قومن جي ترقيءَ ۾ مادري ٻولين جو ڪردار
(The role of mother language in the development of nations)

ڊاڪٽر نسيم اختر
Abstract: A nation is a group of people, whose costumes, traits, common peculiarities of life, etiquettes, rituals and ethics are part of culture. These are collective identification and the most important aspect is having language. Means there should be a common language for communication. Because culture and language have a close relation with each other. Language is not merely a source of expression, but it is a social life identification for a nation, country and then people of a specific area’s culture and etiquettes. A language is a biological gift for any child, he gets that from his/ her parents. That becomes a part of his/her consciousness and unconsciousness. If a child gets an education in his/her mother tongue he will accept it so soon. The standards of understanding of the different aspects of knowledge and things would be quite clear. The child will get the milestone of his study through continuous education. But his/ her medium of instruction should be mother tongue. The culmination of his thought is related to his surrounding culture and atmosphere that provides him a collective wisdom. Learning in your mother language plays a major role in the development of a nation. The research paper highlights the educational importance of mother tongue in the development of nations. لفظ ’قوم‘ جي لغوي معنيٰ ’فرهنگ آصفيه (لغت)‘ ۾ هن ريت آهي: ”ماڻهن جو گروهه، فرقو، خاندان، ڪل (ڪڙم)، خيل، خانواده، جاتي، نسل، نزاد، ذات وغيره.“ جڏهن ته ’قوم‘ جي صفت ’قومي‘ ٿيندي، جنھن جي معنيٰ آهي: ’هڪ مذهب يا ملت يا ملڪ يا سلطنت جا ماڻهو.‘ ٻين لفظن ۾ وطني، ڏيھي(1)، ’قومي‘ (صفت) مان لفظ ’قوميت‘ نڪتو آهي، جڏهن ته عربي زبان ۾ لفظ ’قوم‘ ئي ’قوميت‘ جي معنيٰ ۾ ڪتب اچي ٿو. ’اردو دائره معارف اسلاميه‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”لفظ ’قوم‘ اهڙيءَ معنيٰ ۾ ڪتب آيو آهي، جنھن جو مفھوم ’لوڪ‘ (اردو: لوگ) جي هاڻوڪي تصور جي ويجهو وڃي پُڄي ٿو ۽ لفظ ’قوم‘، عام ماڻهن لاءِ هن معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو، جنھن معنيٰ ۾ انگريزي زبان جو لفظ ‘People’، فرينچ ٻوليءَ جو لفظ ‘Gens’ ۽ جرمن جو ‘Leute’ ڪتب ايندو آهي. ٻئي طرف لفظ ’قوميه‘ (عربي) يا ’قومپرستي‘، اصل ۾ قبائلي اصليت جي ڄاڻ ڏئي ٿو ۽ انهن ماڻهن جي هڪ گروهه لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جيڪي هڪ ئي نسل (جد) هئڻ جا دعويدار هجن. هيءُ اصطلاح هڪ قبيلي لاءِ به ڪم ايندو آهي، جن جا فرد هڪ ئي ابي ڏاڏي جا هجن. هڪ ماڻهوءَ جي قوم، اُن جا ڀائيبند (برادريءَ) وارا هوندا آهن.“(2) هڪ اصطلاحي، پر ترقي يافته ’قوم‘ جي حوالي سان وصف هن ريت آهي: “A large arrogate of people united by common decent history, culture or language, inhabiting a particular country or territory.”(3) جڏهن ته هڪ ٻيءَ وصف ۾ هن ريت وضاحت ڪئي وئي آهي: “A nation is large group or collection of people with common characteristics attributed to them including language, traditions, mores (customs) habitus (habits) and ethnicity.”(4) ڄڻ ته هڪ قوم مان مراد ماڻهن جو هڪ اهڙو گروهه آهي، جنھن جي ثقافت، عادتون، جنھن جي زندگيءَ جون عام خصوصيتون، آداب، روايتون ۽ اخلاقيات، جيڪي سندن ثقافت جو حصو آهن، اهي سندن گڏيل سڃاڻپ هجن ۽ سڀ کان اهم نُڪتو ته سندن زبان هڪ هجي، يعني زندگيءَ ۾ رابطي جو وسيلو هڪجھڙو، هڪ زبان هجي، ڇو ته ثقافت ۽ زبان جو تمام گھرو ناتو آهي، هتي مختصر طور رڳو ڪُليي (قاعدي) طور بيان ڪجي ٿو: Culture + Language = Behaviour + Language Behaviour هاڻي ان الڳ زبان ۽ الڳ قوم جي نُڪتي کي قرآن پاڪ مان مطالعو ڪجي ٿو: وَمِنْ آيَاتِهِ خَلْقُ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ وَاخْتِلافُ أَلْسِنَتِكُمْ وَأَلْوَانِكُمْ إِنَّ فِي ذَلِكَ لَآيَاتٍ لِّلْعَالِمِينَ (سورة الروم 22, 30) ترجمو: ”۽ انهن (قدرت جي) نشانين مان آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪرڻ، ۽ توهان زبانن ۽ رنگتن جو ڌار ڌار هئڻ آهي. عقل وارن لاءِ انهن (ڳالهين) ۾ (کوڙ ساريون) نشانيون آهن.“(5) دين اسلام جو ’دستورِ حيات‘ به الڳ زبان ۽ الڳ قوم جو تصور پيش ڪري ٿو، تسليم ڪري ٿو ۽ عقل وارن لاءِ ان ۾ فھم ۽ فراست جي ڳالهه ڪري ٿو. هاڻي ’ڌار زبان‘ جي مفھوم کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته زبان صرف اظھار جو وسيلو ئي نه آهي، پر اُها خاص ماڻهن (قوم) جي، خاص علائقي (وطن) جي ۽ پوءِ اُن علائقي ۽ ماڻهن جي روايتن، ادب ۽ سماجي زندگيءَ جي سڃاڻپ آهي. ان ڳالهه کي وارث سرهنديءَ هيئن بيان ڪري ٿو: ”زبان، اظھار جو ذريعو هئڻ سان گڏ ڪنھن قوم جي روايتن، اخلاقي قدرن ۽ تھذيب، ثقافت جي آئينه دار به هوندي آهي، ان ڪري ڪنھن ’قومي زبان‘ لاءِ ضروري آهي ته اها قوم جي سمورن طبقن جي گڏيل اظھار جو وسيلو هئڻ کانسواءِ قوم جي روايت ۽ ثقافت جي امانت دار به هجي، جيڪڏهن ڪا زبان انهن ٻنهي خاصيتن جي حامل نه آهي ته اها ڪنھن به ريت ’قومي زبان‘ جو درجو حاصل ڪرڻ جي اهل نه ٿي ٿي سگهي.“(6) هاڻي، اها ’قومي زبان‘، مادري زبان کان بھتر ڪا ٿي ئي نه ٿي سگهي، ڇو ته ٻار، جيڪا زبان مُنڍ کان، يعني خاص ڪري ماءُ جي هنج ۾ ٻُڌي ٿو ۽ پوءِ اها ڳالهائي ٿو، ان کان پوءِ هو ڪيتريون به زبانون ڇو نه سکي وڃي، سندس ’بنيادي زبان‘، لاشعور ۾، مرڻ وقت به اُها ئي رهندي. جڏهن ته نوم چومسڪي چوي ٿو ته: “Language is Biological” ته اُن جو مطلب ٿيو ته هو ماءُ جي يا پيءُ جي زبان جي ڳالهه ڪري ٿو. هاڻي اها ڇنڊ ڇاڻ ڪڏهن سائنسي (Scientific) ٿيندي آهي ۽ ڪڏهن سماجي ٿيندي آهي، جيڪڏهن اُن جي وضاحت ڪئي وڃي ته هڪ هنڌ اُن جي تشريح هن ريت ملي ٿي: “A Language from which another language is descended; parent language also called mother language.”(7) آڪسفرڊ ڊڪشنريءَ ۾ مادري زبان جي وضاحت ڪجهه ريت ملي ٿي: Mother Language: 1. “The language which a person has grown up speaking from early childhood. 2. Mother Tongue: The first language that you learn when you are a baby rather than a language learned at school or as an adult.”(8) هاڻي جيڪا زبان ڪنھن ٻار کي حياتياتي طور (Biological) ملي ٿي، سا مائٽن کان ملي ٿي، اها اُن جي شعور ۽ لاشعور جو حصو آهي، جيڪڏهن انهيءَ زبان ۾ بنيادي تعليم ڏني ويندي ته ٻار اُن کي هڪدم قبول ڪندو. سندس شين ۽ علمن کي سمجهڻ جو معيار يعني سمجهڻ جي سطح understanding level بلند ٿيندي. اهو ٻار لاڳيتو پڙهڻ (خواندگيءَ) سان علميت جو سفر طئي ڪري وٺندو. جڏهن خواندگي (پڙهائي) ۽ علميت سندس بنيادي زبان ۾ هوندي، سندس سوچ جي بلندي، سندس آسپاس جي ثقافت، جتان سندس زبان وڌي ويجهي هوندي، ۾ لڪل آهي. اها ئي ٻار کي مجموعي سوچ عطا ڪندي، جيڪا عملي صورت ۾ ڪنھن به قوم جي ترقيءَ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي. مادري زبان جي اهميت کي اُجاگر ڪرڻ ۽ اهميت کي ڄاڻڻ لاءِ’منھنجو داغستان‘ هڪ اهم ڪتاب آهي. رسول حمزاتوف پنھنجي ڪتاب ’منھنجو داغستان‘ ۾ ’زبان‘ جي سري هيٺ تمام سٺيون ڳالهيون بيان ڪيون آهن. هُن موجب ته: ”هُو هڪ ڳوٺ مان گذريو پئي، ته ڏٺائين ته جابلو علائقي جون رهاڪو ٻه قبائلي عورتون پاڻ ۾ وڙهيون پئي، اُن جهيڙي دوران هڪ عورت، ٻيءَ کي بد دعا ڏني ته: ”الله! تنھنجي ٻارن کي اُن انسان کان محروم ڪري، جيڪو کين پنھنجي زبان سيکاريندڙ آهي.“ ان کان پوءِ ٻي مائيءَ به ساڳي ريت اُها بد دعا ٻئي نموني ورجائي ۽ چيو ته: الله ڪري توهان وٽ هڪ به اهڙو ماڻهو نه بچي، جيڪو تنھنجي ٻارن کي زبان سيکاري سگهي!“(9) پنھنجي زبان ۽ تھذيب سان محبت ۽ اهميت جي هيءَ اها علامت آهي، جنھن جي جهلڪ قومن جي پنھنجن جهيڙن ۽ تڪرارن ۾ به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اسان ڀلي هن واقعي کي جابلو ۽ قبائلي علائقن جي پراڻن وقتن جي تھذيب چئي نظر انداز ڪري ڇڏيون، پر حقيقت هيءَ آهي ته ٻين قومن جي زبان ۽ تھذيب اختياري ڪري هڪ قوم، اصل قوم جي غلام يا اُن جو مڪمل حصو ته بڻجي سگهي ٿي، پر پنھنجي ظاهري سڃاڻپ سان گڏ اُن ترقي يافته قوم جو درجو ڪڏهن به حاصل ڪري نه ٿي سگهي. پاڪستان ۾ وسندڙ عوام اٽڪل ستن ڏهاڪن کان ان مفروضي ۾ قيد آهي ته ان جي ترقي ۽ ڪاميابي اولاهين / مغربي تھذيب ۽ اُن جي زبان اختيار ڪرڻ ۾ آهي. اسان کي اهو به احساس نه رهيو ته اولھه جي جنھن غير فطري ترقي ۽ ڪاميابيءَ جي دور ۾ اسان سندن زبان ۽ تھذيب اپنائي آهي، ان جو اثر اسان جي پنھنجي نسل جي سوچ ۽ فڪر تي ڪھڙو پيو آهي؟ نئون نسل اهو سوال پيو اٿاري ته جڏهن کيس سڀڪجهه مغرب کان عطا ٿي رهيو آهي ته پوءِ تاريخ اسلام جو ڇا مطلب! ۽ ان ڳالهه جو تذڪرو ڪرڻ مان ڪھڙو مطلب، جڏهن ته هن خطي ۾ ڪڏهن سندن پنھنجي سياسي، معاشي ۽ سماجي سڃاڻپ رهي آهي، پر جن کي ياد آهي، سي پنهنجن بزرگن جي هن قومي ۽ تھذيبي اثاثي کي ان اميد سان هڪ ٻوجهه طور ڍوئي رهيا آهن، ته شايد هن واٽ تان ڪو قافلو گذري ۽ کوهه ۾ تڙپندڙ يوسف کي بادشاهه جي محل تائين پھچائي ڇڏي. مادري زبان بابت امجد اسلام امجد لکي ٿو: ”سڄيءَ دنيا جا تعليمي ماهر ۽ نفسيات دان ان ڳالهه تي سھمت آهن ته اٽڪل اٺن ورهين تائين انساني ٻار جو ذهن شين، انهن جي ماهيت، خاصيتن ۽ بنيادي حسي تجربن کي جنھن بھتر ۽ ڀرپور انداز ۾ پنھنجي ماءُ ٻوليءَ ۾ سکندو آهي ۽ سمجهندو آهي، اهو ڪنھن ٻئي طريقي سان ممڪن نه آهي. ماءُ ٻوليءَ جي شگفته وضاحت هيئن به ڪبي آهي ته ماڻهو کڻي ڪٿي به رهي، ’سَت زبانيو‘ يا عالم فاضل ٿي وڃي، اهو گار ۽ خواب هميشه ماءُ ٻوليءَ ۾ ڏيندو ۽ ڏسندو آهي.“(10) اولھه وارن لاءِ وري به سندن پنھنجي تھذيب ان لاءِ به وقتي طور تي ڪارائتي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته سندن سوچ ۽ زبان ۾ هڪجھڙائي ۽ هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي، جڏهن ته خود اولھه جي پنھنجي ماده پرست تھذيب به ختم ٿي رهي آهي. شايد اُهي پنھنجو رستو ڳولي به وٺن، جھڙوڪ سموري دهشتگرديءَ جي منفي پروپگينڊا جي باوجود اولھه ۾ اسلام تيزيءَ سان مقبول ٿي رهيو آهي، پر جنھن فڪر ۽ سوچ سان اسان سندن زبان کي اختيار ڪيو آهي، ان ۾ هڪڙو نقص آهي ۽ اُن نقص يا عيب جي ڪري اسان مادي ۽ ذهني طرح سندن غلاميءَ جا اهل ته ٿي سگهون ٿا، پر سندن اڳواڻي ڪڏهن نه ٿا ڪري سگهون. جيڪڏهن اسان روءِ زمين تي ڪجهه ترقي يافته ملڪن جي ترقيءَ ۽ ڪاميابيءَ جي ڀيٽ ڪنداسون ته اهو ڏسون ٿا ته برصغير هندو پاڪ (يعني هندستان) جو خطو جيڪڏهن ڪڏهن عروج تي پھتو به ته اهو مسلمانن جو دور هو ۽ مسلم حڪمران پنھنجي اسلامي تاريخ جا پابند رهيا آهن. جن قومن جي پنھنجي تاريخ هوندي آهي، اُهي پنھنجي ان تاريخ کي ياد رکندا آهن. انهن جي پنھنجي زبان هوندي آهي، سندن پنھنجو نصب العين هوندو آهي ۽ پوءِ اهو نصب العين ئي قومن جي عروج جو ڪارڻ بڻبو آهي. پر پنھنجي تھذيب ۽ زبان کي وساريندڙ پنھنجي تاريخ ۽ نصب العين کان به محروم ٿي ويندا آهن. هاڻي آزاديءَ کان پوءِ هڪ ڀيرو وري اسان وڌيڪ زوال طرف مائل آهيون ته ان جو ڪارڻ ان کانسواءِ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو ته مسلم ۽ انگريزي دور حڪومت کان پوءِ اسان ماڻهن جي ڪا نج قومي ۽ تھذيبي سڃاڻپ نه رهي آهي، جيڪا اسان کي پنھنجي نصب العين طرف مائل ڪري. شايد اهو ئي سبب آهي جو هاڻي هتي هر شخص پنھنجي ذاتي مفاد کي عزيز رکندي، مغرب جي مادي فتني جو غلام بنجي چڪو آهي. ان جي ابتڙ آمريڪا، جيڪو تقريباً پندرهين صديءَ ۾ ملاحن جي تلاش جي ڪري وجود ۾ آيو ۽ صرف ٽن سؤ سالن ۾ تاريخ جي بلند مقام تي پھتو ته اُن جي ترقي به يورپ جي انهن پناهگير قومن جي ڪري ٿي سگهي، جيڪي هڪ قديم تاريخ ۽ تھذيب جون پابند رهيون آهن. انهن سالن تائين پوئتي پيل مقامي ڪاري چمڙيءَ وارن ماڻهن جي تقدير بدلائي ڇڏي. اهڙيءَ ريت اسرائيل 1947ع ۾ قائم ٿيو آهي، جنھن جي قائم ڪرڻ ۾ برطانيا اهم ڪردار ادا ڪيو هو، اهو چاهي ته عالمي طاقتن برطانيا ۽ آمريڪا کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙيءَ طرح انگريزيءَ کي اسرائيلي رياست جي زبان قرار ڏئي سگهي ٿو، جھڙيءَ ريت برطانيا کان آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ ٿيو (جنھن جو نتيجو اڃا تائين اسان ڀوڳي رهيا آهيون). پر يھودين پنھنجي قومي ۽ تھذيبي خودداريءَ کي برقرار رکندي هڪ نصب العين هيٺ پنھنجي ٻه هزار سال پراڻي زبان عبرانيءَ کي ئي رائج ڪيو ۽ يورپ جي سر سبز ۽ شاداب علائقن مان لڏ پلاڻ ڪري، فلسطين ۾ وڃي ويٺا آهن. رڳو اسرائيلي قوم ئي ڇو، چين جو مثال به ملاحظي لاءِ ڏئي سگهجي ٿو. ڳالهه رڳو آمريڪا ۽ اسرائيل جي ناهي، پر اها هڪ عالمي حقيقت آهي ته دنيا جي هر قوم ۽ ملڪ، جن جو ٻين ملڪن تي قبضو رهيو آهي، جھڙوڪ روم، فارس، يونان ۽ عرب کان پوءِ هڪ ڀيرو وري روس، فرانس، برطانيا، چين وغيره پنھنجي عروج جو مرحلو طئي ڪيو ته اُن ۾ انهن قومن جي پنھنجي زبان ۽ تاريخ جو اهم ڪردار رهيو آهي، جنھن ۾ ماءُ ۽ مادري زبان اهميت جي حامل آهي. ’منھنجو داغستان‘ (ڪتاب) مان ورتل اقتباس مان زبان سان گڏوگڏ هڪ سبق ٻيو به ملي ٿو ته قومن جي ترقيءَ ۾ نسلن جي تربيت به ڏاڍي اهم ٿيندي آهي ۽ ان تربيت ۾ ٻار جي ماءُ ۽ ان جي سوچ جو جيڪو ڪردار هوندو آهي، ان جو اثر سڄيءَ قوم تي پوندو آهي. اقبال، جيڪو شروعاتي حالتن ۾ مغرب کان گهڻو مرعوب هو، جڏهن هن مغرب کي بنھه ويجهڙائيءَ کان ڏٺو ته کيس اهو احساس ٿيو ته مغربي ماءُ پنھنجي جنھن زبان ۽ تھذيب جي ڪري مغرب کي عروج جي واٽ ڏيکاري آهي، پوئين نسلن پنھنجي انهن ڌيئرن کي، جيڪي سڀاڻي پنھنجي ٻارن جون مائرون بنجي سگهيون ٿي، کين بازار جي زينت بنائڻ شروع ڪيو آهي. ان تي اقبال ۾ جستگيءَ سان چيو هو: تمہاری تہذیب خود اپنے خنجر سے خود کشی کرے گی جو شاخ نازک پر آشیانہ بنے گا٬ نہ پائدار ہوگا۔ 9 سيپٽمبر 2001ع واري واقعي کان پوءِ هيءَ ڳالهه مغربي مفڪرن به لکڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪئي آهي ته: Why the west is loosing war against terrorism? يعني ’مغرب دهشتگرديءَ خلاف جنگ ڇو پيو هارائي؟‘ ان جو هڪ ڪارڻ زبان آهي ۽ ٻين لفظن ۾ مغربي ماءُ جي پنھنجي ڪُک جو غير محفوظ رهڻ آهي، جيڪو سندن مستقبل جي خانداني ورثي کي تباهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهي. خاندان جي تباهي، قومن جي تباهي آهي. قومن جي تباهي، تھذيبن جي تباهي آهي، تھذيبون تباهه ٿينديون آهن ته ان قوم جي تاريخ ڪڏهن به محفوظ نه ٿي رهي سگهي ۽ پوءِ اهڙين قومن جي جدوجھد جو نصب العين ان کانسواءِ ڪجهه به نه ٿو رهي ته اهي مادي ضرورتن جي پورائي لاءِ زمين تي فساد برپا ڪن، جو اڄڪلهه آسپاس نظر اچي ٿو. مغرب هن وقت اُن مادي ۽ تھذيبي بحران مان گذري رهيو آهي ۽ مغربي ماءُ کي پنھنجي ٻارن کي ٻُڌائڻ لاءِ ان جو ڪو به پڪو پختو جواب نه آهي ته عرب دنيا کين برو ڀلو ڇو ٿي سمجهي؟ جڏهن ته عربن جي نئين نسل کي سمجهائڻ لاءِ سندن ماءُ وٽ افغانستان کان وٺي ايران، عراق، لبيا، صوماليا، فلسطين ۽ هاڻي شام جھڙا سوين داستان آهن. سچ ته اهو آهي ته جڏهن ڪنھن قوم جون ڌيئرون سجاڳ ۽ سندن عصمتون محفوظ ٿين ٿيون ته اهڙي ماءُ جي ڪُک مان صلاح الدين ايوبيءَ جھڙا جانباز پيدا ٿين ٿا. چون ٿا ته صلاح الدين ايوبيءَ جي پيءُ نجم الدين ايوبيءَ جڏهن پنھنجي شاديءَ ۾ دير ڪئي ته سندس استاد کيس چيو ته جيڪڏهن تون چاهين ته آءٌ اميه سلطنت جي ڌيءُ سان تنھنجي نڪاح جي ڳالهه ڪريان، پر نجم الدين وراڻيو ته اها منھنجي لائق نه آهي. آءٌ هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ گهران ٿو، جنھن جي ڪُک مان هڪ سپھه سالار پيدا ٿئي ۽ اهو بيت المقدس کي آزاد ڪرائي. ان دوران استاد جي گهر جي در تي ڪنھن دستڪ ڏنو ۽ اُها هڪ نوجوان دوشيزه هئي. ان ڪجهه چيو ته اُستاد وراڻيو ته مون تو لاءِ هڪ رشتو موڪليو هو، تو اُن کي ڇو ٺڪرايو؟ ڇوڪريءَ چيو ته هو منھنجي لائق نه هو. مون کي ته هڪ اهڙو نوجوان گهرجي، جنھن جي اولاد کي مان تربيت ڏيان ۽ اهو وڏو ٿي ’بيت المقدس‘ آزاد ڪرائي. نجم الدين دروازي جي اوٽ ۾ اها ڳالهه ٻُڌي ورتي جڏهن اها ڇوڪري رواني ٿي وئي ته نجم الدين استاد کي چيو ته مون کي اها ڇوڪري پسند آهي. اُستاد چيو ته اها ڇوڪري صفا غريب آهي، نجم الدين چيو ته پر هن ڇوڪريءَ ۾ منھنجي زال بنجڻ جون سموريون خوبيون موجود آهن. رسول حمزاتوف پنھنجي ڪتاب ۾ هڪ واقعو بيان ڪيو آهي ته: ”پئرس جي سفر ۾ هو هڪ هم وطن مصور سان مليو، جنھن بابت سندس خاندان کي يقين هو ته هو مري چڪو آهي، واپسيءَ تي هن جڏهن مصور جي مائٽن جي ڳولا ڪئي ۽ ان جي ماءُ سان مليو ته کيس حيرت ٿي سندس پٽ جيئرو آهي، مصور جا مائٽ ڏکويل چھرن سان ڳوٺ جي هڪ گهر ۾ هن جي چوڌاري اچي، پنھنجي اُن سپوت جي ڪھاڻي ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيا، جنھن هميشه لاءِ پنھنجي وطن کي خيرباد ڪيو هو. مصور جي مائٽن، سندس وطن ڇڏڻ جو ڏوهه ته معاف ڪري ڇڏيو هو، پر کين اهو ڄاڻي خوشي ٿي هئي ته سندس پٽ جيئرو آهي. اوچتو مصور جي ماءُ حمزاتوف کان سوال ڪيو ته: هن تو سان ڳالهه ٻولهه ته پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪئي هوندي نه؟“ حمزاتوف چيو ته: ”اسان ترجمان ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪئي، مون روسيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ تنھنجي پٽ فرينچ ٻوليءَ ۾ ڳالهايو!“ ماءُ اهو ٻڌي، هڪدم پنھنجي مُنھن تي حجاب ڍڪي ڇڏيو، جھڙيءَ ريت پھاڙي علائقن ۾ مائرون پنھنجي پٽن جي موت جي خبر ٻڌي، پنھنجا چھرا ڍڪي ڇڏينديون آهن! هڪ ڊگهي خاموشيءَ کان پوءِ ماءُ چيو ته: ”حمزاتوف! تون غلط آهين منھنجي پٽ کي مُئي ته مدت ٿي وئي آهي، جنھن سان تون مليو هئين اهو منھنجو پٽ نه رهيو هوندو، ڇو ته منھنجو پٽ ان زبان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهي، جيڪا مون کيس سيکاري هئي!“(11) ان بابت حمزاتوف وڌيڪ لکيو ته هڪ ماءُ لاءِ پنھنجي پٽ جي زنده هئڻ جي خبر خوشخبريءَ جو ڪارڻ ته هئي، پر جڏهن هُن اهو ٻڌو ته سندس پٽ پنھنجي مادري زبان وساري ڇڏي آهي، اها خبر ان ماءُ لاءِ حادثي جي خبر بڻجي وئي! سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اهو ئي واقعو پاڪستان ۾ رهندڙ هڪ ماءُ سان پيش اچي ته ڇا ان جو ردعمل به اهڙو ئي هجي ها؟ شايد هوءَ خوش ٿي دعا ڪري ها ته ’اي الله تون وڏو مھربان ۽ ڪرم نواز آهين، جو تو منھنجي دعا قبول ڪري ورتي ۽ منھنجو پٽ آمريڪي انگريزي ڳالهائڻ لڳو آهي...! اها هڪ تلخ حقيقت آهي ۽ اهو ئي اڄڪلهه اسان جي مائرن ۽ ڌيئرن جون ترجيحات آهن ۽ ڪاميابيءَ جو تصور بنجي چڪو آهي، جن کي اهابه ڄاڻ نه آهي ته هو ڪير آهن، سندن ٻوليءَ ۽ ثقافت جي ڪيتري اهميت آهي ۽ سندن نصب العين ڪھڙو آهي يا کين پنھنجي اولاد کي ڇا بنائڻو آهي، جيڪو هن ملڪ جي ترقيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو! حوالا: 1. احمد دهلوي، سيد، مولوي (مرتب) ’فرهنگ آصفيه‘، جلد 3 ۽ 4، لاهور، سنگ ميل پبليڪيشنز، 2002ع، ص 402-403. 2. ’ارو دائرة المعارف الاسلاميه‘، جلد 2/16، لاهور، شعبه اردو، پنجاب يونيورسٽي، مارچ 2004ع، ص 448. 3. https://medium.com/complexity-liberalism/the-anti-nation-deee81762306 4. https://en.wikipedia.org 5. القرآن، سورة الروم، 22:30. 6. ’اردو هندي زبان و بيان‘: (لساني مقالات)، اسلام آباد، مقتدره قومي زبان، جون 1989ع، ص 4. 7. www.dictionary.com 8. http://en.oxforddictionary.com 9. حمزاتوف٬ رسول٬ ’میرا داغستان‘٬ مترجم: اجمل اجملی٬ فکشن ہائوس٬ لاہور٬ 2005ع٬ ص 62. 10. http://www.express.pk/story/640208 11. حمزاتوف٬ رسول٬ ’میرا داغستان‘٬ مترجم: اجمل اجملی٬ فکشن ہائوس٬ لاہور٬ 2005ع٬ ص 62.  
407 ڀيرا پڙهيو ويو