ۽ ٽئين ڇاپي ۾ ڪي به واڌارا ۽ سڌارا ڪو نه ڪيا ويا آهن، جيڪي ضرور ٿيڻ گهرجن ها، ڇاڪاڻ ته اهڙن مسلسل عملن سان ئي جامع ترين لغتن جي جوڙجڪ ٿيندي ويندي آهي.

  1. جديد اردو سندھي لغات (مرتب: رحيم بخش لُنڊ):

هيءَ ٻه-ٻوليائي اردو-سنڌي لغت رحيم بخش لُنڊ جي جوڙيل آهي، جنھن جو هڪ ڇاپو، ڪرائون سائز ۾، پلاسٽڪ ڪوَر سان، مجلد، چئن مھڙين ۽ ٻن ڪالمن ۾ ورڇيل 659 لغت جي صفحن ۽ نوَن آخري معلوماتي صفحن تي مشتمل، چوهاڻ پرنٽنگ پريس لاهور مان ڇپجي، اورنٽيل بڪ سوسائٽي لاهور پاران پڌرو ٿيو. هن لغت تي ڇپائيءَ جو سال ڏنل نه آهي، البت ڪمپيوٽر تي ڪمپوزنگ ٿيل آهي. اها ئي لغت پاڪيٽ سائيز ۾ پڻ ساڳئي اداري پاران ڇپايل آهي.

هيءَ درسي نوعيت جي لغت خاص ڪري شاگردن واسطي مرتب ڪئي وئي آهي، جو ان جي ٽائيٽل تي ڪيترا ئي لفظ ڇپيا ويا آهن، جھڙوڪ: ’پاپولر حسن الغا‘ [درست ’حسن اللغات‘]، ’مستند‘، ’new edition, new way‘، ’ادبا شعرا، علمام، فضلا، اساتذه اور طلبه و طالبات کيلئے يکساں مفيد جديد ترين مستند اور سندھي لغت‘. انهن لفظن ۾ پروف جون غلطيون پڻ نظر اچن ٿيون.

هن لغت ۾ فھرست جو صفحو شامل آهي، جنھن کان پوءِ هڪ صفحي تي، سنڌي ٻوليءَ ۾، ’ضروري گذارش‘ مؤلف پاران لکيل آهي، جنھن ۾ هُو لکي ٿو: ”تعليم جي ميدان ۾ شاگردن لاءِ هيءَ ڊڪشنري هڪ سٺي راهه هموار ڪري ٿي، جنھن سان ٻارن کي اردو لفظن کي سنڌي ۾ پڙهڻ لاءِ سٺي رهنمائي ٿيندي.“ (ص: اڻڄاڻايل)

هن لغت ۾، هڪ هڪ صفحي تي، 28 کان 35 داخلائون ڏنل آهن، ان لحاظ کان منجهس لڳ ڀڳ 20 هزار داخلائون شامل ڪيون ويون آهن. جڏهن ته لغت ۾ اردو لفظن کي نستعليق خط ۾ لکيو ويو آهي. هن لغت جي عام جائزي مان هيٺيون ڳالهيون پڌريون ٿين ٿيون:

  1. داخلا هيٺ آيل لفظ کي، معنى ۾ آيل لفظن کان ٿورو وڏو ڪري ۽ حاشيءَ سان لکيو ويو آهي، جنھنڪري اهو نمايان ٿي پيو آهي.
  2. لفظ جي اصل ٻوليءَ جو مخفف قوسين ۾ لکيو ويو آهي، جھڙوڪ: هه (= هندي)، ف (= فارسي)، ع (= عربي)، ا (= اردو) وغيره. البت انهن مخففن بابت لغت جي شروع ۾ ڪا معلومات درج نه ڪئي وئي آهي.
  3. وياڪرڻي نشانين مان مذ (= مذڪر) ۽ مث (= مؤنث) لاءِ ڏني وئي آهي، پر ڪٿي وري ”مؤنث“ به مڪمل طور لکيو ويو آهي. ص (= صفت) نشاني پڻ ڪتب آيل آهي. اهي نشانيون پڻ لغت جي منڍ ۾ پورن لفظن سميت ڏيڻ گهرجن ها.
  4. هِن لغت ۾ پڻ ’بھ، پھ، تھ، ٹھ، جھ، چھ، دھ، ڈھ، کھ، گھ‘ جون داخلائون ترتيبوار ’ب، پ، ت، ٹ، ج، چ، د، ڈ، ک ۽ گ‘ اکرن ۾ ڏنيون ويون آهن، جنھنڪري ’بهه ۽ بھ، پهه ۽ پھ، تهه ۽ تھ، ٹهه ۽ ٹھ، جهه ۽ جھ، چهه ۽ چھ، دهه ۽ دھ، ڈهه ۽ ڈھ، کهه ۽ کھ، ۽ گهه ۽ گھ‘ سان شروع ٿيندڙ لفظ هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ويا آهن ۽ لفظن جي ڳولا ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي.
  5. لغت ۾ پھرين داخلا ’آ کرنا‘ ۽ ٻِي داخلا ’آب‘ جي ڏنل آهي. جيڪڏهن ’آ‘ جي الڳ پھرين داخلا شامل هجي ها ته پوءِ ’آ کرنا‘ ان جي ذيلي داخلا ۾ اچي ها ۽ ’آب‘ پٺتي اچي ها، پر هن صورت ۾ اها ترتيب صحيح ناهي. ’آب‘ جون ٻه داخلائون هن ريت ڏنل آهن:

آب (ف. مذ) پاڻيءَ مان چمڪو، رونق.

آب (مونث) (ف. مذ) نير، پاڻي، جل، درياهه، پگهر، ميوي جو رس. (ص 1)

پڌرو ٿئي ٿو، ته معنوي فرق جي ڪري الڳ داخلا لکيون ويون آهن، ٻيءَ داخلا ۾ قوسين ۾ مونث به لکيو ويو آهي ته مذڪر به، جيڪو غلط آهي. مترادف ۽ متبادل گهڻا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيڪا سٺي ڳالهه آهي.

  1. ’آب‘ کان پوءِ ان جون ذيلي داخلائون، جھڙوڪ: ’آب آب هونا، آب باراں، آب آتش رنگ، آب آجانا، آب بگڑنا‘ ته ڏنيون ويون آهن، پر وچ ۾ بنيادي داخلائون، ’آبا، آباد، آبادي، آبا و اجداد‘ وغيره به شامل ڪيون ويون آهن، جنھنڪري لغت ۾ وڏو عيب پيدا ٿي پيو آهي.

هن ’جديد اردو-سندھي لغات‘ جي پڇاڙڪن صفحن ۾ شاگردن جي معلومات واسطي، مختلف عنوانن تحت، ’علامتون، ايجازات [ايجادات] ۽ اختصارت‘،  ’اعشاري نظام‘ (شمار، وزن، تور ۽ ماپ جا پيمانه) وغيره ڏنا ويا آهن.

نتيجو:  اردو ۽ سنڌي ٻوليون، سنڌ سميت، نه صرف پاڪستان پر هندستان ۾ پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون، ان ڪري ٻنهي ٻولين جي لغتن تي ڀرپور ڪم ٿيڻ گهرجي ها، پر اوترو ڪم ٿيل نظر نه ٿو اچي. اردو کان سنڌي ٻوليءَ ۾، پاڪستان جي قيام کان پوءِ صرف پنج لغتون ڇپيون آهن، جن مان به ٻه لغتون، هِڪڙي لغت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان جي جوڙيل ۽ ٻِي لغت عبدالستار بلوچ جي جوڙيل، اهم آهن. انهن پنجن ئي لغتن ۾ الڳ الڳ نوعيت جون خوبيون ته آهن، پر منجهن ڪي کوٽون ۽ خاميون پڻ نظر اچن ٿيون، جن تي ڌيان ڌرڻ جي گهرج آهي. ويجهڙ ۾ 2019ع ۾، ٻن جلدن ۾، 1887 صفحن تي مشتمل، ”مختصر اردو لغت“ اردو لغت بورڊ ڪراچيءَ پاران ڇپي آهي، جيڪا 22-جلدن ۾ ڇپيل ’اردو لغت‘ (تاريخي اصول پر) تان مرتب ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن ’مختصر اردو لغت‘ جي معنى واري ڀاڱي کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرايو وڃي، ته اها هڪ سٺي ’اردو-سنڌي لغت‘ ثابت ٿي سگهي ٿي.

 

حوالا:

  1. جالبي، جميل، ڈاکٹر (مقاله): سندھ ميں اردو (آغاز سے 1750ء تک)، پاکستان ميں اردو: پهلي جلد: سندھ، مرتبين: پروفيسر فتح محمد ملک، سيد سردار احمد پيرزاده اور تجمل شاه، مقتدره قومي زبان پاکستان، اسلام آباد، طبع اول 2006ء، ص 33
  2. ندوي، سليمان، سيد (مقاله): اردو کيونکر پيدا هوئي، پاکستان ميں اردو: پهلي جلد: سندھ، مرتبين: پروفيسر فتح محمد ملک، سيد سردار احمد پيرزاده اور تجمل شاه، مقتدره قومي زبان پاکستان، اسلام آباد، طبع اول 2006ء، ص 7
  3. فرخ آبادي، رحمت، پروفيسر (مقاله): سندھ ميں اردو، پاکستان ميں اردو: پهلي جلد: سندھ، مرتبين: پروفيسر فتح محمد ملک، سيد سردار احمد پيرزاده اور تجمل شاه، مقتدره قومي زبان پاکستان، اسلام آباد، طبع اول 2006ء، ص 20
  4. بلوچ، نبي بخش خان، ڈاکٹر: سندھ ميں اردو شاعري، مجلس ترقي ادب لاهور، طبع سوم 1978ء، ص 12
  5. بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر: نئين جامع سنڌي لغات (جلد 1)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد، ڇاپو ٻيو ڊسمبر 2017ع، ص 3.
  6. بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر: نئين جامع سنڌي لغات (جلد 1)، ڇاپو ٻيو 2017ع، ص 35.
  7. https://www.urduinc.com/english-dictionary/آریہ%20درت-meaning-in-urdu
  8. com
  9. فيروزالدين، مولوي: فيروز اللغات اردو جامع، فيروز سنز لميٹڈ لاهور، نيا ايڈيشن، ص ٢.

مددي ڪتاب:

  1. ابن الياس: نئين اردو-سنڌي لغات، آزاد بڪ ڊپو حيدرآباد، ڇاپو پھريون، 1950ع.
  2. بلوچ، عبدالستار: اردو-سنڌي لغت/اردو سندهي لغت، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ڇاپو ٽيون، 2015ع.
  3. بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر: نئين جامع سنڌي لغات (جلد 1)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد، ڇاپو ٻيو، ڊسمبر 2017ع.
  4. بلوچ، نبي بخش خان، ڈاکٹر: سندھ ميں اردو شاعري، مجلس ترقي ادب لاهور، طبع سوم 1978ء
  5. بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان: اردو-سنڌي لغت، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ڇاپو پھريون، 1960ع.
  6. صديقي، ابوالليث، ڊاڪٽر: بنيادي اردو، سنڌي مترجم: جمال رند، مرڪزي اردو بورڊ لاهور، پھريون ڇاپو، 1968ع.
  7. فيروزالدين، مولوي: فيروز اللغات اردو جامع، فيروز سنز لميٹڈ لاهور
  8. لنڊ، رحيم بخش: جديد اردو سندهي لغات، اورنٽيل بڪ سوسائٽي لاهور، ڇاپو ڇپيل ناهي.
  9. ملک، فتح محمد، پروفيسر و ديگر: پاکستان ميں اردو: پهلي جلد: سندھ، مقتدره قومي زبان پاکستان، اسلام آباد، طبع اول 2006ء
302 ڀيرا پڙهيو ويو