سنڌي افسانو ۽ سماج
(Fiction Writing and the Sindhi Society )
يسرا عباسي
Abstract
Fiction literature is generally recognized as encompassing fifteen branches, which include fable, horror, mystery, science fiction, drama, fairy tale, historical fiction, novel, novella, poetry, romance, short story, inspirational fiction, fantasy, and legend. W ithin this broad category, the novel, fiction, and drama stand out prominently. Fiction writing is a unique form of storytelling that emphasizes precision and creates an impactful impression. For people, fiction serves as a medium for expressing emotions. It highlights various aspects of human life, feelings, and character. Typically, fiction features a limited number of characters and focuses on a specific event or occurrence. It creatively revolves around real human experiences, thereby reflecting society. In the context of the Sindhi language, fiction writing has been enriched through translations and literary studies from various South Asian languages, such as Bengali, Hindi, Marathi, and Urdu. These translations have been integrated with the local cultural context by Sindhi fiction writers, making them relatable rather than align to the language and society. This research paper examines how Sindhi writers have embraced this trend to produce their own unique fiction. It aims to illustrate how Sindhi fiction writing authentically portrays the social life of Sindhi society and provides a detailed discussion of this topic.
Keywords: Fiction writing, Sindhi society, social reality, translations and fiction writing
ادب ۾ بنيادي طرح اظھار جا جيڪي وسيلا آھن، تن ۾ ڪلاسيڪل ادب، لوڪ ادب، شاعري، افسانوي ادب، غير افسانوي ادب سوانحي ادب ۽ ڊرامو شامل آھن. افسانوي ادب لاءِ fictional literature جو اصطلاح ڪتب آندو وڃي ٿو. لفظ فڪشن چوڏھين صديءَ ۾ لاطيني ٻوليءَ وسيلي انگريزي زبان جو حصو بڻيو، جنھن جي معنيٰ آهي ’خيالي يا جوڙيل‘. ان مطابق افسانوي ادب جي وصف ھن ريت ڪري سگهجي ٿي ته، اھو ادب جيڪو ھڪ خيالي مرڪز تي بيٺل/ ايجاد ڪيل ھجي. جنھن وسيلي حقيقي زندگيءَ جي رھنمائي ممڪن بڻجي سگهي.
افسانوي ادب جون ڪُل پندرھن شاخون Fable, Horror, Mystery, Science fiction, Drama, Fairy tale, Historical fiction, Novel, Novella, Poetry. Romance, Short story, Inspirational fiction, Fantasy & Legend ڄاڻايون وڃن ٿيون، جن ۾ ناول، افسانو ۽ ڊرامو مکيھ آھن. ناول کي ھڪ حد تائين تصوراتي مڃي سگهجي ٿو ۽ افساني جِي اوائلي صورتن کي فڪشن چئجي، پر وقت گذرڻ ۽ ھن صنف جي فني ترقيءَ کان پوءِ گهڻي قدر افسانو تخيل جي دنيا مان ٻاھر نڪري، حقيقت نگاري ۽ سماجي حقيقت نگاريءَ سان ھم قدم ٿيڻ لڳو.
ڪھاڻي اسان جي روزمرھه جي زندگيءَ جو اڻٽر حصو آھي. انسان جي ھر ڳالهه ۾ ان جي وارتا سمايل ھوندي آھي. ناول، مضمون، سفرناما، روزنامچا، خط، آتم ڪھاڻي، سوانح عمري، اخباري ڪالم، خبر ۽ تاريخ وغيره اھي سڀ صنفون نثر ۾ ڪنھن نه ڪنھن ريت حقيقي يا خيالي ڪھاڻيون بيان ڪن ٿيون، پر نظم کي ڏسجي ته اھو به ڪھاڻيءَ کان آجو نظر نه ايندو. ان ۾ به ڪھاڻيءَ جو اظھار ننڍي کان ننڍي ۽ وڻندڙ فارميٽ ۾ ملندو .
”شاهه صاحب نظم جي روپ ۾ افسانا چيا آھن ۽ اھو ئي سندن شھرت قابليت ۽ عظمت جو قوي دليل آھي.“ (1)
نيوز رپورٽنگ، ڊرامو، فلم، ناٽڪ، ٿيٽر ۽ performing art سان لاڳاپيل جديد فنون لطيفه جو واسطو پڻ ڪھاڻيءَ سان ئي آھي. ڪھاڻيءَ جون هيئتون ادب جي ھر شاخ ۾ ان جي گهُرجن، گهاڙيٽن ۽ فني عليحدگين سبب الڳ شڪلين، جدا ھيئتن ۽ ڌار نالن سان سڏجڻ ۾ اچن ٿيون. ھاڻ ته خود ڪھاڻيءَ جا به ڪيترا ئي قسم ۽ نالا موجود آھن، جن جو ھڪ وسيع دائره ڪار آھي. ڪھاڻيءَ جي مڙني قسمن مان ھڪ، افسانو به آھي جنھن جي اھم خوبين ۾ اختصار، تاثر جي شدت ۽ اثرائتو پلاٽ شامل آھن. عام ماڻهو افساني کي پنھنجي احساسن جي اظھار لاءِ موزون ذريعو سمجهيو آھي.
افسانو (پسمنظر)
دنيا جي مڙني تھذيبن ۾ افساني- ڏند ڪٿائن، قصن، داستانن، آکاڻين، لوڪ ڪھاڻين ۽ ڪھاڻين مان جنم ورتو، جيڪي ھڪ ٻئي کي ٻڌائڻ ـ ٻڌڻ سان رواج ۾ آيا. انسان سدائين حقيقي کان وڌ ان جي تخيل ۽ تصور سان محبت ڪئي آھي. ان جو ثبوت اسان کي فڪشن جي اصلوڪن مثالن ۾ ملي ٿو، جنھن ۾ عقل يا سوچَ کان بالاتر قصا موجود آھن. اوائلي حڪايتن ۾ پکين، جانورن، ۽ انسانن جي لاڳاپن، انهن جي ھڪ ٻئي سان تعلق، تعاون ۽ سمجهوتي جو اظھار يا وري ڪھاڻين ۾ خيالي ڳالهيون جھڙوڪ: ديوَ، جِنَ، پريون ۽ مافوق الفطرت ڪردارَ چڱائي ۽ مدائيءَ جو سبق ڏيڻ سان گڏ نج خيالي بنيادن تي مدار رکندڙ سرگذشت محسوس ٿين ٿا. انھن حڪايتن جو مقصد حقيقت ۾ ته انساني اصلاح جو آھي، پر بظاھر اھي حقيقت کان تمام پري ڏسجن ٿيون.
انساني زندگيءَ جي ترقيءَ سان گڏ ان جي تخليق به ارتقا ۽ بدلاءَ جو سفر طئي ڪيو آھي، جنھن ڪارڻ ھر پراڻي شيءِ جي جاءِ ڪنھن نئين شيءِ والاري آھي ۽ ان نواڻ ئي انسان کي وڌ کان وڌ متاثر ڪيو آھي. قديم وقتن ۾ ڪھاڻيون اشارن جي صورت ۾ بھادريءَ جي داستانن طور رزميھ، ڳاھ، لوڪ ڪھاڻين ۽ گيتن جي صورت ۾ موجود ملن ٿيون. غلام محمد گرامي پنھنجي مرتب ڪيل ڪتاب تاريخي افسانا ۽ ڊراما ۾ ڪھاڻي ۽ افساني جي وچ واري معمولي فرق کي ھن ريت واضح ڪيو آھي ته: ”ڪھاڻي ۽ افساني ۾ فرق رڳو اھو ٿو رھي ته ڪھاڻيءَ جا ڪردار محض خيالي ٿين ٿا، افساني جا ڪردار مثالي ٿين ٿا. اتي اچي افساني جي فني حيثيت ڪھاڻيءَ کان وڌيڪ اثر انگيز ۽ دلچسپ ٿئي ٿي.“ (2) غور ڪجي ته اھا حقيقت مڃڻ لائق به آھي. ڪھاڻي، آکاڻيءَ جو جديد فارم آھي ۽ افسانو وري ڪھاڻيءَ جو. افسانو سچ پچ ته مثالي ۽ آدرشي ڪردارن سان اڀريو، جنھن آکاڻي يا ڪھاڻيءَ جي روايت پڻي کي نئين صورت بخشي.
”افساني جي عمل ۽ ڪردار نگاريءَ ۾ ھڪ توازن ھوندو آھي، جا نھايت ضروري چيز آھي. ان جا سڀئي جزا پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ ڳتيل ٿيندا آھن ۽ ڪھاڻي پنھنجي پوري سلسلي سان ختم ٿيڻ واري مقرر ھنڌ ڏانهن آھستگيءَ سان ھلندي رھندي آھي.“ (3) وقت گذرڻ سان انساني سماج، ڪلچر ۽ رھڻي ڪھڻي بدلي. ادب جا گهاڙيٽا، صنفون ۽ موضوع به تبديل ٿيا. افسانو، ادب جي ان فني تبديليءَ جو ھاڻوڪو رائج نمونو آھي. مختصر افسانو اڻويھين صديءَ جي نثري ادب جي صنف ۽ ڪھاڻيءَ جو نئون جنم آھي. ويھين صديءَ ۾ اھا صنف پنھنجي اوج کي پھتي. ادبي ذوق رکڻ واري ھر عام و خاص ماڻهوءَ جي پسنديده صنف رھي. ان صديءَ جي مشغول انسان، افساني کي پسند ڪيو ۽ ترجيح پڻ ڏني. ان وقت ۾ ئي آکاڻي ڦري، ڪھاڻيءَ جي ۽ ڪھاڻي وري افساني يا مختصر افساني جي شڪل اختيار ڪئي ۽ اختصار سبب نئون نالو، نئين سڃاڻپ حاصل ڪيائين. افساني جي وصف کي افساني جي باني سڏجندڙ ’ايڊگر ايلن پو‘ هن ريت بيان ڪيو آھي.
“In Poe’s estimation, a short story should be brief enough to be read in a single sitting, should end simultaneously with the climax of narrative, and should feature only a single mood.” (4)
”اڻويھين صديءَ جي آخر ۾ دنيا جي حالتن ۾ ڦيرو آيو. زندگيءَ ۾ تيزي اچي وئي، شعوري طور انسان حقيقت پسنديءَ طرف مائل ٿيو. صنعتي انقلاب ۽ سائنسي ترقي، انساني سوچ سمجهه جو رخ موڙي ڇڏيو. ايشيا ۽ يورپ ۾ نيون سياسي تحريڪون اڀريون. ماڻهن جي پريشانين ۽ مسئلن ۾ اضافو ٿيندو ويو.“ (5) اھا صدي اشاعتي نظام جي تيزيءَ سان گڏ افساني جي اوسر جو باقاعده محرڪ بڻي.
افساني جي فن ۽ تڪڙي پذيرائيءَ بابت شمس الدين عرساڻي جي ھيءَ دلچسپ راءِ افساني کي زمان مڪان جي پابندين ۽ سرحدن جي لڪيرن کان آجو قرار ڏئي ٿي ته: ”افسانوي ادب فعال، دلچسپ ۽ بامعنيٰ حقيقي فن ھجڻ سان گڏ سموري انسان ذات جي گڏيل ميراث آھي. شاعري يا ٻي ڪنھن ادبي صنف لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته اُھا پنھنجي اصل صورت ۽ افاديت سميت ٻي زبان ۾ منتقل ٿي نه ٿي سگهي. ليڪن افسانو، ابتدا کان وٺي سموري دنيا ۾ آزاديءَ سان گهميو ڦريو آھي ۽ سڀني ٻولين ۾ اھڙيءَ طرح رلي ملي ويو آھي.“ (6)
سماج
فرد، سماج جو مضبوط بنيادي ايڪو آھي، جنھن کان سواءِ ڪو به سماج جڙي نه ٿو سگهي. فرد جو فرد سان ميلاپ جوڙو چئبو، جوڙي جو ميلاپ ڪٽنب کي تشڪيل ڏئي ٿو. ڪٽنبن جو ڪٽنبن سان ميلاپ ويڙھو بڻبو، ويڙھا پاڻ ۾ ملي قبيلو جوڙين ٿا. قبيلن جو اجتماع قوم کي تخليق ڪري ٿو. قوم تي مشتمل جيڪي به ماحول يا ڪائنات ۾ ماڻھو رھن ٿا، انھن کي سماج چئبو آھي.
سنڌي سماج
انساني سماج جي ارتقا کان پوءِ سماجي انفراديت جو پھلو وجود ۾ آيو جنھن تحت ڪجهه ننڍن وڏن گروھن کي علاقائي، جاگرافي، لساني، ۽ تاريخي بنيادن تي ھڪ کي ٻئي کان ڌارَ سماج سمجهيو ويو ان تقسيم ۾ انسانن جي آبادي لاءِ بئراجي علائقن ھڪ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سماجن کي زرعي، ثقافتي ۽ تمدني موڙ انھن علائقن، تاريخي دڙن، پنھنجي اَبن ڏاڏن ۽ سندن ورثن وٽان منتقل ٿِي مليو. ايئن ھر سماج جي جدا ريتن رسمن، رھڻي، پوشاڪ، ٻولي ۽ ثقافت جي ڪري، ان کي الڳاءُ سان سڃاتو ويو. انهن اھڃاڻن وسيلي سنڌي سماجَ کي به ٻين سماجن جي ڀيٽ ۾ قدامت، شناخت، تشخص، تاريخ ۽ منفرد حيثيت حاصل ٿي. ان جداگانه حيثيت جي حاصلات ۾ موھن جي دڙي جي ڌرتي ھمعصر سميري، بابلي ۽ ايراني تھذيبن کان گوءِ کڻي بيٺي. ”سنڌ، ھن سڄيءَ ڌرتيءَ تي اھا خوش نصيب سر زمين آھي، جتي انساني تھذيب جا گل ۽ گئونچ ھزارين ورھيھ اڳ ڦُٽا ھئا.“ (7) قديم سنڌي سماج، سماجي زندگي جي ڏس ۾ بھترين مثال يا معياري زندگي گذارڻ لاءِ ھڪ آدرش طور دنيا جي تمام قديم توڙي جديد تھذيبن ۾ نمايان مقام رکيو ٿي.
“Sindh was the site of one of the cradle civilizations, the Bronze Age Indus Valley civilisation that flourished from about 3000 B. C.” (8)
موھن جي دڙي جي اھم خصوصيت ان سان لڳ سنڌوءَ جو وھڪرو آھي. درياھ ۽ تھذيب جو پاڻ ۾ گھرو گهاٽو سنگم رھيو آھي. درياھن جا قدرتي وھڪرا زندگيءَ جي آبياري ڪندا آھن. درياھن جي ماٿرين ۾ بنا متڀيد جي انسانن کي رهائش ملندي آھي. درياھن سبب انهن مان ڦٽندڙ ڍنڍون، تلاءَ، نديون، قدرتي ھٿرادو چشمن ۽ مينھَن جي ڪثرت ڪارڻ وافر مقدار ۾ پاڻيءَ جي فراھمي زندگيءَ کي آسان ۽ يقيني بڻايو ٿي. سنڌو درياھ ھڪ عظيم تھذيب سنڌ کي جنم ڏنو. جنھن سماجي زندگي کي ھٿي وٺرائي. قديم سنڌي سماج جا ماڻھو امن پسند ھوندا ھئا. اھو طاقتور سنڌي سماج ھو، جنھن ۾ نفرت يا شدت پسنديءَ جو ڪو به وجود نه ھو. اھا خوبي اڳتي ھلي سنڌي ماڻھن لاءِ ھڪ وڏي نقصان طور سامھون آئي، جو ھر ڌاري قوم مٿن مُسلط ٿيڻ جي ڪوششن ۾ ڪامياب ٿيندي ھئي. طاقت، اختيار، گُر ۽ پنھنجي ڌرتي ھوندي به ھڪ وڏو عرصو سنڌي قوم / سنڌي ماڻھو ڌارين جي غلاميءَ ھيٺ رھيا ۽ پُر امن سنڌي سماج ڪيترن ئي رخن کان متاثر ٿيو. جنھن سان ھن سماج جي انفراديت کي ڇيھو رسيو. حملن جي ڪارڻ سنڌي سماج جو نج پڻو متاثر ٿيندو ٿي رھيو ۽ پوءِ ھر دور جون روايتون سنڌ تي اثرائتيون ٿينديون آيون، پر اڄ به ان جي ڪيترين ئي ڳالهين توڙي روايتن ۾ اھا اصلوڪي سماجي قدامت ۽ اعليٰ مثالي قدر موجود آھن.
ابتدائي سماجي زندگيءَ جي سکيا حاصل ڪندڙ قبيلا فطري ماحول جي ڏکيائين ۽ سختين کي منهن ڏيندي قدرتي ۽ جاگرافيائي حالتن کي برداشت ڪندي، مسلسل لڏپلاڻ ڪندا رھيا ھئا. ھڪ آسودي زندگيءَ جي ڳولا ۾. ان ڏس ۾ ھڪ طرف سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ رھندڙ محبتون ونڊيندڙ، پُر امن ۽ پُر خلوص لوڪ ھيا ته ٻئي طرف وري مختلف خطن مان اچي مٿن قابض ٿيندڙ ۽ حڪومت ڪندڙ ٽولا. ھي حالتون ھڪ ٽڪراءُ طور سامھون آيون. فطري ۽ جذباتي ٽڪراءُ جي حيثيت سان جن ٻن متضاد لاڙن/ نظرين کي آمھون سامھون آڻي بيھاريو. اھڙيءَ ريت سنڌ جي سماجَ پنھنجي آدرشن تحت ھڪ جداگانه حيثيت جو اعلان ڪندي، سنڌي سماج جي نالي سان منفرد سڃاڻپ اختيار ڪئي. اھو ابتدائي سنڌي سماج ھو. ”قديم سنڌي سماج ۾ زرخيز زمين، معدنيات ۽ سٺي آبھوا ماڻهن کي زندگي طرف مائل ڪرڻ لڳي ھئي ۽ ھڪ سماج جڙي چڪو ھو، جنھنڪري موت جي دھشت، وھم، خوف فطرتي مصيبتون ماڻهن کي مايوس نه ڪري سگهيون بلڪ انھن ماڻهن ۾ انهن ڪيفيتن زندگي ڏانھن وڌيڪ تعميراتي قدم وڌائڻ جو جذبو پيدا ڪيو. ھتان جو ماڻهو فطرت سان گڏ پنھنجي جيئڻ جي جاءِ ٺاھي چڪو ھو، تنھن ڪري وحشيءَ بجاءِ مھذب بڻجڻ لڳو، سندس سرزمين سرسبز ۽ وسيلن واري ھئڻ ڪري ھن لڏپلاڻ ٻين قبيلن تي حملا ڪري شڪار حاصل ڪرڻ، جانورن جي چير ڦاڙ ڪرڻ، پاڻ ۾ شڪار لاءِ ويڙھه ڪرڻ وغيره ڇڏي ڏني. نتيجو اھو نڪتو ته ھن جي طبيعت ۾ نھٺائي، سادگي، صبر ۽ پيار محبت جھڙا جذبا پيدا ٿيڻ لڳا.“ (9) اهو سنڌي سماج هو ۽ مجموعي طور سنڌي سماج جا اھي مثبت پھلو ھر دور تي حاوي رھيا.
سنڌي افسانو
سنڌي ٻوليءَ تائين افسانو، ڏکڻ ايشيا جي ٻين ٻولين جھڙوڪ بنگالي، ھندي، مرھٽي، اردو وغيره ۾ ٿيل ترجمن جي مطالعي وسيلي پھتو. ان ۾ سڀ کان مشھور ليکڪ مغرب جا ھئا، جن کي پڙھيو ويو ۽ سندن انداز جي پوئواري به ڪئي وئي. ”انگريزن جي حڪومت جي اوائلي زماني کي، سنڌي افساني جو شروعاتي دور چئي سگهجي ٿو.“ (10) ترجما به ليکڪن لاءِ ھڪ آئيڊيا مثل ثابت ٿيا، جيڪي ھنن ٻين ڪھاڻيڪارن کان ورتا- پر انهن ترجمن کي افسانه نگارن مقاميت جو اھڙو ته رنگ ڏنو، جو ڪنھن به طرح اھي ڪنھن ڌاري ٻوليءَ يا ڌارئي سماج تان ورتل واقعا ھرگز نه ٿي لڳا. سنڌي افسانو سنڌي سماجي زندگيءَ جي چٽي تصوير بڻجي اڀريو. ھتي افساني کي سنڌي افسانو ان ڪري ڪوٺجي ٿو، جو اِن دور جو افسانو ڀرپور نموني سنڌي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ ۽ سنڌي سماجي حقيقتن کي ويجهڙائيءَ کان ڇهندڙ صنف طور سامھون آيو. ”سنڌي ڪھاڻيءَ شعور جي لاٽ کي روشن ڪيو ۽ پڙھندڙ کي سماج جو آئينو ڏيکاريو، جنھن ۾ سنڌي سماج جي ڳولھا ۽ سڃاڻپ جو احساس اجاگر ٿيل محسوس ٿئي ٿو، جنھن ۾ حقيقيت پسنديءَ جي روپ کي ڀوائتي نموني ۾ ڏسي سگهجي ٿو.“ (11) سنڌي ڪھاڻي ھر روپ ۾ سنڌ جي ماڻهن جِي، سندن ڏکن ڏاکڙن جي مڪمل نشاندھي سان گڏ اصلاح جي ڪوشش به ڪري ٿي. ٻولي، موضوع، ڪردارن، ماحول ۽ ٻين مڙني خوبين کان ھٽي ڪري، ھن افساني سنڌي ماڻهن جي اميدن ۽ امنگن کي نئين جلا بخشي. اڌاري ورتل يا جبري اپنايل روايتن کي پنھنجي اصل ۽ شاندار روايتن طرف موٽ کارائڻ سان گڏ آزاد فضا ۾ ساھ کڻڻ سيکاريو. جھڙوڪ ڪاروڪاري بنيادي طرح سنڌ جي رسم ئي ناھي. اھا جن به سببن ڪري رائج ٿي، اوائلي افسانا نگارن افسانن وسيلي ان جي سخت نندا ڪئي آھي. بعد جي ڪجهه نون ليکڪن پاڻ پذيرائي جي بنيادن تي مبالغي آرائي ڪندي،
ان کي ورجائي ورجائي سنڌي سماج جي رسم طور ڏيکاريو آھي. ايتري قدر جو اھا پنھنجون جڙون پختيون ڪندي اڄ به مروج آھي.
موھن جي دڙي جي سماج کي ڊاڪٽر غفور ميمڻ، پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي فڪري پسمنظر“ ۾ عورت واد يا ديوي واد سماج طور ياد ڪيو آھي. موھن جي دڙي جو سماج ڪئين حوالن سان هڪ مثالي سماج جو نمونو محسوس ٿئي ٿو. توڙي جو وقت گذرڻ سان اھو سماج حاڪم ۽ محڪوم ۾ تبديل ٿيو، پر شعوري سجاڳيءَ جي پھرين لھر ۾ ئي عورت کي غلام بڻائڻ يا فقط پورھئي جي مشين سمجهڻ واري سوچ کي اٿندي ئي رد ڪيو ويو ۽ مرد جي آدرشواد روپ کي پڻ ساراھيو ويو. پوءِ بنيادي مسئلن کي ترجيح ڏيئي، افساني کي تخليقي، دلچسپ، بامعنيٰ ۽ معياري بڻايو. ھن افساني سنڌي ٻوليءَ کي باقاعده طور ھٿي وٺرائي. سنڌي ماڻهو امن پسند، صوفي طبيعت ۽ سھپ رکندڙ ماڻهو آھي، جنھن کي پنھنجي وجود ۽ خاندان سان گڏوگڏ پنھنجي خطي، ان جي موسمن، فطرت، ٻوٽن، ميون، پکين، جانورن ۽ ماحولَ سان به اوترو ئي پيار ۽ پنھنجائپ وارو سٻنڌ آھي، جيڪو کيس پنھنجي اصل کان پري وڃڻ ئي نه ٿو ڏئي. جيئن ته اھي سڀ لقاءَ ۽ شيون سندس روزمره جي ڪاروھنوار جو حصو آھن، ان ڪري ھن جي سوچن تي به اھڙين ئي ڪيفيتن جو پھرو آھي. اھو ئي سبب آھي جو ھر سنڌي ليکڪ وٽ مقاميت ملندي. ڪھاڻيڪار ڀلي ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ بابت لکي، پر سندس اظھار جو انداز ڪڏھن به سنڌيت کان خالي نه ملندو. ھُو دنيا جي ھر سونهن ڀري شيءِ کي پنھنجي ديس جي سندر شين سان ڀيٽ ڪري، اھو تاثر ضرور ڏيندو ته سندس دل ۾ وطن لاءِ ڪيڏي حُبَ ۽ ڇِڪَ آھي. اھا پريت، سندس وڌنڌڙ وھيءَ سان قدامت ماڻيندي، وڌيڪ پُر اثر شڪل اختيار ڪرڻ لڳندي آھي، جنھن جي ثابتي سندس تحريرن ۾ به جابجا ضرور نظر ايندي. سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ سڌو سنئون تخيل ملڻ بجاءِ ان جون پاڙون حقيقي بنيادن تي بيٺل نظر اينديون. ڪن ڪھاڻين ۾ سنڌ جا اصلوڪا، روايتي، عشقيھ، نيم عشقيھ، تاريخي ۽ رزميھ قصا ڳايا ۽ ٻڌايا ويا ته ڪن روايتن کي وري تصور جي پوشاڪ ڍڪائي وئي، پر انهن سڀن ۾ اصليت، مقاميت ۽ سماج سان لاڳاپو ضرور ھيو. سنڌ ۾ آڳاٽي وقتن کان اھي ڪھاڻيون روزانيءَ جي بنيادن تي ٻڌايون وينديون ھيون. آکاڻي ٻڌائڻ جو اھو رجحان سنڌ جِي روزمرھ جي زندگي ۽ ثقافت جو حصو بڻيل رھيو. وڏي انگ ۾ سبق آموز ڪھاڻيون ايئن ئي پيڙهي به پيڙهي منتقل ٿينديون ويون، جن سنڌي نثر جي اوسر کان پوءِ لکت واري صورت اختيار ڪئي. سنڌي ڪھاڻيءَ جو آغاز، آکاڻيءَ جي صورت ۾ منشي اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي جي ڪھاڻي’سورٺ راءِ ڏياچ‘ سان ٿيو. رانجهڻ خان ميمڻ پنھنجي ڪتاب سنڌي افسانو (آزاديءَ کان اڳ ) ۾ سورٺ راءِ ڏياچ ۽ شھزادي املھه ماڻڪ جي ڳالهه، ڪھاڻين کي سنڌي افساني نويسيءَ لاءِ سنگ ميل جي حيثيت رکندڙ افسانا سڏيندي، ٻنهي ڪھاڻين کي لوڪ ادب جو حصو پڻ ڪوٺيو آھي ۽ مفيدالصبيان ۾ شايع ٿيل سيد ميران محمد شاهه اول جي ڪھاڻي سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري (ترجمو) کي ان جي سماجي موضوع ڪارڻ افساني جو ابتدائي روپ سڏي ٿو. ”اسڪول ماسترياڻي“، عبدالله ’عبد‘ جو ھڪ سماجي افسانو آھي، جنھن ۾ جديد تعليم جي اوڻاين کي ظاھر ڪيو ويو آھي. ”غريبت“ ۾ ڏيکاريو ويو ته ڪيئن ھڪ اسڪول ماستر پنھنجي سادگيءَ جي ڪري پنهنجن ھمعصر عملدارن ھٿان تڪليف ۾ اچي ٿو، ۽ ڪھڙيءَ ريت ھو سماج جي تڪليفن کي برداشت ڪري ٿو.“ (12)
شروعاتي طبعزاد افسانن ۾ پير حسام الدين راشديءَ جو انارڪلي، مرزا نادر بيگ جا افسانا موھنيءَ جي ڊائري، موھنيءَ جي دل جو داغ، پاڪ محبت، گهر جي ڇڪ، ماءُ جو قھر، انقلاب، اڇوت موھني حصو ٻيو، موھنيءَ جي آه، عثمان علي انصاريءَ جو مجموعو پنج، ديوان ڪوڙيمل جي ڦول مالھا، رڀوتي، سريتي ۽ سنيتي (ڏيتي ليتي جي موضوع تي)، پرمانند ميوارام جي لڇڻ ڪين لڌو، نانڪرام ڌرم راءِ جون جيوت جو جس ۽ ڌرم راءِ جي وھي وغيره اھم آھن. سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ کي ڪن ليکڪن ٻن ته ڪن وري ٽن ۽ چئن دورن ۾ ورھايو آھي. افساني جي ابتدا کي ڊاڪٽر غلام علي الانا، شوڪت حسين شورو، رانجهڻ خان ميمڻ، جڳديش لڇاڻي، مختيار احمد ملاح، ادريس جتوئي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ عباس ڪوريجي 1914ع کان ڄاڻائيندي، سنڌي افساني جو پھريون يا بنيادي دور قرار ڏنو آھي. ورھاڱي تائين ھي سڄو دور ترجمن ۽ طبعزاد افسانن جي رواني ۽ گهڻائيءَ سبب اھميت جوڳو آھي. ھن دور جو پھريون افسانو ”حُر مَکيءَ جا“ کي تسليم ڪيو ويو آھي. توڙي جو افسانو ’شريفان بيگم‘ به ان راءِ ۾ اختلافي حيثيت سان شامل آھي. هن سلسلي ۾ افسانن جا مجموعا ‘ادو عبدالرحمان‘، ’چمڙا پوش جون آکاڻيون‘، ’سرد آھون‘، ’ريگستاني ڦول‘ ۽ ’سفيد وحشي‘ اھم سماجي افسانا آھن. ”1914 ۾، ڄيٺمل پرسرام ۽ لعل چند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ ”سنڌي ساھت سوسائٽيءَ“ جو بنياد رکيو. ھن سوسائٽيءَ طرفان ماھوار رسالن جو سلسو شروع ٿيو، انهن ۾ اڪثر اُھي ڪھاڻيون ڇپيون ھيون، جن ۾ سماجي اوڻاين جي اپٽار ڪيل ھوندي ھئي.“ (13) 1853ع ۾ رسم الخط جڙڻ سان سنڌي نثر جتي خاطر خواھ ترقي ڪئي، اتي ئي ادبي ترجمن ۽ عملي سرگرمين : اخبارن، مخزنن، رسالن ۽ اشاعتي سرشتي ۾ واڌ ۽ تيزيءَ سبب ھيءُ دور شعوري سجاڳيءَ جو دور ثابت ٿيو. دنياوي حالتن، ادبي لاڙن ۽ تحريڪن سنڌي ادب کي ھڪ سماج جي بنيادي ۽ حل طلب مسئلن لاءِ اظھار جي آزادي عطا ڪئي. سماجڪ مسئلن جي اپٽار ۽ انهن مسئلن کي بدليل روش سان حل ڪرڻ واري ترقي پسند ڌارا سنڌي افساني کي نئون موڙ عطا ڪيو.
“Sindhi literature since its inception has had its moorings in humanism, patriotism and rational thinking. Which can be witnessed from the classical poetry inherited by us? This literature has left ever-lasting impression on the Sindhi reading public. Sindhi’s are, by nature secular and democrats. The two world wars have left ever lasting influences on the psyches of people all over the world. The Sindhi’s, too were, perceptibly or imperceptibly, influenced by them. The Sindhi writers too were equally affected and, as an outcome, Sindhi literature acquired far-reaching depth of vision and complexity.” (14)
اوائلي دور سنڌي افساني جي اوسر وارو دور ھو، جنھن ۾ ان درجي به درجي منزلون طئي ڪندي، سڃاڻپ اختيار ڪئي. ورھاڱي کان پوءِ واري ڌارا افساني ۾ پختگي آندي.
”ورھاڱي کان اڳ سنڌي ۾ ترقي پسند فڪر ادب مٿان حاوي پوڻ لڳو ھو، جنھن ادب جي روايتي پرمپرا کي رد ۽ نون قدرن کي اجاڳر ٿي ڪيو، پر ورھاڱي جو ڪاپاري ڌڪ کائڻ سبب اھو دور سنڌيءَ ۾ فلسفيانه طور ختم ٿي ويو، پر 1956ع ۾ ون يونٽ، جنھن منصوبي تحت سنڌ پاڪستان جي نقشي مان غائب ٿي ويئي. ترقي پسند دور ٻيھر پوري زور سان ظاھر ٿيو ۽ پوءِ 1970ع تائين سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ نئين سر حاوي رھيو. پھرئين دور کي مان پنھنجي الڳ سڃاڻپ جي ڳولا جو دور ٿو ڪوٺيان. 1948ع کان 1956ع تائين حقيقتواد جو دور آھي، جنھن دور ۾ ليکڪ ان وقت جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ سنڌي ثقافت جون مختلف ڪنڊون روشن ڪن ٿا. ترقي پسندي وارو ٻيو دور، ان ثقافتي بچاءُ جو دور آھي، جنھن ۾ سنڌين جي سيڪيولر ڪردار تي گهڻو زور ڏنل آھي.“(15) 1914ع کان وٺي سنڌي افساني لاھا چاڙھا ڏسندي ڪيترائي دور عبور ڪيا، جن سنڌي افساني جي فني ۽ فڪري وسعتن کي پکيڙيو.
سنڌي افساني ۾ سماجي حالتن جو اڀياس
فرد جي ذات بذاتِ خود ھڪ منفرد ۽ انوکي ڪھاڻي آھي، جيڪا ٻين ڪھاڻين سان ملي سماج جي وسيع ۽ مرڪزي ڪھاڻيءَ کي جنم ڏيندي آھي. سماج ڪا خيالي يا ڪا اڻ ڏٺل شيءِ ناھي، جنھن جي موجودگيءَ کان اسين واقف نه ھجون. سماج ماڻهن جي اجتماعي رھڻي ڪھڻيءَ واري ھنڌ کي چئجي ٿو. انسان ئي اھو جز آھي، جيڪو ملي ھڪ سماج کي تڪميل بخشيندو آھي ۽ اڳتي ھلي پاڻ ئي پنھنجي سماج جِي ھٿرادو نموني جوڙيل، اڻ وڻندڙ ۽ غلط روايتن کان ٻاھر يا پرڀرو ٿي بيھندو آھي. ليکڪ به ھڪ اھڙي ئي ذات يا شخصيت آھي، جيڪو پنھنجي چوگرد ڦرندڙ جيوت سان پيش آيل وارتائن کي قلم جي زبان ڏيئي، ان جا ڳجها ۽ نروار پھلو ظاھر ڪري ٿو. اُنهن حالتن، خوشين، غمن ۽ مسئلن کي بيان ڪري ٿو، جن مان سندس ھمعصر دور جا ڪردار گذري رھيا ھوندا آھن. ”هونئن به ليکڪ پاڻ کي سماج کان ڌار ڪري نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ جو ھو سماج جي بدن جو ھڪ عُضوو ھوندو آھي ۽ ھڪ عضوو ٻئي عُضوي جي تڪليف کي محسوس ڪرڻ بنا رھي ڪونه سگهندو آھي.“ (16) سماجي ڪردار حقيقت ۾ ته فاني ھوندا آھن، پر ھڪ ڪھاڻيڪار جي تخليقيت، جستجو ۽ فن کين ايندڙ پيڙھين تائين منتقل ڪندي، صدين جا سفر طئي ڪرائيندو آھي. توڙي جو ھڪ ڪھاڻيڪار، آخر ھن فريبي دنيا کي الوداع ڪري ويندو آھي، پر سندس بيان ڪيل ڪردار، واقعا، موضوع، قصا ۽ ماحولَ کيس جيئرو رکندا ايندا آھن ۽ ھو اڀرندڙ نسلن جي ذھنن تي ھڪ اڻ مٽ ڇاپ جو ڪم ڇڏيندو رھندو آھي. سماجَ لاءِ جيڪو ڪم ڪھاڻيڪار ڪري نه سگهندو آھي، سو سندس ڪھاڻيون ڪرڻ جي سگهه رکنديون آھن. سماجَن کي ورثي ۾ مليل روايتون، رسمون ۽ قدر َ بدلائڻ ۾ ڪھاڻين ۽ ڪھاڻيڪارن جو وڏو ھٿ آھي. جن مسئلن جي نشاندھي ڪھاڻيڪار ڪندو آھي، پڙھندڙ وري ان کي حاصل ڪيل جاڳرتا سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
”سنڌي آکاڻي جو ٻيو دور ’لعلچند امر ڏنيمل‘ جي برپا ڪيل ’سنڌي ساھت سوسائٽي‘ جي ماھوار رسالن سان 1914ع ۾ شروع ٿيو. ھي رسالو سنڌي آکاڻي جي اوسر ۾ ھڪ اَھم حدِ نشان ھو، جنھن ۾ جهونن توڙي نون ليکڪن جون ڪي اصلوڪيون ۽ گهڻيون ترجمو ڪيل آکاڻيون شايع ٿينديون ھيون. ھي رسالو اُن سال شروع ٿيو، جڏھن پھرين مھاڀاري لڙائي شروع ٿي ھئي ۽ پنگتي ۽ خانگي مسئلا گھرا ٿيندا ٿي ويا. جنھن ڪري ڏسبو ته ھن رسالي جي آکاڻين ۾ گهڻو تڻو سماجي اوڻاين جي اپٽار ڪيل آھي.“ (17) ھن رسالي جي شروعاتي افساني، لعل چند امر ڏني مل جي ”حر مکيءَ جا“ کي پھرين سنڌي سماجي افسانو تسليم ڪيو ويو آھي. اھو افسانو ثابت ڪري ٿو ته پھريون پٿر ئي انقلابي نوعيت جو ھو. ھن رسالي جي تمام اصلوڪين ۽ ترجمو ٿيل ڪھاڻين جا تفصيل منگهارام ملڪاڻي پنھنجي ڪتاب سنڌي نثر جي تاريخ ۾ ڏنا آھن.
حُر مَکيءَ جا
’حُر مَکيءَ جا‘ سانگهڙ ضلعي جي مَکي ڍنڍ تي واقع ٻيلن ۾ مقيم اَٺ پيشيور ڦورن ۽ ڌاڙيلن جو داستان آھي، جنھن ۾ مختصر طور سندن ڪرت جو احوال، آغاز ۽ انجام سميت ڏنل آھي. ”ھي حُرَ ڦريندا ئي انهن کي ھئا، جن کين ستايو ھو: يا جي غريبن سان غضب ڪري، مفت جا مال ميڙي وڏا سيٺيا بڻجي پيا ھئا. غريبان مار وٽن ڪانه ھئي. مسڪينن ۽ محتاجن کي پاڻ ھڙون ڇوڙي ڏيندا ھئا.“(18) ھي افسانو زماني جي ستايل ۽ بغاوت ڪندڙ ڪردارن جي سوچ جا ڪئي رخ پيش ڪري ٿو. ھڪ اھي ناڪاري رويا جن کين ظلم و جبر برپا ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ ٻيا اھي ھاڪاري احساس جنھن سبب ھو ڪنھن به مسڪين يا اٻوجهه سان انياءِ نه ڪندا ھئا نه ٿيڻ ڏيندا ھئا.
”ھن خود بيانيه جي طرز ۾ لکيل ڪھاڻي مان پيدا ٿيندڙ تاثر ۾ عالمگيريت آھي، جنھن مان محڪوم انسانن سان ھمدردي پيدا ٿئي ٿي.“ (19)
چمڙا پوش جون آکاڻيون
چمڙا پوش جون آکاڻيون ”پنگت جو خرابيون“ سلوگن سان 1923ع ڌاري ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ ڇپايو، جنھن ۾ نَوَ ڪھاڻيون شامل آھن. ھن مجموعي جو سلوگن پنگت جون خرابيون ئي ظاھر ٿو ڪري ته ان جو تعلق سڌو سنئون روز بروز سماج ۾ جنم وٺندڙ نت نين براين سان آھي. ھن مجموعي جو مھاڳ چمڙا پوشي وسيلي سماجي عيبن جي اپٽار ڪري ٿو. حيدرآباد، ڦليلي، موراڪو، جاپان ۽ ٻين علائقن سان تعلق رکندڙ ڪھاڻين ۾، سماج ۾ ھر طرح سان وڌنڌڙ جنسي بي راهه روي جو ذڪر ڪيو ويو آھي. ھن مجموعي ۾ ننگن چمن، آفت جي آکاڻي، ٻائو شيطاني داس، نو ڄائو لڌل ٻار، جپاني ٻارن جا سنڌي پِيرَ، موراڪو ۾ سنڌي (چار ڀاڱا)، ڪلجڳي ٻانڀڻ، دکيءَ جي دانھن (فرياد ۽ ان جو جواب) ۽ پپيءَ جي پڪار جي عنوانن سان ڪھاڻيون شامل آھن. انت ۾ سنگت پوڙھو جي عنوان سان ھڪ حال احوال ھن ريت درج آھي: ”ارادو ڪونه ھوس، ته به نالايق، اَناري، جهنگلي وڃي يارنهن ورھن جي ڇوڪريءَ سان وھانءُ ڪيو! اڃان ٿو چوڻ ۾ اچي ته اسين سڌريل آھيون! عبث ! عبث!!
سنگت وري ڪونه ڏٺم. اٽڪل ڇهن مھينن کان پوءِ ٻڌم ته سنگت پرلوڪ پڌاريو! پر ٻارھن ورھين جي ڪنئار ڪيڏانهن وڃي؟“ (20) ھن مجموعي جي اڪثر ڪھاڻين ۾ زوري شادي، بي جوڙ شادي، بيواھ جي ٻي شادي، عورت جي ننڍي وھيءَ ۾ شادي، پرديس ڪمائڻ جي بهاني غلط عادتن ۾ وٺجڻ ۽ مذھب جي آڙ ۾ جنسي ڏاڍاين کي زور وٺائڻ جو بيان ڪيل آھي. ”ھي ڪھاڻيون پڻ معاشري جي عڪاسي ڪندڙ آھن، جنھن ۾ ظاھري چمڪندڙ زندگي پويان انهن ڪوجهن عملن تان پردو کنيو ويو آھي، جيڪي ڪراھت آميز ٿين ٿا. ھنن ڪھاڻين جو ورتاءَ Treatment غريبي اميريءَ تي ڀيد ڀاءُ بابت جڙيل ناھي ۽ نه وري ليکڪ جو مقصد ئي ڪو طبقاتي جذبا اُڀارڻ ڏسجي ٿو بلڪھ سماجي متڀيد فقط حيرت زدگي يا استعجاب پيدا ڪرڻ تائين محدود آھي. البته معاشري جا چٽيل رنگ واقعات جي صورت ۾ حقيقت جي قريب محسوس ٿين ٿا.“ (21)
سرد آھون
”سرد آھون“ جو 1942ع ۾ ”نئين دنيا“ ڪتاب گهر ( شڪارپور) پاران ڇپيو ھو، جنھن ۾ آکاڻيون اُن منڊل جي بانيڪار ’گوبند پنجابيءَ‘ جون لکيل ھيون. منجهن پورھيتن جي ۽ عام ماڻهن جي سرد آھن جو بيان ڪيل ھو ۽ سرمائيدار سماج ۾ انقلاب آڻڻ جي للڪار ڪيل ھئي.“ (22)
”سرد آھون“ 1942ع ڌاري جاڳو ۽ جاڳايو جي نعري ھيٺ، نئين دنيا ڪتاب گهر شڪارپور پاران ڇپجي پڌرو ٿيو، جنھن ۾ گوبند جون فقط ست ڪھاڻيون آزاديءَ جو جذبو، ايڪتا، سرد آھون، چور، ڪفن، بي ـ اي، ايل ايل ـ بي ۽ اٽو ۽ لٽو شامل آھن. ھن مجموعي جون سموريون ڪھاڻيون ان دور جي سماجي ۽ سياسي پسمنظر جي ڇڪتاڻ، شعور ۽ بيداريءَ جي ھلچل سان گڏوگڏ طبقاتي فرق تي به رچيل آھن. آزاديءَ جو جذبو، تقريري نوعيت سان ٻي عالمي جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن جا ننڍي کنڊ تي اثر، ان وقت جي تحريڪن ڪميونزم، سوشلزم، فاشزم، مارڪسزم، گانڌي ازم ۽ ھٽلر جي برپا ڪيل بربريت توڙي راڄنيتي، طبقاتي ورڇ، ھندو مسلم ٽڪراءَ، ھاري تحريڪ ۽ ڪانگريس جو ذڪر کڻي ھلي ٿي. ايڪتا به ان ئي سرشتي جي ھڪ ڪڙي آھي. ھي ٻئي افسانا انگريز راڄ جي خاتمي ۽ ھٽلر جي جنگ جا موضوع کڻي اچن ٿا. چور ڪھاڻي به جنگ جي خوف جو پاڇو گڏ کڻي ٿي ھلي. ان ڪھاڻيءَ جي ھڪ حصي ۾ جنگ کان بچڻ لاءِ رکيل پوڄا پاٺ جي منظر ڪشي ڪيل آھي، جتي قيمتي دان ڏنا ٿي ويا ته ٻئي پاسي ساڳي ئي معاشري جي ھڪ بي پھچ فرد راموءَ جو احوال آھي، جنھن اڻڀي ماني کائڻ لاءِ جوتا چورايا ۽ سخت سزا به ڀوڳيائين. ڪفن لوئر ڪلاس جي رھاڪن ڀنگي قبيلي سان تعلق رکندڙ لونءَ لونءَ قرضن ۽ مرضن ۾ وڪوڙيل لوئر طبقي جي ھندن جي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ نوجوان ڀنگيءَ جا ھي گفتا اھم آھن. ”اسين ڄمون ته اسان جي مائٽن تي قرض. اھي مري وڃن ته اسين انهن جو قرض لاھيون. سڄي حياتي ۾ اھو پورو ڪونه ٿئي. اسين وري پنھنجي اولاد تي قرض ڇڏي وڃون. آخري وقت اسان کي ڪفن لاءِ به قرض وٺڻو پوي ٿو. . . . . . “ (23) ھيءَ گفتگو ان طبقي لاءِ شعوري لاٽ جيان جرڪي سگهي ٿي، پر ان طبقي کي بک ۽ بدحالي مان ڪڍي شعور ارپيندو ڪير! بي ـ اي، ايل ايل بي ۽ اٽو ۽ لٽو به ٻه متضاد طبقن جي روش کي وائکو ٿيون ڪن. ھن مجموعي جي مکيھ ڪھاڻي ”سرد آھون“ آھي، جنھن کي بنيادي طرح سماجي اوڻاين جي نشاندھي ڪندڙ ۽ ٻن طبقن جي زندگي گذارڻ جي طريقي تي لکيل ترقي پسند افساني طور تسليم ڪيو ويو آھي. ”سرد آھون“ سخت سياري جي موسم ۾ اڻپوري خوراڪ، نامناسب لباس ۽ علاج تائين رسائي حاصل نه ھجڻ سبب ٿڌ جي شدت کان مري ويل، سومري جي ٻن سالن جي اڪيلي پٽ دلو جي موت جو داستان آھي، جنھن کي ڪفن وجهڻ وقت ماءُ ۽ پيءُ ”سرد آھون“ ڀرين ٿا، مونولاگ جي صورت ۾ ڪھاڻي ٻڌائيندڙ ڪردار عُمر، سندس آڏو گذرندڙ مختلف طبقن جي صورتحال کان آشنا ڪرائي ٿو. مقام تان واپسيءَ وقت ٻروچ عورتون ڏسجن ٿيون، جيڪي گذارو نه ٿيڻ ڪارڻ ڪاٺيون وڪڻي پوري ڪن ٿيون. اھڙي موسم ۾ به سخت جفاڪشيءَ کان سندن نرڙ تان وھندڙ پگهر ۽ سھڪي کي عيان ڪيو ويو آھي. ان جٿي ۾ ھڪ ٻار کان وٺي جهور پوڙھي تائين ھر عمر جون عورتون موجود ھيون ۽ ڪاٺين جي مناسب قيمت نه ملڻ باوجود به سندن وڪري لاءِ گراھڪ کي سڏيندڙ پوڙھي جي سرد آھَ جو ذڪر آھي. ”ڀائي. . . او ڀائي اچ ڪاٺي کڻي ھلون. “ مائي ويل ماڻهوءَ کي سڏڻ لئي ـ ڀائي وڃي چڪو ھو. جواب ڪونه آيو.“ (24) ڪھاڻي جي ھڪ حصي ۾ خود ڪلامي ڪندي ڪردار ٻڌائي ٿو ”مون سوچيو خان بهادر غلام قادر خان جي گهر ۾ جنهنجو گهر اسانجي گهر سان لڳو لڳ آھي. زالون اڃان بستري مان ھاڻ اٿيون ھونديون، ڇو ته اڃان ساڍا 9 لڳا ھئا. اھا ڪا سندن لاءِ دير نه ھئي، پر ھو اٿي ڪن ڇا؟ سندن نيرن ته اڃان حاجران تيار به ڪانه ڪئي ھوندي.“ (25)
ريگستاني ڦول
افسانن جو ھيءُ مجموعو گوبند مالهيءَ مرتب ڪيو، جيڪو پڻ ’نئين دنيا ڪتاب گهر’ پاران 1944ع ۾ ڇپيو. ھن مجموعي ۾ ڪُل تيرهن ڪھاڻيون آھن. جيڪي سماجي حقيقت نگاري جي سفر جي راهه تي هڪ ٻي وک بڻيون. جن ۾ رام امر لعل پنجواڻيءَ جي ’جعفر بيلدار‘، آنند گولاڻي جي ’سڱ‘، رميش چندر جي ’معصوم محبت‘، ڀڳوان لالواڻي جي ’ساڙھي‘، نارائڻ ڏيولاڻيءَ جي ’ڌاڙيل‘، جيوت نرياڻي جي ’مڇن واري دادي‘، سوڀي گيانچنداڻي جي آکيري جو ٽٽڻ، ليلو رچنداڻي جي ڀڳل دل، ڪشن مسرور جي ’قاتل ڪير‘، ڪرشن کٽواڻيءَ جي ’ڌنڌلي تصوير‘، موھني چنديراماڻي جي ’ٻه واٽو‘، شيخ عبدالستار جي نالي سان ڇپيل ’رحيما‘ (جنھن کي دراصل سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ڪھاڻي چيو وڃي ٿو) ۽ گوبند مالھيءَ جي ھمدرديءَ جو احساس‘ ڪھاڻيون شامل آھن.
زندگيءَ جو باب
ھيءُ ڪتاب نارايڻ ڀارتيءَ جي اصلوڪين ڪھاڻين جو مجموعو آھي، جيڪو سھڻي ڪتاب گهر پاران ھري موٽواڻيءَ ڇپايو، ھن ڳٽڪي ۾ ڏهه ڪھاڻيون ڪليم، دستاويز، سنڌي، وري نَه شل، انوکي سوڀ، پاڻي، راشن ڪارڊ، زندگيءَ جو باب، اھو وقت ۽ نُوران شامل آھن. ڪليم ھن مجموعي جي اھم ڪھاڻي آھي. ورھاڱي جي موضوع تي سنڌي ادب ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو، پر ھند طرف لڏ پلاڻ ڪندڙن جي دلين تي ڇا گذري، اھا صورتحال ھن ڪھاڻيءَ وسيلي نارايڻ ڀارتي دلسوز انداز ۾ بيان ڪئي آھي. ”جوھر مل اوچتو ئي اوچتو ڄڻڪ ڪنھن خواب مان سجاڳ ٿيندي چيو، ”ادا ائين چئه نه! اسان کي ير منجهائي ڇڏيهءَ، ته ھا لک. جوھر مل پٽ وسئيمل جو. لک نان گڏيو. پاڪستان ۾ سڄي سنڌ ڇڏي آيو آھيان. اھو ھاڻي ڪليم ڀري گهر ٿو ڪري ته کيس سنڌ واپس ڪئي وڃي. ان جي ثابتي اھا آھي جو جوھر سنڌي آھي، سندس ٻولي سنڌي آھي ۽ سندس سڀيتا سنڌي اٿس.“ (26) ڪليم ڪجهه ماڻھن لاءِ پنھنجي لالچ ۽ ھٻڇ جو پيٽ ڀرڻ جو ذريعو بڻيو ته باضمير ۽ حساس سنڌين نه ڪليم جي آڙ ۾ ملڪيت گڏ ڪئي، نه وري ڪنھن به ڇڏي ويندڙن جي مال متاع کي ھڙپ ڪرڻ جي ھلڪڙائي ڏيکاري. . دستاويز وري ڪليم جي ابتڙ ان ظلم جي ڪھاڻي آھي، جيڪو وس وارو ھوندي ھڪ پورھييت کان سندس گهر ڦري ڪيو ويو، پوءِ به ورھاڱي وقت ان شخص جي وفاداري کاٻي ڌر جي اھل اولاد سان وداعي وقت تائين قائم رھي ٿي، جيڪا سندس سادگي ۽ وفا جو ثبوت بڻجي افساني ۾ آئي.
”انوکي سوڀ“ ھن مجموعي جي اھم ڪھاڻي آھي. ڪارخاني تي ڪم ڪندڙ عورتن جي پنھنجي اُجوري لاءِ ورتل ننڍڙي ڪوشش ھڪ انقلابي وک بڻجي سامھون اچي ٿي. وري نه شل ھڪ سکئي ستابي ڪٽنب تي جنگي اثرن جي نتيجي ۾ آيل تباھيءَ جو ڏيک ڏيندڙ ڪھاڻي آھي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪنھن به سبب جي ڪري لڳل جنگ ۽ نتيجي ۾ پيدا ٿيل انساني تباهه ڪارين ڪري جنگ کي ناپسند ڪندي، ان خلاف بغاوت ڏيکاري وئي آھي، جيڪا ”وري نه شل“ عنوان مان عيان ٿئي ٿي. ھن مجموعي جون اڪثريتي ڪھاڻيون ورهاڱي کان پوءِ جي نتيجن تي مبني آھن، جن مان نوران ۽ انوکي سوڀ جو پلاٽ مختلف آھي.
”امر لعل کي حقيقت نگاريءَ Realism)) تي ٻڌل جديد ڪھاڻي نويسيءَ جي فن جو بانِي ڪوٺي سگهجي ٿو.“(27) سندس اھم ڪھاڻيون ادو عبدالرحمان، ڏس ڏيوم ته ڪٿان لڀندي، رام ۽ رحيم ۽ ھيءَ به رانجهوءَ سندي رمز مشھور آھن. ادو عبدالرحمان خود ڪلامي ڪندڙ ھڪ سادي ڪردار جي ڪھاڻي آھي، جيڪو ھڪ شاھديءَ لاءِ ڪورٽ ۾ اچي جج کي سندس نظام ۽ رويي کان آشنا ٿو ڪرائي. انصاف جي فراهمي يقيني بڻائيندڙ ادارن لاءِ انصاف جي بالادستي کان وڌيڪ سندن اداري جي ڊيڪورم کي ترجيح حاصل آهي ۽ انصاف لاءِ واجهائيندڙ، سرپرستن/ بالادستن جي غلط فيصلن جي ڀيٽ چڙهي ٿا وڃن. ادي عبدالرحمان جي ڏاهپ ڪارڻ ھن ڪھاڻي عالمي سطح تي مقبوليت ماڻي.
افساني جي انفراديت
انفراديت ان عليحدگيءَ جو نالو آهي، جيڪا روايتن جي منفي پاسن کي ڇڏي رجعت پسنديءَ جي چنبي مان نڪري نين ڌارائن کي اپنائي ٿي. سنڌي افسانو تمام ٿورو وقت روايت پڻي يا رجعت پسنديءَ ۾ مبتلا رھيو، پر جلد ئي ان افساني آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ شروع ڪيو. سنڌي نثر جون اوئلي ڪھاڻيون يا افسانا ئي اھڙا موضوع گڏ کڻي آيا، جن پنھنجي سماج سان لاڳاپي جو ثبوت ڏنو. اسان وٽ ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ حالتن جي پيش نظر بھترين افسانا سرجيا. افسانا نگارن نئين نظام جي اڏاوت لاءِ سماجي توڙي اجتماعي فڪر کي سڀ کان مٿانھون رکيو ۽ خارجيت تي زور ڏيندي، افسانن ۾ موقف ۽ مقصد کي چٽائيءَ سان پيش پڻ ڪيو. افسانن جي پلاٽ کي سگهارو ۽ اثر انداز بڻايو. ايتريقدر جو فن تي فڪر کي برتري حاصل ٿيڻ لڳي. تصورات مان نڪري حقيقي دنيا ۽ حقيقي ماڻهن جي غم کي اھميت ڏني وئي. نئون ادب ۽ نئون افسانو نئين سماج جي تخليق لاءِ محرڪ بڻجڻ لڳو. ”انفراديت ڪنھن تخليق جي عظمت جو اهڃاڻ ٿئي ٿي. ان ئي عنصر جي ڪسوٽيءَ ذريعي ڪنھن به تخليقي شھپاري جي فني ۽ فڪري پھلوئن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهجي ٿي.“ (28)
سنڌي ادب ۾ افساني نمايان مقام حاصل ڪيو، اوائلي ليکڪن سماج کي ھڪ نئين نگاهه سان ڏٺو ۽ ان جي مسئلن بابت نئين نڪته نظر سان ويچاريو ٿي. سندن نون نظرين ڪارڻ کين ٿوري ئي وقت ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. ايئن افساني جي پرچار ۾ اضافو ٿيو. ”ٻين عالمي جنگ دوران سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ ترقي پسنديءَ جو دور شروع ٿئي ٿو. ھن دور ۾ افسانو تمام گهڻو لکيو ويو ۽ ڪيترا ئي سٺا، ڪھاڻيڪار ميدان تي آيا، جن ۾ گوبند مالھي، شيخ اياز. سڳن آھوجا، ڪيرت ٻاٻاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند پنجابي ۽ ٻيا شامل آھن. جن سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن کي موضوع بنايو. ھنن ڌارين کان نفرت ۽ جاگيرداري ۽ سرمائيداري نظام خلاف پنھنجن خيالن کي پيش ڪيو.“(29) انهن کان علاوه امر لعل ھڱوراڻي، ليکو تلسياڻي، مرزا نادر بيگ، آسانند مامتورا، عثمان علي انصاري، گوبند مالھي، گوبند پنجابي، آنند گولاڻي، رشيد ڀٽي، عبدالرزاق راز، نارائڻ شيام، روشن آرا مغل، سندري اتمچنداڻي، ارجن حاسد، غلام رباني آگرو، ابراھيم جويو، اياز قادري، حفيظ شيخ، ع. ق شيخ، محمد عثمان ڏيپلائي، شمس الدين بلبل، علي احمد بروھي، نجم عباسي، بشير مورياڻي، سراج ميمڻ، بيگم زينت چنا، حشُو ڪيولراماڻي، سوڀو گيانچنداڻي، ڪرشن کٽواڻي، اي. جي. اتم، قاضي فيض، ثميره زرين ۽ ٻيا نمايان افسانا نگار آھن.
سماجي افسانن جا موضوع گهڻو ڪري غربت، ڏاڍ، جبر ۽ قسمت جا ماريل مجبور ڪردار رھيا آھن. اھڙن ڪردارن ۾ عورتن ۽ ٻارن کي خاص جاءِ ڏنل آھي، جيڪي اڪثر ڪري مظلوم ۽ محروم ئي رھندا آھن. اھڙا ڪردار جن جون زندگيون يتيمي، مفلسي، لاچاري ۽ لاوارثي جي ڪارڻ رانديڪن مثل بڻجي وڃن ٿيون. ڪھاڻيڪارن ھڪ خاص رٿا ۽ آدرش تحت انهن کي ھيرو ڪري پيش ڪيو آھي. اھڙيون ڪھاڻيون حقيقت نگاريءَ کان وڌي سماجي حقيقت نگاريءَ جي درجي تي نظر اچن ٿيون. ”ان سان گڏ، افساني ۾ تنقيدي عنصر آھي، جو ٻڌائي ٿو ٿه ”ڇا ھئڻ گهرجي؟“ ”ڪيئن ھئڻ گهرجي؟“ـ افسانو، زندگيءَ کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ، اھي سڀ عيب ثواب ظاھر ٿو ڪري، جن سان زندگي اصلاح پذير ٿئي ٿي، يا ذلت جي اوڙاھ ۾ ڪري ٿي!“(30) شروعاتي ڪھاڻين ۾ سماج جي چڱاين ۽ ڪوتاھين سميت حقيقتن کي ڳُوڙھيءَ نگاھ سان پرکيو ويو ۽ بنيادي مسئلا واضح ڪيا ويا آھن. اھي افسانا روايتي ۽ رواجي ڳالهين جي نشاندھي ڪن ٿا، پر انهن روزمرھ جي غير اھم لڳندڙ واقعن ۾ موجود درد جي تصويرن کي جهڙيءَ ريت چٽيو ويو آھي. اُھي ھر عام انسان جي دل کي ڇھندڙ ۽ ايذاءُ ڏيندڙ اھڙيون سماجي حقيقتون آھن، جن ۾ طاقتور جي سامھون مھاڏو اٽڪائڻ جي قوت نه رکندڙ، بي پھچ انسان کي، انسان نه سمجهڻ جو ھڪ رنج موجود آھي. اھو رنج ڪئين صورتن ۾ ظاھر ٿئي ٿو. البته ان رنجَ کان علاوه به ڪئين افسانا آھن، جيڪي انساني زندگيءَ وانگر سنڌي ادب جي جهولي به گهڻن ئي موضوعن سان ڀرين ٿا. ان جو اھم سبب ارتقائي ۽ تھذيبي سفر آھي، جيڪو ھڪ مسلسل عمل آھي. سنڌي افسانن جو تعلق به فئنٽسي سان ھرگز ناھي بلڪھ انهن ڪھاڻين جي پيڙهه انهن وارتائن تي ٻڌل آھي، جيڪي ليکڪ جي ديس واسين تان گذريون آھن. سندن ڪھاڻيون ڪنھن تصوراتي چادر ۾ ويڙھيل نه آھن. جيڪا خيالي رومانويت سان لبريز ھجي، جنھن ۾ پريم، ميلاپ، وڇوڙن يا فقط ھڪ سُکي/ آسودي زندگيءَ جو نقشو چٽيو ويو ھجي، پر اھي ڪھاڻيون اھڙين حقيقتن تي ٻڌل آھن، جيڪي جڏھن به پڙھندڙ تائين پھچن ٿيون ته ڪا به اک آلي ٿيڻ کان سواءِ ۽ ڪا به دل درد ۽ سوز جي دانهن ڪرڻ بنا رھي نه ٿي سگهي. اھي ڪھاڻيون غير محسوس طريقي سان ماڻهن جي فھم ۽ ادراڪ کي وڌائين ٿيون.
”لعلچند امر ڏني مل ۽ ڄيٺمل پرسرام سماجي مسئلن تي ڪھاڻيون لکيون،
جن ۾ سماجي براين، زميندارن ۽ سيٺين جي ڪردار کي تنقيد جو نشانو بنايو ويو.“ (31) افسانا نگارن افساني ۾ سماجي حقيقت نگاريءَ جي رجحان جي نمائندگي ڪندڙ ادب تخليق ڪيو. اھا ڳالهه ھن قسم جي افساني جي انفرادي خصوصيت بڻجي اڀري. افسانن جي فروغ ۾ سنڌو، ڦلواڙي، نئين دنيا، محفل (ھڪ پرچو)، ساٿي، اڳتي قدم، شاگرد، پرھ ڦٽي، انسان، باغي، روح رهاڻ، سھڻي، پيغام، چارڻ، تحريڪ، ڌرتي، چڻنگ، نئون نياپو، سنڌو، سوجهرو وغيره جهڙن رسالن اھم ڪردار ادا ڪيو. ”ويھين صديءَ جي پھرين ڏھاڪي ۾، سنڌ ۾ پھريون ڀيرو افسانوي ادب ۽ تاريخي رسالا شايع ٿيا. . . سنڌ جي ترقي پسند ليکڪن نوان معاشرتي مسئلا پيش ڪيا. سامراجي غلاميءَ جي مذمت ڪئي ۽ معاشي ۽ اخلاقي سڌاري جي گُهر ڪئي. محمد هاشم مخلص، شمس الدين بلبل ۽ ٻين سنڌ جي مٿئين طبقي تي چٿرون ڪيون.“(32) ادبي رسالن سنڌي افساني جي ترويج ۾ ئي اهم ڪردار ادا نه ڪيو، پر ان سنڌي سماج جي حالتن کي گهڻ طرفو پيش ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌي سماج ۾ هلندڙ سياسي تحريڪون، سماجي لقاءَ، ثقافتي بدلاءَ سڀ ڄاڻايل مخزنن ۾ نظر ايندا رهيا.
همعصر دور جي ادبي رسالن ۾ لکيل افسانن مان پتو پوي ٿو ته هن دور جا ڪھاڻيڪارَ مذھبي، سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن، روس انقلاب وسيلي جنم وٺندڙ تحريڪن جي اثرن، عالمي جنگ جي پيش نظر وڌيل خطرن، نفسا نفسي جي دور، ورهاڱي جي تحريڪ ۽ ون يونٽ جي مزاحمت واري ھلچل سان نبرد آزما رھيا. تنھن ڪري سندن افسانن ۾ به اھڙا رنگ وکريل ٿي ڏٺا. اھي افسانا نگار نه فقط پنھنجي لکڻين وسيلي انقلابي ڳالهيون ڪري پڙھندڙن ۾ ولولو پيدا ڪندا ھئا، پر بذاتِ خود انهن تمام سرگرمين جا عملي ڪارڪن به رھيا، جيڪي حالتن کي باريڪ بينيءَ سان اصلاحي موڙ طرف وٺي ويا. ھنن ان وقت جِي ادب ۽ سماج کي در پيش للڪارن کي قبوليو ۽ حوصلي سان انهن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. افساني جي انفراديت جي طور تي اديبن، فرد جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ کي، گَهرُو ۽ سماجي چيلنجز کي، اقتصادي معاشي ۽ معاشرتي صورتحال کي بھتر بڻائڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. سنڌي افساني ۾ بيان ڪيل سنڌ جي سماجي حالتن جي اڀياس لاءِ ڪجهه افسانن جا مثال ھيٺ ڏجن ٿا.
ڍونگ
ھيءَ ڪھاڻي رشيد آخوند جي مجموعي”سڄڻ، سڪ ۽ سور“ (1975) ۾ شامل آھي، جيڪا ھڪ بيوه ماءُ ۽ سندس پُٽ جمالي جي ھن پٿر دل معاشري ۾ گذران ڪرڻ جھڙي الميي تي ٻڌل آھي. عام طور عورت لاءِ يتيم يا لاوارث بڻجي زندگي گذارڻ ڏکيو ئي ھوندو آھي، پر اھا ويتر مشڪل تڏھن ٿي ويندي آھي، جڏھن غربت به ڀاڱي ڀائيوار ھجي. ڪو به عزيز سھارو بڻجڻ وارو نه ھجي، بيماري ۽ بيوسيءَ سان گڏ اولاد جھڙي نعمت به جهوليءَ ۾ موجود ھجي. پاڙي وارن جي رحم ڪرم تي سندن تلخ رويا ۽ تز جملا سھندي سھندي، ھمدرديءَ جي حالت ۾ زندگيءَ جا آخري پساھ کڻندي ھجي ۽ اھڙيءَ حالت ۾ نفرتن جي ور چڙھيل زندگي ۽ موت جي حقيقتن کان اڻ واقف ٻار وٽس موجود ھجي. سڄو پاڙو بجاءِ ان حالت ۽ تڪليف تي غمزده ٿي، سندن پرگهور لھي، ابتو مٿن ناراض ٿو ٿئي ته اجايو ڍونگ ۽ شور شرابو ڪري سندن آرام ڦٽايو پيو وڃي افساني جي هڪ منظر اندر اھڙيءَ ڪرت ۾ عورت ذات کي ئي اڳڀرو ڏيکاريو ويو آھي. ”نيٺ پاڙي وارن تنگ دريون بند ڪري ڇڏيون. بتيون به وسامي ويون ۽ رڳو جمالي جو روڄ راڙو گهٽيءَ جي ويرانيءَ ۾ رلندو رھيو. جمالي جي آواز ۾ خوف ھو. ھو سمجهي نه ٿي سگهيو ته ھن جي ماءُ سندس ’امان! امان!‘ ڪري سڏڻ ۽ روئڻ جي باوجود به اٿي ڇو نه ٿي؟ ۽ پوءِ ھو به ٿڪجي پيو ۽ ننڊاکڙين اکين سان ماءُ کي ڏسي، ھن جي ڇاتيءَ تي مٿو رکي سمھي پيو.“(33) ھيءَ غربت جي بدترين صورت ڏيکاريندڙ ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ لاچاري ڪنھن زخم وانگر چڪندي رھي ٿي. اھڙا موضوع اھڙا ڪردار ۽ اھڙا الميا اسان جي چوڌاري ڪثرت ۾ موجود آھن، پر ھڪ افسانا نگار جي اک ئي اھڙن واقعن کي گھرائيءَ سان ڏسي سگهي ٿي ۽ سندس قلم ئي انهن ڌڪاريل ڪردارن کي ھيرو بڻائڻ جي سگهه رکي ٿو.
ڪاري
ھيءَ گورڌن محبوباڻي جي لکيل منفرد ڪھاڻي آھي، جيڪا سندرتا ۽ مرڪ جي موضوع سان ٽمٽار، ھڪ حسين پٺاڻيءَ جي ڪردار تي مشتمل آھي، جنھن کي مڙس ٿورو ئي وقت اڳ پئسن تي خريد ڪري آيو آھي. ھوءَ ايتري ته خوبصورت آھي، جو ھن جي سونھن ڳوٺ ۾ رھندڙ ھر ھڪ ماڻھوءَ کي پنھنجو اسير بنائي وڌو آھي. ٻروچاڻيءَ کي ڏسي، ھرڪو پيو سندس مڙس جي قسمت تي رشڪ ڪري ته ھن پنھنجي ستن سالن جي ڪمائي، سجائي ڪري ڇڏي. ”پٺاڻي شايد جادوگرڻ ھئي، جو ماڻھن کي ھڪ ئي مرڪ سان موھي کين پنھنجي وَس ڪري ڇڏيندي ھئي. ھوءَ ھميشھ مرڪندي ھئي.“(34) جيتوڻيڪ سندس مرڪ قدرتي ۽ فطري ھئي، پر ان مرڪ سندس سونهن کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو ھيو ۽ ان جي ھاڪ تي پٺاڻي ويتر ٽڙي پوندي ھئي. ڳوٺ جا ماڻھو ته کيس ڏسڻ ۾ ئي خوش ھئا، پر جڏھن وڏيري جو وس نه ھليو ته پٺاڻي جي زندگيءَ جي انت جو ڪڌو فيصلو ڪرڻ ۾ به نه ڪيٻايائين. ”دانهن ڪري پٺاڻي پٽ تي ڪري پيئي، ھن جي ڪنڌ وٽان خون جو ڦھارو وھي ڇٽو ۽ زخمي ڪبوتر وانگر ھوءَ ڦٿڪي ڦٿڪي اتي ئي پئجي رهي.“(35) پٺاڻي جيڪا جيئري پنھنجي عزت، غيرت ۽ لڄ ڪارڻ پنھنجي مرڪ وڃائي ڇڏي ٿي، سا پنھنجي حسين ھجڻ جي جرم ۾ ڪاري ڪري ماري وڃي ٿي. ھي موضوع اھڙو آھي، جنھن تي سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون لکيل ملن ٿيون، پر ھيءَ سماجي مسئلي تي ليکل، پنھنجي نوعيت جي منفرد ۽ ڇرڪائيندڙ ڪھاڻي آھي.
وحشي انسان
ناصر حيدر جي لکيل هن ڪھاڻيءَ کي ڏسو:
”وحشي يارو جي گهر ۾ داخل ٿيو ته ماڻهن جا ساهه سڪي وياـ رائيفل هن جي هٿ ۾ هئي.
وحشي يارو کي اوطاق ڏانهن وٺي آيو پر هن ان سان ڪا زيادتي نه ڪئي، پر عزت سان هن کي اوطاق ڏي وٺي آيو هو. ماڻهن جي واتن ۾ آڱريون هيون. اهو وحشي جي فطرت جي خلاف هو. هو جنھن کي به ماريندو هو تڙپائي ماريندو هو.
”واهه واهه. . . . . . . . “ وڏيري خوشامد ڪندي چيو. ”هي تنھنجو مجرم. . . . . . . . “
هن يارو کي وڏيري جي ڀر ۾ ويھاريندي چيو.
سڀ انسان پنھنجي ساهن کي مُٺ ڏئي بيٺا هئا. .
”رئيس مان ڌرتي اهڙن ماڻهن سان ڌوئي ڇڏيندس جي هن ڌرتي تي وڇون بڻجي ڏنگي رهيا آهن. . . “
هن يارو کي اٿي بيھڻ جو اشارو ڪَيو. وحشي به اٿي بيٺو.
”مان اهڙن جو وجود ختم ڪري ڇڏيندس جي انسان ذات جا دشمن آهن. “
سڀ سناٽي ۾ اچي ويا. وحشيءَ رائيفل جو هوا ۾ فائر ڪيو. سڀ ڏڪي ويا. هن تيزي سان ٻيو فائر ڪيو. گولي وڏيري جو سينو چيري ٽپي ويئي.
سڀ خوف کان ڀڄي ويا.
”هي اسان جي ڌرتيءَ تي نانگ آهن. . . “
وحشي گهوڙي تي چڙهي پنھنجي منزل ڏانهن موٽي ويو. سڀني انسانن آسمان ڏانھن نھاريو.
وڏيري جو لاش اوطاق ۾ پيو هو.“(36) وحشي انسان هيٺئين طبقي کي چٻاڙي کائيندڙ وڏيرن جي ڪھاڻي آهي، جيڪي نسل در نسل سندن ماتحتن تي ظلم ڪندا اچن ٿا.
افساني ۾ بيان ڪيل طبقاتي ڪشمڪش
انساني سماج تي ھر وقت مختلف حالتون وارد ٿينديون رھن ٿيون ۽ ان ۾ رھندڙ فردَ مسلسل، جدا جدا ڪيفيتن مان گذرندا رھن ٿا. جيڪي حالتون ظاھري طور ته ڪنھن ھڪ شخص يا خاندان ۽ ان سان جڙيل رشتن ۽ ناتن سان ڳنڍيل ھونديون آھن، پر مجموعي طور انهن جو اثر ان طبقي سان لاڳاپيل تمام فردن ۽ گروھن تي ٿئي ٿو. اھي حالتون ئي طبقاتي ڇڪتاڻ جو وڏو ڪارڻ بڻجي سامھون آيون”دنيا ۾ مظلوم ۽ پيڙيل طبقن ۽ حاڪم ۽ ورسايل طبقن وچ ۾ مفادن خاطر ڪشمڪش رھندي آھي. ان ڪشمڪش کي طبقاتي ڪشمڪش چيو ويندو آھي. طبقاتي ڪشمڪش جو وڏو سبب غير ھموار ۽ عدم مساوات وارو معاشي نظام ھوندو آھي.“(37) طبقاتي ڪشمڪش ھڪ طرف سماج جي ڀڃ ڊاهه کي فروغ وٺايو ته ٻئي طرف اديبن ۽ لکارين ان جي مخالفت ڪندي، حالتن کي بھتر بڻائڻ جي ڪوشش ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو، جنھن مقصد لاءِ ھنن پنھنجي تحريرن وسيلي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”دولت ۽ مال جي گهڻائيءَ ۾، جڏھن طبقاتي ڪشمڪش آئي، تڏھن ماڻهن ۾ ٻه نمايان طبقا پيدا ٿيا. ھڪڙا ڏاڍا ٻيا ھيڻا. ھڪڙا سڃا ۽ بکيا ته ٻيا ساوا ۽ ستابا. ھڪڙن لاءِ ماڙيون ته ٻين لاءِ جهوپڙيون! ھڪڙا فرحت ۾ ته ٻيا فاقن ۾، ھڪڙا انگ اگهاڙا ته ٻيا ڍاوا ۽ پھريل. بھرحال اتي اچي انسان جي تجسس ۽ تلاش م ڇو ۽ ڇا جي ڇڪتاڻ پيدا ٿي. ”ھي سڀ ڪجهه ڇو ٿي رھيو آھي؟ _ ھيئن ڇو ٿيڻ گهرجي؟ ان تنقيدي نگاھ ماڙين کان ھلي جهوپڙين تي اچي دنگ ٿي ڪيو: سارو منظر انسان جي اڳيان کُلي آيو!“(38) عالمي دنيا وانگر سنڌي سماج جو بنيادي سماجي مسئلو به طبقاتي فرق رھيو آھي. طبقاتي فرق دراصل مظلوم ۽ پورھيت ماڻهن کي پيڙڻ جو مکيھ سبب بڻيو آھي. سرمائيدار ۽ جاگيرداري نظام سنڌ جي ماڻهن تي ايتري قدر ته اثرانداز ٿيو آھي، جو ھو اڄ تائين ان جي ڪڙين مان پاڻ ڇڏائي نه سگهيا آھن. پنھنجي ذاتي وسيلن ھوندي به ھُو ڪنھن ٻئي جي وس تي رھيا. جتي پيٽ ڀري ماني کائڻ کان وٺي سندن زندگين جي ھر معاملي ۾ مداخلت ٿي ڪئي وئي. جڏھن ۽ جتي به ساڻن ھمدردي، رحمدلي، خلوص ۽ ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيواري جي ڳالهه ٿي ھلي ته ھُو ھڪ ٻئي کان ڪيترو ئي پري ٿِي ٿي بيٺا. ھڪڙي طرف سنڌ جي اڪثر ٻهراڙين جا ماڻهو ھاڃن جي ور چڙھيل ھئا ته ٻئي پاسي شھرن جو لقاءُ به ڪجهه خاص نه ٿي ڏٺو. ھتي به اپر، مڊل ۽ لوئر ڪلاسن جي جنگ ۾ انسان نفرت ۽ جبر جي چڪيءَ م پيسبو ٿي رھيو. مفلس کي الڳ الڳ طريقن سان ايذاءُ رسايو ٿي ويو. طاقتور قوتون پاڻ کي وڌيڪ سگهارو ثابت ڪندي، ھيڻي ۽ ڪمزور سان ناروا سلوڪ رکنديون ٿي آيون. جڏھن به اھڙي روش ۽ نظام خلاف ڪنھن بغاوت ٿي ڪئي ته معاشرتي سرشتي مٿان قابض گروھ عام ماڻهن جون زندگيون حرام ڪرڻ ٿي لڳا. ان روش کي پڌرو ڪندي ڪھاڻيڪارن ئي مزاحمت، ۽ سماجي بدلاءَ لاءِ آرٽ کي ھٿيار يا ميڊيم طور ڪم آندو، جنھن جو مقصد سماجي سڌارو ھيو، جيئن اڻ برابري ۽ ننڍ وڏائي جي رائج نظام جو انت آڻي سگهجي. ”ماضيءَ جي ڀيٽ ۾، اڄوڪو زمانو سراسر بدليل آھي. ھي انساني تھذيب جي ترقيءَ جو دور آھي. ھر قسم جو علم ۽ فن، ھنر ۽ حرفت، ڪمال تي پھتل آھي. تنھن ھوندي به بنيادي طرح، انسان جون ذاتي ڪمزوريون اڃان بنهه ختم نه ٿي سگهيون آھن. اقتدار جي ھوس، طاقتور قومن کي اھو حق ڏئي ڇڏيو آھي ته ھو ڪمزور قومن کي پنھنجي ظلم جو شڪار بنائينديون رھن. نيڪيءَ سان بديءَ جي جنگ ساڳيءَ ريت جاري آھي. سرمائيداري اڄ به مزدور جي بازن جي پورھئي کي ھڙپ ڪرڻ پنھنجي لاءِ حلال سمجهي ٿي. غريب ۽ امير جي طبقاتي جنگ اڃا جاري آھي. سماجي توڙي انفرادي طرح ھر دائري ۾ نيڪي ٿوري ۽ بدي گهڻي نظر اچي ٿي. زندگيءَ جا اھي قديمي تضاد ھر دور ۽ ھر ادب جو اھم موضوع رھيا آھن، بلڪھ انهن تضادن کي گهٽائڻ ۽ مٽائڻ ھر دور جي ادب جو مکيھ مقصد رھيو آھي. ٻين صنفن جي ڪارج ۽ اھميت کي مڃيندي، ڪنھن حد تائين، ايئن چوڻ بيجا نه ٿيندو ته ھن دور ۾ مختصر افسانو سماجي تعمير ۽ اصلاح جو سڀ کان ڪارگر ۽ زود اثر ذريعو ثابت ٿيو آھي.“(39) ان ٻٽي نظام کي وائکو ڪرڻ لاءِ افسانا نگارن تحرڪ کان ڪم وٺندي بغاوت جو رستو اختيار ڪيو.
لاٽ
جمال ابڙي جي هيءَ ڪھاڻي ھيٺئين طبقي سان وابسته ڪردارن جي ڪھاڻي آھي، جن ۾ ڪلينر، ڪنڊيڪٽر، ھاري، مزدور ۽ ڪڙمين وغيره جھڙا ڪردار شامل آھن. اهي ماڻهو پنھنجي سڄي زندگي ارپڻ باوجود پنھنجي لاءِ علاج جيتري موڙي به حاصل نه ٿا ڪري سگهن ۽ بالآخر ٿڪجي، ھارائي، بغاوت تي لھي ٿا اچن، ته قانون کين ڏوههَ ثواب ياد ٿو ڏياري ۽ اهي بي پھچ ڪردار بنديخانن حوالي ٿيو وڃن. اهڙيءَ ڪشمڪش دوران ئي سندن موت به واقع ٿئي ٿو- پر دنيا جو ڪاروھنوار ھلندو ٿو رھي، ڄڻ وڻ تان ڪو پتو ڪريو. ھن ڪھاڻيءَ جي ڪردار جو خوبصورت مڪالمو“جاڻي دوس” زندگيءَ جي فريب ۽ موت جي حقيقتن کان آشنا ڪرائي ٿو ۽ طبقاتي بنياد تي ورهايل انسان کي معاشري ۾ گهربل مقام نه ملڻ تي افسوس جو اظھار ٿو ڪري.
جليبيءَ جو چور
هي ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي سماجي افسانن مان هڪ آهي جيڪو پينو فقيرن سان پيش ايندڙ وارتائن تي ٻڌل آهي هن افساني ۾ انهن ڪردارن لاءِ منفي توڙي مثبت رويا ڏسجن ٿا. ڪراچي جهڙو وڏو شھر جتي ماڻهن ۽ روشنين جو سمنڊ آهي اتي ئي هتي بي حساب پينو فقير به وسن ٿا جن کان پٺي ڇڏائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي. اتي جليبي جي چوري يا کاڌ خوراڪ توڙي ٻين شين جي چوري معمول جا واقعا آهن پر ان کي ڪيرت ٻاٻاڻي هڪ ڇرڪائيندڙ نوع ۾ پيش ڪيو آهي. هڪ طرف اهو ڏاتار آهي جيڪو پنھنجي پگهار جي سڄي حساب ڪتاب کان پوءِ به هڪ آنڪ جليبي چور کي ڏئي نه ٿي سگهيو سندس جي به مالي حالت اها اجازت نه ٿي ڏني ٻئي پاسي هو ان مڱتي جي گرفتاري تي احتجاج ڪرڻ به ضروري ٿو ڀانئي _ ”غريب آهي، هن جو قصور ڪھڙو؟“ ”غريب آهي ته چوري ڪندو ؟ ڪمائي کائي،“ ميڙ مان ڪنھن جواب ڏنو.
مون پوليس واري کي مخاطب ٿي چيو، ”ڇڏي ڏيوس.“
”ڏوهي آهي عدالت جي حوالي ڪيو ويندو“، پوليس واري خنڪيءَ مان جواب ڏنو.
”بکئي پيٽ کي ڀرڻ به ڪو ڏوهه آهي ؟“ مون حيرانيءَ سان سوال ڪيو.
” قانون جي نظر ۾ اهو ڏوهه نه آهي ته ڇا آهي؟“ هن نفرت ڀري نوع ۾ چيو.
”جيڪي ماڻهو رات ڏينھن ٻين جي محنت جو ڌاڙو هڻي، کين ڪنگال ڪري چوريءَ لاءِ مجبور ٿا ڪن، تنکي قانون ڪھڙي ٿو سزا ڏئي؟ مون بي اختيار چئي ڏنو.
”قانون جي نظر ۾ اهو ڏوهه نه آهي. مسٽر!“ هن چيو.
”قانون ۽ عدالتون، جيل ۽ پوليس، وڪيل ۽ ڪورٽ تڏهين ڪھڙي مرض جو علاج آهن؟“
مون بحث جي نموني ۾ چيو.
”مسٽر توهين الائي ڪھڙيون ڳالهيون پيا ڪريو؟ انصاف ته ٿيڻ گهرجي !“(40) هڪ طرف جليبي جي چوري هڪ اخلاقي ڏوهه بڻيل آهي جيڪا اڃان عمل ۾ به نه اچي سگهي هئي ته ٻئي طرف سماج جا ٺيڪيدار ٻارهن سالن جي هڪ بکئي، انگ اگهاڙي، بيمار ٻار کي سزا ڏيڻ لاءِ بضد آهن ته هڪ کي رعايت ڏيڻ سان اهڙا ٻيا ڪيترائي چور پيدا ٿيندا. ٻئي ڳالهيون پنھنجي جاءِ تي بجا آهن پر اها به سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته معاشري مان بک، بدحالي ڪير ختم ڪندو جو نوبت پنڻ تائين نه پھچي.
چُھڙي
بشير مورياڻيءَ جو هيءُ افسانو ٻن ٻارڙن جي سماجي حيثيت ۽ وڏڙن جي ڏانهن سلوڪ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. افسانو محسوس ۽ غير محسوس طريقي سان ٻن طبقن جي اڻ برابري، اونچ نيچ ۽ ڪردارن جي هڪ ٻئي سان روش کي نروار ڪري ٿو. افساني ۾ واقعي کي بيان ڪندڙ ڪردار لکي ٿو ته! ”اتفاق سان، ان وقت ئي، امان مون کان منجهند جي مانيءَ جو پڇڻ آئي. ڇيميءَ کي منهنجي ڪمري ۾ بيٺل ڏسي، اچي مَٽي: چي: ”اهڙو ڪُڌو ڪيئن ٿيو آهين؟ چهڙيءَ کي کڻي مٿي تي چاڙهيو اٿيئي! ائين ڪو ڪندو هوندو؟ ڀائٽين کي به ايترو نه ٿو گهرين جيترو هِن ڇنال کي!“(41) ڇيمي وڻندڙ نقش و نگار، ٻاتن ٻولن، اڻپوري خواهشن، سادگي ۽ معصوميت جو ڀنڊار آهي جنھن جي عمر آنڪي ۽ گهنگهروئن ۾ الجهيل آهي. پر آهي ته ڀنگياڻي، انڪري کيس اهي جذبا يا محبتون نه ٿيون ارپيون وڃن جيڪي ڪنھن به ٻارَ جو فطري حق آهن. ”هيڏانهن منهنجي ذهن ۾ ڪي ٻيا ويچار اُٿلي رهيا هئا. آءٌ سماج جي اوڻاين تي غور ڪري رهيو هئس. انسان انسانَ کي ڌڪاري ٿو! انساني فطري پيار ۾ به ذات پات، اونچ نيچ جو دخل ٿي سگهي ٿو!(42) اهڙي ئي ڌڪار افساني ۾ ڪردار ڇيمي لاءِ سندس پورهئي جي ڪارڻ محسوس ٿيندي، افساني جي آخري منظر م ڇيمي، طارق کي بچائيندي زخمي ٿي پوي ٿي ۽ ڪير به ڏانهنس ڌيان ڌرڻ ضروري نه ٿو ڀانئي ايئن پيو محسوس ٿئي فقط طارق کي ڌڪ لڳا آهن اهو ئي زخمي ٻار آهي جڏهن ته ڇيمي جي حالت وڌيڪ ڳڻتي جوڳي آهي پر تنھن هوندي به سندس چهڙي هجڻ ڪنھن کان به نه ٿو وسري.
گورڪن
’ڪربلا‘ مجموعي ۾ شامل افسانو ’گورڪن‘، نورالھديٰ شاهه جي منفرد ڪھاڻين مان هڪ آهي سندس چند ڪھاڻيون آهن جن حويلين جي مظبوط ۽ مربوط ديوارن مان نڪري سماجي زندگيءَ ڏانھن رخ رکيو تن مان هڪ گورڪن به آهي جنھن پير پرستيءَ مان نڪري سڌو قبرستان ڏانھن منھن ڪيو آهي. نورالھديٰ هن افساني ۾ هڪ اهڙو ڪردار آندو آهي جنھن جو رول جيترو اهم آهي اوترو ئي پاسيرو به آهي. هو گورڪن آهي سندس گهر ۾ کاڌو تڏهن کاڄندو آهي جڏهن ڪو ماڻهو اجل جو شڪار بڻبو آهي. ”ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ ۾ زندگيءَ کان ڇڄي ويل انسانن کي دفنائي، پيٽ پوڄا ڪرڻ هن جو اباڻو ڪم هو.“(43) گورڪن هڪ اهڙي شخص جي ڪھاڻي آهي جيڪو پشتي قبر تيار ڪرڻ ۽ ماڻهو دفنائڻ جو ڪم ڪري ٿو سندس ۽ ٻچن جو جياپو ان ڪرت تي ئي آهي پر ڪھاڻي ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته خدا جي ڪرڻي اهڙي به ٿي جو ٽي ڏينھن کان شھر ۾ ڪو ماڻهو ئي نه مئو ۽ گورڪن کي ڪا ڏهاڙي نه لڳي. اهڙي مسلسل بک کان تنگ اچي سندس ذهن منتشر ٿيڻ لڳو. هيءُ افسانو به سماج جي پسمانده طبقن جي نمائندگي ٿو ڪري. طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ سماجي مسئلن توڙي حالتن جا ڪيترا ئي مثال اسان کي جمال ابڙي، نسيم کرل، غلام رباني آگري، سوڀي گيانچنداڻي، رسول بخش پليجي، حفيظ شيخ، امر جليل، رشيد ڀٽي، نجم عباسي، سراج الحق، عبدالقادر جوڻيجي ۽ ٻين جي افسانن ۾ ملن ٿا.
نتيجو
- افسانوي ادب، خيالي مرڪز تي بيٺل / ايجاد ڪيل اهڙو ادب آهي جنھن جي وسيلي حقيقي زندگي جي رهنمائي ممڪن بڻجي سگهي.
- افساني جي اوائلي صورتن کي فڪشن چئجي ٿو، پر وقت گذرڻ ۽ هن صنف جي ترقي کان پوءِ گهڻي قدر افسانو تخيل جي دنيا مان ٻاهر نڪري حقيقت نگاري ۽ سماجي حقيقت نگاري سان هم قدم ٿيڻ لڳو.
- عام ماڻهوءَ کي گهڻي قدر اتساهه ۽ اميد افسانوي ادب مان ئي ملي آهي تنھن ڪري هن افساني کي پنھنجي احساسن جي اظھار لاءِ موزون ذريعو سمجهيو آهي.
- ڪھاڻي، آکاڻيءَ جو جديد فارم آهي ۽ افسانو وري ڪھاڻيءَ جو. افسانو سچ پچ ته آدرشي ۽ مثالي ڪردرارن سان اڀريو جنھن آکاڻي يا ڪھاڻيءَ جي روايت پڻي کي نئين صورت بخشي.
- سنڌي افسانو سنڌي سماجي زندگيءَ جي چٽي تصوير بڻجي اڀريو، جنھن ڀرپور طرح سنڌي ماحول جي عڪاسي ڪئي ۽ سنڌي سماج جي حقيقتن کي ويجهڙائيءَ کان ڇهندڙ صنف طور سامھون آيو.
- سنڌي افساني جي شروعات کي 1914ع کان تسليم ڪيو ويو آهي. حر مکيءَ جا کي پھريون سنڌي افسانو ڪوٺيو ويو. پنگتي مسئلن جي اپٽار ۽ انهن کي بدليل روش سان حل ڪرڻ واري ترقي پسند ڌارا سنڌي افساني کي نئون موڙ عطا ڪيو. هيءُ افسانو ثابت ڪري ٿو ته پھريون پٿر ئي انقلابي نوعيت جو هو.
- شروعاتي سنڌي افسانا به پنھنجي دور جي ڪک مان پيدا ٿيل آهن. تنھن ڪري انهن ۾ سماج جي مختلف رخن ۽ پرتن جي گهرائيءَ سان عڪاسي ملي ٿي. اهي افسانا فرد کان اجتماع تائين، مسئلن جي چوگرد بيٺل ۽ آڌاريل آهن.
حوالا
- جليل، امر: لھندڙ سج جي لام، ڪاڇو پبليڪيشن، ڪراچي، سنڌ. 2010ع
- گرامي، غلام محمد: تاريخي افسانا ۽ ڊراما (مرتب)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ. 2015ع
- عرساڻي، شمس الدين: چار مقالا، رونق پبليڪيشن، اتمچنداڻي محلو، حيدرآباد. 1967ع
- https://homework. study. com (accessed on 22 august 2023)
- انصاري، اشتياق: انيس انصاري فن ۽ شخصيت، ڪويتا پبليڪيشن. 2008ع
- عرساڻي، شمس الدين: آزادي کان پوءَ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو. 1982ع
- آگرو، غلام رباني سنڌ تاريخ جي پسمنظر م (مقالو) : مھراڻ، جلد 47، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو سنڌ. 1999ع
- https://en. Wikipedia. org/History of Sindh, 15 April 2025 (16 August 2023)
- ميمڻ، عبدالغفور: (ڇاپو ٻيو)، سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ. 2017ع
- الانا، غلام علي: چونڊ سنڌي افسانا (ترتيب)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو سنڌ. 1974ع
- سنڌيانا، اِنسائيڪلوپيڊيا (جلد ڏهون): راڄڙ سرفراز، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ. 2016ع
- ميمڻ، رانجهڻ خان: سنڌي افسانو (آزاديءَ کان اڳ)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ. 1966ع
- الانا، غلام علي: سنڌي نثر جي تاريخ، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، سنڌ. 1977ع
- Siraj, Introduction, Saleem noor hussain: Glimpses of Sindhi Short Fiction, sojhro publication 2005.
- ڪلپنا، موھن، سنڌ جي سنڌي ڪھاڻي : افسانوي ۽ فڪري ادب، (مرتب) جامي چانڊيو، سنڌيڪا پبليڪيشن. 2007ع
- مفتي، تھمينه، ڊاڪٽر، ويھين صدي ۽ سنڌي ڪھاڻيءَ / افساني جو سماجي ڪارج، انصاري، اسحاق : سنڌي ڪھاڻي، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ. 2012ع
- ملڪاڻي، منگهارام : سنڌي نثر جي تاريخ، روشني پبليڪيشن، حيدرآباد. 1993ع
- جڳتياڻي، لالچند امر ڏنو مل: سو سالن جون چونڊ سنڌي ڪھاڻيون (جلد پھريون)، شوڪت حسين شورو (مرتب)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو، سنڌ. 2017ع
- عرساڻي، شمس الدين : سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ، اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد. 2009ع
- گلراجاڻي، پرسرام، ڄيٺمل: چمڙا پوش جون آکاڻيون، ڀارتواسي پريس. 1923ع
- عرساڻي، شمس الدين : سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ، اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد. 2009ع
- ملڪاڻي، منگهارام : سنڌي نثر جي تاريخ، روشني پبليڪيشن، حيدرآباد. 1993ع
- پنجابي، گوبند: سرد آھون، نئين دنيا ڪتاب گهر، شڪارپور. 1942ع
- ساڳيو
- ساڳيو
- ڀارتي، نارائڻ: زندگيءَ جو باب، سھڻي ڪتاب گهر، بمبئي پرنٽنگ پريس، الھاس نگر. 1951ع
- ملڪاڻي، منگهارام : سنڌي نثر جي تاريخ، روشني پبليڪيشن، حيدرآباد. 1993ع
- ملاح، مختيار احمد: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ. 2015ع
- جتوئي، ادريس: ادب ۾ ڪھاڻيءَ جي اهميت ۽ سنڌي ڪھاڻي، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد. 2005ع
- گرامي، غلام محمد: تاريخي افسانا ۽ ڊراما (مرتب)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ. 2015ع
- جتوئي، ادريس: ادب ۾ ڪھاڻيءَ جي اهميت ۽ سنڌي ڪھاڻي، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد. 2005ع
- جويو، تاج (ترقي پسند تحريڪ جو اڀياس)، چانڊيو جامي، افسانوي ۽ فڪري ادب (مرتب): سنڌيڪا اڪيڊمي. 2007ع
- آخوند، رشيد: سڄڻ سڪ ۽ سور (ڪھاڻيون)، رابيل پبليڪيشن. 1975ع
- محبوباڻي، گورڌن، ڪاري (افسانو): سنڌي حميد، مھراڻ جون چونڊ ڪھاڻيون، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ. 2005ع
- ساڳيو
- حيدر. ناصر: وحشي انسان، رابيل پبلشنگ ايجنسي، لاڙڪاڻو سنڌ. 1978ع
- ملاح، مختيار احمد: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ. 2015ع
- گرامي، غلام محمد: تاريخي افسانا ۽ ڊراما (مرتب)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ. 2015ع
- ميمڻ، رانجهڻ خان: سنڌي افسانو (آزاديءَ کان اڳ)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ. 1966ع
- ٻاٻاڻي، ڪيرت: هوءَ، سنڌ بڪ ڪمپني، بمبئي. 1956ع
- مورياڻي، بشير: اڌوري اڏام، سھڻي پرنٽر، حيدرآباد. 1984ع
- ساڳيو
- شاهه، نورالھديٰ: ڪيڏارو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو. 2006ع