ڊاڪٽر غلام علي الانا جي سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد واري نظريي جو اڀياس
(A Study of Dr. G. A. Allana’s Theory about Origin of Sindhi Language)
ڊاڪٽر رياضت ٻُرڙو
Abstract:
Dr. Ghulam Ali Allana (1930-2020), commonly referred to as
Dr. Allana, was a distinguished author in the literary field. He was a prominent writer, researcher, and linguist of the Sindhi language, credited with numerous significant books and research papers written in Urdu and English under the name Dr. G. A. Allana. Dr. Allana served as a professor in the Sindhi Department at the University of Sindh, Jamshoro. He was the first individual to obtain a PhD in Sindhi Language and Literature from the University of Sindh in 1971, with his dissertation titled "لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ" (A Literary and Cultural History of Laar, a region in lower Sindh). Notably, Dr. Allana authored more than 200 research papers and articles on topics related to language, literature, classical poetry, and teaching methodologies. Additionally, he published over 50 literary and research books exploring various aspects of linguistics. This research paper aims to investigate Dr. Allana’s contributions to the study of the origin of the Sindhi language. In his research paper published in the second issue of the Quarterly Mehran magazine in 1967, Dr. Allana presented a theory regarding the origin of the Sindhi language. Prior to his work, several other scholars and linguists, including Dr. Ernest Trump (1872), Dr. A. G. Grierson (1903), Mr. Bheroomal Meherchand Adwani (1941), Mr. Jayramdas Dolatram (1957), Dr. N. A. Baloch (1962), and Mr. Siraj ul Haq Memon (1964), had proposed their own theories. Scholars from earlier periods generally believed that the Sindhi language is derived from Sanskrit, while others argued the opposite, claiming that Sindhi is a foundational language from which Sanskrit is derived. Following the publication of his initial paper, Dr. Allana further reviewed and analyzed his theory, culminating in a full-length book titled “سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد” (Origin of Sindhi Language), published in 1974. He revisited his theory three decades later in light of modern research, resulting in an expanded edition of the same book published in 2004. This research article seeks to discuss the theories surrounding the Sindhi language by delving into Dr. G. A. Allana’s comprehensive descriptions.
Key words: linguistics, language origin theory, Sindhi language, Sanskrit.
ڊاڪٽر غلام علي الانا (1930-2020ع) جو شمار سنڌي علم، ادب ۽ ٻوليءَ جي شعبن ۾ تحقيق ڪندڙ اهم هستين ۾ ٿئي ٿو. سندس تحقيقي ڪم گهڻو ۽ گهڻ رخو آهي پر ان جو خاص محور سنڌي ٻولي آهي، جنھن ۾ خصوصي طور لسانيات (Linguistics) جا مختلف موضوع سندس اڀياس هيٺ ايندا ۽ تحقيق سبب قلمبند ٿيندا ۽ ڇپجندا رهيا. هُو ويھين صديءَ جي پوئين اڌ کان ايڪويھين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي تائين، پُورا ست ڏهاڪا، مسلسل لکندو رهيو، جنھن سبب سندس اختصاريل نالو ’ڊاڪٽر الانا‘ سندس شخصيت ۽ تحقيقي ڪم جي مڪمل نمائندگي ڪرڻ لڳو.
ڊاڪٽر الانا سنڌي ادب جو پھريون محقق هو جنھن 1971ع ۾ ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ مان پِي ايڇ ڊِي (Ph.D.) جي اعلى سَند حاصل ڪئي، جڏهن ته ان کان اڳ هُو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان 1955ع ۾ ايم اي (MA) ڪرڻ کان پوءِ صوتيات (Phonetics) ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ جي
”اسڪول آف اوريئنٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز“ جي شعبي ”جنرل لنگئسٽڪس
اينڊ فونيٽڪس“ (عام لسانيات ۽ صوتيات) مان، 1963ع ۾ ايم اي ڪيائين، جتي
”The Arabic Element in Sindhi“ (سنڌيءَ ۾ عربي عنصر) عنوان سان مقالو لکيائين. ان علمي اُڃ ۽ لسانيات سان وابستگيءَ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي تحقيقي راهه جو تعين ڪيو، جنھنڪري هو تسلسل سان لسانيات جي مختلف ذيلي شعبن ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ رُڌل رهيو، ۽ ڪوشش ڪندي عالمي طور تي ٿيندڙ لسانياتي تحقيق بابت ادراڪ رکندو رهيو. هُن ضرورت سمجهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ لسانيات جي موضوعن تي تحريري مواد نه هئڻ برابر آهي، جنھنڪري هن لسانيات تي لکڻ شروع ڪيو. ڊاڪٽر الانا جو ان حوالي سان جيڪو تحقيقي پورهيو ڪيو آهي، تنھن ۾: 1. ”سنڌي صورتخطي“ (1964ع)، 2. ”سنڌي صوتيات“ (1967ع)، 3. ”سنڌي زبان جي بنيادي لغت“ (1973ع، گڏيل ڪم)، 4. ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ (1974ع)، 5. ”سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي“ (1979ع)، 6. ”سنڌي معلم“ (1984ع، اردو)، 7. ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ (1987ع)، 8. ”زبان اور ثقافت“ (1987ع. اردو)، 9. ”Papers on Sindhi Language and Linguistics“ (1998ع، سھيڙ)، 10. ”سنڌي لنگئافون: ٽيڪسٽ بُڪ“ (1999ع)، 11. ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“
(2007ع)، 12. ”ڊاڪٽر غلام علي الانا جا چونڊ مضمون“ 1993ع، مرتب: گل شير بلوچ)، 13. ”Sindhi Language and Literature at a Glance“ (2009ع)، 14. ”سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر“ (2010ع)، 15. ”قومي ۽ عالمي تناظر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت“
(2018ع)، ۽ 16. ”سنڌي لسانيات: تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس“ (2020ع) ڪتاب شامل آهن. (نوٽ: ڏنگين ۾ ڄاڻايل سَن پھريَن ڇاپن جا آهن.) انهن ڪتابن مان ڪجهه ڪتابن جا ٻيان، ٽيان ۽ چوٿان ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. جڏهن ته سندس ٻيا ڪجهه تحقيقي ڪتاب ۽ لاتعداد علمي ۽ تحقيقي مقالا، مضمون ۽ مھاڳ الڳ لکيل ۽ ڇپيل آهن، جن مان ڪجهه مقالا سندس مٿي ڄاڻايل ۽ ٻين ڪتابن ۾ شامل آهن. ڊاڪٽر الانا جي ان وڏي علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم کي ڏسندي، سندس مڃتا ۾ مختلف اديبن ۽ محققن پاران لکيل مقالن، مضمونن ۽ تاثرن تي مشتمل ڪتاب محمد عثمان منگيءَ 2011ع ۾ سھيڙي ڇپرايو ته ان جو نالو ”اڻٿَڪ انسان: ڊاڪٽر غلام علي الانا“ رکيو، جيڪو ڊاڪٽر الانا جي حياتيءَ جي مسلسل جدوجھد جي عڪاسي ڪري ٿو.
سنڌي ٻوليءَ سان ڊاڪٽر الانا جي بي انتھا محبت رهي آهي، جنھنڪري ئي الانا صاحبَ سنڌي ٻوليءَ جي علمي اڀياس ۽ تحقيق ۾ نه صرف اُن جي صوتيات، صورتخطيءَ، لغت، گرامر، سِکيا، لساني جاگرافيءَ، تاريخ، ارتقا، عالمي اهميت ۽ حيثيت کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنھنجي حياتي وقف ڪئي، پر سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت گذريل ٻن صدين دوران پيش ٿيل نظرين کي تنقيدي ۽ تحقيقي نظر مان ڪڍي، پاڻ به سنڌيءَ جي بڻ بنياد بابت هڪ نظريو جامع ۽ گهڻ رُخي لسانِي تحقيق جي صورت پيش ڪيو. اهو نظريو مختلف مقالن کان سواءِ سندس خاص ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ ۾ پيش ڪيل آهي، جنھن جو پھريون ڇاپو 1974ع ۾، ”نئين مطالعي ۽ نئين نظر سان سڌاريل ۽ وڌايل“ ذيلي عنوان سان ٻيو ڇاپو 2004ع ۾ ۽ ٽيون (نئون) ڇاپو 2018ع ۾ ڇپيو، جيڪو ٻئي ڇاپي جو عڪسي ڇاپو آهي. ان ڪتاب کان اڳ ۾، الانا صاحب هڪُ مقالو ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ عنوان سان ئي لکيو هو جيڪو ٽماهي ”مھراڻ“ 2/1967ع ۾، صفحي 66 کان 94 تائين، ڇپيو هو. ان مقالي ۾، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت الانا صاحب هيءُ نظريو ڏنو هو:
”ماهرن جي بيان ڪيل نظرين جي مطالعي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي شاخ نه آهي، پر سنڌي، سنسڪرت ۽ لھندا، ٽنهي جو اصلي بنياد، قديم پراڪرت جي هڪ ئي لھجي، يعني اڌيچيه لھجي جو هڪ محاورو ’وراچڊ اپڀرنش‘ آهي.“ (1)
الانا صاحب ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ نالي سان لکيل پنھنجي اِن مقالي کي تحقيقي ۽ تنقيدي نظر مان ڪڍي، نتيجن جو نئين سر جائزو وٺي، وڌيڪ تفصيل سان، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ ڪتاب ۾ 1974ع ۾ پيش ڪيو. ان حوالي سان، ڊاڪٽر الانا، پنھنجي هڪ مقالي ”’سنڌي ٻوليءَ جو محاورو‘ مقالي ۾ پيدا ڪيل غلط فھمين متعلق ڪي حقيقتون“ ۾ لکيو ته: ”سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ منھنجي راءِ هاڻي اها ڪانهي جيڪا مھراڻ رسالي جي نمبر 2/1967ع ۾ ڇپي هئي.“(2) جڏهن ته هُو پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ (1974ع) بابت لکي ٿو: ”هي ڪتاب منھنجي نئين يعني بدلايل نظرئي لاءِ بنيادي ڪتاب آهي.“(3) الانا صاحب ان حوالي سان، واضح طور لکيو آهي ته: ”هِن ڪتاب جي، هِن ٻئي ڇاپي ۾، ڀنڊارڪر جي ڪتاب مان مدد وٺي، مون اُن جي حوالن سان، پنھنجي راءِ لاءِ دليل ۽ ثبوت ڏنا آهن.“(4) 1947ع ۾ ڇپيل ڀنڊارڪر (R. G. Bhandarkar) جي ان ڪتاب جو نالو ”First Book of Sanskrit“ (فرسٽ بُڪ آف سنسڪرت/سنسڪرت جو پھريون ڪتاب) آهي. ڊاڪٽر الانا ان بعد وڌيڪ وضاحت ڪندي، لکي ٿو:
”مون حرف جر، صفت، عدد جي گردانن ۽ ڦيرن، جنسن جي گردانن ۽ ڦيرن، فعل جي ڌاتوءَ، مُورڌني آوازن، چُوسڻن آوازن، سخت تارونءَ وارن گُهڻن آوازن، لفظن جي مُنڍ ۾ ۽ آخر ۾ ايندڙ مرڪب وينجنن، فعل متعدي بالواسطه، نون لفظن ٺاهڻ جا اصول ۽ واٽون، اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ملائڻ سان يا لفظن اندر صوتي تبديليون آڻي نوان لفظ ٺاهڻ جا اصول، سَنڌيءَ جا اصول ۽ قانون، اسم فاعل جا اصول، ضمير متصل ۽ ٻٽا ضمير متصل ۽ نحوي اصولن کان سواءِ ڊاڪٽر هيريماٿ ۽ ڊاڪٽر پرسي گدواڻيءَ طرفان بيان ڪيل سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي صرفي بناوتن ۾ هڪجھڙائيءَ جا مثال دليل طور پيش ڪيا آهن. اهو سڀ ڪجهه سنڌيءَ کي غير آريائي زبان هجڻ، ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيو اٿم.“(5)
ان تفصيل مان پروڙي سگهجي ٿو، ته الانا صاحب ڪيترن نه گهڻن رخن کان سنڌي ٻوليءَ جي بنياد کوجڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي ۽ ان کي آريائي ڪُڙم کان الڳ ڪري بيھاريو آهي!
علمي رويي موجب، تحقيق ۾ نُڪتي نظر کي بھتر ڪرڻ يا بدلائڻ ڪا عيب جي ڳالهه نه هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته تحقيق ۾ هميشه ”نئين کوج“ جو امڪان رهندو آهي. ساڳيءَ ريت، ڊاڪٽر الانا به پنھنجيءَ تحقيق کي آخري اکر ڪو نه پئي ڄاتو، ان ڪري ئي هُن ساڳئي مقالي ۾ اهو پڻ لکيو ته: ”آئون هرگز اها هام نه ٿو هڻان ته جيڪي ڪجهه مون لکيو آهي سو حرف آخر آهي، پر اُن/انهن ۾ سڌارا ۽ واڌارا آڻي سگهجن ٿا ڇاڪاڻ ته علم جو ڪو ڇيھه ڪونهي.“(6) گڏوگڏ، الانا صاحب اهو پڻ سمجهيو پئي ته سنڌي ٻوليءَ جي بڻ تائين پھچڻ لاءِ آڳاٽن آثارن مان لڌل، خاص ڪري موهن جي دڙي مان مليل مُھرن جو پڙهجڻ لازمي آهي، ان ڪري هن اهو پڻ لکيو ته: ”’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ جي باري ۾ آخري راءِ تي بحث جو موضوع تيستائين جاري رهندو جيستائين واديءَ سنڌ جي قديم آثارن مان هٿ آيل مھرن جي پڙهڻين ۾ ماهر حتمي طور ڪامياب نه ٿيندا.“(7)
ڊاڪٽر الانا سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد بابت، 1974ع ۾ ڇپيل پھرين ڇاپي جِي پيش لفظ بعنوان ”ٻه ٻول“ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي آريائي ٻولين کان هن طرح الڳ ڪري بيھاريو آهي:
”سنڌي ٻوليءَ جي جملي ۾ حرف جر جي بيھڪ، تڪراري لفظن جي معنى ۽ انگن جي سٽاءَ تي سوچڻ کان پوءِ آءٌ هن نتيجي تي پھتس ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي سڀ خصوصيتون غير آريائي آهن، ڇو ته آريائي ٻولين ۾ اهي سڀ اڻلڀ آهن.“(8)
ٻيو اهم نُڪتو جيڪو الانا صاحب بيان ڪيو آهي، اهو سنڌي ٻوليءَ جو دراوڙي ٻولين سان ڀيٽ بابت آهي. الانا صاحب لکي ٿو:
”هڪ ڳالهه جو خيال رکڻ تمام ضرور [ضروري] آهي ته موجوده سنڌيءَ جي موجوده دراوڙيءَ سان ڀيٽ ڪرڻ نقصانڪار ثابت ٿيندو.“(9)
ان جو دليل هُن اهو ڏنو آهي ته ”موجوده دراوڙيءَ به هزارين سال گذرڻ جي ڪري ڪئين انقلاب ڏٺا هوندا، البت جيڪڏهن لکيت واري ٻوليءَ ۽ روزمره واري ٻوليءَ ۾ اڄ به فرق هجي ته پوءِ موجوده روزمره واري دراوڙيءَ جو مطالعو ڪجي.“(10)
الانا صاحب پنھنجي ڪتاب منجهه ”ٻه ٻول“ ۾، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي باري ۾ ڪيل بحث جو تت هِن ريت لکيو آهي:
”سنڌي ٻولي غير آريائي خاندان واري ٻولي آهي، جنھن جون پاڙون
’موهن جي دڙي‘ واريءَ تھذيب ۾ کتل آهن، جا آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳ نه فقط ڳالهائي ويندي هئي پر لکي به ويندي هئي، جا دراوڙي ٻولين جي خاندان سان هڪجھڙائي رکي ٿي، جنھن ۾ آرين جي اچڻ کان پوءِ پراڪرت ٻولين جا بيشمار لفظ داخل ٿي ويا، پر ان جي سٽاءَ يعني (structure) تي آريائي ٻولين جو معمولي اثر ٿيو پر گهڻو ڪري سٽاءُ ساڳيو ئي ديسي رهيو.“(11)
جڏهن ته ان ڪتاب جي اختتام تي، ڊاڪٽر الانا پاران ٻن صفحن تي پيش ڪيل مختلف نتيجن جو اختصار هن ريت آهي:
آرين جي اچڻ کان اڳ برصغير ۾ درواڙي ٻوليون چالُو هيون، ان ڪري سنڌو ماٿر ۾ به آرين جي اچڻ کان اڳ ڪا غير آريائي ٻولي چالو هئي. موهن جي دڙي واري ٻولي به ڪا قديم دراوڙي ٻولي هئي. سنڌي ٻوليءَ جو صرفيائي ۽ نحوي سٽاءُ دراوڙي ٻولين جي صرفيائي ۽ نحوي سٽاءُ سان هڪجھڙائي رکي ٿو. سنڌي ٻولي بنيادي طور غير آريائي ٻولي آهي جنھن کي ”سِئندۡوَ ٻولي“ يعني سنڌي ٻولي چئي سگهجي ٿو، جا بنيادي طور توراني ٻولين جي خاندان سان واسطو رکي ٿي. موهن جي دڙي جي ٻولي، دراوڙي ٻولين جو بڻ بنياد آهي. موهن جي دڙي واري ٻولي يعني ’سِئندۡوي ٻوليءَ‘ (سِئندۡوي ˂ سندوي ˂ سنڌي) جو بنياد توراني ٻوليءَ سان واسطو رکي ٿو. سنڌي ٻوليءَ تي پھرين داردي ۽ ايراني سرحد وارين ٻولين جو اثر ٿيو ۽ ان کان پوءِ سنسڪرت جو، پوءِ پاليءَ جو. مختلف ٻولين جي اثر باوجود سنڌي ٻوليءَ جو صرفي ۽ نحوي سٽاءُ گهڻي ڀاڱي ساڳيو رهيو، البت ان جو لفظي خزانو گاڏڙ بڻجي ويو.(12)
ان کان سواءِ الانا صاحبَ لسانياتي ماهرن جي تحقيقن ۽ نتيجن منجهان سنسڪرت ٻوليءَ کي ڏيھي ٻولين جي ماءُ سڏڻ ۽ سمجهڻ بدران، قديم پراڪرت کي ماءُ ٻولي ڪوٺيو آهي. الانا صاحب ان حوالي سان پھرئين ڇاپي ۾ ئي لکيو آهي:
”يورپ ۽ هندستان جا ڪيترائي لسانيات جا ماهر هاڻ ان راءِ جا آهن ته پاڪ و هند جون سڀ ڏيھي ٻوليون مختلف پراڪرتن جون ئي بدليل صورتون آهن، ۽ نه ڪِه سنسڪرت جون بدليل صورتون، يعني ته سڀ ڏيھي ٻوليون پراڪرتن مان ئي ڦٽي نڪتل آهن، جيڪي (پراڪرتون) ان زماني ۾ عوامي ٻولين يعني روزمره وارين ٻولين طور ڪم اينديون هيون، انهيءَ دعوى جي آڌار تي چئبو ته سڀني ڏيھي ٻولين جي ماءُ سنسڪرت نه، پر قديم پراڪرت آهي.“(13)
مٿئين ڪتاب کان پوءِ، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت ڊاڪٽر الانا پنھنجن ڪتابن
”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، ”An Introduction to the History of Sindhi Literature“،
”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“، ۽ ”سنڌي لسانيات: تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس“ ۾ پڻ پنھنجي نظريي کي مختلف مقالن ۾ ورجايو. مثال طور هُن، ڄاڻايل انگريزي ڪتاب ۾ لکيو ته:
“Sindhi is a continuation of Sindhui language. It has its roots in the civilization of Indus Valley. It has been influenced first by Prakrit language and then by Sanskrit, and afterwards by Iranian and Greek languages etc.”(14)
ان باوجود الانا صاحب ضروري سمجهيو ته سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بابت پنھنجي لکيل پھرِيتي ڪتاب يعني ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ کي، لسانيات جي ڏيھي ۽ پرڏيھي عالمن پاران ڪيل نئين تحقيق موجب ڇنڊڇاڻ هيٺ آڻي، پنھنجي پيش ڪيل نظرئي کي سڌاري ۽ سنواري پيش ڪري، ڇاڪاڻ ته ان ڪتاب کي ڇَپئي به ڀريا 25 سال گذري چڪا هئا. نئين مواد بابت، الانا صاحب ڪتاب جي ”ٻئي ڇاپي جي مھاڳ“ ۾ لکي ٿو:
”هِن ٻئي ڇاپي تي، نئين سر نظر وڌي وئي آهي، ۽ اُن ۾ تمام گهڻو نئون مواد شامل ڪيو ويو آهي. هن ڇاپي (ٻئي) ۾ ماهرن جا وڌيڪ رايا ۽ وڌيڪ پختا دليل ڏيئي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته، سنڌي ٻولي، هر لحاظ کان، غير-آريائي ٻولي آهي. هن ٻوليءَ جون پاڙون سنڌي-ماٿر واريءَ تھذيب ۾ کتل آهن. موجوده سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، سنڌو ماٿر واري اها قديم ٻولي آهي، جيڪا هِن ماٿر جا رهواسي لوڪ، پنھنجي روزانه وهنوار، اُٿڻيءَ ويھڻيءَ ۽ وڻج واپار جي ڏي-وٺ ۾، روزانه ڪم آڻيندا هئا.“(15)
سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بابت، ڊاڪٽر الانا پنھنجن وڌيڪ ويچارن ۽ نظريي کي انهن مقالن ۽ ڪتابن ۾، خاص ڪري ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ (2004ع) ڪتاب ۾
”مھاڳ“ سميت مختلف هنڌن تي لفظن جي گهٽ وڌ فرق ورجايو آهي ۽ ان ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ”نتيجن“ جي صورت ۾ تفصيل سان لکيو پڻ آهي. ڊاڪٽر الانا، هڪ ترتيب سان پنھنجيءَ تحقيق کي اڳتي وڌايو آهي. مثال طور هُن سن 1967ع ۾ ڇپيل پنھنجي مقالي ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ ۾ صفحي نمبرن 66 کان 69 تائين، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بابت پيش ٿيل، پھرِيٺن ٽن نظرين کي، ڪتاب ۾ به ورجايو آهي، جيڪي هن ريت آهن:
”سنڌي ٻوليءَ جي اصلي بڻ بنياد لاءِ هيستائين ٽي نظريا ملن ٿا. سڀني کان پراڻي ۽ پھرئين نظريي موجب، سنڌي ٻولي سنسڪرت مان پراڪرت، پالي، شورسيني، اپڀرنش ۽ وراچڊ اپڀرنش جي معرفت يارهين صدي عيسويءَ ڌاري هاڻوڪي صورت ورتي آهي. انهيءَ نظرئي موجب سنڌي سنسڪرت جي شاخ آهي. ڊاڪٽر ٽرومپ هن نظريي جو محرڪ آهي. ڊاڪٽر ٽرومپ کان سواءِ ڪاڪو ڀيرومل، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ٻيا به ڪيترائي بزرگ (ڏيھي توڙي پرڏيھي) هن نظريي جا حامي آهن، ۽ سندن راءِ موجب سنڌي ٻولي سنسڪرت جي لائق ڌيءَ آهي... ٻئي نظرئي جو محرڪ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. ڊاڪٽرصاحب اها دعوا ڪئي ته سنڌي زبان سنسڪرت جي ڄائي نه آهي. ڊاڪٽر صاحب اهو اعلان ڪيو ته: ’سنڌي ٻولي سڌو سنئون سنسڪرت مان نڪتل ناهي، بلڪ سنسڪرت کان اڳ واري دور جي سنڌو ماٿر جي قديم ٻولي آهي... سنڌي هڪ قديم هند-آريائي ٻولي آهي، جنھن جو بڻ بنياد، سنڌو ماٿر جي سنسڪرت کان اڳ واري دور جي ڪا هند-ايراني ٻولي آهي.‘ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ’آثار قديمه‘ مان مليل مواد ۽ معلومات جي بناء تي چئي سگهجي ٿو ته ’سنڌ جي قديم ٻولي‘، غالباً ڪا ’سامي‘ زبانن جي سٿ مان هئي، جنھن تي پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو. انهن آريائي ٻولين مان هن قديم زماني ۾ ’سنڌ جي ٻوليءَ‘ تي گهڻي ۾ گهڻو اثر ايراني ۽ داردي ٻولين جو پيو، ۽ ان بعد پالي پراڪرت ذريعي سنسڪرت جو‘... سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد لاءِ ٽئين نظريي جو محرڪ محترم سراج ميمڻ آهي. سراج صاحب جي راءِ موجب ”سنڌي سنسڪرت جي ڄائي نه، پر سنسڪرت سنڌيءَ جي ڄائي آهي.“(16)
ڊاڪٽر الانا انهن ٽنهي نظرين جي تفصيل سان ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. خاص ڪري، سن 1967ع ۾ لکيل پنھنجي مقالي جي شروعات ۾ ئي انهن نظرين بابت سڌن لفظن، تنقيدي نُڪتي نظر سان لکيو آهي ته:
”ڪن بزرگن ته انهيءَ سلسلي ۾ جذبات کان ڪم ورتو آهي. هنن جا ڪڍيل نتيجا ثابت ڪن ٿا، ته هنن سنڌي ٻوليءَ جي بنياد جي باري ۾ ڪجهه لکڻ کان اڳ پنھنجو مخصوص نظريو پھرين قائم ڪيو آهي، ۽ پوءِ ان نظريي جي روشنيءَ ۾ ٻوليءَ جي جائزي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙن صاحبن جي بيان ۾ تضاد گهڻو ۽ صاف بياني گهٽ آهي.“(17)
پنھنجي مقالي ۾ ڊاڪٽر الانا سنڌي ٻوليءَ واسطي، بنيادي ۽ بڻائتي ٻوليءَ طور، هڪ واضح دليل هيٺينءَ طرح لکيو آهي:
”سنڌيءَ توڙي ٻين ڏيھي ٻولين جي نحوي اصولن موجب حرف جر اسم، ضمير، صفت يا ظرف کان پوءِ ايندو آهي، پر سنسڪرت توڙي ٻين آريائي ٻولين ۾ حرف جر اسمَ، ضمير، صفت يا ظرف کان اڳ ايندو آهي. هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن برصغير ۾، توڙي برصغير کان ٻاهر، سڀني آريائي ٻولين ۾ حرف جر اسمَ، ضمير، صفت ۽ ظرف کان اڳ ايندو آهي، تڏهن اهو ڪھڙي سبب جي ڪري ٻين ڏيھي ٻولين ـــــ سنڌي، لھندا، هندي، اردو، مرهٽي وغيره ـــــ ۾ اسمَ، ضمير، صفت ۽ ظرف کان پوءِ اچي ٿو؟ انهيءَ جو جواب هي آهي ته سنڌي، لھندا توڙي ٻين ڏيھي ٻولين ۾ حرف جر جو اسم، ضمير، صفت ۽ ظرف کان پوءِ اچڻ وارو ’نحوي اصول‘ غير-آريائي، ۽ آرين جي اچڻ کان اڳ واريءَ ٻوليءَ جو نحوي اصول آهي، جنھن اصول کي ڏيھي ٻوليون اڃا تائين قائم رکيو اچن.“(18)
مٿئين پئراگراف مان پڌرو آهي ته ڊاڪٽر الانا موجب، سنڌي ٻوليءَ هِتان جي علائقي جي حقيقي ۽ غير آريائي ٻولي آهي جيڪا سنسڪرت مان جُڙيل نه آهي.
ڊاڪٽر الانا ان مقالي جي لکجڻ ۽ ڇپجڻ کان پوءِ به سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت وِيچاريندو ۽ وڌيڪ تحقيقي مواد هٿ ڪندو رهيو، جنھن جي بنياد تي ان مقالي جي ڇپجڻ جي ستين سال، هُن پنھنجو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنھن ۾ وڌيڪ تفصيل سان سنڌي ٻوليءَ جا بنياد ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. پنھنجي اِن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر الانا موهن جي دڙي واري ٻوليءَ کي توراني ٻوليءَ منجهان نڪتل ڄاڻايو آهي، جنھن جو قريبي تعلق دراوڙيءَ سان آهي.
هِن هنڌ اسان ان پھرئين ڇاپي ۾ آندل مواد بابت وڌيڪ ڳالهه ٻول نه ٿا ڪيون، پر ان کي نئين وڌايل ۽ سڌاريل ڇاپي جي ذڪر ۾ برقرار ڪنداسين. انهن ٻنهي ڇاپن ۾ مٿي ڄاڻايل ٽئي نظريا پڻ موجود آهن. البت پھرئين ڇاپي تي، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري استاد، پروفيسر علي نواز جتوئيءَ ان ڪتاب [1974ع] ۾ ڏنل نظريي ۽ متن بابت هڪ مفصل تنقيدي مقالو، بعنوان ”غلام علي الانا جي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘ تي تبصرو“ لکيو هو جيڪو سندس لکيل مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل ڪتاب ”ويرون ۽ وھڪرا“ (1993ع) ۾ صفحي 154 کان 172 تائين ڇپيل آهي. پروفيسر جتوئيءَ ان مقالي ۾ ڊاڪٽر الانا جي دليلن ۽ نتيجن کي هنن لفظن ۾ رد ڪيو آهي:
”آخر ۾ الانا ڊاڪٽر جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن سي به عجيب آهن. لکي ٿو ته موهن جي دڙي واري ٻولي به ڪا قديم دراوڙي ٻولي هئي (ص 115). ان بعد لکي ٿو ته موهن جي دڙي واري تھذيب ۽ قديم ٻولي دراوڙي تھذيب ۽ ٻوليءَ جي نشاني آهي (ص 115). ان بعد وري لکي ٿو ته سنڌي ٻولي بنيادي طور غير آريائي آهي، جنھن کي سئنڌو ٻولي يعني سنڌي ٻولي چئي سگهجي ٿو جيڪا بنيادي طور توراني ٻوليءَ جي خاندان سان واسطو رکي ٿي (ص 115). ان بعد وري لکي ٿو ته دراوڙي ٻولين جي موهن جي دڙي جي ٻولين سان ڪا نسبت آهي (ص 115). چئبو ته موهن جي دڙي واري سنڌي ٻولي دراوڙي ٻوليءَ جي نشاني به آهي. دراوڙي ٻولين سان ڪا نسبت به رکي ٿي ۽ توراني ٻولين جي خاندان سان واسطو به رکي ٿي. ڇا هي منطقي نتيجو آهي؟ آخر ۾
(ص 116) سنڌي ٻوليءَ جو جيڪو شجرو ٺاهي ڏيکاريو ويو آهي، ان موجب موهن جي دڙي واري ٻولي وري دراوڙي ٻوليءَ جي ماءُ آهي! هي تضاد ڇا جي نشاني آهي؟“(19)
سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ ڳولڻ جو موضوع ۽ مامرو، جيئن ته بيحد اهم ۽ دلچسپ رهڻ سميت متنازعه پڻ رهيو آهي، ان ڪري اهو وقتن فوقتن مختلف محققن ۽ لسانيات جي ماهرن جو ڌيان ڇڪائيندو ۽ تضاد ۽ رد پيدا ڪندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ نامور محقق ۽ عالم ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو هڪ انٽرويو ٽماهي ”مھراڻ“ (1/1991ع) ۾ ڇپيو هو جنھن ۾ پڻ ڊاڪٽر جيٽلي، الانا صاحب جي نظريي تي ڪي اعتراض اٿاريا هئا، جن جي جواب ۾ ڊاڪٽر الانا پڻ وضاحتي مضمون لکيو هو، جيڪو ”مھراڻ“ (4/1992ع) ۾ ڇپيو هو. ڊاڪٽر جيٽلي جي ان انٽرويوءَ جي مکيه نُڪتن کي ڊاڪٽر الانا ”سنڌي ٻوليءَ جو
بڻ بنياد“ جي 2004ع واري ”سڌاريل ۽ وڌايل“ ٻئي ڇاپي جي مھاڳ ۾ پڻ تفصيل سان ڇنڊڇاڻ هيٺ آندو آهي ۽ ڪي وضاحتون لکيون آهن، جھڙوڪ: ”مون ڪٿي به ڪڏهن به ايئن ڪو نه چيو آهي ته موهن جي دڙي جي ٻولي، ڪنھن سامي سٿ واري ٻولي هئي، جنھن تي پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو، جنھنڪري هاڻي اها بدلجي آريائي زبان ٿي آهي.“(20) هن هنڌ ضروري آهي، ته جنھن ريت ڊاڪٽر الانا پنھنجي ابتدائي مقالي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت پھرين ٽن نظرين جو ذڪر ڪيو آهي، تيئن، سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ٻئي نامياري عالم ايم ايڇ پنھور به انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل پنھنجي هڪ مفصل مقالي ”Languages of Sindh Between Rise of Amri and Fall of Mansura i.e. 5000 Years Ago to 1025 A.D.“ ۾ چارٽن جي روپ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بابت پيش ٿيل مختلف نظرين کي ڄاڻايو ۽ ڇنڊڇاڻ هيٺ آندو آهي، جن ۾ الانا صاحب وارو نظريو به، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ ڪتاب جي پھرئين ڇاپي موجب، ڄاڻايل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بابت، عام طور، اول اول ارنيسٽ ٽرمپ جي نظريي جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، جيئن الانا صاحب به ڪيو آهي، جنھن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، پر پنھور صاحبَ، ٽرمپ صاحب جي نظريي کان به اڳ پيش ٿيل ٻن نظرين جو ذڪر ڪيو آهي، جن مان هڪُ ”18 صديءَ جي ابتدا کان 1780ع تائين يورپي ليکڪن پاران“ ڏنل نظريو آهي، جنھن ۾ سنسڪرت کي بڻائتي ٻولي قرار ڏئي منجهانئس يوناني، لاطيني ۽ زند ٻولين جي پيدائش ڏيکاري وئي آهي، ۽ ٻيو نظريو ”سَر وليم جونس پاران 1786ع ڌاري ڏنل“ آهي جنھن ۾ پروٽو-انڊو-يورپي ٻوليءَ کي بڻائتي قرار ڏئي منجهانئس سنسڪرت، يوناني، لاطيني ۽ زند ٻولين جي پيدائش ڏيکاري وئي آهي.(21) ان مقالي ۾، سنڌي ٻوليءَ بابت، پنھور صاحب پنھنجو نظريو پڻ ڏنو آهي. پنھور صاحب جي ان مقالي جو سنڌي ترجمو ”سنڌ جون ٻوليون: آمريءَ جي اوسر کان منصوره جي ميسارجڻ تائين يعني 5 هزار ورهه اڳ کان 1025ع تائين“ عنوان سان، نامياري محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ڪيو هو، جيڪو سندس ڪتاب ”آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي“ [2010ع] ۾ صفحي 60 کان 105 تائين ڇپيل آهي. پنھور صاحب پاران سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت انهن چارٽن کي، بياني صورت ۾، ڊاڪٽر محبت ٻرڙي پنھنجي لکيل هڪ تحقيقي مقالي ”استدلال جو اهو طريقو غلط آهي“ ۾ شامل ڪيو، جيڪو سندس ڪتاب ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيڪا ۽ سنڌي ٻولي“ [2018ع] ۾ پڻ ڏنل آهي. ان مقالي جو بنياد سراج صاحب جي نظريي تي گنگارام سمراٽ صاحب جي ڪيل غير علمي تنقيد هو، جنھن جو ڊاڪٽر محبت جواب لکيو هو. بھرحال، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بابت پيش ٿيل انهن نظرين کي، هِتي مٿين ٻنهي ڪتابن منجهان درج ڪجي ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بابت الانا صاحب جي نظريي کي سمجهڻ کان اڳ، پيش ٿيل ٻين نظرين کي ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ پڻ لازمي آهي. اهي نظريا هِن ريت آهن:
- ارنيسٽ ٽرمپ جو نظريو (1872ع): سنسڪرت ← پراڪرت ← پالي ← سورشيني ← اپڀرنَش ← وراچڊ ← سنڌي (11-هين صديءَ ۾).
- اي. جي. گريئرسن جو نظريو (1903ع): سنسڪرت سميت پھريت (Primary، اولين، ابتدائي، قديم) پراڪرت ← سنسڪرت ۽ پھريت پراڪرتون ← ٻئيت (Secondary، ثانوي) پراڪرتون ۽ سنسڪرت-2.
- ڀيرومل مھرچند آڏواڻي جو نظريو (1941ع): سنسڪرت ← پراڪرت ← سورشيني ← اپڀرنش ← وراچڊ ← سنڌي (11-صديءَ ۾).
- جيرامداس دولترام جو نظريو (1957ع): سنڌي پراڪرت ← سنڌي اپڀرنش ← سنڌي (11-صديءَ ۾).
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نظريو (1962ع): پروٽو-سيمائيٽ (Proto-Semite) ← اويستي+يوناني+ترڪي داردي ← پالي ۽ پراڪرت+ترڪي داردي+پھلوي ← مقامي ٻوليون+عربي+فارسي ← سنڌي (11-صديءَ ۾).
- سراج الحق ميمڻ جو نظريو (1964ع): سنڌو ماٿر سڀيتا جي ٻولي، جيڪا دنيا جي وڏي حصي ۾ اِنڊو-يورپي ٻوليُن، ميسوپوٽاميائي سڀيتا جي ٻولين ۽ انڊو-پرشين ٻولين، ۽ انڊو-آرين ٻولين جي صورت ۾ پکڙجي وئي.
- ڊاڪٽر غلام علي الانا جو نظريو (ڪالڊويل جي 1875ع ۾ ڏنل نظريي تي بيھاريل) (1974ع): توراني ← موهن جي دڙي واري ٻولي ← سئنڊو ← پراڻي سنڌي ← وچولي دَور واري سنڌي ← جديد (هاڻوڪي) سنڌي.
- ايم ايڇ پنھور جو نظريو: پروٽو-انڊو يورپين (اوڀرائين شاخ/ڇاڙهه) ← پروٽو-انڊو ايراني ← پروٽو-انڊين + دراوڙي ← پروٽو-سنڌي + رگويدي سنسڪرت + پوئين (Late) سنسڪرت + آرامي ۽ پھلوي + پالي ۽ يوناني + پھلوي ← اوائلي (Early) سنڌي + عربي ۽ سنسڪرت ← وچين زماني واري سنڌي + فارسي ← ڪلاسيڪي سنڌي + فارسي ← سنڌي (وچ 19 هين صديءَ واري) + انگريزي ۽ فارسي ← جديد سنڌي.(22 ۽ 23) پنھور صاحبَ، پنھنجي نظريي کي هڪ ٻئي مضمون ”سنڌ جي ٻولي: 4 هزار ق.م ــ 1000ع“ (اِن مقالي جي سنڌي عنوان کي درست ڪيو ويو آهي. انگريزيءَ ۾ ڇپيل: Sindhological Studies, Winter 1997) ۾ هن طرح پڻ بيان ڪيو آهي: ”سنڌي ٻولي سنسڪرت، پالي پراڪرت يا عربيءَ مان نڪتل/اسريل نه آهي. اها آڳاٽين انڊو-يورپين ٻولين مان (جن مان سنسڪرت ۽ پھلوي ٻوليون اُسريون) چوويھه سَو ورهين جي عرصي دوران (3100 – 750 ق م) اسري نڪتي...“(24)
ڊاڪٽر الانا ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ ڪتاب جي ٻئي ڇاپي جي مھاڳ ۾، پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي ڪيل تنقيد جو ته مختصر ذڪر ڪيو آهي، پر ڊاڪٽر جيٽلي جي انٽرويو ۾ ڪيل تنقيد جو تفصيل سان جواب ڏنو آهي. ان جواب ۾ الانا صاحب ڪيترن ئي علمي اختلافن ۽ مامرن کي ذڪر هيٺ آندو آهي، جن جو واسطو پڻ سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليءَ سان آهي. هڪ هنڌ، ڊاڪٽر الانا لکي ٿو:
”جيٽلي صاحب خود مڃي ٿو ته فارسيءَ ۽ سنسڪرت جي وچ ۾ صوتياتي ۽ وياڪرڻي هڪجھڙائي ڪانهي. جيڪڏهن سنسڪرت ۽ فارسي زبانن جي وچ ۾ صوتياتي ۽ وياڪرڻي هڪجھڙائي ڪانهي، ته پوءِ چئبو ته انهن زبانن جو بڻ بنياد به ساڳيو ڪونهي. اهو ته وڏو بحث آهي، جڏهن ته سر گريئرسن به سنسڪرت کي پراڪرت جي اُڌيچيه شاخ جي سڌاريل ۽ سنواريل صورت ٿو ڪوٺي. ٻيا ماهر وري سنسڪرت کي تڪش-شلا وٽ، درياءَ جي ٻيءَ ڀر، ساڄي ڪناري تي، تنؤل خطي ۾ رائج ٻولي، تنؤليءَ جو سڌاريل ۽ سنواريل روپ ٿا سمجهن، جنھن کي ’پنڊت پاڻينيءَ‘ ۽ تڪش-شلا وديا آليه جي ٻين ودوانن، 400 ق م ڌاري اهو روپ ڏنو هو. ڊاڪٽر ڪرشنا راءُ ته سنڌو ماٿر جي قديم رهاڪن کي آرين جا ابا ڏاڏا ۽ سنسڪرت کي سنڌو ماٿر جي تھذيب مان اسريل زبان ٿو ڪوٺي. ان آڌار تي چئبو ته سنسڪرت ۽ ايراني ٻولين جو بڻ بنياد ساڳيو ڪونهي، بلڪ سنسڪرت سنڌو ماٿر ۾ 400 ق م ڌاري گنڌارا خطي ۾ رائج لھجي مان جنم ورتو.“(25)
ڊاڪٽر الانا سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد جي کوجنا ۾، پنھنجي ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي، جن مان پھرئين ڀاڱي ۾، جن موضوعن تي تفصيلي طور بحث ڪيو آهي، تن ۾ ڊاڪٽر الانا: (1) سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرت جي شاخ نه ٿو مڃي، (2) سنڌو تھذيب کي آرين جي اچڻ کان اڳ واري ۽ ترقي يافته تھذيب تسليم ٿو ڪري، (3) سنڌو تھذيب جي ثقافت ۽ ٻوليءَ ۾ تسلسل کي بحث هيٺ آڻي ٿو،
(4) برصغير جي ڪنھن به ٻوليءَ کي سنسڪرت مان ڦُٽي نڪتل ڪو نه ٿو سمجهي، ۽ (5) سنڌيءَ ۽ سنسڪرت جي صرفي ۽ صوتي معاملن تي بحث ٿو ڪري. ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾، جن موضوعن کي ڇنڊڇاڻ هيٺ آندو ويو آهي، تن ۾ (1) آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌو ماٿر جي قديم ۽ اصلوڪي ٻوليءَ جا اهڃاڻ، (2) سنڌو ماٿر جي سر زمين ۽ اتان جي رهواسين جا نالا، (3) سئنڌُئي لوڪ جو نسل، (4) سنڌي ٻوليءَ جي موجوده صورت جي يارهين صديءَ ۾ اختيار ٿيڻ، (5) سنڌو ماٿر جي قديم ٻوليءَ جي پھچ ۽ پکيڙ، ۽ (6) سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي گهڻ رخي ڀيٽ شامل آهن. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ”نتيجا“، ”سئنڌُئي ٻوليءَ جي شاخن جو چارٽ“ ۽ موضوع وار سنڌي، اردو ۽ انگريزي ڪتابن جي ”ببليوگرافي“ ڏنل آهي.
يقينن ڊاڪٽر الانا جي مٿي ڏنل مختلف حوالن ۾ جيڪو لفظ گهڻو ڌيان ڇڪائيندڙ آهي، اهو ’سئنڌوئي‘ آهي، پوءِ اهو ملڪ جي نالي طور هجي، لوڪ طور هجي يا ٻوليءَ جي بڻ بنياد طور ’سئنڌوئي ٻولي‘. مثال طور هيٺين هڪ ٻن حوالن ۾ ان اصطلاح (term) کي سمجهي سگهجي ٿو.
”ملڪ جو نالو“ باب ۾، الانا صاحب لکي ٿو: ”حاصل مطلب ته سنڌو ماٿر واري شھنشاهيت ڌار ڌار ملڪن جي سرحدن ۾ ورهايل هئي. اُهي ملڪ هي هئا: ڪيڪيه ديش، سنڌو ديش ۽ سؤوير ديش، ڪشمير، داردستان، جيسلمير، مارواڙ، ميواڙ، گجرات، ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ. اڳتي هلي اهي ملڪ هڪ ئي ملڪ/ديش جي نالي، يعني ’سئنڌُوَ ديش‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳا، البت ان ملڪ جي جاگرافيائي بيھڪ ۾ گهٽتائي اچي وئي.“(26)
اهڙيءَ طرح ”سئنڌُوَ ديش جا رهواسي (لوڪ اصلوڪا رهاڪو) ڪھڙي نالي سان سڏبا هئا؟“ ۾ الانا صاحبَ، ڀيرومل آڏواڻي صاحب جا ٻه حوالا ، سندس ڪتاب ”قديم سنڌ“ مان ڏنا آهن، جن ۾ ’سئنڌَوَ‘ ڪتب آيو آهي، جھڙوڪ: (1) ”’سنڌو‘ يا ’سنڌَوَ‘ لفظ جي معنى آهي ’سنڌ ملڪ جا رهاڪو‘.“ (2) ”’هندو‘ لفظ لاءِ قديم اويستا ۾ ڪم آندل لفظ ’هِندَوَ‘ (Hendava) آهي ۽ سنسڪرت ۾ اُن کي سَئنڌَوَ (Saindhava) چوندا هئا، جنھن جي معنى آهي: سنڌوءَ جي ڪناري تي رهندڙ لوڪ.“(27) ان بعد، ڊاڪٽر الانا پنھنجي پاران لکي ٿو:
”آرين هنن لوڪن (سنڌو ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن) کي انهيءَ نالي (سَئنڌَوَ) سان ڪوٺيو ۽ سندن ٻوليءَ کي ’سئنڌوَ‘/’سَئنڌُوئي‘
سڏيائون. هونئن به ته سنڌي وياڪرڻ جي اصولن موجب ’سنڌو‘ لفظ جي صفتي صورت ’سِنڌُوئي‘/سئنڌُوئي ٿيندي. اها صورت (سنڌُوئي) اڳتي هلي پھرين ’سنڌُئي‘ بڻي هوندي ۽ پوءِ ’سنڌي‘ بڻجي وئي، ۽ وچ واري سُر [’اُو‘] کي [اُ] سُر ۾ تبديل ڪيو ويو.“(28)
الانا صاحب، پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“ ۾ پڻ ”سئنڌوئي“ جي ڦيري جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
”ممڪن آهي ته سنڌي لفظ: سئنڌوئي ˂ سئنڌئي ˂ سنڌوئي ˂ سنڌي ٿيو هجي.“(29)
”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ ڪتاب جو باب ”سنڌو ماٿر جي قديم ٻوليءَ جي پھچ ۽ پکيڙ“ ان لحاظ کان اهم آهي، ته ان وسيلي بڻائتي ٻوليءَ جي حدبندين جو تعين ٿئي ٿو، جنھن بابت هن ريت الانا صاحب لکيو آهي:
”تحقيق مان ائين به معلوم ٿيو آهي ته سنڌو ماٿر جي قديم زبان سئنڌُوئي، سنڌو ماٿر جي اترئين وڏي علائقي يعني ڪشمير جي اترئين ڇيڙي تائين، اتر-اولهه طرف داردستان واري ڪوهستاني علائقي تائين، اولهه-ڏکڻ ۾ بلوچستان ۽ اُن کان به اڳتي اولهه طرف، ايران جي سرحد اندر ڪرمان جي جدگال خطي تائين ۽ اتر-اولهه طرف ايران جي خوزستان صوبي اندر، ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ جي ساحلي خطي تائين، ڏکڻ-اوڀر ۾ ڪڇ جون اوڀر واريون سرحدون ٽپي، اڳوڻي سؤراشٽر جي اُڀرندئين ڇيڙي تائين، اوڀر-۽ اتر-اوڀر ۾ راجسٿان ۽ هرياڻا رياست اندر پکڙيل هئي.“(30)
سنڌي ٻوليءَ جي حدبندين جو ذڪر، الانا صاحب پنھنجي هڪ ٻئي ڪتاب
”سنڌي لسانيات: تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس“ ۾ پڻ ڪيو آهي، جيڪو هن ريت آهي:
”سنڌي ٻولي، سنڌو ماٿري جي قديم ترين ۽ غير آريائي ٻولي آهي. هن قديم ٻوليءَ جون قديم سرحدون، قديم زماني ۾، موجوده سنڌو ماٿر جي ڏکڻ ۾، عربي سمنڊ جي بابا ڀٽ ۽ منهوڙي وارن ٻيٽن تائين، اوڀر ۽ ڏکڻ-اوڀر ۾ موجوده راجسٿان رياست جي اڳوڻين رياستن: جيسلمير، جوڌپور، مارواڙ، ميواڙ ۽ اُڌيپور تائين ۽ ڏکڻ-اوڀر ۾ ڪڇ، گجرات رياست جي خانديش کان سواءِ سورت ۽ کنڀات بندرن تائين، ڏکڻ-اوڀر ۾ ڪاٺياواڙ جي رياستن کان سواءِ اتر-اوڀر ۾ ڀارت جي موجوده رياستن هرياڻا ۽ هماچل پرديش جي حدن تائين پکڙيل هئي. اهڙيءَ طرح اتر-اولهه ۾ داردستان جي وڏي علائقي کان سواءِ، اوڀر ايران جي صوبن خوزستان (موجوده نورستان)، سيستان ۽ ڪرمان صوبي جي لاڙ واري خطي، ايران جي بلوچستان جي جدگال خطي ۾ به پکڙيل هئي. انهيءَ سڄي علائقي يعني سنڌو ماٿر ۾ جيڪا ٻولي رائج هئي، اُن کي علم اللسان جي ماهرن ’سنڌو زبان‘ نالو ڏنو آهي، ۽ جنھن جنھن خطي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اُن خطي ۾ اُن قديم سنڌو ٻوليءَ جي شاخ ڳالهائي ويندي هئي، ۽ اڄ پڻ انهن خطن ۾، اُنهن شاخن جي باقيات جا مثال موجود آهن.“(31)
ڊاڪٽر الانا مٿئين بيان کان پوءِ انهن شاخن جو نقشو ڏنو آهي، جنھن موجب ’سنڌو زبان‘ جون 10 شاخون هن ريت آهن: (1) پروٽو-دراوڙي، (2) براهوي، (3) اُترين شاخ،
(4) اُڀرندين شاخ، (5) ڪشميري، (6) داردي، (7) مڌيه شاخ، (8) لھندِي، (9) ڏکڻ-اوڀر ۽ اولهه واري شاخ، ۽ (10) سنڌي.(32)
انهن 10 شاخن جو ذڪر، ان کان اڳ، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ ڪتاب ۾ ”سئنڌُوَ/سئنڌُئي ٻولي“ طور، هِن ريت ڪيل آهي: (1) قديم دراوڙي، (2) ڏکڻ-اوڀر واري شاخ، (3) اُڀرندين شاخ، (4) اتر-اوڀر واري شاخ، (5) وسطي شاخ، (6) ڏاکڻي شاخ،
(7) لھندِي شاخ، (8) اُترين شاخ، (9) اتر-اولهه واري شاخ، ۽ (10) برهوئي شاخ.(33)
انهن شاخن جو ورجاءُ، ڪجهه تبديلين سان، ساڳئي ڪتاب ۾، ”موهن جي دڙي واري ٻولي“ جي ذيلي عنوان هيٺ هن طرح ڪيل آهي: (1) سئنڌوئي/سئنڌوَ،
(2) لھندُئي/لھندِي شاخ، (3) قديم دراوڙي (Proto-Dravidian)، (4) داردي، (5) اتر-اوڀر واري شاخ، (6) اوڀر واري، (7) ڪشميري، (8) ڏکڻ-اوڀر واري شاخ، (9) وسطيه (مرڪزي خطي واري)، ۽ (10) براهوي.(34)
انهن ٻنهي ڪتابن ۾ ڄاڻايل شاخن جي تقابلي نالن مان هي ڳالهيون پڌريون ٿين ٿيون:
(1) ”قديم دراوڙيءَ“ جو نالو ”پروٽو-دراوڙي“ ڪيو ويو آهي،
(2) ”ڏکڻ-اوڀر واري شاخ“ کي ”ڏکڻ-اوڀر ۽ اولهه واري شاخ“ ڪيو ويو آهي،
(3) ”اُڀرندين شاخ“ ۽ ”اترين شاخ“ ساڳئي نالي سان برقرار آهن، ۽ ”لھندي شاخ“ کي ”صرف ”لھندي“ ڪيو ويو آهي،
(4) ”اتر-اوڀر واري شاخ“، ”وسطي شاخ“، ”ڏاکڻي شاخ“ ۽ ”اتر-اولهه واري شاخ“ جا نالا ختم ڪيل آهن،
(5) ”برهوئي شاخ“ کي ”براهوي“ ڪيل آهي، ۽
(6) ”ڪشميري“، ”داردي“، ”مڌيه شاخ“ ۽ ”سنڌي“ شاخن جا نالا متعارف ڪرايل آهن.
ڊاڪٽر الانا پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“۾، ڪن به ٻن ٻولين جي تقابلي اڀياس لاءِ جن وياڪرڻي معاملن جو ذڪر ڪيو آهي، تن بابت لکي ٿو: ”ڪن به ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ٻولين جي تقابلي اڀياس لاءِ جن به اهم نقطن (جزن) جي اڀياس ۽ ڀيٽ جي ضرورت هوندي آهي، اُهي هي آهن: (i) صوتي هڪجھڙايون، (ii) لفظن جي ڌاتوئن (roots) ۾ هڪجھڙايون، (iii) ڪردنتن جي بناوت جا هڪجھڙا اصول، (iv) اسمن ۽ فعلن جي گردانن ۾ هڪجھڙايون، (v) ضميرن ۽ حرفن (participles) ۽ حرف جر وغيره جي استعمال ۾ هڪجھڙايون؛ مطلب ته جيڪڏهن ڪن به ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ٻولين ۾، اهي سڀ هڪجھڙايون موجود هونديون ته پوءِ چئبو ته يا ته هڪ زبان، اُن/ٻيءَ زبان مان ڦٽي نڪتي آهي، يا ٻئي (يا وڌيڪ) زبانون، ڪنھن هڪ ئي ۽ ساڳئي بنياد جون شاخون آهن، يعني هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن.“(35) الانا صاحب انهن جزن جي بنياد تي مختلف ٻولين جو جائزو ورتو، تن ۾ سنسڪرت، لھندا، سنڌي شامل آهن. ان بابت هُو لکي ٿو: ”’سنڌي ۽ داردي ٻولين‘ ۾ تمام گهڻي هڪجھڙائي آهي، بلڪ داردي خاندان واريون ٻوليون ۽ انهن جو بڻ بنياد به، سنڌو-تھذيب واري قديم ۽ اصلوڪي زبان، ’سئنڌُئي سان واسطو رکي ٿو.“ (36)
الانا صاحب مٿي ڄاڻايل وياڪرڻي جزن جي بنياد تي ”سنڌي ۽ سنسڪرت جي ڪن هڪجھڙاين“ جو مطالعو صوتي، صوتياتي، صرفي طور ڪيو آهي. مثال طور ’فعلن جي گردانن‘ ۾ الانا صاحب لکي ٿو: ”سنڌيءَ ۾ به، سنسڪرت ۽ فارسيءَ وانگر، فعل جي ڌاتوءَ جي گردانن جي حالت ۾، ان جي پويان ضميري پڇاڙيون (نشانيون) ملايون وينديون آهن. سنڌي، لھندي/لھندا ۽ سنسڪرت ۾ اهي ضميري پڇاڙيون، ٿوريءَ ڦيرگهير کان پوءِ، لڳ ڀڳ هڪجھڙيون آهن.“ (37)
الانا صاحب سنڌي ۽ دراوڙي ٻولين جي لغوي خزاني جي هڪجھڙائيءَ کي به ڇنڊڇاڻ هيٺ آندو آهي، جنھن ۾ صوتياتي هڪجھڙائي، مورڌني آوازَ، گُهڻا آوازَ، اَوسرگائي، لفظن جي آخر ۾ سُر جو اُچار، مُرڪب وينجن آوازَ، صرفيه جي اصولن ۾ هڪجھڙائي وغيره شامل آهن. مثال طور، الانا صاحب ”ضمير غائب“ هيٺ لکي ٿو: ”دراوڙي ٻولين ۾ ضمير غائب ڪو نه ٿئي، پر ضمير اشاري (ويجهي ۽ ڏُور) کان ضمير غائب جو ڪم وٺندا آهن. ساڳيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ به، ضمير اشاري ويجهي ۽ ڏُور (هيءُ، هيءَ، هوءَ، اِهو، اُهو، هِنَ، هُنَ، هِنن ۽ هُنن) کي ضمير غائب، واحد ۽ جمع طور ڪم آڻبو آهي.“(38)
ان ريت، الانا صاحب وڏي تفصيل سان وياڪرڻي اڀياس پيش ڪيو آهي ۽ ان اڀياس جو مختصر نتيجو، هِنن ٻن نُڪتن ۾ پڇاڙيءَ ۾، هن طرح، بيان ڪيو آهي: (1) ”سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوِي سٽاءَ، ۽ دراوڙي ٻولين جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوِي سٽاءَ ۾، اڄ به هزارين سالن جي گذري وڃڻ جي باوجود، ۽ هڪ ٻئي سان ناتن ۽ رشتن ۽ لاڳاپن جي نه هجڻ جي باوجود، منجهن هڪجھڙائيءَ جا بيشمار مثال موجود آهن.“(39) (2) ”مختلف ٻولين جي اثر جي باوجود، سنڌي ٻوليءَ جو صوتياتي، صرفِي ۽ نحوي سٽاءُ، گهڻو تڻو ساڳيو ئي رهيو، البته ٻوليءَ جو لغوي/لفظي خزانو، گاڏڙ بڻجي ويو، جنھن ۾ فاتح قومن جي ٻولين جي لفظن جو بتدريج تمام گهڻو اضافو ٿيندو رهيو.“(40)
”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ ڪتاب ۾، سموري مفصل مطالعي کان پوءِ، حاصل ڪيل نتيجا ڏهن نُڪتن، انهن جي اختصار ۽ ”سئنڌُوئي“ ٻوليءَ ۽ ان جي شاخن جي نقشي تي (ڏنگين ۾ ڏنل) مشتمل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر الانا جي سموري تحقيق ۽ سندس نظريو نروار ٿي بيھي ٿو. انهن نتيجن کي هيٺينءَ ريت، پنجن نُڪتن ۾، نئين سر بيان ڪري سگهجي ٿو:
- برصغير ۾ آرين جي اچڻ کان اڳ سئنڌُوئي ٻولي پنھنجين ڏهن وڏين شاخن: 1. سئنڌُوئي، 2. لھندِي، 3. اُڀرندِي، 4. وچين، 5. اتر-اولهه واري، 6. ڏکڻ-اوڀر واري، 7. قديم دراوڙي (Proto-Dravidian)، 8. برهوئي، 9. ڪشميري ۽ 10. اولهه واري سميت رائج هئي. (نقشي موجب نالا: 1. ڏاکڻِي شاخ [سئنڌُوئي، سؤوير ديش جي ٻولي]، 2. لھندِي، 3. وسطي [سئنڌو ديش جي ٻولي]، 4. اتر-اولهه واري [داردي ٻوليون]، 5. ڪشميري، 6. اڀرندين، 7. ڏکڻ-اوڀر واري، 8. اتر-اوڀر واري، 9. برهوئي، ۽ 10. قديم دراوڙي) (نوٽ: شاخن جي نالن ۾ تفاوت نظر اچي ٿو.) اها غير آريائي هئي ۽ سنڌ ملڪ ۽ سنڌو درياءَ جي نالي پٺيان ”سئنڌُوئي“ سڏبي هئي. اهي لوڪ ۽ سندن ٻولي ٻاهران آيل ناهي يعني ديسي آهي، ان ڪري توراني، تاتاري يا سٿين قومن ۽ انهن جي ٻولين مان ڦُٽي نڪتل ناهي. ان قديم سنڌو ماٿر تھذيب، تمدن ۽ ٻولين جا اهڃاڻ اڃا به موجود آهن.
- قديم دراوڙي شاخ، موجوده دراوڙي ٻولين جي ماءُ-ٻولي (Parent language) هئي. سنڌي، لھندي، اڀرندي شاخ وارين ٻولين ۽ دراوڙي ٻولين جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ ۾ تمام گهڻي هڪجھڙائي آهي.
- سنڌو ماٿر جي ٻوليءَ جي توراني ٻوليءَ سان تھذيبي ۽ تمدني واسطي سبب سنڌي، لھندي، اڀرندي درواڙي شاخ وارين ٻولين ۾ توراني ٻوليءَ جا اثر ۽ اهڃاڻ ملن ٿا.
- قديم سئنڌوئي ٻوليءَ تي، پھرين سنسڪرت جو، پوءِ پاليءَ جو ۽ اڳتي هلي ٻين فاتح ٻولين فارسيءَ، يونانيءَ، عربيءَ ۽ انگريزيءَ جا اثر پيا، پر ان باوجود سنڌي ٻوليءَ جو صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءُ گهڻو تڻو ساڳيو ئي رهيو، البت لغوي خزانو گاڏڙ بڻجي ويو.
- سنڌو تھذيب جي سئنڌوئي ٻولي، نه فقط سنڌو ماٿر جي وسطي حصي تي اثر انداز رهي، پر ان جي پھچ ۽ پکيڙ اوڀر ۾ نرمدا نديءَ جي اولهه واري ڪناري تائين، اتر-اوڀر ۾ هرياڻا رياست ۾ اوڀر واري ڇيڙي تائين، ڏکڻ-اوڀر ۾ ڪڇ، گجرات جي لوٿل (نال ڀال ڍنڍ جي ڪناري تي ٻڌل شھر، لوٿل يعني مئلن/مري ويلن جو شھر. [الانا، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد، ص 299، 2018ع]) ۽ سورت بندر جي سامونڊي ساحل ۾ کنڀات جي نار تائين، اتر ۾ ڪشمير جي سرحدن تائين، اتر-اولهه ۾ داردستان جو سڄو علائقو تانگير-ڪوهستان تائين، اولهه ۾ ڪوهه سليمان، کيتران وارو علائقو ۽ بولان دڙي کان ايران جي خوزستان، ميستان، ڪرمان ۽ مڪران جي ڇيڙي تائين، اولهه-ڏکڻ ۾ لس ٻيلي واري اڳوڻي رياست جي سرحد تائين، ۽ ڏکڻ ۾ سنڌ جي ڪوهستان واري علائقي ۽ پُوري سامونڊي ساحل تائين پکڙيل هئي.(41)
ان ريت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سراج جي نظرين کان پوءِ هڪ اهم نظريو ڊاڪٽر غلام علي الانا جو پڻ سنڌ جي عالمن مان هڪ عالم پيش ڪيو. انهن نظرين جي تقابلي جائزي ۾ ”ٽي مخالف ــــ هڪ اتحاد“ عنوان سان، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو پنھنجي مقالي ”استدلال جو اهو طريقو غلط آهي“ ۾ لکي ٿو:
”الانا صاحب جن ۽ سراج صاحب جن سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بابت جيڪو نڪتهءِ نظر رکن ٿا ، توڙي جو ان ۾ ڪا به هم آهنگي موجود ناهي، پر فطري آهي ته، سنسڪرت جي حوالي سان ٻنهي کي همنوا سمجهيو وڃي.“(42)
ان کان پوءِ، هُن ڊاڪٽر بلوچ جي ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ [1990ع] مان ڪي حوالا پڻ ڏنا آهن، جن مان هڪ هيءُ به آهي: ”سنڌي انهيءَ ’وراچڊ اپڀرنش‘ مان نڪتل ڪانهي، جنھن جو اڳين نَحوين ذڪر ڪيو آهي. سنڌي جو خمير سنڌ جي سر زمين ۾ تيار ٿيو، ان جو پنھنجو موروثي سرمايو ئي آهي، جنھن جي تاريخ سنسڪرت کان اڳ واري ’پروٽو-پراڪرت‘ يا ’پھرين-پراڪرت‘ تائين پھچي ٿي. (بلوچ ]1990[ ص 32-33)“ ان حوالي کان پوءِ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو لکي ٿو:
”ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نڪتهءِ نظر جي حوالي سان سراج صاحب جن ۽ الانا صاحب جن سان ڪا به هم آهنگي نه ٿا رکن، اڃا به ايئن چئجي ته ٽيئي هڪ ٻئي جا تنقيد نگار رهيا آهن، پر ڏسي سگهجي ٿو ته سنسڪرت جي حوالي سان ٽنهي ۾ همنوائي موجود آهي. ٽيئي سنڌي ٻوليءَ ۾ اڄوڪي سنڌي سماج جا وڏا نالا آهن، ٽيئي هڪ ٻئي جا تنقيد نگار (۽ سچ چئجي ته مخالف) آهن، ٽنهي جي تحقيق سنسڪرت ۽ سنڌي جي حوالي سان هڪ ئي نقطي تي مرڪوز ٿئي ٿي (۽ انهيءَ حوالي سان سچ چئجي ته اڻ-ڄاتل/اڻ ووڙيل اتحادي آهن) ۽ ٽيئي اها ڳالهه پنھنجي دلئون گَهڙي ڪو نه ٿا ٻڌائن، مختلف ۽ ڀروسي لائق عالمن ۽ محققن جي راين جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه بيان ڪن ٿا.“(43)
”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ (2004ع) ڪتاب کان پوءِ الانا صاحب جو هڪ ٻيو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“ (2006ع) ڇپيو، جنھن ۾ پڻ الانا صاحب پنھنجي نُڪتي نظر کي سولن لفظن ۾ هِن ريت ورجايو ته:
”سنڌي زبان، سنڌو ماٿر جي قديم سڀيتا جي قديم ۽ اصلوڪي ٻولي آهي، جنھن جو نالو يقينن سنڌو درياهه جي نالي پٺيان سڏجندڙ ملڪ، يعني ’سئنڌو ديش‘ جي نالي سان ’سئنڌوئي ٻولي‘ هوندو. هن تھذيب جي ماڻهن کي ’سئنڌوئيءَ‘ جي نالي سان سڏيو ويندو هوندو.“(44)
سنڌي ٻوليءَ بابت، الانا صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته:
”سنڌي زبان ڪن صوتي ۽ صوتياتي تبديلين کان سواءِ، اُها ئي ساڳي زبان آهي، جيڪا موهن جي دڙي واريءَ تھذيب جي جاهه و جلال وقت به، هن علائقي ۽ هن ماٿر ۾ رائج هئي، ۽ جيڪا زماني جي تبديلين سان گڏوگڏ، ڌار ڌار حمله آورن ۽ فاتحن جي ٻولين کان اثر وٺندي، پنھنجي لغوي خزاني ۾ واڌارو آڻيندي آئي آهي، ۽ پنھنجي قديم صوتياتي، صرفي ۽ نحوي سٽاءَ ۽ ساخت کي قائم رکندي آئي آهي: پر جيستائين موهن جي دڙي واري لکت پڙهي نه وئي آهي، تيستائين اهو چئي نه ٿو سگهجي ته سنڌو ماٿر جي اُن قديم ٻوليءَ جو سٽاءُ ڪھڙو هو، يا اُن ٻوليءَ جو نمونو ڪھڙو هو.“(45)
ٻئي طرف، سنڌي ٻوليءَ جي اصل نسل ۽ بڻ بنياد بابت سراج صاحب پڻ پنھنجو مطالعو برقرار رکيون پئي آيو، جنھن ۾ الانا صاحب جي نُڪتي نظر کي پڻ پڙهندڙ ۽ سمجهندڙ هو، جنھن جو کُليل اظھار هُن تڏهن ڪيو جڏهن الانا صاحب جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“ جو مھاڳ لکيو (جنھن منجهان مٿيان ٻه حوالا ڏنا ويا آهن). مھاڳ ۾، سراج صاحب ”سئنڌُوئي“ لفظ بابت پنھنجو نُڪتي نظر هِن ريت بيان ڪيو، جيڪو ڌيان لھڻي ٿو:
”مون کيس [الانا صاحب کي] گذارش ڪئي هئي ته آرين جي حوالي سان اختيار ڪيل لفظ ’سئنڌوئي‘ (Saindhui) تي کيس ٻيھر غور ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪن قديم ليکڪن سنڌ کي سئنڌوا يا سياند يا اهڙي ڪنھن ٻئي غلط اُچار سان اُچاريو آهي، جنھن کي ٽرنر (Turner) جھڙي لغت نويس پنھنجي ’هند-آريائي ٻولين جي لغت‘
(A Dictionary of Indo-Aryan Languages) ۾ اختيار ڪيو آهي ته ضروري ڪونهي ته اسين سنڌ ۽ سنڌيءَ جي محض قدامت ثابت ڪرڻ لاءِ اهو ئي غلط اچار ۽ ان جي ناگري لکت کي قبول ڪندا اچون. ’سنڌ‘ ۽ ’سنڌي‘ تمام قديم لفظ آهن، جن جو اچار اهو ئي هو جھڙو اڄ آهي: انهن جو ثبوت پھلوي ڪَتبن ۾ صاف ملي ٿو، جنھن مان ايترو ته چئي سگهجي ٿو ته اوستا جي وقت کان يعني چوويھه سو ورهيه اڳ اهي ٻئي لفظ ان ساڳئي اچار سان اچاريا ويندا هئا، بلڪ جڏهن س ۽ ھه جي غلط ملط ٿيڻ سان سنڌ کي هند ڪري پڙهيو ويو، تڏهن به ان هند کي ’هئندوئي‘ ڪري ڪو نه پڙهيو ويو، بلڪ الادريسيءَ کان البيرونيءَ تائين سڀني ان کي هند ۽ هندي سڏڻ جي غلطي ڪئي ۽ نه ’هئندو‘ ۽ ’هندوئي‘ جِي. ان ڪري ڊاڪٽر صاحب کي ان مغالطي کي درست ڪرڻ گهرجي.“(46)
علم اللغت يعني ليڪسڪالِجي (Lexicology) موجب، هميشه سادن لفظن منجهان مرتب لفظ جڙندا آهن، نه ڪي مرتب لفظن منجهان سادا لفظ. ان لحاظ کان، معلوم ٿئي ٿو ته سراج صاحب جي صلاح تي الانا صاحب غور ڪيو ۽ هُن پنھنجي ڪتاب ”سنڌي لسانيات: تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس“ (2020ع) ۾، ”سئنڌُوئي“ بدران ”سنڌي ۽ سنڌو“ جا اصطلاح ڪتب آندا آهن ۽ پنھنجي نظريي کي حتمي طور، هڪڙي ئي پئراگراف ۾، هن طرح بيان ڪيو آهي:
”ويجهڙائيءَ ۾ ٿيل تحقيق موجب، سنڌي ٻولي، سنڌو ماٿر ۾ ڪٿان ٻاهران آيل ڪنھن قوم يا قومن جي ٻوليءَ جي شاخ نه آهي، پر هيءَ ٻولي، سنڌو ماٿر جي قديم سنڌو تھذيب ۾ رائج، قديم، اصلوڪي ۽ مَقامي ’سنڌو ٻولي‘ آهي، جيڪا اڳتي هلي، تاريخ جي ڌار ڌار دورن ۾، ڌار ڌار ٻولين ۾ ورهائجي وئي. اُهي ٻوليون آهن: سنڌو (سنڌي)، لھندي، داردي، براهوي، قديم دراوڙي، ڪشميري، راجسٿان جي قديم ٻولي اپڀرنش، ڪَڇي، گجرات جي قديم ٻولي ناگر اپڀرنش، هرياڻا ۾ بانگڙو، باگڙي، گجرات ۾ ڀيلي موجوده پنجاب جي اڳوڻين رياستن جي ٻولين ۾ ورهائجي وئي.“(47)
نتيجو:
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لسانيات جي ماهرن ۾ نمايان حيثيت رکندڙ هو. هُن لسانيات جي مختلف شاخن، جھڙوڪ صوتيات، صرفيات، معنويات وغيره ۾ مستقل مزاجيءَ سان ڪم ڪيو. هن پنھنجي لساني مطالعي دوران سنڌي ٻوليءَ بابت پيش ٿيل نظرين جو گھرائيءَ سان مطالعو ڪيو هو، جنھن ۾ کيس، پنھنجي حاصل ڪيل علم ۽ ڇنڊڇاڻ موجب محسوس ٿيو، ته هڪ نئين نظريي جي پيشڪش جي گنجائش آهي. ان سلسلي هيٺ، ڊاڪٽر الانا سن 1960ع جي ڏهاڪي کان اول مقالو لکيو، جنھن بعد ان کي تنقيدي نظر مان ڪڍندي ۽ اصلاح ڪندي، هڪ ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ لکيو. ان کان پوءِ به هُو ان موضوع تي مسلسل نئون اڀياس ڪندو رهيو ۽ پنھنجي پيش ڪيل نظريي کي سنواريندو ۽ سڌاريندو رهيو، جنھن کي پوءِ هن پنھنجي ساڳئي ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ وڌيڪ تفصيل سان پيش ڪيو ۽ ان کي مختلف هنڌن تي پوءِ ڇپيل ڪتابن ۽ مقالن ۾ به ورجايو آهي، ته سنڌي ٻولي هن خطي جي اصلوڪي ٻولي آهي، جيڪا ڪنھن به ٻاهرين هنڌان يا ٻين ماڻهن پاران آندل نه آهي. اها ٻولي ’سنڌو ٻولي‘ آهي جيڪا تاريخ جي مختلف ڌارائن ۾ الڳ الڳ ٻولين ۾ ورهائجي وئي.
حوالا:
- الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد (مقالو)، ايڊيٽر: غلام محمد گرامي، ٽماهي ”مھراڻ“، شمارو 2/1967ع ص: 92، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: غلام علي الانا جا چونڊ مضمون ۽ مقالا (مضمون: ”سنڌي ٻوليءَ جو محاورو“ مقالي ۾ پيدا ڪيل غلط فھمين متعلق ڪي حقيقتون)، مرتب: گل شير بلوچ، ڇاپو پھريون 1993ع ص: 42، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد
- ساڳيو، ص: 35
- الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، ڇاپو ٽيون 2018ع، ص: 15، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
- ساڳيو، ص: 15-16
- الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: غلام علي الانا جا چونڊ مضمون ۽ مقالا، ڇاپو 1993ع، ص: 34، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد
- ساڳيو، ص: 31