شيخ اياز تي شاهه لطيف جي ٻوليءَ جا اثر
(INFULUANCE OF SHAH LATIF’S DICTION ON SHAKH AYAZ)

عبدالفتاح سپرو/ڊاڪٽر بشير احمد چانڊيو (فياض لطيف)

Abstract

This research paper demonstrates that poets and creative artists often draw inspiration from and influence one another through their use of language, diction, and ideas. Shaikh Ayaz is widely recognized and celebrated for the diversity found in his poetry. In this context, he regarded Shah Latif Bhittai as his guide and mentor, who had a significant impact on him in terms of content and language. When Shaikh Ayaz translated “Shah Jo Risalo” into Urdu, he was deeply influenced by Shah Latif’s choice of subjects, including Love, Beauty, Nationalism, Sufism, and folklore. While emulating Shah Latif Bhittai, Ayaz also adopted Bhittai's rhetorical devices, which ultimately enriched his own poetry. This blend of influences contributed to the revitalization of the Sindhi language by reviving hundreds of words from Shah Latif that might otherwise have been forgotten. This achievement marks a significant contribution by Ayaz to the preservation and promotion of the Sindhi language, as he reshaped words derived from Shah Abdul Latif Bhittai. In this regard, it can be stated that Shaikh Ayaz's adoption and emulation of influences have facilitated the transfer of the Sindhi language and its heritage. This research paper views that Shaikh Ayaz's poetry has not only continued but also renewed the Sindhi language of Shah Latif, symbolizing a literary revival and continuity brought forth by Ayaz.

Keywords: Shaikh Ayaz, poetic and artistic influence, Shah Abdul Latif, revitalization and renewal of language

 

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ مختلف موضوعن ۽ اندازن جي وسعت لاءِ کيس وڏي پيماني تي مڃيو ويو آهي. هن تي شاهه لطيف جو جنھن کي هُو پنھنجو رهبر ۽ استاد سمجهو آهي، تنھن جو تمام وڏو اثر آهي. خاص طور تي مضمون ۽ ٻوليءَ جي لحاظ کان، جڏهن شيخ اياز ”شاهه جو رسالو“ اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ته هُن تي لطيف جي موضوعن جھڙوڪ: محبت، حسن، قومپرستي، تصوف، لوڪ ڏاهپ وغيره جو گھرو اثر پيو.

ڀٽائيءَ جي انداز ۾ موضوعن کي ڪتب آڻڻ سان گڏ شيخ اياز، لطيف جي ٻوليءَ کي پڻ نئين زندگي بخشي، ڇاڪاڻ ته شيخ اياز، شاهه لطيف جا ڪيترائي لفظ جيڪي هن وقت تائين متروڪ ٿي چڪا هئا، انهن کي ٻيھر زنده ڪيو. اهو شيخ اياز جو ٻوليءَ جي حوالي سان وڏو ڪارنامو آهي، جو هن ڀٽائيءَ جي لفظن کي نئين صورت ۽ معنا ڏئي انهن کي ادب ۽ روزمره جي ڳالهه ٻولهه ۾ واپس آندو.

 ڪنھن به تخليقي فن کي اظھارڻ جو موثر ذريعو (مادري) ٻولي هوندي آهي، جنھن کي ڳالهائڻ توڙي ڦھلائڻ وارو عام ماڻهو هوندو آهي. پر ٻوليءَ کي ترقي ڏيارڻ ۽ هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار استادن، عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو هوندو آهي. شاعر نه فقط ڪنھن ٻوليءَ کي نوان الفاظ ميسر ڪندو آهي، پر ان سان گڏوگڏ ٻوليءَ جي لفظن جو انتخاب به عام ماڻهن جي روزمره واري استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ مان ئي ڪندو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو ئي شاعر زنده جاويد رهندو آهي، جيڪو عام ماڻهوءَ جي ٻوليءَ کي استعمال ڪندو آهي. شاهه لطيف جو سمورو ڪلام ان وقت جي مروج عوامي ٻوليءَ ۾ ٿيل آهي. جيڪا اوٺارن، اوڏن، آهيڙين، ٻيڙياتن، ٺاٺارن، پڃارن، ڪاپائتن، چوڙيگرن، حجامن، ڌنارن، پنهوارن، ريڍارن، ميھارن، ڳنوارن، ڏوٿين، سانگين، جهانگين، رازن، رنگريزن، سونارن، صرافن، سنگتراشن، غواصن، طبيبن، ڪلئيگرن، ڪنڀارن، ملاحن، مڱڻهارن، موچين، واڍن، واپارڪندڙن، هارين، نارين نيرولين سميت هيٺين طبقي جي پورهيتن، ڪمين ڪاسبين ۽ عام ماڻهن جي استعمال هيٺ هئي. جنھن ۾ هندو مسلمان ٻئي شامل هئا. اها ئي نج سنڌي ٻولي آهي، جنھن لاءِ محمد صديق ميمڻ لکي ٿو ته:

”شاهه صاحب پنھنجي ڪلام ۾ جيڪا سنڌي ٻولي ڪم آندي آهي، تنھن کي نج سنڌي ٻولي چوڻ درست آهي، ڇاڪاڻ جو ان ۾ سنڌ جي طبعي(پراڪرت) ٻوليءَ جا لفظ به موجود آهن، مڪمل سڌريل (سنسڪرت)ٻوليءَ جا لفظ به موجود آهن ۽ عربي فارسي لفظ به قائم آهن، پر اهي سڀ اهڙا عام فھم آهن جي سنڌ جو هرڪو هندو خواه مسلمان آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو.“ (1)

”شاهه صاحب ڪڏهن به اڙانگي ٻولي ۽ مشڪل محاورا استعمال نه ڪيا، هن زبان جي فن ۾ اعلى دانائي اها ڏيکاري ته پنھنجي ڪلام ۾ نج عوامي ٻولي استعمال ڪيائين. ڇو ته کيس خبر هئي ته عوام هن ڌرتيءَ تي هميشه رهڻو آهي؛۽ خواص ڪڏهن ايراني ته ڪڏهن افغاني، ڪڏهن ترڪ ته ڪڏهن تاتاري، ڪڏهن هو ته ڪڏهن هي؛ هرڪو پنھنجو وارو وڄائيندو فنا ٿيندو ويندو ۽ پنهنجون ورجيسون ۽ محاورا پنهنجن درٻارين سان گڏ کنيو وڃي دفن ٿيندو. انڪري
شاهه صاحب جي ڪلام جا سريلا ساز به عوام لاءِ ته رنگ رسيلا به انهيءَ ڌرتيءَ جي ڌراڙن لاءِ آهن. جنھن ڪري پنھنجي ڪلام جي ٻولي به انهن جي ٻولن مان ڳالهايائين.“ (2)

شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ جي اعلى ۽ اُتم خوبي هيءَ به آهي، ته هن جي شاعريءَ کي مختلف مڪتب فڪر سان تعلق شھرن جا لکيل پڙهيل ماڻهو پنھنجي محفلن ۽ مجلسن ۾ حوالي طور ڪتب آڻي ان مان پنھنجي پنھنجي مقصد جي معنى ۽ مفھوم ڪڍن ٿا. جڏهن ته ٻهراڙي جا ماڻهن پنھنجي گهرن توڙي جهنگن، جهرن ۾ لطيف جا بيت ۽ وايون جهونگاريندي پنھنجا پنھنجا ڪم سرانجام ڏين ٿا. انهن لاءِ لطيف جي ٻولي دردن جو درمان به آهي ته سورن جو سامان به آهي.

شاهه لطيف جي مقبوليت جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته هن پنھنجي شاعريءَ ذريعي عام ماڻهن جي احساسن، جذبن ۽ نفسياتي ڪيفيتن جي اهڙي ته ترجماني ڪئي آهي، جو اها هر موقعي مھل تي سندن ڪيفيتن جي عڪاسي ڪري ٿي. ان کان سواءِ هن
”پنھنجي ٻولي کي سنڌ جي تھذيبي روايتن، تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن ۽ ڪھاڻين، تمثيلن، محاورن، علامتن، اهڃاڻن، استعارن، تشبيھن، سلاست، فصاحت، بلاغت ۽ جدت جي خوبين سان ڳتي ۽ مڙهي پيش ڪيو آهي، جنھن ۾ ماضيءَ جو سمورو حسن، فڪري ۽ تھذيبي ورثي جي سموري سونهن موجود آهي.“ (3)

شاهه لطيف کان پوءِ شيخ اياز سنڌي قوليءَ جو محسن، مھندار ۽ عوامي شاعر آهي، جنھن پھريون ڀيرو ٻوليءَ جي حوالي سان بغاوت ڪئي، سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو”ڀؤنر ڀري آڪاس“سال 1968ع ۾ گهڻو پوءِ شايع ٿيو. پر اياز ورهاڱي کان ڪجهه وقت اڳ جيڪي”سنڌي ٻولي، جيڪا ڀٽائيءَ کان پوءِ روايتي فارسي زده شاعرن هٿان زنگجي، ڪاراٽجي، پنھنجي اصلوڪي معصوم ۽ سٻاجهي صورت وڃائي چڪي هئي، اياز ان کي نئين سِرِ ڳھَ ڳٽا پارايا ۽ سونهن راڻي بنايو.“ (4)

شيخ اياز جي شاعري پڙهڻ سان اها خبر پوي ٿي ته مٿس شاهه لطيف جي ٻوليءَ جي آهنگ جا تمام گھرا اثر آهن، جنهنڪري اسان هيئن کڻي چئون ته اياز، لطيف جي ٻوليءَ جو استعمال ڪري سنڌي ٻوليءَ کي نئين سِرِ جيئدان ڏنو آهي، ته اهو غلط نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته شاهه لطيف۽ شيخ اياز جي دؤر ۾ حڪمرانن جا سنڌي ٻولي سان ساڳيا مسئلا هئا. اهو ئي سبب آهي جو شاهه لطيف کان پوءِ جنھن شاعر کي ٻوليءَ جو معمار شاعر ليکيو وڃي ٿو اهو شيخ اياز آهي. سنڌي ٻوليءَ جيڪا موجوده هيئت ۽ شڪل اختيار ڪئي آهي، ان ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ ساڳيو ڪم سرانجام ڏيندي رهي آهي، جيڪو لطيف جي دؤر ۾ لطيف جي شاعريءَ ڏنو هو. ان سان گڏوگڏ اها به حقيقت آهي، ته اياز پنھنجي شاعرِيءَ ۾ لطيف جو ئي ڊڪشن ڪتب آندو آهي، شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اهڙا ڪيترائي پد ۽ لفظ موجود آهن، جن مان بخوبي اهو اندازو ٿئي ٿو ته هو شاهه جي ٻوليءَ کان ڪيترو متاثر ۽ ساڻس محبت ڪندڙ آهي. مثال طور: شاهه لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ اُٺ، اُوٺار، جهوڙن جهمڪڻ، پاند پناھ، سھسين، تتي ٿڌي، نيھن، پرين، تند، ساز، رچي ريٽو ٿيڻ، وِھ وهاٽي، ڏک سک، سڄڻ، سور، چوڏهينءُ جي چانڊاڻ، هينون هرکائڻ، سرگردان، چڙو چنگ، چارڻ، ڀونءِ، آگهم، لوئي لاک، لوڏ لکائين، ڪارا ڪڪر، ڏونگر لڪ، لڄ، ڪونج، ويڄ، ڏيئا جهپڪن، سڙھ سنڀاهيم، ڪينرو، تند، وهسن، وِھُ، ڪاپڙي، ڪنواٺيا، ڪن چير، سانوڻ مينهن، فاني، ٽڪر ٽاڪڻ، مينڍا، گهوڙا اندرگس، ڪلال، جاجڪ، وڄ، گنڊير، ڳنڍيون، وندر، نانھ، ڪاڪ، گرو، گورکناٿ، سوڍن، مارو، ملير، موکي، متارا، مڌ، ڪيف، ڪڙو، ڪارڻ، ليلا، انگ ڀڀوتي، سامونڊي، ٻيٽ، ٻگها، لوئي، لاک، واهيري جي وير، جھڙا ڪيترائي لفظ ۽ اصطلاح استعمال ڪيا آهن، جيڪي شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به عام جام ملن ٿا. ان کان سواءِ شاهه لطيف جا شيخ اياز تي ٻوليءَ جي حوالي سان صوتي، صرفي، نحوي، استعاراتي، تشبيھي، تلميحي، پھاڪاتي، محاوراتي ۽ صنعتي اثر پڻ موجود آهن. اسين هتي سڀ کا پھريان شيخ اياز تي شاهه لطيف صوتي، صرفي ۽ نحوي اثر تي روشني وجهنداسين.

شيخ اياز تي شاهه لطيف جو صوتياتي اثر

صَوتُ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جو جمع اَصوات آهي، صَوتَ جي لغوي معنى آهي آواز جنھن کي عام طور تي صَوتيو انگريزيءَ ۾ (Phonotics) پڻ چئبو آهي، آوازن جي علم کي ماهر لسانيات صوتيات جو علم (Phonology) چوندا آهن. جامع سنڌي لغات ۾ لفظ صوت جي هن ريت معنى ڏنل آهي:

 صَوتُ: ذ. (ع، صوت = آواز ڪرڻ) آواز_ صدا_ندا، بانگ. (5)

“Phonotics is the scientific study of speech sounds, It studied how speech sounds are, transmitted and received. (6)

ترجمو: ”صوتيات ڳالهائڻ جي آوازن جو سائنسي مطالعو آهي، هي علم آواز ڪيئن اچاريا، منتقل ۽ موصول ڪيا وڃن ٿا، جو مطالعو ڪري ٿو. “

صوتيو آواز جي ايڪي کي چئجي ٿو، جنھن سان معنى جو فرق معلوم ڪري سگهبو آهي. مثال طور جيڪڏهن ٻن لفظن ۾ آواز، حرف يا اکر ساڳيو هجي ۽ ان جي معنى يا مقصد ۾ فرق هجي ته ان کي ٻه صوتيا چئبو آهي، مثال:گَسان ۽ گُسان توڙي جو لکڻ جي صورت ۾ هڪجھڙا آهن، پر فقط زبر ۽ پيش جي فرق سبب انهن جي معنى ئي مٽجي وڃي ٿي. گَسان جي معنى (گَسَ يا رستي کان) ۽ گُسان جي معنى (گُسَڻُ، گُسِي وڃڻ يا ڀلجي وڃڻ) آهي. اهڙي طرح ڏِک ۽ ڏُک، سُرُ، سِرُ، سِرَ، سَرُ وغيره. انهن ۾ زير، زبرَ ۽ پيش ڏيڻ سان مختلف معنائون ٿين ٿيون. پر جيڪڏهن آواز ۾ فرق هجي ۽ سندن معنى ۾ ڪو تفاوت نه هجي ته ان کي هڪ صوتيو چوندا آهيون. اهڙا مثال طور:مشين لاءِ مشن، ڏُک لاءِ دُک، ڊاڪٽر لاءِ (ڏاڪدر، داکتر ۽ ڏاڳدر) ستارا لاءِ تارا ۽ ماڻهو لاءِ ماڙهو وغيره.

هتي اسين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا شيخ اياز تي اثر جاچڻ لاءِ ٻنهي جي شاعريءَ جو صوتي اڀياس ڪنداسن، ته جيئن معلوم ڪري سگهجي ته صوتي طور تي ٻنهيءَ ۾ ڪھڙيون هڪ جھڙايون آهن. پھريان شاهه جو بيت ڏئي ان مان آواز جي تبديليءَ سان معنى جو فرق معلوم ڪنداسين ۽ ان جي پٺيان شيخ اياز جو بيت ڏئي ان کي معنوي تفاوت کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين:

جتن ڪج جتن جو، آيا ڪي ايندا،

وَٺي پنهون پانهنجو، وٽان تو ويندا،

دم نه دميندا، سِڌارينداساڻيھ ڏي.

(قاضي 1993 ص 445)

هن بيت ۾ لفظ جتن جي معنى هن طرح آهي:

جتن: حيلو، بھانو، ڪوشش، خبرداري، اپاءَ تدبير ۽ ميڙ منٿ وغيره.

جتن: لفظ جمع آهي، يعني ذات جا جت، اوٺي، اوٺار.

وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو،

نِھارينديس نڪري، بوتن ڪاڻ بَرُ،

آڏو ٽڪر ٽر، متان روھَ رتيون ٿِيين.

(قاضي، 1993ع، ص 458)

پھرين لفظ ”ور“ جي معنى مڙس يا ڀتارآهي.

ٻئي ۽ ٽئين ”ور“ جي معنى ور وڪڙ، ڏنگائي، ڦڏائي، ڦير ۽ وٿي وغيره آهي.

اهڙيءَ طرح شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به اهڙا شعر موجود آهن جن جي صوتين ۾ زير، زبر ۽ پيش اچڻ سان انهن جي معنى ئي.

ويڄ اسان جي وڍ کي، مُور نه گهرجي مَکُ،

ڪک مَ ڀانيو ڪک، ڪَڙِ ڪَڙِ ڪان گهڻي ڪئي.

(شاعري_1، 2008ع، ص 634)

هونءَ ته ڪک لفظ آهي پر آوازن تي زير، زبر ۽ پيش لڳائڻ سان انهن جي معنى ئي بدلجي ويئي آهي.

ڪَکُ: تيلو.

 ڪَکُ: ٿورو، هلڪو يا معمولي.

آءُ ته هان واريءَ تي وڻ،

تون به ته پنھنجي بُن جو بَڻ.

(شاعري_1، 2008ع، ص678)

 بڻ: جي معنى آهي، بنياد، خاندان، ڪٽنب وغيره.

 بڻ : جي معنى آهي، ٿيءُ، ٿيڻ.

لکت ۾ ٻيئي لفظ ساڳيا آهن، پر ٻنهي آوازن ۾ فقط تنوينن جو فرق آهي، پھريون لفظ آهي بُڻَ جو ۽ ٻيو آهي بَڻُ (يعني) ٿيءُ. اهڙيءَ طرح شيخ اياز جي ڪلام ۾ ٻيا به اهڙا ڪافي بيت ملن ٿا.

شاهه لطيف نه فقط شاعر ۽ موسيقار آهي پر هو ان سان گڏ لسانيات جو ماهر پڻ آهي جنھن لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي ڪتاب”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“۾ لکي ٿو ته:”شاهه لطيف جي ڪلام جي گھري اڀياس مان اهو به پتو پوي ٿو ته شاهه سائين سنڌي صوتيات جي علم جي به وڏي ڄاڻ رکندو هو. کين اها به خبر هئي ته لفظن اندر”صوتين“ (Phonemes)  جي ڦيرائڻ سان لفظن جي معنى ۾ تبديلي اچي ٿي.“(7)

شاهه لطيف جي ڪلام تي اونهي نظر وجهڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته هُن ڪيترن ئي لفظن ۾ صوتين جي گهٽ وڌائي ڪري لفظن جي معنى ۾ فرق آندو آهي، جيئن:

  1. ڏري ۽ ڏاري، سِٽَ سورن جي سسئي،

**

  1. ڪڙهي ۽ ڪڙي، پر ۾ پير پنهوءَ جو،

**

  1. ڪِ ڪي ڪڙيان پير، ڪِ ڪڙهان ڪيچ ڌڻيءَ لئي،

لڪن سِرِ لطيف چئي، منڌ جهيڙي ۽ جهڙي.

(قاضي، 1993ع، ص353_372_378)

مٿين بيتن ۾ ڏري، ڏاري جي وچ ۾”ا“ ڪڙهي، ڪڙي جي وچ ۾”ھ“ ڪڙيان، ڪڙهان جي وچ ۾”ھ“۽”ي“ جو فرق جهيڙي ۽ جهڙي جي وچ تي ”ي“ صوتين جي فرق سبب لفظن جون معنائون ئي تبديل ٿي ويون آهن.

 ڏري: جي معنى آهي، خوف وچان ڊڄڻ.

ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ غلام محمد شاهواڻيءَ ڏاري: جي معنى آهي، ”رئاڙي“ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”چيري، ڀڃي ڀورا، پوري ڪري، پچائي ڇڏي“ لکي آهي.

 ڪڙهڻ: سڙڻ، گرمائش سبب تپڻ، گرم ٿيڻ، سڪ رکڻ، سڪڻ جي لاءِ مرڻ يا تڪليف ڏسڻ.

 ڪڙي: پير جو ڪڙڻ، پيرو کڻڻ، پَيرِي چور جو پَيرو کڻڻ وقت پير کي چؤڌاري آڱر سان ليڪو پائي ڪڙيندو آهي.

 جهيڙي:لڙي.

 جهڙي:جهٽ، جهڙپ.

مٿي ڏنل لفظن بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو ته:”انهن مثالن ۾، ڪڙيان ۽ ڪڙهان، ڪڙ ۽ ڪڙھ، ڪڙي، ڪڙهي ۽ جهيڙي جهڙي جھڙا لفظ علم صوتيات ۾ ڙ ۽ ڙھ صوتين جي فرق جي ڪري لفظن جي معنائن ۾ فرق ڏيکارين ٿا.“ (8)

عام حرفن يا صوتين جي مٽا سٽا کان علاوه شاهه لطيف جي ڪلام ۾ هڪ ٻئي ڳالهه به نظر اچي ٿي، اها آهي لفظن ۾ سُرن يا حروف علت يعني (ا، و ۽ ي) جي استعمال جي ڪري ڪلام کي وڌيڪ سريلو ۽ رسيلو بنائڻ، جنھن جا به ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا. جيئن”ا“ جي واڌاري سان هي بيت آهي:

ستي سيج هياس، مون کي آه اُٿاريو،

جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي اُن ريَ.

(قاضي، 1993ع، ص151)

 مٿي ڏنل لفظن کان سواءِ ستياس، اُٿياس، ڀُلياس، ڪاهيندياس، ساهيندياس، هوندياس، لاهيندياس، ڪئاس، ٿئاس، پنياس، ٿئام، وئام، ڪياس، ويندياس ۽ مليندياس ۾ حرف ”ا“ جو اضافو ڪري لفظن کي دوام بخشيو آهي. هن قسم جا لفظ اسان کي لاڙي لھجي ۾ ملن ٿا. ۽ اسان کي معلوم آهي ته شاهه لطيف جو تعلق سنڌ جي لاڙ واري علائقي سان هيو، تنھن ڪري لطيف به ان تحت انهن لفظن کي پنھنجي شعر ۾ اظھاريو آهي. جيڪي ضميري پڇاڙين ۾ ڪتب آندا اٿائين. ان کان سواءِ شاهه لطيف اهڙا ڪيترائي لفظ جوڙيا آهن. ان بعد شاهه جي ڪلام مان ”و“ جي اضافي استعمال وارا لفظ پيش ڪجن ٿا:

ڪائو ڪمايوم، موتي مون نه وڻجيا،

سيھي جو سيد چئي، وَکَر وهايوم،

هھڙو حال سندوم، توءِ تنھنجي اُبهان.

(قاضي، 1993ع، ص282)

مٿين لفظن کان علاوه شاهه لطيف ٿئوم، پئوم، ٿيوم، پيوم، ڏٺوم، ويندوم ۽ ڪندوم جھڙا ڪيئي لفظ ۾”و“حرف علت جو استعمال ڪيو آهي. ان بعد شاهه لطيف لفظن ۾ حروف علت”ي“جو پڻ اضافو ڪندي ڪيئي بيت چيا آهن. نموني طور هڪ بيت پيش ڪجي ٿو:

چَوندن ڪِيمَ چئيج، ويڻ ورائي سامھون

ڪا مت قيمت جهڙي، روز ڏمر کي ڏيج،

ويڻ مَ ورائيج، ته سڀ در سھاڳي ٿئين.

(قاضي، 1993ع، ص63)

ان کان علاوه پئيج، ڳالهائيج، ليلائيج، لاهيج جھڙا لفظ استعمال ڪيا آهن، اياز به شاهه لطيف جيان صوتين ۾ فرق آڻي لفظن کي نيون صورتون ۽ معنائون ڏنيون آهن. حرف علت ”ا“ جي واڌاري وارا لفظ هيٺين بيتن ۾ موجود آهن.

شيخ اياز سٺي شاعر هئڻ سان گڏ سٺو نثر نويس به آهي، تنھن ڪري کيس سنڌي ٻوليءَ تي عبور ۽ ملڪو پڻ حاصل آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي صوتياتي تبديلون موجود آهن، جن سان لفظن جون معنائون ئي تبديل ٿيل ملن ٿيون. جيئن:

  1. بک تي نڪتي باک ۽ ڏک تي گذريو ڏينهن،
  2. هي ڌرتيءَ جي ڌرتتي، تتو هانءُ هي هاءِ،
  3. شال کسي مان توتي تاڻيان، تنھنجا ڪان ڪمان،
  4. آڻ ته پيئان، آڻ ته جيئان، جيئن سدائين شال!

(شاعري_1، 2008ع، ص47_55_57)

بک، باک جي وچ ۾”ا“ڌرتي، ڌرتتي جي وچ تي”ت“، ڪان، ڪمان جي وچ تي”م“ ۽ جيئان، جيئڻ جي وچ تي ”ا“ صوتين جو اضافو ڪري انهن جي معنى ۾ فرق آندو آهي.

 ان کان پوءِ “و” حرف علت جي اضافي وارو بيت:

سڄڻ جو ساريوم، ته آيون هيرون هنج ۾،

جيڏانهن نهاريوم، چوڏهينءَ جي چنڊاڻ هئي.

آخر ۾ ”ي“ جي اضعافي وارو بيت پيش ڪجي ٿو:

چئو مان ڪنھن جي ڪاڻ، رلان پيو راتڙيون،

چئو ڪنھن جي چانڊاڻ، هرکايو منھنجو هييون!

(شاعري_1، 2008ع، ص19)

اياز جي شاعريءَ ۾ هن قسم جا بيت گهٽ نظر اچن ٿا، البت موجود ضرور آهن، اهو به شيخ اياز تي شاهه لطيف جي حوالي سان هڪ اثر آهي. اياز جي مٿين بيتن ۾ حرف علت وارن لفظن کي هيٺان ليڪون ڏئي ظاهر ڪيو ويو آهي.

شيخ اياز تي شاهه لطيف جا صرفي اثر

صَرفَ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي معنى آهي، خرچ ڪرڻ، ڏيڻ، وٺڻ، ڦيرائڻ، هٽائڻ وغيره. عربي- سنڌي لغت ۾ لفظ صَرفَ جي معنى هن ريت ڏنل آهي:

صَرفَ صَرفا- وصَرف: ڦيرڻ، هٽائڻ، دفع ڪرڻ، واپس ڪرڻ. ڪنھن کي موقوف ڪرڻ. (9)

صَرف:ذ (ع. صرف = مٽا سٽا ڪرڻ- تبديل ڪرڻ) خرچ- اخراج- کپت- کاپو- ڏيتي ليتي (پئسي جي.) نقصان- هرج (ٻوليءَ جو). لفظن جي اکرن، ڦيرين گيرين، گردانن ۽ بدل سدل ڄاڻڻ جو علم-شبد ساڌن وديا- شبد ويچار- اشتقاق.

”صَرف نَحوَ:ذ. لفظن جي ڦير گير ۽ ترتيب جو علم- ٻوليءَ جو قائدو. “ (10)

مٿي ڏنل معنائن جي روشنيءَ ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته هي اهو علم آهي جنھن جي ذريعي لفظن جي جزن، سٽاءَ، مٽا سٽا، گردانن يا ڦيرن جي ڄاڻ حاصل ڪئي وڃي ٿي. لفظن جا ڪھڙا قسم آهن، انهن جي بناوت ڪيئن ٿئي ٿي، انهن جي بيھڪ / جوڙ جڪ ۾ تبديليون ڪيئن رونما ٿين ٿيون، اهو سڀ ڪجهه علم صرفيات جي توسط سان ئي ممڪن آهي. ان جي ذريعي ئي اها ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي.

 “Morphology is the study of the formation of words, It is branch of Linguistics which breaks words into morphemes. It can be considered as the grammar of words as syntax is the grammar of sentences. (11)

”صرفيات لفظن جي جوڙجڪ جو علم آهي، هي لسانيات جي شاخ آهي، جيڪا لفظن کي صرفين ۾ ٽوڙي ٿي. ان کي لفظن جو گرامر ليکي سگهجي ٿو، جيئن نحويات جملي جي گرامر آهي. “

”علم صرف اهو علم آهي، جنھن جي مدد سان ڪنھن به ٻوليءَ جي لفظن ۾ انهن جي جزن جي جوڙ جڪ، سٽاءَ ۽ بيھڪ جي خبر پوي ٿي. هن علم جي مدد سان ٻوليءَ جي ويا ڪرڻي مواد ۾ جيڪي”خود مختيار“ يا ”آزاد“ صورتون (Free forms) يا پَروس صورتون (Bound forms)  هونديون آهن، انهن جي استعمال جي خبر پوندي آهي. هن علم جي اڀياس جي دائري ۾ فقط لفظ اچن ٿا. فقرا ۽ جملا هن علم جي دائري کان
ٻاهر آهن. يعني ته فقرن ۽ جملن جي بناوت ۽ جوڙ جڪ سان علم صرف جو ڪو به واسطو ڪونهي.
(12)

سٽاءَ، بيھڪ يا جوڙجڪ جي لحاظ کان لفظ ٻن قسمن جا ٿيندا آهن، هڪڙا ابتدائي يا بنيادي لفظ (Primary words) ٻيا ثانوي لفظ (Secondary words). ثانوي لفظ اهي آهن، جيڪي بنيادي لفظن مان جُڙن ٿا. سنڌي زبان ۾ ابتدائي لفظن جي اڳيان، پٺيان هڪ يا وڌيڪ حرفن جو اضافو ڪري لفظ جوڙيا ويندا آهن. جيئن: مُلهه جي اڳيان Prefix)) ”ا“ لڳائڻ سان امُلھ، نھاريو جي آخر (Surfix) ۾ ”م“ نھاريومِ، تن طبيب (Complex word) تن + طبيب وغيره مرڪب لفظ آهن. شاهه لطيف اهڙن ڪيترن ئي الفاظن ۾ صرفين جي ڦيرڦار ڪندي ڪيترائي نوان لفظ جوڙيا ۽ استعمال ڪيا آهن، جنھن سان نه فقط سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار بنايو اٿائين، پر ٻوليءَ ۾ خوبصورتي ۽ ترنم ۽ يگانيت پڻ پيدا ڪئي اٿائين. جن جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا، جيئن اڳياڙي ۾ اضافي وارو هي بيت.

اَوتَڙ ڪنھن نه اوليا، سُتَڙ ويا سالم،

هيڪيائي هيڪ ٿيا، اَحد سين عالم،

بِي بَھَا بالَم، آگي ڪيا آڳهين.

(قاضي، 1993ع، ص3)

مٿين بيت ۾ ٻه لفظ آيل آهن، هڪ آهي اوتڙ ۽ ٻيو سُتڙ جن جي اڳيان (Prefix) اوتڙ ۽ سُتڙ آهي. جن جا اشتقاق هن طرح سان ٿيندا ”او+ تڙ“ جنھن جي معنى آهي، اڻانگو، اوکو، ڏکيو يا خراب تڙ ۽ ٻيو سُتڙ سُ+ تڙ = سٺو تڙ، سڻائو تڙ، سولو، آسان ۽ سھنجو تڙ. پچاڙي (Surfix) جي ڦير ڦار وارو بيت پيش ڪجي ٿو:

آيا آس ٿيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾،

پسي پھر پنهونءَ جي، ننھن سيئن نيڻ ٺريام،

گوندر وسريام، سکن شاخون ڪڍيون.

            (قاضي، 1993ع، ص529)   

توڙي جو هي به ضميري پچاڙيون ئي آهن، پر هتي اسان آخر ۾ آيل حرف اضافت طور ڪتب آندا آهن.

(ٿيا + مِ: معنى مون کي ٿي)

(ٺريا + مِ: معنى منهنجا نيڻ ٺريا)

(گذريا + مِ: معنى منھنجا ڏکيا پل، گهڙيون، وقت گذري ويو)

شاهه لطيف پنھنجي ڪلام ۾ اهڙا مرڪب لفظ (Compound word) به جام استعمال ڪيا آهن. جيڪي رسالي ۾ موجود آهن، پر هتي فقط ٻه بيت پيش ڪجن ٿا:

هل هينئين سين هوت ڏي، ڇَپَرِ ڇُلُ مَ تون،

منجهان لڌو مون، ڪوهيارو ڪيچ ڌڻي.

**

سبي سيبا ڏي، ڀوريءَ نينهن نه ڪَڄو،

کَٿيءَ وَٽِيون کُٿيون، سَتي سيڻي سي،

مَڇڻ چونمِ ڪ، ته لڄائيئي ٿرڄائيون.

(قاصي، 1993ع، ص402، 708)

(ڪيچ + ڌڻي = ڪيچ جو مالڪ)

ٿر+ ڄائيون = ٿر ۾ جنم وٺندڙ)

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اهڙا ڪيئي لفظ موجود آهن، جيئن، چوڏهين ماھ چنڊ، چوڏهين چنڊ، چنڊ چٽائي، سور ڌڻي، پٻ ڌڻي، ساٿ ڌڻي، ٿر ٻاٻيھو، سورٺ ور، سنجهه صباح، رت رتياس، اتر واءُ، سر چڙهيو، کجايون کرن ۽ رات سھائي وغيره.

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ پڻ اهڙا صرفي ڦير گهير وارا يا اڳياڙيءَ (Prefix) سرن لفظن جي شروعات ۾ مٽا سٽا وارا بيت موجود آهن، جيڪي هيٺ پيش ڪجن ٿا:

  1. هر ڪو سَچُ اَسَچُ ڪري ٿو،

ڪنھن ماڻڪ جيئن موت ٻري ٿو.

**

  1. پورهيت لَئي پرديس به ساڳيو ديسُ به ساڳيو،

(شاعري_1، 2008ع، ص410_685)

اصل لفظ سَچُ آهي ان جي اڳيان ”ا“لڳائڻ سان اَ سَچُ ٿي پيو آهي ۽ ديِسَ جي اڳيان ”پر“ لڳائڻ سان ديس ٿي پيو آهي. اهڙيءَ طرح دَڳُ اڳيان ڪُ لڳائڻ سان ڪُدَڳُ، جا لفظ جي اڳيان ”آ“ يا ”را“ لڳائڻ سان انهن ۾ فرق اچي ٿو، اهڙي نموني پڇاريءَ(Surfix) ملائڻ وارا بيت به شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موجود آهن. جيئن:

سڄڻ جو ساريوم، ته آيون هيرون هنج ۾،

جيڏانهن نھاريوم، چوڏهينءَ جي چنڊاڻ هئي.

(شاعري_1، 2008ع، ص 19)

ساريومِ: ساريو + مِ معنى مون ساريو، مون ياد ڪيو.

نھِاريوم: نھاريو + مِ معنى مون نھاريو، يا مون ڏٺو.

ان بعد شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ٻٽا يا مرڪب لفظ به تمام گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا. جن کي (Compound word) چئجي ٿو اچو ته ڏسون.

 

پڇو پيون ڇا پاڙي واريون، ڀلا اسان جي بات،

چڙي ويو آ چنڊ اسان سان، رسي وئي آ رات.

او منھنجا چِتِ چورَ،

پل پل تنھنجا پور!

(شاعري_1، 2008ع، ص47_48)

مٿين بيتن ۾ پاڙي واريون، اسان جي بات، چڙي ويو آ چنڊ، رسي وئي آ رات کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ٻٽا يا ترڪيبي لفظ موجود آهن جيئن: سڄڻ نه آيو، ساوڻ آيو، بادل برسيا، نيڻ نه ترسيا، بسنت رت، رت بدلي، سک جا سپنا، جڳ مڳ، جڳ جا جهڳڙا، او بانورا، اوسانورا، اِجها اُجهامي، گهٽا گنگور، مرجهايل من، اُڏاري واءُ، جرڪيا جر، ڀٽ ڌڻي ۽ قرب ڪڻي وغيره ٻٽا لفظ يا س ر آهن.

 شيخ اياز تي شاهه لطيف جا نحوي اثر

نَحوَ: ذ. جملن جي بناوت - اکرن جي بيھڪ- جملن جي ترڪيب وارو علم - علم گرامر - ويا ڪرڻ - (ظرف) طرح - طريقو -ڍنگ -ريت نمونو - راھرستو - وقت -نوع.

نَحوَ ٻجو(ڪ):ذٻج جي وچ واري اک (جنھن مان ٻج ڦُٽي) ٻوليءَ ۾ لفظن حرفن فعلن جي بناوت، ڦير گهير ۽ ترتيب جو عمل. (13)

مرزا قليچ بيگ علم نَحوَ جي تشريح هن ريت ڪئي آهي، “علم نحو: لفظ جي اصلي معنى آهي پاسو ۽ اصطلاحي معنى اٿس حرف هڪ ٻئي جي پاسي ۾ بيھاري لفظ جوڙڻ ۽ لفظ هڪ ٻئي جي پاسي ۾ بيھاري جملا جوڙڻ ۽ جملا هڪ ٻئي جا پاسي ۾ بيھاري بيان يا تقرير يا دليل جوڙڻ. انهيءَ ڪري نحو جي رواجي معنى ٿي دستور يا طرز يا قانون، جن موجب حرف، لفظ ۽ جملا پاڻ ۾ گڏجن ٿا ۽ موافقت رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي تي عمل هلائين ٿا.

انهيءَ مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي ساڳيا اصطلاحي نالا جي صرف ۾ ڪم اچن. سي ئي وري نحو ۾ به ڪم اچن ٿا، جيئن ته اسم، فعل، حرف، صفت، ضمير، جنس، عدد، حالت، زمان وغيره. اهي سڀ صرف ۾ انهيءَ لاءِ ٿا اچن ته خبر پوي ته انهن ۾ لفظن جون جدا جدا صورتون ڪھڙيون ٿين ٿيون. پر نحو ۾ اهي ساڳيا لفظ انهيءَ لاءِ ٿا اچن ته انهن جي گڏجڻ جا قانون معلوم ٿين، جن موجب اُهي صحيح ڳالهائي ۽ لکي سگهجن. (14)

نَحوَ مان مراد جملن جي ترتيب يا بيھڪ آهي، جملا، جملن جا جزا، جملن ۾ لفظن جي مخصوص جڳهه، جملن جوڪارج، جملن ۾ لفظن جي مٽا سٽا، جملن جي ترڪيب، وغيره کي علم نحوَ چئجي ٿو. هن علم مطابق لفظن مان فقرا، يا جملن جا ٽڪرا ۽ جزا جوڙيا ويندا آهن، جزن يا فقرن مان جملا ٺهندا آهن.

“Syntax is thearrangement of words in sentences, clanses and pharases and the study of the formation of santences and the relationship of their component part.” (15)

”علم نحويات لفظن جي جملي ۾ تنظيم، جملي جي حصن يا جزن ۽ فقرن، جملي جي بناوت ۽ انهن جي جوڙجڪ جي جزن جي لاڳاپي جو علم آهي“.

”لفظن مان فقرا (Phrases) جملي جا جزا (Clauses) ۽ جملا  (Sentences)ٺھن ٿا. انهن جي بناوت جو چار مکيه خاصيتون آهن. چونڊ، ترتيب، ترميم ۽ سٽاءُ. نحوي جوڙجڪ ۾ صرف لاڳاپيل جزا ئي هڪ ٻئي سان ملندا آهن. انهن اصولن ۽ مسئلن جي خبر علم نحويات ذريعي پوندي آهي.“ (16)

“The study of syntax is essentially a problem of determining the regularities in the arrangements of form classes.” (17)

”نحويات جو مطالعو لازمي طور تي گروهن جي صورت جي تنظيم جي پابندين اصولن جي مسئلن کي طئي ڪندو آهي.“

نحوي جوڙ جڪ جي حوالي سان هر هڪ لفظ جي پنھنجي پنھنجي مقرر جاءِ هوندي آهي، جتي هو پنھنجو پنھنجو ڪارج ادا ڪندا آهن. هر ٻوليءَ جي جملن جو پنھنجو سٽاءُ يا بيھڪ هوندي آهي، جيئن انگريزي ٻوليءِ جي جملي ۾ پھريان فائل وچ تي فعل ۽ آخر ۾ مفعول رکيو ويندو آهي مثال طور: (I eat a meal) آءِ فائل، اِيٽ فعل ۽ مِيل مفعول آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي اصول مطابق هر جملي ۾ پھريان فائل، وچ تي مفعول ۽ آخر ۾ فعل ڪتب آندو ويندو آهي. جڏهن ته صفت موصوف کان پھريان، ظرف فعل کان پھريان حرف جر اسم ۽ ضمير کان بعد ۾ ڪتب آندو ويندو آهي. جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي عام بيھڪ يا سٽاءُ آهي. اڪثر ڪري حالت اپادان حرف جر جي جاءِ تي پڇاڙيون ملائي ٺاهبي آهي. جنھن جي پچاڙيءَ ۾ گهڻو ڪري ”ن“ لڳائي ويندي آهي، جيئن اندران، ٻاهران، اڳيان، پٺيان، ڌاران، پاران، پڄاڻان، سامھان، هيٺان، مٿان، منجهاران ۽ وانگيان، وغيره. ڊاڪٽر ٽرمپ پڻ اها ئي ترڪيب لکي آهي هو چوي ٿو ته:

“The avable case is formed in sindhi by the affix “ان” which is always connected with the base itself and never written separately.” (18)

”سنڌيءَ ۾ حالت اپادان ”ان“ جوڙ ملائڻ سان ٺھندي آهي، جيڪو هميشه بنياد سان مليل هوندو آهي، ان کي ڪڏهن به الڳ نه لکيو ويندو آهي. “

جيئن شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جا هي بيت آهن، جن جي آخر ۾”ان“ ڏنل آهي، جيڪا حرف جر جي عام حالت اپادان آهي.

شاهه لطيف:

وٽن ويٺي آهيان، ڏسئو ڪيئن ڏسان،

جنھن جِهوئي ناھ ڪي، سا ڪا سونهن سنديان،

پسئو ڪين پسان، آئون نه جيئندي ان ريءَ.

)قاضي، 1993ع، ص154(

جِتِ نَه پَکيءَ پيرُ، تِتِ ٽمڪي باهڙي،

ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪيءَ کير ري.

)قاضي، 1993ع، ص217(

شيخ اياز:

چوٽا چندن واسئان، ويرو تار ورونهن؛

سورٺ ساري سونهن، اُڃَ اُجهي ئي ڪِين ٿي.

)شاعري_2، 2023ع، ص73(

تو تي تن من واريان، تو جئَن ڪير ڪنوار!

هُونءَ ته هن سنسار جي، ليلا آهي اپار،

پَر مون تنھنجي پيار، سڀڪجهه پاتو سندري!

)شاعري_2، 2023ع، ص75(

مرزا قلچ بيگ آن کان سواءِ حرف جر جون ٻيون پڇاڙيون به ٻڌايون آهن، جن ۾ م، س ۽ ن اچن ٿا. ”جيئن سندمِ، سندسِ، کانئسِ، کانئن، منجهسِ، مٿانسِ، ڪڻسِ، اتن، کيسِ، لاڪس وغيره.“ (19(

اهڙيءَ ريت حالت اپادان جون ڪجهه ٻيون پڇاڙيون به آهن، جنھن کي ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي حرف جر جون پڇاڙيون سڏي ٿو. هو لکي ٿو ته:”سنڌيءَ جي اسم جي حالت عام پٺيان ڪن ڪن جملن ۾ حرف جر جو استعمال ٿيندو آهي، جيئن ته گهر ۾، گهر مان، گهر ڏانهن، گهر وٽ وغيره. ڪن جملن ۾ ڪجهه حرف جر، پڇاڙيءَ (Suffix) جي صورت ۾ اسم سان لڳائي به ڪتب آڻبا آهن، جيئن ته: گهر + آن = گهران، گهر + اِ = گهرِ، اهڙي قسم جي پڇاڙين کي حرف جري پڇاريون سڏجي ٿو.“ (20(

مٿي ڏنل پڇاڙين کان سواءِ شاهه لطيف ”ين“ ملائي نئين حالت اپادان جوڙي آهي، اهڙا ڪيئي بيت سندس رسالي ۾ موجود آهن، جنھن عالمن جو ڌيان ڇڪايو آهي. انهن مان ڪجهه مثال خاطر هيٺ هڪ پيش ڪجن ٿا:

هلو هلو ڪاڪِ تڙين، جتي ننيھن پچار،

ڪانهي ٻي تنوار، سڀڪا پسي پرينءَ کي.

)شاهه جو رسالو، 1993ع، ص594(

حالت اپادان             حالت جري              

 تَڙين                            تڙن تي

اهڙيءَ ريت شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به حالت اپادان ساڳئي نموني واري موجود آهي، جيڪا شاهه لطيف استعمال ڪئي آهي. اچو ته ڏسون:

لڪي ويٺا لامُئين، پکي منجهه پرن_

لُڊاڻي ۾ لوٺيون، سُتيون ساٿِ کَرنِ_

مُومَل سوچي ماڙيئين، ڪرها مانَ وَرنِ_

چانگا چَندنَ هيرُئان ٻيو ڪجهه ڪونه چَرَنِ_

)شاعري_2، 2008ع، ص149(

حالت اپادان             حالت جري

لامئين                          وڻ جي لام تي.

ماڙئين                         ماڙين تي يا ماڙين ۾.

شاهه لطيف جي بيت ۾ تي حرف جر جي عيوض ”ين“ جڏهن ته شيخ اياز جي وائيءَ ۾ لام تي ۽ ماڙيءَ تي جي عيوض پڇاڙيءَ ۾ ”ين“ استعمال ٿيل آهي. تنھن ڪري
اسم تڙ، لام ۽ ماڙيءَ جي اها حالت اپادان آهي.

سنڌي ٻوليءَ ۾ مالڪي وارڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي ته مالڪي زِير اضافت سان پڻ ظاهر ڪئي ويندي آهي. ”سنڌي زبان ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ به نظر اچن ٿا، جن ۾
”زير اضعافت“واري ترڪيب، سنڌي زبان ۾ دراصل فارسي زبان مان اڌاري ورتي ويئي آهي. هت خاص ڌيان طلب نُڪتو هي آهي ته علم صرف جي مطالعي دوران جڏهن مرڪب لفظن جو اڀياس ڪجي ٿو، تڏهن معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي زبان جي پنھنجي صرفيائي نطام ۾”زيراضافت“جي بدران”زَبر اضافت“موجود آهي.“ (21(

شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به اسان کي ”زبر اضافت“ جو استعمال نظر اچي ٿو، جيئن شاهه لطيف جا هي بيت:

لڳي اُتَرَ هِيرَ، سامنڊين سِڙَھ سنڀاهيا،

لنگر کڻي ناکئا، ٿئا سَڻاوا سير،

هِيڙي نِتِ اُڪير، کاري کيڙائن جي.

)قاضي، 1993ع، ص334(

جھڙي لالي لاک جي، تھڙي سارنگ سِٽَ،

ائين سي اُٻن انگئيا، جيئن سي چُنيءَ چِٽَ،

برسي پاسي ڀٽ، ڀريائين ڪن ڪراڙ جا،

)شيخ، 2000ع، ص316جلد پھريون(

مٿي ڏنل بيتن ۾ اُتَرَ هِيرَ، سارنگ سِٽَ ۽ چُنيءَ چِٽَ اسم زبر اضافت ذريعي مالڪي ڏيکارين ٿا. عام حالت ۾ اتر جي هير، سارنگ جي سٽَ ۽ چنيءَ تي چِٽَ سان حرف جر جڙي ٿو. پر هتي شاهه لطيف زَبر جي اضافت سان مالڪي ڏيکاري آهي. اهڙيءَ طرح شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ به اهڙا بيت موجود آهن، جن ۾ هُن”زبر اضافت“جو استعمال ڪيو آهي.

مٿي چنيءَ چٽڙا، ويرو تار ورونهن،

سورٺ ساري سونهن، ڍاپي ڍاپان ڪينڪي.

)شاعري_2، 2008ع، ص73(

آري اُولھَ واءَ ۾، جهومن پيا جهاڙ،

مٿان ٽم ٽم تارڙا، اُڀاريا آکاڙ،

لکيو منجهه نراڙ، چمڪيو مون تي چنڊ جان.

)شاعري_2، 2008ع، ص112(

مٿين بيتن ۾”چُنيءَ چٽڙا“يعني(پوتيءَ جا چٽ ۽ گل ڦل) چُني مالڪ آهي، جنھن جا چٽ آهن. جڏهن ته ٻئي شعر ۾ ”اُولهه واءَ“ جي معنى ٿيندي (اولهه جي هوا)اُولهه هوا تي مالڪي ٿو ڏيکاري.

سنڌي ٻوليءَ جي نحوي جوڙ جڪ جي هڪ هيءِ به خوبي آهي ته اسم، فعل ۽ حرف جر سان پڇاڙيون ملائڻ جي ڪري اهي ضمير خالص جو ڪم ڏينديون آهن، جن کي عالم ضميري پڇاڙيون يا ضمير متصل چوندا آهن، اهڙي قسم جي جوڙ جڪ عالمن جو خاص ڌيان ڇڪايو آهي، جنھن لاءِ ڊاڪٽر ٽرمپ هن ريت لکيو آهي ته:

“Instead of the inflected cases of the absolute personal and prosscssive pronouns, the Sindhi uses very extensively the so called suffixes or pronoun, which are affixed to nouns, postpositions (ad varbs) and verbs. The use of these suffixes constitute quite a peculiar feature of the Sindhi language and distinguished it very advantageously from all the kindred idioms of India, which are destitute of personominal suffixes. (22)

”ضمير موصول: مالڪي ڏيکاريندر ضميرن جي ڦيرايل حالتن جي بجاءِ سنڌيءَ ۾ وسيع پئماني تي پڇاڙيون يا اهڙا متصل ضمير استعمال ڪيا ويندا آهن، جيڪي اسمن، حرف جرن(ظرفن) ۽ فعلن سان ڳنڍيل هوندا آهن. انهن پڇاڙين جو استعمال سنڌي ٻوليءَ جي خاص خوبي آهي ۽ ان کي هندستان جي سڀني محاورن ۾ الڳ ڪري بيھاري ٿي، جيڪي ضميري پڇاڙين کان خالي آهي.“

برصغير جي ٻولين مان سرائڪي، پنجابي ۽ ڪشميري ۾ پڻ ضميري پڇاڙيون موجود آهن. ان کان علاوه پاڙيسري ٻولين فارسي ۽ عربي ۾ به اهڙيون پڇاڙيون پڻ ملن ٿيون. پر مان سمجهان ٿو ته اهڙين پڇارين جو سنڌي ٻوليءَ ۾ هجڻ جو سبب عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جو مٿس اثر، واهپو ۽ لاڳاپو آهي. ڇاڪاڻ جو سنڌي ٻوليءَ تي مذڪوره ٻولين جي لفظن ۽ گرامر جي ڪيترين ئي نحوي بناوتن ۾هڪ جھڙاين جو موجود هجڻ آهي. ڊاڪٽر فھميده حسين عربي ۽ فارسي ٻولن سان ڀيٽ ڏيندي لکي ٿي:

”ڏٺو وڃي ته سنڌيءَ ۾ ان کان وڌيڪ ضميري پڇاڙيون(مفرد توڙي ٻٽيون) استعمال ٿين ٿيون ۽ نه صرف اسمن ۽ فعلن سان پر حرف (جر، اضعافت وغيره) سان به لڳن ٿيون ۽ مذڪر، مونث، واحد، جمع ماضي، حال، مستقبل _ مطلب ته هر پھلوءَ کان پنھنجا ڌار گردان به رکن ٿيون.“ (23)

شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ پڻ اهڙيون ضميري پڇاڙيون موجود آهن، ضمير متڪلم لاءِ سنڌي ٻوليِ ۾ م ۽ س جو استعمال ٿيندو آهي، جنھن جو استعمال شاهه لطيف ۽ اياز جي شاعريءَ ۾ هن نموني سان استعمال ٿيل آهن، جيڪي فعل ۽ حرف جر جي ملائڻ کان پوءِ ضمير متڪلم جو ڪم ڏين ٿا. ملاحظه ڪريو:

اوڳڻ رُسي سڀڪو ڳڻين پرين رٺامِ،

ٻهون ٻاروتن ۾، ڪي ڪبيرا ڪيامِ،

تيلانهين سريامِ، سکئون سور گهڻا.

(قاضي1994ع، ص131)

***

هيٺ جر مٿي مڃر، پاسي پرين سندامِ،

ڪوڙين ڪاج سڏام، اڻ سڏو ڪو نه رهيو.

(قاضي1993، ص349)

اصل لفظ رٺا، ڪيا ۽ سريا آهن، پر انهن جي پٺيان “م” لڳائڻ سان معنى ۾ تبديلي آئي آهي شاهه لطيف مٿين بيتن ۾ فعل سان ”مون کان لڳائڻ جي بدران ”م“ جو استعمال ڪري ساڳئي معنى ورتي آهي جيئن:

رٺا + م = رٺام: معنى مون کان رُٺا (فعل سان)

ڪيا + م = ڪيام: معنى مون ڪيا، مون کان ٿيا (فعل سان)

سريا + م = سريام: معنى مون کان سريا (اضعافت سان)

سندا + م = سندام: معنى مون سندا، منهنجا، منهنجو (اَضافت سان)

سڏا + م = سڏام: معنى مون سڏايا (اضافت)

شاهه لطيف فعل سان مون (يعني) ضمير بدران”م“اضافي لڳائي، ساڳئي معنى ورتي آهي. . جيئن هي بيت آهن.

پرين پيم پرڪڻا، راه ۾ رت رنومِ،

پارتو پرين کي، تپي تان نه ڏنومِ،

چڪي تي چيومِ، سواهرو سڄڻين،

(قاضي1993ع، ص394)

 رنو + م = رنوم: معنى مون رُنو (فعل سان)

 ڏٺو + م = ڏٺوم: معنى مون ڏِٺو (فعل سان

 چيو + م = چيوم: معنى مون چيو (فعل سان)

شيخ اياز پڻ ساڳئي نموني سان فعل سان ضمير ۽ حرف جر لڳائڻ بجاءِ ”م“
جو اضعافي استعمال ڪري لطيف جيان ان جي”مون“۽ ”کان“معنى ورتي آهي. اچو ته ڏسون:

ليلا کي هر لونءَ ۾، توسان لکايومِ؛

هن سھڻي سنسار کي، چميءَ سين چايومِ؛

تو سان ورهايومِ، جڏهن ساھ سرير کي.

(شاعري_2، 2008ع، ص125)

اَڄُ جو وٽي وھ لئه پارون پنڌ ڪيومِ_

واريءَ سان وِھُ گاڏئون، موکي مَنڌُ ڏنومِ_

(شاعري_2، 2008ع، ص159)

ماريندي هن مڇ کي ڇا ڇا وس ڪيامِ!

ڇَتيُون ڇِهوُن ٿي ويون، ڇڄي رڇ پيامِ؛

وڙهندي ورھ ٿيامِ، اچي وار اڇا ٿيا.

(شاعري_2، 2023ع، ص186)

لکايو + م = لکايوم: مون لکايو(فعل سان)

چايو + م = چايوم: مون چاهيو (فعل سان)

ورهايو + م = ورهايم: مون ورهايو (فعل سان)

ڪيو + م = ڪيوم: مون ڪيو (فعل سان)

ڏنو + م = ڏنوم: مون کي ڏنو (فعل سان)

ڪيا + م = ڪيام: مون ڪيا (فعل سان)

پيا + م = پيام: مون کي پيا (فعل سان)

ٿيا + م = ٿيام: مون کي ٿيا (فعل سان)

شاهه لطيف لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جو صوتياتي مطالعو ڪرن سان هڪ اهو پھلو به سامھون آيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ٻنهي مھان شاعرن لفظن ۾ پدن جو واڌارو ڪري پنھنجي بيان جي انداز کي موثر، وڻندڙ ۽ من موهيندڙ بنايو آهي. هُنن ”م“ کان سواءِ ”س“ جو پڻ سھڻو ۽ وڻندڙ استعمال ڪري شاعريءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. اچو ته ڏسون:

پرٽن پالياس، ٻانڀڻ ٻيٽي آهيان،

حسن هوت پنهونءَ جي، ماري موت وڌياس،

جانڪين تان جيئندياس، پيس ور وصال جو.

(قاضي، 1993ع، ص 463)

وڏيري هُياس، چنيسر جي راڄ ۾،

دُهلين، دمامين، نُقرئين، ٿي پلپل پڇياس،

ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾.

(قاضي، 1993ع، ص579)

پاليا + س = پالياس: پاليو، تاتيو، نپايو آهي(فعل سان)

وڌيا + س = وڌياس: وڌو آهي (فعل سان

هيا + س = هياس: مان هيس (فعل سان)

پڇيا + س = پڇياس: هُن پڇيو(اضعافت سان)

ڍيلييا + س = ڍيلياس: هن ڍيليو، هن پري ڪيو، هُن ڌڪي ڌار ڪيو

 

شيخ ايازپڻ شاهه لطيف جي پوئواري ڪندي ”س“ جو استعمال ڪيو آهي، جنھن سبب سندس شاعريءَ ۾ هڪ قسم جو نئون نکار پيدا ڪيو آهي:

ستارو! چئجوسِ، سھڻي ٻڏي سير ۾؛

اسان اکيون ٻوٽيون، ٻڏندي ڪونه ڏٺوس؛

اوندھ اڙايوس، تو لئه ڪاري ڪُن ۾.

(شاعري_2، 2023ع، ص131)

چئجو + س = چئجوس: هن کي چئجو(فعل سان)

ڏٺو + س = ڏٺوس: مون نه ڏٺو(فعل سان)

اَڙايو + س = اڙايوس: مون کي اڙايو، ڦاسايو(فعل سان)

اهڙي طرح شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي سھڻيون نحوي بناوتون موجود آهن. پر هتي مقالي جي طوالت سبب گهڻا مثال ڏئي نٿا سگهجن.

نتيجو

شيخ اياز تي شاهه لطيف جا جيڪي گهڻ رُخا اثر آهن، انهن ۾ ٻوليءَ جا اثر پڻ اهميت جو حامل آهن، مٿي ڏنل بحث مان خبر پوي ٿي ته، ٻوليءَ جي حوالي سان شيخ اياز تي شاهه لطيف جي نه فقط تشبيھن، استعارن، تلميحن، اصطلاحن، پھاڪن، چوڻين ۽ صنعتن جا اثر موجود آهن، پر ان سان گڏوگڏ صوتي، صرفي ۽ نحوي بناوتن جا اثر پڻ موجود آهن. تنھن ڪري اهو چوڻ درست ٿيندو ته، شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ جو اهو شاعر آهي، جنھن نه فقط شاهه لطيف جي ٻوليءَ جي متروڪ ٿيل لفظن ۾ ساھ وجهي انهن کي نئين سِر جياريو، پر انهن جو ٻيھر استعمال ڪري سنڌي ٻوليءَ کي نئين ندرت ۽ وسعت ڏني آهي ته غلط نه ٿيندو.

حوالا:

  1. ميمڻ محمد صديق، ”سنڌ جي ادبي تاريخ“، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ، 1937ع، ص 136_137.
  2. سوڍر شاهنواز ڊاڪٽر، ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه ضلع حيدرآباد، 1991ع، ص420.
  3. جويو تاج، (مقالو) ”شاهه لطيف سنڌي ٻوليءَ جو معمار“، خالد آزاد، (مرتب) ”شاهه لطيف سنڌي ٻولي ۽ سماج“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، سال 2007ع، ص20.
  4. سميجو اسحاق ڊاڪٽر، ”شيخ اياز جي شاعري“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ، 2020ع، ص3.
  5. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”جامع سنڌي لغات“، (جلد چوٿون) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ، سال 2007ع، ص202.
  6. answer/cp, (01. 02. 2010).
  7. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2006ع، ص242.
  8. ساڳيو، ساڳيو، ساڳيو.
  9. جلباڻي غلام حسين پروفيسر، ”عربي _ سنڌي لغت“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، سال1988ع، ص 693.
  10. بلوچ نبي بخش ڊاڪٽر، ”جامع سنڌي لغات“، (جلد چوٿون) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سال 2007ع، ص198.
  11. answer/cp, (01. 02. 2010).
  12. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، ڇاپو ٻيو 2005ع، ص33.
  13. بلوچ نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”جامع سنڌي لغات“ (جلد پنجون) سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ، 2007ع، ص417.
  14. بيگ مرزا قليچ، ”سنڌي ويا ڪرڻ“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ سال 2015ع، ص67.
  15. Encyclopadia Britanica 15th Edition,1988, Vol:II, P_465.
  16. پتافي شازيه سفير ڊاڪٽر، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس“، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ، سال 2017ع، ص46.
  17. Carrol ,John, B, The study of language, Harvard university Press,Cambridge,7_ Edition, 1968,P_37.
  18. Trumpp ,Ernest, Dr,”A grammar of the sindhi language,’Asian Educational aServices, New Dehli, 1986,AD:P217.
  19. بيگ مرزا قليچ، ”سنڌي ويا ڪرڻ“، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ سال 2015ع، ص 210_211.
  20. جيٽلي مرلي ڌرڊاڪٽر، ”شاهه جو رسالو هڪ اڀياس“، اکل ڀارتيه سنڌي ساهتيه ودوت پريشد پڻي (مھاراشٽر) 1992ع، ص85.
  21. الانا غلام علي، ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، 2005ع، ص 153.
  22. Trumpp ,Ernest, Dr:”A grammar of the sindhi language, ’Asian Educational Services, New Dehli, 1986,AD:P225.
  23. حسين فھميده ڊاڪٽر، ”سنڌي ٻولي:مختلف لساني پھلو“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ، 2012ع، ص60.

 

ڪتاب:

  1. علامه آءِ _آءِ قاضي، ”شاهه جو رسالو(پيغام)“ سنڌي ادبي بورڊ، سال 1993ع.
  2. شيخ اياز، ”شاعري _ 1“ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، سال، 2008ع،
  3. شيخ اياز، ”شاعري _ 2“ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، سال، 2008ع،
141 ڀيرا پڙهيو ويو