ايڊيٽوريل
تحقيق جو بنيادي ڪم ’ڳولا‘ آهي. ڳولا هميشه وڃايل، اڻ لڀ ۽ قيمتي شئي جي ٿيندي آهي. موجود، اکين اڳيان پيل ۽ معمولي شئي جي ڳولا واندڪائيءَ جي وندر ته چئي سگهجي ٿي، تحقيق نٿي چئي سگهجي. اسان جي دور جي تحقيق جو سڀ کان وڏو الميو موضوعن جي هڪ جھڙائي، ورجاءُ ۽ لکي لکي فرسوده ڪيل موضوعن جي نئين سر چونڊ آهي. تحقيق ۾ موضوعن جو ’اسٽيٽسڪو‘ ٺھي ويو آهي. وڌ ۾ وڌ موضوع سٺ ستر اسيءَ جي ڏهاڪي مان کنيا وڃن ٿا. نوي جي ڏهاڪي کان پوءِ ادب ۽ ٻوليءَ ۾ ڇا ٿيو، ان جو تجزيو ۽ اڀياس ورلي ملندو. همعصر دور تي لکڻ، ڳالهائڻ ۽ ان کي سمجهڻ سمجهائڻ جو ته رواج ئي نه پئجي سگهيو آهي. هڪ وڏي عرصي تائين يونيورسٽين ۾ جيئرن اديبن ۽ عالمن جي ڪم تي تحقيق لڳ ڀڳ منع ٿيل ميوو هئي. يعني ليکڪ يا عالم جو ’ڪم‘ معيار نه هو، ان جو ’مرڻ‘ معيار هو. ٻيو معيار اهو هيو، ته ڪم اهڙي موضوع تي ڪجي، جنھن تي ’حوالي لاءِ مواد‘ ملي. جيڪڏهن هڪ موضوع تي اڳ ئي مواد موجود آهي، ته نئون محقق ان ۾ نئون ڇا ڪندو؟ ان ڪري تحقيقي مقالا کڻي ڏسبا ته انهن ۾ نه رڳو موضوعن، عنوانن ۽ بابن جي هڪ جھڙائي ملندي، پر حوالا به اڌ دم ۽ سڄي دم سميت ساڳيا ئي ملندا. ان روش سان تحقيقي مقالا حوالن جو قبرستان ته بڻجي پون ٿا، پر علم اڳتي نٿو وڌي. تحقيق اها، جيڪا ڀلي ته ساڳئي ئي موضوع تي ڇونه هجي، پر اها اڳ ڇڏيل ڪم ۽ نتيجن کي، هڪ ٻه وکون اڳتي وڌائي. جيڪڏهن اهو موضوع ڪنھن به نئين نتيجي تائين نٿو پھچائي، ته اهو سڀ وقت ۽ پئسي جو ذيان آهي. اهو ايئن ئي آهي، جيئن ڳني مان رس ڪڍي ڪنھن اڇلائي ڇڏيو هجي ۽ ڪو ماڻهو چوي ته مان ان مان ٻيھر رَس ڪڍي، خدمت سرانجام ڏيندس. علمي خدمت جي اها شڪل فضول ۽ تحقيق جي نالي ۾ وقت وڃائڻ جي مترادف آهي. علم کي هميشه نئون (Update)، تازو ۽ وهڪري وانگر هجڻ گهرجي. وهندڙ پاڻي به جنھن جاءِ تان هڪ ڀيرو گذري ويو، اتان ٻيھر نه گذرندو. وري ان جھڙي ڪنھن جاءِ تان ته گذري سگهي ٿو، پر اتان نه گذرندو. اها بيحد سادي ۽ ننڍڙي ڳالهه اڄ جي محققن ۽ سندن نگرانن کي سمجهه ۾ ڇو نٿي اچي؟
ادب ۽ ٻوليءَ جي شعبن ۾ ته اها ڳولا تنقيدي شعور بنا ممڪن ئي نه آهي. محقق ڪونه ڪو مرڪزي نُڪتو يا ادب جو ڪو اڻ ُڇھيل پھلو کڻي، ان جي تھَه تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ڪي نوان نتيجا سامهون آڻيندو آهي. پر جيڪڏهن نُڪتو يا پھلو به ٻڌل ۽ پڙهيل هجي ۽ نتيجا به اڳواٽ طئي ٿيل هجن، ته اها تحقيق ڇسي، بي وقعت ۽ بي نتيجا هوندي. جڏهن به محقق ڪنھن موضوع جي چونڊ ڪري، ان تي ڪم شروع ڪري ٿو ته کيس لائبريرين، ڪتابن، عالمن سان ڪچھرين جي هڪ جهنگ مان گذرڻو پوي ٿو. اهڙيءَ صورتحال ۾ ڪھڙي ڳالهه، ڪھڙو نُڪتو، ڪھڙو حوالو يا ڪھڙي معلومات هن جي ڪم جي آهي يا هن جي موضوع سان مڪمل طور مطابقت رکي ٿي، تنھن جي چونڊ هو فقط تنقيدي شعور وسيلي ئي ڪري سگهي ٿو. اڪثر محقق اهڙي جهنگ مان گذرندي دوکو کائي وڃن ٿا ۽ پنھنجيءَ راهه تان ڀٽڪي، هر شئي مقالي ۾ شامل ڪندا وڃن ٿا. نتيجي ۾ ادبي تحقيق تي ٻڌل مقالا نه فقط بيجا ٿولهه، ڦھلاءَ، بي معنا ڄاڻ جو ڀنڊار بڻجي وڃن ٿا، پر منجهانئن ڪو نتيجو ڪڍڻ ۽ ڪنھن ڪم جي ڳالهه اخذ ڪرڻ به لڳ ڀڳ ناممڪن بڻجي ٿي وڃي. مقالي ۾ تُز، ٺوس، لاڀائتي ۽ ڪم جي ڄاڻ، مربوط ۽ بامعنا انداز ۾ ڪم آڻي، منجهانئس ڪي نوان نتيجا حاصل ڪرڻ جي تربيت ۽ صلاحيت جي کوٽ نئين محقق جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، جنھن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ بنا اسان بھتر نتيجا حاصل ڪري نٿا سگهون. ان ڏس ۾ علمي ادارن، يونيورسٽين جي سنڌي شعبن ۽ خاص طور تحقيق لاءِ رهنما طور رجسٽر ٿيل عالمن ۽ استادن کي پنھنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي. تحقيق کي تازگي گهرجي، نئين سوچ، نئون جذبو ۽ نئين روش گهرجي. جيڪو ڪجهه دنيا جھان ۾ ساڳين شعبن ۾ ٿي رهيو آهي، ان جو علم ۽ آگاهي گهرجي. ساڳيا پراڻا تحقيقي طريقا، ساڳيو گٺل پيٺل حوالن جا ڍڳ گڏ ڪرڻ جو طريقو، ساڳيا ساڳيا مدي خارج عنوان، ساڳين موضوعن جو ورجاءُ ۽ هڪ جھڙائي، ڪڏهن به نئون علم يا نئين سمجهه پيدا ٿيڻ نه ڏيندا.
- ڊاڪٽر اسحاق سميجو
چيف ايڊيٽر
